سيڪشن: لوڪ ادب

ڪتاب: بيت

باب:

صفحو:17 

لکانو خان ڪپري

        ]لکانو خان پٽ ٻيڙو خان ڪپري، ويٺل مور جهنگو، لڳ ڪنري، تعلقو عمر ڪوٽ. سنه ١٩٥٥ع ڌاري چاليهن سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائين. سنه ١٩٣٥ع ڌاري حيدرآباد جي سينٽرل جيل ۾ هو. اتي رات جو جيل جي ڀرسان اٺن جي قطار اڪري، انهن جي چڙن جو آواز ٻڌي وطن جو اڪير ٿيس. ان وقت بيت چيائين، سندس ٻيا به بيت چيل آهن.[

 

 

چڙن من چريو ڪيو، ٿيون کرڪيون کيڪارين

ڪاهيو ڪنجهر جي ڪپن تي، چوڙيليون چارين[1]

ڪاهيو ڪنجهر جي ڪپن تي، ڪنڍيون ڪوڪارين

ڪاهيو ڪنجهر جي ڪپن تي، ڌڻ پيا ڌارين

ڪاهيو ڌڻ ڌڻار اتي ولر ڪيو وارين

مينهن اٺا ميڙا ٿيا، گوڙن تي گذارين

مينهن اٺا ملهي تي، سينهوئي تي سارين [2]

مينهن اٺا ميڙا ٿيا، تڳريي تنوارين [3]

  

 

سوڍا سماچار، ڦولهر ۾ ڦر چارين [4]

رڻ کيٽ، سومرو هيٺ، حجامڙيءَ تي هونگارين [5]

ڪؤڙي واري، ڳالهه پاري، ملهي مال چارين [6]

کنوڻيون خوب کنيان تي، کيرل تي کڙڪارين [7]

ويڙهيچا واٽن تي، منهنجا ڦاٽوڙي ڦرچارين [8]

گگهه گذرتني تي، جيڪي ڪؤڙاٺي تي ڪوڪارين [9]

مينهن اٺا ميواڻن تي، جيڪي پلر پيارين [10]

ڍاريو ڊاڀيءَ کان اچيو، پاتاهه تي پيارين [11]

هاڻي آيون جانهيري، رهمون ويري، ٿيون سا ڏوري

کي سارين [12]

چارئي پهر چيلهه تي، ڀڻاٽ تي ڀڻڪارين [13]

خوب ڏٺام ککريءَ تي، چونڊا واءِ تي چارين [14]

موٽي آيون ملهڻ سر کي، ٿيون ٿلي ٿٿڪارين [15]

لاڙيو ليٽڪي کان، اچو ڍورين کي ڍارين [16]

 

 

 

هارن کوڙو، اڀو ڍورو، وطن تي وڙڪارين [17]

اڇي پئي، سڀڪنهن سئي، ڇڇ مٿي ڇٽڪارين [18]

کڏهارو، سيدن وارو، پڙهياري پڙڪارين [19]

اڪراڙو، پنهورن وارو، ٿا چاچڙ چونگارين [20]

ڀنڀرا ڀر، ويٺو ڪر، مارو واءِ تي مال چارين [21]

گونهڻ، گدڙڇن، گوڙاهو، وڪهه کان وارين [22]

ماڻهو تو لئي ميل جا، ٿا جهنگل جهونگارين [23]

دلئون ڌارا ڄاريلي، پوساڻي پوڪارين [24]

مور جهنگو مير سندو، کپڻي تي گذارين [25]

نوڙ پاڻ، تانگهو رساڻ، واڻا گڏي تان وارين [26]

ڏيهاڻي ڏگوءَ تي، ٿا کهڙي تي کٽڪارين [27]

هؤري ڇن ٿا چون، اچو ويراسر کان وارين [28]

ڀورو پاڻ، کاڻوٺ ساڻ، ٽکڙ تي ٽارين [29]

لئيءَ لڙهه، پنهنجا تڙ، ڇڄڙي تي ڇيڪارين [30]

 

 

 

لشڪوري مت ٿوري، پيٽ پنهنجو پارين

مال مرزا جو، ٿا ڪڇي ڪوڪارين [31]

ڏينهاڻي ڏاندوءَ تي، منهنجا گنبي تي گذارين [32]

شهڪن پاڻ، ستڙين ساڻ، هڙيءَ تي هونگارين [33]

هاڻي ڳالهيون هڙيءَ واريون، ڳڻتيون پيون ڳارين [34]

غور ڪر گهرام جو، متان ٽورين کي ٽارين [35]

هي جي ڄاريون، جنن واريون، ڪنري ڪهڪارين [36]

ڳاڙهيون قبرون، ڪامدن ڪارون، ڇٻرون ڇمڪارين [37]

ننڍا ٻار، ملار گهار، ٿا ڪڪيون ڪوڪارين [38]

پليو فقير، آهي امير، اچو ڍانگهر کان ڍارين [39]

بوڙيلو، بيماسر، سکيري سارين [40]

کٻڙ وارو کارو سارو، اڏيءَ ۾ امڪارين [41]

جيئي لال ماڻهو مال ٿا پير واريءَ تي پيارين [42]

منهنجا مانڍيا ڪر ۾، ٿا ٻاڪڙ ٻهڪارين [43]

 

 

 

البت تنهن آراڙي مان، اچو چر مٿي چارين [44]

ٻيهر ٽينهن ٻسٽان جون، مونکي ميارون مارين [45]

مٽ ته تنهنجا مارئي، ٿا گوندر گذارين

آيا اٿم سلام تن سانگين جا، پيا جڏيءَ کي جيارين

وريو به مونکي ٿا مارين، سانڀر سپيرين جا.

 

 

سکر فقير ساکاڻي

 

        ]سکر پٽ روحل فقير ذات ساکاڻي (اسحاقي) چانڊيو، ڳوٺ سيوو چانڊيو، تعلقي ڪڪڙ ضلعي دادو جو ويٺل هو. سنه ١٨٩٧ع ڌاري ڄائو. سندس پيءُ روحل فقير پنهنجي وقت جو درويش صفت انسان هو. سکر فقير صوفي طريقي جو هو ۽ نوشهره فيروز واري پير ”نول گهوٽ“ جو مريد هو. ٻه شاديون ڪيائين پر اولاد ڪونه ٿيس. سنه ١٩٥٥ع ۾ وفات ڪيائين. سندس قبر خيرپور ناٿن شاهه جي اوفر ۾ ڳوٺ سعيد علي لانڊر جي مقام ۾ آهن.[

نصيحت

 

ساراهيان سچو ڌڻي، صاهب ربّ سبحان

موليٰ ڌڻي ملڪ جو، جنن جوڙيو آهي جهان

قادر سندي قدرت جي، ڪل ڪنهن کي ڪانه

قادر پنهنجي قدرت سان، بنايو آسمان
ملڪ فلڪ پيدا ڪيئين، ٻيو بشر بي بيان

آدم کي ملڪن کان، سجدو ڪرايو سبحان

عزازيل انڪاري ٿيو، تڪبير ڪيس تالان

عزازيل انڪاري ٿيو، مالڪ جو بيفر مان

عزازيل انڪاري ٿيو، شمرو ٿيو شيطان

نبي پيدا ڪيئين نور مان، ضعيفن زمان

موليٰ مڪو محمد ڏي، قادر هيءُ قرآن

پڙهو پنج وقت نماز جا، فائق جو فرمان

 

 

 

ٽيهئي ٽاريو ڪينڪي، هي ثمر هي سامان

هئي هئي ڪيو هٿ هڻين، ناڻي لئي نادان

وس وڏائي ٿو ڪرين، مايا مري مان

مٿئون توکي موت جي، ڪل پوي ته ڪانه

اڙي نر! نه ٿي نادان، سرت رک، سکر چئي.

 

 

مريد چانڊيو

 

        ]مريد علي پٽ ڪرم علي چانديو، پاڙو طاهر ڪوٽي باغائي، ڳوٺ لڌاڻ، تعلقي جوهي جو ويٺل هو، سنه ١٩٥٦ع ڌاري سؤ ورهين، يا ان کان به وڏيءَ ڄمار ۾ وفات ڪيائين.[

 

سارنگ

 

رک سارنگ سرت سبحان، پرڻي ويل پٽن تي

آگم آڳاٽا ڪيئي، سر سلا سامان

طرحين طرحين تل ٿيا، کڻي وٿريا وٿريان

ڪانڍائي ڪڪري، ڪري طوق طومان

ڳاڙها ڳوڙها بدلا، ٻيا اڙد چڙهيا آسمان

ڪوڏ ڪڪوريون ڪڪريون، گهوڙين ڪيا گهمسان

اچي کوڙيئين اڀ ۾، طنبو ۽ طولان

وڄن ويس وڏا ڪيا، ٿر، ٿوها، پٽ، ٿان

ٻولي ٻڪروال جي، جنهن اوهيرا آندان
ٻڪيءَ جو، ٻروچ چئي، سهجئون ساٺ ڪيان

مينديءَ مهل مينهن جي، ڏنگا ڏيکاريان

وهنجاريائين ورنه کي، کاري چاڙهي خان

لڌيون لائون لاڏڪي، ڦلهر چونڊيان.

 

 

 

ٽڪرن ويل ٽڪور ٿي، گڙي منجه گمان

ڪوٺي ڪاسبين کي، کڻي لائق لاڳ ڏنا

ولائتون وٺيون سڀ ويا، سڀ ڏيه سندان

ڳريون ٿي ڳاراڻي ۾، تن چرندي چتڙ وڌان

ڪڙمي قرارا ٿيا، ٻني ٻني ٻار سنديان

قرضئون مرضئون آجا ٿيا، کڻندي خرار کنيان

تنهن قادر تؤن قربان، مون ڏي مهر، مريد ٿي.

 

گلو مياڻو

 

        ]گلو پٽ خان ذات مياڻو، مياڻن جي ڳوٺ ”ٺٺ“، لڳ جهن، تعلقي ڏيپلي ضلعي ٿرپارڪر جو ويٺل هو. سندس وڏن کي ١٤٠ تليون معافيءَ ۾، ۽ گزيٽيڊ پروانا تروٽ صاحب کان مليل هئا، جي ٢٥-٣٠ سال ٿيا جو رد ٿي ويا. گلو مياڻو مسڪيني حالت ۾ ساڳيءَ زمين تي هارپو ڪندو هو. بيت تمام گهڻا چيائين. اڻ پڙهيل هو. سنه ١٩٥٦ع ۾ وفات ڪيائين.[

 

مجاز

١-

سڄڻ تنهنجيءَ سڪ جي، اندر آڳ اڇل

نسوري نينهن جا، آهن جثي مٿي جل

برهه منهنجي بت جي، کانئي ڇڏي کل

ماهيت هن مذڪور جي، ٻي ڪنهن کي ناهي ڪل

گهڙي م گذار، گلو چئي، پاسي مون کان پل

آهي توکي اٽڪل، ڪا دوست منهنجي درد جي.

٢-

درد واريون دلڙيون، تنهن کي محب اچي تون مل

مهندان معشوقن جي، تون ٽيلا ڏيئي ٽل

ته لهي وڃن لڏڻ کي، دوکا مٿان دل

جانب منهنجي جيءَ تي، هردم آهن ڇل

ڇڏي غم، گلو چئي، خوشيءَ منجهان کل

لاهه ڪس قلب تان، ڪاوڙ سندا ڪل

اهو توکي عقل، سڄڻ ڪنهن سيکاريو.

٣-

سڄڻ ڪنهن سيکاريا، هنر توکي هي

اسين ساجن سو سڏيون، جيڪو ٻيڻيون ٻانهون ڏي

جانب پنهنجو جيئري، ڪير وساري وهي

هنيون ڦاٽيو ان سوا، ٽڪر ٿئي ٽي

سوناري جيئن سنڌيو، رانجهن ڏيئي ريه

گوندر وسار، گلو چئي، آءُ ٿي ڀانيان اي

ڇڄي تو کان ڇيه، آءُ ڪبي ٿينديس ڪينڪي.

٤-

ڪبي ٿينديس ڪينڪي، توکان پل پري

هنيون تو هٿ ڪيو، سو واريو ڪين وري

ميڻ وانگي مرڳو، پيو ڳچ ڳري

هيڻيءَ مٿا هٿڙا، وڃ تون دوست ڌري

ته درياءُ وانگر دلڙي، ڪا مچي موج ڪري

سڄڻ ڌاران سڀڪنهن، نٿي ساعت سري

گهڻي جدائي گهوري، شل ٽي ڏينهن ڪو م ٽري

گڏجاڻي؛ گلو چئي، منهنجي قادر مان ڪري

پرين پير ڀري، اچي ڏسي وڃ ڏکيءَ کي.

٥-

ڏسي وڃ ڏکيءَ کي، عاشق تون اچي

ته صفا آءُ سورن کان، وڃان با امان بچي

ڪوڙي آهيان ڪينڪي، آءُ سراسر سچي

سڄڻ تنهنجيءَ سڪ ۾، رهيس آءُ رچي

مچ منهنجي من تي، پيو محبت جو مچي

مري وينديس، مياڻو چئي، پتنگ جيئن پچي

نظاري نچي، اٿي چڙهيس عشق جي.

٦-

عشق جنهن جي اندر ۾، تنهن ويهڻ وساريو

سڄڻ مون سهڻي ۾، ستي هو ساريو

ان جلو منهنجي جيءَ تي، ڪو ٻيڻو آ ٻآريو

هنيون منهنجو هيڪاري، ڳڻٽيءَ ان ڳاريو

جنهن لاءِ ساهه سڪيو ٿي، سو ڏاتر ڏيکاريو

گڏجي اڻ کي، گلو چئي، مون ٺيڪ هنيون ٺاريو

پرين! اها پاريو، جو ڪيو قول ڪچيءَ ۾.

٧-

پرينءَ مون سين پاري، ٻول به ٻاراڻي

آهيان اڳيان ان جي، آءُ صفا سياڻي

ڪوڙ ٿئي ٻيو ڪونه ڪو، تنهن سان تاراڻي [46]

عاشق چئجي ان کي، جنهن کي وهندي وهاڻي

جنهن اڏائي اکين مان، ننڊ به نماڻي

سر کي سال نه هلندي، جانب جواڻي

جو ڀن ڇا جهليندو، جنهن جي پيري پڄاڻي

گهٽي هاڻ، گلو چئي، سورن ڪيئي ساڻي

موڪلج، مياڻو چئي، ڪا دوا جي داڻي

ته چکندي من چڱي ٿيان، ڪي ان منجهان آڻي [47]

ٻري اجهاڻي، مون تان سختي سور جي.

٨-

سڄڻ! منهنجي سور جي، ا طبابت تو وٽ

ڦڪي ڏي ڪا فيض جي، جانب اچي جهٽ

رک هٿ حياتيءَ ۾، نه ته پوءِ ڏيندين پٽ

مٿي تنهن موت جو، تون سڻين نٿو سوسٽ

جيسين آهيان جيئري، تيسين منهن نه مٽ

ڪرڻ گهرجي ڪينڪي، مون نماڻيءَ سين نٽ

گوشي مون کان، گلو چئي، هيڻي ڏسي م هٽ

 

 

اچي پلو پٽ، منهن تان معشوقن جي.

٩-

منهن تان معشوقن جي، کڻي گهونگهٽ کول

رنج ڇڏي راضي ٿيءُ، ٻانهياريءَ سين ٻول

ته لهي وڃي لڏڻ کي، ڪو هنئين مٿان هول

ڏنئي پيچ پرت جا، سي اڃان ڪيم اکول

سونهين ڪونه تو سواءِ، ڪو ٽنڊيليءَ کي ٽول

گڏجڻ جون، گلو چڇئي، ڪي ڳالهيون اندر ڳول

ايءُ ڦوڙائو م پول، ٿو ماري معشوقن کي.

١٠-

ماري معشوقن کي، گهوٽ تنهنجي گهور

ڪري نت نهارون، حرصيو گهڻو حور

اڊڪا کايو اٿي، جنهن کي اچيو پون پور

پلي پر هيين نه ٿئي، دل توکان دور

ٻاري مچ، مياڻو چئي، ڪو اندر منجه ارؤڙ

تنهن دکي منهنجي دل تي، کامي ڪيڙا کور

ٻڌي گس، گلو چئي، اچي سونهان ٿيڙم سور

جانب هت ضرور، عاشق! پوندءِ اچڻو.

١١-

عاشق تو اچڻ سين، لائق ڪيا لکين

اکيون رنيون اجايون، ساري تن سکين

اچي پاڻي پلٽيو، ٻنهي مان ٻڪين

ولر ڪري وري ويا، ٻڌي ڏور ڏکين

متان محبوبن لاءِ، ساري عمر سڪين

گڏجي ان سين، گلو چئي، اهو چيز چکين

ائين ئي انگ لکين، انهيءَ ڏينهن عشق جو.

١٢-

آهي عاشقن تي، ربّ ڏاڍو راضي

پر جنين سندي جان ۾، ڀل نڪا بازي

ڪڍيو ڏئي قرب جي، ان کي ايراضي

تڪبر وارا تڙيندو، توڙي گڍ هجن غازي

پڙهيا پڇندو ڪينڪي، ڪوه ڪندا قاضي؟

پليان ڪيئن پرينءَ مان، طمع هي تازي

گهڻو ڪنديس، گلو چئي، وڃي ان مهندا آزي

نيئي نوازي، آهي دوست منهنجي دلڙي.

١٣-

دوست منهنجي دلڙي، چوري ڪيئي چري

جدا ٿيڻ جانب کان، آهي ڳالهه ڳري

ڪڀي ويهنديس ڪينڪي، اوساري وري

ساريندي سڄڻ کي، متان رهان مري

گڏجڻ جي، گلو چئي، خوشي آهيم کري

جا سئي هيم سرليءَ ۾، او پوري ڳاله پري [48]

ان مان ظهار ذري، هو نه ڪنديس هيڪڙي.

١٤-

هو ان مان هيڪڙي، ڪريان ڳاله ڪيهي

گهڻيون چاڙهيم چت تي، وڍ ڪري ويهي

نيون سيون نينهن جون، سٽيان ٿي سيئي

درياءَ وانگر دلڙي، اچي پلٽ منجه پيئي

جانب جام ڪريان ٿي، تنهنجون پچارون پيئي

گڏي دل، گلو چئي، منهنجي رانجهن تو ريهي

مون وٽ مڙيئي، آهن نشانيون نينهن جون.

١٥-

نشانيون نينهن جون، اچي ساجن مون کان سڻ

سدا تنهنجي سڪ جي، مونکي اندر ۾ اڻ تڻ

 

 

هميشه حرص ۾، ڀيڙو مون سين ڀڻ

ته جيسين آهيان جيئري، تيسين ڳايان ڳڻ

وڍي ويچاريءَ کي، م لاهياري جيئن لڻ

ڀلو آهي بُڻ، تنهنجو گهوٽ، گلو چئي.

١٦-

تنهنجي گهوٽ، گلو چئي، اندر منجه اداس

ننڍپڻ لاءِ نماڻيءَ کي، آهيين پرين پاس

نهار گهڻي ناز مان، کڻي اکيون خاص

ڇڏي ڳاله ڇنڻ جي، پوري رک پياس

ته چڙهي انهيءَ چوٽ مان، ڪندي وئي قصاص

هاڻي مرڪيو ڪري، مياڻو چئي، تڪون ۽ تپاس

جانب کان جڙياس، ٿي دلاسا دل کي.

١٧-

دلاسو دوست ريءَ، ٻيو ڪري ڪير سگهي

ڌران هيم دل ۾، اها ڳاله اڳي

لکيي کان ڙي لٽيون! ڀيڻي ناه ڀڳي

سڄو ڏينهن سڪ جو، دونهون پيو ڌڳي

تيئن هنئين کي هيڪاري، ٿي مرڳي لانءَ لڳي [49]

آڻينس ڪنهن ايمان ۾، ٺهراءُ سان ٺڳي

ڪيس گهٽ، گلو چئي، تنهنجي رنج رڳي

تو ريءَ ڪير تڳي، هميشه لاءِ هيڪلي.

١٨-

هميشه لاءِ هيڪلي، ڪٽي سگهندي ڪير

ايءَ ناهه دريافت دوستيءَ ۾، پاهون ڏيڻ پير

اڃان تنهنجي عشٰ ۾، فرق گهڻو آ ڦير

رکڻ نه گهرجي روح ۾، مدائيءَ جو مير

 

 

گڏ کڻج، گلو چئي، ڪو سچائي جو سير

وڃي هنيون ان سان هير، جنهن ۾ عين آسرو.

١٩-

ساراهيان سچو ڌڻي، جو ڏسين جو ڏاتار

جنهن جوڙيون جهان مان، قدرتون ڪلتار

منهن ۾ معشوقن کي، ڏٺو نينهن نبار

لوڏ ڪري لنگهي ويئي، بانهياري هئي ٻار

چوڙا چهن چري کي، ٻيا جوڙا ۽ جنسار [50]

ويڙهايو ويٺي هئي، چوٽيءَ سرين چار [51]

سدا ان جي سينڌ ۾، عطر جي اٻڪار

گڏيوسون، گلو چئي، عاشق اکين ٺار

دوستن جي ديدار، ڪريو ڪاله اچان ٿو.

٢٠-

ڪريو ڪاله چان ٿو، زيارت دوستن جي

ٰڦاٽي دل، ڦنگ جهريا، مر ڪهن ڪات ڪڍي [52]

ڪهن تان قربان ٿيا، آءُ عاشق تان اجري

اها مرضي،مياڻو چئي، مونکي هميشه لاءِ هئي

وسايم وره جي، مٿي رات رهي

محبن لاءِ مئي، ههڙا مون حال ڪيا.

٢١-

ههڙا مون حال ڪيا، سڪي ۽ ساري

عاشق اوءِ اسان کي، واحد گڏ واري

محب سو ملائيين، جو مٺيءَ من ٺاري

گهڻو کنيس، گلو چئي اديون اماري

وچان ورنديس ڪينڪي، چڙهي ان چاري

هلي هوڪاري، وڃي اڱڻ ڏسان اني جا.

 

٢٢-

اڱڻ ڏسين اڻ جا، ته تون اٿي چر چل

ويه م پوندينءَ ويچارين، ٽيوڙ پنهنجا ٽل [53]

نه ته پاڻان گهڻو پرائيندينءَ، مٿي جيءَ جلل

پوءِ هيٺ نه ٿيندو هنئين تان، ڪو سندو خيال خلل

مٿان ڌڻي موڪليو، اهي امر ساڻ اجل

اٿئي ٻه – ٽي ڏينهڙا، بندا هتي بل بل!

مڃ کڻي، مياڻو چئي، تون سندو موت منڊل

مديني جو مل، مالڪ منهن ڏيکارئين.

 

سسئي

 

پورهيتون پاڙي ۾، آهن سسئي جهڙيون سو

سهندو ڪين سيڄ تي، جنهن کي لچائيءَ جي لو

سدا جنهن کي سڪ ۾، ڀرجي ويندا ڀو

ان کي ملندي مجاز جي، ڪا هوت وٽان هو [54]

ڪاهيو ويندي ڪيچ ڪا، رونشا ڪندي رو

ڍول ڏسندي ڍو، منهنجا ٿيندا، مياڻو چئي.

 

سورٺ

١-

سخي سمو ڄام، جو وڍيو سر وجهي

سخا سورهن سر، ڏاتر جنهن کي ڏي

سخيءَ موت سڄو ڏينهن، سوره ڪنهن سڏ تي

الله صاحب انهيءَ کي، شل بهادريون بخشي

 

 

 

جنهن سندس نالي سنهن وڌو، ٿو آڌاري ان کي

گهڻو ڏئي ٿو، گلو چئي، مال به موذين کي

قدر لڌائين ڪونڪو، ڇڏيائين گوهر گڏي

مالڪ جون،  مياڻو چئي، آهن عدالتون اهي

لاٿو سر لکئي، نه ته ڇا مجال مڱڻهار جي.

٢-

موت مڱڻي هٿ ۾، تنهن کي ڏاتر هو ڏنو

آندو چوڻو اڌارو، تو اصل ماڻ منو

نه ته لکين سر هئا لوڪ ۾، اچي ڇڪو ات ڇنو

ماٺ ڪري ويه مڱڻا، تند ڦٽي ڪر تون

گهڻي قدر، گلو چئي، توکي منٿون ڪيون مون

هاڻي ڏئي ٿو سر سمون، تون وڍي وڃي ونهيون ٿي.

 

رامڪلي

١-

اديون ڙي عاشق، مونکي ويا نڪي وسري

مٿي ڌوڻ جي مونکي، ڇو ٿيون چئو چري

سيءُ نه وجهان سينڌ، ڪا تيلاڻي تري [55]

مهلب لونگ موچارا، ڪا ڦوٽين ڇٽ ڦٽري

عطر وجهيو اوڙاهه ۾، نايو آئين نر ڙي

اي خوشبوءِ ڇٽ خوراڪ جي، وجهان تان نه وري

مون تي مچ مجاز جو، ويو ٻه-ٽي ڏينهن ٻري

نهاريان نڪري، ته ڪي آديسي اچن ٿا.

٢-

آديسي اچن ٿا، اتر پاسئون اڄ

 

 

 

 

ڏٺم تجلا تن جا، جيئن سيلا وجهي سچ

سامي جي صورت جو، وريو پيو آهي وڄ

ڪلني ۾ قرارو اهي، دوست منهنجو ڌڄ

وڃي ملينس، مياڻو چئي، ڊاءُ نه ڪنهن جي ڊڄ

ڦٽو ڪري فڪر جي، وڃي پار انهيءَ جي پڄ

جيئن وڏر منجه وڄ، تيئن سامي سنگ ۾ سهڻو.

٣-

سامي سنگ ۾ سهڻو، لائقن ڀريو لال

صلاحون تن سناسين جو، مون ڪفن سيون ٿي ڪال

ڪوٺيو سڀ سنگت کي، هليو وڃي حال

ماريو وڃ مسڪين کي، موت! اها ٿئي مهال

ساه منهنجي سرير مان، ڇڏي وڃي ڇال

گهايل جي، گلو چئي، ڳڻي ويٺي ڳال

کاڻيءَ کي خيال، مرڻ گهڙيءَ ميٽيو.

٤-

مران ته ب نه ميٽجن، ڪن ويراڳين جا ويل

جڙي ٻڌ جوڳين لاءِ، چري پنهنجي چيله

هئي گهڙا هن سوا، ٻيو ناهي ڪو نڪيل [56]

درياءَ وانگر دل تي، اچي ڇرن وڌا ڇيل

پهرين مون نه پروڙيا، ڪي کاهوڙين جا کيل

گهايل سان، گلو چئي، هاڃو ڪيائون هيل

سامي اندر سيله، مونکي حق ناحق هڻي ويا.

٥-

حق ناحق هڻي ويا، اهي وايون ڪن ويٺا

مون تي ڏنءُ ڏهاڳ جو، ڪو ٺهريل هو ٺيٺا

 

 

ڀوري ٿي ڀوڳي، اوءِ ڪرم جي ڪسٽا

ويراڳين جي ويس لاءِ، رڱائي پئي ريٽا

گيڙئان هئس، گئو چئي، مٿن مولهاٽا

ڇوڙي ڇڏيا هئا، تن چاڳلين چوٽا

ترڪ ڏنائون تيل کي، ٻيو مهر لڳين ميٽا

آديسين اوٽا، مون ويٺيءَ پيا واءُ جهلين [57].

٦-

مون ويٺيءَ پيا واءُ جهلين، ٿيا صفا سڀ سڃا

قسمت ساڻ ڪاپڙي، ٿيا راتو ڌا روان

حشر ڪري هيڪلي، ٿي اڇنگاري ان لاءِ

ريتائتيون رکي ويا، ڪي ميارون مون ڏانهن

ان محبن سين، مياڻو چئي، آءُ ڇيلاءِ سڱ ڇنان

اٿي اڳڀري ٿي، وڌي مهند وڃان

مڪين پلينديس ڪڏهن، ڪو آسرو اڃان

لاهوتي لما، منهنجي اکين کان اڄ ٿيا.

٧-

اکين کان اڄ ٿيا، منهنجا پرين پر ڀرا

ساهيون کنيو سڏ ڪري، ٿي ڪاهل ڪوڪرا

اديون! اڄ اٿي ويا، منهنجا گهوڙا! گهوٽ گهرا

ڏيئي ويا ڏکيءَ کي، ٻولائي ٻرا

سور ڏنائون سرتيون، مونکي اڳوڻئون اڳرا

هيڻي پنهنجا همراه، ٿي سنڀاليو سڏ ڪري.

٨-

سنڀاليو سڏ ڪري، جنهن جو منهن ڇڏيائون ٿي موڪ

سدا پرين سهڻا، جي چاندي ورنا چوپ

قسمت ساڻ ڪا پڙين، لڏي ڇڏيو لوڪ

 

 

هاڻ گهوڙا! ناهه، گلو چئي، تن جوڳين ڌاران جوپ

گهائي مونکي گهوٽ، ويو سنياسي سڃ ڪري.

٩-

سناسي سڃ ڪري، ڪاهي ڪاله ويو

لڳم لاهوتين جو، عجب اڄ اهو

دوست تنهنجي دل سين، منهنجو پورو پيچ پيو

آلوڪو اوهان سان، مون ڇني ڪونه ڇڏيو

گهوڙا! غضب ٿيو، جو ڪونهي ڪاپڙين مان.

١٠-

ڪونهي ڪاپڙين مان، اٿي ويا آهن اعليٰ

سامي ڪنهن صورت سين، مونکي ملائين موليٰ

فتح ٿي، فقير گڏيا، آديسي اڳلا

جانب مهندا جاءِ، ڪانهي ٻي ڪڇڻ جي.

١١-

ڪانهي ٻي ڪڇڻ جي، هاڻي کٽين تان کمت [58]

هل پنهنجو هوش ڪري، م ڪي ولالي ٿي وت [59]

وانچان ٿي وجود ۾، تن کاهوڙين جا خط

هي سر سوٿل سناسين جو، جنهن کي ڪاله وجهي ويا ڪت

رگن منجهان رت، سڪي ويو سناسين لاءِ.

١٢-

سڪي تن سناسين لاءِ، ائين مري نه ٿيو مانديون

ويا آهن ولائتن کي، ٽمڪائي ٽانڊيون

سڃون سڀ ڏٺيونسون، اڄ لاهوتين لانڍيون

حرص هڏهين ڀڳو، اڄ اچن پيون آنڌيون

گڏجون ته، گلو چئي، وري فڪر کي ڦانديون

جوگي جڳانديون، ميارون مر رکي ويا.

١٣-

مطلب تن ميارن جو، نڪا روا رکن

 

 

نڪي پڇي پنڌ پيا، نڪا توڪل ٻڌي تن

گدا منجه، گلو چئي، گڏيو گر به گاروڙين

جاٽون جوڳيڙن، ڪنديئي قبول ٿيون.

١٤-

ڪنديئي قبول ٿيون، لٿن سڀئي سور

ڪنهن کي مايا مال جي، ڪنهن کي پئسين ڏنا پور

ڪريو وٽايو واپار سين، ڪن ڏهاڙي ڪوڙ

ڪميڻا ڪثر مٿي، اچي جانٺائيندا ضرور [60]

حاصل جن حضور، سي سلامي سيد جا.

١٥-

سامي ساهه ڪڍي ويا، هي باقي رهيو آ بُت

پڇي اني جي پنڌ جي، وٺي ڏيو و ڳت [61]

چوٿين ڏينهن چري ٿي، اڄ صفا ويئي سرت

جيءُ جوڳين جانڪيو، منهنجو هنيون ناهي هت [62]

گهايل سين، گلو چئي، ڪري ويا ڪپت

آديسي اڇت، مون کان هٿن مان هليا ويا.

١٦-

هٿن مان هليا ويا، تو کان سامي چونڊ

اوهيرا ڪيو عشق جي، وسي مٿي ڀوريءَ بوند

قسمت ساڻ ڪونڌ، مون کان ٽيو ڏينهن ٽري ويا.

١٧-

ٽيو ڏينهن ٽري ويا، اڄ خالي ٿيين کوڻ [63]

پوري ٿي آءُ، پرهان ويا، ايءَ به لٿين اون [64]

گلو چئي، گهمڻ ويا، تون مٺي منهن نه وڪوڻ

وڍي اني جي وروڻ، آءُ ڇوري ڇڏي آهيان [65].

١٨-

ڇوري ڇڏي آهيان، هيڪلي هني

.

 

اکين لڙڪ لوڙهيا، ٻڪ جيترا ٻنهي

ڏسي اني جي ڏوک تي، پسائي رکيائون پني [66]

ويا سڱ ڇني، سي لاهوتي لڏي ويا

 

کنڀات

 

اٺ اهڙوئي حال، ته به وايون ڪرئين وڳ جون

اچي وٺندئي اوچتو، جت جنهين مهال

ڪرها ڪهڙو ڏيندين، ڪو سجهئي ٿو سوال

ايءُ ڪڍي ڇڏ قلب مان، کوڙيءَ جو خيال

متان بانور ڀائيين، اءُ مهري هئس مثال

پسند تنهنجو پنڌ ڪري، جڏهن جاني جت جمال

گوڙيون ڪري، گلو چئي، جي وڃين ٻي ولات

اتي به تنهنجي تات، ته آڻيو سگهو اٺ کي.

 

ست سرو

 

وڍي وڃ ونهيون ٿي، آهين گهايا تون گهرندل

عاشق اڄ ڏنوسون، جو واءُ چڙهيو ويندل

مڃٺ منهن ڏور ڏٺو، ڪو اهڙي روپ رتل

پڇندي ٻانهن هينئر هتان، اچي نڪتي نل

ٽِند ٽور دم دستور، جنهن جو حڪمت جهڙو هل

ستي باه ويئي جاڳائي، ڪائي چوريءَ چل

ويو ان جو وڄ وانگر، ڳاڙهائيندي ڳل

 

 

 

سهڻي سا، جنهن جو بت بکاءِ، ڪانگوڻي جي ڪل

جوڳين جمات، لنگهي رات، ماري ايءَ مٺل

سناسي سڀ لنگهي ويا، مونکي رات ڇڏي روئندل

سامي سيڻ نه ڪريان، نڪي ساڃاڻان سيتل

ڪاڪ اڄ ڪوجهي ٿي، جو رسي ويو راڻل

ادو سور عمر لاءِ، مونکي ميٽڻ ٿيو مشڪل

مجنون هو مستيءَ ۾، سهڻي ان ستل

مار ڏٺئين ننڊ ۾، سا سونهن ڀري سانول

گهور ڪيائين منهن مصر ڏي، اٿندي علل

گهوٽ سڄي گرنار ۾، ڪر دان وڏا ڏيندل

تنهن تي حڪمئون هللي آئيو، ڪو ٻلائي ٻيجل

سو ڪڀي ورندو ڪينڪي، جو مٿي جو منگدل

سنڀاليو ٿي سڏ ڪري، ڪيچين کي ڪٺل

منهنجي ڪالهه ڪري ويو، پورائي پنهل

گهڻو آني کي، گلو چئي، اوءِ ساري ٿي سڪندل

وندر جو ويٺل، سو ڏاتر مون ڏيکارئين.

 

توڏو مري

 

        ]توڏو فقير، ذات مري بلوچ؛ اڏيري لعل جي ڀرسان رهندو هو. اندازا سنه ١٨٩٠ ع ڌاري ڄائو. سندس اصل نالو ”رمضان“ هو، مگر بيتن ۾ ’توڏو‘ ۽ ’مري‘ به ڪم آندو اٿس. سانوڻ فقير کي استاد ڪري ورتو هئائين، ۽ هميشه ميڙن ملاکڙن سان ساڻس گڏ هوندو هو. کانئس اجازت وٺي پوءِ بيت ڏيندو هو. قرآن شرف پڙهيل هو ۽ حج به ڪيل هوس. سنه ١٩٥٧ع ڌاري وفات ڪيائين.[

 

مناجات*

١-

”بسم الله الرحمٰن الرحيم“ اچي جانب جوڙ ڪندو

پوندو ڪم ڪري سان، ڪوڙ به ڪونه ٿيندو

ڪندو عدالت الله، تڏهن ڏيه به ڏري پوندو

گتو آهيان گناهن ۾، اچي چڪڻ تان چاڙهيندو

اگي جي احسان سان، والي وڙ ڪندو

هڪڙا کائي خوش ٿيندا، ٻين کي ورهائي ونڊيون ڏيندو

وڌا اٿم ڪم ڪريم تي، اچي اڙيا ُڪاريندو

آهي موت مٿي تي، سو ڪڏهن ڪونه ڇڏيندو

لٽي لوڙهه لتن سان، هرڪو وري ايندو

اٿاريندو اچي عدالت لاءِ، پوءِ ڪهڙو منهن کڄندو

ڪندين ڪمائيندين ته ڪم ايندو، نه ته تو کان وس ويندو

ڊنا ويٺا آهيون ڊپ ۾، الائي ڪهڙي عدالت ڪندو

 

 

ڏيئي پاند پناه جو، امن ساڻ اڪاريندو

توبه ٿو، تو ڏو پني، ۽ ڪتي ڪري ڪوڪاريندو

ٿيندو سڏ سائينءَ جو، سو نهوڙي نيندو

پوءِ سائين سهنج ڪندو، محابي محي الدين جي.

٢-

محابي محي الدين جي، سائين سهنج ڪندو

زمين تپي ٽامون ٿيندي، سج اڀري تاءُ ڪندو

ويندو نڪري ڪوڙ قلب مان، صافي وڃي سچ رهندو

ڀري سؤ بغدين جو بار سان، اچي بندر تي بيهندو

هڪڙا هليا ويندا حضرو ڏي، ٻين جو پتو ڪونه پوندو

توبه ٿو، توڏو پني، جنهن تي مولا مهر ڪندو

پوءِ سائين سهنج ڪندو، محابي محي الدين جي.

 

مارئي*

١-

ونهين ويڙهيچن جو، شاهي آهي شان

ونهين ويڙهيچن جو، مڪي منجه مڪان

ونهين ويڙهيچن تي، آگي ڪيو احسان

ونهين ويڙهيچن جا، باريءَ وت بيان

ونهين ويڙهيچن لاءِ، جوڙيائين ته جهان

ونهين ويڙهيچن جو، آ ڏيهه مڙيئي ڏان

پلر پيئن، سدا جيئن، اهو مارن سندو مان

پلر پيئن، سدا جيئن، ٿو فرمائي فرقان

ڪڍ ڪنگالڻ ڪوٽ مان، ڪر عمر! تون احسان

 

 

ڪڍ ڪنگالڻ ڪوٽ مان، ته ٻڌي جڳ جهان

ڏس پٽي اک عبرت جي، ڌري پنهنجو ڌيان

هت نه هونديس، ويڙه وينديس، ڪندو ائين قرآن

ڪر مهر، مري چئي، وڃي ڏسان ٿريلن جا ٿان

منهنجي لئي ماتام، هت سرتين ڪيو ساڙيه ۾.

٢-

ونهين ويڙهيچن جا، ٻڌ نه ٻڌايانءِ حال

ونهين ويڙهيچن جي، چڱي آهي چال

ونهين ويڙهيچن جي، آهي مڪي منجه مقال

ونهين ويڙهيچن جا، آهن ثابوتي سوال

ونهين ويڙهيچن جا، آهن قرب ڪمال

”فاذ ڪروني اذڪرڪم“ سدائين سنگهارن سنڀال

سچ چوئين ٿي سومرا! تون بيحد آهين بهال

تو جيڏا، تو جهرا، طريحين وڃائي ويا تال

تو جيڏا، تو جهڙا، ڪي مڏيون ڇڏي ويا مال

جي راڻي ٿي ويهان راڄ ۾، ته پوي ڪنگالڻ ڪال

جي راڻي ٿي ويهان هت راڄ ۾، ته ڪندا مارو هت مقال

آءُ به گڏ گهگهيرن سان، وڃي چاريان مارن مال

آءُ به گڏ گهگهيرن سان، وڃي ڏسان کٿوريءَ جا خيال

ماڙين منجهه، مري چئي، هت جيئڻ آهي جنجال

منهنجا ڪم ڪريم تي، ڪندو لالن سندو لال

ڪيان هت وصال، ته به مڙه وڃيم ملير ڏي.

٣-

ونهين ويڙهيچن لاءِ، مران ٿي ماندي

ونهين ويڙهيچن سان، ٿيان هيڪر هيڪاندي

ونهين ويڙهيچن کان، قضا هت آندي

تو قيد ڪيو آ ڪنگالڻ کي، بيوس هت باندي

مري وڃان تنهنجي ملڪ ۾، ڪوٺي ڪجان هو ڪانڌي

رکي طلب، توڏو چئي، وڃي مارن سان ملندي

غربياڻي گندي، شل کڻي ڏيندا ڪفن ڪري.

 

 

عثمان پرهياڙ

 

        ]شاعر عثمان ذات پرهياڙ، ويٺل مڪان جهڳڙي (بدين کان الهندي)، تعلقو بدين ضلعو حيدرآباد. سنه ١٩٥٧ع ڌاري گذاري ويو.[

 

ست سرو

 

ڪارا ڪڪر اڀ ۾، ڪڪر ڪارونڀار

موليٰ مينهن وسائيا، سرها ٿيا سنگهار

موڪون ٿيون موراڏيءَ تي، ساري سڀ ڄمار

پايو پاند، پرهياڙ چئي، وتن شال ولهار

ميناڪاري منڊيون، آهن آڱرين اپار

مس ٽلي ٿي مور جيئن، ڏس دهريءَ جا ديدار

ٻانهياريءَ ٻڏڻ جو، هنيو ڪنن ساڻ قرار

سهڻيءَ تنهن سوناري سين، هنيو تائٿن تي تڪرار

ڪر هلي آءُ قطار، وڃي هيڪر ملان هوت کي.

 

 

الله ڏنو فقير ماڇي

 

        ]فقير الله ڏنو پٽ جيئندو ماڇي، ويٺل ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقو سنجهورو، ضلعو سانگهڙ. سندس جنم ١٨٨٠ع ڌاري ٿيو. کيس ننڍي هوندي کان ئي ڳائڻ جو شوق ٿيو. ان وقت پير حسين بخش شاه ڊٺڙي واري فقيري اختيار ڪئي ۽ الله ڏني فقير کي پنهنجي مريدن ۾ شامل ڪيائين، جتان ڳائڻ وڄائڻ ۾ پختگي حاصل ڪيائين. پير صاحب جي وفات بعد منٺار فقير راڄڙ جي صحبت ۽ شاگردي اختيار ڪيائين. ان وقت هو پنهنجو ڪلام چوڻ لڳو. بعد ۾ پنهنجي ٻاري ٺاهي ڳائڻ وڄائڻ لڳو، ۽ ايتري مشهوري ٿيس جو پري پري کان دعوتون ملڻ لڳس. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي ڳچ حصي جو سير ڪيائين، لکڻ پڙهڻ به ان وقت ۾ سکيو. فقير الله ڏنو فطرتا خوش مزاج ۽ خوش طبع هو، ڪافيون ته هڪ هزار کان به مٿي ٺاهيون اٿس، پر مختلف موقعن تي سندس في البديه چيل بيتن ۾ جا خوش طبعي شامل آهي، تنهن جو مثال ملڻ مشڪل آهي. سنه ١٩٦١ع ۾ وفات ڪيائين.[

 

مارئي*

١-

شرع شهنشاهه جي، آهي سچي سچاري

عمر! در الله جي، توبه ڪري زاري

ڏي معافي، مار وڃي، وطن ويچاري

اڳيان سڄئي ٿي سومرا! قيامت ڪاري
آءُ جهوري جهانگيڙن جي، ڳڻتي آهيان ڳاري

ڪين ٽڪنديس ڪوٽ ۾، اسان جي پڌر پاٿاري

 

 

مور نه وهان ماڙئين، اسين ويهون ٽڦ اڏي ٽاري

ڪڀي نه سمهان سيج تي، اسان جو وڇاڻو واري

طعام نه چکيان تنهنجو، اسين ڏٿ کائون ڏاري

پٽ نه پائيان تنهنجو، اسان جي لوئي لاکياري

سا مرڪ ماروئڙن جو، ڪپڙو قراري

اها اوڍيو، الله ڏنو چئي، مرڪيو موچاري

وڃي کيت ڏسان خير سان، ٿيان سرهي سنگهاري

من پهچان پهنواري، منهن ماروئڙن جي.

٢-

منهن ماروئڙن جي، وطن آءُ ويندياس

ڪو دم هن ڪوٽ ۾، ڪٺن ڪاٽيندياس

اٿم ستيا سومرا! لوئي نه لڄيندياس

عمر! توکي اوڏڙي، اصلئون نه ايندياس

اٿم اميد، الله ڏنو چئي، وٽ ويڙهيچن ويندياس

ڏٿ ڏاڏاڻي ڏيهه جو، کاڄ کنڀيون کيندياس

ٿر وڃي ٿيندياس، پنهنجي ملڪ ملير ۾.

٣-

منهنجي ملڪ ملير ۾، آهن سدا ميگه ملهار

رحمت مينهن مارن تي، آهي وهواه ٿي وسڪار

ويٺا آهن وس تي، جهليو ڌڻ ڌنار

مون جيڏيون ماريچون، سهسين ڪن سينگار

هت آءُ بندياڻي بند ۾، ٿيس تني کان ڌار

مونکي تن مارن جي، آهي تن ادر ۾ تار

اٺئي پهر، الله ڏنو چئي، ويٺي ڪريان ويچار

من پسان پنهوار، وڃي پنهنجي وطن ۾.

 

سهڻي ميهار

١-

منهنجا ساهه سرير  ٻئي، تو ساهڙ کي سارين

اٺئي پهر اوهان کي، ويل نه وسارين

تندون منهنجي تن جون، ’تون تون‘ تنوارين

ذڪر ذاتي ذوق سان، ’لااله‘ لوارين

شهنشاهيءَ شوق ۾، ’الاالله‘ اختيارين

عقيدي ادب سين، ’الله هو‘ اوسارين

هميشه حب سان، ’هو هو‘ هوڪارين

رويو راتو ڏينهڙا، هنجهون ٿا هارين

سمنڊ جي سختيءَ جون، ملهون مونکي مارين

واٽون تنهنجي ورڻ جون، نيڻ به نهارين

مرون هن مهراڻ جا، وات وڏا وارين

مون مئيءَ جي مارڻ لاءِ، آڻيو اولارين

ٽل ڪري ٽآرين، اچي اڪار، الله ڏنو چئي.

٢-

مون سهڻيءَ جو سير ۾، ساه توکي ساري

سدائين سڪ ۾، ويل نه وساري

آنديس ان اوڙاهه ۾، قضا ڪوڪاري

ڪئين بلائون بڇڙيون خوني منجه کاري

هڪڙا واڳون وڙهن ٿا، ٻيا سير سنڀاري

هنن جي هيبت جي، مونکي ڳڻتي ٿي ڳاري

لهرين جي لڙ جي، ماريس مونجهاري

ڪڍ ٻاهر ٻڏندي، ترهو ٿي تاري

دهشتي درياءَ ۾، گهايل ڪيئن گهاري!

هيءَ ويچاري واري، اچي اڪار، الله ڏنو چئي.

 

ڪيڏارو

 

ربّ قادر لاءِ ڪئين ڪٺا، سورهيه سو هزار

سڻائي ڇا سليان، پرت وندن جا پار

شائق شير شهيد ٿيا، صادقن سردار

ٻيا به ڪربلا ۾، ڪسي پيا، تن بانڪن جا بردار

ڪنڌ ڪپائيون قرب ۾، عاشق جيئن عطار

سوريءَ تي سر هئا، هنن جا هسوار

جي محبتي مجروح هئا، زياده زخمدار

ته به هردم هيئان هن جا، هوت ڏانهن هشيار

روح رضا ۾ رندن جا، هميشه هروار

منهن منور تني جا ڌڙ سرن کان ڌار

لکين سر لٽيا، لاءِ دلبر جي ديدار

جسم کان جدا ٿيا، قابلن ڪپار

مجني جهرا مستانا، سچن جا سالار

ٿيا ’فنا في الله‘ ۾، لؤن لؤن تن جا وار

محنتون ملامتون، برهه وارن سر بار

طعنا مهڻا لوڪ جا، ڳل عشاقن هار

سور سختيون سر سهڻ، سالن سينگار

مقصد مڙيئي ڪيا ياور سندن يار

جي پڇو مون کان اوهين، پياسين پرڪار

ته الله ٿي اڪثر ڪيا، عاشقن آچار

اڃان به آهن، الله ڏنا، ان جا بيان بيشمار

مداحيءَ منٺار، هي انصاف چيا ايترا.

 

سارنگ

 

اڄ پڻ اتر پار ڏي، گوڙ ڪيو گهمسان

وسئا ٿي وطن ۾، جڏهن راضي ٿيو رحمان

مهر ڪري مڪي سان، ڪيائين مدينو ميخان

ٿيون آباديون عربستان ۾، ڪڪوريو ڪنعان

بادل بلخ بخاري جو، وسايو ويران

ڪابل ۽ قنڌار ۾، آيو سارنگ جو سامان

ڪڪر ڪربلا جو، ملاريو ميدا

ٿيون برساتون بغداد ۾، جت جيلاني جوان

ڪيائين شتابي شاهه نجف تي، جتي موليٰ علي مردان

ولهر ٻئي وسايائين، مصر ۽ مڪران

شوقئون وٺو شام تي، جتي نبين جو نيشان

وڄن وڃي وسائيا، يمن ۽ يونان

ڪڙڪي پيو ڪشمير ۾، جهڙ ڪري جولان

آگميو استنبول تي، ڪيائين آبادي ايران

رمي آيو روم ڏي، بسنت ٿيو بيران

سانون ٿيو ساڻيه ۾، مينهن وٺا ملتان

رحمت وٺي روهڙي تي، سيد جتي سلطان

ابر وٺا اجمير تي، جتي خواجه معين خان

دهلي ۽ دکن جا، بَر وٺا بيبان

پورب، پڇم، پشور سان، ٿيو ميڪائيل مهربان

بودون وٺيون ڀڄ تي، ڏيهئون ويو ڏرتان

مشرق معرب مينهن وٺا، ارض سڀ آسمان

آگي ڪيو احسان، الله ڏنا، عالم تي.

 
 

فريد خان گڏاڻي

 

        ]فريد خان گڏاڻي بلوچ، ويٺل لڳ گهوٽڪي، شاعر ۽ سگهڙ آهي. وڏيءَ عمر جو آهي، ۽ سندس ڄم اٽڪل سنه ١٨٧٠ع ڌاري ٿيو هوندو. جوانيءَ واري وقت ۾ نڙ وڄائيندو هو ۽ نڙ تي بيت به چوندو هو، هن وقت به فريد خان ڪچهري جو مور آهي.[

 

١-

الله جل جلاله، صاحب ربّ سچو

سنجهي جاڳين ته سون، اڌ رات جاڳين رپو

پيس پيش پرين جي، جڏهن بوتو ٿيم ڀتو

ويا پٽ پٽيهر بافتا، آيو ڪلهي تي به کٿو

گناهن ۾، گڏاڻي چئي، تنهنجو سارو سج لٿو

هاڻي توبه ٿئي تڪيو، هادي ڏيندئي هٿڙا.

٢-

الله جل جلاله، صاحب ربّ سچو

پڙهي حديث حياء جي، جيڪو صبر ساڻ ستو

’ونحن آقرب‘ ويجهڙو، پيم پرينڙ جو به پتو

”لاتقنطوا من رحمته الله“ قرآن قادر آتو

دامن وٺو دستگير جي ٻيو تڪيو ڪونه تڪو

ٻيڙو تاريائين ٻڍڙيءَ جو، ساري ڏيه ڏٺو

محابي محمد جي، سارو جڳ ڇٽو

انهيءَ سيد جو صدقو، بخشيندو گناه، گڏاڻي چئي.

 

 

صابر درس

 

        ]ميون صابر درس اصل ’ٻني‘ ڪڇ ڀڄ ۾ هن وقت تعلقي مٺي ضلعي ٿرپارڪر جو رهاڪو آهي. اندازا ١٨٧٧ع ڌاري ڄائو.[

 

سسئي

١-

اٺن ڳانا پٽ جا ٻڌا ٻاروچن

سائي رنگ سڱلات جا گلافي گنگن

کٿوريءَ سٿا تن اتي پاتئون پلاڻن

مهارون مين جون جڙيون ياقوتن

گاشا گلبدن جا، ٿي ڪشئون ڪنواٽن

ٻيلاسي ٻپڙا، چڙهيا سر چانگن

ڄاڃي ڄام پنهل جا ٿا سينگاريا سونهن

سونهوريون، صابر چئي، ٻڌيون باروچن [67]

جيجان جيءُ جتن، هيرائي هٿ ڪيو.

٢-

اڏ ترڇا آهڙا، ٻيو ڏونگر منجهه ڏاڪو

ڪاف چڙهيو ڪو ڪون ڪري، وڌئين وندر منجهه واڪو

آيس آريءَ ڄام جو اندر اولاڪو

هئس سور سرير ۾، جتن لئي جو نڪو [68]

کڻ تون پير پنهونءَ جي، تتي ڏينهن ته ڪو

تتي ڏينهن ڏونگر ۾، ٿي لال هنيو لوڪو [69]

هاڙهي هڱول وچ ۾، حور هنيو حلقو

 

 

ڀنيءَ رات  ڀتار ڏي، ڪونج ڪيو ڪڻڪو

سر منڊل ساج جي تند ڪيو طبقو

مرون پيا منجهه مامري، ۽ سور چري سڀڪو

روجهه روئن ٿا رڻ جا، ڇڏ سسئي سياڪو

پيشاني هئي پرينءَ جي، جيئن چوڏهين جو چمڪو

وجهي اوس انبر ۾، جيئن سيل وجهي سٽڪو [70]

مورت معشوقن جي، جيئن کنوڻ ڪيو کڙڪو

لڙج ڪيم لڪن تان، مسڻ گنج ڏيئي دڙڪو [71]

سڻ سنڀوڙي سسئي! تنهنجو ڪيچن سين ڪم ڪو!

والي! ڪج وڙڪو، سسئي سين ’صابر‘ چئي.

 

مارئي

١-

سانگئين منهنجي سهڻن جو سڻ پهرڻ پنهوارين

کٿيون کاهڙ ڪنڌئين، ڪتيون ڪنوارين

لويون لال، خوش خيال، اوڍيون اباڻن

اوڍي پٽوريون پٽ جون، سانگياڻيون نه سگهن

پٽ پٽيهر پٽ جا، هت لوين وٽ لڄن

گادلا گلم گهوريا، هو واريءَ وڇان ڪن

بَن بَناتي بنگلا، هي ماڙيون مون نه وڻن

عمر! آڇ م ان کي، مرڪ نه ماروئڙن

ڀڃ ڪرف ڪڙولا قيد جا، ته ملي مارئي ماروئڙن

سنگهارين جو، صابر چئي، تون پرور رکين پنن

 

 

 

آءُ پڻ وڃي تن، ٻنئين ٻڪر چاريان.

٢-

سانگي منهنجا سهڻا، مٿي ريل رهن

جهوپا جهانگيئڙن جا، منهن ماروئڙن

وانڍيون ويڙهيچن جون، سانوڻ منجه سونهن

ڇيلا ڇانڀ ڇنن ۾، ٿا ٻڪر ٻوليون ڪن

ولر ويڙهيچن جا، گهميو گهر اچن

عمر مير! کاڌم کير، ويٺل نٿا وسرن

سنگهارن جو، صابر چئي، پرور رکين پن

آءُ پڻ وڃي تن، ٻنيين ٻڪر چاريان

٣-

سانگي منهنجا سومرا! سانوڻ منجه سونهن

ملير ملڪ مارن جي، وڄون روز وسن

پاڪ پوشاڪت، طاق ترايون، وانڍيون وس چرن

پڳ پڳ پاڙا، وانڍين واڙا، سدا سنگهارن

پکا پن، جهوپا ان، اڏيا اباڻن

ماٽيون مٽ، جهنگيو جهٽ، ولوڙيو وير نه ڪن [72]

اڇيون عام، جيڏين جام، پيتيون پنهوارن

ڏٿ ڏيهاڻي، للر لاڻي، کاڄ کٿيرين

سيرو پلاءُس رتيون، چلا ڪين چکن

ٻڪر ٻيلا، ڇانگن ڇيلا، چاريا چوڙيلين

صبح سويرون، ڇمڪن ڇيرون، واڄٽ ڪيو وڄن

سنگهارن جو، صابر چئي، پرور رکيين پن

آءُ پڻ وڃي تن، ٻنين ٻڪر چاريان

٤-

سانگي منهنجا سهڻا، اهڙي چال چلن

 

 

نڪا گلا گام ۾، نڪا ڪلفت قريبن

نڪا مٺ گهرائي مارن ۾، نڪي رنج رکن

مون سرتيون ملير ۾، ٿيون کل خوشيون ڪن

راتو ڏينهن، وسن مينهن، بوندون بس نه ڪن

سانگي منهنجا سومرا! ٿا ريل رهاڻيون ڪن

آءُ هت بندياڻي بند ۾، جڙيس جنجيرن

ڪڍ بندياڻي بند مان، ڇا نگئون ڪيم ڇن

سنگهارن جو، صابر چئي، پرور! رکين پن

آءُ پڻ وڃي تن، ٻنيين ٻڪر چاريان.

٥-

سانگي منهنجا سهڻا، اهڙي چال چلن

پٽيءَ پيڄ پنهواريون، ونڊون ورڇون ڪن [73]

عمر جويون، لاکيون لويون، اوڍڻ کهنبا کٿا ان

ڏؤنرا ڏاڏاڻي ڏيه جا چونڊيا چوڙيلن

پڪا پيرون پائر ۾ کاڌا کٿيرين

اوسر ڏڻ اجهائيا، بوندون بَس نه ڪن [74]

سپون جي سمونڊ جون، ٿيون سارنگ کي سڪن

مينهن ڦڙا منهن ۾، موتي جهٽيا ان

کنوڻين کيڙا لائيا، گوريون گهوگهٽ ڪن [75]

وڄون وسڻ آئيون، سيلا سٽڪا ڪن

تل ترايون تار ٿيا، نديون ناڏ ڪن [76]

ٿيا ساوا گاهه سيمن ۾، ويڙه وليون ڪن

لام لياريون، ڳاڱيون ڳاڙهيون، ٿيا گوندا گونديرين

 

 

 

مون سرتيون ملير ۾، ٿيون ٻڌيءَ ٻيله هلن

هڪڙا چڀڙ چکين چاه مان، ٻيو گولون گولاڙن

ڪوٽن رهنديس ڪينڪي، وينديس ڏانهن وطن

سنگهارن جو، صابر چئي، پرور رکين پن

آءُ پڻ وڃي تن، ٻنين ٻڪر چاريان.

٦-

سانگي منهنجا سهڻا، مونکي پلپل ياد پون

جيرا، جگر، بڪيون، ڪيو جوش جلن

هينئون ڪڙهي ڪارو ٿيو، لئي ملڻ محبوبن

سانگي ساريو سومرا! روئان رت ڦڙن

اکين اوراتو لائيو، ڪيو جهڙ جهمن

جن سچائي سڪ جي، او اکيون عيدون ڪن

منهنجو من ماروءَ ڄام سين، جڙيو جنجيرن

موڪل ڏي ملير وڃان، سانگي ٿا سڄن

هت نه رهنديس هيڪلي، آءُ وينديس ڏانهن وطن

سنگهارن جو، صابر چئي، پرور! رکين پن

آءُ پڻ وڃي تن، ٻنين ٻڪر چاريان.

٧-

سانگين کي ميان سومرا! وسري تان نه وياس

ڇٺيءَ ۾ مون ڇوريءَ جا، لکجي انگ وياس

منهنجو ليک ماروءَ سين، ٻين نه ٻولائيندياس

سدا سرتين وچ ۾، جڏهن جيڏين جوڙ ٿياس

هلي آيس کوه تي، آءُ بخت ڀلاياس

کنڀي عمر! کڻي وئين، ڪهل نه ڪيئي قياس

ڇڏڻ ويل ڇيلا مون، هئي هئي! هٿ هنياس

هيءُ جي قيد ڪيترو، آءُ ڪاٽي ڪاٽيندياس

وينديس آءُ ملير ڏي، هتي نه هوندياس

پنهواريون پائر جون، وڃي مرڪي مرڪائيندياس

سختيءَ ويل، صابر چئي، اها وائي واريندياس

پساهه آءُ ڏيندياس، پڙهي ڪلمون پاڪ رسول تي.


* ھيءَ روايت شاعر لکاني ڪپري جي پٽ جھنڊي ڪپري جي زباني، ڳوٺ عبدالله خان ڪپري تعلقو سامارو ۾ ٩-جنوري ١٩٦٥ع تي قلمبند ڪئي وئي.

[1] ڪنجھر = ھڪ قديم ڦٽل دڙو، ڪنجھيجي.

[2] ملھي = نبي سر کان ٣ ميل اتر ۾ ھڪ ڀٽ جو نالو. سينھوئي = ھڪ ڳوٺ، نبي سر کان ٣ ميل مفاصلي تي.

[3] تڳريو = تڙ جو نالو، سينھوئي کان ميل کن پنڌ تي آھي.

[4] سوڍاچار ۽ سماچار = ٻھ ڀٽون، نبي سر کان ٥ ميل پري. ڦولھر = سوڍا چار ۽ سماچار ڀٽن جي وچ واري ٻني، جنھن ۾ سوڍا ۽ سما تراريون ھڻي موري ويا.

[5] رڻ کيٽ، سومرو، حجامڙي = ٻنين جا نالا، نبي سر ۽ چيلھار جي رستي تي.

[6] ڪؤڙي واري = ٻني. چيلھار واري رستي تي ملھو = تڙ، چيلھا واري رستي تي.

[7]  کنيان ۽ کيرل = ترايون،  ملھي جي اتر ۾.

[8]  ڦاتڙو =ڏرڙ ۽ ڳوٺ جو نالو، چيلھھ کي ويجھو ٨ ميل پنڌ تي.

[9]  گگھھ ٻنيءَ ۾.

[10] ميواڻا = ڳوٺ، ڪؤڙاٺي جي اڀرندي ۾.

[11] ڊاڀي ٻني ۽ پاتاھھ جو تڙ، ڇاڇري جي رستي تي چيلھھ کان ٨ ميل پري.

[12] ڍوري جو پتڻ ککري ۽ ڍوري ۾ واءِ ’چونڊا واءِ‘.

[13] جانھيرو ڳوٺ، راھمون ويرو جو ڳوٺ ۽ ساڏوري ڳوٺ، ٽيئي چيلھھ جي اڀرندي.

[14] چيلھھ = شھر، ڀڻاٽ تڙ.

[15] ملھڻ سر = ديھھ، ٿلو = کوڙو (ٻيلو).

[16] ليٽڪو = ترائي جي ڀرسان دٻو.

[17] ھارن کوڙو = ٻيلو يا جھنگ.

[18] اڇي پئي = ڍوري ۾ جھنگ کان سواءِ پٽي.

[19] کڏھارو ۽ پڙھيارو = ڳوٺ، چيلھھ جي ڀر ۾ ڍوري جي ڪنڌيءَ سان.

[20] اڪراڙو = ھڪ ڳوٺ جو نالو.

[21] مارو واءِ = ٻنڌ کان الھندي، عمر ڪوٽ تعلقي ۾ ھڪ واءِ جو نالو.

[22] گونھڻ، گدڙڇن = ترائي. گوڙاھو = ڇن ۽ ديھھ جو نالو. وڪھھ = ترائي، تعلقي عمرڪوٽ ۾. 

[23] ميل = ڪنري جي اڀرندي پوٺي جو نالو.

[24] ڌارا ڄاريلو = ڇن. پوساڻو = ڇن ۽ ڳوٺ.

[25] مورجھنگو = ڳوٺ مير احمد خان جو. گپڻو = ڳوٺ.

[26] نوڙپاڻ، تانگھور ۽ واڻا کڏي = ڍوري جا گھيڙ.

[27] ڏگو = ڳوٺ مير غلام رسول خان جو. کھڙو = دڙو، ڏگوءَ کان الھندي.

[28] (ھؤري ڇن = ڇن؛ ويراسر = ڳوٺ.

[29] ڀورو = ترائي. کاڻوٺ = ترائي. ٽکڙ = واٽو.

[30] لئي لڙھھ = ڇن. ڇڄڙو = ڳوٺ.

[31] مرزا جو ڳوٺ ڪنجھي جي اڀرندي.                 

[32] ڏاندو = گھيڙ؛ گنبو = گھيڙ (ڀڏي جو)، گنبي واري ترائي بھ سڏجي.

[33] شھڪن = ڳوٺ. ستريون = بيبين جون ست قبرون ڪنري ۽ ڪنجھيجي جي وچ ۾.

[34] ھڙي = جھنگ

[35] گھرام = ڇن جو نالو تعلقي ساماري ۾. ٽوريون = ڄاريون.

[36] ڪنرو = قبر، ڪنجھيجي اسٽيشن جي ڀرسان، ۽ ڄاريون بھ انھيءَ قبر جون.

[37] ڪامدن ڪارن جو ڪنڊو ھو.

[38] مارگھار = ھڪ ڍوريءَ جي گھار

[39] پليو فقير = درويش جي قبر. ڍانگھر = ڇن جو نالو

[40] بوڙيلو، بيماسر ۽ سکيرو = پوٺا، جن تي ھينئر ملاکڙو لڳي.

[41] کٻڙ وارو = ڇن. اڏي = ڍوري.

[42] جيئو لال = درويش، ٻسٽان کان اڀرندي. پير واري = ڍوري، ترائي.

[43] مانڍياڪر = تعلقي ساماري ۾ ڳوٺ ۽ ديھھ. ٻاڪڙ = ھڪ ذات جو نالو.

[44] آراڙو = ديھھ ۽ ڍنڍ. چر = ٿاڻو ۽ ڳوٺ، ساماري ۽ جھڏي جي وچ تي.

[45] ٻسٽان = شھر، ڪنري کان الھندي.

* سالنامو روزانھ ”مھراڻ، ڪراچي، سنھ ١٩٦٢ع تان ورتل.

* ھيءَ روايت فضل چانڊيو، ويٺل بھاولپور جي بنگلي، تعلقي جوھي جي زباني قلمبند ڪئي ويئي.

[46] تاراڻي = تاري وڃڻ، ٽاري وڃڻ.

[47] آڻي = ذرو. آن ني.

[48] سرلي = جواني.

[49] لانءِ = لھس.

[50] چھن = نار

[51] سرين = سريون، ڳتون.

[52] ڦنگ = کنڀ، پر، پک.

[53] ٽيوڙ = حيلا، ھنر.

[54] ھو = ذري.

[55] سي = ھڪ قسم جو خوشبودار گاھھ.

[56] نڪيل = ڇوٽڪارو.

[57] اوٽا = اڱڻ، ٿلھا.

[58] کمت = کمڻ = نمڻ.

[59] ولالي = چري.

[60] جانٺائيندا = مٿو ٰارائيندا.

[61] وڳت = خبر.

[62] جانڪيو = رکيو. 

[63] کوڻ = ذس.

[64] پرھان = پري.

[65] وروڻ = روءِ، ڪاماءِ

[66] پني = پٽي.

* ھيءَ روايت وچولي (تعلقي حيدرآباد) مان محمد بچل کان ملي.

* ھيءَ روايت اتر (تعلقي ڪڪڙ) مان احمد خان ”آصف“ ۽ الله بچائي کوسي کان ملي.

* موراڏي = تعلقي بدين ۾ ھڪ ڍنڍ، جنھن تي عثمان پرھياڙ رھندو ھو.

* ھي بيت خود شاعر الله ڏني فقير جي زباني قلمبند ڪيا ويا.

[67] سونھريون = تراريون.

[68] جونڪو = ڇڪ.

[69]  لوڪو = آواز

[70]اوس = تجلو 

[71] مسڻ = مڇڻ، متان.  

[72] جھنگيو = ولوڙيو.

[73] پٽيءَ پيڄ = ڇڊڙي رٻ.

[74] ڏڻ = پوٺو

[75] کيڙا = گھڻا ڇمڪار

[76] ناڏ = آواز.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org