سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو

باب؛ 1

صفحو؛ 3

جنگ جي خاتمي بعد برطانيه ۽ ان جي اتحادين ترڪي سلطنت کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيا. هندستان جي مسلمانن خلافت کي سلامت رکڻ ٿي چاهيو، انهيءَ مقصد لاءِ هندستان جي مسلمانن تحريڪ خلافت شروع ڪئي، ڪانگريس، هن تحريڪ ۾ مسلمانن جي حمايت ڪئي، جنهنڪري هندو- مسلم اتحاد، حڪومت لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪري وڌيون. ”گانڌي، خلافت تحريڪ کي ڪانگريس جي طاقت لاءِ موثر سمجهي، مسلمانن کي ڪانگريس سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي کڙو ڪيو، جنهن ۾ هي ڪامياب ٿيو. هن برطانيه حڪومت تي ظاهر ڪيو ته: ”صرف هيءُ ئي هندستانين جي سڀني طبقن جو اڳواڻ آهي.“ [1]

23 نومبر 1969ع دهلي ۾ خلافت ڪانگريس منعقد ڪئي ويئي، جنهن ۾ سنڌ جا هيٺيان اڳواڻ شامل ٿيا. جهڙوڪ: مولانا تاج محمود امروٽي، پير تراب علي شاهه، جان محمد جوڻيجو ۽ سيٺ عبدالله هارون.“[2] سنڌ ۾ لاڙڪاڻي ۾ جان محمد جوڻيجي جي بنگلي ۾ هڪ عام جلسو ٿيو، جتي خلافت جي بچاءُ لاءِ قرارداد منظور ڪئي وئي. اهڙي طرح سکر، حيدرآباد، ڪراچي ۾ خلافت ڪانفرنسون منعقد ڪيون ويون. تاريخ 12 مئي 1920ع، بمبئي ۾ هڪ خاص اجلاس سڏايو ويو، جنهن ۾ ”تحريڪ عدم تعاون“ جي پروگرام کي آخري شڪل ڏني وئي. هن اجلاس ۾ سنڌ جي طرفان، حاجي عبدالله هارون، مولانا محمد صادق، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ ڊاڪٽر شيخ نور محمد شريڪ ٿيا.“[3]

          خلافت ڪاميٽي جي فنڊ گڏ ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ هڪ بيت المال بنايو ويو، جنهن ۾ هر قسم جي امداد گڏ ڪئي وئي. ان مان مختلف ضرورت وارين جڳهين تي مدد موڪلي ويئي. بيت المال ۾ ڪل رقم 905174 رپيا گڏ ڪيا ويا جنهن مان 52369 هزار مهاجر ۽ قيدين جي مدد لاءِ خرچ ڪيا ويا ۽ 35607 هزار رپيا مرڪزي خلافت ڪميٽي کي ڏنا ويا.“[4] حڪومت خلاف تحريڪ کي ختم ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ مولوي فيض الڪريم کان هڪ فتويٰ نالي ”تحقيق الخلافت“ ڇپرائي، جنهن تي سنڌ جي 95 مذهبي اڳواڻن، پيرن ۽ علمائن کان تصديق ڪري صحيحون ڪرائي سنڌ ۾ ورهائي ويئي.“ هن فتويٰ جي جاري ٿيڻ کان پوءِ ان جي مخالفت ۾ سنڌ جي عالمن ٻي فتويٰ نالي ”اظهار الڪرامت“ جاري ڪئي، جيڪا خلافت جي حمايت ۾ هئي.“[1] ان  فتوائن کان پوءِ هجرت تحريڪ شروع ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي 750 مسلمان مهاجرن تي مشتمل قافلو، جان محمد جوڻيجي جي اڳواڻي هيٺ 7 جولاءِ 1920ع تي هڪ اسپيشل گاڏي رستي لاڙڪاڻي کان افغانستان ڏانهن روانو ٿيو، جيڪو 19 جولاءِ 1920ع تي جلال آباد افغانستان پهتو.[2] 1923ع تائين، پوري هندستان ۾ خلافت تحريڪ زور سان هلي، جنهن ۾ خاص طور تي سنڌ، وڏي ۾ وڏو حصو ورتو. آخر 1923ع ترڪي ۾ انقلاب آيو. مصطفيٰ ڪمال اتاترڪ حڪومت جون واڳون سنڀاليون ۽ ترڪي ۾ سلطنت جو خاتمو ٿيو. 3 مارچ 1924ع تي خلافت جو خاتمو ڪري ترڪي ۾ مڪمل جمهوري حڪومت قائم ٿي.

سنڌ جي بمبئي صوبي کان عليحدگي

        سنڌکي بمبئي سان گڏ رکڻ هڪ غير فطري طرز عمل هو. سنڌ تاريخي، جاگرافي، تهذيبي، ٻولي ۽ انتظامي حيثيت سان بلڪل الڳ هئي. گذريل پنج هزار سال کان تاريخي طور ظاهر آهي ته، هن واديءَ جي رهواسين جي ٻولي الڳ هئي. جيڪا دنيا جي جهونين ٻولين مان هڪ آهي.

          ”سنڌ جي تاريخ ۾ اهڙي ڪا به ثابتي نه ٿي ملي، ته سنڌ ڏکڻ طرف سمنڊ سان ڳنڍيل هئي، هن جو اڳيون تعلق جيڪڏهن رهيو آهي ته سدائين اتر يا اولهه سان. ۽ ٻين علائقن سان محض قدرتي اقتصادي طور رهيو آهي.“[3] سنڌ جي رهواسين جي تهذيب ۽ تمدن بمبئي کان الڳ هئي، هر طرح سان سنڌ جو بمبئي سان الحاق تاريخي طور به غلط هو.

        جاگرافي جي لحاظ کان سنڌ بمبئي کان 8 سئو ميل پري هئي ۽ وچ ۾ وڏو رڻ پٽ ۽ سمنڊ هو، جدا آبهوا ۽ الڳ سماجي سرشتو هو، ٻولي، رهڻي ڪهڻي، پوشاڪ، ريتون ۽ رسمون هتان جي ماڻهن جون بمبئي جي ماڻهن کان مختلف هيون.“[1]

        ”زندگيءَ جو طور طريقو، لباس ۽ ماڻهن جون عادتون، بمبئي صوبي جي رهاڪن کان بلڪل مختلف هيون، سنڌ وارن جو لباس ۽ طريقو گهڻو ڪري بلوچستان ۽ پنجاب سان ملي ٿو. [2]

        سال 1868ع ڌاري ”سنڌ ايڪٽ“ پاس ڪري اهي اختيارات جيڪي سنڌ منجهه بمبئي جي گورنر کي استعمال ڪرڻا هئا، سي سنڌ جي ڪمشنر جي حوالي ڪيا ويا. هن قدم ڪري سنڌ قانوني ۽ مالي طرح سان نيم آزاد هئي، هن نيم آزادي جي ڀوائتي صورت هي هئي ته، سنڌ جي ڪمشنر جا اختيارات بمبئي جي ڪمشنر کان وڌيڪ هڪ ”مطلق العنان“ حاڪم جهڙا هئا. نتيجي طور هي ملڪ وڏن آفيسرن لاءِ شڪارگاهه ۽ ننڍن لاءِ چراگاهه ٿي ڪم اچڻ لڳو.“[3]

        ”بمبئي جو گورنر ٽي هفته، مالياتي ميمبر 2 ڏينهن، روينيو ميمبر 3 ڏينهن، لوڪل گورنمينٽ جو وزير 4 ڏينهن، تعليمي وزير هڪ هفتو، سال ۾ سنڌ جو دورو ڪندا هئا.[4]

        بمبئي حڪومت جي طرفان سنڌ ۾ تعليمي ترقيءَ لاءِ ڪو به قدم نه کنيو ويو ۽ نه انهيءَ لاءِ ڪي خاص گرانٽون منظور ڪيون ويون.[5] سنڌ کي مواصلات، غرض ته هر شعبي ۾ نظرانداز ڪيو ويو.

        سنڌ جي مسلمانن جي  سياسي ۽ اقتصادي حالت تمام خراب ٿي ويئي هئي، جنهن جو واحد سبب سنڌ جي بمبئي سان الحاق هو، سنڌ جي عوام محسوس ڪيو ته جيستائين سنڌ کي بمبئي کان الڳ ڪري صوبو نه بنايو ويندو، تيستائين سنڌي عوام جا مسئلا حل ٿي نه سگهندا، انهيءَ لاءِ هندو ۽ مسلمانن گڏجي سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي جي تحريڪ جو آغاز ڪيو. ”صوبائي خودمختياري جو احساس سال 1908ع کان شروع ٿيو. جڏهن سکر ۾ سنڌ صوبائي ڪانگريس جو اجلاس منعقد ٿيو. هن ڪانفرنس ۾ سنڌ صوبائي ڪانگريس جي مسئلن ۽ تڪليفن تي خاص طرح سان ويچارو ڪيو ويو.“[1] ان بعد ڪيتريون ئي ڪانفرنسون، ميٽنگون، اجلاس ۽ عام جلسا ڪوٺايا ويا، جنهن ۾ سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي لاءِ ٺهراءُ پاس ڪيا ويا، سال 1917ع ۾ سنڌ جي عليحدگي جو سوال سنڌ نيشنل محمدن ايسوسيئيشن جي شاخ طرفان مسٽر ايڊون مانٽيگو جي ڪراچي دوري دوران پيش ڪيو ويو.“[2] شيخ عبدالمجيد سنڌي روزنامه الوحيد اخبار وسيلي عليحدگي جي تحريڪ لاءِ پرچار شروع ڪئي. ”سال 1924ع ۾ مسلمان ميمبرن جي ڪاميٽي محمد علي جناح جي سربراهي هيٺ مسلمانن جي مطالبن تي مشتمل ياداشت حڪومت کي پيش ڪئي، جنهن ۾ سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي وارو مطالبو به شامل هو.“[3] سال 1925ع ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جو اجلاس علي ڳڙهه ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ ٺهراءُ  نمبر 3 مولوي احمد جي طرفان پيش ڪيو ويو، جنهن جي حمايت گل محمد خان ڪئي، جيڪو عليحدگي جي حمايت ۾ پاس ڪيو ويو.“[4] ڪي هندو اڳواڻ سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي  جا مخالف هئا، 17 جولاءِ 1927ع تي سنڌ جي هندو – مسلمان ۽ پارسي نمائندن هڪ معاهدو ڪيو، جنهن کي عام طرح سان سنڌ – هندو مسلم عهدنامه سڏيو وڃي ٿو، جنهن موجب سنڌ جي عليحدگي بابت هيٺين شرطن تحت معاهدو ٿيو.

1.      اسين ظاهر ڪريون ٿا ته گڏيل چونڊ جو طريقو ۽ سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي هڪ ئي وقت عمل ۾ ايندي.

2.     سنڌ کي مڪمل صوبائي خودمختياري هوندي، جهڙي هندستان جي ٻين صوبن کي مليل هوندي ۽ آئنده لاءِ سنڌ کي ٻئي ڪنهن به صوبي سان شامل نه ڪيو ويندو.“

3.     جيستائين سنڌ جي عليحدگي تي عملدرآمد جو تعلق، ماليات متعلق آهي ته انهيءَ لاءِ اسان اهو ظاهر ٿا ڪريون ته اسان ڪوٽ کي ڪپڙي مطابق ڪٽينداسين.“[1]

هن معاهدي تي هندو، مسلمان ۽ پارسي نمائندن صحيحون ڪيون. نهرو رپورٽ ۾ به سنڌ جي عليحدگي جو مطالبو تسليم ڪيو ويو هو. تايخ 12 نومبر 1928ع تي حڪومت برطانيه سائمن ڪميشن مقرر ڪيو، ته هو عليحدگي جي مسئلي تي جاچ ڪري ۽ پنهنجي رپورٽ ڏئي. سائمن ڪميشن پنهنجي رپورٽ حڪومت برطانيه کي پيش ڪئي، جنهن ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته هندستان جي سڀني سياسي پارٽين جي اڳواڻن ۽ هندستاني رياستن جي نمائندن جي وچ ۾ گول ميز ڪانفرنس منعقد ڪئي وڃي، جنهن ۾ اهڙو دستور مرتب ڪيو وڃي، جيڪو سڀني لاءِ قابل قبول هجي. ساڳئي سال 1928ع بمبئي حڪومت هڪ ڪاميٽي سر شاهنواز ڀٽي جي اڳواڻي هيٺ مقرر ڪئي، انهي ڪاميٽي سنڌ جي عليحدگي جي حمايت ۾ بمبئي حڪومت کي پنهنجي رپورٽ ڏني. تاريخ 12 نومبر کان 19 جنوري 1931ع تائين گول ميز ڪانفرنسون لنڊن ۾ منعقد ٿيون، جنهن ۾ پهرئين گول ميز ڪانفرنس جي رپورٽ تي سوچ ويچار ڪيو ويو ته سنڌ کي بمبئي کان الڳ ڪيو وڃي يا نه؟

    قائداعظمؒ عليحدگيءَ جي حمايت ۾ پنهنجا دليل ڏنا. سال 1932ع ۾ سنڌ جي عليحدگي جي لاءِ هڪ عوامي تحريڪ شروع ٿي، سال 1934ع ۾ سنڌ ۾ آزاد ڪانفرنس جو اجلاس يوسف علي جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي عليحدگي لاءِ ٺهراءُ پاس ڪيو ويو، انهي لاءِ سنڌ آزاد ڪانفرنس پارٽي جو مستقل بنياد پڻ وڌو ويو. تاريخ 20 آگسٽ 1934ع تي سر شاهنواز ڀٽي جي چيئرميني هيٺ هڪ ميٽنگ سڏائي ويئي، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ جي هر هڪ ڳوٺ ۽ شهر ۾ عام اجلاس ۽ جلسا منعقد ڪيا وڃن،جيڪي سنڌ جي عليحدگي واري مطالبي جي حمايت ۾ ٺهراءُ پاس ڪن. 16 ڊسمبر 1932ع جو ڏينهن (سنڌ آزاد ڏينهن) پوري سنڌ ۾ ملهائڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو.“[1] سنڌ آزاد ڪانفرنس پارٽي جي تنظيم سڄي سنڌ ۾ ڪئي وئي، عليحدگي جي مطالبي لاءِ ٺهراءُ پاس ڪيا ويا.

    سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ مان هندستان جي سيڪريٽري آف اسٽيٽ ۽ برطانيه جي وزيراعظم کي سنڌ کي الڳ صوبو بنائڻ لاءِ تارون ڪيون ويون.

        سال 1932ع ۾ هندستان جي حڪومت آنربل مسٽر برين جي  چيئرمينيءَ هيٺ هڪ ڪاميٽي مقرر ڪئي ته هو سنڌ جي ماليات جي متعلق رپورٽ ڏئي. برين ڪاميٽي پنهنجي رپورٽ ۾ واضح ڪيو ته سنڌ جي مالي حالت بلڪل ٺيڪ آهي، تاهم ساليانو 80 لک رپيا وڌيڪ خرچ ٿيندو جنهن لاءِ صلاح ڏني وئي ته اهو نقصان هندستان جي حڪومت 15 سالن تائين پورو ڪري، ان بعد سنڌ خود ڪفيل ٿي ويندي. مارچ 1933ع ۾ برطانيه پارليامينٽ طرفان هڪ گڏيل پارلياماني ڪاميٽي مقرر ڪئي ويئي ته، هو هندستان جي سڌارن واري بل تي غور ڪري. سنڌ آزاد ڪانفرنس جي ورڪنگ ڪاميٽي، محمد ايوب کهڙي کي پنهنجي طرفان نامزد ڪيو ته هو پنهنجو ڪيس برطانيه جي گڏيل پارلياماني ڪاميٽي آڏو پيش ڪري. تاريخ 20 جولاءِ تي محمد ايوب کهڙو هن ڪيمٽي اڳيان پيش ٿيو، جتي هن ڪاميٽيءَ جي ميمبرن ۾ ڇپيل ياداشت نامون ورهايو. ان ياداشت ۾ دليل ڏيئي ثابت ڪيو ويو ته هو ته سنڌ کي ڪنهن به حالت ۾ بمبئي سان گڏ نٿو رکي سگهجي ۽ اهو ته بمبئي سان گڏ رهڻ سان سنڌ کي ڪيترو نقصان پوي ٿو!

        آڪٽوبر 1934ع ۾ گڏيل پارليامينٽري پنهنجي الڳ رپورٽ پيش ڪئي، جنهن ۾ چيو ويو ته سنڌ کي الڳ صوبائي حيثيت ڏني وڃي. سال 1935ع ۾ برطانيه جي پارليامينٽ 1935ع جو ايڪٽ پاس ڪيو. هن ايڪٽ مطابق پهرئين اپريل 1936ع کان سنڌ کي هڪ نئون صوبو بنايو ويو. سنڌ جو پهريون گورنر سر لينسيلاٽ گرهام کي مقرر ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح وڏي جدوجهد ۽ عوامي تحريڪ وسيلي سنڌ کي بمبئي کان الڳ صوبائي حيثيت ملي، جن سنڌ جي مکيه اڳواڻن هن تحريڪ ۾ حصو ورتو، تن ۾ هيٺيان ماڻهو قابل ذڪر آهن.

شيخ عبدالمجيد سنڌي

سر شاهنواز ڀٽو

قائداعظم محمد علي جناح

سر آغا خان

محمد ايوب خان

محمد ايوب کهڙو

سيد ميران محمد شاهه

حاجي عبدالله هارون

باب ٻيو

آل انڊيا سياسي جماعتون ۽ سنڌ

        اڻويهين صديءَ ۾ ڪيتريون ئي سياسي پارٽيون هندستان اندر وجود ۾ آيون. انهن جا مقصد ۽ مول متا اهي ئي هئا ته هندستان ۾ خودمختياري جو حق وٺجي، هڪ ٻئي جي پٺيان فرقه وارانه جماعتون مذهبي بنياد تي ٺاهيون ويون. سڀني سياسي پارٽين، وقت به وقت پنهنجي مقصدن ۽ قاعدن ۾ ڦيرڦار پئي ڪئي. ڪل هندستان سطح تي جيڪي به سياسي پارٽيون هيون، انهن گهڻو ڪري ملڪ جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪئي. جهڙوڪ انڊين نيشنل ڪانگريس ۽ آل انڊيا مسلم ليگ، ڪجهه جماعتون گهڻو ڪري مذهبي بنياد تي ٺاهيون ويون هيون. جهڙوڪ، هندو مهاسڀا، خلافت ڪاميٽي، جمعيت العلماءَ هند ۽ خاڪسار پارٽي.

        سنڌ به آل انڊيا سياسي جماعتن ۾ شامل رهي، هر پارٽيءَ جون برانچون سنڌ ۾ به قائم ٿيون، جيڪا به هندستان ۾ تحريڪ هلي، تنهن سنڌ تي اثر پئي وڌو، سنڌ هر تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو، چاهي اها تحريڪ ڪنهن به جماعت طرفان هلائي ويئي هجي، انهن ۾ مسلم ليگ، ڪانگريس، خلافت ڪاميٽي، جمعيت العلماءَ هند، يا خاڪسار جماعت وغيره شامل هيون. سنڌ هر جدوجهد ۾ ڀرپور حصو ورتو. هندستان ۾ قائم ڪيل سياسي جماعتون،جن جا مرڪز گهڻو ڪري دهلي، بمبئي ۽ لکنو ۾ هئا، تن ۾ سنڌ جي ماڻهن دلچسپي پئي ورتي. بمبئي ۽ دهلي خاص طور هندستان جي سياست جو مرڪز رهيا، ڪانگريس طرفان هلايل ”هوم رول ليگ“، ”هندستان خالي ڪريو.“ ”لوڻ تحريڪ“، انهن تحريڪن ۾ سنڌ وڏو ڪردار ادا ڪيو.  مسلمانن جي طرفان هلايل خلافت تحريڪ، ان ۾ به سنڌ، هندستان جي ٻين صوبن کان وڌيڪ ڪردار ادا ڪيو خلافت تحريڪ جي فنڊ ۾ وڌ ۾ وڌ چندو سنڌ مان وصول ڪيو ويو. هجرت تحريڪ ۾ سنڌي مسلمان بي گهر ٿيا، جيڪي به سنڌ جي ڌرتيءَ کي الوداع چئي هجرت ڪري ويا، سي دربدر ٿي نهايت ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ گذاري ويا. هزارن جي تعداد ۾ سنڌين پنهنجي سون ورني ڌرتي ڇڏي، مال ملڪيت نيلام ڪري افغانستان ڏانهن هجرت ڪئي، مگر مرڪزي جماعت وارن علائقن مان ڪو به مسلمان هجرت ڪري نه ويو. سنڌ ۾ مذهبي تعليم جو جذبو هو، هر مذهبي مسئلي تي سنڌ جا مسلمان قربان ٿيا. هندستان ۾ هندن جون جماعتون، جيڪي به وجود ۾ آيون، تن سڀني جا مرڪز سنڌ کان ٻاهر هئا.

        جڏهن به مرڪز جي طرفان اعلان ڪيو ويو، تڏهن سنڌ جو عوام اڳتي ٿي وڌيو. پوءِ اها تحريڪ هجي يا ٻيو ڪو به مسئلو هجي، سنڌ جي هندوءَ ۽ مسلمان کي قربانيءَ جو ٻڪرو بڻايوويو. ڪنهن به سياسي جماعت سان جيڪڏهن سنڌ ساٿ نه ڏيئي ها ته هر سياسي پارٽيءَ جي هلايل تحريڪ ناڪام ٿئي ها. هر تحريڪ ۾ سنڌ جو سرويچ سنڌي اڳڀرو رهيو.

انڊين نيشنل ڪانگريس

        ”انڊين نيشنل ڪانگريس مسٽر اي . او. هيوم. A. O. Hume سنه 1885ع ۾ قائم ڪئي. پر ڪجهه وقت بعد هن پارٽي طريقه ڪار ۾ تبديلي آڻي، مقامي خود حڪومت جو مطالبو ڪرڻ شروع ڪيو. سنه 1920ع کان پوءِ ڪانگريس ملڪ جي آزاديءَ لاءِ ”هندوستان خالي ڪريو.“ جي نعري سان تحريڪ هلائي.“[1] هن پارٽيءَ جو مقصد هو ته انگريزن کي ملڪ مان ڪڍي، هندستان کي آزاد ۽ خودمختيار ملڪ بڻائجي ۽ هندستان ۾ اڪثريت جو راڄ قائم ڪجي.

سنڌ ڪانگريس پارٽي

        انڊين نيشنل ڪانگريس جي برانچ سنڌ ۾ کولي ويئي، جنهن کي سنڌ ڪانگريس پارٽي سڏيو ويو. ”سنه 1913ع ڪراچيءَ ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس جو اجلاس ٿيو، پر ان اجلاس جي ٿيڻ ڪري ڪا خاص سياسي سجاڳي صوبي اندر پيدا نه ٿي. سنڌ ۾ ڪانگريس ڪاميٽيون ان وقت وجود ۾ نه آيون هيون. ان ڪري سنه 1915ع ۾ ڪن ماڻهن صلاح ڪئي ته ڪا ڪاميٽي ٺاهجي جا مقامي توڙي ملڪي مسئلن تي ويچار ڪري ڏک ۽ تڪليفون دور ڪري. انهيءَ مقصد سان ڪراچيءَ ۾ سٽيزن ايسوسيئيشن (ننگر واسي منڊلي) جي نالي سان هڪ ڪاميٽي وجود ۾ آئي. انهيءَ تحريڪ جا بانيڪار سيٺ هرچند راءِ جيرامداس، درگداس آڏواڻي، جيڪي ڪراچيءَ جا هئا ۽ رئيس غلام محمد ڀرڳڙي، سنتداس منگهارام، گوپالداس، جهمٽ مل، ڪرمچند، گرمداس ۽ جهمٽ مل پراسرام حيدرآباد ۾ تحريڪ جا بانيڪار هئا.“ [1]

        1920ع ۾ سنڌ ڪانگريس پارٽي بڻائي ويئي، ان جا هيٺيان عهديدار هئا

صدر:                  ڊاڪٽر چوئٿرام

نائب صدر:            سرسوتي ديوي

        سيڪريٽري:   قاضي عبدالرحمان    

        جوائنٽ سيڪريٽري:   جيرامداس“[2]

        سنڌ ڪانگريس پارٽيءَ جو الحاق انڊين نيشنل ڪانگريس سان هو، هن پارٽيءَ جي پاليسي ۽ مقصد ڪانگريس پارٽيءَ وارا هئا، ڪجهه مسلمان شروعات ۾ ڪانگريس پارٽيءَ سان شامل رهيا ۽ جڏهن  مسلم ليگ پارٽيءَ جو زور ٿيو، تڏهن مسلمان، ڪانگريس جماعت  کي ڇڏيندا ويا. پر انهيءَ هوندي به ڪيترائي مسلمان ليڊر ڪانگريس ۾ شامل رهيا.

آل انڊيا هندو مهاسڀا

        هي جماعت هندو ڪٽر  فرقيپرست جماعت هئي. هن جماعت جي شاخ سنڌ ۾ به قائم ڪئي ويئي هئي. ”سال 1900ع ۾ هندو فرقي پرستن جو اجلاس مهاراجا درڀنگا جي صدارت هيٺ دهليءَ ۾ منعقد ٿيو. ان وقت پارٽيءَ جو نالو ”مها منڊل“ هو. جڏهن ”مها منڊل“ جو اجلاس 1907ع ۾ لاهور ۾ منعقد ٿيو، تڏهن ان جو نالو بدلائي مهاسڀا رکيو ويو، هن پارٽيءَ جو مقصد هندن جي حقن جي حفاظت ڪرڻ هو. هي پارٽي فرقيپرستيءَ  جي بنياد تي ٺاهي ويئي هئي، سنڌ ۾ هندو مهاسڀا جي جماعت ويرو مل بيگراجه قائم ڪئي ۽ سنڌ هندو مهاسڀا جو آخري صدر ڊاڪٽر شيام پرشاد مڪرجي هو.“ [1]

جميعت العلماءَ هند

        ديوبند جي عالمن گهڻي وقت کان ملڪ جي آزادي جي تحريڪن ۾ حصو پئي ورتو هو.  ديوبند جي صدر مولانا محمود الحسن انهن تحريڪن ۾ خاص دلچسپي وٺندو هو. هن پنهنجي شاگردن منجهه انگريز حڪومت جي خلاف جوش ۽ جذبو پيدا ڪيو. مولانا عبيدالله سنڌيءَ کي افغانستان ۾ ملڪ جي آزاديءَ لاءِ انقلابي تحريڪ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ موڪليائين. جڏهن خلافت تحريڪ هندستان ۾ شروع ٿي، تڏهن ملڪ جي عالمن هن تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو هو.  تاريخ 23 نومبر 1919ع تي دهلي ۾ جڏهن خلافت ڪاميٽيءَ جو پهريون اجلاس مولوي فضل حق جي صدارت هيٺ ٿيو، ته ان موقعي تي سڀني آيل عالمن گڏجي هڪ تنظيم قائم ڪئي، جنهن جو نالو جمعيت العلماءَ  هند رکيو ويو. هن جماعت جو پهريون صدر مولانا ڪفايت الله دهلوي ۽ ناظم مولانا احمد سعيد کي چونڊيو ويو.

        هي جماعت مسلمان عالمن قائم ڪئي هئي، جنهن جو مقصد هو ته مسلمانن جي مذهبي مسئلن کي حل ڪيو وڃي، ترڪي ۾ خلافت قائم رکجي ۽ دنيا جي مظلوم مسلمانن جي مدد ڪجي. 1920ع ۾ جڏهن خلافت تحريڪ زور سان هلندڙ هئي ته ڪانگريس پارٽيءَ به گانڌي جي سربراهيءَ هيٺ ملڪ جي آزاديءَ لاءِ تحريڪ شروع ڪئي. ڪانگريس خلافت تحريڪ جي حمايت ڪري مسلمانن جو ساٿ حاصل ڪيو. خلافت ڪاميٽي ۽ جمعيت العلماءَ هند ڪانگريس جي حمايت ڪئي. هندو مسلم جو مثالي اتحاد قائم ٿيو. مسلم ليگ هن تحريڪ کان پري رهي. صرف ٺهراءَ پاس ڪري مطالبو ڪندي رهي پر عمليءَ طرح سان مسلم ليگ خلافت تحريڪ ۾ حصو نه ورتو.

سنڌ جميعت العلماءَ پارٽي:

        ”جميعت العلماءَ هند“ جي برانچ سنڌ ۾ سال 1920ع ۾ ”سنڌ جمعيت العلماءَ“ پارٽي جي نالي سان قائم ڪئي ويئي. هن جماعت جا هيٺيان عهديدار هئا.

صدر: مولانا حافظ پير محمد هاشم جان مجددي

نائب صدر:    مولوي سيد محمد بخش شاهه

نائب صدر:    مولانا حاجي غلام علي

سيڪريٽري:   مولوي عبدالله احمداڻي

جوائنٽ سيڪريٽري؛   مولوي محمد سعيد [1]

آل انڊيا خاڪسار پارٽي

        ”آل انڊيا خاڪسار پارٽي“ سنه 1932ع ۾ علامه عنايت الله مشرقي  قائم ڪئي. هن جماعت جو مقصد هو ته هندستان اندر طاقت جي زور تي اسلامي رياست قائم ڪجي. علامه مشرقي سمجهيو ٿي ته محمد علي جناح هندن کان ناراض ٿي هڪ الڳ ملڪ ٺاهڻ چاهي ٿو، هو نٿو چاهي ته انگريز نڪري وڃن ۽ نڪي اسلامي رياست چاهي ٿو. ”هندستان خالي ڪريو“ جو نعرو، ڪانگريس طرفان اليڪشن کٽڻ لاءِ هنيو وڃي ٿو ۽ مسلم ليگ جي طرفان ”پاڪستان“ جو نعرو به اليڪشن کٽڻ لاءِ لڳايو پيو وڃي، اهي ڪنهن به قيمت تي صوبن ۾ پنهنجون حڪومتون قائم ڪرڻ چاهين ٿا.[2] هن جماعت جو زور 1940ع کانپوءِ وڌندو رهيو؛ مگر جڏهن مسلم ليگ جي مقبوليت پاڪستان جي نعري ۾ وڌي ويئي ته هن جماعت جي مقبوليت گهٽجي ويئي، هن جماعت جو خاص نشان بيلچو هو، جيڪو محنت سان گڏ دهشتگرديءَ  جو نشان هو. هن جماعت، انگريز حڪومت سان چڪريون کاڌيون، مگر ناڪام رهي.

سنڌ خاڪسار پارٽي

        سنڌ خاڪسار پارٽيءَ جو الحاق آل انڊيا خاڪسار پارٽيءَ سان هو. هن پارٽيءَ جا مقصد ۽ اصول ساڳيا آل انڊيا خاڪسار پارٽيءَ وارا هئا. ”سنڌ خاڪسار پارٽيءَ“ جا هيٺيان عهديدار هئا.

        امير:   غلام محمد ڀرڳڙي

        سالار:  لعل بن يوسف چانڊيو

        باز:    پير جان محمد ۽ مير نور حسين

        حاڪم اعليٰ: مير علي احمد ٽالپر

        نائب حاڪم اعليٰ:  مير حاجي غلام حسين، علي اڪبر ڪلهوڙو، مير محمد خان ۽ لعل بن يوسف چانڊيو.

سنڌ خاڪسار اعليٰ: يوسف هارون، جي.ايم.سيد ۽ پير الاهي بخش.

سنڌ خاڪسار جا بنيادي ميمبر

ڪراچي: محمد هاشم گذدر، حاڪم خان افغاني، هارون رشيد، حشمت الله انبالوي، سيد بچل شاهه ٺٽو.

حيدرآباد: خير محمد نظاماڻي، سيد بچل شاهه، احمد شير راجپوت، غلام محمد شاهواڻي، قاضي محمد اڪبر ۽ ڊاڪٽر ضياءُ الدين.

نوابشاهه: حمزه خان قريشي، الله وڀايو ميمڻ، مولوي محمد معاذ، قاضي فيض محمد وڪيل، مير محمد خشڪ، عبدالڪريم ميمڻ.

ٿرپارڪر:  مير علي بخش ٽالپر، مير علام حسين ۽ محمد سليمان وڪيل.

دادو:  پير الاهي بخش ۽ چاچا غلام رسول (ڪوٽڙي).

سکر:  شمس الدين شاهه ۽ علي اڪبر ڪلهوڙو (شڪارپور).

جيڪب آباد: مير محمد خان واگهو، الاهي بخش بلوچ، بيگم عبدالرزاق مغل سنڌ خاڪسار عورتن جي اڳواڻ هئي.[1]

        خاڪسار جماعت پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ به قائم رهي. اليڪشن ۾ هن جماعت پنهنجا اميدوار بيهاريا، پر کيس ڪاميابي نصيب نه ٿي. هن وقت به خاڪسار جماعت موجود آهي.

سنڌ محمدن ايسوسيئيشن

        تاريخ 16 مارچ 1884ع ۾ حسن علي آفندي ڪراچي ۾ مسلمان زميندارن جي هڪ ميٽنگ سڏائي، جنهن ۾ 63 ماڻهو شريڪ ٿيا. هن ميٽنگ ۾ ”سنڌ محمدن ايسوسيئيشن“ جي نالي سان هڪ جماعت ٺاهي ويئي، جنهن جو صدر حسن علي آفندي ۽ سيڪريٽري الله بخش اٻوجهو کي چونڊيو ويو.[2]  ”هن جماعت جو مقصد هو ته مسلمانن ۾ تعليم سان چاهه پيدا ڪيو وڃي. هن جماعت جون شاخون لاڙڪاڻو، سکر ۽ شڪارپور ۾ قائم ڪيون ويون. [3]

        سنڌ مدرسي ۾ هن جماعت پنهنجي آفيس قائم ڪئي ۽ سنڌ جي مسلمانن کي تعليم حاصل ڪرڻ جي ترغيب ڏني، هن دور ۾ هندستان اندر ڪا به سياسي تنظيم ڪا نه هئي، انڊين نيشنل ڪانگريس جي شاخ به سنڌ ۾ تمام دير سان قائم ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي مسلمانن گهٽ دلچسپي ورتي. 1906ع ۾ آل انڊيا مسلم ليگ قائم ٿي ته سنڌ محمدن ايسوسيئيشن جون همدرديون هن جماعت سان وڌڻ لڳيون، ڇاڪاڻ ته هي خالص مسلمانن جي جماعت هئي. مسلمانن جي بهبودي ۽ ڀلائي لاءِ ٺاهي ويئي هئي. اڳتي هلي سنڌ محمدن ايسوسيئيشن جو الحاق آل انڊيا مسلم ليگ سان ٿي ويو، ۽ هي جماعت سنڌ مسلم ليگ ۾ ضم ٿي ويئي.

آل انڊيا مسلم ليگ

        انگريزن آهستي آهستي هندستان تي مڪمل قبضو ڪيو، 1846ع ۾ پنجاب تي قبضو ڪيو،  ان کان اڳ هنن 1843ع ۾ سنڌ تي قبضو ڪيو. انگريزن سنڌ جي مسلمانن کي خاص طور تي پوئتي رکيو. تعليم، صنعت، واپار ۾ حڪومت جي طرفان ڪا به همٿ افزائي نه ٿي، نتيجه طور هندستان جو مسلمان عام طرح ۽ سنڌ جو خاص طرح سياسي  ۽ اقتصادي طور مفلوج ٿي ويو. جڏهن برطانيه هندستان مٿان پوريءَ طرح قبضو ڪيو تڏهن مسلمانن کي نوڪرين تان هٽايو ويو، ۽ انهن جي جاين تي هندن کي نوڪريون ڏنيون ويون.[1] 1920ع جي انڊيا ڪائونسل ايڪٽ مطابق قانون ساز ڪائونسل ٺاهي ويئي، جنهن ۾ اڌ ميمبر اليڪشن ذريعي چونڊيا ويا ۽ اڌ حڪومت جي طرفان ٿاڦيا ويا. انهيءَ دور ۾ هڪ به مسلمان ڪائونسل ۾ نه چونڊيو ويو. حالانڪه ڪانگريس انڊيا ڪائونسل ايڪٽ مان خوش ڪا نه هئي، ڪيترن هندو اڳواڻن انقلابي طريقو اختيار ڪيو جن ننڍي کنڊ ۾ قومي تحريڪ جي ذريعي عوامي راڄ قائم ڪرڻ ٿي چاهيو. ٻئي طرف مسلمانن جي ڪا به هندستان ۾ بنيادي سياسي تنظيم ڪا نه هئي، جيڪا مسلمانن جي فلاح و بهبود لاءِ ڪم ڪري. انهيءَ مقصد لاءِ ”مسلمان جو هڪ وفد هزهائينس سر آغا خان جي اڳواڻيءَ هيٺ هندستان جي وائسراءِ لارڊ منٽو سان ملاقات ڪئي. تاريخ 1 آڪٽوبر 1906ع ۾ هندستان جي مسلمان اڳواڻن جنهن جو تعداد 35 هو، وائسراءِ سان شمله ۾ ملاقات ڪئي.“[2] انهيءَ وفد ۾ سنڌ جي نمائندگي سيد الهداد شاهه خيرپور واري ڪئي. 1906ع ۾ مسلمان اڳواڻن، ڍاڪا ۾ آل انڊيامسلم ليگ پارٽي بڻائي. ان جو پهريون اجلاس تاريخ 29 ۽ 30 ڊسمبر 1907ع تي ڪراچيءَ ۾ سر آدمجي پير ڀائي بمبئي واري جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو.[1] جڏهن مسلم ليگ جو پهريون اجلاس ڪراچيءَ ۾ منعقد ٿيو ته ان وقت سر سلطان محمد شاهه آغا خان کي ان جو مستقل صدر چونڊيو ويو. هي انهيءَ عهدي تي ايستائين قائم رهيو، جڏهن خود هن انهيءَ تان استعيفا ڏني.[2] انهيءَ وقت مسلم ليگ انگريز سرڪار ۽ برطانيه جي تاج سان وفاداري جو اظهار ڪندي هئي ۽  جماعت جا هيٺيان مقصد بيان ڪيا ويا.

1.                  هندستان جي ٻين پارٽين سان تعاون ڪري ملڪ جي ترقي لاءِ ڪم ڪرڻ.

2.                 هندستان جي هندن ۽ ٻين قومن سان تعاون ڪري مسلمانن جون خاميون دور ڪرڻ.

3.                 مسلمانن کي ٻين قومن کان الڳ، انهن جي ڀلائي، بهتري، ترقي ۽ مفاد لاءِ ڪم ڪرڻ.[3]

آل انڊيا مسلم ليگ جي ميمبرشپ ۾ اها گنجائش رکي ويئي ته هن جماعت ۾ ميمبر ٿيڻ لاءِ ضروري آهي ته اهو مسلمان هجي ۽ ان جي عمر 25 سالن کان گهٽ نه هجي. اميدوار ڪا به ٻولي لکي ۽ پڙهي سگهي ۽ هو 500 رپيا ساليانو ڍل ڀريندڙ هجي.[4] هر هڪ صوبي مان جيڪو به ميمبر کنيو ويندو، اهو مسلم ليگ جو 5 سال ميمبر رهندو، جنهن کي صوبائي مسلم ليگ نامزد ڪندي، جيڪا برانچ آل انديا مسلم ليگ جي منظوريءَ سان قائم ڪئي ويئي هجي ۽ مسلم ليگ جي مقاصد ۽ ان جي ڪيل فيصلن کي قبول ڪندي هجي. مرڪزي ڪاميٽيءَ تي 40 ميمبر ڪاروباري ڪاميٽيءَ تي کنيا ويندا، جن جو ميعاد 3 سال هوندو ۽ اهي مقرر حصي موجب صوبن منجهان کنيا ويندا.“[1]

        شروعات ۾ مسلم ليگ جي ميمبريءَ لاءِ ضروري هو ته پڙهيل هجي. 500 رپيا ڍل ڀريندڙ هجي گويا صرف زميندار ۽ شاهوڪار ماڻهو ئي جماعت جو ميمبر ٿي سگهيو ٿي. جيڪڏهن ڪو به ماڻهو ڪيترو ئي پڙهيل هجي ته اهو هن جماعت جو ميمبر نه پيو ٿي سگهي، گويا هن جماعت ۾ صرف سرڪار پرست زميندارن ۽ انگريز جا وفادار شاهوڪار ماڻهو شامل ٿي سگهيا ٿي، غريب ۽ عام مسلمان هن جماعت جو ميمبر نه پئي ٿي سگهيو، جيڪڏهن عام مسلمان هن جماعت جو ميمبر ٿئي ها ته ضرور سرڪار جي خلاف پليٽ فارم ٺهي ها. انهيءَ لاءِ ضروري شرط رکيو ويو ته ميمبرن جو تعداد 400 هوندو، ۽ سي به پڙهيل سرمائيدار هوندا، جنهن جو مقصد صرف هي هو ته مسلمانن کي هڪ پليٽ فارم تي آڻي ڪانگريس جي وڌندڙ اثر کي روڪي سگهجي ۽ ”ورهايو ۽ حڪومت ڪريو“ جي اصول تي انگريز جي تعاون سان هي جماعت ٺهي.


[1] Waheedne-Zaman, Towands Pakistan, Lahore, Publishers Lted 1964, p. 30

[2]  مولانا دين محمد وفائي، ياد جانان، ڪراچي.

[3]  روزنامه الوحيد ڪراچي مئي 15، 1920.

[4] Mohammad Hassan Bhutto, Research general vol, III, Sind University Publication, Hyderabad 1963. p-58

[1]  پير علي محمد راشدي، اسان جا بزرگ، ماهه نامه رسالو نئين زندگي ڪراچي، جولاءِ 1965ع ص 26.

[2]  لطف الله بدوي، خلافت تحريڪ جي نشو نما ماهه نامه رسالو نئين زندگي ڪراچي، جولاءِ 1967ع ص 44.

[3] Mohd Ayub Khoro, A. Rejoinder Criticism of anti  Sind Seperation Committee, Booklet, Karachi – P. 17

[1] Mohd Ayub Khoaro, Story of Suffering of Sind M. A. Khoro, Larkana 1930 P. 13

[2]  جي.ايم.سيد، سنڌ جي بمبئي کان آزادي، ارباب نور محمد پليجو، ٻنون سنڌ 1968ع ص ص 7 – 8.

[3]  جمشيد ايم.آر مهتا، سنڌ جو بمبئي کان جدا ٿيڻ، جيٺ مل پرسرام، حيدرآباد ص 12.

[4]  جي.ايم.سيد سنڌ جي بمبئي کان آزادي ايضاَ، ص 77.

[5] H. H Aga Khan, the memoirs of Aga Khan London, Cassel and co. 1954 P. 230

[1]  جي.ايم.سيد، سنڌ جي بمبئي کان آزادي، ارباب نور محمد پليجو، ٻنون 1968ع ص 17.

[2] Dr. Lini S. May, The Evolution of India Muslum thought Feroze Sons Lahore, Sh: Mohd Ashraf, 1970 P. 259.

[3] M. R. Wite, the great Leader, Qaid – e – Azim Lahore, Karachi 1962 P. 43

[4] Sharrifudin Pirzada, foundation of Pakistion vol: V,I,II Karachi, national Publishing House. 1970 P. 23

[1] Mohd Ayub Khoro, Story of Suffering of Sind, M . A Khoro Larkana 1930 P. 13

[1]  روزنامه مهراڻ ڪراچي ساليانه نمبر، نومبر 22، 1959ع ص 37

[1]  روزانه هندو ڊسمبر 4، 1931ع.

[1]  ڊاڪٽر چونٿرام پرتابراءِ گدواڻي ماهنامه هندستان آگسٽ 1، 1946ع ص - 5

[2]  روزانه هندو، ڊسمبر 4، 1921ع.

[1]  روزانه هندو، ڊسمبر 4، 1921ع.

[1]  روزانه الحق سکر، 10 جون 1920ع.

[2]  رئيس الهداد خان شجرا، پاڪستان جو صحيح دستور، پير بخش شجرا، سکر 1946ع ص ص – 16، 17.

[1]  لعل بن يوسف (سالار خاڪسار پارٽي) کان مصنف جو ورتل انٽرويو.

[2]  روزانه هندو، 4 ڊسمبر 1921ع.

[3]  مولوي الله بخش اٻوجهو، مسدس اٻوجهو، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي، حيدرآباد 1934ع ص - 3

[1] B. N Pandey, The Break up of British India. London, Macmillan, 1969, P: 55

[2] Syed Razi Wasti, Lord Minto and Indian Nationalist movement, Oxford 1969, P. 69.

[1] Syed Razi Wasti, Lord Minto and Indian Nationalist Movement op-cit P. 33.

[2] Dr. S. M. Ikram, Modern Muslim India and Brith of Pakistan, Lorhore, Sh: Mohd Ashraf 1965, P. 165

[3] Tarachad A Short History of Indian people. Culcutta, Mecmillan and Co. 1934 P 446.

[4] Jamaludin Ahmed, Early phase of Muslim Political Movement, Lahore, United Ltd P. 52

[1] Mamaludin Ahmed Early Phase of Muslim Political Movement op. cit. P 54

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org