سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: جاويد نامه

صفحو :15

 

 

 

جاويد کي خطاب

(نوجوانن کي نصيحت)

 

 

جاويد کي خطاب

(نوجوانن کي نصيت)

او سخن آهي سينگارڻ ئي فضول

قعر  دل مان ڪينڪي جو ٿي وصول

گرچه مون نڪتا چيا سؤ بي حجاب

پر اٿم نڪتو، نه جو اندر ڪتاب

جي چوان بڻجي اهو پيچيده تر

حرف و صورت ان کي ڪري پوشيده تر

سوز انجو وٺ نگاهن کان سندم

يا صبح جي وٺ ايلاهن کان سندم

درس پهريون ماءُ کان توکي مليو

هير ان تي، منهنجي مکڙي ٿي کليو

هير ان کان تنهنجو هي آ رنگ و بو

منهنجي دولت، ان کان تنهنجي آبرو

دولت جاويد ان کان گڏ ڪيءَ

انجي واتون لااله ڪلمو سکيءِ

هان ٻچا! ذوق نگهه وٺ مون وٽان

سوز حرف لااله وٺ مون وٽان

لااله چؤ، جي چوين ٿو دل منجهان

تان اچي عضون مان تنهنجي بوءِ جان

لااله جي سوز کان هي سج چنڊ

مون ڏٺو هر هنڌ انجو جوڙ، منڊ

لااله هي ڪار ڳي گفتار ناهه

لااله جي ڪا مڏي تلوار ناهه

سوز ان سان زندگي قهاري آهه

لااله جي ضرب، ضرب ڪاري آهه

ٻي جي اڳيان ٿو ٻڌي مومن ڪمر

فقر، غداري، نفاق انجو ثمر

ڪوڏين تي دين و ايمان کي ڏئي

پنهنجي گهر ۽ گهر جي سامان کي ڏئي

لااله انجي نمازن ۾ نه اڄ

ناز انجي آ نيازن ۾ نه اڄ

انجي روزن ۽ نمازن ۾ نه نور

ان جي جلوي جو جهان ۾ نا ظهور

جنهنجي ليءَ الله هو هڪ ساز و برگ

ان کي دولت جو هوس ۽ خوف مرگ

ان وڃايو ذوق، مستي ۽ سرور

دين اندر آ ڪتاب ۽ خود قبور

ٻن نبين کان نئين ملت سکي

عصر حاضر سان سندس صحبت وڌي

هڪ آ ايراني، ٻيو هندي نزاد

هڪ نه ڄاڻي حج ٻيو تارڪ جهاد

جي جهاد ۽ حج نه آهن واجبات

پوءِ وري ڇا جو رهي صوم و صلوات

روح کان خالي ٿيو  روزو نماز

فرد ناهموار، ملت بي نياز

آ خودي جي راز کان مومن پري

اي خضر هٿ وٺ جو پاڻي ٿو وري

سجدو او جنهن کان زمين ٿي لرزيو

جنهن جي مرضي سان چنڊ ۽ سج ڦريو

جي پوي ها پٿرن تي او سجود

ڪينڪي تنهنجو رهي ها، ڪو وجود

آهه، پر اڄ سر جهڪائڻ آ رهيو

ضعف پيري سان نڀائڻ آ رهيو

هو شڪوه ربي الاعلى ڪٿي

هي گناهه آ، ان مٿي يا تو مٿي

آهه هر ڪو پنهنجي رستي تي روان

بي مهار آ، اٺ اسانجو بي نشان

صاحب قرآن بي ذوق طلب

آ عجب، ثم العجب، ثم العجب

جي خدا توکي ڪري صاحب نظر

ڪجهه زماني ڏي نهاري وٺ اثر

عقل آ بي باڪ، دليون بي گداز

آهه اک بي شرم ۽ طالب مجاز

علم و فن، دين و سياست، عقل و دل

گڏ پيا ڪن ٿا طواف آب و گل

ايشيا جنهن جو وطن آ آفتاب

غير کي ڏسندڙ ۽ خود اندر حجاب

قلب انجي ۾ نه ڪائي واردات

آه بي قيمت سندس هر حاصلات

هن پراڻي دير ۾ انجي حيات

آه ساڪت، يخ ٻڌل ۽ بي ثبات

آ ملوڪيت ۽ ملا جو شڪار

فڪر انجي جو غزل آ بي وقار

عقل، دين و دانش و ناموس و ننگ

سڀ کسي ورتس اميران فرنگ

ڊوڙيس مان انجي نئين افڪاري ڏي

چيريم هر پردهء اسرار کي

پنهنجي سيني ۾ مون دل کي خون ڪيو

تان سندس عالم کي مون گلگون ڪيو

عصر پنهنجي کي ٻڌايا مون ٻه حرف

بنديم بحرين  کي اندر دو ظرف

حرف هڪ پيچيده آ، ٻيو نيشدار

عقل و دل مردن جو جن سان آ شڪار

حرف هڪ ۾ آهه انداز فرنگ

ٻي جي دانهن کي اٿاري تار چنگ

اصل هڪ جو فڪر آ ۽ ٻي جو ذڪر

شل خدا توکي ڏئي هي ذڪر و فڪر

آ نهر منهنجي انهيءَ بحرين کان

فصل هي ۽ وصل هي، ان عين کان

تا طبيعت عصر منهنجي جي ڦري

طبع منهنجي نئين هنگامي ڏي وري

نوجوان آهن اڃا خالي اياغ

شڪل خوش تاريڪ جان روشن دماغ

گهٽ نظر ۽ نا اميد ۽ بي يقين

اک ڏٺو، دنيا ۾ تنجي ڪجهه به ڪين

پاڻ کان منڪر ۽ ايمان کان جدا

پنهنجي مٽي سان مڙهي جي ڪن بنا

آهه مڪتب کي نه مقصد جي خبر

جوش ۽ جذبي کان سي محروم تر

نور فطرت کان بدن تنجو جدا

ڪو گل رعنا نه ٿيو تن کي عطا

سرڪار يگر ئي ڏنگي ٿو رکي

ٿو بدڪ جي باز کي تعليم ڏي

باهه حس ۾ پر وڃي جي تون جلين

پوءِ تفاوت سون ٽامي جو ڪرين

علم حق اول، حوض آخر حضور

جنهن کي ماپائي سگهي ٿو ڪٿ شعور

سؤ ڪتابن جا پڙهن استاد کان

پر سبق هڪ وڌ اهل ارشاد کان

هر ڪوئي ان مي کان جا هاري نظر

مست بڻجي ٿو وڃي المختصر

هير سحري کان وسامي ٿو چراغ

لالي کي باد سحر بخشي اياغ

کاءُ گهٽ، سمهه گهٽ ۽ گهٽ گفتار ٿي

پنهنجي چوڌاري مثل پرڪار ٿي

منڪر حق ملي وٺ ڪافر ٿيو

منڪر خود وٽم ڪافر تر ٿيو

هو آ انڪار وجودي کان عجول

هي عجول آ ۽ ظلوم آ ۽ جهول

شيوهء اخلاص جو ٿي ڪاريگر

ڪين رک ڪجهه خوف سلطان و امير

عدل کي فهم ۽ رضا ۾ بي نه ڇڏ

عزم کي فقر و غنا ۾ بي نه ڇڏ

حڪم ڏکيو آهه ڪر تاويل ڪين

ڳولهه پنهنجي قلب ري قنديل ڪين

حفظ جان ۽ ذڪر و فڪر بي حساب

حفظ تن سان ضبط نفس اندر شباب

سير جي لذت آ مقصود سفر

آشيان تي جي نظر ٿي نا اڏر

چنڊ ڪامل کي ميسر ٿي مقام

سير آدم کي مقام آهي حرام

زندگي ري لذت پرواز ناهه

انجي فطرت ۽ مڪان جو ناساز ناهه

رزق ڪانءَ ۽ ڳجهه جو خاڪ زمين

رزق بازن جو مٿي عرش برين

دين جو ڳجهه قال سچ، رزق حلال

خلوت و جلوت ۽ ديدار جمال

دين جي ڪم ۾ رهج الماس ٿيءُ

دل رکي حق ساڻ بي وسواس جيءُ

دين جي اسرار جو ڳجهه هت لکان

ڳالهه مان توکي مظفر جي چوان

هو عمل، اخلاص جو فرد فريد

بادشاهي سان مقام با يزيد

کيس هو اولاد جان گهوڙو عزيز

سخت هو، هو ڊوڙندڙ روز ستيز

سبز رنگو ديس انجو هو عرب

با وفا، بي عيب، پاڪيزه نسب

مرد مومن ليءَ عزيز اي نڪته رس

آ سدا، شمشير، قرآن و فرس

وصف انجي ٻي لکان ڪهڙي ڀلا

ڪوه و دريا تان ويو ٿي ڄڻ هوا

جنگ ۾ هو وڌ نظر کان منتظر

تند طوفان جان ٽپيو ٿي بحر و بر

انجي ڊوڙڻ ۾ بپا هو رستخيز

ضرب سم پٿر ڪيو ٿي ريز ريز

اوچتو حيوان ٿيو او بيقرار

پيٽ جي سوزش کان تنگ ۽ دلفگار

ٿي شفا، ان کي ڏنائون جئن شراب

شاهه جي گهوڙي جو گهٽ ٿيو پيچ و تاب

شاهه حق بين، ان تي ٻيهر نا چڙهيو

شرع، تقوى جو طريقو آ ٻيو

شل خدا توکي به ڏي قلب و جگر

ڪر مسلمان جي اطاعت تي نظر

دين جي معنى آهي حق جي طلب

انتها عشق آهه، آغاز آ ادب

آبرو گل جي سندس آ، رنگ و بو

بي ادب بي رنگ و بو، بي آبرو

نوجوانن کي ڏسي مان بي ادب

ٿو سهان درد و الم، رنج و تعب

بي قراري سيني ۾ پيدا ٿئي

ياد عهد مصطفى مونکي پئي

دور پنهنجي کان پريشان ٿو ٿيان

عصر رفته ۾ وڃي ٿو مان لڪان

ستر زن جو مرد يا خاڪ لحد

ستر مردن جو رکڻ نا يار بد

حرف بدمنهن مان چوڻ آهي خطا

ڪافر و مومن سڀي خلق خدا

آدميت احترام آدمي

جان هي آهي مقام آدمي

ربط و ضبط تن سان آدم آ اتم

کڻ طريق دوستي ۾ هر قدم

عشق جي بندي جو عالي آ طريق

آ سدا مومن ۽ ڪافر تي شفيق

ڪفر و دين جي لاءِ آهي جائي دل

دل ڀڄي دل کان ته پوءِ آ وائي دل

گرچ دل جو آهه سامان آب و گل

پر سڄو آفاق هي، آفاق  دل

مالڪي ده جي اگر توکي هجي

فقر کي هٿ کان نه ڏي، هرگز نه ڏي

تنهنجي اندر سوز او آهي نهان

هي شراب ڪهن تنهنجو بي گمان

درد دل ري ٻيو سڄو سامان تعب

نعمتون حاڪم کان ڇو، حق کان طلب

ڪيترا حق بين، دانا ۽ بصير

ڪثرت نعمت کان بڻجي ويا ضرير

ڪثرت نعمت، گدازي دل کان ني

ناز آڻي ۽ نيازي دل کان ني

مان جهان ۾ چو طرف ڦرندو رهيم

پر نه ڪنهن منعم جي اک آلي سيم

جو فقيرانه جئي محمود آهه

جو خدا بيگانه آ مردود آهه

ڳولهه مسلم ۾ نه تو او شوق و ذوق

او يقين، او رنگ و بو، او ذوق و شوق

علم قرآن کان ته عالم بي نياز

آهه صوفي بي بگهڙ دندان دراز

خانقاهن ۾ اگرچه هاءِ هو

پر ڪٿي او مرد جنهن جو پرڪدو

هي مسلمان جي فرنگي جان جناب

چشمهء ڪوثر ليءَ ڳولهين ٿا سراب

بي خبر هي راز دين کان سڀ ٿيا

ڪينه پرور، اهل ڪين کان سڀ ٿيا

خير و خوٻي خاص ۾ آهي حرام

مون ڏٺو صدق و صفا جي ليءَ عوام

دين وارن کي سڏين ٿا اهل ڪين

ويهه تن وٽ، وٺ وٽن حق و يقين

آ ڳجهين جي رسم ۽ آئين ٻي

آ خرام سطوت شاهين ٻي

مرد حق اڀ کان اچي ڄڻ تيز برق

انجون ڪاٺيون شهرو دشت غرب و شرق

آ، اسانجي ليءَ ظلام  ڪائنات

او شريڪ اهتمام ڪائنات

هو ڪليم آ ۽ مسيح آ ۽ خليل

هو محمد آ، ڪتاب ۽ جبرئيل

آفتاب ڪائنات اهل دل

ان کان روشن آ، حيات اهل دل

آگ پنهنجي ۾ وجهي او رهنما

پوءِ سلطاني سيکاري برملا

سوز آهيون سڀ اسان، او اهل دل

ورنه باطل نقش وانگر آب و گل

وقت جنهن ۾ تون ڄايو آهين ڊڄان

غرق آهي جسم ۾ ڄاڻي نه جان

قحط جان کان جسم ٿي ارزان جڏهن

مرد حق ٿي پاڻ ۾ پنهان تڏهن

ٿي نه حاصل جستجو ان مرد کي

گر ڏسي ٿو روبرو ان مرد کي

سؤ ڳنڍيون ڪم ۾ پون تنهنجي اچي

تون مگر ذوق طلب هٿ کان نه ڏي

مرد دانا جي نه صحبت ٿي عطا

اب و جد کان جو مليو وٺ رهنما

پير رومي کان وٺج او سوز و ساز

تان خدا بخشي توکي سوز و گذار

ڇو ته رومي مغز کان ڄاڻي ٿو پوست

آ قدم انجو سدا در ڪوئي دوست

شرح ڪيائون، پر نه پرکيائون متن

انجي معنى جو وٽن موتي ڪٺن

رقص تن جو ان کان سکيائون عمل

رقص جان جا پر نه ٿيا هرگز اهل

رقص تن گردش ۾ آڻي خاڪ کي

رقص جان پهچائي ٿو افلاڪ تي

فرد ان کان صاحب جذب ڪليم

ان کان ملت وارث ملڪ عظيم

رقص جان کي آ پرائڻ ڪم ڏکيو

غير حق کي آ جلائڻ ڪم ڏکيو

جيستائين حرص و غم ناهي جليو

رقص جان پٽ ڪينڪي ڪنهن کي مليو

رقص جان ايمان، دلگيري آ غم

نوجوانو ’نيمهء پيري‘ آ غم

فقر حاضر حرص آ ڄاڻج تمام

پاڻ تي قاهر جو، انجو هان غلام

اي جو تون آرام جان نا شڪيب

رقص جان کان وٺ وڃي پنهنجو نصيب

سر دين مصطفى توکي چوان

قبر ۾ بي تنهنجو دعاگو ٿي رهان


 


  قعر- اونهائي

ساز و برگ- زندگاني جو سامانر

  بحرين- ٻه سمنڊ

ظرف- ٿانءُ

اياغ- پيالو

اهل ارشاد- هدايت وارا

 

  عجول- تڪڙو

ظلوم- اونداهو

جهول- جاهل

تاويل- پنهنجي خيال سان معنى وٺڻ

قنديل- فانوس

مظفر- گجرات جي سلطانن مان هو. سندس والد جو نالو محمود هو، جنهن کي بيگره به سڏيندا هئا.

فرد فريد- هڪ ئي لائق انسان

  فرس- گهوڙو

ضرب سم- سنب جو ڌڪ

تعب- پريشاني

ربط و ضبط- لاڳاپو ۽ واسطو

 

  آفاق- جهان

ضرير- انڌو

سيم- ٻڌم

منعم- شاهوڪار

ڪدو- ڪشتو

اهل ڪين- وير وٺو

خرام سطوت- شان شوڪت جو لاڏ

  ظلام- اونداهي

اهتمام- بندوبست

اب وجد- ابو ڏاڏو

’نيمهء پيري‘- پيري جو اڌ. مطلب آهي ته غم پيري کي آڻيندڙ آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org