سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو

باب؛ 1

صفحو؛ 5

سنڌ مسلم جماعت

        سنڌ مسلم جماعت سر غلام حسين هدايت الله جي ڪوششن سان 19 آگسٽ 1936ع تي ٺهي، هن جماعت جو نصب العين سنڌ جي سياست ۾ حصو وٺي، سنڌ جي خدمت ڪرڻ هو. 1937ع جي چونڊن لاءِ هن جماعت پنهنجون تياريون ڪرڻ شروع ڪيون، ته جيئن اليڪشن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري حڪومت بڻائجي. هن جماعت جا هيٺيان عهديدار هئا.

        صدر:                  سر غلام حسين هدايت الله

        نائب صدر:            شيخ عبدالمجيد سنڌي

        نائب صدر:            احمد نذير خان صاحب

        جنرل سيڪريٽري:     قاضي خدا بخش (وڪيل)

        خزانچي:               مسٽر يار محمد

ميمبر ورڪنگ ڪاميٽي:

1.                                شاهه محمد ڏونگر 2. غلام دستگير پانڌياڻي 3. شيخ محمد وارث 4. ڊاڪٽر ولي محمد عباسي 5. قاضي عبدالرزاق 6. فتح محمد سيوهاڻي 7. قاضي عبدالرسول وڪيل 8. تاج محمد اوڍور 9. فيروز صاحب نانا وڪيل 10. سعيد علي 11. مولوي حاجي عبدالرحيم 12. عبدالڪريم ٿيگر 13. مسٽر حاجي جاڙو خان.[1]

سنڌ آزاد پارٽي

        سنڌ آزاد پارٽي شيخ عبدالمجيد سنڌي بڻائي هئي. ڇاڪاڻ ته سنڌ آزاد پارٽي سنڌ جي بمبئي کان عليحدگيءَ ۾ نمايان حصو ورتو هو، ۽ سنڌ جي مسلمانن جي راءِ عامه کي هموار ڪيو هو. هر هڪ ڳوٺ ۽ تعلقي ۾ سنڌ آزاد پارٽيءَ جون برانچون اڳ ۾ ئي ڪم ڪري رهيون هيون، هن جماعت جو روح روان شيخ عبدالمجيد سنڌي هو، جيڪو سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي واري تحريڪ ۾ سنڌ جي روزانه اخبار الوحيد جي ڪري سنڌ ۾ مقبول هو. سنڌ آزاد پارٽي پنهنجو سياسي ميدان 1936ع ۾ هموار ڪرڻ شروع ڪيو هو. هن پارٽي جي تبليغ لاءِ هڪ پمفليٽ ڇپايو هو، ان پمفليٽ جو نمونو پيش ڪجي ٿو. جنهن موجب ان پارٽيءَ کي زور وٺائڻ شروع ڪيو.

        ”جيڪڏهن سنڌ جا مسلمان گهرن ٿا ته، سنڌ ۾ حڪومت جي سرشتي کي پنهنجو تعبيدار بڻائين، بي انصافيون ۽ بي داد نگرين کي ٻنجو ڏين، ته پوءِ، انهن تي فرض آهي ته، آزاد پارٽيءَ جي مدد ڪن.

        آزادپارٽيءَ جا اميدوار تڏهن ڪامياب ٿيندا، جڏهن ووٽر کي پارٽيءَ جو پروگرام سمجهايو ويندو.

        انهن ۾ اهو يقين پيدا ڪيو ويندو ته، فقط آزاد پارٽي سندن تڪليف کي دور ڪرڻ لاءِ آزاديءَ سان لڙي سگهندي.

        انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته ووٽرن کي تيار ڪيو وڃي ۽ نفس پرست اميدوارن کان بچايو وڃي.[2] مگر اڳتي هلي شيخ عبدالمجيد غلام حسين هدايت الله واري سنڌ مسلم جماعت جو نائب صدر ٿيو، ۽ جلدي وري الڳ ٿي سنڌ آزاد پارٽيءَ کي منظم ڪرڻ شروع ڪيو.

سنڌ اتحاد پارٽي

        تاريخ 31 آڪٽوبر 1936ع ۾ سر شاهنواز ڀٽو، حاجي عبدالله هارون، غلام حسين هدايت الله ۽ هندن مان راءِ بهادر هوتچند چانڊو مل، مسٽر ريوا چند ٿڌاڻي ۽ ڊينگو مل ٿڌاڻي گڏ ٿي اتحاد پارٽي جو بنياد رکيو، مگر سر غلام حسين ان پارٽيءَ کان جدا ٿي ويو ۽ ساڳي مسلم پوليٽيڪل پارٽي بڻائي. هن پارٽيءَ جا سر شاهنواز ڀٽو ۽  حاجي عبدالله هارون روح روان هئا.

        هن پارٽيءَ جا هيٺيان اڳواڻ هئا.

        ليڊر:                   سر شاهنواز ڀٽو

        ڊپٽي ليڊر:            خانبهادر الهه بخش سومرو [1]

        ڊپٽي ليڊر:            سر عبدالله هارون

1937ع جي صوبائي اليڪشن

        تاريخ 31 جنوري 1937ع ۾ سنڌ صوبائي اسيمبليءَ جون چونڊون منعقد ٿيون. سنڌ ۾ هيٺين سياسي پارٽين چونڊن ۾ حصو ورتو.

1.                  يونائيٽيڊ پارٽي 2. اتحاد پارٽي 3. مسلم پوليٽيڪل پارٽي 4. سنڌ آزاد پارٽي 5. ڪانگريس 6. مزدور 7. هندو ۽ مسلمان آزاد ميمبر.

چونڊن جي مڪمل نتيجي موجب هيٺيان اميدوار ڪامياب ٿيا.

سنڌ صوبائي اليڪشن جو نتيجو

        1937ع جي سنڌ  صوبائي اليڪشن ۾ هيٺيان مسلمان ميمبر ٿيا.

ڪراچي ضلع:

1. محمد عثمان سومرو        2. محمد يوسف چانڊيو

3. پير غلام حيدر شاهه       4. محمد هاشم گذدر

5. الله بخش گبول             6. شيخ عبدالمجيد

7. مسز جينه ٻائي جي الانا.

حيدرآباد ضلعو:

8. ميران محمد شاهه          9. مير غلام الله ٽالپر

10. مير بنده علي ٽالپر       11. مير غلام علي ٽالپر

12. مخدوم غلام حيدر

ٿرپارڪر

13. مير الهداد خان            14. سيد غلام نبي شاهه

15. ارباب توڳاچي

نوابشاهه ضلع:

16. رسول بخش انڙ           17. سيد نور محمد شاهه

18. محمد علي شاهه          19. ڄام جان محمد خان

20. سيد خير شاهه

دادو ضلع:

21. پير الاهي بخش          22. جي.ايم.سيد

23. غلام محمد اسراڻ

لاڙڪاڻو ضلع:

24. محمد ايوب کهڙو        25. امير علي لاهوري

26. محمد خان چانڊيو.

سکر ضلع:

27. قيصر خان بوزدار         28. شمس الدين پٺاڻ

29. عبدالستار اي رحمان پيرزادو30. الهه بخش سومرو

31. رسول بخش شاهه محمد شاهه

جيڪب آباد ضلع:

32. شير محمد بجاراڻي      33. محمد امين کوسو

34. جعفر خان بليدي.

سنڌ زميندار

35. غلام حسين هدايت الله [1]

1937ع جي سنڌ صوبائي اليڪشن ۾ هيٺيان غيرمسلم ميمبر ڪامياب ٿيا.

حيدرآباد ضلعو:

1.پروفيسر ڄيٺا نند 2. مکي گوبند رام 3. گهنو مل تارا چند
4. سيٺ گهنو مل 5. نيرن داس ڇتن مل

ڪراچي ضلع:

6. آر ڪي سڌوا               7. ڊاڪٽر پوپٽ لال

8. نهچل داس

نوابشاهه ضلع:

9. نيول رام                   10. سيٺ هوتو چند

ٿرپارڪر:

11. پرتابراءِ                    12. ٺڪر جي

داد ضلع:

13. جمشيد مهيتا

لاڙڪاڻو ضلع:

14. راءِ صاحب گوڪلداس

سکر ضلع:

15. دولت رام مکنداس       16. هسا رام سندلداس

17. پوڄسنگ گر ڏنو مل     18. ڊاڪٽر پمداڻي

جيڪب آباد ضلع:

19. ڊاڪٽر هيمن داس واگهو مل      20. ايسر داس واهند مل

يورپين:

21. ڊي اين او سليون          22. ڪرنل موهن

هندو عورتون:

23. مس ڄيٺي سپاهلاڻي

واپاري:

24. جي ايڇ رچن

مزدور:

25. نيرن داس بيچر. [1]  [1]

          سنڌ صوبائي اسيمبليءَ ۾ مسلمانن لاءِ 35 جايون مخصوص هيون ۽ 25 جايون غيرمسلمانن لاءِ مخصوص ڪيل هيون. جملي 60 جايون رکيل هيون. هيٺين طرح سنڌ جي سياسي جماعتن جي اڪثريت هئي.

        سنڌ اتحاد پارٽي 18، سنڌ هندو مهاسڀا 11، ڪانگريس
8، مسلم پوليٽيڪل پارٽي 3، مزدور 1، باقي آزاد هندو ۽ مسلمان ڪامياب ٿيا.

        اتحاد پارٽي، اڪثريت واري پارٽي هئي، مگر ان پارٽيءَ جو ليڊر ۽ ڊپٽي ليڊر سر شاهنواز ڀٽو ۽ حاجي عبدالله هارون چونڊن ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا. سنڌ اسيمبليءَ جي پهرئين گڏجاڻي هيرانند جي چيئرمينيءَ هيٺ منعقد ٿي. اسپيڪر جي جاءِ لاءِ به اليڪشن ٿي. اسپيڪر جي چونڊ لاءِ ٽي اميدوار هئا. شيخ عبدالمجيد سنڌي، پير الاهي بخش ۽ ڀوڄ سنگ. پير الاهي بخش، شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي حمايت ۾ اميدواريءَ  تان هٿ کڻي ويو، نتيجه طور ڀوڄ سنگ کي 40 ووٽ مليا ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ کي 18 ووٽ مليا.  [2]

سر غلام حسين هندن کي پنهنجي حمايت ۾ آڻڻ لاءِ کين هڪ جاءِ اسپيڪر ۽ هڪ وزير جي جاءِ ڏيڻ جو يقين ڏياريو، اهڙيءَ طرح ڀوڄ سنگ کي مسلمانن جي هڪ گروهه جي حمايت هئڻ سبب اسپيڪر جي چونڊ ۾ ڪاميابي ٿي. تاريخ 26 اپريل 1937ع ۾ سنڌ اسيمبلي جي جدا جدا پارٽين جي هڪ گڏجاڻي ٿي، سر غلام حسين جي پارٽيءَ ۾ ڪل 36 ميمبر هئا جن مان 24 مسلمان ۽ 12 هندو هئا. انهن سڀني جي هڪ گڏيل پارٽي ٺاهي، ان جو نالو ”ڊيموڪريٽڪ پارٽي“ رکيو ويو. اتحاد پارٽي مان به ڪجهه ميمبر هن پارٽي ۾ شريڪ ٿيا، پارٽي جي تنظيم هيٺينءَ طرح ڪئي ويئي.

        ليڊر:                   سر غلام حسين هدايت الله

        ڊپٽي ليڊر:            مکي گوبند رام

        ڊپٽي ليڊر:            مير بنده علي ٽالپر

        جنرل سيڪريٽري:     محمد ايوب کهڙو

        جنرل سيڪريٽري:     نهچلداس

       جوائنٽ سيڪريٽري:  مير غلام علي ٽالپر

       وهپ: سيد ميران محمد شاهه ۽ نهچلداس.[1]

سنڌ جي پهرئين وزارت

        تاريخ 28 اپريل 1937ع ۾ ڀوڄ سنگ سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر ٿيو، سنڌ جي گورنر يونائيٽيڊ پارٽيءَ جي ليڊر سر غلام حسين هدايت الله کي وزارت بڻائڻ جي دعوت ڏني. سنڌ جي پهرئين وزارت هيٺين طرح ٺهي.

        سر غلام حسين هدايت الله وزيراعظم، خزانه، داخلا، عام انتظام ۽ سياسي امور.

        مکي گوبند رام وزير پوليس ۽ پي ڊبليو ڊي.

        مير بنده علي خان ٽالپر وزير روينيو.

        مکي گوبند رام 18 آڪٽوبر 1937ع تي استعيفا ڏني ۽ سندس جاءِ تي ڊاڪٽر هيمنداس روپچند واڌواڻي کي وزير بڻايو ويو ۽ کيس روينيو، پبلڪ هيلٿ ۽ ميڊيڪل جا کاتا ڏنا ويا.

        مگر جلدي خانبهادر الهه بخش سومرو، سنڌ اسيمبلي اندر پنهنجو هڪ گروپ قائم ڪيو. جنهن ۾ گهڻن مسلمان ميمبرن جو تعاون الهه بخش سان هو ۽ هندو ميمبرن جو ڪافي تعداد پڻ الهه بخش جي سربراهيءَ ۾ گڏ ٿيو. سنڌ ۾ وزارت هندو ميمبرن جي هٿ ۾ رانديڪو هئي، هندو اڪثريت ڊاڪٽر هيمنداس کي وزير ٿيڻ ناپسند ٿي ڪيو، ۽ اهي سر غلام حسين جي وزارت جي مخالفت ڪرڻ لڳا ۽ الهه بخش سومري جي اڳواڻيءَ هيٺ متحد ٿيا. هندو ميمبرن، اخبارن رستي وزارت تي نڪته چيني ڪرڻ شروع ڪئي ۽ الهه بخش جي حمايت ۾ نهچلداس وزيراڻي جي اڳواڻي هيٺ ميٽنگون ٿيون. نتيجي طور سواءِ هڪ وزير ۽ هڪ پارليامينٽري سيڪريٽريءَ جي سڀ هندو ميمبر مخالف بينچن تي وڃي ويٺا، جيتوڻيڪ غلام حسين هدايت الله  جي وزارت ايمانداريءَ سان صوبي جي ترقيءَ لاءِ ڪم ڪري رهي هئي. [1]

        اهي ساڳيا ميمبر، جيڪي مخالف پارٽيءَ سان تعلق رکندا هئا، تن وزارت کي وڌائڻ لاءِ گهر ڪئي، ڇاڪاڻ ته اهي  چاهين پيا ته، محمد ايوب کهڙي کي وزير ڪري کنيو وڃي، انهيءَ مقصد لاءِ ڪراچيءَ ۾ ميٽنگ ٿي، جنهن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي، ميران محمد شاهه، الهه بخش سومرو ۽ جي.ايم.سيد شريڪ ٿيا. هن ميٽنگ ۾ سر غلام حسين کي هڪ ياداشت موڪلي ويئي ته الهه بخش سومرو، محمد ايوب کهڙو ۽ نهچلداس وزيراڻيءَ کي پنهنجي وزارت ۾ کڻي؛ پر گورنر وزارت جي وڌائڻ جي مخالف هو، جنهن ڪري سر غلام حسين ائين نه ڪري سگهيو. نتيجي طور سر غلام حسين جي وزارت کي ڊاهيو ويو ۽ الهه بخش سومري جي وزارت ٺهي.

الهه بخش سومري جو وزيراعظم ٿيڻ

        مٿيان ميمبر غلام حسين هدايت الله جي وزارت جا مخالف ٿي پيا هئا، انهن کي وزارت جي ضرورت هئي،  جنهن ڪري انهن کي وزارت سان ذاتي ساڙ ٿي پيو. انهيءَ ڪري مخالف ميمبر، ڪانگريس ۽ هندو آزاد ميمبرن سان ملي غلام حسين هدايت الله جي وزارت کي ڊاهڻ جي ڪوشش ڪئي. جنهن ۾ جي.ايم.سيد، علي محمد شاهه راشدي (راشدي ميمبر نه هو) وزارت کي ڊاهڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. آخرڪار وزارت کي مسٽر سڌوا جي هڪ رپيا واري ڪتر جي رٿ تان شڪست آئي ۽ سر غلام حسين وزارت کان استعيفيٰ ڏئي ٻاهر نڪتو. اهڙيءَ طرح خانبهادر الهه بخش سومرو ”اتحاد پارٽي“ جي ليڊر جي حيثيت ۾ ڪانگريس ۽ هندو گروهه جي مدد سان وزارت بڻائي.

        تاريخ 23 مارچ 1938ع ۾ الهه بخش سومرو مخالف پارٽيءَ کي اڪثريت ۾ آڻي ان جي ليڊر جي حيثيت سان وزارت ٺاهي.

        الهه بخش سومرو وزيراعظم خزانه ۽ داخلا ۽ ٻين وزيرن هر هڪ نهچلداس، چيتو مل وزيراڻيءَ کي پي ڊبليو ڊي، ميڊيڪل ۽ پبلڪ هيلٿ ۽ پير الاهي بخش کي روينيو جا کاتا ڏنا ويا.[1]

          سر غلام حسين هدايت الله رڳو جي.ايم.سيد، علي محمد شاهه راشدي جي ذاتي مخالفت جي ڪري حڪومت وڃائي، هي سنڌ جي صوبائي خودمختياري ملڻ بعد پهرين وزارت جو حشر ٿيو، هر ڪنهن پنهنجو گروهه بنائي وزير ٿيڻ جو مطالبو ٿي ڪيو. پهرئين وزارت جي عمر هڪ سال مس هئي ته ان کي لاٿو ويو، ڪو به عوام جي ڀلي جو ڪم نه پيو ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته وزير پنهنجي حمايت کي وڌائڻ ۽ پائيدار رکڻ لاءِ ميمبرن جا غيرضروري ناجائز مطالبا پورا ٿي ڪيا.

          الهه بخش سومرو سمجهدار ۽ سلجهيل سياستدان هئڻ سان گڏ قوم پرست ليڊر هو. ڪانگريس جو رويو قوم پرستن سان همدرديءَ وارو هو. الهه بخش کي ڪانگريس توڙي هندو قوم پرستن جي حمايت حاصل هئي. ”الهه بخش هڪ مسلمان گروهه جو ليڊر هو، جنهن کي 22 ميمبرن جي حمايت حاصل هئي، هو صرف ڪانگريس جي اٺن ميمبرن جي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪانگريس جي پروگرام سان هلڻ لڳو. جنهن ڪري کيس وزيراعظم بڻايو ويو.[2]  حالانڪه الهه بخش ڪانگريس جي ڪنهن به نڪتي يا تحريڪ ۾ حصو نه ورتو هو. هن دور ۾ الهه بخش ذاتي اثر ۽ هوشياري سبب هندن ۾ مقبول هو، مگر اڳتي هلي مسلم ليگ جي مخالفت سبب ڪانگريس جو حمايتي ٿيو.

باب چوٿون

 

سنڌَ ۽ جدوجهدِ آزادي

        سوال آهي ته سنڌ جا مسلمان پاڪستان جي جهنڊي هيٺ ڇو متحد ٿيا؟ ۽ ڇو نه مسلم اڪثريتي صوبن ۾ قومي رياستون، ٻوليءَ جي بنياد تي قائم ڪرڻ لاءِ تحريڪون هلايون؟


[1]  روزانه الوحيد ڪراچي، 19 آگسٽ 1936ع.

[2]  روزانه الوحيد ڪراچي، 17 آگسٽ 1936ع.

[1]  جي.ايم.سيد کان مصنف جو ورتل انٽرويو.

[1] Daily Gazettee Karachi, February 16, 18 - 1937

[1] نوٽ: اليڪشن جو مڪمل چٽاڀيٽيءَ جو نتيجو ڏسو ضميمو نمبر 1.

[1] Daily Gazettee Karachi, February 16, 1937.

[2] ڪريم بخش خالد، عوامي دور نمبر 6، سنڌ پبلڪ رليشن ڊپارٽمينٽ سنڌ ڪراچي،مئي 1972ع ص - 25

[1]  روزانه الوحيد ڪراچي، اپريل 28، 1937.

[1]  جي.ايم.سيد نئين سنڌ لاءِ جدوجهد، ڪراچي، جي.ايم.سيد مسلم ڪالوني، 1952 ص - 61

[1]  ڪريم بخش خالد، عوامي دور (6) ڪراچي، پبلڪ رليشن ڊپارٽمينٽ سنڌ، 1972ع ص - 28

[2] Ishtiaque Hussain Qureshi, Struggle for Pakistan Karachi University of Karachi, 1969, P. 84.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org