سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: جاويد نامه

صفحو :12

 

آسمان جي هُنَ طرف

 

جرمن حڪيم نيٽشا  جو مقام

آهه هر جا تي مصاف هست و بود

ڪير ڄاڻي ٿو هي ڳجهه چرخ ڪبود

آهه هر جا موت پيغام فنا

آ چڱو هو مرد ڄاڻي موت ڇا؟

آ هوا جان جر جڳهه سستي حيات

بي ثبات آ، پر تمنائي ثبات

چار روزه سؤ جهان پسيو آ ديد

هن جهان جي حد ٿي ان کان پديد

هر جهان جو ماه ۽ پروين ٻيو

زندگي جي رسم ۽ آئين ٻيو

وقت هر عالم جو تن کان آ روان

ٿو وڃي هڪ جا کان ٻي جاءِ دوان

سال هت آ ماه ۽ هت آهه دم

هن جهان ۾ جو گهڻو، ٻي جاءِ ڪم

عقل پنهنجو هن جهان ۾ ذوفنون

ٻي جهان ۾ آ اهو خوار و زبون

هن جهان جي حد تي هڪ پائبند

مرد هو، جنهنجي صدا هئي دردمند

اک هيس عقاب کان بي تيز تر

انجي چهري مان ڏٺو سوز جگر

دمبدم سوز درون انجو وڌيو

بيت هن کي سؤ لڱا ان ٿي چيو

نه جبريل آ نه جنت آ، نه ڪي آ حور نا داور

جلائي آرزو مندن جي جان مٽي جي مٺ يڪسر

مون چيو رومي کي هي ديوانه ڪير

ان چيو ’داناءُ جرمن‘ ناهه غير

هي جهانن ٻن جي وچ ۾ ٿو رهي

هنجي نڙ مان نغمه ديرين ٺهي

هن وري حلاج بي دارو رسن

نوع ٻي ۾ آ چيو حرف ڪهن

حرف او بي باڪ ۽ فڪر عظيم

گفتگو هن جي کان مغرب آ دونيم

هم نشين پٺ انجي جذٻي جي ڇڏي

بنده مجذوب کي مجنون سڏي

عشق و مستي کان سياڻا بي نصيب

نبض انجي پئي وڃي دست طبيب

آ طبيبن وٽ سدائي ريب و رنگ

واءِ جو مجذوب ڄايو در فرنگ

ابن سينا ٿو ڪتابن کي ڏسي

حب خواب آور ڏئي، نشتر هڻي

شهر ۾ حلاج هو مرد غريب

جي ڇٽو ملا کان ماريس خود طبيب

مرد رهبر ڪونه هو اندر فرنگ

انجو نغمو هو مٿي گهٽ تارچنگ

راهرو کي ڪنهن ڏنو ڪجهه نانشان

واردات انجي ۾ پئجي ويو زيان

سون هو، ان کي نه ڪنهن هو پرکيو

ڄاڻ واري مرد، ڄاڻو او نه ڪيو

عشق وارو آه پنهنجي ۾ لڪو

راهرو هي راه پنهنجي ۾ لڪو

مست هو، هر شيشي کي ان ٿي ڀڳو

ٿي خدا کان دور ۽ خود سان لڳو

ٿي گهريائين جئن ڏسي هو ظاهري

اختلاط قاهري ۽ دلبري

ٿي گهريائين آب و گل کان ٿي ظهور

سنگ جو جئن پوک دل کان ٿي ظهور

هن جو ڳوليو ٿي مقام ڪبريا

عقل و حڪمت کان مقام آ، هو جدا

زندگي شرح اشارات خودي

لاو الا آ مقامات خودي

او پيو لا ۾ نه الا کي رسيو

عبده کان دور ۽ بيگانه ٿيو

آ تجلي همڪنار ۽ بي خبر

دور ميوي کان گذاري جئن شجر

رويت آدم ٿي انجي اک گهري

آ ڪٿي آدم هڻي نعرو وري

خاڪين کان ورنه هو بيزار هو

مثل موسى طالب ديدار هو

جي ملي ها ان کي عصر احمدي(1)

تان وٺي ها هو سرور سرمدي

عقل انجي جو آ، ان سان گفتگو

واٽ وٺ پنهنجي، اٿي جا روبرو

هڻ قدم اڳتي اجهو آيو مقام

جت هلي بي حرف ٿو هردم ڪلام

 

جنت الفردوس ڏانهن سفر

مون ڇڏي پرتي هي حد ڪائنات

ات ويس جت آ جهان بي جهات

آ پري کاٻي سڄي کان هي جهان

رات ڏينهن کان هي جهان فارغ عيان

ڪوبه ات قنديل نوري ڪين هو

هيبت معنى کان منهنجو حرف مو

آب و گل جي هي زبان، گفتار جان!

پڃري ۾ جئن لڳي اُڏرڻ گران

ڪر جهان دل تي ٿوريئي نظر

نور پنهنجي کان ٿئين روشن بصر

ڇاهه دل؟ هڪ عالم بي رنگ بو

عالم بي رنگ بو، بيچاره سو

ساڪن آ، پر هر گهڙي سيار دل

عالم احوال ۽ افڪار دل

آ حقائق کان حقائق ساڻ عقل

سير انجي ۾ نه ره، رفتار نقل

سو خيال آهن، مگر هر هڪ جدا

هڪ آ گردون آشنا ٻيو نارسا

ڪنهن نه چيو ان کي ته گردون آشنا

انجي طرفن تي خيال آ نارسا

يا سرور آ، جو ڏئي ديدار دوست

اڌ قدم ان کان پري ديوار دوست

جاڳ تنهنجي اک کي آياڪ خواب

دل ڏسي ٿي بي شعاع آفتاب

هن جهان کي، دل جي عالم ساڻ ڄاڻ

ڇا چوان ٻيو ڪو قياس ان ۾ نه آڻ

هن جهان ۾ هو جهان آهي ٻيو

اصل انجو ڪن فڪان آهي ٻيو

لازوال ۽ هر گهڙي مٽجي اثر

وهم انجي کي ڏسي ٿي نا نظر

هر گهڙي ان کي ڪمال آهي

هر گهڙي ان کي جمال آهي ٻيو

وقت انجو ڪين ڄاڻي ماه و مهر

ڪين ماپي ٿو او اندر نو سپهر

غيب ۾ جو آ، اچي ٿو روبرو

انجي سامهن دل جي نڪري آرزو

هن زبان ۾ مان چوان ڇا آهه هي

هي جهان نور ۽ حضور ۽ زندگي

لاله ان ڪهسار ۾ لا انتها

انجي باغن ۾ وهن نهريون سدا

مکڙيون سرخ ۽ سفيد ان ۾ ٽڙن

هي دم قدوسين  کان ٿيون کڙن

صاف پاڻي ۽ هوائون عنبرين

گنبدن سان ماڙيون سڀ زمردين

سرخ تنبو ۽ سندن سونا طناب

جت سڀي چهرا حسين آئينه تاب

هئن چيو رومي گرفتار قياس

ڀروسي کان دور تنهنجا هت حواس

آ عمل تي منحصر هي خوب وزشت

هڪ ٿئي دوزخ، ٻيو بڻجي بهشت

هي ڏسين ٿو ماڙيون جي رنگ رنگ

اصل آ اعمال ناڪي سر سنگ

جي چوين ٿو، ڪوثر و غلمان و حور

آهه جلوه عالم جذب و سرور

زندگي هن جاءَ جي ديدار آهه

ذوق ديدار آهه ۽ گفتار آهه

 

 

 

قصرشرف النسا

 

مون چيو هي گهر سڄو جو لعل ناب

جنهن کي ڍل هر دم ڏئي ٿو آفتاب

هي مقام ۽ منزل ۽ ڪاخ بلند

ٿو ڏسان حورون هتي احرام بند

اي جو تون ڏئين سالڪن کي جستجو

ڪنهن جي هيءَ آ ڪاخ و ڪو

هي چئين، ڪاشانهء شرف النسا

آ ملڪ ان جي پکي سان همنوا

بحر پنهنجو ڪٿ اهڙو گوهر ڄڻي

ماءُ اهڙي ٻي نه ڪا دختر ڄڻي

قبر کان لاهور انجي آسمان

ڪين ڄاتو راز انجي کي جهان

هو سراپا ذوق و شوق و درد و داغ

حاڪم پنجاب جي چشم و چراغ

ان کان روشن خاندان عبدالصمد(1)

نقش انجي فقر جو آتا ابد

هو سدا قرآن سان همدم رهي

هڪ گهڙي فارغ تلاوت کان نه ٿي

چيلهه ۾ تلوار ۽ قرآن بدست

عقل هوش و تن بدن الله مست

خلوت ۽ شمشير، قرآن ۽ نماز

آ ڀلي او عمر جا اندر نياز

ان جي لب تي جئن دم آخر رسيو

شوق مان هن ماءُ ڏي ڏسندي چيو

جيڪڏهن ٿي راز منهنجي جي خبر

ڪر سندم شمشير و قرآن تي نظر

طاقتون حافظ هي هڪ ٻي جون اٿي

هي محور ڪائنات زندگي

هن جهان ۾ جت مري ٿو هر نفس

تنهنجي ڌي جا هي هئا محرم ۽ بس

موڪلايان ٿي سخن ڏي گوش ڏج

تيغ و قرآن کي جدا مون کان نه ڪج

جو چوان ٿي حرف ان کي ٻڌ صحي

قبر بي گنبد هجي قنديل ري

مومن کي تبغ ۽ قرآن بس

منهنجي تربت کي اهو سامان بس

سال ان زرين قبي ۾ جلوه تاب

قبر تي انجي هئا، تيغ و ڪتاب

قبر ان اندر جهان بي ثبات

ٿي ڏنو سچن کي پيغام حيات

تان مسلمان پاڻ سان جو ڪجهه ڪيو

گردش دوران بساط ئي الٽيو

مرد حق ٿيو غير حق کان درد مند

شير مولا ٿيو گدڙ کان پائبند

تاب سيمابي سندس دل مان ويو

جو ٿيو پنجاب سان ڄاڻين پيو

خالصي(1) قرآن ۽ شمشير ني

هن ولايت ۾ مسلماني مئي

 

 


 

 

زيارت امير ڪبير حضرت سيد(1) علي همداني

۽ ملا طاهر غني ڪشميري

 

حرف رومي کان بڻي دل درد مند

’آه پنجاب‘ او زمين ارجمند

درد يارن ڪيو حزين اندر بهشت

ڪهني غم کان ٿيس غمين اندر بهشت

تان ٿي گلشن مان صدائي دردمند

حوض ڪوثر جي ڪناري کان بلند

جمع کردم مشت خاشا کي که سوزم خويش را

گل گمان دارد که بندم آشيان در گلستان(2)

-غني

 

ڪر چيو آئنده تي رومي نظر

دل نه ڏي گذري ويل کي باخبر

شاعر رنگين نوا طاهر غني(1)

فقر کان باطن غني، ظاهر غني

نغمه کي پڙهيو ٿي ان مست مدام

پيش خدمت سيد والا مقام

سيد السادات سالار عجم

هٿ سندس جوڙين تقدير امم

ٿو غزالي(2) درس الله هو وٺي

خاندان کان انجي ذڪر ۽ فڪر کي

آهه مرشد ڪشور جنت نظير

مير و درويش و سلاطين جو مشير

ملڪ ان کي شاهه دريا آستين

علم و صنعت ۽ ڏني تهذيب و دين

سؤ گره انجي ٿي کوليا هڪ نگهه

اٿ ۽ انجي تير کي ڏي دل ۾ ره

 

 

شاهه همدان جي حضور ۾

زنده رود

سر يزدان جي گهران توکان ڪنجي

موڪلي  شيطان گهري ٿو بندگي

بد ۽ ناخوش جي سنوارت جو ڪرڻ

پوءِ نيڪي جي عمل جو آ گهرڻ

ٿو پڇان توکان فسون سازي هي ڇو؟

بد نشين ساٿي جي دم بازي هي ڇو؟

مٺ مٽي جي، هي جهان بي انتها

تو ئي چؤ هي ڪار سونهين ٿي ڀلا

ڪار ۽ افڪار آ، آزار هي

پنهنجو هٿ ڏندن سان ڪاٽڻ ڪار هي

شاهه همدان

پانهنجي جيڪو رکي ٻانهو خبر

فائدو پيدا ڪري ان وقت ضرر

ديو سان آدم جي مجلس آ وبال

ديو سان جنگ آهه، آدم جو جمال

پاڻ کي شيطان تي گهرجي لهڻ

تيغ تون، هو آهه روهي جو پهڻ

تيز ٿي، تنهنجي پئي جئن ضرب سخت

ورنه رهندين هت ۽ هت ٿي شوم بخت

زنده رود

زير گردون ماڻهو ماڻهو کي ڳهي

هڪڙي ملت ٻي ٿي ملت سان وڙهي

ملڪ وارن کان جلي جان برملا

دل منجهان دردي اٿن دانهون سدا

آهه ملت زيرڪ و خوش گل مثال

آ جهان ۾ انجي رونق لازوال

ٿو پيالو انجي رت اندر ڦري

نڙ سندس مضمون کان دانهون ڪري

هو خودي کان جئن بڻيو آ بدنصيب

ملڪ پنهنجي ۾ پيو ٿي آ غريب

انجي مزدوري آ، ٻي جي دستڪار

نهر ۾ انجي مڇي ٻي جو شڪار

قافلا منزل ڏي آهن گام گام

هن جو ڪم ناخوب، بي اندام و خام

آ غلامي کان سندس جذبو فنا

باهه آهي جام ۾ مي جي بجا

تون ته ڄاڻين ٿو هيو ڇا ائين ڪڏهن؟

گڏ غلامي ۾ نفع سان ٿئين ڪڏهن

تون زماني ۾ ڪڏهن هئين صف شڪن

سخت جان، جانباز، پردم تيغزن

برف سان ڍڪيل سندس ڏس ڪوهسار

ٻي طرف ڏس آتشين رنگ چنار

لعل پيدا ٿي ڪري انجي بهار

انجي طوفان رنگ مٽي آ شڪار

ڪڪر جي ٽڪرن سان پر ڪوه و  دمن

ٿو اڏاري ڪپـــﮧ کي جئن پنبه زن

ڪوهه و دريا ۽ غروب آفتاب

مان خدا کي ات ڏٺو ٿي بي حجاب

هير سان گڏجي رليم اندر نشاط

’بشنواز ني‘ ٿي چيم اندر نشاط

ڪنهن چيو پکي ٿي اندر شاخسار

موسم گرما کان وڌ هي، آ بهار

جو ڇٽو لاله ته نرگس اک ڪڍي

هير نوروزي قبائي گل وڍي

عمر کان گل هت مرن پيدا ٿين

پر شهاب الدين(1) جهڙا نا ڄمن

دانهن جا پر سوز ڪئي مرغ سحر

انجي تابش کان جليو جان و جگر

مون ڏٺو ديوانه هڪ اندر خروش

جنهن کسيو مون کان متاع صبر و هوش

نالهء مستان نه ڳولج هت، لنگهنج خاموش تو

شاخ گل کان ڪر گذر، هي آ طلسم رنگ و بو

ٿو چوين لاله جي ورقن مان ٽمي شبنم پئي

آهه غافل دل اها، روئي ڪنار آب جو

هي پرن جي مٺ جي ان کان ايترو شيرين سرود

هي غني جي روح جو ماتم بمرگ آرزو

اي صبا ٿي جيڪڏهن تنهنجو جنيوا  کان گذر

مجلس اقوام  سان ڪج منهنجي ويندي گفتگو

کيٽ، ڪڙمي، واهه، سان گڏ پڻ خيابان هن وڪيو

قوم کي سودي ۾ ڪيڏو آهه ارزان هن وڪيو

شاهه همدان

رمز نازڪ ٿو چوان توکي پسر

تن سڄو خاڪ آهه، جان والا گهر

جسم کي جان لاءِ ڳارڻ آهه ڄاڻ

پاڪ جي ٿي خاڪ مان گهرجي سڃاڻ

جي وڍيندين جسم کان ڪو پاره تن

هٿ مان ويندو تنهنجي هڪ لخت بدن

پر اها جان جا ٿئي ٿي جلوه مست

هٿ کان ويندي، آهه گويا تنهنجي دست

انجو جوهر ڪنهن به شي سان ناملي

بند ۾ هوندي به ٻاهر ٿو کلي

موت انجو ٿا نگهداري چون

انجي آزادي فروغ انجمن

ڇاهه ’جلوه مست جان‘ مرد سخي؟

جان کي هٿ مان ڏيڻ ۾ ڇو خوشي؟

جان ڏيڻ ڇا آهه؟ حق سان آ تپڻ

سوز جان سان ڪوهه کي ڳاري ڇڏڻ

جلوه مستي حق سان هردم آ هلڻ

راتين ۾ جئن ستاري جو کلڻ

پاڻ کي آ نا لهڻ نابودگي

آ لهڻ ۾ پاڻ کي آسودگي

پاڻ کي جيڪو ڏسي ۽ نا ٻيو

پاڻ جي هو قيد مان ٻاهر ٿيو

جلوه بدمست او ڏسي جو پاڻ کي

زهر کي ماکي کان برتر ٿو ڏسي

جان ان وٽ ٿي هوا بڻجي وڃي

انجي اڳيان قيد انجو ٿو ڏڪي

انجو تيشو ٿو جبل پرزا ڪري

ٿو زمين کان پنهنجي قسمت کي ڀري

جان کان گذري ته ان جي جان آهه

جان انجي ورنه جئن مهمان آهه

زنده رود

تو ٻڌائي حڪمت بد ۽ چڱي

پير دانا نڪته ڪوئي ٻيو وري

مرشد معنى نگاهان آنهه تو

واقف  اسرار شاهان آنهه تو

ٿو فقيرن کان گهري حاڪم خراج

ڇا اهو آ، اعتبار تخت و تاج؟

شاهه همدان

اصل شاهي ڇاهه اندر شرق و غرب

امتن جي آ رضا يا حرب و ضرب

ٿو چوان کولي توکي والا مقام

ڍل ٻن ماڻهو سوا ٻي کي حرام

يا ’اولي الامر‘ ’منڪم‘ شان جنهن

آيه حق، حجت و برهان جنهن

يا ته ان کي جو جوان  آتند خيز

شهر گير آ، جو سدا اندر ستيز

جنگ جي ڏينهن آهه جو ڪشور ڪشا

صلح جي ڏينهن جو رهي ٿو دل صفا

ٿي سگهي ايران و هندستان خريد

بادشاهي پر نه ٿي ڪنهن کان خريد

جام جم کي اي جوان با هنر

ڪٿ ڏئي توکي دڪان شيشه گر

جي اهو وٺندين ته آ شيشو رڳو

شيشه جو آهي ڀڄڻ پيشو رڳو

 

غني

هند کي ڪنهن ذوق آزادي ڏنو

صيد کي سوداءُ صيادي ڏنو

هو برهمن خاندان جا زنده دل

جن جي چهري جي اڳيان لاله خجل

تيزبين ۽ پخته ڪار ۽ سخت ڪوش

ديد کان جنجي فرنگ اندر خروش

پنهنجي مٽي  هي سڀي پيدا ڪيا

هي ستارا مطلع ڪشمير جا

خاڪ پنهنجي کي چين جي بي شرر

پنهنجي اندر بي ته وجهه ڪائي نظر

سوز هن جي پرده داري آ ڪٿان؟

هي دم باد بهاري آ ڪٿان؟

ڏس هوا جو هي سڄو تاثير تو

ڪوهسارن کي آ جنهن جو رنگ و بو

تون نه ڄاڻين ٿو ته هڪ ڏينهن درولر

موج هڪ ٻي کي چيو ٿي ٻڌ خبر

ڪيستائين پاڻ ۾ سرکي هڻون

هل ته ساحل کان پري ڪو د م کڻون

پنهنجو ڄايل يعني هي دريا ڪهن

مست جنهن جي شور کان ڪوهه و دمن

هر گهڙي پٿر سان سر کي ٿو هڻي

جئن جبل جي پاڙ کي کوٽي کڻي

آ جوان جو شهر ۽ صحرا وٺي

پرورش سؤ ماءُ کان هرجا وٺي

انجي شوڪت خاڪين جي آ امين

هي اسان کان آهه ٻي کان آهه ڪين

حد ساحل ۾ جيڻ آهي خطا

روڪ پنهنجي راهه ۾ ساحل سدا

آ ڪناري سان رهڻ مرگ دوام

گرچه دريا ۾ ٽٻون ٿا صبح و شام

موهه و ميدان کي ٽپڻ آ زندگي

موج او جا وئي ڪناري کان ٽپي

ٿو چوين هي خطه سيمائي حيات

تو ڏنو خاور کي غوغائي حيات

توکي آ فرياد جا ساڙي جگر

ان کان تون بيڪل اسان بيتاب تر

توکان آ مرغ چمن کي هاءِ هو

تنهنجي لڙڪن کان آ سبزه کي وضو

طبع تنهنجي پوک گل کي ڏي نويد

تنهنجي اميدن کان جان آ پر اميد

قافلن ليءَ گهنڊ آ تنهنجي صدا

ملڪ هن کي نااميدي ڇو ڀلا؟

دل هنن جي سينه ۾ مرده نه آهه

برف ۾ بي چڻگ افسرده نه آهه

ترس ۽ ڏس تاڪ بي آواز صور

ڪئن ڏئي ملت منجهان خاڪ قبور

غم نه ڪر اي بندهء صاحب نظر

آه کڻ جا ٿي جلائي خشڪ و تر

شهر سؤ هيٺان سپهر لاجورد

ٿو جلائي سوز دل، درويش مرد

سلطنت وڌ آهه، نازڪ گهٽ حباب

دم گهڙي ۾ انجي حالت ٿي خراب

هڪ نوا تشڪيل تقدير امم

هڪ نوا تخريب و تعمير امم

تنهنجي نشتر گرچه دلين ۾ ڇڀي

پر سوا تنهنجي نه ڪو ان کي ڏسي

تنهنجو پردو آ نوائي شاعري

جو چوين آ ماورائي شاعري

وجهه نئين آشوب کي اندر بهشت

هڪ نوا مستانه ڏي اندر بهشت


 


  نيٽشا- فريڊرڪ ولهم نيٽشا سنه 1844ع ۾ جرمني  جي هڪ مقام راڪن ۾ پيدا ٿيو. سندس پيءُ پادري هو. چئن سالن جي عمر ۾ هي يتيم ٿي ويو. بان ۽ ليپزگ ۾ تعليم ورتائين. علم اللغت سندس خاص مضمون هو. تعليم جي پوري ڪرڻ بعد بيسل يونيورسٽي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ ڪجهه عرصي کانپوءِ پروفيسر بڻيو. سنه 1870ع ۾ فرانس ۽ جرمني جي جنگ ۾ شريڪ ٿيو، جتي سندس صحت خراب ٿي پئي. هو جنگ جي ميدان کان واپس آيو، ۽ وري اڳين ملازمت ۾ شريڪ ٿيو، پر صحت جي خرابي سبب کيس سنه 1879ع ۾ اتان به استعيفى ڏيڻي پيس. سنه 1889ع تائين هو پنهنجي صحت جي حاصل ڪرڻ لاءِ ملڪ به ملڪ ڦرندو رهيو. آمدني ٿوري، صحت خراب، باغي خيال، مزاج نازڪ طبيعت شاهاڻي ۽ دوست ڪونه هوس. اڪيلي زندگي، پر هن حالت ۾ به سندس تصنيف جو سلسلو هلندو آيو. سنه 1889ع ۾ مٿس فالج جو حملو ٿيو، جنهن ڪري منجهس ديوانگي پيدا ٿي، جا حالت مٿس موت تائين قائم رهي. سنه 1900ع ۾ هن مجذوب فرنگي وفات ڪئي.

نيٽشا دنيا جي عظيم شخصيتن مان هڪ هو. افسوس جو جيئري سندس اها عزت نه ٿي، جا مئي کانپوءِ ٿي. چون ٿا ته جڏهن سندس ڪتاب ’قول زردشت‘ شايع ٿيو ته ان جون ڪي ٿوريون ڪاپيون فروخت ٿيون. مگر اڄ يورپ ۾ سندس هن ڪتاب جو هر ٻولي ۾ ترجمو ٿيو آهي. نيٽشا مسيحت جي ترديد ڪئي، ان ڪري ديول سندس خلاف ٿي وئي. هن خدا جي هستي جو به انڪار ڪيو، نه فقط ايترو پر مغربي تهذيب جي به مخالفت ڪئي، جنهن تي هو هميشه قائم رهيو.

 

(1) حضرت مجدد الف ثاني- اسم مبارڪ شيخ احمد هو. سنه 971 هجري ۾ سرهند ۾ تولد ٿيو. سندس والد شيخ عبدالاحد سندس تعليم ۽ تربيت تي وڏو ڌيان ڏنو. علم جي تڪميل حضرت شاهه ڪمال ڪيٿلي کان ڪيائون. پوءِ دهلي وڃي نقشبندي طريقي ۾ شيخ باقي باالله جي هٿ تي بيعت ڪيائون. اڪبر جي دين الهى جي مخالفت ڪيائون. ٻيو سندن ڪارنامو هو، اسلامي تصوف کي غير اسلامي عنصر کان پاڪ ڪرڻ. سندن مڪتوبات کي تصوف اسلامي ۾ وڏي اهميت آهي. پاڻ سنه 1034 جي 27 صفر وفات ڪيائون. سندن مزار سرهند ۾ آهي.

  جهان بي جهات- لامڪان

مو- مئو

ڪن فڪان- ٿي ۽ ٿي پيو (ارشاد الهى)

  قدوسي- پاڪ

عنبرين- خوشبودار

طناب- رسيون

آئينه تاب- آئينه وانگر چمڪندڙ

  شرف النسا بيگم- پنجاب جي صوبيدار نواب عبدالصمد خان جي نياڻي ۽ نواب ذڪريا خان جي ڀيڻ هئي. عقيدت ۽ ارادت جي سبب کان هوءَ حقيقي معنى ۾ مومنـــﮧ ۽ صالحـــﮧ هئي. مرحومه جي ڄمڻ ۽ وفات جي تاريخ ملي نه سگهي. پنهنجي محلات جي اندر هڪ بلند چبوترو تعمير ڪرايو هئائين، جنهن ۾ ويهي نهايت ذوق ۽ شوق سان قرآن شريف جي تلاوت ڪندي هئي. تلاوت جي وقت، پاڻ وٽ تلوار ساڻ رکندي هئي. جنهن مان سندن مطلب هو ته قرآن شريف ۽ تلوار، مومن جي زندگي جا ڪفيل آهن. روايت آهي ته مرڻ وقت هن پنهنجي ماءُ کي التجا ڪئي هئي ته سندس قبر ان چبوتڙي تي بڻائي وڃي، ۽ سندس قرآن ۽ تلوار، سندس قبر جي مٿان رکيا وڃن. سندس والده سندس وصيت جي پوري پوري تڪميل ڪئي. قرآن پاڪ ۽ تلوار سندس قبر جي مٿان رکيا ويا. سنه 1840ع تائين قرآن مجيد ۽ تلوار هميشه وانگر اتي موجود رهيا. رنجيت سنگهه جي زماني ۾، جڏهن سکن لاهور تي قبضو ڪيو، تڏهن هو شرف النسا جي مقبري کي خزاني جي ڪوٺي سمجهي اندر گهڙي ويا. پر لالچي سکي سردار کي اتي تلوار ۽ قرآن شريف کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نظر نه آيو، ۽ هو ٻئي شيون اتان کڻي ويو. الله بس باقي هوس.

(1)  نواب عبدالصمد خان، اورنگزيب عالمگير جي زماني ۾ بخارا کان هلي دهلي ۾ آيو. پنهنجي لياقت ۽ همت جي سبب پنج هزاري منصب ۽ سيف الدوله دلير جنگ جو خطاب حاصل ڪيائين. سندس خانداني شرافت هن مان ظاهر هئي، جو هو خواجه عبيدالله احرار جي اولاد مان هو، جو مولانا جامي جو مرشد هو.

سنه 1713ع ۾“ هڪ سک سردار ۽ باغي پنجاب ۾ وڏو وڳوڙ پيدا ڪيو هو، ۽ مسلمانن کي وڏو ايذاءُ ڏيندو ٿي رهيو. فرخ سير، شهنشاهه دهلي نواب کي پنجاب جو صوبيدار مقرر ڪري، بنده بيراڳي کي سزا ڏيڻ جو حڪم ڪيو. سڳائي سال نواب صوبي جي چارج وٺندي لوهه ڳڙهه جو قلعو فتح ڪيو، پر بنده بيراڳي پهاڙن ڏي ڀڄي ويو. سنه 1715ع ۾ نواب شهنشاهه کي نئين مدد لاءِ لکيو. فرخ سير، ڪيترن سردارن کي فوج سان روانو ڪيو. نواب عبدالصمد خان پاڻ به هڪ وڏي فوج مقابلي لاءِ تيار ڪري ورتي.

سنه 1715ع ۾ نواب ان جهنگ کي گهيرو وڌو، جتي بنده بيراڳي هڪ ڳوٺ ٺاهي رهي پيو هو. هن انتظام ڪيو ته جيئن ڪابه شي اندر وڃي نه سگهي. آخر بک کان تنگ ٿي سکن هٿيار ڦٽا ڪيا ۽ بنده بيراگي گرفتار ٿيو. قيدي سڀ فرخ سير جي خدمت ۾ روانا ڪيا ويا. آخر سنه 1716ع ۾ بنده بيراڳي به قتل ٿي ويو.

(1)  سکن جي حڪومت کي خالصه حڪومت سڏيو ويندو هو. هن حڪومت جو بنياد پنجاب ۾ راجا رنجيت سنگهه رکيو هو.

(1) شاهه صاحب سيد علي همداني جي ولادت سنه 1314ع ڌاري همدان (ايران) ۾ ٿي. ننڍيئي قرآن شريف حفظ ڪيائين. پوءِ ظاهري علوم حاصل ڪيائين. پنهنجي مامي سيد علاو الدين سمناني کان علم باطني ۾ ڪمال حاصل ڪيائين. ان کانسواءِ اسلامي ملڪن جي سير ۽ سياحت ڪندي، ٻين بزرگن کان به روحاني فيض حاصل ڪيائين. سلطان شهاب الدين جي حڪومت جي زماني ۾، ڪيترن ئي درويشن کي ساڻ وٺي ڪشمير ۾ اسلامي تبليغ لاءِ آيو. بادشاهه سندس گهڻي عزت ۽ احترام ڪيو. اسلام جي اشاعت ۾ سندس مدد ڪئي. ٿورن سالن کانپوءِ حج تي اسهيو ۽ سنه 1380ع ڌاري وري ڪشمير ۾ سلطان قطب الدين جي زماني ۾ آيو. سنه 1382ع ڌاري ترڪستان روانو ٿيو پر راهه ۾ وفات ڪيائين ۽ ختلان جي شهر ۾ مدفون ٿيو.

(2)  غني جي شعر جو ترجمو:

گڏ ڪيم ڪکن جي مٺ کي، تان جلايان پاڻ کي

آ گمان گل کي ته ٺاهيان آشيان اندر چمن

 

(1)  ملا طاهر غني شاهه جهاني عهد جو مشهور شاعر ٿي گذريو آهي. نهايت عالم ۽ درويش صفت شاعر هو. ان جي لاءِ مشهور آهي، ته جڏهن گهر ۾ هوندو هو ته در بند ڪري ويندو هو ۽ جڏهن ٻاهر ويندو هو ته دروازو کولي ويندو هو. ڪنهن دوست کانئس پڇيو، ته ائين ڇو؟ جواب ڏنائين ته غني جي گهر ۾ غني کان سواءِ آهي ڇا؟ هو ئي ملڪيت آهي، گهر ۾ هوندو آهي ته در بند هوندو آهي، جي ٻاهر هوندو آهي ته ڪجهه به نه هوندو آهي، ۽ گهر جو دروازو کليل هوندو آهي. هن با ڪمال شاعر سنه 1667ع ڌاري وفات ڪئي.

(2) امام غزالي- جو سڄو نالو، امام ابو حامد، محمد بن محمد آهي. سندس لقب حجـــﮧ الاسلام آهي. طوس جي ٻهراڙي جي هڪ ڳوٺ غزاليه ۾ ڄائو، جنهن ڪري امام غزالي جي نالي سان مشهور ٿيو. سندس تعليم امام الحرمين ابوالمعالي جويني جي درسگاهه ۾ ٿي. علم حاصل ڪرڻ کانپوءِ تعليم ڏيڻ شروع ڪيائين، جنهن ۾ مشهوري حاصل ڪيائين. ڪيترو وقت بغداد جي نظاميه ڪاليج ۾ استاد رهيو، اوچتو سڀ ڪجهه ڇڏي حج تي روانو ٿي ويو. حرمين شريفين کان فارغ ٿي، دمشق، بيت المقدس ۽ اسڪندريه ويو. واٽ تي جنگهلن ۽ بيابانن ۾ بيحد رياضتون ۽ مشقتون ڪيائين، ۽ روحاني دنيا ۾ وڏو مقام حاصل ڪيائين. هن سفر کان واپس اچڻ بعد، پنهنجي وطن موٽي آيو، جتي تصنيفات ۾ مشغول ٿي ويو. سندس تصنيفون تمام گهڻي انداز ۾ آهن سنه 1111ع ۾ وفات ڪري ويو.

  منجي- موڪلي ( مصدر منجڻ).

نشاط- ڪشمير جو مشهور باغ

بشنوا از ني- مثنوي مولانا روم جو پهريون شعر

(1) شهاب الدين ڪشمير جو حڪمران، سنه 1354ع ۾ تخت نشين ٿيو. هو وڏو بهادر حاڪم ٿي گذريو آهي. شاهه همدان سلطان شهاب الدين جي وفات کان هڪ سال اڳ ڪشمير ۾ آيو هو. سلطان 25 سال حڪومت ڪري، سنه 1379ع ۾ وفات ڪئي.

  جنيوا، ليگ آف نيشنس جو صدر مقام هو. ليگ آف نيشنس جو هاڻي نئون نالو يو-اين-او آهي.

 

  واقف اسرار شاهان... شاهه همدان جي مشهور تصنيف ڪتاب الملوڪ ڏانهن اشارو.

  ”پنهنجي  مٽي هي سڀي پيدا ڪيا“- اشارو آهي هندو ڪشميرين ڏانهن، جن هندستان جي سياست ۾ وڏو بهرو ورتو. موتي لال نهرو، جواهر لال نهر، سر ساپرو ۽ ٻيا

ولر ڪشمير جي مشهور ڍنڍ.

  پوک گل- زغفران جي پوک

تشڪيل- صورت ڏيڻ

تخريب- خرابي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org