سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو

باب؛ 1

صفحو؛ 18

جيڪڏهن اسان هن چونڊن ۾ ناڪامياب ٿياسون ته ان جا تمام خطرناڪ نتيجا نڪرندا ۽ اسان پنهنجي نصب العين پاڪستان حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪا جدوجهد ڪري رهيا آهيون تنهن ۾ پڻ اسان کي زبردست نقصان رسڻ جو انديشو ٿيندو.

        قائداعظم آخر ۾ فرمائي ٿو ته مان سمجهان ٿو ته سنڌ جا مسلمان ڪڏهن به پٺتي پئي مون کي نااميد نه ڪندا. منهنجي دعا آهي ته الله تعاليٰ شل اوهانکي فتح ۽ نصرت نصيب ڪري آمين.

        مسلمانو! ڪانگريس توهان کي غلام رکڻ گهري ٿي؛ ڪانگريس اميدوار توهان کي لالچائي رهيا آهن؛ مسلمانو! انهن جي فريب ۾ نه اچو ۽ اسلامي فرض پورو ڪريو ۽ گانڌي ۽ نهرو جي پيشوائي کان پاڻ کي بچايو، صحيح اسلامي رستو وٺو. انهن ڪانگريسين بهار ۾ لکين مسلمانن کي شهيد ڪرايو آهي ۽ هندستان ۾ رام راڄ قائم ڪرڻ گهرن ٿا.

        مسلمانو! مسلم ليگ اميدوارن جا نالا ياد رکو ٻيا مخالف اميدوار پاڻ کي مسلم ليگي سڏائن ٿا انهن تي اعتبار نه ڪريو؛ پنهنجو هڪ هڪ ووٽ پاڪستان حاصل ڪرڻ لاءِ ڏيو.

        اسلام جا غيرتمند فزندو!

        تاريخ 9 ڊسمبر 1946ع سومر ڏينهن ٽولا ٽولا ٿي ساوا اسلامي جهنڊا هٿ ۾ کڻي الله اڪبر جو نعرو بلند ڪري پنهنجي پنهنجي پولنگ اسٽيشن تي حاضر ٿي، پنهنجي تڪ جي اميدوارن کي ووٽ ڏيو ۽ پنهنجي عزيزن ۽ دوستن جو ووٽ ڏياريو. مسلم ليگ زنده باد.

        سنڌ جا غيور مسلمانو! مون اوهان جي قومي حمايت ۽ ملي احساس ۾ اميد رکي قائداعظم محمد علي جناح کي يقين ڏياريو آهي ته سنڌ جا مسلمان پنهنجا سمورا ووٽ مسلم ليگ اميدوارن کي ڏئي سڀني اميدوارن کي ڪامياب ڪري مخالفن جا منصوبا خاڪ ۾ ملائيندا. توهان جو فرض آهي ته پنهنجو قومي جوهر ڏيکاري مسلم ليگ اميدوارن کي ڪامياب ڪري قومي خودداري جو ثبوت ڏيندا.(1)

يوسف هارون

صدر سنڌ مسلم ليگ

ڊسمبر 9، 1946ع جي اليڪشن ۾ مسلم ليگ جا بيهاريل اميدوار

ڪراچي ضلع

1. ڪراچي شهر:               حاجي محمد هاشم گذدر

2. لياري ڪوارٽرس:           سيٺ محمود هارون

3. ٺٽه ڪراچي:                انور حسين غلام حسين

4. جاتي، بٺورو، سجاول:      رئيس فضل محمدخان لغاري

5. شاهه بندر، ساڪرو، گهوڙا ٻاري:   پير عالي شاهه

6. ٺٽه:                         محمد يوسف چانڊيو

 

سکر ضلع

7. ميرپور ماٿيلو ۽ اوٻاوڙو:    سردار قيصر خان بوزدار

8. پنو عاقل ۽ گهوٽڪي:    سردار علي گوهر خان مهر

9. ڳڙهي ياسين ۽ سکر:      آغا بدرالدين دراني

10. شڪارپور:                         رحيم بخش سومرو

11. سکر روهڙي:              پيرزاده عبدالستار

 

جيڪب آباد ضلع

12. ڪنڌڪوٽ ڪشمور: سردار نور محمد خان بجاراڻي

13. جيڪب آباد ڳڙهي خيرو:سردار مير جعفر خان جمالي

14. ٺل تعلقو:                 سردار سهراب خان سرڪي

لاڙڪاڻو ضلع

15. لاڙڪاڻو:          محمد ايوب کهڙو

16. ڏوڪري وارهه:     قاضي فضل الله

17. قمبر شهدادڪوٽ:        مير محمد خان چانڊيو

حيدرآباد

18. هالا:               مخدوم غلام حيدر

19. بدين ٽنڊو باگو:  مير غلام علي خان ٽالپر

20. ماتلي ٽنڊو الهيار:        مير بنده علي خان ٽالپر

21. ٽنڊو محمد خان:  مير حاجي حسين بخش خان

ٿرپارڪر ضلع

22. سانگهڙ کپرو عمرڪوٽ: رئيس حاجي غلام محمد خان وساڻ

23. ڏيپلو مٺي ڇاڇرو ننگر پارڪر: ارباب توڳاچي

24. ميرپورخاص جيمس آباد ڊگڙي سامارو:مير احمد خان ٽالپر

نوابشاهه ضلع

25. شهدادپور:        علي محمد مري

26. نوشهرو فيروز:    سيد نور محمد شاهه

27. ڪنڊيارو:         حاجي غلام نبي خان ڏهراج

28. نوابشاهه سنجهورو:       محمد اعظم خان

29. مورو سڪرنڊ:    حاجي غلام رسول خان جتوئي

دادو ضلع

30. دادو جوهي:               پير الاهي بخش

31. ميهڙ ڪڪڙ:     سيد حاجي علي اڪبر شاهه

32. ڪوٽڙي سيوهڻ: قاضي محمد اڪبر

33. حيدرآباد:         ميران محمد شاهه

34. غلام حسين هدايت الله: (زميندار جاگيردار)

35. مسز جي الانا (سنڌ مسلمان عورتون)

9 ڊسمبر 1946ع جي اليڪشن جا ڪامياب اميدوار

1. محمود هارون 2. محمد هاشم گذدر 3. انور حسين غلام حسين هدايت الله 4. خانبهادر فضل محمد لغاري 5. پير عالي شاهه 6. مخدوم غلام حيدر 7. حاجي مير حسين بخش ٽالپر 8. مير غلام علي ٽالپر 9. مير بنده علي ٽالپر 10. خانبهادر غلام محمد وساڻ 11. مير احمد خان ٽالپر 12. ارباب توڳاچي 13. محمد اعظم خان 14. حاجي غلام رسول خان جتوئي 15. سيد نور محمد شاهه 16. غلام نبي ڏهراج 17. قاضي محمد اڪبر 18. پير الاهي بخش 19. سيد حاجي علي اڪبر شاهه 20. قاضي فضل الله 21. مير محمد خان چانڊيو 22. پيرزاده عبدالستار 23. سردار قيصر خان بوزدار 24. آغا بدرالدين دراني 25. سردار علي گوهر خان مهر 26. رحيم بخش سومرو 27. مير جعفر خان جمالي 28. نور محمد خان بجاراڻي 29. سردار خان کوسو 30. ميران محمد شاهه 31. محمد ايوب کهڙو 32. محمد يوسف چانڊيو 33. علي محمد مري 34. غلام حسين هدايت الله 35. مسز جي الانا.(1)

 

نوٽ: (تاريخ 12 فيبروري 1947ع تي جي.ايم.سيد اليڪشن پٽيشن داخل ڪئي. ٽربيونل ۾ بي پي دلال صدر ۽ رحيم بخش شيخ ڪمشنر ۽ فيروز علي نانا ڪمشنر تي مشتمل هو. ٽربيونل پنهنجو فيصلو گورنر کي 2 فيبروري 1949ع تي ڏنو، جنهن ۾ قاضي محمد اڪبر ۽ پير الاهي بخش ۽ مير محمد شاهه چيئرمين ضلعه لوڪل بورڊ دادو کي بدعنواني تحت 6 سالن لاءِ نااهل قرار ڏنو ۽ جي.ايم.سيد کي اسيمبلي جو ميمبر بحال ڪيو.(2)

باب نائون

تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌي مسلمان شاگردن جو حصو

        جڏهن انگريزن سنڌ فتح ڪئي ته ”سنڌ جا مسلمان نئين حڪومت ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا. هنن وڌيڪ سڌاري کان پري رهڻ کي ترجيح ڏني ۽ سڪون واري زندگي ۾ تعليم رکڻ کي ترجيح ڏني. مسجدون، خان گاهون ۽ مڪتب ۾ هنن پنهنجي تحريڪ کي محدود رکيو.(1) ”سال 1887ع ۾ بمبئي يونيورسٽي بڻائي وئي ۽ ان سان گڏ ڪراچي ۾ ڪاليج قائم ڪيو ويو. هي ڪاليج 1887ع ۾ قائم ڪيو ويو هو. ”سنڌي پرائمري استاد جي تمام کوٽ هئي، شاگرد صرف مدرسن ۾ تعليم وٺندا هئا.(2) ”جڏهن لنڊن ۾ اسٽوڊنٽس ايسوسيئيشن هندستاني مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ بڻائي وئي، ته فيبروري 1915ع کان اڳ محمد علي جناح نوجوان مسلمان اڳواڻ جي حيثيت سان بمبئي مسلم اسٽوڊنٽس جي طرفان، مسلم اسٽوڊنٽس يونين جو افتتاح ڪيو.(3) ڪيترن مسلمانن علي ڳڙهه يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي. ”علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽي مان مسلمان شاگردن جو وڏو تعداد خلافت تحريڪ ۾ شامل ٿيو. انهن مسلم قوم ۾ سجاڳي آندي، جنهن ڪري خلافت ڪاميٽي  هڪ طاقتور تنظيم بنجي انگريزن جي سامهون آئي. انهن مان ڪن اهڙن شاگردن جا نالا مشهور آهن. جن اڳتي هلي سنڌ جي سياست ۾ اهم ڪردا ادا ڪيو. جهڙوڪ پير علي بخش، قاضي فضل الله، نعمت الله قريشي ۽ دين محمد عليگ(1) ”مسلمانن جي مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن بنائي وئي جنهن جو محرڪ قائداعظم محمد علي جناح ۽ سرپرست راجا امير احمد خان آف محمود آباد هو. مسلم ليگ ۽ ڪانگريس جي وچ ۾ ايستائين لاڳاپا خوشگوار رهيا جيستائين آزادي جي هر تحريڪ ۾ هندن ۽ مسلمانن گڏجي پئي ڪم ڪيو. پر 1936ع ۾ ڪٽر هندو اڳواڻن، جن مسلمانن جي باري ۾ شرپسندانه رويو اختيار ڪيو، انهي سبب ٻنهي جماعتن جي وچ ۾ تلخي پيدا ٿي وئي ۽ ويڇا وڌندا ويا. لکنو ۾ مسلم ليگ جو اجلاس ٿي رهيو هو، ان وقت اتي آل انڊيا اسٽوڊنٽس جو اجلاس به سڏايو ويو، جنهن جي صدارت قائداعظم ڪئي ۽ افتتاح پنڊت نهرو جي هٿان ٿيو. انهي موقعي تي قائداعظم پنهنجي تقرير دوران نهايت هوشياري سان لفظ چيا ته ”ڪانگريس هڪ هندو جماعت آهي؛ ان تي هندو شاگردن گهڻو شور مچايو پر مسلمان شاگردن انهن لفظن کي هينئن سان هنڍايو. قائداعظم جي انهن لفظن جي ادا ڪرڻ مان مراد هي هئي ته مسلمان شاگرد پنهنجي هڪ الڳ جماعت ٺاهين. قائداعظم ان وقت راجه صاحب جو مهمان هو، اجلاس ختم ٿيڻ کان پوءِ  مسلمان شاگرد اتي ساڻس مليا ۽ سندس هدايتن پٽاندڙ مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن ٺاهڻ جو فيصلو ٿيو. جڏهن علي ڳڙهه يونيورسٽي ۾ مسلم اسٽوڊنٽس يونين مان مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن قائم ڪرڻ لاءِ ٺهراءُ پيش ڪيو ويو، جيڪو ان وقت منظور ٿي نه سگهيو، تڏهن هندو اخبارن ان ٺهراءَ جي سخت مخالفت ڪئي، پر قائداعظم ۽ ڊاڪٽر اقبال ان جي ڀرپور حمايت ڪئي. هي اهو وقت هو جڏهن قائداعظم مسلم ليگ کي نئين سر منظم ڪري رهيو هو انهيءَ ڪري مسلمانن جي گهڻو ڪري سڀني طبقن مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن قائم ڪرڻ جي حمايت ڪئي. انهيءَ ڳالهه شاگرد اڳواڻن کي وڌيڪ همٿ ڏياري. 31 ڊسمبر 1936ع تي لکنو ۾ مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو اجلاس سڏايو ويو، پر ڪو به ليڊر هن اجلاس جي صدارت ڪرڻ لاءِ تيار نه هو، جنهن ڪري اجلاس ملتوي ڪرڻو پيو.

        تاريخ 11 جنوري 1937ع تي ساڳيو اجلاس لکنو ۾ منعقد ٿيو. لکنو جو مشهور بئريسٽر ۽ سياسي اڳواڻ مبشر حسين قدوائي ان جي صدارت ڪئي. ان موقعي تي ڪانگريس ۽ ان جي ڇاڙتن اجلاس ۾ ڳڙٻڙ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ناڪام رهيا.

        مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن قائم ڪرڻ جي مسلمان اڳواڻن دل سان آجيان ڪئي. فيڊريشن جي شاگرد اڳواڻن مسلمان شاگردن کي هڪ ئي پليٽ فارم تي متحد ڪرڻ لاءِ پوري پوري جدوجهد ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ فيڊريشن نهايت منظم ٿي. تاريخ 29، 30 ڊسمبر 1937ع تي ڪلڪتي ۾ آل انڊيا مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو پهريون مڪمل اجلاس سڏايو ويو جنهن جي صدارت قائداعظم محمد علي جناح ڪئي. ان موقعي تي ڪانگريس اڳواڻن ۽ هندو غنڊن ڳڙٻڙ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر خواجه ناظم الدين ۽ ٻين مسلمان بنگالي اڳواڻن جي بروقت توجهه ڏيڻ سان سندن منصوبا خاڪ ۾ ملي ويا ۽ اجلاس جي افتتاح وقت بنگال جي مشهور باغي شاعر قاضي نذرالسلام هڪ بنگالي نظم پڙهيو. اجلاس جي آخري ڏينهن راجه صاحب آف محمود آباد کي فيڊريشن جو صدر چونڊيو ويو.(1) مسلمان شاگردن پنهنجو تنظيمي ڪم شروع ڪري ڏنو.

        ”مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي قائم ٿيڻ بعد هندستان جي ٻين مسلم صوبن ۾ به مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جون برانچون ٺاهيون ويون. علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽي ۾ سنڌي شاگردن 1937ع ۾ شيخ خورشيد، ضياءُ الدين ۽ علي اڪبر ميمڻ جي صلاح مشوري سان علي ڳڙهه سنڌي اسٽوڊنٽس ائسوسيئيشن قائم ڪئي وئي. سنڌ جي پنجاهه کن شاگردن جي ميٽنگ سڏائي وئي جن ۾ غلام نبي پٺاڻ صدر چونڊيو ويو ۽ عبدالحسين چنه کي سيڪريٽري بنايو ويو. هن جماعت جو پهريون مقصد هو ته سنڌ کان ايندڙ غريب شاگردن جي مدد ڪئي وڃي؛ ان بعد سنڌ جي شاگردن علي ڳڙهه ۾ جناح صاحب جي دعوت ڪئي. جناح صاحب کي سنڌي شاگردن جي طرفان جيڪو سپاسنامو پيش ڪيو ويو هو، اهو کاڌيءَ جي ڪپڙي تي لکيو ويو هو. جيڪو شيخ خورشيد پڙهيو هو. هن ميٽنگ ۾ جناح صاحب جي دعوت ۾ هڪ ڪيڪ پيش ڪيو ويو. ان ڪيڪ جي مٿان قائداعظم جو لفظ لکيو ويو ۽ جناح صاحب ان ڪيڪ کي ڪاٽيندي ڏاڍو خوش ٿيو ڇاڪاڻ ته قائداعظم جو لقب کيس ان پارٽي ۾ ڏنو ويو هو، جيڪو بعد ۾ قائداعظم جي لقب سان مشهور ٿي ويو. قائداعظم جڏهن سنڌ جو دورو ڪيو تڏهن شيخ خورشيد علي ڳڙهه يونيورسٽي جو شاگرد ساڻس گڏ هو.(1)

        مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جون برانچون جيڪي ملڪ جي ٻين مسلم صوبن ۾ قائم ڪيون ويون، تن پنهنجن پنهنجن صوبن جي سياست ۾ حصو ورتو ۽ ان سان گڏ مسلمانن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ پاڻ پتوڙيو.

        علي ڳڙهه سنڌي اسٽوڊنٽس ايسوسيئيشن 1939ع ۾ سنڌ جي سياست ۾ حصو ورتو. سنڌ ۾ جڏهن مسجد منزل گاهه جو مسئلو پيدا ٿيو تڏهن علي ڳڙهه سنڌي اسٽوڊنٽس ايسوسيئيشن پنهنجي ميٽنگ سڏائي هيٺيان ٺهراءُ پيش ڪيا.

1.                  ”سنڌي اسٽوڊنٽس ايسوسيئيشن جا جملي شاگرد متفق طور صوبه سنڌ مسلم ليگ جي مسجد منزل گاهه بابت رٿيل پروگرام جي پوئيواري ڪندي، ساڻس مڪمل همدردي جو اظهار ڪن ٿا، سنڌ سرڪار کي اپيل ٿا ڪن ته هو مسلمانن جي جذبات جو خيال ڪري ۽ عوام جي جوابدار عيوضين جي حيثيت وارن کي مسجد جو قبضو ڏين، نه ته رٿيل ستيا گره شروع ڪن.

2.                 سنڌ ايسوسيئيشن جا ميمبر متفق طور مسٽر جناح جي موجوده يورپي سياسي معاملات ڏانهن ورتل پاليسي ۾ اعتماد ڏيکارين ٿا.

3.                 مسلم يونيورسٽي جا سنڌي شاگرد سنڌ سرڪار جا نهايت شڪرگذار آهن جو سرڪار، سندن اسڪالر شپن لاءِ سندن حق اهڙا ئي تصور ڪيا آهن، جهڙا بمبئي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شاگردن لاءِ رکيا آهن. سنڌي اسٽوڊنٽس ايسوسيئيشن علي ڳڙهه جا شاگرد سنڌ سرڪار کي استدعا ٿا ڪن ته هو انهن شاگردن، جيڪي مسلم يونيورسٽي جهڙي مسلمانن جي تهذيبي مرڪز ۾ تعليم پرائڻ لاءِ اچن ٿا، تن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ته سرڪاري اسڪالرشپون محفوظ ڪن.(1) حالانڪه ان ڏينهن ۾ سنڌي مسلمان شاگردن جو تعداد تمام گهٽ هو. سنڌ ۾ مسلم اسٽوڊنٽس ايسوسيئيشن جون چونڊون ٿيون، جنهن ۾ هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا.

صدر:                  عبدالجليل زبيري

نائب صدر:            مظهر گهلو

سيڪريٽري:           عبداللطيف شيخ

خزانچي:               انور ميمڻ

لئبريرن:                عبدالوالي مخدوم(2)

        ان بعد پوري سنڌ ۾ مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جون برانچون قائم ڪيون ويون. مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جا هيٺيان عهديدار بنايا ويا.

        مرڪزي صدر:         ڪامريڊ مظهر علي

        جنرل سيڪريٽري:     غلام رسول صديقي(3)

        سنڌ مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن ملڪي سياست ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. مسلم ليگ کي منظم ڪرڻ ۽ تحريڪ پاڪستان کي زور وٺائڻ لاءِ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جون شاخون قائم ڪيون ويون. سنڌ جي هيٺين شهرن ۾ برانچون قائم ڪيون ويون.

سنڌ مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جا عهديدار

ڪراچي   صدر:                  عبدالجبار جليل

                نائب صدر:            مظهر گهلو

                سيڪريٽري:           عبداللطيف شيخ

                خزانچي:               انور ميمڻ  (1)

ٺٽو          صدر:                  عبدالحئي عقيلي

                جنرل سيڪريٽري:     محمداسماعيل جوڻيجو

                جوائنٽ سيڪريٽري:   محمد عثمان کٽي

                خزانچي:               گل حسين طاهراڻي (2)

سجاول     صدر:                  عبدالحق پٺاڻ

                نائب صدر:            بشير احمد قريشي

                جنرل سيڪريٽري:     غلام محبوب شاهه

                جوائنٽ سيڪريٽري:   مٺو خواجه

                پروپئگنڊه سيڪريٽري:        قادر بخش ميمڻ

                خزانچي:رئيس محمد حسن خان لغاري(3)

حيدرآباد   صدر:                  رياض الدين احمد

                نائب صدر:            مخدوم عبدالرشيد

                نائب صدر:            نعمت الله قريشي

                جنرل سيڪريٽري:     علي محمد عباسي

                جوائنٽ سيڪريٽري: مير محمد کٽياڻ

                خزانچي:               محمد ناهيون(1)

حيدرآباد   صدر:                  رياض الدين احمد

                نائب صدر:            حافظ عبدالحق

                جنرل سيڪريٽري:     قاضي عبدالمنان

                جوائنٽ سيڪريٽري: عبدالڪريم ميمڻ(2)

بدين              صدر:                  شمشير علي جعفري

                نائب صدر:            الهورايو کتري

                جنرل سيڪريٽري:     عبدالڪريم ترڪ

                جوائنٽ سيڪريٽري: مير محمد نظاماڻي

                خزانچي:               خدا بخش(3)

هالا نيو    صدر:                  گل محمد ابڙو

                نائب صدر:            شرف الدين

                جنرل سيڪريٽري:     الهه بچايو ميمڻ

                خزانچي:               گل محمد

دادو         صدر:                  نور محمد بلوچ

                نائب صدر:            رحمتہ الله جوڻيجو

                جنرل سيڪريٽري:     عنايت الله جوڻيجو

                خزانچي:               محمد ابراهيم قاضي(4)

ميهڙ:

صدر:                  محمد حسين پنهور

                جنرل سيڪريٽري:     قمبرالدين ابڙو

                جوائنٽ سيڪريٽري:   غلام حيدر بلوچ

              خزانچي:      مسٽر محمدعرس ٻرڙو(1)

لاڙڪاڻو:

صدر:                  محمد خان وڳڻ

                نائب صدر:            محمد ابراهيم سومرو

                جنرل سيڪريٽري:     مولا بخش سانگي

                جوائنٽ سيڪريٽري:   عبدالفتاح وڳڻ

                خزانچي:               الهه بخش ڀٽو (2)

رتوديرو:

صدر:                  علي مظفر شاهه

                جنرل سيڪريٽري:     جمال الدين ڀٽو

                خزانچي:               عبدالرزاق ابڙو(3)

قمبر:

صدر:                  شفيع الله

                نائب صدر:            الهندو

                جنرل سيڪريٽري:     اسد الله ڀٽو

                جوائنٽ سيڪريٽري:   الهه ڏنو

                خزانچي:               اسد الله(4)

بنگل ديرو:

صدر:                  جمال ڀٽو

                جنرل سيڪريٽري:     غلام مصطفيٰ ڀٽو

                جوائنٽ سيڪريٽري:   گل حسن ڀٽو

                خزانچي:               محمد صديق ڀٽو(5)

شهدادڪوٽ:

صدر:                  رضا محمد شيخ

                نائب صدر:            محمد عمر حيات

                جنرل سيڪريٽري:     محمد خان پنجابي

                خزانچي:               قادربخش شيخ(1)

شڪارپور:

صدر:                  ضياءُ الدين شيخ

                نائب صدر:             منصب علي انصاري

                جنرل سيڪريٽري:      بشير احمد صديقي

                جوائنٽ سيڪريٽري:   غلام قادر منگي

                جوائنٽ سيڪريٽري:   نوابشاهه

                خزانچي:               احسان الله بدوي(2)

جيڪب آباد:

صدر:                  رسول بخش شيخ

                نائب صدر:            عبدالنبي شيخ

                جنرل سيڪريٽري:     لال بخش سومرو

                جوائنٽ سيڪريٽري:   محمد بخش قريشي

                پروپئگنڊه سيڪريٽري:        امام بخش سومرو (3)

تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جا شاگرد

        مٿيون سنڌي مسلمان شاگردن جون برانچون سنڌ مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي ماتحت هيون. مٿين شاگرد تنظيمن جي عهديدارن سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ مسلم ليگ جي پيغام کي پهچايو ۽ سنڌ جي مسلمانن ۾ سياسي سجاڳي آڻي تحريڪ پاڪستان کي زور وٺايو. اليڪشن جي دوران هنن شاگردن مسلمان قوم کي بيدار ڪيو ۽ قائداعظم جي هر حڪم جي بجاآوري ڪئي. پاڪستان جا جهنڊا هٿن ۾ کڻي جوش ۽ جذبي سان جدوجهد ڪئي. شهرن ۾ مسلم ليگ جا جتي به جلسا منعقد ٿيا اتي تقريرون ڪيون. 1946ع ۾ سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي نئين سر تنظيم ڪري مرڪزي ۽ صوبائي اليڪشن ۾ مسلم ليگ جي ورڪ ڪئي ۽ هر انتخابي تڪ ۾ مسلم ليگ جي اميدوار جي حمايت ۾ تبليغ ڪئي. 1946ع ۾ هيٺيان عهديدار هئا.

        صدر:                  علي اڪبر شاهه

        نائب صدر:            حاجي عبدالرحمان شاهه

        جنرل سيڪريٽري:             شفيع محمد انصاري(1)

        هيٺين ماڻهن شاگردن کي متحد ڪرڻ ۽ شاگردن جي تنظيم ڪرڻ ۾ اهم حصو ورتو.  ”جيڪي شاگرد تنظيمي ڪاميٽي جا ميمبر هئا:

1.      قاضي عبدالمنان . 2. سيد مهدي شاهه 3. فدا حسين رئيساڻي 4. محمد هاشم.(2)

سنڌ جي مسلمان شاگرد اڳواڻن وقت بوقت شاگردن جون ميٽنگون ۽ جلسا سڏائي، قراردادون پاس ڪرائي مسلمانن جي حقن جي حفاظت ڪئي ۽ ان سان گڏ صوبائي سياست ۽ هندستان جي سياست ۾ حصو وٺي مسلم ليگ جي ڀرپور حمايت ڪئي ۽ پاڪستان جي جدوجهد ۾ شريڪ رهيا.

        18 آگسٽ 1941ع ۾ سنڌ مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن حيدرآباد جي ورڪنگ ڪاميٽي جي ميٽنگ ٿي، جنهن ۾ هيٺيان فيصلا ڪيا ويا:

1.                  شهر جي مسلم شاگردن ۾ اتفاق پيدا ڪري انهن کي واحد جماعت ۾ شامل ڪرڻ.

2.                 مسلم شاگردن ۾ اسلامي تهذيب ۽ تمدن جي تبليغ ڪرڻ.

3.                 هر مهيني ڪنهن ڳوٺ ۾ وڃي تهذيب ۽ اخلاق جي تعليم پڙهائڻ لاءِ همٿائڻ.

4.                 هر مهيني مسلم شاگردن جو ميڙ ڪوٺائي تقريرون ڪرڻ.

5.                 مسلم مذهبي اڳواڻن، سياسي ليڊرن ۽ شاعرن جا جنم ڏينهن ملهائڻ.

6.                 سنڌ جي سرمائيدار طبقي کان چندا وٺي غريب مسلم شاگردن جي امداد ڪرڻ.

7.                 هر سال فيڊريشن جو ساليانو اجلاس منعقد ڪرائي سنڌ جي معزز مهمان ليڊرن کان تقريرون ڪرائڻ.

هي جلسو زير صدارت رياض الدين احمد جي ٿيو، جتي شاگردن نور محمد سيڪريٽري مسلم هاءِ اسڪول جي خدمتن تي تقريرون ڪيون.

        مٿين ڪارروائي عبدالمنان اي قاضي سيڪريٽري مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي طرفان جاري ڪئي وئي.  (1)

        ”تاريخ 11 اپريل 1942ع تي جيڪب آباد ۾ مسلمان شاگردن جو جلسو مسلم اسٽوڊنٽس جي زير سايه مسلم لئبريري ۾ ٿي گذريو. شروع ۾ مقامي يونين جي صدر مسٽر رسول بخش شڪارپور کان آيل مهمانن جو شڪريو ادا ڪندي ميٽنگ جو مقصد بيان ڪيو. وقتي صدر سيد رضا علي شاهه شڪارپور وارو چونڊيو ويو. جلسي جي ڪارروائي تلاوت ڪلام پاڪ سان شروع ٿي. پهريائين مولانا اصغر علي سيرت نبوي تي تقرير ڪئي. بعد ۾ مسٽر عبدالحق شڪارپوري پاڪستان تي زبردست تقرير ڪئي. پوءِ رسول شير لاهور ۾ شاگردن جي مٿان پاڪستان جي حق ۾ نعرا هڻڻ تي جمعيت العلماءِ ڪانفرنس ۾ مولوين ۽ سندن رضاڪارن جي روش تي روشني وجهندي، مسلمان شاگردن کي پرزور اپيل ڪئي ته پاڪستان، سواءِ قرباني ڪرڻ جي ڪو نه ملندو. ان ڪري مسلمان شاگردن کي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار رهڻ گهرجي. آخر ۾ حڪومت برطانيه کي اپيل ڪيائين ته هندستان جي مسلمانن جي مطالبي ”پاڪستان“ کي قبول ڪري سرڪار کي مسلمانن جو تعاون حاصل ڪرڻ گهرجي. مسٽر تاج محمد، جنرل سيڪريٽري شڪارپور مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن پاڪستان تي هڪ جوشيلي تقرير ڪندي پاڪستان لفظ جي اعليٰ تشريح ڪئي، آخر ۾ وقتي صدر صاحب، اسلام جي لفظ کي ٽن حصن ۾ ورهائي ان تي زبردست روشني وڌي جنهن جو اثر حاضرين تي سٺو پيو. صدر صاحب جي طرفان هيٺيان ٺهراءَ پيش ڪيا ويا جيڪي يڪراءِ بحال ڪيا ويا:

1.                  جيڪب آباد جي مسلم  شاگردن جو هي جلسو جمعيت العلماءِ جي مولوين ۽ سندس رضاڪارن جي روش جيڪا هن لاهور ۾ جمعيت العلماءِ ڪانفرنس جي موقعي تي مسلم شاگردن سان ورتي آهي، تنهن کي سخت نفرت جي نظر سان ڏسي ٿو ۽ زخمي ٿيل نوجوانن سان همدردي جو اظهار ڪري ٿو.

2.                 هي جلسو پاڪستان جي تجويز جي زبردست تائيد ڪري ٿو.

3.                 مسلمان شاگردن جو هي جلسو حڪومت هند کان پر زور مطالبو ڪري ٿو ته علامه مشرقي کي صوبه مدراس کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي.

4.                 مسلمان شاگردن جو هي جلسو حڪومت هند کان زوردار مطالبو ڪري ٿو ته خاڪسار اميرن کي في الفور آزاد ڪري مسلمانانِ هند جي بيچيني دور ڪئي وڃي.

5.                 مسلمان شاگردن جو هي جلسو حڪومت هند کان هي پرزور مطالبو ڪري ٿو ته خاڪسار تحريڪ خلاف پيل پابندي واپس ورتي وڃي ۽ هندستان جي بچاءُ جي سلسلي ۾ علامه مشرقي صاحب جو تعاون حاصل ڪرڻ گهرجي.(1)

سنڌ جو وزير تعليم پير الاهي بخش سنڌ مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو صدر ٿيو ۽ شاگردن ۾ تنظيمي ڪم کي تيز ڪيو.

”تاريخ 27 ڊسمبر 1943ع ڪراچي ۾ صوبه سنڌ مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي ڪانفرنس زير صدارت مولانا جمال ميان فرنگي محلي جوائنٽ سيڪريٽري آل انڊيا مسلم ليگ جي، هارون آباد جي مسلم ليگ اجلاس واري پنڊال اندر ٿي گذري. هزايرن شاگرد ۽ ٻيا ماڻهو موجود هئا. ڪانفرنس جو افتتاح مولانا بهادر خان ڪيو. شاگردن جي ڪانفرنس جو افتتاح ڪندي هن چيو ته توهان جي شاگردانه زندگي توهان جي آئنده زندگي ٺاهيندي، جيڪي وري هندستان جو آئنده نڀائينديون، تنهن ڪري پنهنجي هاڻوڪي زماني جي ساعت به اجائي نه وڃايو. پنهنجي تقرير جاري رکندي شاگردن کي ايندڙ فرائض جي پورائي لاءِ پاڻ کي تيار ڪرڻ جي صلاح ڏني. پير الاهي بخش وزير تعليم سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي صدر پنهنجي تقرير ۾چيو ته هر هڪ اداري ۾ صحيح تعليم ملڻ گهرجي، جيئن هو آئنده زندگي جي جدوجهد ۾ اثرائتو بهرو وٺي سگهن. پير صاحب چيو ته موجوده تعليمي سرشتو مسلمانن جي ضرورت مطابق نه آهي ۽ اميد ظاهر ڪيائين ته آل انڊيا مسلم ايجوڪيشن ڪانفرنس، مسلم نوجوانن لاءِ مڪمل تعليمي رٿ تيار ڪندي. پير صاحب وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي هڪ نئين ملڪ لاءِ توهان مسلم نوجوانن جي اهڙي نموني تربيت ڪرڻي آهي، جيئن هو آئنده حڪومت جون واڳون سنڀالي سگهن. پڇاڙي ۾ پير صاحب شاگردن کي اپيل ڪئي ته هو سادي ۽ باضابطه زندگي گذارين.

    مولانا جمال ميان پنهنجي صدارتي تقرير ۾ چيو ته مان اهو صاف ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته مسلمان پاڪستان، ڪنهن کان خيرات ڪين ٿا گهرن، هو پاڪستان ضرور حاصل ڪرڻ گهرن ٿا پوءِ اها ڳالهه ڪنهن کي وڻي يا نه! هن اميد ظاهر ڪئي ته ڊاڪٽر شيام پرشاد مڪرجي کي وڏي ڄمار ملي، جيئن هو هندستان جي گهڻائي وارن صوبن ۾ پاڪستان قائم ٿيندو ڏسي! هن هندن جي انهي اصول جي زبردست مخالفت ڪئي ته مذهب ۽ سياست ڪي جدا شيون آهن. هن ڪانفرنس ۾ 6 ٺهراءَ يڪراءِ پاس ڪيا ويا. هڪ ۾ سڀني مسلم اڪثريت وارن صوبن ۾ عربي تعليم لازمي بنائڻ جي رٿ قبول ڪئي وئي. ٻئي ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته سنڌي مسلمانن کي اردو جي تعليم ڏني وڃي. ٽئين ٺهراءَ ۾ سيارٿ پرڪاش جي 13 ۽ 14 باب جي ضبطي جي طلب ڪئي وئي. چوٿين ٺهراءَ ۾ قائداعظم تي خوني حملي جي مذمت ڪئي وئي. پنجين ٺهراءَ ۾ قائداعظم جي رهنمائي ۾ مڪمل اعتماد ظاهر ڪيو ويو. هن ڪانفرنس ۾ هيٺين ماڻهن تقريرون ڪيون. مولانا جمال ميان، فاطمه بيگم تصديق، مسٽر يحييٰ بختيار ۽ مولانا اڪرم علي.(1)


(1)  اصلي اشتهار تان ورتل، يوسف – اي هارون ايم اي هارون ايم ايل اي (سينٽرل) پريزيڊنٽ سنڌ پراونشل مسلم ليگ ڪراچي سول اينڊ ملٽري پريس ڪراچي، ڊسمبر 1946ع.

(1)  ورتل اصلي مسلم ليگ جي پوسٽر مان، مسلم ليگ جي اميدوارن جي لسٽ

(2)  Sindh Government Gazette, Government Notification, Legal Department, Feruary, 14, 1949 P: 158.

(1)  Boord of Editors, History of Freedom Movement Vol: II Karachi, Pakistan Historical Society, 1960 P. 426

(2)  جي.ايم.سيد، سنڌ جي بمبئي کان آزادي، حيدرآباد، ارباب نور محمد پليجو، 1948ع ص - 10

(3)  Maqbool Hussain Syed. Muhammad Ali Jinnah A Political Study, Lahore, Shaikh Muhammad Ashrof, 1953 P. 29

(1)  Abdul Razak Shaikh, Sukkur Past – and Present Sukku, Writer guild Region, 1962 P. 76

(1)  سائين بخش عباسي، پاڪستان تحريڪ ۾ شاگردن جو ڪردار، نئين زندگي، ڪراچي، مارچ 1970ع ص - 18

(1)  شيخ خورشيد سابق ايم پي اي اولهه پاڪستان کان مصنف جو ورتل انٽرويو تاريخ 10 آڪٽوبر 1974ع.

(1)  روزانه الوحيد ڪراچي، 3 آڪٽوبر، 1939ع.

(2)  روزانه الوحيد ڪراچي، 15 ڊسمبر، 1939ع.

(3)  روزانه الوحيد ڪراچي، 19 آڪٽوبر 1939ع.

(1)  روزانه الوحيد ڪراچي، 19 آڪٽوبر، 1939ع.

(2)  روزانه الوحيد ڪراچي، 5 نومبر 1945ع.

(3)  روزانه الوحيد ڪراچي، 29 نومبر، 1946ع.

(1)  روزانه الوحيد ڪراچي، 9 نومبر، 1946ع.

(2)  روزانه الوحيد ڪراچي، 27 آڪٽوبر 13 1945ع.

(3)  روزانه الوحيد ڪراچي، 13 مئي 1946ع.

(4)  روزانه الوحيد ڪراچي، 17 مئي 1946ع.

(1)  روزانه الوحيد ڪراچي، 19 آڪٽوبر 1941ع.

(2)  روزانه الوحيد ڪراچي، 1 فيبروري 1942ع.

(3)  روزانه الوحيد ڪراچي، 21 مئي 1946ع.

(4)  روزانه الوحيد ڪراچي، 21 جنوري 1942ع.

(5)  روزانه الوحيد ڪراچي، 21 جنوري 1942ع.

(1)  روزانهالوحيد ڪراچي، 17 آڪٽوبر 1945ع.

(2)  بشير حمد صديقي، انسپيڪٽر جنرل آف پرزنس حيدرآباد کان مصنف جو ورتل انٽرويو

(3)  روزانه الوحيد ڪراچي

(1)  الوحيد، ڪراچي مئي 27، 1946ع.

(2)  الوحيد ڪراچي،  آڪٽوبر 26، 1946ع.

(1)  روزانه الوحيد ڪراچي

(1)  روزانه الوحيد ڪراچي، اپريل 16، 1942ع.

(1)  روزانه الوحيد ڪراچي، 28 ڊسمبر 1943ع.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org