سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: شفاخانه

باب: --

صفحو :28

[26]

تنهن ڏينهن ڊاڪٽر پرديوت وٽ، پسگردائي جا سمورا ڊگري يافته ڊاڪٽر اچي ڪٺا ٿيا هئا. پرديوت ئي سڀني کي گهرايو هو. هڪ ڪوآپريٽو ميڊيڪل اسٽورس کولڻ جي رٿ زير ويچار هئي.

دراصل ونيه جو بهشڪار ڪرڻ جي منشا نه هئي؛ پر ان ڪري ونيه کي مشڪلات کي منهن ڏيڻو ته پوندو. صرف ايترو ئي نه، هنن هتي هڪ ننڍڙي ڪِلنڪِ به کولڻ چاهي ٿي. پرديوت جو مٿيون دوست شهر ۾ هڪ ڪلنڪ ۾ پرئڪٽس ڪندو آهي. وپن بابو جي رت ۽ پيشاب جي تپاس ڪري رپورٽ کڻي ڪالهه کان آيل آهي. وپن جي رپورٽ همٿائيندڙ آهي، پر ڊاڪٽر کي الائي ڪهڙو اچي شڪ ويٺو آهي، هو وري پان سان هنن ڊاڪٽرن جي بيٺڪ ۾ به شامل ٿي ويو آهي. شامل ٿيو آهي پر ديوت جي زور ڀرڻ تي. ڊاڪٽر پرديوت جي راءَ پٽاندر، اڄڪلهه ڪلنڪ جي سهائتا بنا علاج ڪرڻ انياءُ آهي؛ ان سان هن وگيان جو النگهن ڪرڻو آهي، جنهن جي ساڌنا ڪئي ٿي وڃي. معمولي مليريا يا رواجي بيمارين ۾ اهڃاڻ ڏسي، ٿرماميٽر، اسٽيٿسڪوپ جي مدد سان علاج ڪري به سگهجي ٿو، پر مرض جتي ذرا پيچيدو هجي، جتي ٿورو به گمان پوي، اتي سائنس جي اصول پٽاندر ان وسيلي رت، پيشاب ٽوري جي جاچ ڪرڻ بنا- علاج ڪرڻ جي، پرديوت سخت خلاف آهي. ناڙي تپاس تي هن جو ويساهه ڪونهي. پر وايو، پت، ڪف (صفرا، بلغم،) تي به سندس وشواس ڪونهي يا سمجهي نٿو سگهي، ۽ اکين جا اهڃاڻ ڏسي، روڳيءَ جي بدن مان بانس پرکي روڳ جو نرنيه ڪرڻ ٻن چئن نامور ڊاڪٽرن لاءِ ممڪن ٿي سگهي ٿو، رواجي ڊاڪٽرن حڪيمن ۾ اها سگهه نه آهي. جيڪي ائين ڪن ٿا، سي ڪجهه ڪيسن ۾ ٺيڪ پرکي وٺن ٿا، ڪجهه ۾ ڀل ڪرڻ کان پوءِ سڌارو ڪري وٺن ٿا ۽ ڪجهه ڪيسن ۾ ته ڀل پڇاڙي تائين معلوم نٿي ٿي سگهي. روڳي جڏهن هٿن مان نڪري وڃي ٿو، تڏهن لڳي ٿو، علاج ڪرڻ ۾شروع کان آخر تائين غلطي ٿيندي ويئي آهي. روڳ دراصل مليريا ڪانه هو، اهو هو ڪالاجار؛ يا ڪالاجار نه هو، ته هو ميلريا. مليريا کي ٽي-بي سمجهڻ جي غلطي ڪندو به ڏٺو ويو آهي. تنهن ڏينهن خود کانئس هڪ ٻار جي علاج ۾ خطرناڪ ڀل ٿي ويئي آهي. جڏهانڪر هو ٻالڪ فوت ٿيو آهي، هو ڏاڍو دکي آهي.

ونيه جي دوڪان ۾ نسخن تي دوا ڏيڻ ۾ من ماني ڪئي وڃي ٿي. ڪائي دوا جيڪڏهن موجود نٿي رهي ته پنهنجي من سان ئي ان جي موٽ ۾ ڏيئي ڪري ڪم هلايو ٿو وڃي. ائين به نٿو ٿئي ته ان کي ڇڏي ڏنو وڃي. ڪابه دوا نيم پٽاندر سلسليوار تيار نٿي ڪئي وڃي. دوا جون شيشيون قائم رهن ته صاف ڏسي سگهجي ٿو ته ڌار ڌار دوائون جدا جدا تري رهيون آهن يا هيٺ ڄميون پيئون آهن. هڪ وار دوا آڻي ٿو ۽ انهيءَ مان ئي سال، ڇهه مهينا هلائي ٿو وٺي. تيج رهت بي اثر دوا ڪم نٿي ڪري. جنهن خاص ٽيمپريچر جي اسٿتيءَ ۾ پينسلين کي سانڍڻ گهرجي، ان ريت نٿو رکيو وڃي. جيڪي دوائون سج جي روشنيءَ ۾ ناس ٿي وينديون آهن، انهن کي به نيم پٽاندر نٿو رکيو وڃي. جتي انهوءَ جي جيئڻ- مرڻ جو سوال آهي، اتي لاپرواهي، اڻڄاڻائي ۽ ڇل ڪپٽ واري واپاري دماغ جي آپيشاهي وهنوار سان زندگي آفت جو شڪار بڻجي ٿي پوي. تنهن کانسواءِ رديوت جو خيال آهي، ”هو نقلي دوائون به واپرائيندو آهي.“

”مٿان وري اگهه به ڳاٽي ڀڳا. ويچارا غريب، سڌا سادا ڳوٺاڻا ماڻهو تباهه ٿي ڪري لالچ ۽ بي ايماني جي تلوار جي هيٺ لاچار ٿي پنهنجو ڪنڌ ڪپائي ٿا وڃن. روڪڙا اگهه ته ڇا، پر اُڌار کاتي ۾ به بقايا وڌندي ٿي وڃي. انهن جون زرد اکيون، پيٺل اکيون ۽ پِيلا مهانڊا ڏسي ڪري پرديوت کي مٿن ڪهل به اچي ٿي، پر ڪاوڙ به لڳي ٿي. بعضي جيءَ ۾ ايندو اٿس. ”مرن ههڙا ماڻهو مري وڃن ڪمبخت، مري پورا ٿي وڃن. اڻڄاڻ، مورک-پنهنجي اياڻپ، مورکتا، بي عقلي ڪنن به ريت قبول نٿا ڪري سگهن. لک سمجهايو، ٻڌي نٿا سگهن. سمجهڻ جا ئي ڪونهن، يقين ڪرڻ وارا به ڪونهن. اڄ به کانئن جڙي ٻوٽي، جنتر منتر، تعويذ تائٿ، رکيا سڳڙا ڇڏيا نٿا ٿين. هنن جي سائنس جي ڄاڻ جيون مهاشيه جي ناڙي- گيان تائين پهچي رڪجي ويئي آهي.“

ان ڪري ڪافي ڳڻ ڳوت ڪرڻ کان پوءِ هتان جي مڪاني ڊاڪٽرن ۽ پنهنجي هن متر جي سهيوڳ سان هو هتي هڪ نئي سنسٿا قائم ڪرڻ چاهي ٿو. دوائن جو هڪ وڏو اسٽور. ساڻ گڏ هڪ ننڍڙي ڪلنڪ.

هتان جي مڪاني حالتن جو اڀياس ڪندي هن ڄاتو آهي، ”ان جي مطابق هڪ وڏو دڪان مزي سان هلي سگهندو آهي. نوگرام ۾ وچولي قسم جو هڪ دوائن جو دوڪان، ٽيهن سالن کان به وڌيڪ وقت ٿي ويو، مزي ۾ هلي رهيو آهي. ان کان اڳي هڪ الماڙيءَ ۾ دوا رکي هريش ڊاڪٽر جو پنهنجو ڪاروبار هلندو هو. جيون مهاشيه جو آروگيه- نڪيتن به ڪيترن ڏينهن تائين وڏي ٺاٺ سان هلندو رهيو. ۽ هاڻ، سنه اوڻويهه سو پنجاهه عيسويءَ ۾ هتي ڪلنڪ ۽ دوائن جو وڏو دوڪان به ڪونه هلندو؟“

نوگرام ۾ ئي ٻه-ٻه ايم-بي، ٻه ايل-ايم-ايف ڊاڪٽر آهن. ڏهه- ٻارهن ميلن جي دائري ۾ ٻيا به چار ايل- ايم-ايف آهن. سڀني جي ڪنهن نموني پرئڪٽس هلي رهي آهي. پرديوت انهن سڀني کي ڪوٺايو آهي. سڀ حصيدار بڻجن ۽ اهو ڪاروبار هلي. سڀني کي لاڀ آهي. واپارين وانگر ته اسان نفعو ڪونه ڪڍنداسون، پر جيڪو به فائدو ٿيندو، سڀني کي ملندو. جن جا جهڙا نسخا هوندا، هنن کي اهڙي ڪميشن به ملندي. ماڻهو به ٿوري ئي قيمت ڏيڻ سان دوا حاصل ڪندا.

ڪوارٽر جي ورانڊي ۾ ڪرسي ميز وجهي ڪري ميٽنگ جو چڱو خاصو انتظام ڪيو ويو آهي. شام جي چانهه جي شروعات ٿي آهي. وچ تي ٻري رهيو آهي هڪ پيٽرومئڪس. رات جو کاڌو پيتو ٿيڻو آهي. ڪجهه جهرڪين جو شڪار به ڪيو ويو آهي، ساڻ ڪجهه مرغيون. اسپتال جو رسويو رڌي رهيو آهي. منجو نگراني ڪري رهي آهي. وچ وچ ۾ هوءَ گيت ڳائيندي ويندي.

هتي نوگرام جي آسپاس جيڪي به ڊاڪٽر، ويڄ پرئڪٽس ڪن ٿا، اهي سڀ انهيءَ علائقي جا آهن. گذريل پنجاهه ورهين جي اندر ڊاڪٽري به ٻين ڌنڌن ۾ خاصو ڌنڌو بڻجي پئي آهي. ان جو مکيه ڪارڻ مليريا جو آزار آهي. مليريا سان ڪجهه ٽائفائيڊ، ڏهه پنج ريميٽنٽ، اتيسار، پيٽ جي بيماري. ماتا به ٿيندي آهي. البت وچڙندي مرض جو روپ ڌارڻ ڪانه ڪندي آهي. ڪالرا به وچ وچ ۾ نازل ٿيندي آهي. اڳي ته ڪالرا به مهاماريءَ وانگر پکڙبي هئي، هاڻ ٽڪن جي ڪرپا سان ائين نٿو ٿئي. ان کانسواءِ هيءَ- هوءَ، قسمين قسمين جون نيون عجيب و غريب بيماريون ٿين ٿيون. تنهنڪري ڊاڪٽر ٿيڻ سان خاطر جمع- چڱي آمدني ٿيندي. اڳي جيڪي لکندا پڙهندا هئا، وڪالت پڙهندا هئا. جيڪڏهن نوڪري نصيب نه ٿي، ته وڪالت ڪندا هئا، پر وڪيل جو پيشو بي بقا آهي. جنهن جي تقدير کلي سو راجا، ۽ جنهن جي ڪانه کلي سو فقير. ڊاڪٽري ۾ ائين ڪونهي. وري جي قسمت ساڻي هجي ته پوءِ ڇا چئجي! نه هجي ته به ڪجهه نه ڪجهه هلندي ئي. سڀ کان وڏي ڳالهه گهر ويٺي روزگار. ڏهه سال اڳي پسگردائيءَ ۾ پاس ڪيل ٻه ڊاڪٽر هئا. نيم طبيبن جي ته ڀيڻي ڪانه هئي؛ جيڪي روزگار ڪڍي رهيا هئا. اڄ رڳو ڊگري يافته ڊاڪٽر ئي ڇهه آهن. ڪنهن بردوان، ته ڪنهن بانڪورا ۾ ڊاڪٽري جو امتحان پاس ڪيو آهي. چئن ڄڻن ته ڪلڪتي جي ڪئمپبيل ۽ ميڊيڪل اسڪول مان پاس ڪيو آهي. اهي سڀ ونيه جا ٻڌا خريدار آهن. هنن کي ونيه جي خلاف ڪائي شڪايت ڪانهي؛ اهڙي ڳالهه ڪانهي. ونيه رکيل دوائون واپرائي ٿو. گهڻو اگهه ته نٿو وٺي پر ڪوآپريٽو ۾ قيمت تهائين گهٽ ٿيندي. ڪلنڪ جا ماڻهو اهڙي سخت ضرورت محسوس نٿا ڪن. پر ٿئي ته ان ۾ بيجا ٿوروئي آهي؟ سخت بيمارين ۾ ڪڏهن قضا سان ضرورت پئجي به سگهي ٿي. وري ڊاڪٽر پرديوت کي خوش رکڻ به ضورري آهي. وقت بوقت ٻه – چار مريض آڻڻ سان، خاص ڪري آپريشن جي معاملي ۾، اسپتال ۾ پاڻهي بندوبست ڪري ڏيندو. ڪجهه – ڪجهه سائنس جي به تقاضا آهي. سڀ ماڻهو انتظار ۾ آهن. وپن بابو کي ڏسي ڊاڪٽر موٽن، ته صلاح مصلحت شروع ٿئي.

پرديوت چيو: ”اوهان کي ڪلڪتي جي ڊاڪٽر چئٽرجيءَ ڏٺو. اسان هن جي هدايت موجب اوهان جو علاج ڪري رهيا آهيون. صلاح هوئي ڏيندا. اوهان هنن کي گهرائي وٺو. اسان ايترو ئي چئي سگهون ٿا ته جيون مهاشيه جي راءِ سان اسان سهمت نه آهيون. اوهان اڳي کان بهتر آهيو ۽ جيڪڏهن ڪائي ارچڻ نه پئي، ته آهستي آهستي بلڪل نوبنا ٿي ويندا. ڪيستائين ٺيڪ ٿي ويندا، اهو ٻڌائڻ جي لاءِ ڊاڪٽر چيٽرجيءَ سان صلاح ڪرڻي پوندي.“

”خير. ڊاڪٽر چئٽر جي کي ئي گهرايو وڃي. هريندر، تون وڃي هنن کي وٺي اچ. جيڪي گهرندا، سو ڏيندس. لڄ ۽ ووڪي جي وڍ کان مان جلي رهيو آهيان. مان آخرين ڳالهه ڄاڻڻ چاهيان ٿو. ۽....“

سر مٿي کڻي سامهون تڪيندي چيائين: ”جيون مهاشيه کي گهرايو وڃي. مان اهو نٿو ڄاڻڻ چاهيان ته مان مرندس يا نه. مرڻو ته هڪ ڏيهاڙي سڀني کي آهي. هن روڳ مان بچندس يا نه، سو ڄاڻڻ چاهيان ٿو.“ اهو هن پنهنجي پتا کي مخاطب ڪندي چيو.

پاڻ ۾ ان ڳالهه جو ذڪر ڪندا هو سڀ موٽيا. نوڪر چانهه جو ٽري اڳيان آڻي رکيو. ڪمپائونڊر هريهر هڪ ڪاچ جي گلاس ۾ ٻه آئونس برانڊي ۽ سوڍا جي بوتل آڻي رکي. ڪوآپريٽور ۾ چارو بابو ئي سڀ کان وڌيڪ اتساهت آهي. سوسئاٽيءَ جو پرڌان هوئي ٿيندو. برانڊي جي سرڪي ڀري سگريٽ دکائي کيسي مان واچ ڪڍي چيائين: ”نو لڳي پنج منٽ! پرديوت بابو، ڪارروائي شروع ڪريو. وقت سٺو آهي. درگا- درگا، سڌ داتا گڻيش. آرنڀ ڪريو. اوم گڻيش نمہ“

چارو بابو منڍ ۾ ئي پترو ڏسي ڇڏيو هو. پرديوت کي اهو سڀ نٿو وڻي ۽ اهڙي ڳالهه کي مڃڻ به ناپسند ٿو ڪري، پر هتي چارو بابو جي آڏو ڪين آيو.

ڪاڳڙ- قلم کڻي ويهي رهيو.

چارو بابو کلي چيو: ”هيءَ ڪهڙي ميٽنگ؟ مهورتي راڳ به ندارد. هارمونيم..... مسز بوس جي رهندي به!“

ڊاڪٽر جي گهرواري سڄاڻ آهي. ٺهه پهه سر جهڪائي ادب سان چيائين: ”سڀاپتيءَ جي آگيا اکين تي!“ هوءَ آرگين جي سامهون وڃي ويٺي.

اوچتو هڪ رڪاوٽ اچي پئي.

اچانڪ اسپتال جي ڦاٽڪ تي چار پنج ماڻهو اچي وارد ٿيا. هڪ استري ڇاتي پٽي ورلاپ ڪري رهي هئي. (سوناڙي، ماڻڪ منهنجا.... اڙي پٽ!“

پرديوت ڌيان مگن ٿي لکي رهيو هو. رودن ٻڌي ڪاڳر قلم سميٽي ڌيرج سان اٿي کڙو ٿيو. هيتري رات گذر ئي هن طرح ڪا پٽي رهي آهي، اسپتال ڪنهن کي کڻي آئي آهي.... ضرور ڪو آئڪسيڊنٽ ٿيو آهي. امرجنسي وارڊ جو ڪيس! پر امرجنسي وارڊ جي معنيٰ هتي رڳو ٻه بيڊ آهن. اول هڪ ئي بيڊ هو. پرديوت اچي ڪشور بابو جي معرفت وڏين ڪوششن ۽ حيلن کان پوءِ ٻيو بيڊ وڌايو آهي. جڏهن هيڊ- هيلٿ سينٽر ٿي ويندو تڏهن پنج بسترا ٿي ويندا. هن پاڻ به ٿوري نئين ويوَسٿا ڪئي آهي. پر امرجنسي وارڊ جي سڀ کان وڏي ضرورت آهي ’رت‘. ’رت‘ آهي ڪلڪتي جي بلڊبئنڪ ۾، هتان ڏيڍ سو ميل پري.

”اجهو آيس. ڏسي اچان، ڪهڙي ماجرا آهي.“ پرديوت هليو ويو.

چارو بابو چيو: ”ههڙو فرض شناس انسان مون ڪڏهن نه ڏٺو. مان به ته ڪڏهن هتي هوس. سختي رکندو هوس. سمجهيهءِ مسز بوس، مان ڏاڍو ڪرڙو آدمي هوس. مگر ڪريان به ڇا؟ اهو زمانو ئي ٻيو هو. ان وقت اسپتال بابوُ لوڪن جي هئي. ڊسٽرڪٽ بورڊ جي مدد ملندي هئي، بس. بابو لوڪ ئي سڀ ڪجهه هوندا هئا. ڊسپينسري ۾ ڪم ڪري رهيو آهيان، مٿان بابو لوڪن جو ٿيو سڏ، ”يڪدم اچو.“ لاچار، وڃڻو پوندو هو. وڃي ڇا ٿو ڏسان، ننڍو ٻالڪ ڪيڪون ڪري رهيو آهي. سُر پنچم ۾.

بابوُ لوڪن جي نياڻيءَ جو پٽ، ٻارهن سالن جي نينگريءَ جو نينگر، سمجهيهءِ؟“

”ٻارهن سالن جي نينگريءَ جو نينگر؟!“ منجوءَ جي حيرت جو ٺڪاڻو نه رهيو.

”ان ۾ اچرج ڪهڙو آهي، ان زماني ۾ ائين ئي ته ٿيندو هو. يارهن سالن جي نينگريءَ کي ٻار، مون اکين ڏٺو آهي. چوڏهن ورهين تائين ٻار نه ٿيندو هو، ته گهر ۾ هاهاڪار مچي ويندو هو. سمجهندا هئا ته هاڻ ٻار نه ٿيڻ وارو آهي؛ ان ڪري ديوتائن جون سکائون باسيندا هئا.“

منجو چيو: ”منهنجي ماءُ جي ماءُ جي ماءُ- گريٽ گرانڊما (پرناني) کي تيرهن ورهين جي عمر ۾ ٻار ڄائو هو. يعني منهنجي ماءُ جي ماءُ پيدا ٿي هئي. جڏهن ٻڌندي آهيان، تپرس وٺي ويندو اٿم. اها ٻڍڙي اڄ به جيئري آهي. اف، اهڙي ٻوڙي ٿي ويئي آهي ٻڍڙي! خبر اٿو....“ اچانڪ هڪ ڊپ گاڏڙ ڪيڪ وچان سڀ ڇرڪي ويا. ”ڇا ٿيو؟“ چيخ ڊاڪٽر جي گهر مان ئي نڪتي هئي.

ڪوئي ڄڻڪ ’بوُ- بوُ‘ ڪري رهيو آهي. ”ڪير؟ آواز رسويئي جو معلوم ٿئي ٿو!“ منجو ڊوڙندي ويئي. سندس پوئتا پرديوت جو متر به ڊوڙندو ويو. چارو بابو آکيو: ”نيٺ به ٿيو ڇا آهي، چور ته ڪونهي؟“

هريندر چيو: ”ڪهڙي خبر؟“

”يا ڪڙهائي ته پيرن تي هاري ڪانه وڌائين؟ الائي ڇا ٿيو؟“ چارو بابو وري چيو: ”ڏس ته هريندر.“

سڀ دروازي ڏانهن اتاولائي سان ڏسندا رهيا.

چارو بابو برانڊي جو آخري ڍڪ پيتو. سڏيائين: ”اڙي ڀائي، مسز بوس، ڇا ٿيو؟“

هوڏانهن رنڌڻي ۾ ٺاڪر وايون ولڙيون ڪري الاجي ڇا ڇا بڪي رهيو آهي. خاڪ به سمجهه ۾ نٿو اچي. پرديوت جو دوست کيس دٻائي رهيو آهي. ڊاڪٽر جي زال ٽهڪ ڏيئي کلي رهي آهي.

ڊاڪٽر چارو چيو: ”ٻڌ ته هريندر.“

“جي.“

”ڀائي، هيءَ استري ڪهڙي آهي. کلي رهي آهي ذرا ڏس ته سهين. ٻڌو اٿم، بندوق سان شڪار به ڪندي آهي!“

”جي ها. سائيڪل به هلائيندي آهي!“

چارو ڊاڪٽر ٻوليو: ”مورک عورت آهي! ڊاڪٽر ماڻهو ڀلو آهي، رپ پڇاڙيءَ تائين هن عورت جي پلئه پئي ڪٿي وڻ تي نه ويهڻو پويس، جانورن وانگر پڇ نه نڪري اچيس!“

سڀ ڊاڪٽر کلي پيا.

چارو بابو پنهنجي گنجي کوپريءَ تي هٿ ڦيريندي چيو: ”مگر آهي ٻئي مزي ۾. ڪبوتر- ڪبوتري واه! کلن ٿا، ڪڏن ٿا، ڳائين پيا. مزي ۾ آهن. ڪڏهن ڪڏهن افسوس ٿيندو آهي ڀائي. ڪاش، امن به هن زماني ۾ پيدا ٿيو هجان ها! ”ڊاڪٽر هن ڀيري خود کلي پيو.

ان کل سائي لڳ ڀڳ هتان کلندي، برساتي ناتي وانگر جهر جهر ڪندي ٻاهر نڪتي ڊاڪٽر پرديوت جي گڏهه زال! ڊاڪٽر جو دوست به ڏند شيڪي رهيو هو. هن چيو: ”اِڊيٽ ڪنهن جاءِ جو. ذرا حرڪت ته ڏسوس.“

چارو بابو پڇيو: ”ڇا ٿيو؟“

منجو وراڻيو: ”ڀوت! چارو بابو ڀوت آيو هو!“ ايترو چئي وري اچي ٽهڪن ۾ پئي.

چارو بابو جو نشو اڏامي ويو.

”جي. رنڌڻي ۾ کائڻ جي جڳهه ڪري رهيو آهي، پيٺل گرم مصالحو ملائي ڪري وجهي رهيو آهي.... قطار ۾ ٿالهيون ڪٽورا رکيل آهن.... اچانڪ ڌپ ڌاپ ۽ ٺاٺا ڪري ڀتر ڪرڻ لڳا؛ ٺاڪر دريءَ کان ليئو پائي ٻاهر نهاريو... کڙيءَ کان چوٽيءَ تائين سفيد ڪپڙن ۾ ڪو اجنبي کڙو هو! ٺاڪر کي ڏسندي ئي هڪل ڪيائين، ذرا ماس ڏي! ’يڪدم ٿورو ذرو ڏي،‘ هن جو چوڻ ۽ ٺاڪر جو ڊپ وچان بيحا ٿي اون-اون ڪرڻ!“ پرديوت جي ڊاڪٽر دوست چيو: ”جيءَ ۾ آيو ته ٻچوءَ کي ٻه چار چماٽون وهائي ڏيان.“

چارو بابوُ چيو: ”اون هون. هن ريت ٽاري ڇڏڻ سان ڪم ڪونه هلندو. هيءَ جڳهه ٺيڪ نه آهي. ڪيترا ڀيرا ڪيترائي ماڻهو هتي اڳي به هن ريت ڊڄي چڪا آهن. ٻه وکون اڳتي هڪ وڻ هو. ان جي باري ۾ طرحين طرحين جا افواهه هئا ۽ جتي اسپتال آهي، اتي مسلمانن جو قبرستان هو. ان ڀو وچان اسپتال ۾ اڳي بيمار ڪونه ايندا هئا. چار ڄڻا آيا هئا، سي به بکاري هئا. ٻه ائڪسيڊنٽ ڪيس، اَن ڪليمڊ پراپرٽي وانگر. انهن کي به ڪشور بابو جي سماج سيوا دل وارا شيوڪ سنڀالي کڻي آيا هئا. انهن مان هڪ کي ڇڏي باقي سڀ مري ويا. سڀ روڳي هتي ڊڄندا هئا.“

منجو وري ٽهڪن ۾ اچي پئي: ”اوهان ڊاڪٽر بابو ڀوت مڃيندا آهيو ڇا؟“

چارو بابو وراڻيو: ”هائو. يعني مڃيندو به آهيان، نه به مڃيندو آهيان. نه به مڃيندو آهيان ۽ مڃيندو به آهيان. مطلب، ڇا آهي، ڇا نه آهي. اهو ڏاڍو مشڪل آهي.“

پرديوت موٽي آيو. چهرو ڳنڀير. آستين تائين ڪرتي جون ٻانهون کنجيل. ”ڊس انفيڪٽنٽ“ جي بوءِ اچي رهي آهي. ڪرسيءَ تي اچي ويٺو. چي: ”معصوم ٻالڪ، ڇهين ستين مهيني جو. گرم کير ڪرڻ سان هڪوار....“

بي خبريءَ ۾ چارو بابو جي اندر مان دانهن نڪري ويئي ”آه!“

باقي ڄڻا به سيسراٽ ڪري اُٿيا: ”اف!“

پرديوت جي دوست ورجايو: ”بچي ته ويندو؟“

”مري ويو. ميز تي سمهارڻ کانپوءِ ڪيترائي منٽ جيئرو هو. ان کان پوءِ هڪ ٻه ڀيرو هڏڪي‘ بس! مان ڪجهه ڪونه ڪيو. بيٺي بيٺي ڏسندو رهجي ويس.“

منجو سناٽي ۾ اچي ويئي. هن جي سموري چنچلتا، کل ٽهڪڙو، حيرت، سڀ ڪجهه گويا خشڪ ٿي ويا.

پرديوت جي دوست چيو: ”هتي هڪڙو ٻيو هنگامو ٿي ويو.“

”هنگامو؟ هنگامو ڇا جو؟“

”تنهنجي رسوئيءَ ڀوت ڏٺو هو. اون –اون ڪري ڪيڪون ڪري رهيو هو. پڇ ئي نه، هڪ ڪانڊ ٿي ويو!“

”نانسينس! الوءَ جو پٽ، شرارت ڪري رهيو هوندو. لڳي ٿو، ماس هڙپ ڪري ڇڏيو هوندائين. بعد ۾ بهانو ڪيو هوندائين، ڀوت کڻي ويو!“

پرديوت کي ٽوڪيندي چارو بابو چيو: ”نه نه. هن ريت اڏائڻ سان ڪم نه هلندو.“ پرديوت کلي پيو. ”اوهان ڀوت کي مڃيندا آهيو ڇا؟“

چارو ڊاڪٽر چيو: ”مان مڃان ٿو، ان جي معنيٰ؟ هن قبرستان ۾، اُتي بي موت هڪ آدمي جو ٻار مئو، هيڏانهن ماس جي بانس سان ڀتر ڪريا، نڪ ۾ دم آڻي ڳالهيون ڪيائين. برانديءَ جو نشو ئي ٽٽي پيو. مون کي هڪ آئونس ٻيو به ڏيو. سڀ مٽيءَ ۾ ملي ويو. وڌيڪ نه، هڪ آئونس. بس، بس.“

پرديوت گلاس وڌائيندي چيو: ”ير، جيڪي به هجي، ڀوت رهي يا نه رهي، هن جي هاءِ- هاءِ نه کپي ڪم جي ڳالهه ٿيڻ کپي. ته اسان سڀني جي راءِ پڪي ٿي!“

”ها. پڪي ئي سمجهو. ڪيئن ڀائي؟“

”ته ڀلا هن ڪاڳر کي جاچي صحي ڪريو.“

”اوهان ئي پڙهو ڊاڪٽر... يوسي You see.... برانڊي ٻي عينڪ پائڻ سان مون کي سڀ هيٺ- مٿي نطر ايندو آهي. ان ڪري مان ڪڏهن رات جي سڏ تي ڪونه ويندو آهيان. نيور. رات جو روڳي مري ته چارو ڊاڪٽر از ناٽ ريسپانسيبل.[1] Charu-doctor is not responsible. پڙهو، اوهان پڙهو.“

پرديوت چوڻ لڳو: ”گڊ!“

”سيڙپ ٿيندي پنج هزار رپيا. ڏهين ڏهين جا شيئر. چارو بابو سو شيئر وٺي رهيو آهي. منجو بوس.... سو. منهنجومتر نرمل سين سو. هريندر بابو پنجاهه.“

”نه مسٽر بوس، منهنجا پنجويهه لکو.“

”ڇو ڀائي، ڇا ٿيو؟ تنهنجي ته چڱي هلندي پڄندي آهي. جيون مهاشيه توکي ڪوٺائي سئي هڻارائيندو آهي. هوڏانهن وپن بابو جو اٽينڊنگ فرزيشن[2] انهن تي ٻن ڪيسن مان پنجاهه جو ناڻو نڪري ايندو.“

هريندر جو منهن ڳاڙهو ٿي ويو. ڪرنا هاٽ جي ڊاڪٽر هريهرپال چيو: ”سورامهريءَ کي جيون مهاشيه ۽ هريندر خوب بچايو آهي! پاڳل ششيءَ اول مونکي ئي گهرايو هو. صاف صاف چئي ڏنو هئائين، هن وصيعت ڪري ڇڏي آهي؛ شاهد ٺاهڻا پوندا. آڱوٺي جو نشان اسان ڪنداسون، تون گواه ٿيءُ. ڪابه حجت نه ٿيندي، ڊپ جي ڳالهه ڪانهي. وري جيڪڏهن ٿئي به کڻي ته چئج، هن باهوش و حواس صحي يا آڱوٺي جي نشاني وڌي هئي. بنهه هوش ۾ هو. پنجاه رپيا ملندا، پڇاڙيءَ ۾ سو تي آيو. پر مون صاف انڪار ڪيو.“

چارو بابو چيو: ”جيون مهاشيه جو اهو ئي ته جادو آهي. مان ته ان کي جادو ئي چوان ٿو. سمجهين ٿو نه، بيماريءَ جي پڪڙ ڄاڻي، سمجهي سگهي ٿو. ان کي ناڙي گيان چو يا ڳوڙهو گيان چو، جيڪي به چو، پر هو آدمي، جيڪي ڪجهه آهي سو سڀ ٺيڪ ٻڌائي ٿو. هن ۾ هڪ گڻ آهي، اهو آهي ڌارمڪ. پر هڪڙو ئي مرض اٿس- اڳڪٿي ڪرڻ جو. ’هيءُ بچندو ڪونه‘ اهو نرنيه ٻڌائي ڇڏڻ جو کيس ڪو خفت ٿو ڏسجي.“

پرديوت وچ ۾ ٽوڪيندي چيو: ”ان ڳالهه کي ڇڏيو اسان وشيه کان هٽندا پيا وڃون. اسان کي سڀ ڪجهه پڪي طرح فيصلو ڪري اٿڻو آهي.“

هريندر چيو: ”ته منهنجا چاليهه ڪري لکو.“

چارو بابو چيو: ”تنهنجي ڏهن شيئرن جي قيمت مان هاڻي ڏيئي ڇڏيندس. تون مونکي مهيني – مهيني چڪائي ڏج. هاڻ وڌيڪ اعتراض نه ڪر. بس ختم! ون، ٽوُ، ٿري.“

ميز تي ٺاپ هڻي کلڻ لڳو. وري چيائين: ”ساڍن ٽن هزارن جي رقم ته ٿي ويئي. باقي رهيو ڏيڍ هزار اها رقم باقي هيءُ سڄڻ ڏين. پنج ڄڻا آهن. هو ٻه ٻه سو، ٻه سو يعني ويهه شيئر. باقي پنج سو کليل رهن. ڪي ٻيا ماڻهو آهن، جيڪڏهن هو....“

پرديوت محڪم آواز ۾ چيو: ”مان ان ڳالهه جي خلاف آهيان. ”گنجي کوپريءَ تي هٿ ڦيريندي چارو بابو چيو: ”اوهان جو اڃا نئون رت آهي پرديوت بابو. ڪيترائي اهڙا ماڻهو آهن، جيڪي خانگي ريت ڏاڍو بهتر علاج ڪندا آهن. جهڙوڪ، جيون مهاشيه کي کڻي وٺو.“

پرديوت بابو وري ٽوڪيو: ”مان ان تي بحث ڪرڻ نٿو چاهيان. ليڪن هيءَ سنسٿا خالص ڪواليفائيڊ ڊاڪٽر جي ٿيندي. هتي سائنس کانسواءِ اسان ڇومنتر لاءِ ڪابه گنجائش ڪانه رکنداسون. اوهان ان ڳالهه کان انڪاري ڪونه ٿيندا ته هت اڃا سوڌو ديوي- دوائون ٽوڻا ڦيڻا هلن پيا. جنتر تعويذ هلن پيا. ڌرم ٺاڪر جي ’صفرا ٿيل‘ جي هتي ڏاڍي هاڪ متل آهي. ڪلڪتي کان ان لاءِ ماڻهو اچن ٿا. مگر ڊاڪٽر ٿي ڪري اوهان اهو نسخو نٿا لکي سگهو ته ڌرم ٺاڪر جو تيل- هڪ آئونس، نه وري انکي پنهنجي شفاخاني ۾ رکڻ لاءِ چئي سگهو ٿا. پنهنجي ميڊيڪل اسٽورس ۾ جنتر- تعويذ ڪونه وڪڻي سگهبا.“

”اوهان ته مون کي دٻائي ڇڏيو.“ چارو بابو ڪنڌ ڌوڻڻ لڳو. ”اوهان جي دليلن جو جواب ڪونهي. وڪيل هجو ها ته ڪامياب وڪيل بڻجي سگهو ها. ليڪن...“

”ٻڌايو، ليڪن ڇا؟“ خوب گنڀير ٿي پرديوت پڇيو ۽ ميز تي هٿ رکي زور سان هن جي طرف جهڪي به ويو.

چاروبابو کلندي چيو: ”مگر اها ڪائي ڳالهه ڪانهي، يعني سوچي رهيو هوس، اوهان زال مڙس ۾ جهڳڙو ته ضرور ٿيندو هوندو، ان ۾ کٽندو ڪير آهي؟“

مجلس م سڀ ڄڻا ٽهه ٽهه ڪري کلي پيا. سڀ کان اول خود مسز بوس کلڻ لڳي.

کل ذرا گهٽ ٿي، ته چارو بابو چيو: ”ته اهي پنجاه شيئر عام ماڻهن واسطي کليل رهن. هڪ کان وڌيڪ شيئر ڪنهن کي ڪونه ملندو. جيڪي خريداري ڪندا، تن کي ڪميشن سان گڏدوا ملندي رهندي.“

”ان سان مان يڪراءِ آهيان، بلڪ ان کي پنجاهه کان به سئو ڪرڻ جي فائدي ۾ آهيان.“

”بس، آڻيو، صحي ڪري ڇڏيان. سڀ ڀائر صحي وجهي ڇڏين.“

صحي وجهي پرديوت ڏانهن ڪاڳر وڌائيندي چارو بابو چيو: ”ڀوڄن ۾ اڃا ڪيتري دير آهي مسز بوس؟ انپورڻا جي درٻار ۾ شو بکاري ٿيندو آهي، کيس هٿ ڊگهيري چپ ۾ رهڻو پوندو آهي. پر شوج چيلا آهن ڀوت. اهي بک لڳڻ تي چپ ڇو رهڻ لڳا؟“

”“تيار آهي. آسڻ وڇائڻ لاءِ چئي آئي آهيان. ڪڏهوڪو ٿي ويو هجي ها، ڊپ وچان ٺاڪر سڀ ڳڙ ڳڙداني ڪري وڌو. نوڪر مٿس نظرداري ڪري رهيو آهي. رسوئي تيار ڪري سموري سامگري ڊرائنگ رو ۾ کڻي ايندو.“ منجو وراڻيو.

”هو ڏسو، ڀوتن جو شور و غل وري شورع ٿي ويو آهي.“ چارو بابو چيو.

”مان ٿي ڏسان.“ منجو چئي رنڌڻي ڏانهن وڃڻ لڳي.

”ترسو.“

”ڇا؟“

”منهنجو خيال آهي، اهو ماس ڇڏي ڏيو ته سٺو.“

”ماس ڇڏي ڏيون! اوهان ڇا چريا ٿي پيا آهيو ڊاڪٽر صاحب!“

”نه. هڪڙو ته مسلمانن جو قبرستان، مٿان مرغي جو گوشت!“ ٿورو ترسي چارو بابو وري چيو: ”نه نه. اسين چاهي ڀوتن کي نه مڃون. اسين ٿياسون ڊاڪٽر اسان لاءِ مناسب به ڪونهي ۽ ڀوتن کي مڃون به ڇو؟ پر جڏهن هڪ اهڙي گهٽنا ٿي چڪي آهي... يعني.... دانهون ڪرڻ وقت رسويئي (ٺاڪر) جي ڪا ٿڪ ٻڪ ديڳڙي ۾ پئجي ويئي هجي... يا ڪو ٻيو ڪجهه ٿيو هجي، اهڙي حالت ۾ هروڀرو ماس کائڻ جي ضرورت ئي ڪهڙي آهي... مطلب ته مون کي ڪائي ضرورت ڪانهي....“

سچ پچ کاڌي وقت جيترا به ڊاڪٽر هئا، ڪنهن به ماس کائڻ ۾ دلچسپي ڪانه ورتي. پرديوت کي رسويئي تي ڏاڍا خار لڳا. جي ”هيءَ سڄي هن جي شيطاني آهي. اوهان ڪونه سمجهي سگهندا. هن اها اٽڪل ڪري، وشواس ۽ اوشواس جو اندازو لڳائي سڀ مال هڙپ ڪيو.“

چارو باٻو چيو: ”نه هن کي ئي ماس کائڻ ڏيو. کائي ويندو نرڪ ۾. ڪافي مقدار ۾ ڪئسٽر آئل پيئڻو پوندس. وڏي ڳالهه اها ڪانهي، وڏي ڳالهه ته اصلي ڪم ٿي ويو- نوگرام ميڊيڪل- اسٽورس ۽ ڪلينڪل لئباريٽري! اڄ اوهان اهو وڏو ڪم ڪري ڏيکاريو آهي. ڪلينڪل- جاچ بنا اڄوڪي زماني ۾ هڪ قدم کڻڻ به مشڪل آهي ۽ نه وري واجب ئي آهي. اينڊ، اوهان جيڪي انڌشرڌا بابت چيو يعني جنتر منتر، ديوي دوا، ڀڀوت ٽوڻي ڦيڻي سان جيڪر لاڀ ٿي پوي، ته اسان کي ڪهڙو اعتراض آهي؟ البت ان روايت کي اسين ڪونه همٿائينداسون.“

هڪ هڪ ڪري سڀ هليا ويا.

پرديوت نوڪر ۽ باورچي کي سڏي چيو: ”توهان سڀاڻي ئي پنهنجو حساب چڪتو ڪري وڃجو.“

منجو چيو: ”هيءُ تنهنجو سراسر انياءُ آهي.“

”نه.“

”تو ان وقت ٺاڪر جي شڪل ڪانه ڏٺي هئي. وياچرو ٿر ٿر ڪنبي رهيو هو! ڪيئن مسٽر سين؟“

سين چيو: ”برابر. ويچارو بري طرح ڏڪي رهيو هو. مسز بوس ٺيڪ چوي ٿي. ’هي واز ٽريمبلنگ لائيڪ اي ليف‘ وڻ جي پن وانگر ڏڪي رهيو هو.“

پرديوت چيو: جيڪڏهن توهانجي ڳالهه مڃان کڻي ته اهو به مڃڻو پوندم ته هيءُ ڀوتن ۾ وشواس رکي ٿو. هتي قبرستان آهي ۽ هيءُ ڪڪڙ رڌي رهيو آهي، تنهنڪري قبرستان مان ڀوت نڪري ايندو، سنجها کان ئي اها ڪلپنا ڪري رهيو هوندو ۽ انهيءَ مان ئي هن دوکو کاڌو: ڀوت ڏٺائين. ههڙي ماڻهوءَ کي مان اسپتال ۾ نٿو رکي سگهان. منهنجا مريض ڊڄندا. سڀاڻي صبوح جو ئي هن کي هتان لڏڻو پوندو.


[1]  چارو ڊاڪٽر ان لاءِ ٻڌل ڪونهي.

[2]  Attending Physician سنڀاليندڙ ڊاڪٽر

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org