سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي تاريخ

باب: 3

صفحو :21

 

باب ڏهون:

انگريزي دور جون اسلامي درسگاهون

 

سنڌ جو سرسبز ۽ شاداب علائقو ٽالپرن جي آخري دور ۾ پنهنجن جي بيوفائي ۽ غداري سبب غيرن جي چنبي ۾ اچي ويو. سنڌ جي آزاد ملڪ واري حيثيت ختم ٿي ويئي. ملڪ جي سونهن ۽ سوڀيا ڌارين جي اچڻ کان پوءِ گهٽجي ويئي. سنڌ جي آخرين آزاد حڪمران مير نصير خان ٽالپر 28 فيبروري 1843ع تي مياڻي واري لڙائيءَ ۾ شڪست کاڌي ۽ سنڌ تي باقاعدي انگريزن جو راڄ شروع ٿيو.

انگريزن پاڻ سان گڏ مغربي تهذيب جي پرچار جو سامان به هن ملڪ ۾ آندو، جنهن سنڌ جي صاف دلين ۽ سالم دماغن کي نهوڙي نابود ڪري ڇڏيو. جيئن ته مشرقي علوم جي شمع کي گل ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي منصوبن کان ڪم ورتائون ۽ گهڻي ڀاڱي ان ۾ ڪامياب به ٿيا. اهڙي ڏکي دور ۾ اسلامي تعليم کي زنده رکڻ ڏاڍو مشڪل ڪم هو، ڇاڪاڻ ته ملڪ اندر انگريز حاڪم جا حواري به هئا، جيڪي انگريز جي عظمت، جلال، تعليم ۽ تهذيب تي لبيڪ چئي چڪا هئا. ان جي باوجود ڪي سنڌي عالم مجاهد بڻجي ميدان ۾ نڪري آيا ۽ بي سر و ساماني جي حالت ۾ به مسجدون، مڪتبن ۽ مدرسن جي ذريعي دين ۽ علم جي خدمت لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيائون.

انگريزن جي تعليمي پاليسين جو مختصر جائزو هن ريت آهي: عيسائي مشترين هتي اچي انگريزي اسڪول کوليا، جن ۾ سندن تعليم ۽ عيسائي تبليغ شروع ٿي. چارلس گرانٽ، ولبر فورس ۽ لارڊ منٽو انگريزي پارليامينٽ تي زور آندو ته هندستان جي رعيت لاءِ به برطانوي نظام تعليم جو بندوبست ڪيو وڃي، جيئن هو عيسائيت کي به سمجهي سگهن  بجاءِ مشرقي علوم جي انگريزي پڙهن. انگريزن جي انهيءَ پاليسي جو موجد توڙي رائج ڪندڙن ۾ لارڊ ميڪالي سڀني کان پيش پيش هو. انگريزن جو اهو به مقصد هو ته هندستاني ماڻهن مان اهڙو طبقو تيار ڪجي، جيڪو مغربي تهذيب سان ٽمٽار هجي، جيئن انهن جي مدد سان انگريزي ادب، تهذيب ۽ مذهب جي پرچار کي تقويت ملي. انهيءَ ڪري 1835ع ۾ گورنر جنرل وليم بيٽنڪ اهڙو ٺهراءُ پاس ڪيو، جنهن موجب مغربي تعليم کي رائج ڪرڻ جون ڪوششون ٿيڻ لڳيون. ساڳئي وقت سرڪاري زبان فارسي جي عيوض انگريزي مقرر ڪئي وئي. 1843ع ۾ گورنر جنرل لارڊ هارڊنج جي اعلان موجب سرڪاري نوڪري ۾ رڳو انگريزي تعليم يافتن کي کنيو ويو. مسلمانن هڪ طرف کان انگريزن کان قطع تعلقات ڪري پاڻ کي انگريزي تعليم کان پاسي رکيو، جنهن ڪري اهي سرڪاري نوڪرين کان محروم رهيا، ته ٻئي پاسي 1857ع جي جنگ آزادي ۾ حصو وٺڻ ڪري انگريزن جي انتقامي ڪاررواين جو شڪار ٿيڻ لڳا. تعليمي لحاظ کان سنڌ تي سر چارلس نيپئر جو دور 1843ع کان 1847ع تائين هڪ بدترين دور هو. ڇاڪاڻ ته هڪ طرف سرڪاري امداد سان خانگي اسڪول کولڻ جي اجازت ڏني ويئي، ته ٻئي طرف عيسائيت کي فروغ ڏيڻ لاءِ مشنري اسڪول هلايا ويا. ساڳئي وقت برک خاندانن جي سرڪار طرفان جاگيرن ۽ لوازمات جي شڪل ۾ ملندڙ امداد بلڪل بند ڪئي ويئي، جن جي مدد سان ڪئين مدرسا هلندڙ هئا، سي مالي امداد نه ملڻ سبب بند ٿيڻ لڳا.

سرڪاري زبان جي مسئلي بابت ڪلارڪس 1848ع واري ٺهراءَ ڏانهن انتظاميه جو ڌيان ڇڪايو ته ”انتظامي مقصدن کي ڪارآمد بنائڻ لاءِ اسان کي سنڌ ۾ مقامي ٻولي (سنڌي) سرڪاري لکپڙهه لاءِ رائج ڪرڻ گهرجي.“(1) انهيءَ موضوع تي ڪيترن مباحثن کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ جي اديبن ۽ دانشورون، ڪيپٽن جارج اسٽئڪ(2) ۽ سر رچرڊ برٽن درميان دلچسپ ۽ ڪامياب مذاڪرا ٿيڻ لڳا.(3)

انهيءَ دوران بمبئي ۾ (1845ع کان 1848ع) انگريزي ۽ سنڌي ٻولين ۾ لکپڙهه ڪرڻ ۽ تعليم ڏيڻ جي سوال تي ڇڪتاڻ رهي. آخرڪار سنڌ جي پرائمري اسڪولن ۾ مادري ٻولي (سنڌي) ۾ تعليم ڏيڻ جو فيصلو صادر ٿيو.

انگريز نڪي سنڌي ڳالهائيندا هئا ۽ نه وري فارسي ۾ ڪاروبار هلائي سگهندا هئا. ترجمانن جو ٻٽو سرشتو ضروري ٿي پيو، جنهن ڪري سنڌي جو فارسي ۾ ترجمو ڪيو ويندو هو ۽ فارسي جو وري انگريزي ۾ ترجمو ڪيو ويندو هو. ترجمي جي انهيءَ سلسلي ڪري لکپڙهه جي اڪلاءُ ۾ دير ۽ خرچ جو اضافو ٿيڻ لڳو.(4) انهيءَ ڪري سنڌ جي دفتر طريقي ڪار کي آسان بنائڻ لاءِ تبديلي آندي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ انتظامي آفيسرن لاءِ سنڌي ٻولي جو سکڻ لازمي ڪيو ويو.

سنڌ ۾ حڪومت کي پنهنجي تعليمي پاليسي رائج ڪرڻ ۾ وقت لڳي ويو. مقامي تعليم جو طريقو جيترو ٿي سگهيو، اوترو آسان ۽ بهتر نموني ڪيو ويو. معمولي ڦيرڦار سان ڳوٺن ۽ ننڍن شهرن ۾ ڳوٺاڻن ۽ مقامي ماڻهن جي مدد سان اسڪول کوليا ويا. باقي مدرسا ۽ درسگاهون ڏينهون ڏينهن ويا پوئتي پوندا، ڇاڪاڻ ته اهي ادارا سرڪاري امداد تي هلندا هئا، جيڪا انگريزن بند ڪري ڇڏي. انهيءَ حالت تي تبصرو ڪندي برٽن ريمارڪ ڏنو ته ”مون لاءِ وڏي افسوس جي ڳالهه آهي ته انگريزي دور ۾ مالي امداد نه ملڻ سبب تعليم جا مرڪز تباهه ٿي چڪا آهن.“(1) اهڙي ساڳي راءِ ايلس پڻ ڏني آهي.(2)

انگريزن جي اوائلي دور ۾ سنڌ ۾ اسڪولن جا مکيه ٽي قسم هئا: (1) مسلم پرائمري اسڪول، جتي قرآن شريف بنا معنيٰ جي پڙهايو ويندو هو. (2) هندو سنڌي اسڪول، جتي خدا آبادي ۽ سنڌي جا ٻيا قسم سيکاريا ويندا هئا ۽ انهيءَ سان گڏ حساب ڪتاب جو ڪم پڻ سيکاريو ويندو هو. (3) اهي اسڪول جتي عربي ۽ فارسي سيکاري ويندي هئي. انهيءَ قسم جا اسڪول هندن ۽ مسلمانن ٻنهي قومن جون گڏيل ضرورتون پوريون ڪندا هئا. ايلس لکي ٿو ته ”عربي ۽ فارسي جا مڪتب دور دراز ڳوٺن ۽ ننڍن شهرن ۾ پکڙيا پيا آهن. جن ۾ استادن جي مهارت ۽ قابليت جي ناموري ڪري اوسي پاسي ۽ ڏورانهن هنڌن کان شاگرد وڃي گڏ ٿيندا آهن. عادل پور ۾ هڪ بزرگ کي پنجاهه شاگرد پڙهائيندي ڏٺو ويو، جن مان اڪثر شاگرد پرانهين پنڌ کان وٽس آيل هئا. هي مڪتب گذريل پنجاهه سالن کان چمڪندو رهيو. پراڻن بيسوده تعليم جي طريقن تي وڏن شهرن ۾ ڪيترائي ادارا قائم ٿيا، جن ۾ اهڙا استاد هئا، جي پنهنجي وڏن کان وٺي درس تدريس جو شغل جاري رکندا آيا. اهڙو ٻيو اسڪول ٺٽي ۾ هو، جنهن ۾ 1855ع ۾ هڪ سو شاگرد هئا. انهيءَ اسڪول جي فارغ التحصيل شاگردن کي يڪدم سرڪاري ملازم ڪري رکيو ويندو هو.(1)

استادن جي اُجرت مختلف هئي، جيڪا شاگرد ادا ڪندا هئا. ڪي شاگرد گهٽ ڏيندا هئا ته ڪي سرندي وارا وڌيڪ ڀريندا هئا. بلڪل غريب شاگرد مفت ۾ پڙهندا هئا. ايلس جي رپورٽ موجب سنڌ ۾ اهڙن اسڪولن جو تعداد صرف 304 هو. ڪيترن اسڪولن جو خرچ پکو زميندار ڀريندا هئا، جنهن ڪري انهن اسڪولن ۾ مفت تعليم ڏني ويندي هئي. ڪن ڳوٺن ۾ آخوند ۽ ميانجي اجرت ملڻ کان سواءِ پڙهائيندا هئا، پر هر فصل تي کين ان جو مقرر حصو ملندو هو ۽ عيد براد يا خوشي جي موقعي تي کين سوکڙيون پاکڙيون ملنديون هيون.

ايلس پنهنجي ريمارڪ ۾ لکي ٿو ته اِها حيرت جي ڳالهه ڪانه هئي ته ڪو استادن جي ٿورائي هئي يا گهٽ تعليم يافته هئا. پر حقيقت اها آهي ته انهيءَ دور ۾ سٺي تعليم ۽ ڄاڻ رکندڙ استادن جي ڪابه کوٽ نه هئي. هو ڪي چند مثال ڏئي ٿو، جيڪي دستوري استادن وانگر نظر نٿي آيا.(2) سيد ميران علي شاهه پنهنجي چوڏهن شاگردن کي مفت پڙهائيندو به هو ته وري سندن کاڌي پيتي، رهڻ ڪهڻ ۽ پوشاڪ جو پڻ مفت بندوبست ڪندو هو. سونگ اوٻاوڙي ۾ هڪ موچيءَ جي گهر واري ٻن ڇوڪرن ۽ هڪ ڇوڪريءَ کي پنهنجي خرچ تي مفت تعليم ڏيندي هئي ۽ تانگا اوٻاوڙه ۾ هڪ نابينا عورت ٻن ڇوڪرن کي ساڳئي نموني مفت پڙهائيندي هئي. اهڙي سهوليت واري مفت قسم جي تعليم ڪا ورلي هوندي هئي.(1)

انگريزن جي سنڌ ۾ سوڀ کان پوءِ ستت ئي برٽن هتي آيو، تنهن ڄاڻايو ته سنڌ ۾ سيوهڻ، پاٽ، کهڙا، مٽياري، موهر (عمر ڪوٽ جي ڀرسان) ۽ چوٽياري ڪل ڇهه درسگاهون يا اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جا مشهور مرڪز هئا، جن جو درجو يونيورسٽين جي برابر هو ۽ انهن کي ميرن طرفان سنئين سڌي امداد ملندي هئي،(2) جيڪا ٽن هزارن کان وٺي پنجن هزارن تائين هر مهيني هوندي هئي.(3) حڪومتن جي ردبدل ڪري علمي سرمايو تباهه ٿي ويو هو ۽ درسگاهون اجڙي ويون هيون، انهيءَ ڪري برٽن وڌيڪ معلومات حاصل ڪري نه سگهيو.

1852ع ۾ ايلس تعليمي ادارن جا انگ اکر ورتا ته کيس معلوم ٿيو ته سنڌ ۾ جملي 648 اسڪول هئا ۽ انهن ۾ شاگردن جو تعداد 7443 هو، جن مان نائون حصو ڇوڪرين جو هو.(4) انهيءَ کان سواءِ شاگردن جو ڪافي تعداد گهرن ۾ تعليم وٺندو هو. قرآن شريف جي ابتدائي تعليم وارن اسڪولن جو تعداد 278 هو ۽ انهن ۾ شاگردن جو انداز 1906 هو. عربي ۽ فارسي جي تعليم ڏيڻ وارا 552 اسڪول هئا، جن ۾ 321 شاگرد هئا. جملي اسڪولن مان 609، اسڪولن ۾ 6479 شاگرد هئا. جن ۾ هندو ۽ مسلمان گڏجي فارسي سکندا هئا. سڀني اسڪولن ۾ استاد گهڻو ڪري مسلمان هوندا هئا.(5) هندو سنڌي خدا آبادي سيکارڻ وارا 23 اسڪول هئا. جن ۾ 803 شاگرد هئا.(1)

ٻار کي چئن يا پنجن سالن جي عمر جي درميان پڙهڻ لاءِ وهاريو ويندو هو ۽ صبح کان شام تائين پڙهائي هلندي هئي. ٻار آخري سيپاري جي اکرن سکڻ سان شروعات ڪندو هو ۽ کيس آيتون بر زبان ياد ڪرايون وينديون هيون. ان کان پوءِ هو الف ب لکڻ شروع ڪندو هو. اڌ قرآن شريف پڙهڻ کان پوءِ سنڌي پڙهائي ويندي هئي. ان بعد شاگرد فارسيءَ جي سکيا وٺڻ شروع ڪندو هو ۽ آخر ۾ گرامر جا گردان ۽ صيغا ياد ڪندو هو. تنهن کان پوءِ سعدي رح جي ڪريما، گلستان، بوستان، بهار دانش ۽ سڪندر نامہ پڙهايا ويندا هئا. شاگردن کي انشاءَ يا خطن جا قسم سيکاريا ويندا هئا. اهو نصاب انهيءَ وقت ۾ سرڪاري نوڪريون هٿ ڪرڻ لاءِ ڪافي هوندو هو. هن نصاب پوري ڪرڻ کان پوءِ شاگرد 15 يا 16 سالن جي ڄمار ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ درسگاهن يا مدرسن ۾ ويندو هو. اهڙين درسگاهن ۾ شاگردن جو تعداد 40 کان 70 تائين هوندو هو. پڙهائي جي لحاظ کان شاگردن کي لازمي هاسٽل ۾ رهڻو پوندو هو، جيڪا درسگاهه سان متصل هوندي هئي. ڪورس پوري ٿيڻ کان پوءِ شاگردن کي سال ۾ هڪ کان ٻن مهينن تائين وئڪيشن ملندي هئي. هر هڪ وڏي شاگرد کي پنهنجي هوشياري ۽ قابليت جي بنياد تي 15 کان 20 رپين تائين ماهيانو وظيفو ملندو هو ۽ ننڍي ڪلاس وارن شاگردن مان هر هڪ کي ڇهه رپيا ماهوار ڏيندا هئا.

مدرسن ۾ لازمي مضمونن جي لحاظ سان صرف، نحو، فقهه، قراءَت ۽ تجويد نصاب ۾ شامل هئا. باقي طب، رمل، نجوم، جفر، تصوف، تعبير، خواب حڪمت ۽ فلسفي جا مضمون شاگرد پنهنجي پسند تي پڙهندا هئا.

باوجود نامساعد حالات جي، انگريزن جي دور حڪومت ۾ به عالمن ۽ استادن عربي، فارسي ۽ ديني علوم تي گهڻو توجهه ڏنو. مدرسن کي جديد طرز تي هلايو ويو. شخصيتن جي سڃاڻپ سان درسگاهن جا نالا رکيا ويا، جنهن جو رواج اڳ ۾ نه هو، جنهن ڪري اميرن ۽ شاهوڪارن پنهنجون زمينون مدرسن لاءِ وقف طور ڏنيون. استادن جي همت افزائي ۽ وقار کي قائم رکڻ لاءِ سندن معقول پگهارون پڻ مقرر ڪيون ويون. شاگردن کي رهائش، کاڌي پيتي ۽ ڪپڙي لٽي جون سهوليتون مهيا ڪيون ويون، انهن سڀني اجتماعي ڪوششن جو نتيجو اهو نڪتو جو ان دور ۾ ڪيترن ئي قومي تحريڪن جنم ورتو. مثلاً: آزادي واري تحريڪ ۽ خلافت تحريڪ وغيره، جن ۾ سنڌ جي عالمن، اديبن، شاعرن ۽ دانشورن نمايان حصو ورتو. ان کان سواءِ شڌي شنگهٺن، آريه سماج جهڙن خطرناڪ عزائم رکندڙ تحريڪن کي پڻ سنڌي عالمن پنهنجي علم ۽ فهم سان منهن ڏنو ۽ سندن تحريڪن کي ڪاپاري ڌڪ رسايو.

مدرسہ مظهر العلوم العربيہ ولهيٽ (عمر ڪوٽ):

هن درسگاهه جو سنگ بنياد مولانا محمد رحيم ساند 1220هه/ 1800ع ۾ رکيو. مولانا محمد رحيم جو مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي مڪتبه فڪر سان تعلق هو. کانئس پوءِ مولانا مولوي ميان نصر الدين ساند 1250هه ۾ مدرسي جو صدر ٿي رهيو. مولانا نصير الدين جا هٿ اکر لکيل قلمي نسخا حديث ۾ اربعين حديث، فقه ۾ ڪبيري شرح، منية المصلي ۽ ڪتاب الاوراد والوظائف سال 1266هه جا موجود آهن. ان کان پوءِ سندس تلميذ رشيد مولانا حافظ دودو نهڙي ڄاريلو راجسٿان 1279هه ۾ مدرس رهيو جنهن کان پوءِ ميان نصير الدين جو پٽ ميان مولانا حافظ حاجي عبدالرحيم ساند 1281هه ۾ صدر مدرس ۽ مهتمم ٿي رهيو، جيڪو وڏي فضيلت وارو، زاهد، فياض ۽ عالم بزرگ هو. سندس حياتي ۾ ئي مولانا مولوي عبدالحق سمي پنهنجن ٻن ڀائرن مولوي خير محمد ۽ مولوي لعل محمد کي وٺي آڻي مدرسي کي زور وٺايو. اهي ٽيئي ڀائر (مولانا محمد عثمان قرآني جا شاگرد هئا) مولوي صاحب جي وقت ۾ مسافر شاگرد 40-50 رهندا هئا. ان بعد مولانا مولوي عبدالملڪ ساند 1342هه ۾ صدر مدرس ٿي رهيو. هن پڻ مولانا محمد عثمان قرآني کان تحصيل ڪئي هئي. هي وڏو متقي، ذڪي، ذهين ۽ مجاهد صفت انسان 1922ع ۾ وفات ڪري ويو. ان بعد ساڳئي ڳوٺ جي وڏيري عبدالستار ساند جي ڪوشش سان مولوي عبدالرحمٰن زنگي ساڏوري وارو آندو ويو، جيڪو وڏي محنت سان پڙهائيندو رهيو. مولوي عبدالسميع جو آخرين استاد مولوي غلام رسول چانڊيو به ڪجهه وقت مولوي عبدالمطلب ساند وٽ ولهيٽ ۾ پڙهيو آهي، ان بعد مولوي عبدالڪريم ساند (38-1937ع) ۽ مولانا عزيزالله ٻئي گڏوگڏ مدرسي جا مدرس ۽ خادم رهيا.

مولوي عبدالڪريم، مولانا محمد عثمان قرآني رح کان سندس ڳوٺ عمر ڀنڀري ۾ تحصيل علم جي سند حاصل ڪئي. مولوي صاحب عالم، ذهين، فقيهه، بزرگ ۽ پرهيزگار هو. مولوي عزيزالله پڻ عالم و فاضل ذهين، ذڪي، مجاهد، مبلغ ۽ وڏو داناءُ هو ۽ هميشه شرعي فيصلن ۾ سندس خادم ۽ امين هوندو هو. مولوي حاجي عبدالحق صاحب ساند راجسٿان وارو، ٻيو مولوي فضل الدين صاحب هوندي پلي جي ڳوٺ وارو (جنهن جو آخر ۾ پڙهايل ۽ ڪجهه وقت مولوي عبدالڪريم وٽ پڙهيل مولوي اصغر علي شاهه صاحب کاروڙو سيد وارو)، ٽيون مولوي محمد يعقوب صاحب اصل هوندي پلي حال ٽنڊي محمد خان وارو، چوٿون مولوي مير محمد سمون ڪونجهيلي وارو، پنجون مولوي غلام نظير الدين ساند جو غلام رسول لغاري جمڙائو 78 موري وارو، ڇهون مولوي ميان احمد ساند پڙ پوٽو ميان نصير الدين ساند جو، ستون مولوي محمد علي ڀاءُ مولوي عبدالڪريم جو، اٺون مولوي حاجي الهه بخش ساند اصل ٻاڙ مير راجسٿان حال هجاجر چنيه ۽ ٻيا به ڪيترائي صاحب درس نظامي ختم ڪري دستاربند ٿي ويا.

مولوي عبدالڪريم ساند 1369هه ۾ وفات ڪئي. پڇاڙيءَ تائين ڪيترين مشڪلاتن جي باوجود پڙهائيندو هو. 1368هه/ 1948ع ۾ مولوي عبدالسميع ساند (مولانا نصير الدين جي پيڙهي وارن واسطيدارن مان) نئي سر مدرسي کي چالو رکيو. زوري تعليم سبب مڪتب رجسٽر ڪرايو ويو. مدرسي ولهيٽ کي به عربي جي امتحانن لاءِ 1950ع ۾ رجسٽر ڪرايو ويو. مدرسي کي اوائل ۾ ڪچ سِري مسجد هئي، پر مولوي عزيزالله صاحب جفاڪشي، محنت ۽ ڪوشش سان سن1374هه ۾ مدرسي مان چئن عالمن فراغت حاصل ڪئي: هڪ مولوي عبدالرحمٰن جمالي، ٻيو مولوي عبدالڪريم خاصخيلي لسٻيلي وارو، جيڪو لاکڙي ۾ سرڪاري طور پيش امام آهي. ٽيون مولوي محمد هاشم اڱاريو لسٻيلي وارو ۽ چوٿون مولوي علي محمد ثاني مدرس ٿي رهيو. ان کان پوءِ عبدالرحمٰن جمالي کي ثاني مدرس رکيو ويو. سن1387هه/ 1967ع ۾ چئن عالمن دستاربندي ڪئي. مولوي گل محمد ساند ولهيٽ، مولوي تاج محمد راهمون ۽ سن1386هه ۾ وفات ڪيائين، مدرسي جي دامن ۾ دفنايل آهي. انهيءَ مدرسي جي ٻئي عالم ميان احمد 1386هه ۾ وفات ڪئي.

رساله قرآني ولهيٽ ماهوار جو مدير مولوي عزيزالله ساند ۽ نائب مدير احمد ابوالقاسم ساند ٻئي ولهيٽ جا هئا. رسالو قرآني ماهوار رجب 1355هه/ 1936ع کان شوال ۽ ذوالقعد 1358هه/ 1939ع تائين جاري رهيو. قاديانين هن رسالي کي بند ڪرائڻ لاءِ وڏا وڏا مناظرا ڪرايا هئا. ربيع الاول 1392هه/ 1972ع ۾ مدرسي مظهر العلوم العربيہ ولهيٽ ۾ ٽن ڄڻن مولوي عبدالحي ساند، مولوي محمد عباس نهڙي گوگاسردنگي وارو ۽ قاري محمد موسيٰ سومرو ٿري دستاربندي ڪري ساڳي درسگاهه ۾ تعليم ڏيڻ ۾ مشول آهن. اڄ به مدرسي ۾ ٽي استاد تعليم تربيت ڏيندا رهن ٿا. ٿر ۽ لس ٻيلي ۽ اوسي پاسي جا طالب علم تعليم وٺي رهيا آهن. هن سال انٽرميڊيٽ سيڪنڊري بورڊ حيدرآباد جي امتحان تي موڪليا ويا، سي پاس ٿيا آهن. مدرسي جو انتظام سهڻي نموني هلي رهيو آهي. شاگردن کي سڀ سهولتون مفت ڏنيون وڃن ٿيون.(1)

ڀرمي ڳوٺ لڳ شهدادڪوٽ واري درسگاهه:

ڀرمي تعلقي شهدادڪوٽ واري اها درسگاهه مولوي محمد هاشم قائم ڪئي. مولانا محمد هاشم 1259هه ۾ تولد ٿيو. هي بزرگ اصل شهداد ڪوٽ جو رهاڪو هو ۽ اتي ئي مولانا نور محمد شهداد ڪوٽي وٽ علم ستن سالن جي قليل عرصي ۾ پڙهي پورو ڪيائين. پهريائين شهدادڪوٽ جي لڳ ڀرمي ڳوٺ ۾ درسگاهه قائم ڪيائين ۽ نهايت جانفشاني سان شاگردن کي پڙهائيندو رهيو. بعض حالتن ۾ 70 شاگردن کي به اڪيلي سر سبق پڙهائيندو هو. صبح صادق کان به اڳ درس شروع ڪندو هو ۽ عشاءَ جي نماز تائين مشغول رهندو هو. هن بزرگ اڳتي هلي ڳڙهي ياسين ۾ وڏي درسگاهه قائم ڪئي. انهن ٻنهي درسگاهن مان هنن عالمن فيض پرايو: (1) مولانا گل حسن ڪٽبار (2) مولوي عبدالله رتائي، جنهن جا شاگرد مولانا خادم حسين ۽ ٻيا بزرگ ٿيا. (3) مولانا ڪريم داد ٺوڙهي تعلقو قنبر (4) مولانا غلام عمر ڊگهه وارو (5) مولانا محمد قاسم ڳڙهي ياسين وارو، سندس فرزند (6) مولانا تاج محمد بلوچستاني (7) مولانا جمال الدين صحبت پوري (8) مولانا حافظ نور محمد ڳڙهي ياسيني قاري (9) مولانا فقير محمد (10) مولانا ڪمال الدين سيوهاڻي (11) مخدوم غلام مصطفيٰ صاحب سجاده نشين محمد پور شريف (12) مولانا پير محمد صاحب وارهه وارو (15) مولوي محمد حسن سجاده نشين درگاهه ڪٽبار (بلوچستان) وغيره.

هي بزرگ درسگاهه ڀرمي واري زماني ۾ بلوچستان جي امير اسدالله خان رئيساڻي جي استدعا تي محرم واري جاگير ۾ قاضي مقرر ٿيو، پر بلوچستان جي سخت گرمي ۽ پاڻي جي قلت سببان ٻن سالن کان پوءِ اهو عهدو ڇڏي سنڌ ۾ واپس آيو. ڳڙهي ياسين جي امير الهه بخش خان بازڪزئي جي طلب تي خانن جي مسجد ۽ عيدگاهه جو متولي ٿيو ۽ مدرسو قائم ڪري تدريس جو ڪم جاري رکيائين.

هن بزرگ بيعت مولانا ميان تاج محمد ڪٽبار کان ورتي هئي. ادبي علمن ۽ فقهه ۾ وڏو ماهر هو. فتويٰ نويسيءَ تي وڏي دسترس حاصل هئي. پنهنجي همعصرن مان مخدوم حاجي حسن الله پاٽائي سان هندستان جي دارالحرب يا دارالسلام هجڻ تي وڏا تحريري مناظرا ڪيائين. مولانا محمد هاشم جو رايو هو ته هندستان دارالسلام آهي، پر مخدوم صاحب ان جي خلاف هو. ڳڙهي ياسين ۾ ئي 1322هه ۾ وفات ڪيائين، کيس ٽي فرزند ٿيا: (1) مولانا محمد ابراهيم (2) مولانا حاجي محمد صالح ۽ (3) مولانا محمد قاسم. مولانا محمد ابراهيم جي پير حسام الدين راشدي سان ڏاڍي دوستي هوندي هئي ۽ کيس هميشه فارسي ۾ منظوم خط لکندو هو.

چوٽيارين جي درسگاهه (19 صدي جي وچ ڌاري)

جناب شيخ تاج الدين چوٽياري شريف جو باشندو هو. اهو ڳوٺ سانگهڙ جي آس پاس آهي. سندس ابا ڏاڏا اهل علم ۽ صالح هئا ۽ پاڻ به الله پاڪ جي توفيق سان وڏن جي نقش قدم تي هلندو رهيو. طريقت جي تعليم پنهنجي والد کان ۽ درسي علم وقت جي عالمن کان پرايائين. صلاحيت، رياضت ۽ توڪل حد درجي جي رکندڙ هو. بدن ۾ نهايت ڪمزور ۽ ڏٻرو هو، پر قدرت ڌڻيءَ سان اٿڻ، ويهڻ، وظيفي پڙهڻ ۽ عبادت ڪرڻ ۾ سگهارو ۽ همت وارو هو. هن بزرگ 1938ع ۾ وفات ڪئي.(1) چوٽيارن جي عالمن جو فارغ التحصيل بزرگ عالم فاضل مولانا سيد محمد عثمان شاهه سنڌي ميرپوري به پنهنجي وقت جو چوٽي جو عالم ٿي گذريو آهي. هي بزرگ بخاري ساداتن مان هو. سندس وڏا هندستان مان لڏي ميرپورخاص جي ڀر ۾ اچي رهيا.

مولانا سيد محمد عثمان شاهه طريقت جي تلقين خواجه عبدالرحمٰن رح کان ورتي هئي. پوري استقامت سان ورد  وظائف ۾ مشغول رهندو هو. قرآن شريف تجويد سان دائري شريف جي ساداتن کان پڙهيو هو. ڪيترا سنڌي ڪتاب خاص طرح سيد علي محمد شاهه دائري واري جو جوڙيل سنڌيءَ ۾ فقهه جو ڪتاب چوٽياري جي عالمن کان پڙهيو هو ۽ کيس بر زبان ياد هو. صبر، رضا، توڪل ۽ سهڻن اخلاقن ۾ اڏول هو. دلائل خيرات ۽ ٻيا وظيفا روزانو پڙهندو هو ۽ ساري ڄمار ۾ سفر يا حذر ۾ اهي وظيفا نه ڇڏيائين. وقت جي ماڻهن کيس ڏاڍيون تڪليفون ڏنيون، پر اُهي برداشت ڪندو رهيو. ايتري قدر جو پنجاب جي هڪ ماڻهوءَ پاڻ کي سيد سڏائي سندس نياڻيءَ سان شادي ڪئي.

شاهه صاحب وڏو زاهد، عالم ۽ پرهيزگار هو. ماڻهن سان گهٽ ڳالهائيندو هو. ڪنهن مجلس ۾ رسمي ڳالهه ٻولهه ٻڌڻ جي بجاءِ پاڻ وظيفن کي لڳي ويندو هو. پنهنجي مسڪيني حال سبب سڄي زندگي سادگيءَ ۾ گذاريائين. آخر عمر ۾ کيس ٻي شادي جو شوق پيدا ٿيو. انهيءَ خيال کان ڪراچي وڃي رهيو، پر اتي چئن پنجن ڏينهن جي سخت بخار سبب ميرپورخاص ۾ موٽي آيو ۽ آخر 1325هه ۾ وفات ڪيائين.

چوٽيارن جي درسگاهه جي آخرين عالم ميين محمد جي زباني سندس فرزند ميان عبدالحڪيم تازو نواب حاجي نور احمد خان جي بنگلي هيرآباد، حيدرآباد ۾ راقم 2 جولاءِ 1977ع تي تصديق سان ٻڌايو ته چوٽيارن جي درسگاهه جي نصاب مطابق ٻار کي پهريائين قرآن شريف روان پڙهايو ويندو هو. پوءِ سنڌي درسي ڪتاب پڙهايا ويندا هئا، جن ۾ مصلح المفتاح ”دائري واري سنڌي“ ۽ ٻيو هڪ ڪتاب نصاب ۾ شامل هئا. ان کان پوءِ فارسي ۽ آخر ۾ عربي پڙهائيندا هئا.(1)

سيد علي محمد شاهه جو تصنيف ٿيل ڪتاب مصلح المفتاح جيڪو ”دائري واري سنڌي“ جي نالي سان مشهور آهي، نه فقط چوٽيارين جي درسگاهه ۾ پر انهيءَ دور جي ٻين وڏين درسگاهن ۾ پڻ پڙهايو ويندو هو. هي ڪتاب نه فقط ”نماز“ جي مسئلن بابت هڪ جامع ڪتاب آهي، پر علمي تحقيق ۽ فقهي جستجو جو هڪ نادر نمونو آهي. ان کان سواءِ سنڌي زبان جي هڪ آڳاٽي درسي ڪتاب جي لحاظ سان هي ڪتاب سنڌ جي تعليمي تاريخ ۾ پڻ هڪ خاص اهميت رکي ٿو.(2)

شهدادڪوٽ

شهدادڪوٽ، جنهن کي اڳ شهدادپور سڏيو ويندو هو.(3) لاڙڪاڻي، ضلعي جو هڪ زرخيز تعلقو آهي، جيڪو هجري تيرهين صدي ۽ چوڏهين جي اوائل ۾ وڏو علمي ۽ ادبي مرڪز رهيو آهي. هي شهر سنڌ جي ڇيڙي تي هئڻ ڪري سنڌ توڙي بلوچستان جي تهذيب جو ڄڻ ته سنگم آهي. هن کان اتر ۾ ناڙي جو علائقو آهي، جو بلوچستان ۾ داخل آهي، پر هتي جا سڀ رهاڪو سنڌي آهن. سنڌي ٻولي ڳالهائين ۽ سندن رهڻي ڪهڻي به سنڌين واري آهي.

ناڙيءَ علائقي جي ڀاڳ تنبو تحصيل ۽ تعلقي ۾ ”ڪنڊو“ نالي هڪ ننڍو ڳوٺ آهي، جتي شهداد ڪوٽ جي علمي مرڪز جي باني علامه نور محمد رح جي 1206هه ۾ ولادت ٿي ۽ اتي ئي پنهنجي ويجهي عزيز علامه عبدالحليم ڪنڊوي- جيڪو سيد عاقل شاهه هالاڻي وارن جو شاگرد هو ۽ وڏو عالم هو، جنهن ساري عمر مجرد رهي همايون، روهڙي ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ علمي خدمت ڪئي. سندس مزار به درياءَ جي ڪپ تي روهڙيءَ واري پل جي پاسي ۾ هڪ جبل تي آهي، جنهن کي عام ماڻهو ”پکي وارو پير“ سڏيندا آهن- درس ڏيندو رهيو.

علامه نور محمد شروع ۾ پنهنجي ڳوٺڙي ”ڪنڊي“ ۾ پڙهائيندو رهيو. کيس تعليم سان گڏ فقهي تحريرن ۾ به وڏي مهارت حاصل هئي. ان ڪري کيس خان قلات خداداد خان طرفان رياست قلات جو قاضي القضاة مقرر ڪيو ويو. علامه نور محمد پنهنجي عمر جو گهڻو ڀاڱو اتي گذاريو. اڳتي هلي ڪنهن شرعي مسئلي تي قلات جي والي سان سندس اختلاف پيدا ٿي پيو، ان ڪري ناڙيءَ کي هميشه لاءِ الوداع ڪري، سنڌ جو رخ رکيائين ۽ لاڙڪاڻي ضلعي جي ميرو خان شهر ۾ اچي وارد ٿيو. ان وقت ميرو خان ۾ هڪ وڏو روحاني رهبر حامد حضوري تونيه فقير رهندو هو، تنهن علامه نور محمد کي پاڻ وٽ مهمان رکيو. ٿورن مهينن کان پوءِ شهداد ڪوٽ جي هڪ وڏي امير ۽ کهاوڙ قوم جي سردار خانبهار پير بخش خان کي علامه نور محمد جي ميرو خان ۾ تشريف آوري جي سُڌ پيئي. تنهن ميان حامد حضوري جي خدمت ۾ پهچي علامه نور محمد جي طلب ڪئي، جنهن ڪري هن ميرو خان مان هلي اچي شهدادڪوٽ ۾ سڪونت اختيار ڪئي. اهو 1272هه جو واقعو آهي ۽ انهيءَ سال ۾ شهدادڪوٽ ۾ هڪ وڏي ديني درسگاهه قائم ڪيائين. علامه نور محمد جيئن ته وڏي شهرت جو مالڪ هو، ان ڪري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان سوين طالبعلم اتي پهچي ويا. چوويهه سال لڳاتار اهو تدريسي سلسلو جاري رهيو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو سنڌ جي شهر شهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ سندس شاگرد پهچي ويا. علامه نور محمد کان 52 عالم فارغ ٿي نڪتا، جن وري جدا جدا مرڪز قائم ڪيا. انهن مان حيدرآباد ۾ مائي خيري واري مسجد ۾ مولانا محمد حسن حيدرآبادي جو قائم ڪيل مدرسو، مولانا سيد عباس علي شاهه جو لواري ۾ مدرسو، مولانا مخدوم عبدالله جي ٻير (ضلعي لاڙڪاڻي) ۾ قائم ڪيل مدرسو، مولانا محمد حسن صاحب انڍڙ جي درسگاهه، مولانا قاضي نور ممد ڀٽي جو ميرپور ناڙي (قلات) وارو علمي مرڪز ۽ ٻڻيا قابل ذڪر آهن.

علامه نور محمد کي ٽي فرزند هئا، جن مان مولانا گل محمد ۽ غلام صديق علمي دنيا ۾ وڏي شهرت رکن ٿا. والد جي وفات کان پوءِ هن علمي مرڪز جي سنڀال ۽ تدريسي خدمت مولانا گل محمد سنڀالي. هن بزرگ عالم به پنهنجي والد وانگر هن مرڪز کي ڏاڍو زور وٺايو، خود سندس ننڍو ڀاءُ مولانا غلام صديق به وٽس ئي فارغ ٿيو. ضلعي دادو جي فيروز شاهه ڳوٺ جو مشهور عالم مولانا عطاءَ الله فيروز شاهي به انهن ٻن عالم ڀائرن کان پڙهي فارغ ٿيو ۽ فيروز شاهه ۾ علمي مرڪز قائم ڪيو. لاڙ جو مشهور عالم مولانا حامد الله ٻيلي وارو وري فيروز شاهه مان پڙهي نڪتو، جنهن پنهنجي فيض سان لاڙ کي سيراب ڪري ڇڏيو. اهڙيءَ طرح پاٽ جو مشهور مفتي ۽ عالم حاجي حسن الله پاٽائي شهدادڪوٽ واري درسگاهه جو شاگرد هو، جيڪو پاٽ ۾ علمي مرڪز قائم ڪري سالن جا سال فيض ڏيندو رهيو. حاجي حسن الله پاٽائي جي فيض سان سونو جتوئي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ مولانا غلام عمر مرحوم علمي مرڪز قائم ڪيو ۽ جوڻائي تعلقه وارهه ۾ مولانا پير محمد پاٽ مان پڙهي، علمي مرڪز جو بنياد وڌو. حاجي حسن الله پاٽائي، مٽيارين ۾ به گهڻو وقت درس ڏيندو هو. اهڙيءَ طرح هن طرف جا ڪيترائي وڏا عالم به ان جا شاگرد آهن. اهو سڀ شهدادڪوٽ جي علمي درسگاهه جو فيض ليکيو وڃي ٿو. انهن عالمن کان سواءِ سنڌ جي ٻين ڪيترن عالمن پڻ شهدادڪوٽ جي علمي مرڪز کان فيض پرايو.

مولانا نور محمد شهدادڪوٽي جون تصنيفات:

(1) صرف بهائي (2) جامع تعليمات جديد طرز موجب تيار ٿيل. باقي سڀني عربي درسي ڪتابن تي سندس ڪيئي قلمي حاشيه چڙهيل چوڻ ۾ اچن ٿا. جيئن ته ڪن مان هيٺين ڪتابن جا نالا قابل ذڪر آهن: (1) زرادي تي حاشيو (2) ماهه عامل تي حاشيو (3) شرح ماهه عامل تي حاشيو (4) هداية النحو تي حاشيو (5) ايساغوچيءَ تي حاشيو (6) بديع الميزان تي حاشيو (7) مسلم تي حاشيو. (8) هدايه تي حاشيو (9) بيضاوي شريف تي حاشيو (10) توضيح تلويح تي حاشيو. مطلب ته مطول تائين سندس حواشي لکيل آهن، پر افسوس جو اهي گهڻو ڪري اڻ ڇپيل رهجي ويا آهن. اهي سمورا ڪتاب ان وقت سنڌ جي درسگاهن ۾ نصاب طور پڙهايا ويندا هئا ۽ اڃا تائين انهن جي پڙهائڻ جو رواج هلندو اچي.

مولانا گل محمد شهدادڪوٽي جي برڪت سان ساري سنڌ ۾ علم پکڙجي ويو. سنڌ جو ڪو اهڙو ڳوٺ نه هو، جتي سندس ڪو شاگرد يا شاگرد جو شاگرد نه هجي. روايت آهي ته کانئس 486 عالم پڙهي فارغ ٿي نڪتا، جي سڀ پنهنجي وقت جا وڏا مدرس ۽ علامه هئا. سندس شاگردن مان مولانا شهدادڪوٽي، سندس ننڍي ڀاءُ، وڏي شهرت اصل ڪئي. روايت آهي ته جنهن زماني ۾ هو پنهنجي ڀاءُ وٽ حاشيه عبدالغفور پڙهندو هو ته اڃا ننڍو ڇوڪر هو ۽ ٻارن سان راند ڪندو هو ۽ کيس وڏو ڀاءُ راند مان وٺي اچي سبق پڙهائيندو هو. استاد وٽ حاشيه عبدالغفور سان گڏ حاشيه مدقق جون تقريرون ٻڌي جو اتي دهرائي ويندو هو. مولانا غلام صديق رح وٽان 23 عالم فارغ التحصيل ٿي نڪتا، جن مان هر هڪ وقت جو عالم هو. مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جي والد حافظ محمود صاحب به مولانا غلام صديق رح وٽ قرآن شريف حفظ ڪيو هو.

مولانا گل محمد صاحب پنهنجي والد بزرگوار مولانا نور محمد صاحب رح وٽ پڙهيو هو. خلافت تحريڪ جي مشهور بزرگ مولانا عبيدالله سنڌيءَ جو چوڻ آهي ته اسان جڏهن سن1308هه ۾ امروٽ ۾ هڪ علمي مرڪز قائم ڪيو ته شروع ۾ اسان کي سنڌ مان پڙهڻ لاءِ ڪي به شاگرد نٿي مليا، يا گهٽ ملي رهيا هئا. ڇوته شهدادڪوٽ جي استادن جو ايڏو اثر ويٺل هو، جو شاگرد انهن کان سواءِ ٻين وٽ پڙهڻ لاءِ تيار ئي نه هئا. شهدادڪوٽ اڄ به موجود آهي، پر زماني جي بدليل حالتن ڪري هاڻي اتي رڳو هڪ ننڍو مدرسو وڃي رهيو آهي.

مولوي محمد علي ”طالب“:

هي بزرگ، بکر جي آسپاس ڪنهن ڳوٺ جو رهاڪو هو. سندس والد جو نالو محمد پانهه هو. سندس تخلص ”طالب“ آهي. روهڙي ۾ وار مبارڪ بابت پنهنجي ڪتاب ”ظهور نامه“ ۾ شعر چيا اٿس. انهيءَ ڪتاب ۾ 446 بيت آهن، جيڪو 1274هه ۾ لکي پورو ڪيائين.(1) هن احوال مان اهو پتو پئي ٿو ته روهڙي جي آسپاس سندن ڳوٺ ۾ ڪو علمي مرڪز هو، جتي تدريس سان گڏ تصنيف ۽ تاليف جو به شغل جاري رکيو ايندو هو.

قاضي سيف الله جي ٽنڊي قيصر واري درسگاهه:

هن جو اصل نالو ڦل هو، ذات جو راڄپر، اصل رهندڙ نوابشاهه جي طرف جو آهي. سندس ڄمڻ جي تاريخ جي ڪابه پروڙ ناهي، باقي سندس وفات 1280هه ۾ ٿي. هي بزرگ ميرن جي حڪومت جي اوائلي دور ۾ تولد ٿيو. کيس احمد خان نظاماڻي، نوابشاهه مان وڏي آڪهه سميت لڏائي ٽنڊي قيصر ۾ وٺي آيو ۽ اتي ان لاءِ مدرسو قائم ڪيو ويو. احمد خان نظاماڻي، مير مراد علي خان ۽ مير نصير خان جي ڏينهن ۾ نوابشاهه جو مختيارڪار هو. قاضي سيد الله عربي جي تعليم مخدوم عبدالڪريم مٽيارين واري کان ورتي هئي. قاضي سيف الله تي اهو نالو ميرن صاحبن رکيو هو. جڏهن ڪو اهڙو مقدمو ميرن وٽ ايندو هو ته مير صاحب کيس گهرائيندا هئا، ڇاڪاڻ ته هي بزرگ بي ريائي سان فيصلو ڪندو هو. مير صاحب سواري لاءِ وهٽ موڪليندا هئا ته ان تي نه چڙهندو هو، وٽس هڪ گڏهه هو، ان تي چڙهي ويندو هو ۽ ماني پاڻ سان کنيو ويندو هو.

ميان سيف الله کي ٻه پٽ هئا، هڪڙو ميان عبدالله ۽ ٻيو ميان فيض محمد ۽ اهي ٻئي به علم جا صاحب هئا. هن وقت سندن اولاد مان ڪوبه علم وارو نه آهي. ميان عبدالله جي وفات جي ڪابه خبر نه آهي ته ڪڏهن وفات ڪيائين. باقي ميان فيض محمد 1917ع واري پليگ ۾ وفات ڪري ويو.(2)

قاضي ميان محمد خانواهڻ واري جي درسگاهه:

ساهتيءَ ۾ جيڪي عالم، اديب ۽ شاعر ٿي گذريا آهن، انهن مان قاضي ميان محمد خانواهڻ وارو هڪ وڏو عالم، بزرگ اديب ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. قاضي صاحب درويش صفت، بزرگ صورت، بحر علم، مرد ڪامل، فيض جو درياءَ ۽ سرزمين سنڌ لاءِ فخر جو باعث آهي. قاضي ميان محمد بن قاضي محمد اشرف بن قاضي ميان ابوالمعالي بن قاضي ميان عبدالواحد بن قاضي ميان نظام الدين بن قاضي ميان عبدالمعالي خالدي قريشي نسب جو آهي. چيو وڃي ٿو ته سندس وڏا محمد بن قاسم سان گڏ سنڌ ۾ آيا ۽ هتي ئي آباد ٿيا.

قاضي صاحب 1207هه ۾ ڄائو. پنهنجي والد وٽ ابتدائي سنڌي، فارسي ۽ عربي تعليم حاصل ڪئي. ٿوري عرصي ۾ قرآن مجيد به حفظ ڪيائين. خانواهڻ ڀرسان محبت ديري سيال ۾ ميان محمد هاشم وٽ اعليٰ تعليم حاصل ڪيائين ۽ ان بعد درس ۽ تدريس جو مشغلو اختيار ڪيائين. قاضي صاحب 90 سالن جي ڄمار ۾ 1294هه ۾ خانواهڻ ۾ وفات ڪري ويو. سندس تصنيفات مان ”طب محمدي“ (فارسي) مشهور آهي. ٻيو رسالو ”ڪربلا جو قضيو“ اٽڪل 35 صفحن تي لکيل آهي. انهن کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي عربي، فارسي ۽ سنڌي ڪتاب قلمي نسخن جي صورت ۾ سندس پوين وٽ خسته حالت ۾ موجود آهن.(1)

قاضي ميان عبدالرحمٰن جي ڪوٽڙيءَ ۾ درسگاهه:

قاضي ميان عبدالرحمٰن بن قاضي ميون حافظ حسين، ڪوٽڙيءَ جي مشهور قاضي خاندان مان وڏو فقيهه عالم ٿي گذريو آهي. ڪوٽڙي جا اهي قاضي ذات جا سما آهن، جيڪي گهڻو اڳ لس ٻيلي ۾ قضا جي عهدي تي رهندا آيا آهن ۽ هن خاندان ۾ به هميشه هڪ ٻئي پويان عالم ٿيندا آيا. جڏهن ڄاموٽن جي ٻيلي جي مَلڪ خاندان جي بيبي چاڳلي سان جنگ لڳي ۽ مائي شڪست کائي ٿاڻي بولا خان ۾ سڪونت اختيار ڪئي ته اهي قاضي به بيبي چاڳلي سان گڏ لس کي ڇڏي ڪوٽڙي ۾ آيا. قاضي عبدالرحمٰن مٽيارين جي مشهور محدث مخدوم عبدالڪريم بن مخدوم محمد عثمان کان تعليم ورتي ۽ ڪوٽڙي ۾ هڪ جامع مسجد تعمير ڪرائي اتي عربي تعليم لاءِ درسگاهه قائم ڪئي. انگريزن جي اچڻ کان پوءِ قاضي عبدالرحمٰن قضا جي منصب تي مقرر ٿيو.

ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ لڱا مخدوم عبدالڪريم مٽيارن وارو ڪوٽڙي ۾ قاضين وٽ اچي لٿو. قاضي سڳورا ڏاڍا متوڪل هئا، وٽن اهڙي بزرگ مهمان جي مهماني لاءِ پيسو نه هو، قاضي عبدالرحمٰڻ جوار جي ماني کڻي اچي مخدوم جي آڏو حاضر ڪئي. ان وقت سندس والد ميون حسين به زنده هو، تنهن اهو ڏسي پٽ کي دل مان دعا ڪئي ته سندس اولاد ۾ گوشت ۽ ماني ڪڏهن به نه کٽندي. ان کان پوءِ اڄ تائين هن خاندان جو دسترخوان وسيع رهندو آيو آهي. قاضي ميان عبدالرحمٰن 26 محرم سن1289هه / 1872ع ۾ وفات ڪئي ۽ سندس مزار ڪوٽڙيءَ ۾ ماڻهن لاءِ زيارت گاهه آهي.

قاضي عبدالرحمٰن صاحب جو هڪ فرزند قاضي ميون عبدالباقي نالي وڏو عالم، فاضل ٿي گذريو آهي. هن به پنهنجي والد وانگر درس تدريس جو ڪم جاري رکيو. هن بزرگ 23 صفر 1302هه ۾ وفات ڪئي. هن خاندان جو هڪ ٻيو بزرگ قاضي عبدالرحمٰن صاحب جو ڀائٽيو خليفو حاجي نور محمد ٿيو، جنهن 27 رمضان سن1301هه ۾ وفات ڪئي. ان جي پٽ قاضي حاجي عبدالڪريم هو (وفات 29 ذوالقعد سن1378هه) مٽيارين ۾ تعليم ورتي ۽ خلافت تحريڪ ڪميٽي جو ناظم هو ۽ ڪوٽڙي ميونسپالٽيءَ جو ميمبر به هو. هن خاندان جو هڪ ٻيو معزز بزرگ قاضي يار محمد صاحب، پنجاهه سال اڳ فوت ٿي ويو، اهو مجسٽريٽيءَ جي عهدي تي فائز هو. هاڻوڪو قاضي يار محمد اسسٽنٽ پروفيسر سنڌ يونيورسٽي، انهيءَ مٿئين قاضي يار محمد جو پوٽو آهي.(1)


 


(1)   Sir, Goorge Clarks, Minute, 24 April 1848. P.P. (H.C) 1854 Vol: XLIX Part, I, Para 68

(2)   Captain Stack after Heaving remained Deputy Collector Was put in Charge of Jagira till his death in December 1853

(3)   Richard F. Burton Served as an officer in the Canal Department Under Major W.S. Scott.

(4)   Anderson to Captain Young, 19 July 1848, Bombay Coneral Pro Ceedings: 1849, R. 350 Vol: 25, PP-59-64

(1)   Burton, Memo of 2nd may 1848

(2)   Ellis Report Para 13.

(1)   The standard of Teaching in these schools was very low, Ellis says at on of the main Bania Schools: “The mode too in which the pupils are instructed is certainly not in accordance to any orthodox system of tutain, as may be inferred from the fact that the chief school of this description in kurrachee is taught by a master who understands no written language, morely punishes while the boys teach one antother.” The School had seventy students, more than any other at Karachi.

(2)   Ellis Roport, Para 17

(1)   Ellis Report, Para 23

(2)   Burton Memo, Opcit.

(3)   Ibid

(4)   Shousing the number of schools in sind in 1852, APPA

(5)   Ellis Report Para 5

(1)   Ibid Para 6

(1)   سالانه روئداد مدرسه مظهر العلوم عربيہ ولهيٽ، عمر ڪوٽ ص ص 4-11

(1)   مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي ”الرحيم، 1965ع، ص108

(1)   مقدمہ مصلح المفتاح، 42-43

(2)   افسوس جو ڪوشش جي باوجود درسگاهه جي قائم ٿيڻ جو سال ۽ وڌيڪ احوال ملي نه سگهيو. مختلف ڪتابن موجب چوٽياريون ميرن جي دور جو آباد ڪرايل شهر هو، پر درسگاهه جي لحاظ کان انگريزي جي اوائلي دور ۾ وڏي اوج تي هو.

(3)   مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، تاريخ 4 آگسٽ 1970ع، ريڊيو پاڪستان، حيدرآباد

(1)   مهراڻ رسالو، 3، 4، 1957ع ص55

(2)   راقم کي اهو احوال مهرباني طور ميان قاضي فتح رسول نظاماڻي ٽنڊي قيصر واري کان موصول ٿيو.

(1)   پروفيسر حامد علي قريشي خانواهڻي جي ذريعي معلوم ٿيو ته مولانا قاضي ميان محمد قريشي خانواهڻي سندس قريبي عزيز هو. کيس سڄو مٿيون احوال پنهنجي وڏن کان ئي مليو. (الرحيم 1968ع ص50

(1)   بحوالہ پروفيسر قاضي يار محمد سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو سنڌ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org