سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو

باب؛ 1

صفحو؛ 16

ملٽري ۽ پوليس جي ظلم ۽ ستم جي ڪري ماڻهن ڳوٺ مان لڏپلاڻ شروع ڪئي. ڪن سنڌ جي ٻين علائقن ڏانهن وڃڻ شروع ڪيو ۽ ڪن شهرن ڏانهن رخ رکيو.  ”جيڪي شهرن جي ويجهو هئا، اهي شهرن ۾ وڃي ويٺا، مگر پوليس اتي به پنهنجو ظلم روا رکيو. فقيرن جون نوجوان عورتون پوليس عمدارن ۽ ٻين ماڻهن پنهنجن گهرن ۾ بنا نڪاح جي وهاري ڇڏيون. ڪيترن سان ته نڪاح به پئجي ويا. جيڪڏهن ڪو جماعت وارو فرياد ڪرڻ ويندو هو ته انکي به جيل ۾ بند ڪيو ويندو هو.(2) حرن جي سخت ڪاررواين کان تنگ ٿي جڏهن جيل به ڀرجي ويا ته حرن جي نظربنديءَ لاءِ خاص لوڙها ٺهرايا ويا. جن ۾ مرد ۽ عورتون نظربند رکيون وينديون هيون. ”لوڙهن ۾ اهو دستور هو ته صرف عورتون لوڙهي کان ٻاهر به پاس وٺي وينديون هيون.(3) پير صاحب جي سزاءِ موت تي عملدرآمد ٿيڻ بعد حڪومت جيڪا رپورٽ موڪلي، تنهن ۾ چيو ويو ته ”جيڪي اطلاع موصول ٿيا آهن، جيڪي رقم ۽ هٿيار هئا، انهن جي ڳولا لاءِ ڇاپا هنيا ويا تن مان هيٺيان نتيجا نڪتا آهن.

        هڪ وڏو مقدار سون ۽ چاندي جو، بمع ٻه لک چانديءَ جي سڪن سميت پير ڪوٽ، پير ڳوٺ مان هٿ آيا. اٽڪل 44 رائيفلون ۽ بندوقون، 14 مختلف قسمن جا ريوالور، ريگستان جي علائقي مان هٿ آيا. انهن سڀني شين کي امپريل بئنڪ حيدآباد ۾ جمع ڪيو ويو آهي.(1)

        حر تحريڪ ۾ حرن جو  ٿيل نقصان کان حڪومت جو گهڻو نقصان ٿيو. حڪومت کي مالي طور ڪروڙها رپين جو نقصان پهتو. ملٽري ۾ زياده تر مسلمان فوجي هئا، جن جو تعلق پنجاب سان هو ۽ گهڻا پوليس آفيسر به پنجاب سان تعلق رکندڙ هئا جن حڪومت سان وفاداري ڏيکاري.(2)

”جن پوليس عملدارن حر تحريڪ کي ڪچلڻ ۾ سر جوشيءَ سان حڪومت جو ساٿ ڏنو تن ۾ مکيه عملدار هيٺيان هئا.

1.                  خان صاحب محمد عثمان جمالي پوليس انسپيڪٽر. 2 خان صاحب محمد صالح ڏهراج پوليس انسپيڪٽر (سندس سئوٽ کي قتل ڪيو ويو ۽ کيس ٽنگ ۾ گولي لڳي ۽ ٽنگ ڪٽجي ويئي) 3. محمد شريف خان پوليس انسپيڪٽر (حرن مٿس ٻه دفعا حملو ڪيو مگر بچي ويو) 4. ناصر علي خواجه پوليس سپرنٽينڊنٽ 5. محمد رحيم قريشي ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ پوليس 6. خان صاحب محمد حسين پاٽولي سپرنٽينڊنٽ پوليس 7. صوبيدار غلام نبي ڪلوئي (حرن هٿان قتل ٿيو) 8. موسيٰ شاهه پوليس 10. صوبيدار راجا ڪرم الاهي 11. محمد بخش پٺاڻ پوليس انسپيڪٽر (هن جي ڳوٺ زرخيل تعلقي شڪارپور ۾ ڌاڙو لڳو پر هو پاڻ بچي ويو).

مکيه اڳواڻ انهن ٽولن جا اڳواڻ هئا. جن سنڌ جي مختلف حصن ۾ حڪومت سان مقابلا ڪيا.

1. الهه بچايو خاصخيلي 2. ميوو نظاماڻي 3. ڦوٽو چانگ 4. مٽو خاصخيلي 5. دوست راڄڙ (هن ٽولي تي سرڪار بمباري ڪئي) 6. رحيم هنڱورو 7. ڀليو خاصخيلي 8. گلو وساڻ 9. عبل مهڪاڻي 10. الهه ڏنو خاصخيلي (ججو جرنيل) رحيم هنڱوري سان گڏ سندس زال مردانه ڪپڙا پائي پوليس ۽ ملٽريءَ سان مقابلو ڪيو. هي عورت تمام هوشيار نشاني باز ۽ نهايت دلير عورت هئي.(1)

جڏهن بچو (الهه بچايو) جي ٽولي ڪارروايون ڪرڻ شروع ڪيون ته هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو ته ”حڪومت 13 مئي 1944ع وارن سخت ڌاڙن کي روڪڻ لاءِ وقتائتا قلم کنيا. مگر ناڪامي ٿي. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته پهرئين هن ٽولي ۾ ٻارنهن ڌاڙيل هئا، جن مان ٻه پنهنجن ساٿين هٿان مارجي ويا، باقي ڏهه، جن جا نالا مسٽر ليوڪس ڏنا آهن سي آخر دم تائين بچو سان گڏ هئا. (2)

حُرن جي ڪارروائي دوران حڪومت جو ٿيل نقصان

فوج                            پوليس

1942ع

ماريا ويا

زخمي ٿيا

ماريا ويا

زخمي ٿيا

اغوا ٿيا

جولاءِ

2

3

2

-

1

آگسٽ

-

2

-

1

2

سيپٽمبر

-

-

1

-

2

1943ع

 

 

 

 

 

فيبروري

1

1

-

-

-

مارچ

-

1

-

1

-

ٽوٽل

2

7

3

2

5 (1)

 

ملٽري ڪارروائي ۾ حرن جو ٿيل نقصان

1942ع

ماريا ويا

زخمي ٿيا

جون

8

4

جولاءِ

20

6

آگسٽ

33

9

سيپٽمبر

3

38

آڪٽوبر

-

1

نومبر

5

3

ڊسمبر

3

5

1943ع

 

 

جنوري

6

4

فيبروري

5

-

مارچ

1

-

اپريل

-

1

ٽوٽل

89

71 (2)

سمري ملٽري ڪورٽ طرفان ڏنل سزائون 43 – 1942ع

بي ڏوهي ثابت ٿيا

1 سال کان گهٽ سزا

1 کان 5 سال سزا

5 کان 10 سال سزا

7 سال سزا

14 سال سزا

تاحيات سزا

موت سزا

 

جون

5

1

5

1

-

-

-

29

جولاءِ

12

9

31

10

-

-

3

33

آگسٽ

14

3

51

12

-

5

2

4

سيپٽمبر

11

2

10

10

-

4

-

6

آڪٽوبر

14

1

19

6

-

1

-

4

نومبر

11

-

16

6

-

-

-

-

ڊسمبر

16

-

-

8

1

-

5

4

1943ع

 

 

 

 

 

 

 

 

جنوري

15

1

11

4

-

-

-

-

فيبروري

8

-

8

3

-

1

-

8

مارچ

3

-

-

4

-

-

-

1

اپريل

5

1

-

4

-

-

-

18

مئي

1

-

-

-

-

-

-

-

ٽوٽل

115

18

152

67

1

11

11

107

ڪل تعداد 482 باقي اڃا به 11 ماڻهو زير سماعت آهن.(1)

        هن تحريڪ ۾ حڪومت جو نقصان ٿيو پر عوام جو زبردست نقصان ٿيو، حر سڏائڻ وڏو ڏوهه هو تاهم، حرن تختدار تي پهچڻ وقت به ”ڀيڄ پاڳاره“ جي نعري سان موت کي ڀاڪر ٿي پاتو. هي تحريڪ غيرمنظم طريقي سان هلائي ويئي، افرادي قوت پڻ گهٽ هئي ۽ ان سان گڏ بارود وغيره جي ڪمي هئي. عوام جي ڀرپور حمايت ڪا نه هئي، ڇاڪاڻ ته هي تحريڪ صرف هڪ طبقي جي طرفان  شخصي اقتدار حاصل ڪرڻ خاطر منظم ڪئي ويئي هئي، جنهن ۾ سنڌ جي عوام جي وڏي اڪثريت شامل نه هئي، نتيجي طور حر تحريڪ سخت نقصان سهڻ بعد ناڪام ٿي.

 

باب اٺون

 

غلام حسين جي وزارت خلاف عدم اعتماد جو ووٽ

        تاريخ 14 مئي 1943ع تي سنڌ جي سابق وزيراعظم الهه بخش سومري کي جيڪب آباد ۾ قتل ڪيو ويو، سپيٽمبر 1943ع ۾ سنڌ جي هڪ وزير محمد ايوب کهڙي کي استعيفيٰ ڏياري الهه بخش سومري جي خون جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو. سنڌ وزارت ۾ وزير جي جاءِ خالي ٿيڻ سبب تاريخ 13، نومبر 1944ع تي سنڌ وزارت ۾ به وڌيڪ وزير کنيا ويا، هڪ مير غلام علي ٽالپر ۽ ٻيو راجا ٿامس. هي وزارت مسلم ليگ جي حمايتي هئي ۽ ان جي مڪمل حمايت سان ڪافي عرصي تائين هلي.

        سال 1945ع ۾ سنڌ مسلم ليگ جي سالياني چونڊ ٿي جنهن ۾ هيٺيان عهديدار سال 1945ع لاءِ نامزد ڪيا ويا.

سنڌ مسلم ليگ جا عهديدار:

صدر:                   جي.ايم.سيد

جنرل سيڪريٽري:     سيد غلام حيدر شاهه

ڪاروباري ڪاميٽي جا ميمبر:

سيد پير محمد شاهه، سيد حسن بخش شاهه، سيد خير شاهه، آغا غلام نبي پٺاڻ، ايم اي حافظ، جي الانا، رئيس شهمير خان، غلام محمد خان اسراڻ، محمود، پير غلام مرتضيٰ سرهندي.(1) حڪومت سنڌ مسلم ليگ جي جلسن سڏائڻ تي پابندي وڌي. تايخ 8، جنوري 1945ع ۾ الحاج محمد هاشم گذدر وزارت تان استعيفيٰ ڏني ۽ سنڌ اسيمبلي اندر وزارتن تان رسه ڪشي شروع ٿي ويئي. سنڌ مسلم ليگ جي صدر جي.ايم.سيد ۽ سنڌ جي وزيراعظم غلام حسين هدايت الله جي وچ ۾ اختلاف پيدا ٿيا. غلام حسين هدايت الله کي خطرو هو ته جيڪڏهن سنڌ اسيمبلي جو اجلاس گهرايو ويندو ته وزارت جي خلاف عدم اعتماد جي رٿ آندي ويندي. ”21 فيبروري 1945ع ۾ سنڌ مسلم ليگ اسيمبلي پارٽي جي ميٽنگ صبح جو 11 بجي وزيراعظم سر غلام حسين جي چيمبر ۾ ٿي، ليگ پارٽيءَ جي 22 ميمبرن مان 18 ميمبر ميٽنگ ۾ حاضر هئا. سر غلام حسين جي قيادت ۾ ٺهراءُ پاس ڪيو ويو.(1) تاريخ 24 فيبروري 1945ع تي سر غلام حسين جي مسلم ليگ وزارت، مسلم ليگ جي ميمبرن هٿان جنرل ايڊمنسٽريشن جي سپليمينٽري گرانٽ ۾ شيخ عبدالمجيد صاحب جي هڪ رپيا ڪتر واري رٿ جي پاس ٿيڻ تي شڪست کاڌي. 25 ميمبرن رٿ جي فائدي ۾ ۽ 19 ميمبرن مخالفت ۾ ووٽ ڏنو، مسلم ليگ  پارٽي جي 14 ميمبرن، هندو پارٽي جي (ستن ميمبرن) شيخ پارٽي (چئن ميمبرن) رٿ جي فائدي ۾ ووٽ ڪيو. ڪتر جي رٿ پاس ٿيڻ کانپوءِ سنڌ جي گورنر سر هيوڊو گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ جي 62 سيڪشن جي سب سيڪشن (2) صوبائي اسيمبليءَ جو اجلاس اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. شيخ عبدالمجيد پنهنجي ڪتر جي رٿ تي تقرير ڪندي سرڪار جي ڪاروبار تي سخت نڪته چيني ڪئي ۽ هيءَ ڳالهه صاف ڪيائين ته هي رٿ سرڪار تي بي اعتمادي جي رٿ برابر آهي.(2) اتي سنڌ صوبه مسلم ليگ جي صدر مسٽر جي.ايم.سيد اٿي اعلان ڪيو ته مون کي  گذريل رات مسلم ليگ جي اسيمبلي پارٽيءَ کان درخواست پهتي آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اسان جو پارٽي ليڊر سر غلام حسين تي اعتماد نه رهيو آهي، تنهن ڪري اسان ان جي خلاف ووٽ ڪنداسين. سر غلام حسين چيو ته مون سان دغابازي ڪئي ويئي آهي. اڃا تازو ٽيون ڏينهن پارٽي ميمبرن مون تي اعتماد جو ٺهراءُ پاس ڪيو هو ۽ خاطري ڏني هئي ته هو مون سان بجيٽ ۽ گرانٽ تي ساٿ ڏيندا، هينئر اوچتو ئي اوچتو هي سازش سٽي وئي آهي ۽ منهنجي برخلاف ووٽ ڪيو وڃي ٿو. هيءُ ظاهر ظهور غداري آهي. جيڪڏهن انهيءَ قسم جون دغابازيون، غداريون چالو رهيون ته سنڌ نون سڌارن ماڻڻ جي حقدار نه ٿي سگهندي! مسٽر نهچلداس وزيراڻي ڪتر واري رٿ جي تائيد ڪندي، هن ڳالهه کي ورجايو ته هي رٿ بي اعتمادي جي رٿ جي برابر آهي. جنهن صورت ۾ سر غلام حسين هندو پارٽيءَ جو حق تسليم نه ڪيو، انهيءَ ڪري اسان اڳ ۾ ئي مخالفت ۾ هئاسون ۽ هينئر هن ڪتر جي رٿ جي تائيد ڪريون ٿا.

        مسٽر محمد امين کوسي رٿ جي مخالفت ڪندي چيو ته جن ماڻهن جو وجود ئي دغابازي آهي تن کان پبلڪ جي ڀلائيءَ جي ڪهڙي اميد رکي سگهجي ٿي. هنن کي نه اصول آهي ۽ نه ئي صبر آهي. هينئر هو خاص مقصدن جي بنياد تي سر غلام حسين جا مخالف ٿي بيٺا آهن.

        اهڙن ماڻهن سان شيخ (عبدالمجيد) صاحب کي جيڪو بااصول انسان آهي شريڪ ٿيڻ نه گهرجي. اهي ماڻهو ٻن ٻن ڪلاڪن کانپوءِ ويس بدلائين ٿا، اهي ساڻس به اوترو ئي وفادار رهندا جيترو سر غلام حسين سان هليا آهن. هنن کي جيڪڏهن پاڻي جون سهولتون مليون، خطاب مليا ته يڪدم اوڏانهن هليا ويندا. رٿ تي  ووٽنگ ٿي ته رٿ جي فائدي ۾، 1. شيخ عبدالمجيد 2. مسٽر مولا بخش 3. پيرزاده عبدالستار 4. وڏيرو محمد عثمان 5. مسٽر جي.ايم.سيد 6. مسٽر محمد هاشم گذدر 7. سيد محمد علي شاهه 8. نواب محمد خان چانڊيو 9. نواب امير علي لاهوري 10. نواب جان محمد خان 11. سيد غلام نبي شاهه 12. خانبهادر غلام محمد خان اسراڻ 13. خان صاحب سهراب خان سرڪي 14. رئيس رسول بخش انڙ 15. پير غلام حيدر شاهه آف بلڙي 16. سردار علي گوهر خان 17. سيد خير شاهه 18. سردار قيصر خان 19. مسٽر نهچلداس 20. پرتابراءِ 21. راءِ بهادر هوت چند 22. سيٺ دولترام 23. سيٺ گهنو مل 24. مکي گوبند رام 25. مسٽر تاوا منبر.

جملي 25 ميمبرن ووٽ ڪيو. رٿ جي خلاف هيٺين ماڻهن ووٽ ڪيو.

1. سر غلام حسين. 2 خان بهادر مير غلام علي ٽالپر 3. پير الاهي بخش 4. راءِ صاحب گوڪلداس 5. ڊاڪٽر هوتچند 6. مسٽر الانا 7. محمد يوسف چانڊيو 8. سيٺ لولو مل 9. سيد نور محمد شاهه 10. ڪرنل هوزڪ 11. مسٽر فريزر 12. سردار جعفر خان بليدي 13. سردار مير الهداد خان 14. سردار بهادر مير حسين بخش 15. مير بنده علي خان  ٽالپر 16. محمد امين کوسو 17. شمس الدين خان پٺاڻ 18. ديوان ڏيئل مل 19. ٽڪر جي جملي 19. ميمبرن ووٽ ڪيو. پارليامينٽري سيڪريٽري خان بهادر گبول ووٽنگ هلندي رفوچڪر ٿي ويو ۽ اسپيڪر کي گورنر وٽان حڪم مليو ته اجلاس کي اڻڄاڻايل مدي لاءِ ملتوي ڪيو وڃي.

جناح ۽ جي.ايم.سيد جا اختلاف

        مسلم ليگ جي صدر جي.ايم.سيد، وزارت جي شڪست بعد قائداعظم محمد علي جناح ۽ نوابزاده لياقت علي خان ڏانهن تار موڪلي، کين ٻڌايو ته سنڌ اسيمبلي جي مسلم ليگ پارٽيءَ جي 28 ميمبرن مان 15 ميمبرن لکيل تقاضا ڪئي آهي ته موجوده وزارت هلندڙ اجلاس ۾ ئي ڊهڻ گهرجي. انهيءَ طلب ۽ فيصلي موجب جنرل ايڊمنسٽريشن جي سپليمينٽري گرانٽ ۾ هڪ روپيو ڪتر جي رٿ آندي ويئي، چوڏهن مسلم ليگي ميمبرن رٿ جي فائدي ۾ مسلم ليگي ميمبرن خلاف ووٽ ڪيو.(1) قائداعظم محمد علي جناح کي جي.ايم.سيد، صدر سنڌ مسلم ليگ جي طرفان تار پهتي، ان جي جواب ۾ قائداعظم کيس تار رستي جواب موڪليو ته ”توهان جون 24 ۽ 27 فيبروري 1945ع واريون تارون پهتيون، نهايت افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته توهين پاڻ قبول ٿا ڪريو ته اوهان غيرقانوني طريقا اختيار ڪيا آهن. توهين اڻ سهائيندڙ منصوبا بازين ۾ شامل ٿي دشمنن جي هٿ ۾ رانديڪو بنيا آهيو. توهان پنهنجي اڳواڻ ۽  پارٽي جي خلاف غداري ڪئي آهي. ان طرح توهان اسان جي مقصد ۽ مسلم ليگ جي عزت ۽ شان کي سخت ڌڪ هنيو آهي، توهان گهوٽالو پيدا ڪيو آهي. پارٽيءَ جو انتظام ڀڳو آهي، پارٽيءَ ۾ نفاق وڌو آهي ۽ مسلم ليگ جماعت جي عزت کي نقصان رسايو آهي. اهو سڀ ڪجهه توهان بمبئيءَ ۾ اسان جي ڪيل ڳالهين جي خاتمي تي مون کي خاطريون ڏنيون هيون، انهن جي خلاف ورزي ڪري، منهنجي ڏنل صلاحن کي نظرانداز ڪيو آهي. توهان عمل ڪميٽي (مرڪزي پارليامينٽري بورڊ، مسلم ليگ جي سڄي نظام، جماعت جي قوانين ۽ ضوابط کي نظرانداز ڪري ڇڏيو، جن جي وسيلي اوهين پنهنجي جائز شڪايتن کي دور ڪرائي سگهيا ٿي. توهان غلط رستو اختيار ڪري اهي طريقا ورتا آهن، جيڪي ظاهر آهي ته مسلم ليگ جي جماعت جي بنيادي نظام ۽ سندس نصب العين کي نقصان پهچائيندا! توهان جو اختيار ڪيل طرز عمل نهايت بي مناسب مسلم قوم جي مفاد خواه مسلم ليگ جماعت جي لاءِ نقصانڪار آهي. ان کان پوءِ اوهان کي ڪنهن قسم جون هدايتون يا صلاحون ڏيڻ بلڪل بي معنيٰ ٿينديون۔ (1)

        ”سنڌ مسلم ليگ جي صدر جي.ايم.سيد جو رايو هو ته مسلم ليگ وزارت تي مسلم ليگ جماعت جو اقتدار رهي ۽ سنڌ وزارت مسلم ليگ جي پاليسي ۽ اصول مطابق هلي. سنڌ جو وزيراعظم غلام حسين هدايت الله پنهنجي مرضي موجب ڪم ڪندو هو. ان جي پاليسين تي مسلم ليگ جو صدر نڪته چيني ڪندو هو. سنڌ وزارت جي ڪارڪردگي جي رپورٽ آل انڊيا مسلم ليگ کي موڪليندو هو. جي.ايم.سيد ۽ غلام حسين هدايت الله جي سياسي اختلافن، ذاتي اختلافن جي صورت اختيار ڪئي. غلام حسين هدايت الله  جي وزارت خلاف عدم اعتماد جي رٿ آڻڻ سبب، جي.ايم.سيد ۽ آل انڊيا مسلم ليگ جا تعلقات خراب ٿي ويا. آل انڊيا مسلم ليگ غلام حسين وزارت جي حمايت ۾ هئي. (2)

        سال 1945ع ۾ مرڪزي اسيمبلي جون چونڊون ٿيون. آل انڊيا مسلم ليگ مرڪزي اسيمبليءَ لاءِ يوسف هارون کي ٽڪيٽ ڏني. جي.ايم.سيد گروپ جنهن جو سنڌ وزارت ۽ آل انڊيا مسلم ليگ سان اختلاف هئا، تنهن يوسف هارون جي خلاف پير علي محمد شاهه راشدي کي مقابلي لاءِ بيهاريو، مگر مسلم ليگ جي  بيهاريل اميدوار يوسف هارون وڏي اڪثريت سان علي محمد شاهه راشدي کي شڪست ڏني.

 

جنوري 1946ع جي اليڪشن

        آل انڊيا مسلم ليگ، سنڌ مسلم ليگ جي عهديدارن جي نئين سر تنظيم ڪئي ۽ هيٺيان عهديدار نامزد ڪيا ويا:

        صدر:                  يوسف هارون

        جنرل سيڪريٽري:     آغا غلام نبي پٺاڻ

        مرڪزي اسيمبلي ۾ مسلم ليگ کي ڪاميابي ٿي. جنوري 1946ع ۾ صوبائي اسيمبليءَ جون چونڊون ٿيڻ واريون هيون، سنڌ ۾ مسلم ليگ پارليامينٽري بورڊ قائم ڪيو ويو، جيڪو ايندڙ اليڪشن لاءِ مسلم ليگ جي اميدوارن کي پارٽيءَ جي ٽڪيٽ ڏيڻا هئا. سنڌ مسلم ليگ پارليامينٽري بورڊ تي هيٺيان ميمبر هئا.

        جي.ايم.سيد، غلام حسين هدايت الله، مير غلام علي خان ٽالپر، پير الاهي بخش، محمد ايوب کهڙو، سيد خير شاهه، آغا غلام نبي پٺاڻ، سيد محمد علي شاهه ۽ غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي.

        سنڌ پارليامينٽري بورڊ ايندڙ چونڊن لاءِ اسيمبلي اميدوارن کان درخواستون گهرايون. پارليامينٽري بورڊ کي 30 جاين لاءِ 70 درخواستون پهتيون. تاريخ 14 آڪٽوبر 1945ع تي سنڌ صوبائي مسلم ليگ جي ميٽنگ ٿي، جنهن ۾ سنڌ پارليامينٽري بورڊ پنهنجن سفارشن سان گڏ مرڪزي پارليامينٽري بورڊ کي ٽڪيٽون ڏيڻ لاءِ چيو؛ ڇاڪاڻ ته مرڪزي ورڪنگ ڪاميٽي گهڻي ۾ گهڻا اختيارات مرڪزي پارليامينٽري بورڊ کي ڏنا هئا. ڪنهن به صوبي جي پارٽي اختلافن کي مرڪزي مسلم ليگ حل ڪرڻ جي مجاز هئي.(1) سنڌ اسيمبلي جي اميدوارن جون درخواستون تمام وڏي تعداد ۾ پهتيون. سنڌ ۾ مسلم ليگ جا ٻه گروپ هئا. سيد گروپ ۽ غلام حسين هدايت الله گروپ. هر گروپ جي ڪوشش هئي ته سندس گروپ جي اميدوارن کي ٽڪيٽون ملڻ گهرجن.  ”سنڌ ۾ سياسي فضا تمام ڪمزور هئي جي.ايم.سيد، سر غلام حسين هدايت الله تي اقرباپروري جا الزام لڳايا ۽ ان جو سخت مخالف ٿي بيٺو. قائداعظم محمد علي جناح کي خطرو هو ته سنڌ ۾ اهڙي صورت ۾ ڪا به تبديلي مسلم ليگ لاءِ وڏي نقصانڪار ثابت ٿيندي.(2)  مرڪزي پارليامينٽري بورڊ، سنڌ پارليامينٽري بورڊ جي مشوري کان سواءِ پنهنجي مرضي موجب ٽڪيٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو.

        مرڪزي پارليامينٽري بورڊ جو اهو غيرمناسب قدم هو. سنڌ مسلم ليگ کي نظرانداز ڪري رڳو وزارت ۾ برسر اقتدار ماڻهن جي چوڻ سان ٽڪيٽون ڏنيون ۽ سنڌ مسلم ليگ جي عهديدارن ۽ پارليامينٽري بورڊ جي ميمبرن جي مشورن کي نظرانداز ڪيو ويو.

        ”مرڪزي اسيمبلي ۾ مسلم ليگ کي سئو سيڪڙو ڪاميابي ٿي هئي، جنهن موجب 11 جنوري 1946ع جو ڏينهن ”يوم فتح“ طور ملهايو ويو. سنڌ مسلم ليگ جي عارضي صدر محمد هاشم گذدر جي طرفان سنڌ جي مسلمانن کي اپيل ڪئي ويئي ته هو ايندڙ صوبائي اسيمبلي جي چونڊن ۾ مسلم ليگ اميدوارن جي حمايت ڪن.(3) هي ڏينهن انهيءَ ڪري ملهايو ويو، جيئن مسلمان اهو يقين ڪن ته ايندڙ چونڊن ۾ به مسلم ليگ ڪامياب ٿيندي جيئن مسلمانن جي عام راءِ مسلم ليگ جي حمايت ۾ ٿئي.

مسلم ليگ جي پروپئگنڊه

        تاريخ 11 جنوري جمع جو ڏينهن ”يوم فتح“ پوري سنڌ ۾ جلسا جلوس ڪڍي ملهايو ويو. اهڙو هڪ جلسه ڪراچيءَ ۾ منعقد ٿيو. ”تاريخ 11 جنوري 1946ع ۾ جمع جي ڏينهن هڪ وڏو جلوس نواب صديق علي سالار اعظم آل انڊيا مسلم ليگ نيشنل گارڊ جي اڳواڻي هيٺ ڪراچيءَ ۾ نڪتو، جنهن ۾ 500 سائيڪل سوار، اٺ گاڏيون ۽ بسون ماڻهن سان ڀريل هيون. هي جلوس سنڌ مسلم ڪاليج ڪراچيءَ تائين آيو، جتي ڪاليج جي عمارت مٿان پاڪستان جو جهنڊو کوڙيوويو. جلوس ڪراچيءَ جي وڏن روڊن جهڙوڪ فريئر روڊ، وڪٽوريا روڊ، بندر روڊ، رنڇوڙ لائين، ڪلان ڪوٽ، چاڪيواڙه ۽ نيپيئر روڊ کان ٿيندو عيدگاهه ميدان تي پهتو. عيدگاهه ميدان تي عام جلسو منعقد ٿيو، جتي مسلم ليگ ۽ پاڪستان جي حمايت ۾ تقريرون ڪيون ويون. (1)

        ”تاريخ 4، جنوري 1946ع تي جي.ايم.سيد کي سنڌ مسلم ليگ جي صدارت ۽ آل انڊيا مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي ميمبري تان خارج ڪيو ويو ۽ مسلم ليگ جي صدارت عارضي طور محمد هاشم گذدر کي ڏني ويئي.(2) آل انڊيا ايڪشن ڪاميٽي ۽ آل انڊيا مسلم ليگ مان هيٺين ميمبرن جي ميمبرشپ ختم ڪئي وئي. ڇاڪاڻ ته انهن مسلم ليگ جي اميدوارن جي مقابلي ۾ نامينيشن فارم ڀريا هئا. جهڙوڪ:

        سيد محمد علي شاهه، پير قربان علي شاهه، خانبهادر گبول، غلام حيدر شاهه، غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي، پير غلام حيدر شاهه ۽ بيگم دائودپوٽه (3) سنڌ اليڪشن ڪاميٽي جي ٻيهر تنظيم ڪئي وئي ۽ هيٺيان ماڻهو سنڌ مسلم ليگ ايڪشن ڪاميٽيءَ تي مقرر ڪيا ويا: محمد ايوب کهڙو- آغا غلام پٺاڻ، مير غلام علي ٽالپر ۽ يوسف هارون، حاتم علوي، محمد هاشم گذدر.

        مسلم ليگ جو اليڪشن ورڪ تمام زور شور سان شروع ڪيو ويو. سنڌ جي مسلمان شاگردن جا جٿا ٺاهي مسلم ليگي اميدوارن جي حمايت ۾ پرچار ڪرڻ لاءِ موڪليا ويا. مسلم ليگ پاڪستان جي نعري تي چونڊن ۾ حصو ورتو. سنڌ ۾ راءِ عامه کي هموار ڪرڻ لاءِ اشتهار ڇپرايا ويا ۽ اسلام جي نالي تي مسلمانن جي جذبات کي اڀاريو ويو. شاعرن مسلم ليگ ۽ پاڪستان جي حمايت ۾ شعر چيا.


(2)  ملهار فقير، پنهنجون پچارون، سانگهڙ، ملهار فقير 1959ع ص - 45

(3)  ملهار فقير، تاريخ حريت، نوابشاهه، ملهار فقير 1959ع ص - 61

(1)  Confidencial Report Hur Martlai Law 1940 - 43

(2)  مسٽر عزيز الله قريشي، رٽائرڊ پوليس انسپيڪٽر، حيدرآباد کان مصنف جو انٽرويو

(1)  حاجي رحيم داد خاصخيلي رٽائرڊ پوليس انسپيڪٽر کان مصنف جو ورتل انٽرويو.

(2)  ڊاڪٽر حميده کهڙو، ڳيچين سندا ڳچ، حيدرآباد، لطيف اڪيڊمي، 1981ع ص - 87

(1) Confidential Report of Hur Marial Law 1940, 43

(2) Confidential Report of Hur Marial Law 1940 - 43

(1)  Confidential Report of Hur Martial Law 1942 - 43

(1)  روزانه الوحيد ڪراچي

(1)  روزانه الوحيد ڪراچي، فيبروري 22، 1945ع

(2)  روزانه الوحيد ڪراچي، 25 فيبروري 1944ع.

(1)  روزانه الوحيد ڪراچي، فيبروري 25، 1945ع.

(1)  روزانه الوحيد ڪراچي، مارچ 1، 1945ع.

(2)  حافظ خير محمد اوحدي، جهونو صحافي ۽ آفيس سيڪريٽري سنڌ مسلم ليگ (1946ع) کان مصنف جو ورتل انٽرويو.

(1)  حافظ خير محمد اوحدي، جهونو صحافي ۽ آفيس سيڪريٽري سنڌ مسلم ليگ ڪراچي کان مصنف ورتل انٽرويو

(2) Choudhry Khaliq-u-Zaman Path way to Pakistan Lonk Law 1961 P: 333

(3)  روزانه الوحيد ڪراچي، جنوري 11، 1946ع.

(1)  روزانه الوحيد ڪراچي، ڊسمبر 1946ع.

(2)  روزانه الوحيد ڪراچي، جنوري 1946ع.

(3)  روزانه الوحيد ڪراچي ڊسمبر 25، 1934ع.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org