سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو

باب؛ 1

صفحو؛ 9

گڏيل هندستان ۾ جئن ته کين قومي حڪومت جي سرپرستي حاصل ٿئي ها ته هندو پنهنجن حرڪتن ۽ حرفتن ۾ وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿئي ها.  ان ڪري مسلمانن هر صورت ۽ هر ذريعي سان سندس مخالفت ڪندي، پاڪستان جي حمايت ڪئي. مسلمان پاڪستان جي نعره تي گڏ ٿي الڳ وطن قائم ڪرڻ جي تحريڪ هلائي. جيڪڏهن مسلمان ڇڙوڇڙ  ٿي هندن سان گڏيل هندستان ۾ گڏ رهن ها ته مسلمان هميشہ ڪسمپرسيءَ جي زندگي گذارين ها؛ بخل سان رهن ها، وياج کائين ها ۽ ٻيون هر قسم جون قباحتون عمل ۾ آڻين ها، جيڪي مذهبي طور سندن لاءِ اڻوڻندڙ، معيوب ۽ حرام جي حد تائين ذليل هيون. ۽ اهڙيءَ طرح به شايد هندو تسلط جو نه مقابلو ڪري سگهي ها ۽ نه ان کي ختم ڪري سگهي ها. اهي ئي سبب هئا جو سنڌ جي مسلمانن آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان لاءِ جدوجهد ڪئي. سنڌ جو سپوت قائداعظم محمد علي جناح پاڪستان تحريڪ جو اڳواڻ هو ۽ سنڌ مان حاجي عبدالله هارون، جي.ايم.سيد، محمد ايوب کهڙو، آغا غلام نبي پٺاڻ، غلام حسين هدايت الله، پير الاهي بخش مکي ٻانهن ٻيلي هئا. انهن سان گڏ سنڌ جا سياستدان، زميندار، هاري، شاگرد، عورتون، پاڪستان قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجو رت ۽ ست قربان ڪيو.

مسلم ليگ جي ٻيهر تنظيم

 سال 1935ع ۾ قائداعظمؒ هندستان آيو. محمد سرور قائداعظمؒ جي واپسي جي تفصيل لکندي چوي ٿو ته: ”جڏهن جناح صاحب مسلم ليگ کي ٻيهر منظم ڪرڻ شروع ڪيو، تڏهن پنجاب جو سر فضل حسين انتظامي ڪائونسل مان موٽي اچي يونينسٽ پارٽيءَ کي زنده ڪيو. جناح صاحب کي ٽن سالن لاءِ صدر نامزد ڪيو ويو. مسلم ليگ جي ڪمزوري تڏهن منظر عام تي آئي، جڏهن 1937ع جي اليڪشن ۾ مسلم ليگ کي مسلمانن جا 6. 4 سيڪڙو ووٽ مليا.“ پوري هندستان ۾ مسلم ليگ جو هڪ ٻه اميدوار ڪامياب ٿيا سي به جلدي مسلم ليگ کي ڇڏي ٻين پارٽين ۾ شامل. ٿيا. 1937ع ۾ هندستان جي صوبن ۾ اليڪشن تي، مسٽر جناح ڪوشش ڪئي ته مسلمانن جي آزاد خيال سياسي رهنمائن جي مدد سان مسلم ليگ چونڊ ۾ حصو وٺي، ۽ نوابن ، سرن ۽ خانبهادرن جو مقابلو ڪري! مگر ان کي هر هڪ صوبي ۾ ناڪامي ٿي، پنجاب ۾ صرف ٻه مسلم ليگي اميدوار ڪامياب ٿيا جن ۾ هڪ راجه غضنفر علي خان جيڪو جلد پوءِ يونينسٽ پارٽي (جنهن جو ليڊر سر سڪندر حيات خان هو) ۾ شامل ٿيو. باقي هڪ ميمبر ملڪ برڪت علي هو. ٻيو ته ٺهيو پر نوابزاده لياقت علي خان به مسٽر جناح جي پارليامينٽري  بورڊ تان استعيفا ڏئي ڇڏي ۽ هڪ بيان جاري ڪيو ته ”مسٽر جناح پارليامينٽري بورڊ ۾ صرف هڪ خيال جي ماڻهن کي ڀري ڇڏيو آهي، جن جو قوم ۾ ڪو به وقار نه آهي ۽ انهن ماڻهن کي نظر انداز ڪيو آهي جيڪي مسلمانن جا اصل ليڊر آهن ۽ اليڪشن ۾ چونڊجي آيا آهن.[1] اليڪشن بعد لياقت علي، جناح جي پارٽيءَ کي ڇڏي ويو. ان بعد لياقت علي خان ايگريڪلچرسٽ پارٽي جي ٽڪيٽ تي اليڪشن ۾ حصو ورتو ۽ وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيو.[2] هن اليڪش ۾ مسلم ليگ جي اندر هڪ وڏو انتشار پيدا ٿي ويو، مسلم ليگ ۽ جناح جا ساٿي مسلم ليگ کي ڇڏي پنهنجون وفاداريون ٻين سياسي پارٽين سان وابسته ڪيون. ”يوپي صوبي ۾ مسلمانن جي علما پارٽي جيڪا اليڪشن کان اڳ مسلم ليگ ۾ شامل هئي، سا مسلم ليگ کي ڇڏي 1937ع جي اليڪشن ۾ ڪانگريس سان شامل ٿي.[3]

”مسلم ليگ جي مستقبل ۾ ڀروسو نه ڏسي يو- پي صوبي جي چوڌهري خليق الزمان وزارت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪانگريس کي قبول ڪرڻ ٿي چاهيو، پر جناح صاحب عين انهيءَ وقت تي پنهنجي ۽ پنهنجي ليگي ساٿين جي زور بار وجهڻ بعد مسلم ليگ کي خاتمي کان بچايو.[4] اهڙيءَ طرح هندستان جي ٻين مسلم اڪثريتي يا اقليتي صوبن ۾ به مسلم ليگ جو اميدوار ڪامياب نه ٿيو هو. جناح لاءِ هي چئلينج هو، ڇاڪاڻ ته جناح صاحب هڪ دفعو اڳ ۾ هندستان جي مسلمان ليڊرن جي خودغرضيءَ کان بدظن ٿي مسلم ليگ کي ڇڏي انگلنڊ هليو ويو هو. جڏهن ليڊرن کيس واپس اچڻ لاءِ زور وڌو ته جناح صاحب واپس آيو ۽ مسلم ليگ جي صدارت قبول ڪري ان کي منظم ڪيو. مگر 1937ع جي اليڪشن ثابت ڪيو ته مسلم ليگ کي مسلمان عوام جي 6. 4 سيڪڙو پٺڀرائي حاصل ٿي، ان سان گڏ مسلم ليگي عهديدار مسلم ليگ کي ڇڏي ٻين پارٽين ۾ شامل پئي ٿيا.

جناح صاحب جي سامهون هڪ وڏو چئلينج هو. جيڪڏهن ٻيهر مسلم ليگ کي ڇڏي ها ته سندس ذاتي شهرت کي داغ لڳي ها. جناح صاحب آزاد خيال وارو ماڻهو هو. هن سمجهو ٿي ته هندستان جا مسلمان سندس هر گهڙي ۾ ساٿ ڏيندا، مگر عوام اڃان ذهني طور انگريزن جو نه پر وڏيرن زميندارن نوابن جو غلام هو. جنهن به پارٽي کي نوابن ۽ زميندارن ۽ جاگيردارن جي حمايت هوندي، اها ئي پارٽي ڪامياب ٿيندي. جناح صاحب هاڻي ٻئي هٿيار استعمال ڪرڻ شروع ڪيا. يعني نوابن ۽ جاگيردارن ۽ ان سان گڏ غريب عوام جي حمايت حاصل ڪرڻ شروع ڪئي. وڏن ماڻهن کي جلسن ۾ شرڪت ۽ ان جو مهمان خصوصي بنائڻ شامل هو. عوام جي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ کين ”اسلام خطري ۾ آهي“ جو نعرو ڏنو ويو. ”1937ع ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جو اجلاس لکنؤ ۾ منعقد ٿيو ته مسلم ليگ جي طاقت ۾ ان وقت اضافو آيو جڏهن بنگال جو وزيراعظم فضل حق ۽ پنجاب جو وزيراعظم سر سڪندر حيات مسلم ليگ ۾ شامل ٿيا. انهيءَ وقت جناح صاحب جو خاص مقصد هو ته مسلم ليگ جي طاقت کي وڌائجي ۽ جيترن ئي منظم پارٽين ۽ طاقتور مسلمان صوبائي گروپن جي حمايت حاصل ڪجي اوترو وڌيڪ بهتر ٿيندو.[1]

جناح صاحب مسلم ليگ کي عوام ۾ مقبول بنائڻ جي ڪوشش شروع ڪئي. ليگ جون شاخون قائم ڪيون ويون. مسلم ليگ جي مقبوليت جو واحد سبب مسلمانن جي حقن جو گڏيل هندستان ۾ تحفظ ممڪن نه هو. تنهنڪري اعلان ڪيو ويو ته ”اسلام خطري ۾ آهي.“ الله ۽ قرآن پاڪ جي نالي سان اشتهارات ورهايا ويا، جنهن ۾ مسلمان قوم کي استدعا ڪئي ويئي ته هو پنهنجي دين جي بچاءُ لاءِ متحد ٿين.[1] مسلمان جيڪو گهڻو ڪري سرمائيدار جي هٿ ۾ هو، تنهن مسلم ليگ ڏانهن وفاداري منسوب ڪئي. مسلم ليگ جي پروپيگنڊه کي تيز ڪيو ويو. مسلم ليگ هڪ قومي تحريڪ بنجي ويئي.

ڪراچي مسلم ليگ ڪانفرنس ۾ الڳ وطن جو ٺهراءُ

تاريخ 8، 9 آڪٽوبر 1938ع تي حاجي عبدالله هارون ڪراچيءَ ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جو اجلاس گهرايو. تاريخ 11، آڪٽوبر 1938ع تي قائداعظم محمد علي جناح جي صدارت هيٺ ڪانفرنس منعقد ٿي. ٻين صوبن جا اڳواڻ به هن ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيا. جهڙوڪ پنجاب جو وزيراعظم سردار سڪندر حيات، بنگال جو وزيراعظم فضل حق، آسام جو وزيراعظم سعيد الله خان، سنڌ جو وزيراعظم الله بخش سومرو، سنڌ جو روينيو وزير پير الاهي بخش، حاجي عبدالله هارون، غلام حسين هدايت الله ۽ جي.ايم.سيد ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي.[2]

حاجي عبدالله هارون استقباليه ڪاميٽيءَ جي چيئرمين پنهنجي مرحبائي تقرير ۾ مسلمانن لاءِ الڳ وطن قائم ڪرڻ تي زور ڏنو. ڪراچيءَ جي ڪانفرنس مسلمانن لاءِ الڳ وطن قائم ڪرڻ لاءِ هيٺينءَ ريت ٺهراءُ منظور ڪيو. قرارداد  ۾ چيو ويو ته” سنڌ صوبائي مسلم ليگ ڪانفرنس وسيع ننڍي کنڊ تي قيام امن جي مفاد ۾، سواءِ ڪنهن روڪ ٽوڪ ثقافتي، تعمير ترقي، معاشي ۽ سماجي بهبود ۽ ٻنهي قومن جي، جيڪو هندو ۽ مسلمان جي نالي سان آهي، سياسي خودارادي جي مفاد جي پيش نظر اهو ضروري سمجهي ٿي ته، هندستان کي ٻن وفاقن ۾ ورهايو وڃي. يعني مسلم رياستن جو وفاق ۽ غير مسلم رياستن جو وفاق. انهيءَ لاءِ هي ڪانفرنس آل انڊيا مسلم ليگ کي سفارش ڪري ٿي ته هو دستور ۾ اهڙي اسڪيم بنائي، جنهن بابت مسلم اڪثريتي صوبا مسلم ديسي رياستن ۾ ۽ اهي علائقا، جتي مسلمانن جي اڪثريت آباد آهي، پنهنجي هڪ وفاق جي صورت ۾ مڪمل آزادي حاصل ڪري سگهي ۽ اهو به اهڙيءَ طرح جو هندستاني سرحدن جي ٻي پاسي ڪنهن به مسلم رياست کي انهيءَ جي اجازت هجي ته هو انهيءَ وفاق ۾ شامل ٿي سگهي ۽ غير مسلم اقليتن لاءِ هر قسم جي حفاظت سان گڏ اهي حق هوندا، جيڪي غير مسلم وفاق ۾ مسلم اقليتن کي سهوليتون ۽ حق ملي سگهندا.[1]

هن ڪانفرنس ۾ شيخ عبدالمجيد چيو ته جيڪڏهن ڪانگريس مسلمانن جي حقن لاءِ ڪجهه نه ڪيو ته پوءِ مسلمانن کي سواءِ انهيءَ رستي جي ٻيو ڪو رستو نه آهي، ته پاڪستان جي منصوبي ڏانهن موٽ کائين، پوءِ ڪراچيءَ جي مسلمانن کي ڪير به روڪي نه سگهندو ته هو پنهنجي خودمختياري حاصل ڪرڻ لاءِ ڪلڪتي تائين مارچ ڪن.[2] قائداعظم پنهنجي صدارتي تقرير ۾ جمهوريه چيڪو سلاويڪيا کي ٽڪر ڪرڻ جو حوالو ڏيندي چيو ته جهڙيءَ طرح مڊ تان جرمن جو وجود ختم ٿيڻ جهڙو نه هو ۽ پنهنجي قومي حيثيت ۽ ايڪو هن براعظم ۾ قائم رکيو. هن ڪانگريس تي الزام لڳايو ته هو مسلم ليگ کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ۽ مسلمانن ۾ نفاق وجهي پاڻ کي مسلط ڪرڻ چاهي ٿي. هن خبردار ڪيو ته انهيءَ جو نتيجو اهو نڪرندو ته هندوستان ورهايو ويندو. [3]

ڪانگريس کان نفرت پيدا ڪرڻ ۽ مسلمانن جون همدرديون حاصل ڪرڻ لاءِ مسلم ليگ جو نعرو هو.”علحدگي ۽ جدا قوم جو تصور.“

مسلمانن لاءِ الڳ وطن قائم ڪرڻ لاءِ مسلم ليگ جي ڪانفرنس ۾ هي پهرئين قرارداد هئي. هن قرارداد کي مدنظر رکي ٻين مسلم ليگ جي اجلاسن ۾ ٺهراءُ پاس ڪيا ويا. بنيادي ۽ اصلي قرارداد ڪراچيءَ کي چئي سگهجي ٿو. مسلم ليگ جي ڪنهن به اجلاس ۾ اهڙي جرائت ڪنهن به اڳواڻ ڪانه ڪئي جهڙي دليريءَ سان شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جو ڪانگريس کي دڙڪو ڏئي، ڏني هئي. مسلمانن جي الڳ وطن قائم ڪرڻ لاءِ پيڙه جو پٿر رکيو ويو هو.

سنڌ صوبائي مسلم ليگ ڪانفرنس جي مڪمل ڪارروائي

سنڌ صوبائي مسلم ليگ جو پهريون اجلاس نهايت تزڪ احتشام سان 8 آڪٽوبر رات جو 9 وڳي ڪانفرنس جي پنڊال ۾ شروع ٿيو. سارو پنڊال ماڻهن سان ٽمٽار هو، ويهڻ جي جڳهه نه ملڻ سبب هزارين ماڻهو پويان بيٺا رهيا. ڪانفرنس جي منتظمين کي مجبور ٿي ٽڪيٽن جو وڪرو بند ڪرڻو پيو، هزارين ماڻهو ٽڪيت نه ملڻ ڪري مايوس ٿي پنڊال جي چوطرف لائوڊ اسپيڪر جي ذريعي ڪانفرنس جي ڪارروائي ٻڌي رهيا هئا.

شروعات ۾ حافظ علي محمد ڊگهڙي واري ڪلام مجيد جي تلاوت ڪئي. مولوي عبدالحئي حقاني، مير ايوب خان، مسٽر ظفر حسين چيف ڪمانڊنگ آل انڊيا جمعيت القريش والنٽيئر ڪور، ۽ ٻين ڪن صاحبن قومي نظم نهايت خوش الهاني سان پڙهي حاضرين کي محظوظ ڪيو. مرحبا ڪاميٽيءَ جي ميڙ ۾ حاجي عبدالله هارون مهمانن جي آجيان ڪئي.

ڪانفرنس جي ڪارروائي باقاعدي هلائڻ لاءِ شيخ عبدالمجيد صدر صوبه سنڌ مسلم ليگ رسمي طور قائداعظم محمد علي جناح جو نالو پيش ڪندي هڪ مختصر تقرير ڪئي.

شيخ صاحب فرمايو ته ”هي اجلاس مسلم ليگ جو آهي، آل انڊيا مسلم ليگ جو روح روان، مسلمانان هند جي مايه ناز هستي قائداعظم محمد علي جناح، اسان جي خوشقسمتي جو هن اجلاس ۾ موجود آهي. انهيءَ حالت ۾ هن ڪانفرنس جو سهرو به ان جي ئي سر تي سونهي ٿو، شيخ صاحب مسٽر محمد علي جناح جي ڪارنامن جو ذڪر ڪندي چيو ته انڊين نيشنل ڪانگريس جڏهن مسلمانن کي نظر انداز ڪري ڇڏيو ۽ پنڊت جواهر لال نهرو جهڙي ذميوار هي اعلان ڪيو ته هندستان جي قسمت جي فيصلي لاءِ هندستان ۾ فقط ٻه طاقتون آهن. هڪ انگريز ۽ ٻي انڊين نيشنل ڪانگريس! انهيءَ وقت هندستان جي نو ڪروڙ مسلمانن مان مسٽر محمد علي جناح جي شخصيت هئي، جنهن کيس ٻڌايو ته انگريزن خواه انڊين نيشنل ڪانگريس کي ياد رکڻ گهرجي ته هندستان ۾ ٽين طاقت به موجود آهي، جيڪي واحد خدا جا پرستار نو ڪروڙ مسلمان آهن. انهن کي ڪڏهن به نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. ههڙي هستيءَ کان زياده لائق هن ڪانفرنس جي صدارت لاءِ ٿي نٿو سگهي، رٿ يڪراءِ منظور ٿي؛ قائداعظم الله اڪبر فلڪ شگاف نعرن جي وچ ۾ صدارت جي ڪرسيءَ تي جلوه افروز ٿيو. ان بعد مولانا فضل الحق پنهنجي تقرير ۾ چيو ته، ”الله ذوالجلال جا هزارين شڪرانه آهن جو هزارين رڪاوٽن ۽ طرح طرح جي تڪليفن کان پوءِ به اوهان ڀائرن جي خدمت ۾ حاضر ٿي سگهيو آهيان، سچ ۽ حق ڳالهائڻ ۾ آءُ نهايت جرئت ۽ دليري اختيار ڪندو آهيان ۽ نتيجي جي ڪا به پرواه نه ڪندو آهينا، ڪاميابي ان جي سپرد ڪندو آهيان.

سنڌ هڪ اهڙو صوبو آهي، جنهن کي صحيح معنى ۾ اسلامي صوبو چئي سگهجي ٿو. سنڌ کي بمبئي صوبي کان ڌار ڪرڻ جي حڪومت برطانيه بلڪل برخلاف هئي، اسان انگلنڊ ۾ وڃي انگريز ميمبرن سان مقابلو ڪيو، هنن کي هن لاءِ مجبور ڪيو ته سنڌ کي بمبئي کان جدا صوبو تسليم ڪيو وڃي. انهيءَ سلسلي ۾ اسان جي برادران وطن اسان جي سخت ۾ سخت مخالفت ڪئي. مگر اسان جون لڳاتار ڪوششون ڪامياب ٿيون ۽ سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪري الڳ صوبو قرار ڏنو ويو.

اسان سنڌ جي علحيدگي فقط هن لاءِ ڪئي ته سنڌ ۾ اسلامي حڪومت قائم ٿئي ۽ سنڌ جا مسلمان، سنڌ جي عليحدگي مان پنهنجي آباديءَ جي مناسبت سان گهڻي ۾ گهڻو فائدو حاصل ڪن. مگر افسوس جي حد نه رهي جڏهن ڏٺو سون ته انهيءَ سنڌ ۾ اڄ به برادران وطن جي چالاڪين ۽ چالبازين سبب هندو راڄ قائم آهي ۽ جيڪي وزارتون ٺهن ٿيون سي هندن جي رحم، ڪرم تي تڳن ٿيون. هن وقت جيڪا سنڌ جي سياسي حالت آهي سا نهايت مايوس ڪن ۽ تڪليف ده آهي؛ مگر آءُ اوهان کي يقين ٿو ڏياريان ته اسين دور دراز ملڪن مان هت آيا آهيون سو ناڪام ۽ مايوس ٿي موٽي وڃڻ وارا نه آهيون. ڇا به ٿي پوي مگر اسين ضرور فتحياب ۽ پنهنجي ارادي ۾ ڪامياب ٿي موٽنداسين. اوهان کي ياد هوندو ته سنڌ باب الاسلام آهي ۽ سنڌ ۾ پهريائين اسلامي جهنڊو محمد بن قاسم بلند ڪيو هو، جنهن کي سنڌ جي نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي. مگر اوهان کي معلوم ڪري خوشي ٿيندي ته آءُ ابوالقاسم آهيان آءُ سنڌ کي فتح ڪرڻ کان سواءِ واپس نه ويندس:  اسان کي چيو وڃي ٿو ته انڊين نيشنل ڪانگريس ۾ شريڪ ٿي وڃو، مگر حقيقت هن طرح آهي ته ڪانگريس فرقيوارانه جماعت آهي ان کي نيشنل جي دعوى ڪرڻ هرگز روا نه آهي؛ ڪانگريس مان نو ڪروڙ مسلمان بحيثيت قوم ٻاهر آهن. ڪانگريس ۾ قوميت جي دعوى ڪوڙي آهي. اسان مسلمان دنيا ۾ هن لاءِ آيا آهيون ته دنيا مان باطل کي مٽائي حق جي حمايت ڪريون مگر هي بلڪل غير مناسب ٿيندو ته هڪڙو باطل مٽائي انهيءَ جي جاءِ تي ٻئي باطل کي قائم ڪريون.

اسان جا جيڪڏهن انگريز دوست نه آهن ته هندو به سڄڻ ٿي نٿا سگهن. اسان ارادو ڪيو آهي ته دنيا مان ناحق ۽ باطل کي ناس ڪري. ان جي جاءِ تي حق ۽ انصاف قائم ڪجي. ڪيترائي مٿي ڦريل اسلامي تعليم کان ناواقف چوندا آهن ته اسين اڳ ۾ هندستاني آهيون ۽ ان بعد مسلمان. مگر آءُ عرض ڪندس ته اها انهن ڪم فهمن ۽ ڪوتاهه انديش جي سخت ۾ سخت غلطي ۽ گمراهي آهي. اسين سڀ کان پهريائين مسلمان ۽ ان کان پوءِ ڪو ٻيو نالو قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. اسلام اسان کي آزادي ۽ حيثيت جو سبق ڏيئي ٿو، اسين آزاديءَ  جا شيدائي ۽ حريت جا پتلا آهيون، مگر اسان کي اهڙي آزادي گهرجي جنهن کي حقيقي معنى ۾ آزادي چئي سگهجي. نام نهاد آزادي جنهن مان مسلمانن جي تهذيب ۽ مذهب کي ڪو نقصان رسي، اهو اسان جو مقصد نه آهي! انڊين نيشنل ڪانگريس جي پاليسي عجيب معمو آهي؛ اوهان ڪيترو به ويچار ڪندؤ ته ڪانگريس جي پاليسيءَ جو پتو پئجي نه سگهندو. شروعات ۾ هنن اعلان ڪيو ته اسان کي نوان سڌارا نه کپن، تنهن کان بعد چونڊن ۾ لڙيا ۽ کين ڪاميابي حاصل ٿي ته اعلان ڪيائون ته جيستائين گورنر تسلي نه ڏيندو تيسين وزارتون قبول نه ڪنداسين. گورنر کين نه ڪا تسلي ڏني نه ڪو خاطري جهڙو جواب ڏنو مگر ان هوندي به وزارتن کي ”چنبڙي ويا. انهن متضاد ڳالهين ۽ قلابازين مان معلوم ڪري سگهندا ته انڊين نيشنل ڪانگريس ڪيتري قدر بااصول ۽ ڳالهه جي پڪي آهي.

ڪانگريس ڪاميٽي برسر اقتدار اچڻ کان بعد شرارتن، ظلمن ۽ بي انصافين ۾ منهن وڌو آهي. جن صوبن ۾ مسلمانن جي اڪثريت آهي انهن صوبن ۾ ڪانگريس جو هي اصول رهيو آهي ته مسلم اڪثريت ۾ ڦيٽاڙو وجهجي، انهن جي اجتماع ۽ ٻڌيءَ کي ٽوڙي کين پارٽين ۾ ورهائي مٿن حڪومت ڪئي وڃي. سندن اڪثريت کي بي اثر ۽ بي طاقت بنايو وڃي، جن صوبن ۾ ڪانگريس جو زور آهي اتي ئي ڪانگريس جون حڪومتون قائم آهن.  انهن صوبن ۾ سندن پاليسي ۽ حڪمت عملي رهي آهي ته مسلمانن جي حقن کي مڏيءَ ڇريءَ سان ذبح ڪيو وڃي ۽ مسلمانن جي مذهب ۽ تعليم ۽ تمدن جي پويان ڪات ڪهاڙا کڻي ڪاهي پئجي. هي اهڙي ذهنيت آهي جنهن تي نفرت ۽ لعنت وجهڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي. ڪانگريس پرڳڻن ۾ جن مسلمانن کي وزارتن ۾ ورتو وڃي ٿو سي ٻين مسلمانن جا نمائنده نه آهن ۽ انهن جي پويان مسلم ووٽرن جو ڪو به آواز نه هوندو آهي فقط چند خود غرضن ۽ قوم جي غدارن کي لالچ ڏيئي قوم کان باغي بنايو وڃي ٿو، انهيءَ  پاليسيءَ واري جماعت نيشنلزم  جي دعوى ڪري سا نهايت شرم جي ڳالهه آهي. آءُ قائداعظم مسٽر محمد علي جناح ۽ مسلمانن کي عرض ڪندس ته اهڙا ماڻهو جيڪي مسلمانن جي اڪثريت ۽ قائداعظم کي ڇڏي اسلامي تعليم جي صريح مخالفت ڪئي وڃي، انڊين نيشنل ڪانگريس جي اڳيان سر جهڪائي، انهن تي قومي ڪورٽ ۾ ڪيس هلائي کين سنگين سزائون ڏنيون وڃن. ۽ جيڪڏهن اڃان به نه سمجهن ته پوءِ هنن جو مڪمل طرح بائڪاٽ ڪيو وڃي. هنن کي اسلامي قبرستانن ۾ دفنائڻ جي اجازت نه هجي ۽ انهن سان ڪو به اهڙو برتاءُ نه ڪيو وڃي جيڪو هڪڙي مسلمان سان هڪ ٻي مسلمان لاءِ واجب آهي. ڇڏي ڏيو ته هنن جا جنازا مسلمانن جي بجاءِ گانڌي، بوس ۽ جواهر لال نهرو کڻن ۽ سندن جنازي جون نمازون ڪانگريس پڙهي. جيسين ملڪ و ملت جي غدارن کي سزا نه ڏبي تيسين انتظام رکڻ مشڪل ٿيندو. آءُ سنڌ جي مسلمانن کي عرض ڪندس ته نا اتفاقيون ۽ خود غرضيون ڇڏي ڏيو، هڪ ٻئي ڏانهن سينا صاف ڪريو ۽ سنڌ ۾ يڪمشت  ٿي ڪانگريس کي سي پي جو جواب ڏيو. آءُ پڇڻ گهران ٿو ته اوهان سنڌ هن لاءِ عليحده ڪرائي هئي ته ڪانگريس ۽ هندن جا تختئه مشق بنيا رهو؟

مسلمانو! اوهان کي غيرت اچڻ گهرجي، قوم جي مفاد ۽ عوام جي بهبوديءَ لاءِ پنهنجا ذاتي غرض ۽ شخصي فائدا قربان ڪرڻ گهرجن. اوهان يڪدم مسلم ليگ ۾ شامل ٿي وڃو آخر مسلم ليگ ۾ شريڪ ٿيڻ کان مسلمان کي ڪهڙي شيءِ مانع آهي. جيڪو مسلمان مسلم ليگ ۽ مسلم اتحاد ۾ شريڪ ٿيڻ کان نٽائي ۽ ڪيٻائي ٿو ته مون کي اهڙي مسلمان جي ايمان ۾ شبهه آهي.

سڪندر حيات خان جي تقرير

پنجاب جي نواب سر سڪندر حيات خان پنهنجي تقرير ۾ چيو ته ”نون سڌارن جي ماتحت جيڪي حق اسان کي ڏنا ويا آهن انهن جي معنى آهي ته اڪثريت  واريون قومون پنهنجن صوبن ۾ بهبودي جو سامان پيدا ڪن.مگر افسوس آهي جو اسان تي قوم جي اڪثريت وارا صوبا جتي اسان رواداريءَ  سان حڪومت ڪرڻ جا متمني هئاسين اتي ٻي حالت پيدا ٿي ويئي. اسان کي صوبي سرحد ۽ سنڌ تي ڀروسو هو ۽ خاص طرح مون کي ته يقين هو ته اهي صوبا اسان جي تقويت جو سبب ٿيندا. مگر بدقمستيءَ سان اهي ٻه صوبا جتي مسلمانن جي ڪافي اڪثريت آهي باعث زحمت بنجي ويا آهن. بنگال ۽ پنجاب ۾ اسان جي اڪثريت نالي ماتر آهي، ليڪن اسان اتي پنهنجو ڪم پاڻ سنڀالي رهيا آهيون. جيڪڏهن اسان جي سنڌ ۽ سرحد جون ڪوششون ڪامياب نه ٿيون ته انهيءَ جو نتيجو مسلمانن لاءِ نهايت خراب نڪرندو. جيڪڏهن ڪنهن اصول جي بنا تي اسان کي نقصان پهچي ها ته اسان کي افسوس ڪونه ٿئي ها! مگر سرحد ۽ سنڌ ۾ اصول جي خلاف قوم فروشن نيشنلزم جو ڍونگ رچائي غلط نموني اختيار رکي، اتي جي مسلمانن ۾ نااتفاقي پيدا ڪئي آهي. مگر هي ياد رکڻ گهرجي ته مسلمان رواداريءَ سان رهي سگهي ٿو ۽ غلاميءَ لاءِ بلڪل تيار نه آهي. ۽ ڪو به غيرت مند ڪلمي گو مسلمان انهيءَ کي برداشت نٿو ڪري سگهي.[1]

هن بعد جلسي جي صدر قائداعظم محمد علي جناح اردو ۾ ڇپيل تقرير ڪئي ۽ بعد ۾ هن ڪانفرنس جي پهرئين نشست ختم ٿي.

سنڌ صوبائي مسلم ليگ جي ٻي نشت 9 آڪٽوبر رات جو 9 وڳي زير صدارت مسٽر محمد علي جناح جي شروع ٿي. پنڊال ۾ ڏهن هزارن کان مٿي ماڻهو هئا ۽ پنج هزار کن ماڻهو پنڊال کان ٻاهر هئا، ساڍي نوين بجي جلسي جي ڪارروائي قرآن شريف جي تلاوت ۽ قومي نظمن سان شروع ٿي. شروعات ۾ خانبهادر  فقير خان رئيس ائيبٽ آباد، مختصر تقرير ڪئي. هن پنهنجي تقرير ۾ چيو ته ” آءُ مسلمانان سرحد جي پاران اوهان کي پيغام ڏيڻ آيو آهيان. آءُ ڪو مقرر ڪونه آهيان جو رنگ ڍنگ سان تقرير ٻڌائي اوهان کي وندرايان. اوهان کي اهو نه ڏسڻ گهرجي ته ڪير توهان کي تقرير ٻڌائي رهيو آهي پر هي ڏسڻ گهرجي ته هو اوهان کي ڇا ٻڌائي رهيو آهي. مان اوهان کي سرحدي ڀائرن جو پيغام ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اوهان ڪامل انسان بنجو، مسلم ليگ جي جهنڊي هيٺ جمع ٿي هڪ مرڪز تي اچو.

ان بعد سي- پيءَ جي نمائيندي سيد عبدالرئوف شاه ايم ايل اي پنهنجي صوبي جي متعلق اظهار ڪيو. سيد عبدالرئوف شاه چيو ته ”اوهان اسان جي درد دل جو احساس ڪري نٿا سگهو. اوهان خدا جي مهربانيءَ سان اڪثريت ۾ آهيو، بدقسمتيءَ سان، اسان انهيءَ صوبي جا رهندڙ آهيون جتي مسلمانن جو تعداد برابر ۽ سي پي کي ملائڻ سان به مشڪل ساڍا چار فيصد ٿئي ٿو. انهيءَ ڪري اسان کي هر قسم جي مصيبت جو مقابلو ڪرڻو پوي ٿو، وديه مندر جي اسڪيم جي لعنت جا ڪنهن به صوبي ۾ رواج ۾ اچي نه سگهي، اها اسان تي مڙهي ويئي. ان لاءِ ٻه لک روپيا پبلڪ فنڊ مان منظور ڪيا ويا آهن، جن  مان مسلمانن کي حصي ۾ پنجاه روپيا مس اچن ٿا. سڄي صوبي جي مسلمانن متفق طور انهيءَ اسڪيم جي مخالفت ڪئي پر ڪنهن به نه، ٻڌو. هن مطالبو ڪيو ته هن اسڪيم جو نالو بدلايو وڃي مگر انهيءَ کي به ٺڪرايو ويو؛ وزيراعظم جواب ڏنو ته وديه مندر جي نالي ۾ ئي ايتري ڪشش موجود آهي جو نوانوي فيصد آبادي لاءِ روحاني ولولي جو باعث آهي. انهيءَ اسڪيم جي بدولت تعليم مرهٽي ۽ هنديءَ ۾ هوندي. مسلمانن جي ٻچن کي شروعات کان هندو تهذيب سيکاري ويندي. ڪانگريس جي دعوى هئي ته اقليتن جي زبان، رسم الخط وغيره جي حفاظت ڪئي ويندي، مگر اڄ ڪانگريس حڪومت انهيءَ جي مٽائڻ لاءِ برسر پيڪار آهي، مسلم ليگ پارٽي اسيمبليءَ ۾ هڪ بل پيش ڪري ته اقليتن کي يونيورسٽيءَ تي ڇهه نمائنده ڏنا وڃن، جن مان ٻه جايون مسلمانن کي مليون ٿي. انهيءَ جائز مطالبي کي به فرقه پرستيءَ جو رنگ ڏيئي ٺڪرايو ويو.

هندي ۽ مرهٽي زبان کي صوبي جي زبان قرار ڏنو ويو آهي. اسيمبليءَ جون تقريرون هندي ۽ مرهٽيءَ ۾ رڪارد ٿين ٿيون. مسلمانن به گهر ڪئي ته اردو ۾ به تقريرون رڪارڊ ڪيون وڃن ته عذر ڏنو ويو ته خرچ زياده ٿيندو. اندازو ڪيو ويو ته اهو خرچ ڪنهن به حالت ۾ هڪ هزار کان زياده نه اچي ها- جبل پور ۾ ٻه فرقيوارانه فساد ٿيا. جنهن فساد ۾ مسلمان ملزم زياده هئا، انهن تي ڪيس هلائي کين ڳري کان ڳريون سزائون ڏنيون ويون. ٻيو فساد جنهن ۾ هندو مجرمن جو تعداد گهڻو هو، انهن جا ڪيس ڪانگريس هن بهاني تي ڪڍرائي ورتا ته هندو مسلم تعلقات  خوشگوار رهندا. سي.پي صوبي جي لوڪل باڊيز جي اندر گڏيل چونڊون رواج ۾ آنديون ويون آهن. انهن مان ئي اوهان سمجهي ويا هوندا ته جتي مسلمانن جي آبادي وڌ ۾ وڌ چار  يا پنج سيڪڙو هجي اتي هو ڪهڙي طرح پنهنجا نمائنده ميونسپالٽين يا لوڪل باڊين ۾ موڪلي سگهندا. ڪانگريس گورنمينٽ گئوڪشيءَ جي بندش ڪرائڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهي آهي. اسيمبليءَ م اهو بل آندو ويو آهي، اهو بل پبلڪ راءِ لاءِ پڌرو ڪيو ويو- جتي پنجانوي سيڪڙو هندو آبادي هوندي، اتي انهيءَ بل تي ڪهڙو رايو ملندو؟” سو اوهان سمجهي سگهو ٿا، اسان جي دردن جو وڏو داستان آهي، جيڪڏهن آءُ هن جو تفصيلوار بيان ڪريان ته مون کي انهيءَ لاءِ گهڻو وقت گهرجي، مگر آءُ سڀني ڳالهين جو اختصار  ڪندي اوهان کي فقط اهو ايترو ٻڌايان ٿو ته اسان جي زندگي وبال جان بنجي ويئي آهي، اسان کي اميد هئي ته جن صوبن ۾ اسان جي مسلمان ڀائرن جي اڪثريت آهي اهي اسان جي هن سلسلي ۾ ضرور مدد ڪندا. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اسان جي مسلمان ڀائرن جو پاڻ ۾ اتفاق آهي ته ضرور هندن کي به انديشو رهندو ته جيڪڏهن اسان ڪن مسلمانن سان ظلم جو برتاءُ  ڪيو ته مسلمان اڪثريت وارا صوبا به هندن سان ساڳيو سلوڪ ڪندا، انهيءَ ڪري مان سي پيءَ جي مظلوم مسلمانن جي مظلوميت جو واسطو وجهي اوهان کي عرض ڪندس ته اوهان متفق ٿيو ته اسان کي ظلمن مان نجات ملي.

خانبهادر مخدوم مريد حسن صاحب ملتاني جي تقرير

هن پنهنجي تقرير ۾ چيو ته، ” سنڌ جا مسلمانو! خدارا وقت جي نزاڪت کي ڏسو، هينئر مسلمانن لاءِ نهايت نازڪ وقت اچي رهيو آهي، انهيءَ ڪري اوهان کي خدا جي حڪم موجب هڪ رسيءَ کي چنبڙي وڃڻ گهرجي ۽ مسلم ليگ جي جهنڊي هيٺان اچڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته مسلم ليگ ئي مسلمانن جي واحد نمائنده جماعت آهي ۽ مسلمانن جي ترقي ۽ بهبودي ان جي معرفت ئي ملي سگهي ٿي. مون کي سنڌ جي مسلمانن جي حالت تي افسوس ٿئي ٿو جو هو باوجود اڪثريت ۾ هوندي به ذليل زندگي گذاري رهيا آهن، انهن جي ڪمزوريءَ جو سبب فقط اهو ئي آهي جو هنن ۾ اتفاق ڪونه آهي. جيڪڏهن هو پنهنجي تنظيم ڪن ته جيڪر پنهنجي حالت کي بهتر بنائي سگهن. مون کي اميد آهي ته مان جلد مخدوم غلام حيدر صاحب سان گڏ سنڌ جو دورو ڪندس ۽ مسلمانن جي تنظيم لاءِ ڪوشش ڪندس.

مسٽر عاشق حسين جي تقرير

 مسٽر عاشق حسين ايم ايل اي بهار جي نمائنده پنهنجي صوبي جي حالت نهايت درد انگيز نموني ۾ ٻڌائي. ڪانگريس گورنمينٽ طرفان مسلمانن تي انهيءَ  صوبي ۾ مظالم ڪيا ويا آهن تن کي واضع طور بيان ڪيو. هن صاحب ٻڌايو ته اسان تي جنهن قسم جا ظلم ڪيا وڃن ٿا، انهيءَ جي بيان ڪرڻ لاءِ مون کي ڪي به لفظ نٿا ملن، مان چند واقعا اوهان جي سامهون بيان ڪيان ٿو.

جيئن ته بهار جي هڪ ڳوٺ اڪڙيا ۾ ڪي ماڻهن ڳئون جو گوشت ٻئي ڳوٺ مان آڻيندا هئا، حڪومت جي طرفان بندش وڌي ويئي، جواب ۾ مسلمانن قانون شڪنيءَ جو ارادو ڪيو. مگر جيستائين هو قانون شڪني ڪن تنهن کان اڳ ٽيويهه مسلمانن کي گرفتار ڪيو ويو. ضلع هزار باغ جي هڪ ڳوٺ ۾ هڪ مسلمان ڳئون جو گوشت آندو، جنهن کي هندن پڪڙيو، کيس نه فقط مار ڏنائون مگر ان جي منهن ۾ پيشاپ ڪري سندس منهن ۾ سوئر جو گوشت رڳڙيائون. پوليس غريب مسلمان جي فقط رپورٽ به ڪانه ورتي. مسلمانن عيسائي پوليس سپرنٽينڊنٽ کي اطلاع ڏنو، جنهن شرير هندن کي گرفتار ڪيو ۽ انهن تي مقدمو هلايو. مگر ملزمن جي زياده تعداد کي بري ڪيو ويو. اوهان ڀاڳپور جي گوليبازي ٻڌي هوندي ته اتي مسلمانن جي پرامن هجوم تي ڪيئن گوليبازي ڪئي ويئي. در جهنگ ۾ هڪ مقام آهي، جنهن ۾ مسلمانن جون قبرون آهن هڪ مسلمان مري ويو، انهيءَ کي مقام ۾ دفن ڪيو ويو. هندن اعتراض ورتو ته اها اسان جي جڳهه آهي، ٽن ڏينهن بعد مسلمان جي لاش کي قبر مان ڪڍي درياه ۾ لورهي ڇڏيو. هي ۽ ٻيا هزارين واقعا آهن، جن جي ظاهر ڪرڻ جي لاءِ مون کي وقت گهرجي، مان مسلمانان سنڌ کي اپيل ڪريان ٿو ته پنهنجي مظلوم ڀائرن جي اخلاقي مدد ڪرڻ جو واحد ذريعو اهو آهي ته هو سنڌ ۾ متحد ٿي مسلم ليگ جي حڪومت قائم ڪن ته جئن ڪانگريسي حڪومتن کي مسلمانن تي ظلم ڪرڻ وقت هن ڳالهه جو خيال رهي ته اسان جيڪڏهن مسلمانن سان ناجائز ظلم ڪيا ته مسلم ليگ صوبن ۾ انهي جو جواب اسان کي به اهڙو ڏنو ويندو.


[1]  محمد سرور تحريڪ پاڪستان ڪا ايڪ باب، سنڌ ساگر ايڪيڊمي لاهور 1975ع ص 67

[2]  ايضاً ص 64

[3]  B.N. Pandey Breakup of British India, London, Mecmillan, 1969, P. 148

[4]   B.N. Pandey Breakup of British India Op-Cit, P. 146

[1]  Khalid Bin Sayeed, Pakistan The Formative Phase, London, Oxford University 1968, P. 133

[1]  B.N. Pandey, Breek up of British India, London, Mecmillan, 1969 P-148.

[2]  جي.ايم.سيد، کان مصنف جو ورتل انٽرويو.

[1]  شريف الدين پيرزاده پاڪستان منزل به منزل، ڪراچي، گلڊ اشاعت گهر 1965 ص - 194

[2]  Syed Sharifudin Pirzada, Pakistan Resolution and Historic Lahore Session Vol. I, Karachi, Pak: Publication, 1968. P. 10

[3]  Syed Sharifudin Pirzada, Evolution of Pakistan, Lahore, Legal decisions, 1963 P. 151

[1] نوٽ: قائداعظم جي تقرير نه ملي سگهي آهي. باقي شروعات ۾ ڪجهه اقتسابات ڏنل آهن.

(1)         روزانه الوحيد ڪراچي، آڪٽوبر 12، 1938ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org