سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو

باب؛ 1

صفحو؛ 20

مسلمان عورتن جي سب ڪاميٽي جو پهريون کليل اجلاس ڪراچي جي گانڌي گارڊن ۾ منعقد ٿيو، جتي بيگم هدايت الله ۽ بيگم شفيع (پنجاب) تحريڪ پاڪستان تي تقريرون ڪيون.

        سنڌي مسلمان عورتن جو ٻيو عام جلسو منعقد ٿيو. هن جلسي کي درهم برهم ڪرڻ لاءِ ڪانگريس جي طرفان انتهاپسند عورتن کي موڪليو ويو. ڪانگريس عورتون جلسي ۾ داخل ٿيون، پر سنڌي مسلمان والنٽيئر ڇوڪرين همٿ ڪري جلسي تي ڪنٽرول ڪري ورتو. بيگم هدايت الله احتجاج ڪندي مطالبو ڪيو ته  پوليس جي ڪمڪ ڏني وڃي. هن جي مطالبي تي حڪومت  پوليس کاتي ۾ عورتن جي مقرري ڪئي. بيگم هدايت الله سنڌ جو دورو ڪيو، جتي هن مسلمان سنڌي، پٺاڻ، بلوچ عورتن کي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ آماده ڪيو.

        ڊسمبر 1943ع ۾ صوبائي ڪاميٽي جي ڪاروباري ڪاميٽي، پنهنجي ميٽنگ ۾ ٺهراءُ بحال ڪيو ته آل انڊيا مسلم ليگ جو چوٿون اجلاس جيڪو ڪراچي ۾ منعقد ٿيندو، تنهن ۾ موثر طريقي سان ڪردار ادا ڪيو وڃي. هڪ ڊگهي رپورٽ سب ڪاميٽي جي ڪيل ڪم جي باري ۾ تيار ڪئي وڃي، جيڪا مرڪزي سب ڪاميٽي جي آڏو پيش ڪئي ويندي. هي اجلاس جيڪو 24 ڊسمبر کان شروع ٿيو جنهن ۾ 5 هزار مسلمان عورتن شرڪت ڪئي. خوبصورت لباس پهريل مسلمان نيشنل گارڊ جي عورتن جي قطار جو قائداعظم محمد علي جناح معائنو ڪيو. انهي جلسي ۾ جناح صاحب اظهار خيال ڪندي چيو ته مسلمان عورتون پاڪستان جي تحريڪ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون، هن هندستان جي ٻين علائقن ۾ به نيشنل گارڊ جي تنظيم تي زور ڏنو. قائداعظم وڌيڪ چيو ته مسلمانن جي سامهون هڪ وڏي مهم آهي ۽ مون کي اميد آهي ته مسلمان پاڪستان جي سپاهي جي حيثيت سان ڪم ڪندو. انهن جي تعاون کان سواءِ اهو تمام مشڪل آهي ته مسلم ليگ پنهنجي مقصد ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگهي. تاريخ 25 ڊسمبر تي مرڪزي سب ڪاميٽي جي الڳ گڏجاڻي منعقد ٿي جنهن ۾ نوان عهديدار چونڊيا ويا.

سنڌ وومين مسلم ليگ جي تنظيم

        صدر:                  بيگم نصرت عبدالله هارون

        سيڪريٽري:           بيگم عزيز رسول

        خزانچي:               بيگم عبدالعزيز

        31 ڊسمبر 1945ع تي مسلمان عورتن جو هڪ وڏو جلسو ڪراچي جي ڪياماڙي تي زير صدارت بيگم هدايت الله جي ٿيو، جنهن ۾ بيگم انصاري، بيگم انور حسين هدايت الله، بيگم يوسف هارون، بيگم الانه ۽ ٻين تقريرون ڪيون. جنهن ۾ مسلم خواتين کي ايندڙ چونڊن جي اهميت کان واقف ڪيو ويو ۽ مسلم ليگ جو نصب العين ”پاڪستان“ ٻڌايو ويو ۽ ٺهراءُ پاس ڪيو ويو ته ايندڙ چونڊن ۾ مسلم ليگ جي مدد ڪئي وڃي.(1)

سنڌ جي مسلمان عورتن جو تحريڪ پاڪستان ۾ حصو

        ”تاريخ 11 جنوري 1946ع تي آل انڊيا مسلم ليگ خواتين ڪراچي برانچ جو جلسو انجمن هال ۾ ٿيو، جتي بيگم هدايت الله ”يوم شڪرانو“ جي سلسلي ۾ قائداعظم ڏانهن مبارڪ باد جو ٺهراءَ پاس ڪري موڪلڻ جي تجويز پيش ڪئي، جنهن جي بيگم شعبان تائيد ڪئي. ٻئي ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته مسلم ليگ جي اميدوار مس جي الانه کي ڪامياب بنايو وڃي. آخر ۾ بيگم دائودپوٽه کي ليگ جي زنانه ڪاميٽي مان خارج ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته هوءَ مسلم ليگ جي اميدوار بيگم جي الانه جي مقابلي لاءِ اميدوار ٿي هئي. هن جلسي کي بيگم هارون، بيگم شعبان، بيگم هدايت الله، بيگم انصاري، بيگم محمد اسحاق ۽ بيگد ولي محمد خطاب ڪيو.(2)

        1946ع ۾ صوبه سنڌ مسلم خواتين ڪاميٽي بنائي وئي. جنهن تي هيٺين عورتن کي بطور ميمبر نامزد ڪيو ويو: بيگم عبدالله هارون صدر آل انڊيا مسلم خواتين، بيگم هدايت الله صدر سنڌ مسلم ليگ خواتين ۽ بيگم شعبان سيڪريٽري سنڌ مسلم ليگ خواتين. هي ڪاميٽي تنظيمي پروگرام لاءِ حيدرآباد کان ڪوئيٽا ويئي، جتي تحريڪ پاڪستان لاءِ تبليغ ڪئي.(3)

”حيدرآباد ۾ عورتن جو جلسو زير صدارت بيگم غلام حسين هدايت الله جي ٿيو. آرگنائيزينگ سيڪريٽري بيگم طاهرا اعجاز حسين آغا هئي ۽ بيگم غلام رسول ڀرڳڙي چيئرمين استقباليه ڪاميٽي هئي. هن جلسي ۾ بيگم مخدوم محمد عمر نظم پڙهيو ۽ بيگم واجد علي انصاري حصول پاڪستان جي باري ۾ تقرير ڪئي. خواتين حصول پاڪستان جي موضوع تي تقريرون ڪيون ۽ خواتين نيشنل گارڊ جي تنظيم تي زور ڏنو.(1)  ”تاريخ 24 مارچ 1946ع تي خواتين نيشنل گارڊ مسلم ليگ جو جلسو زير صدارت بيگم غلام رسول ڀرڳڙي جي منعقد ٿيو. جلسي جي ڪارروائي مس محمد اعظم هلائي. نيشنل گارڊ جي ڪارڪن محترمه سعيده بيگم ترانه پڙهيا ۽ حاضرين ”ليڪي رهين گي پاڪستان“ جا نعرا لڳايا. هيٺين عورتن پاڪستان جي موضوع تي تقريرون ڪيون. بيگم طاهره آغا، بيگم حڪيم شمس الدين ، بيگم محمد يونس، مس آدم خان، مس محمد يونس ۽ مس عارف.(2)

        ”تاريخ 16 مارچ 1946ع تي حيدرآباد ۾ مدرستہ البنات ۾ هزارين عورتن جي موجودگي ۾ مسلم ليگ (خواتين) جي ڪارروائي زير صدارت ليڊي غلام حسين هدايت الله صاحبه جي تلاوت قرآن مجيد سان شروع ٿي. آرگنائيزيشن سيڪريٽري بيگم طاهره اعجاز حسين آغا، قائداعظم محمد علي جناح، محترمه مس فاطمه جناح ۽ ٻين جا، ڪانفرنس ڏي موڪليل پيغام پڙهي ٻڌايا. بيگم رئيس غلام رسول ڀرڳڙي چيئرمين استقباليه ڪاميٽي آجيان جو خطبو پڙهيو.

        هن صدر ڪانفرنس ۽ آيل وفدن کي خوش آمديد چيو ۽ ٻڌايو ته اهي خاص جذبي تحت مسلم ليگ ۾ شامل ٿيون آهن ۽ هو هر مرد، عورت ۽ ٻار کي مسلم ليگ ۾ شامل ڪرڻ کان سواءِ  آرام نه ڪنديون، وڌيڪ چيائون ته مسلمان زالون حصول پاڪستان لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهن.

        بيگم هدايت الله صدر ڪانفرنس  شڪريو ادا ڪندي تاريخ مان مسلم خواتين جي بهادري ۽ قرباني جا حوالا ڏيندي چيو ته مسلمان زالن کي مسلم ليگ جي جهنڊي تحت گڏ ٿي پنهنجي پيدائشي حق پاڪستان جي آخري جدوجهد لاءِ تيار رهڻ گهرجي.

        ان کان پوءِ بيگم واجد علي انصاري پاڪستان جي موضوع تي تقرير ڪندي چيو ته حصول پاڪستان لاءِ قربانين ڏيڻ جو وقت اچي ويو آهي ۽ اسان کي سنت خليل الله کي تازو ڪرڻ گهرجي.

        ساڳي تاريخ تي خواتين مسلم ليگ ڪانفرنس جي ٻئي سيشن جي ڪارروائي هزارين عورتن جي موجودگيءَ ۾ زيرصدارت بيگم هدايت الله جي تلاوت قران مجيد سان شروع ٿي. بيگم مخدوم محمد عمر هن خاص موقعي جي لاءِ ٺاهيل نظم پڙهي؛ آرگنائيزنگ سيڪريٽري بيگم طاهره اعجاز حسين آغا معزز مهمانن کي خوش آمديد چوندي رپورٽ ۾ انهن عورتن جو شڪريو ادا ڪيو، جن ڪانفرنس کي شاندار ۽ ڪامياب بنائڻ لاءِ مدد ڪئي. خواتين جي، مسلم ليگ لاءِ محبت ۽ جوش و خروش جي تعريف ڪئي ۽ اپيل ڪئي ته هو سڀني مسلمانن کي حصول پاڪستان جي جدوجهد لاءِ، هن نازڪ دور ۾ متحد ڪرڻ جو ڪم پنهنجي هٿ ۾ کڻن ۽ تيستائين آرام نه ڪن جيستائين هر هڪ مرد ۽ زال مسلمانن جي قومي نمائنده جماعت مسلم ليگ جو ميمبر نه ٿيو آهي. اها ڪا مشڪل ڳالهه نه آهي، ڇاڪاڻ ته اها هڪ تسليم شده حقيقت آهي اهو هٿ جيڪو پينگهو لوڏي ٿو سو دنيا تي حڪومت به ڪري سگهي ٿو.

        بيگم واجد علي انصاري ۽ بيگم عبدالله هارون آل انڊيا خواتين مسلم ليگ تقريرون ڪيون. بيگم هارون چيو ته هندو ۽ مسلمان هر ڳالهه ۾ ڌار آهن ۽ ڌار رهندا. اڪثريت ۽ اقليت جو سوال نه آهي پر ٻن قومن جو سوال آهي. پر مسلمان فطرتن آزادي پسند آهي، هو نه خود غلام رهندو بلڪه اها انگريزن جي غلامي هجي يا هندن يا ڪنهن ٻيءَ جي، ۽ نه وري پنهنجين پاڙيسرين کي غلام بنائڻ يا غلام ڏسي ٿو. سڀني پيچيدگين جو علاج آزاد هندستان ۽ آزاد پاڪستان آهي.

        ڪانفرنس ۾ هيٺيان ٺهراءَ متفقه طور پاس ڪيا ويا:

1.                  سرڪار کان آزاد هند فوج جي مقدمن جي ڪڍائڻ ۽ ڪپتان عبدالرشيد ۽ ڪپتان برهام الدين جون سزائون معاف ڪرڻ جي زوردار گهر ڪئي.

2.                 ڪانگريس جي، مسلمانن ۾ تفرقو وجهي، حڪومت ڪرڻ جي سازش جي مذمت ڪئي وئي.

3.                  گورنر پنجاب جي، خضر حيات وزارت ٺاهڻ واري غيرآئيني ۽ جانبدرانه فيصلي جي مذمت ڪئي ويئي.

4.                 گورنمينٽ برطانيه کي خبردار ڪيو ويو ته مسلمان مسلم ليگ جي لاهور واري ٺهراءَ موجب پاڪستان کان گهٽ ڪنهن به آئين تي رضامند نه ٿيندو. انهيءَ لاءِ ڌار دستور ساز اسيمبلي عمل ۾ آندي وڃي.

5.                 غدار مسلمانن کي تنبيهه ڪئي وئي ته هو هندن جا ڪٽ پتلا ٿي مسلمانن ۾ تفرقو ۽ تباهي جو باعث نه بڻجن.

6.                 قائداعظم جي قيادت ۾ اعتماد جو اظهار ڪيو ويو ۽ ان کي سنڌ جي مسلم خواتين جي طرفان يقين ڏياريو ويو ته هو پاڪستان لاءِ فقط حڪم ٿيڻ تي هر قرباني ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وينديون. خواتين نيشنل گارڊ لاءِ اپيل ڪئي وئي ۽ تمام گهڻي تعداد ۾رضاڪارن پاڻ کي پيش ڪيو. آخر ۾ بيگم هدايت الله صدر ڪانفرنس ڪارروائي کي ختم ڪندي سڀني جو شڪريو ادا ڪيو ۽ ڪانفرنس جي منتظمين کي ڪانفرنس جي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني، قومي تراني سان ڪانفرنس ختم ٿي.

سنڌ جي مسلمان عورتن جا جلسا ٿيندا رهيا. جلسن جون ڪارروايون هيٺين طرح منعقد ٿيون:

        ”حيدرآباد سنڌ ۾  آچر ڏينهن تاريخ 21 اپريل 1946ع جي زنانه نيشنل گارڊ ٽنڊو ولي محمد برانچ جو جلسو ميدان گرلز اسڪول ۾ شام جو پنجين بجي منعقد ٿيو. پاڙي جون پنجاهه کن عورتون آيل هيون ۽ جلسو زير صدارت صاحبه دسته ٽنڊو ولي محمد مس اي مخدوم صاحبه جو شروع ٿيو.

        جلسي جي شروعات مس عارف صاحبه جي تلاوت قرآن پاڪ سان  شروع ٿي. تنهن کان پوءِ زنانه نيشنل گارڊ جي ميمبرن مسلم ليگ جو ترانو پڙهيو. پوءِ ناظرين کي پاڪستان جي اسڪيم جي وضاحت، نهايت اعليٰ لفظن ۾ مس شمس الدين صاحبه نائب صاحبه دسته ڪئي. تنهن کانپوءِ مس ايف مخدوم صاحبه مسلم ليگ ۽ ان جي نصب العين پاڪستان جي سمجهاڻي پرزور الفاظ ۾ ڏني. پوءِ سيڪريٽري مس ڪي محمد پريل نيشنل گارڊ ڇا آهي؟ ۽ اسان کي هن ۾ ڇو شامل ٿيڻ گهرجي؟ تنهن جي سمجهاڻي ڏني.

        پڇاڙي ۾ صاحبه دسته ناظرات جو شڪريو ادا ڪيو، جنهن پنهنجو قيمتي وقت ضايع ڪري قومي جلسي ۾ بهرو ورتو. اسان جي همت افزائي ڪئي ۽ ٻارهن ڀينرن قومي جذبي کان متاثر ٿي نيشنل گارڊ ۾ ڀرتي ٿيڻ لاءِ نالا ڏنا ۽ جلسو بخير و خوبي ۽ قومي نعرن سان ختم ٿيو. (1)

        سنڌ مسلم ليگ جي سرگرم ڪارڪن بيگم طاهره اعجاز حسين آغا هڪ 44 صفحن جو ڪتاب نالي ”اسان جو پاڪستان“ 1946ع ۾ ڇپايو، جنهن ۾ هن هي ڪتاب مسلم ليگ جي صدر خواتين بيگم هدايت الله ڏانهن منسوب ڪيو. هن ڪتاب ۾ محترمه بيگم اعجاز حسين آغا سنڌ جي مسلمانن کي نهايت سولي نموني سان پاڪستان جو مطلب، مسلم ليگ جو مقصد بيان ڪيو آهي. پاڪستان حاصل ڪرڻ جا سبب، هندن جون نام نهاد اتحاد لاءِ ڪوششون ۽ انهن جا منصوبا، مسلمان کان هندن جي نفرت جا مثال ڏئي سنڌ جي عام مسلمانن کي سجاڳ ڪيو. هن پاڪستان جو منصوبو تمام سهڻي نموني سمجهايو. آخر ۾ هو هندستان جي مسلم عوام ۽ خاص طور تي سنڌ جي مسلمان عوام کي اپيل ڪندي لکي ٿي ته پاڪستان حاصل ڪرڻ جي لاءِ  جدوجهد ڪيو. هن ڪتاب جا مختصر ٽڪرا مثال طور ڏجن ٿا:

        مسلمانو! وقت جي نزاڪت کي نظر ۾ رکندي پنهنجي ذاتي ۽ قبيلائي مفادن، ثقافت ۽ رقابتن کي وساري ڇڏيو ۽ جماعت جي سڏ تي فرد واحد وانگر سبز هلالي، پرچم هيٺ متحد ٿي پنهنجي آزادي ۽ پياري وطن پاڪستان لاءِ اشاري ملڻ تي هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار ٿي وڃو.

        مسلمان! اٿي کڙو ٿي! هوش ۽ عقل کان ڪم وٺ! زمانو بدلجي چڪو آهي! وقت جي تقاضا ڏانهن ڌيان ڏي! پنهنجي گرد و نواح جو جائزو وٺ! دشمن جا ناپاڪ ارادا، اتحاد، ايثار ۽ قرباني ڏس! ڪلڪتي ۽ بمبئي جي خوني واقعات تي غور ڪري ڏس! اسلام جي دشمنن کي منهن ٽوڙ جواب ڏي. دوست ۽ دشمن ۾ تيمز ڪري، پنهنجن ڏهه ڪروڙ ڪلمه گو مسلمانن جي واحد نمائنده قومي جماعت جو ساٿ ڏي!“

        جنوري 1947ع، ”حيدرآباد ۾ مسلم خواتين ڪانفرنس جو هڪ عظيم الشان اجلاس شروع ٿيو. ۽ هزارن جي تعداد ۾ دختر توحيد شرڪت ڪئي. جلسي جي صدارت بيگم هدايت الله ڪئي ۽ اول جلسي جي ڪارروائي تلاوت قرآن پاڪ سان شروع ٿي. بعد ۾ بيگم شاهنواز ۽ مس فاطمه جناح جا موڪليل پيغام پڙهيا ويا. استقباليه ڪاميٽي جي چيئرمين بيگم ڀرڳڙي مسلم خواتين جي جلسي ۾ شرڪت ڪرڻ تي شڪريه بجا آندو. بيگم طاهره اعجاز حسين آغا پنهنجي تقرير جي دوران چيو ته، دنيا کي سنڌ جي چونڊن واضح ڪري ڏيکاريو آهي ته ملت اسلاميه هند مسلم ليگ، حصول پاڪستان جا حامي آهن. جيڪڏهن هندستان جا مسلمان چاهين ٿا ته  هو پاڪستان کي قائم ڪن ۽ بهار کي ٻيهر دهرائڻ جو موقعو نه ڏين، ته مسلمان مردن، عورتن ۽ ٻارن خواه ٻڍن کي مڪمل طرح سان تيار رهڻ گهرجي ۽ پاڪستاني جهنڊي هيٺ اچي هڪ آواز بلند ڪرڻ گهرجي. پنجاب جي خضر وزارت جي بيجا روش جي مذمت ڪندي بيگم صاحبه فرمايو ته خضر وزارت جي اها روش ملڪ ۾ امن نه پر بدامني ڦهلائڻ جي آهي. امن پسند نيشنل گارڊ تي بندش وجهڻ بلڪل غيرمنصفانه  طريقي تي مبني آهي. انهي ڪري مان پنهنجي مسلم ڀينرن کي استدعا ڪنديس ته  هو قران جي رهبري هيٺ اسلام جي گذريل روايات کي زندهه ڪرڻ لاءِ مسلم ڀائرن سان جهاد ۾ شانه بشانه ٿي بيهن. بيگم صاحبه مسلم خواتين اڳيان نون نُڪتن وارو پروگرام پيش ڪيو. جنهن ۾ هن ڄاڻايو ته:

1.                  مسلمان خواتين پنهنجي اولاد کي طارق، خالد ۽ ٽيپو جهڙن شيرن جيان تربيت ڏيڻ گهرجي.

2.                 تعليم بالغان جو سرشتو هئڻ گهرجي.

3.                 مسلمانن کان خريد ڪرڻ واري تحريڪ جاري ڪرڻ.

4.                 نوجوان فرزندن کي تجارت ڏانهن لاڙو ڪرائڻ.

5.                 غريب حرن جي اولاد لاءِ امداد ڪرڻ.

6.                 هڪ بيت المال جو قيام ڪرڻ.

7.                 ٻهراڙين تائين مسلم ليگ جو آواز پهچائڻ.

8.                 مردن خواه عورتن کي نيشنل گارڊ ۾ ڀرتي ڪرائڻ جي ڪوشش وٺڻ

9.                 شريعت بل ۽ ٻيا اهڙا بل جنهن مان مسلم عوام کي فائدو رسي، حڪومت تي زور آڻڻ ته جلد بحال ڪري.

بيگم هدايت الله صدر ٿيڻ جو شڪريو بجا آڻيندي  چيو ته اسان ڏسي وٺنداسين ته بهار جا بزدل هندو، مسلمانن جي نئين آبادين کي وري ڪيئن مٽائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. بيگم شعبان هڪ ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن ۾ خضر وزارت کي سخت الفاظن ۾ ننديو ويو ۽ خضر وزارت تي واضح ڪيو ويو ته  جيڪڏهن هو پنهنجي جارحانه روش کان باز نه آئي، ته انهي مان بلڪل برا نتيجا برآمد ٿيندا. جنهن جي  سموري جوابداري خضر وزارت تي عائد ٿيندي. انهي ٺهراءُ جي بيگم انصاري تائيد ڪئي. جيڪو يڪراءِ بحال ٿيو. ٻين مقرر بيگمات به پنهنجي تقرير جي دوران مسلم خواتين کي منظم ٿيڻ جي تاڪيد ڪئي جو پاڪستان جي آئنده جهاد ۾ حصو وٺڻو آهي.(1)

        انهي اجلاس جي ٻي نشست ٻي بجي  شروع ٿي. تلاوت قرآن مجيد کان پوءِ پهريائين مولوي عبدالقدوس بهاري ۽ مولوي عبدالقيوم ڪانپوري نهايت پراثر تقرير ڪندي ٻڌايو ته اسان مسلمانن جي شاندار ماضي ۾ ڪيئن مسلم خواتين مجاهدانه نموني ۾ مردن سان ميدان جنگ ۾ غازين جيان گڏ وڙهنديون هيون. هنن موجوده وقت تي نقشو ڇڪيندي چيو ته، موجوده وقت جون زالون پنهنجو ڪيترو نه وقت فضول سينگار ۾ برباد ڪنديون آهن. اسانجي معزز خواتين کي گهرجي ته هو پنهنجي مردن، ڀائرن ۽ فرزندن کان پڇن ته هنن قوم ۽ جماعت لاءِ ڪهڙي نمايان قرباني ڪئي آهي؟ بيگم عبدالله هارون صاحبه پنهنجي تقرير دوران حاضرين خواتين کي نيڪ مشورو ڏنو ته جڏهن اوهين پنهنجي گهرو ڪمن کان فارغ ٿيو، تڏهن اوهان پنهنجن ڀينرن کي قرآن جي تعليم ڏيو ۽ کين مسلم ليگ جي اغراض و مقاصد کان واقف ڪريو. روزا ۽ نماز جهڙن نيڪ ڪمن ڏانهن توجهه ڪيو.

        بيگم انصاري پنهنجي ولوله انگيز تقرير جي دوران مسلم خواتين کي نيشنل گارڊ ۾ ڀرتي ٿيڻ جي تاڪيد ڪئي ۽ هڪ ٺهراءُ پيش ڪيائين ته حرن جي زالن کي يڪدم آزاد ڪيو وڃي ۽ حرن جي لوڙهن کي ڳوٺن جي صورت ۾ تبديل ڪيو وڃي. حرن کي پنهنجا اڳوڻا گهر ۽ زمينون واپس ڪيون وڃن. اهو ٺهراءُ  يڪراءِ بحال ٿيو ۽  شام جو ساڍي ستين بجي خواتين ڪانفرنس خيرخوبي سان ختم ٿي.(1) تاريخ 1 فيبروري 1947ع تي لاهور ۾ خضر حيات جي وزارت جي خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ شروع ٿي. لاهور ۾ خواتين جو هڪ احتجاجي جلوس خضر وزارت جي خلاف ترتيب ڏنو ويو. سنڌ خواتين مسلم ليگ جي صدر بيگم صغران ۽ جنرل سيڪريٽري بيگم شعبان هن تحريڪ ۾ حصو ورتو. سنڌ مسلم ليگ جون خواتين، لاهور پهچڻ کان پوءِ، ٻئي ڏينهن خواتين جو احتجاجي جلوس صغران بيگم جي اڳواڻي هيٺ نڪتو. جلوس جي ٻنهي طرفن کان پوليس جي ڪمڪ هئي. پوليس جو سپرنٽينڊنٽ صغران بيگم وٽ اچي پنهنجو هٿ صغران بيگم جي مٿان ڏيئي چيو ته ”توهان اڳتي نه ٿا وڌي سگهو؟ صغران بيگم سپرنٽينڊنٽ ڏي نفرت جي نگاهه سان ڏسندي هن کي جواب ڏنو ته، ”پنهنجو هٿ پري ڪر! اسان سنڌ مان صرف انهي لاءِ آيا آهيون ته مسلم ليگ جو جهنڊو گورنر هائوس جي مٿان لڳايون.“ خواتين جو هي جلوس صغران بيگم جي اڳواڻي هيٺ سيڪريٽريٽ وٽ پهتو. سيڪريٽريٽ جو لوهي دروازو بند هو. ڪجهه رضاڪار ۽ عورتن ٽپ ڏئي دروازو اندران کوليو. ڪي ڇوڪريون بلڊنگ تي چڙهي ويون ۽ صغران بيگم مسلم ليگ جو جهنڊو بلڊنگ جي مٿان کوڙڻ لاءِ ڏئي، پاڻ ڇٻر تي ويهي رهي. ايتري وقت ۾ هڪ ماڻهو جيڪو نيشنل گارڊ وارو هو. تنهن صغران بيگم کي چيو ته گرائونڊ کان جلدي نڪرو ڇاڪاڻ ته ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا بم اڇلائين پيا. پر هن ان کي جواب ڏنو ته مان ايستائين هتان نه نڪرنديس جيستائين مٿي بلڊنگ واريون ڇوڪريون نه  پهچن! جيڪڏهن اهي فائر ڪرڻ چاهين ته ڀلي ڪن. جڏهن سڀ عورتون بلڊنگ مان نڪري آيون ته پوليس ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا بم ڇوڙيا. عورتن جي اکين مان ڳوڙها وهڻ شروع ٿيا. ڪجهه وقت کان پوءِ هي افواهه هلي ويو ته صغران بيگم کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هن حادثي جي ٽن ڏينهن بعد خضر وزارت استعيفيٰ ڏني. ٻئي ڏينهن تي سڀ  قيدي عورتون جيل مان آزاد ٿيون. خواتين مسلم ليگ جو جلسو قيدي عورتن ۽ صغران بيگم کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ هر هڪ ڪنڊ کان هي آواز گيت جي صورت ۾ اچي رهيو هو.

                صدقي جاوان مبارڪ قدمون والي،

                صديقي جاوان مبارڪ قدمون والي.  (1)

        اهڙيءَ طرح سنڌي عورتون هن زناني جلوس جي قيادت ڪري، خضر وزارت جو خاتمو ڪيو. محترمه فاطمه جناح قائداعظم سان هر قدم ۾ گڏ هئي. پاڪستان جي قائم ٿيڻ تائين ٻئي ڀاءُ ڀيڻ رات ڏينهن محنت ۽ جدوجهد ڪئي.

        تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جي مسلمان عورتن پاڻ ملهايو، جن جلسا ۽ ميٽنگون ڪري مسلمان عورتن ۾ ”سجاڳي“  آندي. هر ڳوٺ ۽ شهر ۾ مسلمان عورتون ورڪر مقرر ڪيون ويون. جن اتان جي عورتن کي مسلم ليگ جو مقصد ۽ پروگرام سمجهايو. نتيجي ۾ سنڌ جي هر ڳوٺ ۽ شهر ۾ مسلم ليگ جي حمايت ۾ رايو قائم ٿيو. جنهن ڪري اليڪشن ۾ مسلم ليگ جي اميدوارن سو فيصد ڪاميابي حاصل ڪئي.

        اهڙي طرح پنجاب ۾ خضر وزارت جيڪا مسلم ليگ جي سخت خلاف هئي، تنهن کي ڊاهڻ جو سهرو به سنڌ جي عورتن تي آهي، سنڌ جون عورتون لاهور وڃي خصر وزارت خلاف احتجاجي جلوس جي قيادت ڪئي. عورتن جو اهو مظاهرو تمام گهڻو ڪامياب ٿيو. ۽ ٻئي ڏينهن خضر وزارت جو خاتمو ٿيو.

        اهڙيءَ طرح سنڌ جي مسلمان عورتن تحريڪ پاڪستان ۾ سڀني کان وڌيڪ ڪردار ادا ڪيو.

نتيجو

        عهد قديم کان سنڌ، هندن کان عليحده، جدا ولايت پئي رهي آهي. قديم آثارن جي پرک مان، ان جي قديم ترين تهذيب ۽ تمدن، آسودگي ۽ خوشحاليءَ جو پتو پوي ٿو. دنيا جي هي قديم ترين تهذيب به ٻاهرين حمله آورن جي ملڪ گيريءَ جي هوس کان بچي نه سگهي. سنڌ تي مسلمانن 711ع کان 1843ع تائين حڪومت ڪئي. انهيءَ 1132ع سالن جي عرصي ۾ ڪيترا زبردست ۽ هيڻا حاڪم ٿي گذريا.

        انگريزن کان اڳ ۾ ٽالپر خاندان سنڌ جا حڪمران هئا. انگريزن سنڌ جي حاڪمن سان واپاري تعلقات قائم ڪيا، ۽ ميرن جي وچ ۾ نااتفاقي پيدا ڪري سنڌ تي قبضو ڪيو. انگريزن سنڌ ۾ نئون نظام نافذ ڪيو، سنڌ جي عوام کي مختلف طريقن سان پنهنجو غلام بڻايو. ڪن کي جاگيرون، خطاب، انعام مليا ته ڪن آزاديءَ جي متوالن تي قهر ڪيا. ڦاسيون ڏنيون، گوليون هنيون، گن مشينن ذريعي نشانا بنائي سندن ماس کي ذرا ذرا ڪري اڏائي ڇڏيو.

        1857ع جي جنگ آزاديءَ ۾ سنڌ، هندستان جي ٻين آزادي لاءِ وڙهندڙ مجاهدن جو مڪمل ساٿ ڏنو. جنگ آزادي دوران ڪيترن سنڌي مسلمانن کي توبن جي منهن ۾ ڏيئي سمهاري ڇڏيو. سخت چوڪسي جي ڪري ۽ حڪومت جي ظالمانه هلت سبب عوام ۾ مايوسي اچي ويئي. مگر اندر ئي اندر انگريز سرڪار جي خلاف نفرت جي باهه دکندي رهي. حڪومت مسلمانن کي بيدرديءَ سان اقتصادي طور مفلوج بڻايو ۽ هندو قوم جي ترقي ۽ سڌاري لاءِ راهه هموار ڪئي، جيئن مسلمان اڻ سڌريل رهي ڪري هميشه غلام رهن. تعليم جا دروازا مسلمانن لاءِ بند ڪيا ويا، جنهن ڪري مسلمانن ۾ جهالت منهن ڪڍيو. سنڌ جا مسلمان خاص طور تي انگريز جا غلام ۽ هندوءَ وٽ دستنگر ٿي پيا. هندو واڻئي جي وياج مسلمانن کي مقروض بنائي ڇڏيو. انهيءَ ڪري سندن زيور ۽ زمين جا مالڪ هندو ٿيندا ويا.

        انگريزن کي سنڌ فتح ڪرڻ ۾ سنڌ جي هندو سرمائيدار ڪراچيءَ جي سيٺ نائون مل مدد ڪئي هئي. سنڌ کي مال غنيمت سمجهي، هندستان جي ٻين صوبن جهڙوڪ بمبئي، ڪاٺياواڙ، ڪڇ، ڪيراله، دهلي، راجستان، مدراس، يو پي، سي پي، لکنو مان مسلمان سنڌ ۾ اچي سنڌ جي اقتصاديات تي مڪمل قبضو ڪيو. سنڌ جو واپار غير سنڌين جي قبضي ۾ اچي ويو ۽ زمين به آهستي آهستي سنڌ جي غير مسلمانن جي قبضي ۾ ايندي وئي. اهڙيءَ طرح ڪڇي ميمڻ، خواجه، سلواٽه، بهاري، بنگالي صوبي پنجاب جا سک ۽ مسلمان پنجابي پڻ سنڌ ۾ اچي مستقل رهائش اختيار ڪئي. سنڌ جا مسلمان سياسي طرح ڪمزور ۽ اقتصادي طرح مفلوج ٿي ويا.

        20 هين صديءَ جي اوائل ۾ هندستان جي عالمن جهڙوڪ: سيد احمد شهيد، مسلمانن جو ٻيهر اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ تحريڪون هلايون. سنڌ برابر انهن جي حمايت ۽ مدد ۾ رهي. ريشمي رومال تحريڪ ۾ مولانا عبيدالله سنڌيءَ ۽ ٻين سنڌي اڳواڻن، هن تحريڪ ۾ ٻين کان سرس حصو ورتو. 1920ع ۾ خلافت تحريڪ شروع ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي مسلمانن، هندستان جي مڙني صوبن کان وڌيڪ قرباني ڏني. هن تحريڪ ۾ جان محمد جوڻيجو، عبدالله هارون ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جون خدمتون هندستان جي مڙني صوبن کان وڌيڪ آهن. حاجي عبدالله هارون پنهنجو پئسو سخاوت سان هن تحريڪ لاءِ ڏنو ۽ شيخ عبدالمجيد جي قلم ۽ تقريرن جوش ۽ جذبو پيدا ڪيو ته  ٻئي طرف جان محمد جوڻيجو هجرت جي قافلي جو روح روان ٿيو. خلافت تحريڪ سنڌ ۾ پهرئين هلچل هئي، جنهن سنڌ جي مسلمان ۾ سياسي سجاڳي آندي. سڀني کان زياده ماڻهو سنڌ جي جيلن ۾ ويا. هندستان جي سڀني مسلمانن کان وڌيڪ سنڌ جي ماڻهن افغانستان ڏانهن هجرت ڪئي. انهن مهاجرن پنهنجون ملڪيتون وڪڻي اسلامي جذبه تحت پنهنجو ديس ڇڏيو. اهڙي قرباني هندستان جي ڪنهن به حصي ڪا نه ڏني. جيڪڏهن سنڌ خلافت تحريڪ ۾ حصو نه وٺي ها ته اها تحريڪ مڪمل ناڪام ٿئي ها ۽ انگريز سرڪار ايترو مجبور ٿي ڪانگريس جي اڳيان گوڏا نه کوڙي سگهي ها. هن تحريڪ جي ڪري هندو مسلمانن جو اتحاد، مثالي اتحاد سڏجي ٿو. هن تحريڪ دوران هندن ۽ مسلمانن جو اتحاد نمايان هو، اهڙو اتحاد نه ڪڏهن اڳ ٿيو هو ۽ نه پوءِ ٿي سگهيو. مندر ۾ مسلمان ۽ مسجد ۾ هندو اڳواڻن هن تحريڪ دوران تقريرون ڪيون. انهيءَ اتحاد دوران مسلمان ۽ هندو هڪ گلاس ۽ هڪ مٽڪي مان پاڻي پيتو.

        سنڌ کي بمبئي کان الڳ ڪري صوبائي حيثيت ڏيارڻ واري تحريڪ ۾ حاجي عبدالله هارون، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ محمد ايوب کهڙو مک اڳواڻ هئا. الوحيد اخبار ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جو قلم سنڌ جي عوام ۾ شعور پيدا ڪيو. بمبئي کان عليحدگي جي تحريڪ لاءِ ڪاميٽيون ٺاهيون ويون. هندن جي مخالفانه  رويي کي منهن ڏيڻ، عوام ۾ راءِ عامه کي هموار ڪرڻ، هلچل کي ڪامياب ڪرڻ تمام مشڪل ڪم هو، تاهم شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ  جي قلمي طاقت سان هندن جي مخالفت کي منهن ٽوڙ جواب مليو. هن عليحدگيءَ جي حمايت ۾ ڪيترن هندو اڳواڻن جون همدرديون به حاصل ڪيون. قائداعظم محمد علي جناح، سر شاهنواز ڀٽو ۽ محمد ايوب کهڙي گول ميز ڪانفرنس ۽ حڪومت طرفان وقت به وقت سنڌ ۾ ايندڙ ڪاميٽين آڏو ڀرپور انداز ۾ سنڌ جي عليحدگي لاءِ تقريرون، بحث مباحثه ڪيا، ثبوت ۽ شاهديون پيش ڪيون، جنهن ڪري هي تحريڪ ڪاميابيءَ سان پايه تڪميل تي پهتي. سنڌ جي بمبئي کان الڳ حيثيت حاصل ڪرڻ نه صرف سنڌ جي عوام لاءِ فائديمند ٿي، بلڪه پوري برصغير جي مسلمانن لاءِ نيڪ فال ثابت ٿي. جيڪڏهن سنڌ، بمبئي صوبي کان الڳ نه ٿئي ها ته مسلم ليگ ايتري مقبول نه ٿي سگهي ها. پاڪستان جو حقيقي نقشو حاجي عبدالله هارون 1938ع ۾ ڪراچيءَ واري اجلاس ۾ تيار ڪيو هو. هن ئي نقشي جي بنياد تي لاهور وارو ٺهراءُ پاس ٿيو. سنڌ جي صوبائي اسيمبلي 1943ع ۾ پاڪستان جي حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ قرارداد پاس ڪئي هئي. جيڪڏهن سنڌ، بمبئي سان گڏيل صوبو هجي ها ۽ مسلمانن جي اڪثريت بمبئي اسيمبليءَ ۾ نه هجي ها، ته ان جو نتيجو اهو نڪري ها ته اهڙي قرارداد پاس نه ٿي سگهي ها! اهو ئي سبب هو جو قائداعظم  انگريز سرڪار جو چئلينج قبول ڪري، پاڪستان جي حصول لاءِ قرارداد سنڌ اسيمبليءَ مان پاس ڪرائي.

        سنڌ کي 1935ع جي ايڪٽ موجب بمبئي کان الڳ ڪري صوبائي حيثيت ڏني ويئي. 1 اپريل 1936ع ۾ صوبائي حيثيت سان ڪم شروع ٿيو ۽ 1937ع ۾ سنڌ صوبائي اليڪشن ٿي. آل انڊيا ليول تي صرف ڪانگريس پارٽي مقبول هئي. مسلمانن ۾ ڪا به اهڙي پارٽي ايترو مقبول نه هئي، جيڪا هندستان جي سڀني مسلم اڪثريتي صوبن ۾ پنهنجو اثر رکندي هجي. مسلم ليگ جي پارٽي حيثيت ڪا به ڪانه هئي. سنڌ ۾ صرف شخصي پارٽيون هيون، جن کي ڪو به پروگرام۽ پاليسي نه هئي. اهي پارٽيون صرف اسيمبلي اندر يا ميمبرن جي حلقه اثر ۾ محدود رهيون. عوام جي ڪنهن به پارٽيءَ سان همدردي ڪا نه هئي. جڏهن کان سنڌ کي صوبائي خودمختياري ملي، تڏهن کان سنڌ جي سياسي اڳواڻن پاڻ ۾ گروهه بنديون شروع ڪيون، هر ڪو  پاڻ کي وزير بنائڻ لاءِ ڪوشش ۾ رڌل هو. عوام جي ڀلائي ۽ بهتري ڪنهن وٽ به ڪا نه هئي. شخصي اقتدار حاصل ڪرڻ خاطر بي اصولي، دغابازي، ذاتي فائدا ميمبرن جا رهنما اصول هئا. وزارت کي ٺاهڻ ۽ ڊاهڻ ۾ ڪا به دير نه پئي ٿئي. جڏهن مسلم ليگ کي سنڌ ۾ منظم ڪيو ويو، تڏهن به سياسي ليڊرن ۾ وزارت تان رسه ڪشي جاري رهي. هر گروپ جو اڳواڻ پاڻ کي وزيراعظم بنائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل هيو. سنڌ کي صوبائي حيثيت ملڻ بعد انتظاميا ۾ مکيه وزيراعظم سر غلام حسين هدايت الله کي بنايو ويو. جيڪو هندو ليڊرن کي پسند ڪو نه آيو. جنهن ڪري هندن جي چالاڪي ۽ سازش تحت کيس وزارت تان لاهي، الله بخش سومري کي سنڌ جو وزيراعظم بنايو ويو. جيئن ته سومري صاحب جي حمايت ۾ سندس ذاتي دوستن جو گروپ ۽ ڪانگريسي هندن جو اهم ڪردار هو، تنهن ڪري سومرو صاحب ڪانگريسي ميمبرن جو احسانمند ٿي پيو ۽ پنهنجي وزارت عظميٰ کي سلامت رکڻ لاءِ ڪانگريس جو حمايتي ٿي رهيو، مسلم ليگ جي مکيه اڳواڻن سومري صاحب کي مسلم ليگ ۾ آڻڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي پر هن کي مسلم ليگ جي خانبهادر کهڙي ۽ غلام حسين هدايت الله جي گروپ تي مڪمل ڀروسو نه هو، سومرو صاحب جيڪڏهن مسلم ليگ ۾ شامل ٿئي ها ته ڪانگريسي هندو ميمبرن جو اعتماد وڃائي ويهي ها. انهي ڪري سومري صاحب مسلم ليگ جي اڳواڻن آڏو اهو شرط وڌو ته جيڪڏهن کيس وزيراعظم جي عهدي تي بحال ڪيو وڃي ۽ مسلم ليگ اسيمبليءَ پارٽيءَ جو اڳواڻ چونڊيو وڃي، ته هو مسلم ليگ ۾ شامل ٿيندو. مگر مسلم ليگ وارن اهو شرط قبول نه ڪيو، جنهن ڪري ڳالهيون ناڪام ٿيون. مسلم ليگ وارن لاءِ ضروري هو ته هو سنڌ ۾ مسلم ليگ جي وزارت قائم ڪن جنهن لاءِ مسلم ليگ وارن مسجد منزل گاهه جو منصوبو رٿيو.

        پير حسام الدين راشدي پنهنجي ڪتاب ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ ۾ لکي ٿو ته، 1937ع جي اليڪشن بعد هندستان جي ڪيترن صوبن ۾ ڪانگريس وزارتون ٺهي چڪيون هيون. جن صوبن ۾ ڪانگريس کي اڪثريت ڪا نه هئي، اتي ان جا ميمبر قومي خيال رکندڙ مسلمانن جي حمايت ڪري رهيا هئا. مثلاً سنڌ ۾ الله بخش وزارت کي سندن امداد حاصل هئي، مسلم ليگ جناح صاحب جي قيادت ۾ هندستان جي مسلمانن کي يڪمشت ڪرڻ جي ڪوشش ۾ هئي ۽ تقريباً سڀئي سرڪار پرست ۽ خطاب يافته مسلمان، جن سڄي زندگي انگريزي اقتدار جي پشت پناهي ٿي ڪئي، ان ۾ داخل ٿي چڪا هئا، ۽ مسلمانن جي اڳيان جيڪو نعرو بلند ٿيڻ لڳو، سو انگريز دشمني جو نه، بلڪه هندو دشمنيءَ جو هو. (1)

        مسجد منزل گاهه جي مسئلي کي آل انڊيا مسلم ليگ منظرعام تي آندو. سنڌ مسلم ليگي اڳواڻن هن مسئلي کي ”اسلام خطري“ ۾ آهي جو نعرو ڏنو. هن تحريڪ جي اڳواڻي سر حاجي عبدالله هارون، محمد ايوب کهڙي ۽ جي.ايم.سيد ڪئي. هن تحريڪ جي منصوبابندي پڻ کهڙي صاحب ۽ جي.ايم.سيد ڪئي. ٻئي طرف سنڌ جي هندو ليڊرن پڻ هن مسئلي کي مذهبي رنگ ڏنو. ٻنهي ڌرين اشتعال انگيز تقريرون ڪيون. جنهن ڪري سکر ۽ ان جي آسپاس خوني فساد شروع ٿي ويا. سنڌ ۾ هي وڏي ۾ وڏو هندو مسلم فساد هو، جنهن ۾ ٻنهي فرقن جا ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا ۽ مالي نقصان پڻ پهتو. هن فساد جو بنياد هندن جي سنڌ اسيمبلي ۾ ادا ڪيل ڪردار جو نتيجو هو. سنڌ جي سماجي خواه سياسي اسٽيج تي هندن ۽ مسلمانن جي سالن کان وٺي جنهن تماشي جي رتنا رچيل هئي، ان جي آخري سين جي ابتدا، مسجد منزل گاهه جي خوني معرڪي سان شروع ٿي ۽ ان جو ڊراپ سين انهيءَ ٽريجڊيءَ  تي ٿيو، جنهن ۾ هندوواپارين کي اباڻو وطن ۽ ست پشتو ماڳ ۽ مڪان ڇڏڻو پيو. اهو سڄو مال ۽ ارتو ترڪو جنهن ۾ سنڌي مسلمان ڀاڳين ۽ هارين جو؛ جيڪي سندن ئي ڀائر هئا نه ڇڙو رت ۽ پونءَ مليل هو، بلڪه ان ۾ سندن اکين مان نڪتل لڙڪ ۽ اندر مان اٿيل آهون ۽ پورهئي مان پيدا ٿيل پسينو به شامل هو، سو به کانئن کسجي مورڳو ئي وڃي انهن ست ڌارين جي حوالي ٿيو. جيڪي خوف کان هتي آيا. سنڌي مسلمانن به ڪورڪي تڪڙ ڪئي، اڳپوءِ انهن به ڪو نه جاچيو، تاهم انهيءَ مامري جي وڏي ذميواري هندن جي ڪنڌ تي آهي. انهيءَ ڪري جو هو پڙهيل ڪڙهيل هئا، ڀاڳوارا هئا، ملڪ جي سياهه سفيد تي سندن قبضو هو. سياسي سجاڳي به منجهن هئي. مسلمان جيڪڏهن تعداد ۾ وڌيڪ هئا ته ڇا ٿي پيو! هئا ته کانئن هر ڳالهه ۾ گهٽ کين ئي سوچڻ کپندو هو ته جڏهن ٻه ڀائر وڙهن ٿا ته انهن مان نقصان هڪ کي ڪو نه پهچندو آهي،  بلڪه پنهنجو ئي جهڳو جهڻ ٿئي ٿو. سو آخر ٿيو به ائين!  (1)

        منزل گاهه مسئلو حل ٿيو، مسلم ليگ جي اڳواڻن جو خواب پورو ٿيو. الله بخش سومرو هندن جي حمايت وڃائي ويٺو، ۽ مسلمان پڻ هن کان بدظن ٿي پيا. سومرو صاحب باهه ۽ پاڻي جي وچ ۾ اچي، ويو جنهن ڪري وزارت اعظميٰ جي ڪرسي وڃائي ويٺو.

        ڪانگريس، گانڌيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ عدم تعاون تحريڪ ”هندستان خالي ڪريو“، آزاد هند جي تحريڪ هلائي رهي هئي. ڪانگريس مسلم ليگ  کي نظرانداز ڪري ڇڏيو ۽ هندستان کي صرف هندن جو ملڪ قرار ڏنو. ڪانگريس جڏهن صوبن ۾ وزارتون قائم ڪيون هيون، تڏهن مسلمانن لاءِ تڪليفون پيدا ڪيون. مسلمانن لاءِ انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪو به چارو ڪو نه هو ته پنهنجي لاءِ الڳ آزاد وطن قائم ڪن. ڪانگريس پارٽي احتجاج ڪري سرڪاري لقب واپس ڪيا ۽ وزارتن تان استعيفائون ڏنيون، جنهن کي قائداعظم مسلمانن لاءِ نجات قرار ڏنو ۽ مسلمانن کي اپيل ڪيائين ته هو ساري ملڪ ۾ ”يوم نجات“ ملهائين.

        يوم نجات ملهائڻ لاءِ، پوري سنڌ ۾ جلسا منعقد ڪري سنڌ جي مسلمانن يوم نجات جوش ۽ خروش سان ملهايو. سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ مان ٺهراءُ پاس ڪري حڪومت برطانيه کان پاڪستان قائم ڪرڻ جا مطالبا ڪيا.

        تاريخ 23 مارچ 1940ع تي آل انڊيا مسلم ليگ جو ساليانو اجلاس زير صدارت قائداعظم محمد علي جناح جي لاهور ۾ منعقد ٿيو. هن اجلاس ۾ تمام گهڻا سنڌ، جي راءِ عامه جا اڳواڻ شريڪ ٿيا. لاهور واري ٺهراءُ جو بنياد، ڪراچيءَ جو ٺهراءُ (1938ع) هو. جيڪو حاجي عبدالله هارون پيش ڪيو هو. لاهور جي قرارداد جي حمايت ۾ حاجي عبدالله هارون پڻ تقرير ڪئي. لاهور واري ٺهراءُ کي مسلمانن پنهنجو نصب العين بنايو. انهيءَ مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ هر سال يوم پاڪستان ملهايو ويو. سنڌ جي مسلمانن لاهور جي قرارداد جي حمايت ۾ ٺهراءُ پاس ڪري پاڪستان کي پنهنجي منزل بنايو، انهيءَ لاءِ جدوجهد  شروع ڪئي. سنڌ جي هندن پاڪستان جي مخالفت ۾ ٺهراءُ پاس ڪيا، انهن جي جواب ۾ سنڌ جي مسلمانن ٺهراءُ پاس ڪيا.

        سنڌ جي مسلمانن مسلم ليگ جي  مڪمل حمايت ڪئي. روزانه الوحيد ڪراچي مسلم ليگ جي پرچار ڪندي هئي. جي.ايم.سيد کي سنڌ مسلم ليگ آرگنائيزنگ ڪاميٽي جو چيئرمين بنايو ويو. جي.ايم.سيد فرقه پرستيءَ جي بنياد تي مسلم ليگ کي منظم ڪرڻ شروع ڪيو. هن هندن کي مسلمانن جو استحصال ڪرڻ واري قوم سڏيو. حصول پاڪستان جي وڏي رڪاوٽ ڪانگريس هئي. مسلم ليگ جي پليٽ فارم تي مذهبي تعصب جو جذبو اڀاريو ويو. انهيءَ مقصد لاءِ پمفليٽ ۽ اشتهار ڇپرايا ويا. پير علي محمد راشدي جو قلم مسلم ليگ جي پرچار ڪرڻ ۾ استعمال ٿيو. جنهن انگريزي اخبار مسلم وائيس  ذريعي مسلم ليگ جي پرچار شروع ڪئي. 14 آگسٽ 1946ع تي الله بخش سومري کي سنڌ جي وزارت اعظميٰ تان برطرف ڪيو ويو، هاڻي سر غلام حسين هدايت الله جي لاءِ ميدان صاف هو. جنهن مسلم ليگ جي وزارت قائم ڪئي.

        تاريخ 3 مارچ 1943ع تي جي.ايم.سيد سنڌ اسيمبليءَ مان قرارداد ”پاڪستان“ پاس ڪرائي. هن قرارداد ۾ چيو ويو ته مسلمان الڳ قوم آهن ۽ الڳ قوميت تحت الڳ وطن قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪن ٿا. هندن هن قرارداد جي خلاف واڪ آئوٽ ڪري مخالفت ڪئي. اهو اعزاز صرف سنڌ جي مسلمان ميمبرن کي حاصل آهي جن پاڪستان جي حمايت ۾ پاڪستان قائم ٿيڻ کان 4 سال اڳ اسيمبلي ذريعي ٺهراءُ پاس ڪيو. مگر هندستان جي ڪنهن به مسلمان جي اڪثريتي واري صوبائي اسيمبلي اهڙو ٺهراءُ پاس نه ڪيو. مسلم ليگ جي وزارت صرف سنڌ ۾ قائم ٿي سگهي مگر ٻي ڪنهن به صوبي ۾ مسلم ليگ حڪومت قائم نه ڪري سگهي.

        تاريخ 24 ڊسمبر 1943ع تي مسلم ليگ جو ساليانو اجلاس زير صدارت قائداعظم محمد علي جناح جي ڪراچيءَ ۾ منعقد ٿيو. پوري هندستان مان مسلمان اڳواڻ شامل ٿيا. جي.ايم.سيد پنهنجي استقباليه تقرير ۾ پاڪستان قائم ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو ۽ سنڌ جي مسلمانن طرفان مسلم ليگ جي پروگرام ۽ پاڪستان جي مطالبي جي مڪمل حمايت ڪئي. هن پنهنجي پرجوش تقرير ۾ مسلمانن جي تڪليفن ۽ ڏکن جو علاج پاڪستان ٻڌايو. هندستان جي ٻين صوبن جي مسلمانن کي دعوت ڏني ته هو ترڪ وطن ڪري، سنڌ ۾ اچي آباد ٿين. قائداعظم پنهنجي صدارتي تقرير ۾ پاڪستان جي مطالبي جا مدلل دليل ڏنا ۽ ڪانگريس کي مسلمانن جو بدخواه سڏيو. مسلم ليگ جو هي آخري ساليانو عظيم اجتماع هو، ان بعد مسلم ليگ جي پرچار ۽ پاڪستان جي تحريڪ کي زور شور سان جاري رکيو، سنڌ جي مسلمانن قائداعظم جي هر حڪم تي ثابت قدمي سان عمل ڪيو.

        سال 1939ع ۾ ٻي عالمگير جنگ شروع ٿي چڪي هئي. ڪانگريس، حڪومت کي جنگ ۾ ڦاٿل ڏسي مسلم ليگ پنهنجي تحريڪ کي زور وٺايو ته، ٻئي طرف سنڌ ۾ پير صاحب پاڳاري به هلچل شروع ڪئي، جيئن انگريز مجبور ٿي ملڪ ڇڏي ڀڄي وڃن. پير صاحب کي گرفتار ڪيو ويو، حرن پنهنجون ڪارروايون تيز ڪيون. جنهن ۾ پوليس سان مقابلا،  ريلون ڪيرائڻ ۽ مخالفن جا ڌاڙا هڻڻ شامل آهن. تاريخ 1، جون 1943ع تي حڪومت سانگهڙ واري علائقي ۾ مارشل لا جاري ڪيو. پير صاحب جي بنگلي تي بمباري ڪئي وئي ۽ پير ڳوٺ جي ڪوٽ کي مشينن ذريعي تباهه ڪيو ويو. حڪومت حر ايڪٽ پاس ڪري حرن کي ڏوهه ڪندڙ قوم تصور ڪيو، حرن کي لوڙهن ۽ لوهي تارن جي واڙن ۾ بند ڪري معاشي ۽ معاشرتي طور تباهه ڪيو. حرن کي عوام جي پٺڀرائي ڪا نه هئي، جنهن ڪري حر تحريڪ ناڪام ٿي، پيرصاحب پاڳارو کي سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ موت جي سزا ڏني وئي.

        مسلم ليگ حرن کي لوڙهن مان آزاد ڪرائڻ لاءِ ڪوشش ڪندي رهي. 1946ع ۾ اليڪشن ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو. 1945ع ۾ سينٽرل اسيمبليءَ جون چونڊون ٿيون ته مسلم ليگ طرفان يوسف هارون کي بيهاريو ويو ته ان جي مقابلي لاءِ پير علي محمد راشدي کي مخالف ڌر  طرفان بيهاريو ويو. جنهن کي ڪانگريسي ۽ ٻين اندروني گروهبندي وارن مسلمان اڳواڻن جي حمايت هئي مگر مسلم ليگ جا  اميدوار اڪثريت سان ڪامياب ٿيا.

        صوبائي اليڪشن دوران جي.ايم.سيد ۽ قائداعظم جناح اختلاف منظرعام تي اچي ويا. جي.ايم.سيد کي مسلم ليگ مان ڪڍيوويو. جي.ايم.سيد پنهنجو الڳ اسيمبلي اميدوارن جو گروپ قائم ڪيو. هن اليڪشن ٿيڻ بعد اسيمبلي ۾ واضح اڪثريت ڪنهن به پارٽيءَ کي حاصل ڪا نه ٿي، جنهن ڪري سنڌ جي گورنر، اسيمبلي کي ٽوڙي، نيون چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو. ڊسمبر 1946ع ۾ سنڌ ۾ وري چونڊون ٿيون، مسلم ليگ جي مخالفت ڪندڙن کي غدار سڏيوويو، پروپئگنڊه جو بنياد اسلام ۽ پاڪستان هو. قائداعظم سنڌ جي مسلمان اڳواڻن سان صلاح مشوره ڪيا ته جي.ايم.سيد واري سيٽ تي مسلم ليگ جو اميدوار ڪامياب ٿئي. جي الانا کي 50 هزار رپيا ڏيئي صرف جي.ايم.سيد جي تڪ لاءِ اليڪشن سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. جي.ايم.سيد جي مقابلي لاءِ قاضي محمد اڪبر عباسي کي مسلم ليگ جي ٽڪيٽ ڏني وئي. سخت چٽاڀيٽي کانپوءِ قاضي محمد اڪبر، پير الاهي بخش جي مدد سان بوگس ووٽ ۽ ٻيا غلط طريقا استعمال ڪري اليڪشن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. اليڪشن بعد جي.ايم.سيد ٽربيونل ۾ ڪيس داخل ڪيو. ٽربيونل، 1949ع ۾ قاضي اڪبر کي نااهل قرار ڏنو ۽ جي.ايم.سيد کي ڪامياب قرار ڏنو.

        جي.ايم.سيد اليڪشن دوران پاڻ کي مسلم ليگ جو چوائيندو رهيو ۽ هن ڪڏهن به پاڪستان جي مخالفت ڪا نه ڪئي.

        قرارداد لاهور کان پوءِ سنڌ جي مسلمان عورتن ۽ شاگردن پاڪستان جي تحريڪ ۾ ڪم ڪيو. بيگم عبدالله هارون، محترمه فاطمه جناح، بيگم غلام حسين هدايت الله، سنڌ جي مسلمان عورتن جون اڳواڻ هيون. محترمه فاطمه جناح، قائداعظم سان ڪلهوڪلهي سان ملائي هر قدم تي ساٿ ڏنو. لاهور ۾ خضر وزارت کي ڪيرائڻ جو سهرو به سنڌ جي مسلمان عورتن تي آهي. جن لاهور وڃي، اتي مسلمان عورتن جي جلوس جي قيادت ڪئي. ٻئي طرف سنڌ جا مسلمان شاگرد هئا، جيڪي هاءِ اسڪولن، ڪاليجن ۽ مدرسن مان هئا، تن مسلم ليگ جي  پرچار لاءِ اڻ ٿڪ جدوجهد ڪئي. مسلم ليگ جي جلسن جا انتظام ۽ عام راءِ کي هموار ڪرڻ، پاڪستان جو نظريه سمجهائڻ لاءِ سنڌ جي مسلمان شاگردن وڏو ڪم ڪيو. جيڪڏهن سنڌ جون مسلمان عورتون ۽ شاگرد هن تحريڪ جو ساٿ نه ڏين ها ته مسلم ليگ پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب نه ٿئي ها!

        پاڪستان تحريڪ ۾ ٻين علائقن جي مسلمان شاگردن سان گڏ سنڌ جا مسلمان شاگرد به ٻانهن ٻيلي هئا. سنڌ مان قاضي عبدالمنان، احمد خان بارڪزئي، منور علي مغل، عزيز الله شيخ، عبدالستار شيخ ۽ بشير احمد صديقي سخت محنت ڪئي.  شاگردن جي نعري سان راءِ عام ۾، مسلم ليگ ۾ مقبول بنايو. اليڪشن ورڪ ۾ شاگردن جي سخت محنت شامل نه هجي ها ته پاڪستان جو وجود ناممڪن بنجي پوي ها! عوام، علماءُ، عورتن، شاگردن جي ڀرپور جدوجهد جي نتيجي ۾ پاڪستان وجود ۾ آيو.

پاڪستان جو قيام

        سنڌ اسيمبلي ۾ مسلم ليگ کي سو سيڪڙو ڪاميابي حاصل ٿي. مسلمانن جو 35 سيٽون مسلم ليگ کي مليون. سنڌ ۾ مزدورن لاءِ هڪ سيٽ هئي، مگر ان جي خلاف معمول اها سيٽ مسلم ليگي اميدوار قاضي مجتبيٰ کي ملي. اهڙي طرح هڪ مزدور واري جاءِ سميت 36 جايون مسلم ليگ حاصل ڪيون. برطانيه سرڪار 3 جون 1947ع ۾ هندستان جي ورهاڱي جو منصوبو پيش ڪيو، جنهن موجب پاڪستان ۽ ڀارت جا ٻه عليحده وفاق بنايا ويا. ”تاريخ 20 جون 1947ع تي سنڌ صوبائي اسيمبلي جو خاص اجلاس گهرايو ويو. سنڌ اسيمبلي پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو.(1)   ٻئي طرف پنجاب ۾ مسلم ليگ کي اڪثريت ڪا نه هئي. مسلم ليگ چاهيو پئي ته پنجاب ۾ به مسلم ليگ جي وزارت قائم ٿئي جيئن صوبائي اسيمبليءَ ۾ پاڪستان جي حمايت ۾ ٺهراءَ پاس ڪرائجي. پنجاب ۾ خضر وزارت هئي، جيڪا مخلوط وزارت هئي. مسلم ليگ خضر وزارت جي خلاف سول نافرماني جي تحريڪ هلائي. هن تحريڪ جا مکيه اڳواڻ نواب ممدوٽ، ميان ممتاز دولتانه، سردار شوڪت حيات خان، ميان افتخارالدين، ميان بشير احمد، ملڪ فيروز خان نون، هزارين ماڻهن پاڻ کي گرفتاريءَ لاءِ پيش ڪيو ۽ پوءِ عورتون به ميدان ۾ آيون. ٻه مهينا لڳاتار هنگاما رهيا نيٺ 3 مارچ 1947ع تي ملڪ خضر  حيات خان استعيفيٰ ڏني، اسيمبلي ۾ مسلم ليگ پارٽي جي اڳواڻ نواب ممدوت مسلم ليگي وزارت قائم ڪئي.(2) اهڙيءَ طرح پنجاب اسيمبليءَ به ٺهراءُ پاس ڪري پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو.

        پاڪستان جي قائم ٿيڻ شرط، هندستان ۾ غيرمحفوظ مسلمانن هندستان جي اقليتي صوبن مان لڏپلاڻ شروع ڪري ڏني. ٻين صوبن کان لڏي آيل مسلمانن کي زياده تر سنڌ ۾ آباد ڪيو ويو. سنڌ ۾ غيرمسلمانن جون ملڪيتون، جيڪي گهڻو ڪري سنڌي مسلمان جي پگهر مان ٺهيل هيون. حڪومت پاڪستان هڪ قانون بنايو، جنهن تحت ڪو به لڏي آيل مسلمان قسم نامو داخل ڪري، ملڪيت جو ڪليم ڀري سگهي ٿو ۽ اهڙيءَ طرح ڪافي ملڪيت ٻاهران آيل مسلمانن کي ڏني ويئي. مگر سنڌ جو عوام ساڳيءَ طرح پوئتي رهيو. مرڪزي سياست ۾ پڻ سنڌ جي ڀرپور نمائندگي نه هئڻ سبب سنڌي عوام جي جائز حقن جو بچاءُ نه ٿي سگهيو.

        سنڌ اسيمبليءَ ۾ وزارت کي مسلم ليگ جي حمايت هئي. جي.ايم.سيد پنهنجن ساٿين سميت پاڪستان جي حمايت جو اعلان ڪيو.(1)

        ”تاريخ 14 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان دنيا جي نقشي تي مسلمانن جو وڏي ۾ وڏو ملڪ وجود ۾ آيو. قائداعظم محمد علي جناح پاڪستان جو پهريون گورنر جنرل مقرر ڪيو ويو ۽ ڪراچيءَ کي صوبي سنڌ کان علاوه پاڪستان جي گاديءَ جو هنڌ بنايو ويو.

تاريخ 16 آگسٽ 1947ع تي غلام حسين هدايت الله کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو. خانبهادر محمد ايوب کهڙي وزارت بنائي. هن پاڻ وٽ داخلا، خزانو، پي ڊبليو ڊي سياسي ۽ انتظامي امور، پير الاهي بخش تعليم، صحت ۽ مڪاني خود حڪومت، مير غلام علي ٽالپر زراعت خوراڪ ۽ صنعت قاضي فضل الله کي روينيو ۽ قانون جا کاتا مليا.(2) حصول پاڪستان بعد ملڪي سياست ۾ ڪهڙيءَ طرح انقلاب آيا. سنڌ جي عوام پاڪستان لاءِ بي بها قربانيون ڏنيون، ان بعد سنڌ جي عوام کي ڇا حاصل ٿيو ۽ سنڌ ڇا وڃايو. انهيءَ سوال جو جواب مستقبل جا تاريخدان ئي ڏئي سگهندا.


(1)  Sarfaraz Hussain Mirza, Muslim Women Role in Pakistan Movement Karachi, Paradise Subscription, P: 66 - 67

(2)  روزانه الوحيد ڪراچي، جنوري 13، 1946ع.

(3)  روزانه الوحيد ڪراچي، مارچ 16، 1946ع.

(1)  روزانه الوحيد ڪراچي، جنوري 11، 1946ع.

(2)  روزانه الوحيد ڪراچي، جنوري 1946ع.

(1)  روزانه الوحيد ڪراچي، اپريل 2، 1946ع.

(1)  روزانه الوحيد ڪراچي 21 جنوري 1947ع.

(1)  روزانه الوحيد ڪراچي، جنوري 31، 1947.

(1)  نورالصبا بيگم تحريڪ پاڪستان اور خواتين، لاهور، شيخ غلام علي اينڊ سنس، 1970ع ص - 216

(1)  پير حسام الدين راشدي: هو ڏوٿي هو ڏينهن، حيدرآباد سنڌ ادبي بورد، 1977ع ص - 369

(1)  پير حسام الدين راشدي هو ڏوٿي هو ڏينهن، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ 1977ع ص - 153

(1)  Dr. Linis, May. The Evolutionof Indian Muslim Lahore, Sh: Mohd Ashraf 1970, P: 260

(2)  پروفيسر محمد خليل الله، تحريڪ پاڪستان، ڪراچي، مڪتبه اختر، 1947ع ص - 501

(1)  Hyder’s, Progress of Pakistan, Lahore, S. A, Latif, 1947 P: 54

(2)  ڪريم بخش خالد، عوامي دور (6) ڪراچي، حڪومت سنڌ تعلقات عامه 1972ع ص - 32

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org