سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو

باب؛ 1

صفحو؛ 2

باب پهريون

انگريزن جي دور ۾

 

سنڌ جو سياسي جائزو

        سنڌ جي سرزمين سدا سرسبز رهي آهي. پيداوار جي لحاظ سان هي برڪت ۽ بچت واري سرزمين آهي. ”جنت السنڌ، سنڌو نديءَ ڪري هڪڙي وادي آهي، جا هندستان جي ميدانن مان ”انڊوگئنجٽڪ“ عظيم الشان ميدان جو الهندو حصو والاري ٿي. هيءَ ميدانن ۽ جبلن جي مٽي مان جڙيل آهي، جا ڊيگهه ۾ پندرهن سئو ميل ۽ ويڪر ۾ ڏيڍ سئو ميل آهي.[1] سنڌ جون موجوده حدون، اتر ۾ پنجاب، اڀرندي ۾ هندستان (ڪڇ جو رڻ) ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ ۽ الهندي ۾ بلوچستان سان ملن ٿيون

انگريزن جا سنڌ سان تعلقات

        سنڌ، هندستان جي ٻين صوبن کان دولتمند هئي. ”ازانسواءِ سنڌوندي جي جهاز راني ۽ مغربي ملڪن سان ويجهو هئڻ سبب سندس واپار  هزارها ورهين کان مغربي دنيا سان هلندڙ هو.“[2] سنڌ جي زياده پيداوار ۽ شاهوڪار هئڻ سبب مٿس حملي ڪرڻ جا ڪارڻ بنيا، سنڌ سان انگريزن جا تعلقات ٽن نمونن جا قائم ٿيا، جهڙوڪ واپاري، سياسي ۽ فوجي، پهرئين دور 1607ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني، پنهنجي هڪ ڪئپٽن کي هدايتون ڏنيون ته هو پنهنجا واپاري تعلقات سنڌ تائين وڌائي. سر رابرٽ شيرلي ۽ سندس ساٿي 1635ع ۾ سنڌ جي ديبل بندر وٽ لنگر انداز ٿيا ۽ ٺٽه ۾ هڪ ڪارخانه قائم ڪيو، جيڪو شاهجهان جي دور ۾ سنڌ جو مکيه واپاري مرڪز هو، واپار ۾ فائدو نه ڏسي، 1662ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني هن ڪارخاني کي بند ڪيو، ۽ اٽڪل هڪ صدي گذرڻ بعد انهيءَ کي ٻيهر قائم ڪيو. 1758ع ۾ انگريزن ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي دور ۾ ٺٽه ۽ شاه بندر ۾ ڪارخانه قائم ڪيا. 1775ع ۾ انگريز واپارين، تنگ ٿي پنهنجو ڪاروبار بند ڪيو. انگريزن جا سنڌ سان هي واپاري نموني جا تعلقات هئا.“ [1]

1799ع ۾ بمبئي حڪومت جي طرفان هڪ وفد آيو. جنهن ٺٽه ۽ ڪراچي ۾ ڪمپني لاءِ ٻيهر ڪارخانا قائم ڪرڻ جي اجازت ورتي. برطانيه جي ريزيڊنٽ، هاڻي واپاري صورت ۾ سياسي مقصدن لاءِ ڪم ڪرڻ لڳو، پر 1800ع ۾ سنڌ جي اميرن، برطانوي ريزيڊنٽ کي حڪم ڪيو ته هو پنهنجا ڪارخانا بند ڪري سنڌ ڇڏي وڃي، اهي واپاري نوعيت جا تعلقات هئا.

سال 1809ع ۾ لارڊ منٽو، هڪ وفد، سنڌ جي ميرن ڏانهن موڪليو. هي وفد مسٽر اسمٿ جي سربراهي هيٺ 9 مئي تي ڪراچي پهتو. 1809ع ۾ لارڊ منٽو ۽ سنڌ جي اميرن جي وچ ۾ پهريون معاهدو ٿيو. هي معاهدو 22 آگسٽ 1809ع تي ٿيو، جنهن جا صرف سياسي مقصد هئا. هن عهدنامه ۾ ڄاڻايو ويو ته:

1- حڪومت برطانيه  ۽ سنڌ جي ميرن جهڙوڪ، مير غلام علي، مير مراد علي ۽ مير ڪرم علي جي وچ ۾ اندروني طرح دوستي رهندي.

2- ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دشمني ڪڏهن به ظاهر نه ٿيندي.

3- ٻنهي ملڪن، جهڙوڪ حڪومت برطانيه ۽ حڪومت سنڌ، گڏيل راضي نامي موجب پنهنجي وڪيلن جو تبادلو ڪندا.

4-  حڪومت سنڌ ڪڏهن به فرينچ قبيلن کي سنڌ ۾ اچڻ جي اجازت نه ڏيندي. ”هي معاهدو رجب المرجب جي 10 تاريخ 1224 هه مطابق 21 آگسٽ 1805ع تي ٿيو.“[2] هن وقت برطانيه جي پاليسي جو مقصد هو ته دوستيءَ جا ناتا وڌائي سنڌ جي اميرن جي درٻار ۾ اثر قائم ڪجي. ”انگريزن جا واپاري مفاد، گهڻي وقت کان هئا، انهن جو مقصد هو ته فرينچن جا اثرات سنڌ مان ختم ڪيا وڃن. برطانيه 1809ع ۾ سنڌ جي اميرن سان معاهدو ڪيو، جنهن کي 1820ع ۾ ٻيهر تازو ڪيو ويو.“[1] هي معاهدو سياسي نوعيت جو هو.

”انگريز سنڌ کي فتح ڪرڻ لاءِ هڪ ٻيو ناٽڪ رچايو ته سنڌوءُ رستي واپار ڪرڻ جي اجازت وٺجي. سال 1831ع ۾ بينٽڪ اليگزينڊر کي مقرر ڪيو ويو، جنهن حيدرآباد جي حاڪم، مير مراد علي خان کي اعتماد ۾ وٺي سنڌو درياهه جي ماپ وٺڻ جي اجازت ورتي. هاڻي سنڌ کي برطانيه جي ٻيڙي کان بچائڻ ناممڪن ٿي پيو. سنه 1831ع ۾ سر اليگزينڊر برنس کي حڪم ڪيو ويو ته هو پنجاب جي حاڪم راجا رنجيت سنگهه کي برطانيه سرڪار جون سوکڙيون پهچائي.“[2]  برطانيه جي حاڪم جارج چوٿين، اليگزينڊر جي هٿان گهوڙا ۽ ٻيون سوکڙيون رنجيت سنگهه کي موڪليون.

        ”جڏهن اليگزينڊر برنس سنڌ ۾ پهتو ته هن کي سوکڙين پهچائڻ سان گڏ، هي به مخفي هدايتون ڏنيون ويون ته هو سنڌوندي متعلق به جاسوسي ڪري.“[3]  سنڌ جي اميرن انهيءَ قدم تي احتجاج ڪيو، مگر گورنر جنرل ميرن کي دوستي وارو عهدنامو ياد ڏياري خاموش ڪيو. جڏهن برنس پهريائين سنڌ  درياهه ۾ داخل ٿيو، تڏهن هڪ بلوچ سپاهي رڙ ڪري چيو ”وڏي غلطي ٿي ويئي! توهان، اسان جو درياهه ڏسي ورتو.“ برنس ٺٽه ويجهو ماڻهن جي واتان هي چوندي ٻڌو. ”افسوس! سنڌ ويئي، انگريزن درياءَ کي ڏٺو آ، جيڪو فتح ڪرڻ جو رستو آهي.“ [4]

        1836 ۾ پنجاب جي سک راجا، دارگيٽ جي رستي سنڌ جي حملي ڪرڻ جو منصوبو بڻايو. ”رنجيت سنگهه، انگريزن کي سنڌ کي ورهائڻ جي صلاح ڏني ته سنڌ جا ٻه حصا بڻائي، هڪ حصه پاڻ ۽ باقي انگريز کڻن. مگر گورنر جنرل اها رٿ قبول نه ڪئي.“[1] لارڊ آڪلينڊ کيس تنبيهه ڪئي ته هو ڪڏهن به سنڌ کي فتح ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو. سنڌ ڏانهن رنجيت سنگهه جو خطرو ته ٽري ويو مگر ان جي بدلي ۾ گورنر جنرل سنڌ جي اميرن سان هڪ ٻيو معاهدو ڪيو، اهڙي طرح 1838ع ۾ معاهدو ٿيو ته انگريزن جو ايلچي حيدرآباد ۾ رهندو، سنڌ جي اميرن کي اڻ سڏايل برطانيه جي ايلچي بدلي ۾ وڏو معاوضو ڏيڻو پيو.

        اميرن، عمليءَ طرح انگريزن جي ماتحت ٿي رهڻ جي مخالفت ڪئي، انگريزن وري ٻيو معاهدو ميرن اڳيان پيش ڪيو، جيڪو ڪئپٽن ايسٽ وڪ جي وسيلي موڪليو ويو. اهو ڏسي مير نصير محمد ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويو ۽ چيو ته جڏهن کان  انگريزن جا تعلقات سنڌ سان شروع ٿيا آهن، تڏهن هر روز نئين ڳالهه پئي ٿئي، توهان جي سرڪار ڪڏهن به مطمئن نه ٿيندي. اسان، توهان جي دوستي کان پريشان آهيون پر اسان هميشه لاءِ ظلم برداشت نه ڪنداسين. اسان پنهنجي علائقي مان توهان کي فوج وٺي وڃڻ لاءِ رستو ڏنو ۽ هاڻي، توهان هت رهڻ پسند ڪيو ٿا.“[2] ڪرنل پاٽيجز، ميرن کي دڙڪو ڏنو ته ڪمپني جي فوج سڀني پاسن کان تيار بيٺي آهي، اهڙي طرح دٻاءُ سان هڪ نئون معاهدو 1839ع ۾ ڪيو ويو. هي فوجي نوعيت جا تعلقات هئا.

        چارلس نيپئر جي سنڌ ۾ پهچڻ سان سياسي حالات بدلجي ويا، گورنر جنرل سنڌ جي اميرن جي پاڻ ۾ رسه ڪشي کي ختم ڪرڻ لاءِ سر چارلس نيپئر کي عدالتي جاچ ڪرڻ لاءِ موڪليو، 25 آڪٽوبر 1839ع تي گورنر جنرل سنڌ ۾ سڀني  سياسي ايجنسيز کي ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ سر چارلس نيپئر سنڌ ۾ مطعلق العنان اختيارات حاصل ڪيا.

انگريزن جو سنڌ تي قبضو

 

        حقيقت ۾ نيپئر سنڌ ۾ جنگ شروع ڪرڻ جو حامي هو ۽ جڏهن ته ايلنبرو سنڌ کي ملائڻ جو حامي هو. ”لارڊ ايلنبرو ساڳي حالت ۾ رکڻ ٿي چاهي، جنهن ۾ برطانيه جي اختيارات جي شهرت فاتح جي نيڪ نامي سان رهي، هن برطانوي هندستان جي سرحدن جي حفاظت لاءِ، برطانوي واپار لاءِ سنڌ کي ضم ڪرڻ ضروري سمجهيو.“[1] نيپئر سنڌ جي اميرن ڏانهن هڪ ٻيو معاهدو موڪليو مگر اهو غيرقانوني معاهدو به سنڌ جي مجبور اميرن، صوبدار خان، حسين علي، محمد خان ۽ نصير خان قبول ڪيو.

        تاريخ 10 جنوري 1843ع ۾ نيپئر جنگ جي اعلان ڪرڻ کانسواءِ امام ڳڙهه جي قلعي تي قبضو ڪيو ۽ ان کي تباهه ڪيو. آئوٽرام جنهن قلعي کي پنهنجو بچاءُ سڏيو هو، جنهن بعد ۾ حملي جي صورت اختيار ڪئي، سنڌ جي اميرن هن ٻئي عهدنامي تي صحيحون ڪيون. جنهن ۾ رستم خان به صحيح ڪئي. هي معاهدو 12 فيبروري تي ڪيو ويو. نيپئر، مري قبيلي جي 12 بلوچ سپاهين کي قيد ڪيو جيڪي سڪرنڊ ويجهو انگريزن جي ڇانوڻي کان وڃي رهيا هئا. ان بعد نيپئر ۽ شهزادو سولٽي ڪوف حيدرآباد پهتا ۽ لکيو ته ”امير اڃان ٺاهه جي اميد ۾ هئا ۽ سڀني جي خواهش هئي ته امن رهي.“[2] تاريخ 14 فيبروري تي اميرن، آئوٽرام جي هڪ ڏيهي سيڪريٽري کي  رشوت ڏيئي پنهنجا معاهدا حاصل ڪيا، جن تي اکيون ٻوٽي صحيحون ڪري ۽ مهرون هنيون تن کي ڦاڙي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو ۽ انهيءَ صحيح ڪيل ٽڪرن کي پيرن هيٺ، پنهنجي درٻار ۾ اڇلائي ڇڏيو. [3]

        تاريخ 16 فيبروري 1843ع تي سر چارلس نيپئر هالا کان مٽياري پهتو، هن وٽ اٺاويهه سو سپاهي ۽ ٻارنهن بندوقون هيون، ٻئي طرف حيدرآباد جي ميرن جهڙوڪ، مير نصير خان، شهداد خان، حسين علي خان، رستم خان ۽ ٻين بلوچ سردارن، ارڙهن هزار سپاهين کي گڏ ڪري سيد غلام شاهه ۽ سيد عبدالله جي اڳواڻي هيٺ لشڪر تيار ڪيو. توبخاني جو ڪمانڊر جنرل هوش محمد کي مقرر ڪيو ويو. تايخ 17 فيبروري تي ميرن حيدرآباد جي ويجهو مياڻي جي ميدان تي ڦليلي واهه جي ڪپ تي نيپئر سان جنگ جو آغاز ڪيو. ٽالپرن جي لشڪر شڪست کاڌي جنهن جا مکيه سبب بارود ۽ ترتيب جي گهٽتائي هئي. بجاراڻي، محموداڻي ۽ مالڪاڻي ٽالپر سردارن هن قومي جنگ کان غيرحاضر رهيا. ٽن ڪلاڪن جي جنگ ۾ انگريزن جا 37 سپاهي قتل ٿيا ۽ ٽالپرن جي لشڪر مان پنج هزار سپاهي شهيد ٿيا. هي سڀ ڪجهه غير تربيت يافته فوج ۽ پراڻن هٿيارن جي ڪري ٿيو. ٻئي طرف انگريزن وٽ تربيت يافته فوج سان گڏ نوان گولا بارود هئا. سنڌي لشڪر تمام بهادري سان جنگ ڪئي. ”ٽالپر قبيلي جو آخري بهادر شخص مير شير محمد خان هو، هن جي بهادريءَ جي شاهدي، هن جي دشمنن ڪتابن ۾لکي آهي. ٻيو بهادر ماڻهو جنرل هوش محمد خان هو، جنهن پنهنجي لشڪر کي رڙ ڪري چيو ته ”مر ويسون پر سنڌ نه ڏيسون.“

        سنڌ جي ميرن مياڻي جي جنگ ۾ وڏو نقصان سهي شڪست کاڌي، سنڌ کي ڪالوني جو درجو ڏنو ويو. ميرن کي بغير ڪنهن شرطن جي جنگي قيدي بڻايو ويو. نيپئر فاتحانه انداز سان حيدآباد ۾ داخل ٿيو ۽ قلعي جي ديوار تي (يونين جيڪ) برطانيه جو جهنڊو کوڙيو. ”سر چارلس نيپئر ٻن ريجمينٽن سان قلعي ۾ وارد ٿيو. هن پهريائين برٽش جهنڊي کوڙڻ جي رسم ادا ڪئي ۽ پوءِ شاهي خزانو لٽڻ شروع ڪيو جنهن لاءِ انگريز وڏي عرصي کان منتظر هئا.“[1]

        ”نيپئر جي حڪم موجب سڄو ڏينهن مال غنيمت وانگر سرڪاري خزاني کي لٽيو ويو.“[1] جيڪي به سون ۽ چاندي جا برتن، زر زيور کين هٿ لڳا، سي لٽيا ويا. بيگمن جا زبردستي بدن تان زيور لاٿا ويا. اٽڪل 15 لکن جو مال مير ڪرم علي جي حويلي مان لٽيو ويو.[2] ”زيور ۽ جواهرات کان سواءِ اٽڪل ڏهه لکن پائونڊن جيترو خزانو فرنگين کي قلعي جي لٽ مار مان هٿ لڳو. هر هڪ انگريز سولجر ۽ ديسي سپاهي کي ڪافي حصو مليو. سر چارلس نيپئر کي ستر هزار پائونڊ حصي ۾ مليا.“[3] حالانڪه انگريزن جو ڪو خاص نقصان ڪو نه ٿيو، تڏهن به بيشرم فاتح، انساني امن جي مفاد جي پردي ۾ ظلم ڪيو. جڏهن لٽ مان مليل ستر هزار پائونڊ سندس کيسي ۾ آيا ته هن تي ضمير به ملامت نه ڪئي. آئوٽرام کي ٽيهه هزار آڇيا ويا، پر هن اها رقم خيراتي ادارن ۾ ورهائي ڇڏي.“[4] ”سر چارلس نيپئر جڏهن 70 هزار پائونڊ حصو ورتو تڏهن ڪورٽ آف ڊاريڪٽرس سندس هن پاليسي جي مذمت ڪئي.“ [5]

        تاريخ 27 مارچ 1843ع تي نيپئر ميرپورخاص تي قبضو ڪيو ۽ 14 اپريل تي عمرڪوٽ ورتو ۽ 17 اپريل 1843ع حيدرآباد موٽي، گورنر جنرل ايلنبرو  کي پنهنجي فتح جي خبر موڪلي ته ”مون سنڌ فتح ڪري گناهه ڪيو آهي.“ سيٺ نائون مل ۽ سر آغا خان اول، انگريزن جي مالي ۽ فوجي مدد ڪئي. هزهائينس آغا خان پنهنجي آتم ڪهاڻي ۾ لکي ٿو ”خانه بدوشي جي اوائل ۾ منهنجي ڏاڏي سان گڏ فوجي سپهه سالار هئا، جن هن جي اڳواڻي هيٺ ايران، افغانستان ۽ پوءِ سر چارلس نيپئر جي سنڌ فتح ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. [1]

        سنڌ تي انگريزن مڪمل قبضو ڪيو، سر چارلس نيپئر کي سنڌ جو پهريون گورنر بڻايو ويو. ”سنڌ کي ملائڻ ۽ سلطنت ۾ ضم ڪرڻ واري پاليسي جي ڪيترن برطانوي مدبرن مذمت ڪئي، پر ايلنبرو چيو ته هن انهيءَ ڪري سنڌ کي شامل ڪيو آهي، جو هي صوبو مصر وانگر سرسبز ۽ آباد آهي.“[2] نيپئر سنڌ جي اميرن ۽ شهزادن کي سياسي قيدي بنائي بمبئي موڪليو، مير مرادعلي کي خيرپور ۽ ڪوٽ ڏيجي وارو علائقو ڏيئي رياست جو حڪمران تسليم ڪيو ويو. سال 1855ع ۾ مير شير محمد خان کي آزاد ڪري کيس، ميرپورخاص ۾ ننڍڙي رياست ۽ مقرر پينشن سان نوازيو ويو. باقي قيدين کي بعد ۾ واپس موٽڻ جي اجازت ڏني وئي، مگر انهن مان مير رستم خان، خيرپور جو مير نصير خان ۽ مير صوبدار خان، حيدرآباد جا مير نصير خان ۽ مير شهداد خان قيد ۾ پنهنجا پساهه پورا ڪري چڪا هئا. انگريزن سنڌ تي قبضي ڪرڻ کانپوءِ ڪراچي کي سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ بڻايو. سر چارلس نيپئر گورنر جي حيثيت سان سنڌ تي فوجي حڪومت هلائڻ لڳو. هو سڌو سنئون گورنر جنرل جي ماتحت هو، انهيءَ سال هڪڙو سرڪاري اعلان پڌرو ٿيو ته سنڌ ۾ برطانوي راڄ قائم ٿي چڪو آهي، ڪو به ماڻهو سرڪار جي خلاف قدم کڻندو ته سندس جان ۽ مال جو خير نه هوندو.

        فيبروري 1843ع ۾ هڪ پڌرائي موجب، جن به زميندارن يا جاگيردارن گورنر جي خدمت ۾ حاضر ٿي وفاداري جي خاطري ڏني، تن کي سندن املاڪن تي متصرف ڪيو ويو. انهيءَ سال سموري سنڌ کي ٽن ضلعن ۾ ورهايو ويو؛ 1 – ڪراچي 2- حيدرآباد 3 – شڪارپور. ميجر هينري پريڊي ڪپتان راٿپورن ۽ ڪپتان گولڊني جيڪي فوجي عملدار هئا تن کي ڪليڪٽر مقرر ڪيو ويو. سندن ماتحت نائب ڪليڪٽر، ڪاردار ۽ سزاولڪار مقرر ٿيا.“[1] سال 1847ع ۾ سنڌ کي بمبئي صوبي سان ملايو ويو ۽ سنڌ جي صوبائي حيثيت ختم ڪري هڪ بمبئي صوبو بڻايو ويو. سنڌ ۾ ڪمشنر مقرر ڪيو ويو. جنهن کي گورنر جهڙا اختيار هئا. جڏهن سنڌ کي بمبئي سان ملايو ويو ته ڪمشنر سر بارٽر فيريئر جي دور ۾ ڪاردارن جو نالو مٽائي مختيارڪار رکيو ويو. فارسي بدران سنڌي زبان دفتري زبان مقرر ڪئي وئي. هن جي دور ۾ تپيدار ۽ دفتردار کاتا، جيڪي ڪمشنر وٽ هئا، سي جڊيشل ڪمشنر جي ماتحت آندا ويا. 1867ع ۾ پوليس عملي جا فارسي نالا بدلائي سپرنٽينڊنٽ پوليس ۽ انسپيڪٽر جا نالا پيا. انگريز سرڪار روينيو سيٽلمينٽ جا کاتا ڪڍيا. سڀني ٻنين جا چڪ ۽ نقشا ٺهي ويا، هر هڪ زمين جي ماپ ڪئي وئي، تجربو ڪري، سٺي ۽ خراب زمين تي ڍل مقرر ڪئي ويئي، جيڪا اڪثر پيدائش جي ڇهن حصن کان گهٽ هئي.[2] ميرن جي زماني ۾ هندن تي جيڪي زمين خريد ڪرڻ، وياج وڏن نرخن تي وٺڻ ۽ مسلمانن جي زمين گروي رکڻ تي پابندي پيل هئي، سي انگريزن لاهي ڇڏيون. جنهن ڪري ڪيترائي آبادگار پنهنجي جهالت ۽ فضول خرچي سبب شاهوڪارن جي وياج جي ڪري پنهنجون زمينون وڃائي ڪنگال ٿي ويا.“ [3]

1857ع جي جنگ آزادي

        سال 1857ع ۾ هندستان جي تاريخ ۾ هڪ اهم واقعو رونما ٿيو. جنهن کي انگريز تاريخدان بغاوت جو سال سڏين ٿا. هي نه صرف بغاوت هئي پر آزادي جي پهرين جنگ هئي، جنهن ۾ مقامي فوج سان گڏ عوام به حصو ورتو. هن آزادي جي جنگ ۾ سنڌ به مکيه ڪردار ادا ڪيو. ”ڪي مذهبي جوش رکندڙ سنڌي، مسلمان سائو جهنڊو جهولائيندي مسلمانن کي ڀڙڪايو ته اسلام خاطر لڙائي ڪريو.“[1] آزادي لاءِ لڙندڙ اڳواڻ جو پاڻ ۾ مخفي طرح منصوبن ۽ پروگرامن جو رابطو قائم هو. ”بهادر شاهه ظفر، ”شير سنڌ“ مير شير محمد کي خط لکيو ته هو انقلابين جي مدد ڪري، مير شير محمد بلوچ، پيسا، سپاهي ۽ بارود مدد لاءِ موڪليو. اهو سڀ منصوبه خاڪ ۾ ملي ويو. جڏهن ٽالپر قبيلي جي هڪ فرد، اهو راز سنڌ ۾ برطانوي آفيسرن اڳيان ظاهر ڪيو.“[2] ”سنه 1857ع جو فساد ساري هندستان ۾ ٿيو، ۽ سنڌ جي وڏن شهرن ۾ جهڙوڪ، ڪراچي، حيدرآباد، شڪارپور ۽ جيڪب آباد ۾ به ٿيو. انهيءَ سال سيپٽمبر مهيني ۾ ڪراچي ۾ رکيل ڏيهي پلٽڻ ڪمشنر، ڪماني ۽ ٻين عملدارن کي مارڻ لاءِ تياري پئي ڪئي، پر انهن عملدارن کي خبر پئجي ويئي ۽ فسادين کي گرفتار ڪري، ڪن کي توب جي منهن ۾ ڏنو ويو، ڪن کي سوري تي چاڙهيو ويو ۽ ڪن کي ڪاري پاڻي موڪليو ويو.“[3] ڪراچي ۾ 14 سيپٽمبر تي 21 بمبئي ڏيهي پلٽڻ مان 24 سپاهين جو پتو لڳايو ويو، جن ٻڌايو ته هنن جنرل ڪمانڊنگ ڪمشنر ۽ ڪن اعليٰ عملدارن کي قتل ڪرڻ جو منصوبو رٿيو هو.“[4] ان بعد ٻيا 43 سپاهي پڪڙيا ويا، جن مان 14 کي ڦاسي ڏني ويئي، ٽن کي قتل ڪيو ويو، چئن کي توب سان اڏايو ويو ۽ ٻاويهين کي ڪاري پاڻي موڪليو ويو.“[5]

        حيدرآباد ۾ ”باغين منصوبه رٿيو ته پهريائين حيدآباد جو قلعو قبضي ۾ آڻي ان کي دهلي جي لال قلعي وانگر مکيه محاذ بڻائجي. ان بعدجيڪب آباد، سکر ۽ شڪارپور ۾ بغاوت ڪجي.“[1] مگر اها خبر فوج جي برگيڊيئر کي پئجي ويئي ”جنهن ڪري ڏيهي سپاهين کي جلدي ۾ غيرمسلح ڪيو ويو. ڪيترن کي بئرڪن ۾ گڏ ڪيو ويو، جن ۾ شڪ هو ته هي بغاوت جا اڳواڻ آهن، تن تي ڪورٽ مارشل ڪري، فوجي عدالت طرفان ڇهن پائونڊن واري گن مشين سان اڏايو ويو. اڏي تي روشني جو شعاع ٿيو، توبچي کي حڪم مليو جنهن انهن کي هميشه لاءِ سمهاري ڇڏيو.“[2]

        ”شڪارپور ۾ 14 غيرپلٽن جي سپاهين هٿيارن تي قبضو ڪيو ۽ هڪ چورس مورچو ٺاهي، يورپي فوجن ڏانهن وڌيا. ٻنهي طرفن کان رات جو 12 بجي دوبدو گولاباري ٿي، جنهن ۾ 3 يورپي عملدار موت جو شڪار ٿيا ۽ باغين مان هڪ جمعدار ۽ ٻه سپاهي مارجي ويا.“ باغين جي گرفتاري جو امڪان گهٽ هو، مگر خيرپور جي مير علي مراد جي ماڻهن کين چالاڪي سان گرفتار ڪيو. گرفتار ٿيل باغين کي صبح جو توب جي منهن ۾ ڏنو ويو.“ [3]

        ”ڏيهي سپاهي جيڪي پندرهن کان وڌيڪ نه هئا، تن کي ٽي سئو يورپي سپاهي ختم ڪرڻ لاءِ ڪافي هئا. تاهم تن مان ڏهه يا ٻارنهن ڄڻا پلٽن مان بچي ويا. هڪ ڏيهي پلٽن جو صوبيدار، بقول ليوڪس پيلي جي چوڻ مطابق ته هن کي شڪارپور جي ڇانوڻي مان گرفتار ڪيو ويو. ان بعد ان کي پوءِ منصوبي جو مکيه اڳواڻ سمجهي کيس سزا ڏني وئي.“[1] سکر ۾ ساڳي رات، آڌي جو شڪارپور جي باغين جو قاصد پهتو. ڏيهي فوج ۾ ٿرٿلو پئجي ويو. مگر فوج جي ڪجهه ڪرڻ کان اڳ، يورپي سپاهين قاصد کي نديءَ جي ٻئي ڪناري تان گرفتار ڪري ورتو ۽ کيس اتي جو اتي ڦاسي ڏني.“[2] دريا خان جيڪو جکراڻي قبيلي مان هو، تنهن انقلابين سان گهرو رابطو قائم رکيو، جيئن جلدي قدم کڻي سگهجي.“[3] جنگ آزادي ۾ سنڌ به هندستان جي ٻين صوبن وانگر جدوجهد ۾ شريڪ هئي. هتان جي زمين به شهيدن جي خون سان لاله زار آهي. ان جي ناڪامي جو سبب اهو هو ته سنڌ جا وڏا وڏا رئيس مير شير محمد خان ۽ مير شاهنواز جهڙا انگريزن سان وفادار هئا، جنهن جو نتيجو لازمي طور انگريزن جي ڪاميابي هئي.“[4] پريس تي پابندي هئڻ سبب عوام ۽ باغين جي وچ ۾ رابطو نه رهيو. 1857ع جي جنگ آزادي وقت، سنڌ ۾ سڀني سپاهين تي سخت چوڪسي رکي ويئي، سنڌو ندي کي ننڍن جهازن جي آمدرفت لاءِ باقاعدي جاري رکيو ويو، توبخاني جي گهٽتائي هوندي به ان مختصر رسالي کي منظم ڪيو ويو، انگريزي ۽ سنڌي پريس تي چوڪسي رکي ويئي، جوڌپور جي رستي ڪراچي کي ڪلڪلتي سان ملايو ويو، انهيءَ ڪم کي پوري ڪرڻ لاءِ ليفٽيننٽ ٽورٽ کي اتان جو ڊپٽي ڪليڪٽر مقرر ڪيو ويو.“ [5]

انقلاب لاءِ جدوجهد

        ”ملڪ جي آزادي لاءِ افغانستان ۾ هڪ جلاوطن حڪومت قائم ڪئي وئي جنهن جي وزارت ۽ قومي تنظيم مولانا محمود حسن ۽ مهاتما گانڌي جي سربراهي هيٺ بڻائي ويئي. مولانا عبيدالله سنڌي کي وزارت ۾ وزير مملڪتي بڻايو ويو.“[1] انقلابي جدوجهد لاءِ پئسا جمع ڪيا ويا. ”سيٺ ڇوٽاڻي بمبئي وارو، سيٺ عبدالله هارون ڪراچي جو ۽ سيٺ جمال احمد مدراس واي هن فنڊ ۾ دل کولي حصو ورتو.“[2] هن انقلاب لاءِ منصوبو بڻايو ويو ته ترڪي کي افغانستان جي رستي کان هندستان تي حملو ڪرايو وڃي. انهيءَ لاءِ، ڪوئيٽا قلات، خيبر ۽ اوگي کي حملي جا مرڪز بڻايا ويا. مولانا محمود حسن، سنڌ مان، مولانا عبيدالله سنڌي، مولوي محمد صادق سنڌي ۽ مولانا عبدالله لغاري کي هدايت ڪئي. جن مخفي طرح سان پورو هڪ سال جدوجهد ڪئي“ مولانا عبيدالله سنڌي سنڌ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ پهتو جتي هن حڪومت برطانيه جي سي.آءِ.ڊي جي نظرن کان پاڻ کي لڪائي ٽن کان چئن مهينن تائين انقلابي تحريڪ جي تبليغ ڪئي.[3] جتي هن سان گڏ شيخ عبدالرحيم، شاهه بخش لاشاري به گڏ هئا.“[4] مولانا سنڌي جڏهن سنڌ ۾ تحريڪ هلائي، تڏهن خرچ جي پورائي لاءِ پير جهنڊي جي گهر واريءَ پنهنجا سونا زيور کيس ڏنا. جڏهن مولانا ڪابل ڏانهن روانو ٿيو، تڏهن خرچ لاءِ شيخ عبدالرحيم سنڌي، زيور ڏنا.“[5] جلاوطن حڪومت پنهنجا تعلقات ترڪي ۽ روس سان قائم ڪيا. انهيءَ مقصد لاءِ مولانا عبيدالله سنڌي تايخ 9 سيپٽمبر 1914ع  ۾ مولانا محمود حسن کي هندستان ۾ خط لکيو هو. جيڪو محمد ميان انصاري جي هٿ اکرن سان لکيو هو. جيڪو سنڌ ۾ شيخ عبدالرحيم لاءِ حيدرآباد ڏانهن روانو ڪيو ويو. شيخ عبدالرحيم کي چيو ويو ته هو خط سلامتيءَ سان مولانا محمود حسن کي مڪه مڪرم ڏانهن روانو ڪري، هي خط ڳاڙهي ريشمي رومال تي لکيو ويو هو. ”ريشمي خط عبدالحق کي ڏنو ويو، جنهن حق نواز کي ڏنو ته هو ساڳيو خط غلام محمد کي پهچائي، جيڪو بعد ۾ شيخ عبدالرحيم سنڌي جي حوالي ڪري. جڏهن شيخ عبدالرحيم اهو خط حاصل ڪري، ان کي اڳتي روانو ڪرڻ جي تياري ڪري رهيو هو ته عين انهيءَ وقت کيس انگريز حڪومت جي سپاهين قيد ڪيو.“[1]

هن منصوبي جي ظاهر ٿي پوڻ کان پوءِ هندستان جي حڪومت، افغانستان جي حڪومت کان احتجاج ڪيو ۽ افغانستان جي حڪومت کي چيو ويو ته هو انقلابي رهنمائن جهڙوڪ: مولانا محمد ميان انصاري ۽ مولانا سيف الرحمان کي ڪابل مان ڪڍي ڇڏي ۽ باقي مولانا سنڌي ۽ هن جي پوئلڳن کي جيل ۾ موڪليو ويو.“ هن منصوبي ۾ شامل سنڌي ماڻهن کي به حڪومت گرفتار ڪيو، انهن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي به هو. جنهن کي 3 سال رتناگري جي جيل ۾ 1914ع کان 1918ع تائين قيد ۾ رکيو ويو.“[2] شاهه بخش لاشاري کي حيدرآباد جي ريلوي اسٽيشن تي قيد ڪيو ويو ۽ کيس 3 سال سزا ڏني ويئي. غلام محمد ڀرڳڙي کي پڻ گرفتار ڪيو ويو، جنهن کي ٿوري وقت بعد جيل مان آزاد ڪيو ويو. پوليس سنڌ جي هر مشڪوڪ گهر تي ڇاپا هنيا.“ [3] امير حبيب خان جي قتل بعد امير امان الله کي 20 فيبروري 1919ع ۾ افغانستان جو بادشاهه بنايو ويو، هن جو پهريون قدم اهو هو ته هن مولانا سنڌي کي هڪدم آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

انهيءَ دور ۾ ٽين افغان لڙائي شروع ٿي، مولانا عبيدالله سنڌي پنهنجي ذاتي ڊائري ۾ لکي ٿو ته ”افغانستان جي جنگ آزادي لاءِ منصوبي بنائڻ ۾ مون اهم ڪردار ادا ڪيو. مشهور انگريزي ملٽري آفيسر چيو ته هي افغانستان جي ڪاميابي نه آهي بلڪ مولانا عبيدالله سنڌي جي ڪاميابي آهي.“ [1] جڏهن افغانستان حڪومت، جلاوطن حڪومت کي ڪم ڪرڻ کان روڪيو، تڏهن ڊاڪٽر نورمحمد شيخ سنڌي ڪابل ۾ ويو، جنهن کي ڪانگريس ڪاميٽي ڪابل جو اڳواڻ مقرر ڪيو ويو.“ [2] 1923ع ۾ مولانا سنڌي روس ويو ۽ ساڳي سال ۾ ترڪي پهتو جتي هن هندستان جي آزادي لاءِ تبليغ ڪئي. آخرڪار طويل 25 سال جلاوطن زندگي گذارڻ بعد سال 1939ع ۾ سنڌ واپس پهتو.

خلافت تحريڪ

”پهرين جنگ عظيم (18- 1914ع) شروع ٿي. ترڪي جرمني جي طرفان وڙهيو. اتحادين ترڪي تي حملو ڪيو. ”برطانيه، عرب علائقن ۾ قوميت جو نعرو ڏئي عربن کي خودمختياري لاءِ اڀاريو.“[3]


[1]  رحيم داد مولائي شيدائي، جنت السنڌ، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1958ع ص ا.

[2]  ايضاً ص  32 ۽ 33.

[1]   A. B. Advani, Journal of Sind vol 1, Karachi Historical Society 1934 P. 15.

[2] Correspondence relative Sind (1836-43) London J. L. Cox & Sons 1843 P. 66

[1] Prof: K. Ali, A. Study of Muslim Rule, in Indo- Pakistan, Dacca, Famous Publisher 1963, P. 57

[2]  W. H Deven, Port Adams, Epiosodes of Anglo – Indian History, London, E. Moral borough, P. 169

[3] E.B Eastwick, A, Glance at Sind Before Napier, London, Oxford University, 1973, P. 246

[4] E. B Eastwick, A Glance at Sind before Napier, op. Cit P. 247

[1] Munzoor Ahmed Hanifi, A. Short History of Muslim rule in Indo – Pakistan, dacca, Pakistan Ideal Lirary 1964. P. 257

[2] Robert A. Hutten Back, British relations with Sind University of Calfornia, 1962, P. 49

[1] Taracchand. A Short History of the Indian people Calcutta Macmillan and co: 1934 P 384

[2] Richard F. Burton, Sind resnisited vol: London, Richard Bentely youndson 1877 P. 385

[3] Edmund C. Cox, Short History of Bombay presitency Shacker and London, 1887, P. 218

[1]  حسام الدين شاهه راشدي، مهراڻ جون موجون، ڪراچي، پاڪستان پبليڪشن 1964ع صفحه 137

[1]  مولائي شيدائي رحيم داد، جنت السنڌ، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1958 ص  743

[2] H. T. Lambrick, Charles Napier and Sind, London Oxford University Press 1952 P. 15

[3]  مولائي شيدائي رحيم داد، جنت النسڌ، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1958ع، ص  - 745

[4] S.  R Sharma, The Making of Modern India, Bombay, Orient Longmans, 1951, P. 420

[5] D. E. Robert, History of British India, London, Gofferry Cumberlege, 1962, P. 329

[1] H. H The Aga Khan, Memoire of Aga Khan, London, cassel and co: 1884, P. 69

[2] Moinal Haq Syed, The great revolution of 1857, Karachi, Pak, Historical Society, 1968, P. 34

[1]  مولائي شيدائي رحيم داد، جنت السنڌ، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1958ع ص  750

[2]  مرزا قليچ بيگ، رعيت نامو، حيدرآباد، ميشرس بگو مل تلسيداس سنسز، 1916ع ص 54

[3]  ڪريم بخش چنا، سماهي مهراڻ جلد 11، نمبر 2، مضمون سنڌ جو سماجي جائزو انگريزن جي دور حڪومت ۾، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1962ع ص  119

[1] Haraprasad Chedhyaya, The sepoy Mutiny, Calcutta, Book land, 1957, P. 199

[2]  سماهي رسالو مهراڻ، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد جلد 7 نمبر 1، 1968  ص 17

[3]  آلو مل ٽيڪمداس ڀوڄواڻي، سنڌ جي مختصر تاريخ، ڪراچي، ايڊيوڪيشن ڊپارٽمينٽ، 1907ع ص ص 15 - 16

[4] Sindh Derecoty, Bombay Government Gazteer Press, Bombay. 1862, P. 37

[5] Board of Editors History of Freedom Movement vol II, Karachi, Pak Historical Society, 1960, P 295

[1]  غلام رباني، مضمون، سنڌ ۽ 1857ع جي جنگ آزادي، ماهنامه نئين زندگي، ڪراچي، مئي 1957 ص 9.

[2]  روزنامه سنڌ قاصد، (انگريزي) ڪراچي سيپٽمبر 22، 1857.

[3]  غلام رباني، سنڌ ۽ 1857ع جي جنگ آزادي ماهنامه نئين زندگي، ڪراچي مئي 1957ع ص  12.

[1] Charles Ball, History of Indian Mutiny vol: II, London, London Publishing co: PP. 157 - 58

[2]  غلام رباني، سنڌ ۽ 1857ع جي جنگ آزادي، ماهنامه نئين زندگي، ڪراچي، 1957ع ص 12.

[3]  مسعود حسين شهاب، تحريڪ آزادي نمبر (اردو) اردو ايڪڊمي، بهاولپور، 1970 ص 65.

[4]  احسان احمد بدوي، سنڌ ۾ آزاديءَ جي جدوجهد، ماهنامه نئين زندگي، ڪراچي، ڊسمبر 1957ع ص  12

[5]  احسان احمد بدوي، سنڌ ۾ آزاديءَ جي جدوجهد، ماهنامه نئين زندگي ڪراچي، نومبر 1957ع ص 19.

[1]  مولانا حسين احمد مدني، تحريڪ ريشمي مال، لاهور، آغا امير حسن، ڪلاسيڪ، 1966ع ص 158.

[2] Dr. Shaique Ali Khan, Two Nation Theory. Markaz -a-Shaoor-a-adab, Hyderabad, 1973, P. 503

[3]  مولانا عبدالله سنڌي، ڪابل ۾ ست سال، لاهور، سنڌ ساگر اڪيڊمي 1955ع، ص 24.

[4]  قاضي محمد اڪبر، روزانه جنگ ڪراچي، اپريل 1، 1967ع

[5]  مولانا عبيدالله سنڌي، شاهه ولي الله اور اس ڪي سياسي تحريڪ، لاهور سنڌ ساگر ايڪڊمي، 1965ع ص 84.

[1]  مولانا حسين احمد مدني، تحريڪ ريشمي رومال، لاهور، آغا امير حسن ڪلاسيڪ، 1966ع ص 199.

[2] اعجاز سنڌي، شيخ عبدالمجيد سنڌي نمبر، سنڌي پبليڪيشن ڄام شورو، 1973ع، ص 14

[3] قاضي محمد اڪبر، روزنامه جنگ ڪراچي، اپريل 1، 1968ع.

[1] مولانا عبيدالله سنڌي، ذاتي ڊائري، لاهور اوبستان 1946ع ص 46.

[2] مولانا عبيدالله سنڌي، ڪابل ۾ ست سال، سنڌ ساگر ايڪڊمي لاهور، 1955ع، ص 57.

[3] K.K. Aziz, Britain and Muslim India, Heieman, London, 1963, p. 109

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org