سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: جاويد نامه

صفحو :10

زنده رود

اي جو حاصل توکي درد جستجو

شعر هن پنهنجي تي ڪا ڪا گفتگو

قمري کف خاکسترو بلبل قفس رنگ

اي ناله نشان جگر سوخته چيست؟(1)

غالب

دانهن جا پيدا ڪري سوز جگر

مون ڏٺو هر جاءِ تي ان جو اثر

آهه قمري سوز کان انجي جليل

رنگ بلبل کي انهيءَ کان آ مليل

موت ان ۾ آهه آغوش حيات

نقش هي هت آ حيات ۽ هت ممات

آ جدا رنگن ۾ يڪرنگي سندس

رنگ اهڙو جنهن کان بيرنگي سندس

تون نه ڄاڻين هي مقام رنگ و بو

آهه هو دل جو حصو هي هاءِ هو

رنگ وٺ يا ڪر تون بيرنگي گذر

جئن نشان توکي ڏئي سوز جگر

زنده رود

سؤ جهان اندر رکي نيري فضا

هر جهان کي اوليا ۽ انبيا

غالب

ڏس چڱائي ساڻ اندر هست و بود

آ مسلسل هي جهانن جو ورود

آ بپا هنگامهء عالم جتي

رحمة اللعالمين آهي تتي

زنده رود

فاش چؤ آ فهم منهنجو نارسا؟

غالب

هي سخن ظاهر چوڻ آهي خطا

زنده رود

اهل دل جي گفتگو حاصل سوا؟

غالب

نڪتي جي منهن تي اچڻ آ ناروا

زنده رود

تون سراپا آگ ۽ سوز طلب

ڇو نه ٿئين غالب سخن تي آ عجب

غالب

خلق تدبير ۽ هدايت ابتدا

رحمة اللعالمين آ انتها

زنده رود

مون ڏٺي معنى اڃا آهي نه ڪاءِ

آگ جي تو ۾ اٿي، مونکي جلاءِ

غالب

اي جو مون وانگر ڏسين اسرار شعر

هن سخن کي ڪين سمجهي تار شعر

شاعرن بزم سخن کي ڪيو بپا

پر ڪليم آهن يد بيضا سوا

تون گهرين مون کان جو آهي ڪافري

ڪافري جا ماورائي شاعري

حلاج

جت ڏسين جي ڪو جهان رنگ و بو

جا مٽي انجي مان اسري آرزو

يا ته نور مصطفى ان جي بها

يا اڃا اندر تلاش مصطفى

زنده رود

ٿو پڇان توکان پڇڻ هي آ خطا

راز ان جوهر جو آ جو مصطفى

آدمي يا آهه جوهر در وجود

جو اچي ٿو گاه گهه اندر وجود

حلاج

انجي آڏو نرڙ گيتي جو جهڪي

پاڻ کي خود عبده جو نانءُ ڏي

عبده کي سمجهه نا سمجهي سگهي

ڇو ته هو آدم به ٿي جوهر  به ٿي

انجو جوهر نا عرب آ، نا عجم

آهه آدم، پر انهيءَ کان وڌ قدم

عبده صورت گر تقدير آهه

ان ۾ ويران جاءِ پڻ تعمير آهه

عبده آ جانفرا ۽ جانستان

عبده شيشو به ۽ سنگ گران

عبد ٻيو، شي عبده ٻي آ مگر

انتظار آهيون اسان، هو آ نظر

عبده دنيا آ، دنيا عبده

رنگ سڀ آهيون ۽ هو بي رنگ و بو

عبده کي ابتدا بي انتها

عبده کي صبح و شام آهي نه ڪا

عبده جي ڳجهه کان ڪو آگاهه ناهه

عبده ري سر الا الله ناهه

لااله تلوار آ، دم عبده

صاف چؤ آهي مڪرم عبده

عبده آ رهنمون ڪائنات

عبده راز درون ڪائنات

مدعا پيدا نه ڪن ٿا هي ٻه بيت

جيستائين تو نه سمجهيو، ”مارميت“

ڇڏ ٻيو گفت وشنود اي زنده رود

غرق ٿي اندر وجود اي زنده رود

زنده رود

گهٽ سڃاتم عشق کي آ ڪار ڇا

ذوق ديدار آهه، پر ديدار ڇا

حلاج

معنيءَ ديدار آ آخر زمان

حڪم تي گردن نمائڻ هر زمان

جيءُ جهان ۾ جئن رسول انس و جان

تا ٿئين ان جان قبول انس و جان

پاڻ کي ڏس پوءِ اهو ديدار آهه

انجي سنت هڪ سندس ديدار آهه

زنده رود

ڇاهه ديدار خدائي نو سپهر

حڪم سان جنهنجي هلي ٿو ماه و مهر

حلاج

نقش حق اول آ صدقو جان ڏيڻ

پوءِ گڏ ان سان جهان ۾ آ جيڻ

نقش جان دنيا ۾ بڻجي جئن تمام

ٿو ٿئي ديدار حق ديدار عام

خوب آ او مرد، جو هو ٿو ڪري

نوفلڪ جنهنجي گهٽي ۾ ٿو ڦري

واءِ هو درويش جو هو کي ڄڻي

چپ ٻڌي دم، پنهنجي اندر ۾ کڻي

جنهن جهان ۾ حڪم حق جاري نه ڪيو

جوکي کائي جو نه ڪراري سکيو

خانقه ٺاهي ۽ خيبر کان ڇٽو

راهبي ۾ پئي حڪومت کان ٽٽو

نقش حق بڻجي؟ جهان نخچير ٿي

هم عنان تقدير با تدبير ٿي

عصر حاضر جنگ توسان ٿو رٿي

نقش حق کي هڻ انهيءَ ڪافر مٿي

زنده رود

نقش حق اندر جهان اڇليو اٿن

مان نه ڄاڻان ٿو ڪٿان اڇليو اٿن؟

حلاج

يا ته روز دلبري جو هيءُ ڪم

يا ته زور قاهريءَ جو هيءُ ڪم

ڇو ته آهي دلبري کان زور حق

دلبري ۾ قاهري کان زور حق

زنده رود

چؤ وري اي صاحب اسرار شرق

زاهد و عاشق ۾ ڇا آهه فرق؟

حلاج

زاهد اندر عالم دنيا غريب

عاشق اندر عالم عقبى غريب

زنده رود

معرفت جي انتها نابودگي

آ فنا جي زندگي آسودگي

حلاج

سڪر  يارن جو تهي پيمانگي

معرفت کان نيستي بيگانگي

تون فنا ۾ ٿو ڏسين مقصود کي

ڪٿ عدم حاصل ڪري موجود کي

زنده رود

پاڻ کي آدم کان جو بهتر ڏسي

ان جي مٽ ۽ جام ۾ مي آ ڪٿي؟

خاڪ جي مٺ آهه گردون آشنا

آگ هي بي سرو سامان ڪٿ ڀلا؟

حلاج

بد نه چو خواجهء اهل فراق

آ، ازل کان تشنه ۽ خوني مذاق

سڀ اسان جاهل ۽ او عارف زمان

ڪفر انجي راز هن کي ڪيو عيان

ڏي ڪرڻ کانپوءِ لذت ٿو اٿڻ

آ خوشي جي واڌ درديلو هئڻ

عاشقي آ، آگ ۾ انجي جلڻ

آگ انجي ري جلڻ ناهي جلڻ

عشق و خدمت ۾ اهو آ پيشوا

راز انجي کان نه آدم آشنا

چاڪ ڪر پيراهن تقليد کي

سک وڃي ان کان ره توحيد کي

زنده رود

آ ولايت روح جي توکي سدا

هڪ گهڙي مون ساڻ صحبت ڪر اڃا

حلاج

آ، اسان کي ڪين هردم هڪ مقام

ذوق پروازي کان آهيون در خرام

هر گهڙي آهي ڏسڻ سان گڏ جلڻ

آهه کنڀن ري اڏامڻ  ۽ هلڻ

 

 

 

 

ظاهر ٿيڻ اهل فراق جي سردار ابليس جو

نيڪ مردن ساڻ صحبت هڪ ٻه دم

سچ ته آ سرمايهء بود و عدم

عشق کي شوريده تر هي ٿي ڪري

عقل کي صاحب نظر هي ٿي ڪري

اک کي ٻوٽيم ته ان سان گڏ هجان

جئن مقام ديده کان دل ۾ ڏسان

اوچتو دنيا ڏسان تاريڪ ٿي

هن مڪان کان لامڪان تاريڪ ٿي

رات ان ۾ شعلو هڪ ظاهر  ڏٺم

پيرسن ايندي اتان ٻاهر ڏٺم

سرمئي ان کي قبا جو پوش هو

ور وڪڙ دونهين ۾ بي پر جوش هو

هن چيو رومي هي سر اهل فراق

آ سراپا سوز ۽ خوني مذاق

گهٽ کلڻ وارو هي پوڙهو ڪم سخن

اک انجي جان ڏسي اندر بدن

رند ۽ ملا، حڪيم ۽ خرقه پوش

آ عمل ۾ گهٽ نه زاهد سخت ڪوش

انجي فطرت ۾ نه آ ذوق وصال

زهد ڇا، ترڪ جمال لا يزال

ٿي جمال يار کان نا آشنا

ترڪ سجدي کان ڪئي ان ابتدا

ڏس ذرا ٿوريئي انجي واردات

مشڪلات انجي نهاري ڏس ثبات

آهه ان وٽ جنگ خير و شر اڃا

سؤ پيمبر هن ڏٺا ڪافر اڃا

جان تن ۾ سوز ان کان ٿي طپان

آهه غم آلود ان کان ٿي عيان

هئن چيائين اڌ پٽي اک کي کڻي

مون بنا ڏس ڪو عمل جو ٻيو ڌڻي

ايترو مشغول ڪم ۾ مان سدا

آهه جمعي جي به فرصت ڪانه ڪا

ڪين مونکي آ فرشتو يا غلام

وحي منهنجو ري پيمبر آ مدام

نا ڪتاب ۽ نا حديث آهي ملي

جان شيرين مان فقيهن کان کسي

دين جو رشتو فقيهن کان فنا

منهدم  ڪعبي جي ٿي تن کان پنا

منهنجي آئين جي اها تاسيس ڪٿ

فرقو اندر مذهب ابليس ڪٿ!

مان ڇڏيو جي آ سجود اي بي خبر

ساز ٺاهيم ارغنون خير و شر

ذات حق کان مونکي منڪر ڪين وٺ

کول اک باطن تي ظاهر ڪين وٺ

جي چوان مان نيست هي آ ابلهي

ديد کان پوءِ نيستي ڪاڏهن ٺهي

مان ’بلى،  ۾ ’لا ‘ جي آ چيو

مون چيو جو ڪينڪي خوشتر هيو

پنهنجي بڇڙائي ڪئي مون آشڪار

توکي آيو ذوق ’ترڪ و اختيار‘

باهه منهنجي کان مونکي آزاد ڪر

آءُ آدم ڪار هن ۾ پير ڀر

اي جو منهنجي بند ۾ ڦاسي پئين

رخصت عصيان شيطان کي ڏئين

ڌار همت پاڻ ۾ مردانه جيءُ

غمگساري ڇڏ، مونکان بيگانه جيءُ

منهنجي نيش و نوش کان ٿي بي نياز

نامهء اعمال کي ڪر سرفراز

هٿ اٿي صياد جي نخچير سؤ

تون جي نخچير آنهه مون وٽ تير سؤ

صاحب پرواز کي افتاد ناهه

صيد جي دانا ٿئي صياد ناهه“

مون چيس ڇڏ هيءُ آئين فراق

ابغض الا شياء عندي الطلاق

چيائين ”ساز زندگي سوز فراق

ٿي وڻي هي مستي روز فراق

منهنجي منهن تي وصل جو ناهي سخن

وصل جي چاهيان ته ڪٿ هي انجمن

وصل جي ٿيس حرف کان مان دور دور

دل ۾ انجو آهه تازو سوز سور

پنهنجي دونهين ۾ گهڙي سوزان وري

پنهنجي دونهين ۾ ٿيو پنهان وري

ور وڪڙ دونهين مان ٿيو واڪو بلند

ڪيتري جان خوش اها جا دردمند

 

ابليس جي فغان

اي خداوند صواب و نا صواب

صحبت آدم ڪيو مونکي خراب

حڪم منهنجي کان نه هن منهن موڙيو

پاڻ کي هٿ سان پنهنجي ٻوڙيو

خاڪ هنجي ڪٿ سکيو آهي ”اَبا“

هي نه ڄاڻي ٿو شرار ڪبريا

صيد ٿو صياد سان ٿي ڪن وزير

الامان هي بندهء فرمان پذير

صيد اهڙي کان مونکي آزاد ڪر

منهنجي طاعت ڪالهه واري ياد ڪر

پست همت منهنجي هن کان هاءِ هاءِ!

واءِ مونتي واءِ مونتي واءِ واءِ!

خام فطرت، عزم هنجو آ ضعيف

منهنجي ڌڪ جي تاب کان روئي حريف

بندهء صاحب نظر مون کي کپي

هڪ حريف پخته تر مونکي کپي

آب و گل جي هي گڏي بيڪار آهه

پيرسن آڏو نڪمو ٻار آهه

ابن آدم آهه ڇا؟ مٺ آ ڪکن

مٺ ڪکن ليء چڻنگ هي آهي ڪفن

هن جهان ۾ جي ڪکن جي هست وبود

آگ هي بيسود منهنجي بي نمود

شيشه کي ڳارڻ سڄوئي عار آهه

پري ڳري پٿر ته او با ڪار آهه

هي فتوحات آهه مون ليءَ درد سر

مان وٺي انصاف آيس، ڪجهه ته ڪر

پاڻ کان منڪر هجي جو ٿو کپي

مردان ڏي، ڪا ته مون کي راهه ڏي

او کپي ٻانهو جو گردن کي وٺي

جسم هي جنهن جي نگاهن کان ڏڪي

جو چوي منهنجي نظر کان ٿي پري

ٻن جون کان وڌ نه قيمت جو ڪري

اي خدا هڪ زنده مرد حق پرست!

آهه منهنجي لاءِ بهتر او شڪست!


 


(1) قمري رک جي مٺ آهي ۽ بلبل پڃري جو رنگ. اي فرياد ٻڌاءِ ته جليل جگر جي نشاني ڪهڙي آهي؟

  جوهر- اصل، نت

وما رميت اذرميت ولڪن الله رمى (قرآن پاڪ) ۽ جڏهن اوهان پٿر ڦٽا ڪيا، ته اوهان نه ڦٽا ڪيا، بلڪه اسان پاڻ ڦٽا ڪيا هئا.

گفت وشنود- گفتگو

  ڪرار- حضرت علي رضه جو لقب

خيبر- مديني شريف جي ڀرسان يهودين جو قلعو هو

راهبي- دنيا جو ترڪ ڪرڻ

هم عنان- هڪ واڳ سان رهڻ

  سڪر- ڪيف

تهي پيمانگي- شراب جو نه هئڻ

  لطيف فرمائي ٿو ته:

عـــاشــق عزازيل، ٻيا مڙيئي سڌڙيا

منجهان سڪ سيل، لعنتي لعل ٿيو

  منهدم- برباد

تاسيس- بنياد رکڻ

  ارغنون- باجو

بلى- ميثاق جي ڏينهن خدا جي اطاعت جو اظهار

ترڪ و اختيار- انسان کي نيڪي ۽ بدي جي پرکڻ جو فهم ڏيئي، کيس فيصلي وارو بڻايو ويو، ته هو ان کي اختيار ڪري يا ترڪ ڪري ابغض... الطلاق (حديث) طلاق مون وٽ سڀني شين کان اڻ وڻندڙ آهن.

  ابا- انڪار

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org