سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: جاويد نامه

صفحو :4

فلڪ قمر

 

 

فلڪ قمر

 

هي زمين ۽ آسمان ملڪ خدا

ماهه و پرين ملڪ پنهنجي برملا

واٽ هن ۾ جو اچي توکي نظر

ڏس محرمانه نگهه سان باخبر

ملڪ ۾ پنهنجي غريبن جان نه وڃ

ٿي ذرا بي باڪ، خطرو و خوف ڀڃ

هي ۽ هو ٿو، حڪم تنهنجي کي ٻڌي

جي چوين تون، ’هي نه ڪر هوڪر‘، مڃي

هي جهان آهي بتان چشم و گوش

ٿو مري يڪسان سندس فردا ۽ دوش

وڃ بيابان طلب ۾ ڪر کڙي

يعني بتخاني ۾ ابراهيم ٿي

هن زمين و آسمان کي طي ڪري

هن جهان ۽ هن جهان کي طي ڪري

ست خدا کان آسمان ڪر ٻيا طلب

سوءَ مڪان ۽ سوءَ زمان ڪر ٻيا طلب

جي هجين بيخود لب جوئي بهشت

پڻ نه ڄاڻين، حرب و ضرب خوب و زشت

جي نه ٿي حاصل آ توکي جستجو

قبر بهتر، بد بهشت رنگ و بود

اي مسافر موت توليءَ آ مقام

زندگي، تنهنجي آ پرواز مدام

همسفر تارن سان بهتر آ رهڻ

پڻ سفر جون سور ۽ سختيون سهڻ

تا فضا ۽ مان هليس اندر سفر

جو هيو بالا، ٿيو زير نظر

خاڪ، اونداهي لٽيو قنديل شب

منهنجو سايو مون مٿان آهي عجب

هر گهڙي نزديڪ تر، نزيدڪ تر

تان ٿيو ظاهر ڪهستان قمر

هئن چيو رومي گمان کان پاڪ ٿي

وٺ رسم ۽ راهه تون افلاڪ جي

چنڊ آهي ”دور“ پر آ آشنا

اولين منزل اَٿي پنهنجي اِها

دير، جلدي آهه انجي ديدني

غار ٽڪرن ۾ سندس ٿي ديدني

ماٺ ۾ هو ڪوهسار هولناڪ

جنهن جي اندر سوز، ٻاهر چاڪ چاڪ

سؤ قطارون خافظين و يلدرم

منهن ۾ دونهون، باهه سان جنجو شڪم

پيٽ تنجي ڪينڪي سبزي ڏٺي

پر هڻي تنجي فضا ۾ ڪٿ پکي!

بي اثر بادل هوائون تند و تيز

ان زمين مرده سان اندر ستيز

او جهان ويران ۽ بي رنگ و صوت

نانشان زندگي ان ۾ نه موت

ڪين پيدا ٿي مٿس نخل حيات

روزگار انجي ڏٺا نا حادثات

گو مقرب دود مان آفتاب

صبح و شام انجو نه ڄاڻي انقلاب

اٿ چيو رومي ۽ پنهنجي گام کڻ

دولت بيدار تي هٿ پنهنجو هڻ

انجو باطن انجي ظاهر کان کليل

غار ۾ انجي جهان آ ٻيو لڪيل

جو اچي اڳيان سندءِ اي مرد هوش

ماڻڪي ۾ وٺ ۽ ان ڏي ڌار گوش

چشم گر بينا آ، هر شيءِ ۾ مزو

وجهه ترازو ۾ نگاهن جي اهو

وڃ اوڏاهن جت هلئي رومي وٺي

هڪ ٻه دم تون غير کان بيگانو ٿي

هٿ وٺي آهسته، ان مونکي ڇڪيو

تيز ويو ۽ غار جي منهن تي رسيو

 

 

 

 

 

 

عارف هندي جو فلڪ قمر جي هڪ غار ۾ گوشه نشين هو ۽ هندستان وارا ان کي جهان دوست(1) ٿا سڏين

 

هٿ وٺي انڌن جان قابو ڪيم رفيق

پير پوءِ اندر رکيم غار عميق

چنڊ ڪارنهن کان سندس هو داغ داغ

سج ان ۾ ڄڻ ته محتاج چراغ

وهم شڪ مون تي شب خون ٿي هنيون

عقل کي پڪڙي مٿي ڦاهي کنيون

واٽ تي رهزن هئا اندر ڪمين

دور هو دل کان گهڻو صدق و يقين

تا نظر ۾ جلوه آيم بي حجاب

صبح روشن، بي طلوع آفتاب

هر پهڻ وادي ۾ هو زنار بند

ديو وانگر ات کجورون سر بلند

آهه پاڻي ۽ مٽي کان هي مقام؟

خواب جو يا آهه نقش نا تمام؟

هر هوائن ۾ سندس ذوق و سرور

ياسه مٽي تي لڳو ٿي عين نور

نا زمين انجي کي نيرو آسمان

نا افق تي ڪو شفق جو هو نشان

ان جو اونداهو حصو بي نور هو

دود انجو روز و شب کان دور هو

هو کجي هيٺان، او عارف هند زاد

جنهن کان اکين کي ملي روشن سواد

وار ويڙهيل سر مٽي، عريان بدن

گرد ان جي نانگ زهري حلقه زن

آدمي، پر خاڪ پاڻي کان مٿي

فڪر کان ان جي جهان جو بت ٺهي

غير واقف گردش ايام کان

بي تعلق چرخ نيلي فام کان

هئن چيائين، ”ڪير رومي هي اَٿي؟

آ وٽس نئين آرزوئي زندگي“!

رومي

مرد اندر جستجو آواره هي

آهه تارو پر مثل سياره هي

پخته تر آ ڪار خامي کان سندس

مان شهيد هان نا تمامي کان سندس

آسمان جي طاق تي شيشور کي

فڪر سان جبريل جو چهرو ڏسي

باز وانگر چنڊ ۽ سج تي ڪري

نو اڀن جي طوف ۾ هردم ڦري

ٿو زمين کي حرف رندانه چئي

حور و جنت کي بت و بتخانه چئي

مون سندس دونهين ۾ سو شعلا ڏٺا

آهه سجدن ۾ سندس خود ڪبريا

ٿو رڙي هو شوق کان نڙ جي مثال

آ وڇوڙي سان گڏ ان کي وصال

هن جي آب و گل کي سمجهي نا سگهان

هن جي منزل ۽ مقام آهي نهان

 

 

 

جهان دوست

رنگ آ عالم ۽ بي رنگ آهه حق

ڇا عالم، ڇا آدم، ڇاهه حق؟

رومي

آدمي شمشير حق، شمشير زن

هي جهان شمشير ليء سنگ فسن

شرق حق سمجهيو ۽ عالم  نا ڏٺو

غرب عالم ۾ پيو، حق کان ڇٽو

حق تي کولڻ اکين کي بندگي

پاڻ بي پردي ڏسڻ آ زندگي

زندگي کان جئن وٺي بند و برات

ٿو پڙهي بندي تي خالق خود صلوات

پنهنجي جو تقدير کان آگاهه آهه

سوز جان، ان خاڪ سان همراهه ناهه

جهان دوست

آ وجود ۽ آ عدم تي مختيار

پر ڏٺو مشرق نه ڳجهه هي زينهار

ڪار افلاڪين جي ٻي ري ديد ناهه

جان سڀاڻي کان سندم نوميد ناهه

ڪلهه ڏٺم بالائي ڪوهه قشمرود

آسمان کان ٿيو ملائڪ جو وردو

اشتياق ديد هو ان کي چٽو

هن اسانجي خاڪدان کي ڏٺو

مون چيس ڄاڻن کان ڳجهه کي ڇو رکين

هن مٽي خاموش ۾ ڇا ٿو ڏسين؟

حسن زهره ۾ وڃي ڦاسي پئين

چاهه بابل کي ڏئي دل ورسئين

آهه خاور ۾ چيائين روشني

سج تازي جي وري اڀري ڪني

لعل انجي سنگ رهه ۾ ٿو ڏسان

ڪيئي يوسف کوهه ۾ انجي نهان

وٺ پڪڙ ۾ آهه انجو هر ڪنار

لرزي ۾ انجا ڏسان ٿو ڪوهسار

هو ڇڏڻ تي آ مقام آذري

جئن ٿي خودگر ۽ ڇڏي هي بتگري

قوم خوش بخت آهه جنهنجي دل تپي

خاڪ مان پنهنجي وري خود کي ڄڻي

عرش وارن ليء گهڙي او صبح عيد

ٿي ڪنهين ملت جي وا چشم سعيد

پير هندي پوءِ ٿورو دم وٺي

هئن چيو بي تاب ٿي مونڏانهن ڏسي

عقل جو ڇا موت آ؟ چيم ترڪ فڪر

قلب جو ڇا موت آ؟ چيم ترڪ ذڪر

ڇا ڀلا تن؟ چيم زاد گرد ره

جان ڇا؟ چيم آهه رمز لااله

ڇاه آدم؟ آ سڄو اسرار او

ڇاهه عالم؟ چيم سڄو ٿي روبرو

هي ڀلا علم و هنر؟ چيم آهه پوست

ڇاهه حجت؟ مون چيس آرزوي دوست

عام جو چؤ دين ڇا آهي؟ ٻڌڻ

عارفن جو دين ڇا آهي؟ ڏسڻ

گفتگو منهنجي ڏنو ان کي سرور

دل نشين نڪتن جو ٿيو ان کان ظهور

 

عارف هندي جا نو سخن

 

1

ذات حق کي ناهه عالم هي حجاب

ڪين ٽوٻي کي ٿو روڪي نقش آب

 

2

ٻي جهان ۾ آ ڄمڻ خالص خوشي

هٿ جواني ٿي اچي جنهن سان نئي

3

موت کان حق پاڪ، عين آ زندگي

پر مري ٻانهو نه ڄاڻي ڇاهه هي(1)

گر اسين آهيون پکي بي بال و پر

موت جو آ علم خالق کي نه پر(2)

4

وقت؟ شيريني سان گڏيل آهه زهر

رحمت عامي سان رليل آهه قهر

قهر کان خالي نه انجي شهر و دشت

انجي رحمت جا چوين ٿو در گذشت

5

ڪافري آ موت اي روشن نهاد

ڇا مئل سان مرد غازي جو جهاد

مرد مومن زنده ۽ خود سان وڙهي

پاڻ تي پئي، جئن پلنگ آهو مٿي

6

ڪافر بيدار دل اڳيان صنم

آ چڱو ان کان، ستو جو در حرم

 

7

آهه انڌو جو ڏسي ٿو ناصواب

رات کي ڪاٿي ڏسي ٿو آفتاب

8

ٻج ٿي مٽي جي صبحت سان درخت

آدمي صحبت کان انجي تيره بخت

ٻج مٽي کان وٺي ٿو پيچ تاب

ٿو ڪري هٿ ۾ شعاع آفتاب

9

مون چيو مٽي کي، چئو اي سينه چاڪ

ڪئن ڏئي هي رنگ توکي باد و خاڪ

هئن چيو مٽي، سياڻا ڇڏ نه هوش

توکي ڏي پيغام ڪئن برق خموش

هن ۽ هن جي جذب کان آهيم جان

جذب ظاهر تنهنجو، منهنجو آ نهان

 


 

جلوهء  سروش

مرد عارف گفتگو جو در ٻڌو

پاڻ ۾ ٿيو مست عالم کان ڇٽو

ذوق شوق ان کي وٺي ويو دور دور

هڪ وجود آيو نئون اندر ظهور

انجي سامهن هو ذرو ڄڻ ڪوهه طور

بي حضور انجي نه نور آ نا ظهور

ان طلسم رات ۾ اور نازنين

رات جي تارن ۾ آ ڪوڪب جبين

انجي زلفن جا ٻه سنبل تا ڪمر

چمڪيو رخ کان سندس ڪوهه ۽ ٽڪر

غرق اندر جلوهء مستانه او

خوش گلو آ مست بي پيمانه او

هو وٽس گردش ۾ فانوس خيال

ذوفنون جئن آسمان دير سال

هو اهو فانوس پيڪر رنگ رنگ

باز جهرڪي تي هرڻ تي جئن پلنگ

مون چيو ان کي ته اي دانائي راز

هن رفيق ڪم  نظر تي کول راز

هي چيائين سميتن ۽ تا بناڪ

اڳ رٿيل انديشھء يزدان پاڪ

پنهنجي بي تابي کان ورتي ان نمود

ٿيو سندس روشن شبستان وجود

جئن اسين آواره، تئن غربت نصيب

هي غريب ۽ مان غريب ۽ تون غريب

شان جبريلي اٿس نالو ”سروش“

ٿو نئي هڪ هوش بخشي ٻيو ٿو هوش

انجي شبنم کان ڪلي پنهنجي ٽڙي

انجي دم کان باهه ٺريل زندهه ٿي

ساز دل تي زخمهء شاعر به او

چاڪ محمل ۾ وجهي ظاهر به او

انجي نغمي ۾ ڏٺو مون آ جهان

آگ وٺ انجي نوا مان هڪ زمان

نوائي سروش

 

ٻيڙي کي ڪئن هلائين، تون ٿو سراب اندر

ڄائين حجاب اندر، مرندين حجاب اندر

رازي(1) جو سرمو اک مان، ڌوتم تڏهن ڏٺي مون

تقدير امتن جي، پنهان ڪتاب اندر

وڃ ڪر تون باغ تي ۽ وڄ ڪر جبل مٿان تون

جا وڃ وڙهي ٿي خود سان مرندي سحاب اندر

بيدرد آهي شاهي، جنهن ۾ نه قرب ڪوئي

دامن ۾ وٺ گلستان، اي بو گلاب اندر

مغرب ۾ مون رهي ۽ ڳوليو نظر نه آيم

او مرد جنهنجو رتبو، ناهي حساب اندر

زاهد نظر ۾ تنهنجي، ڄاتم خودي آ فاني

پر تون نه ٿو ڏسين هي، طوفان حباب اندر

آواز خوش هي زخمهء فطرت کان ڪين آهي

مهجور حور جنت، روئي رباب اندر

 

 

يرغميد جي وادي ڏانهن حرڪت جنهن کي

ملائڪ طواسين جي وادي ٿا سڏين

رومي او عشق ۽ محبت جو دليل

تشنه ليءِ جنهن جو ڪلام آ سلسبيل

هئن چيائين شعر آهي آگ او

جنهن جي گرمي جو بنا الله هو

او نوا گلشن ڪري خاشاڪ کي

اونوا برهم ڪري افلاڪ

او نوا حق تي گواهي ٿي ڏئي

او گدا کي بادشاهي ٿي ڏئي

خون انجو جسم ۾ آهي روان

قلب ان روح الامين کان آ دوان

وائي او شاعر جو آ جادو هنر

رهزن قلب آهه ابليسي نظر

شاعر هندي جو آ ياور خدا

لذات گفتار کان نا آشنا

ٿو سيکاري عشق کي رامشگري

ڏي خليلن کي ٿو ڪاري آذري

حرف چون چون ٿو رکي بي سوز و درد

درد وارن وٽ آ مردو ڪين مرد

او نوائي خوش نه ڄاڻي جا مقام

آهه بهتر ننڊ ۾ انجو ڪلام

فطرت شاعر سراپا جستجو

خالق و پروردگار آرزو

سينھء ملت ۾ شاعر آهه دل

ان سوا ملت جئن انبار گل

سوز مستي کان جهان آ پائبند

شاعري بي سوز و مستي، دردمد

شعر جو مقصد آ گر آدمگري

شاعري آ وارث پيغمبري

عرض ڪيم پيغمبري جو ڪجهه ٻڌاءِ

مرد محرم کي حقيقت هي سڻاءِ

”قوم ملت“ چئين سندس آيات مان

عصر پنهنجا انجي مخلوقات مان

سر ۽ پٿر ان کان ٻولي ٿو پيو

سڀ اسان حاصل ۽ هو کيتي ٿيو

پاڪ ٺاهي ٿو هڏي ۽ ريشه کي

بال جبريلي ڏئي انديشه کي

هاءِ ۽ هو آهه اندر ڪائنات

انجي منهن مان نجم، نورو نازعات

سج انجي کي ڇهي ٿو ڪٿ زوال

انجي منڪر کي نه ٿي حاصل ڪمال

فيض حق صحبت سندس احرار جي

قهر يزدان ضرب آ ڪرار جي

گرچه آهين عقل ڪل ان کان نه ڀڄ

جسم جان جي لاءِ آهي پوش ڪڇ

تيز هل اڳيان آهه راهه يرغميد

تان ٿئي اسرار حق توتي پديد

ڏس لکيل سنگ قمر جي ڀت مٿان

چار طاسين نبوت جو جهان

شوق پنهنجي راهه ڄاڻي بي دليل

شوق آ پرواز بال جبرئيل

شوق سان دوري به آهي چند گام

هن مسافر لاءِ رنج آهي مقام

ٿي ويس تيزي سان طرف يرغميد

تان سندس پريان بلندي ٿي پديد

ڇا ٻڌايان شان وارو او مقام

ست تارا طوف ۾ انجي مدام

فرش وارا نور ان کان مستينر

عرش وارن ليء سندس مٽي بصير

حق ڏنم دل، اک ۽ گفتار کي

جستجوئي عالم اسرار کي

ٿو ڪريان مان فاش هي اسرار ڪل

سامهون آ، هو طواسين(1) ”رسل“

 

طاسين گوتم

عشوه فروش رقاصه جي توبهه ڪرڻ

گوتم

ديرينه مي جو جام، معشوق جوان ڪجهه بي نه آ

صاحب نظر جي سامهون، حور جنان ڪجهه بي نه

جنهن آ سڃاتو محڪم و پابنده، او گذري ويو

صحرا، جبل، ۽ بحر و بر، انجو ڪران ڪجهه بي نه آ

هي مغربي عقل و فهم، هي فلسفو مشرق نزاد

آهي بتن جو گهر سڄو، طوف بتان ڪجهه بي نه آ

مردانه ٿي انديش گر، ڪر باديه کان تون گذر

ڏس پاڻ کي باقي وجود دو جهان ڪجهه بي نه آ

مون نوڪ مزگان سان طريقي ڪار جو پيدا ڪيو

ات قافلو منزل سندس، ريگ روان ڪجهه بي نه آ

....                     ....

وڃ  غيب کان گذري اهو وهم گمان ڪجهه بي نه آ

هي هت هئڻ ان کان ڇٽڻ، اندر جهان ڪا چيز آ

بخشي خدا جنت اگر، توکي اها ڪجهه بي نه آ

گهرجي عمل جي ٿي جزا، پوءِ ئي جنان ڪا چيز آ

ٿو جان جي راحت گهرين، هي راحت جان ڪجهه نه آ

غم همنفس جو ۽ اها اشڪ روان ڪا چيز آ

هي ڳل حسين ٿي دم گهڙي، آهن ڪڏهن ناهن ڪڏهن

ڪردار جي خوبي، خيال خوش ڪنان ڪا چيز آ

 


 

رقاصـﮧ

 

ڪشمڪش جي تنگ و دو کان، دور رک دل بيقرار

بيچ ڏيئي ڪر زياده، پنهنجا گيسو تابدار

پنهنجي سيني ۾ اٿم، برق تجلي جنهن سان مون

چنڊ ۽ سج کي ڏنو تلخي ڀريو آ انتظار

بت گري ذوق حضور کان جهان کي آ ملي

عشق جي دوکي ۾ قابو آ دل اميد وار

ڏي فراغ دل ته نفعو ڪو وري تازو چوان

جاءِ تي پنهنجي پکي، موٽي وڃي جئن مرغزار

تون ڏني طبع بلند آ، بند مان آزاد ڪر

تان تنهنجي کي سڻي گهوريان، لباس شهريار

جي لڳو پٿر تي تيشو، انجي ڪهڙي گفتگو

عشق بازو تي کڻي ٿو، هي سڀيئي ڪوهسار

 


 

ساطين زردشت

اهرمن زردشت جي آزمايش ٿو ڪري

اهرمن

توکان مخلوقات منهنجي بيقرار

توکان گرمي سان ڀريل منهنجي بهار

تو زبون مونکي جهان ۾ آ ڪيو

منهنجي رت کان نقش پنهنجي کي رڱيو

جلوهء سينا کان تنهنجي روشني

آيد بيضا کان منهنجي جان ڪني


 


  محرمانه- واقفيت وارو

لب- ڪنارو

مقام- جاءِ

فردا ۽ دوش- سڀاڻي ۽ پرينهن

حرب و ضرب- مارا ماري

قنديل شب- رات جو فانوس (چنڊ)

  خافطين ويلدرم- چنڊ ۾ ٻرندڙ جبل

دودمان- خاندان

ديدني- ڏسڻ جهڙو

صوت- آواز

(1) هندو علم الاصنام (ديو مالا) ۾ وشوامتر جو نالو گهڻو مشهور آهي. علامه اقبال وشوامتر جو ترجمو فارسيءَ ۾ ”جهان دوست“ ٿو ڪري. وشوامتر اصل ۾ هڪ کتري راجا هو. سندس گادي جو هنڌ قنوج هو. جئن ته هو وڏو علم دوست هو، ان ڪري وڏن وڏن پنڊتن کان علم پڙهيائين. علم مناظره ۾ ايڏو ته ڪمال حاصل هوس جو ان وقت جي وڏي عالم ويشسٽ (جنهن يوگ فلسفه تي هڪ ڪتاب لکيو آهي) سان مناظرو ڪيو هو. اگرچه هو کتري هو، پر پنهنجي تپشيا (رياضت) سان برهمڻ جو درجو حاصل ڪيو هئائين.

رامائڻ تلسيداس جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته هو راجا رامچند جو استاد هو. هن پنهنجي علم ۽ رياضت جي سبب راج رشي ۽ برهم رشي جا خطاب حاصل ڪيا هئا. آهستي آهستي سندس مقام ايڏو ته بلند ٿي ويو جو ديوتائن جي سردار راجا اندر کي خوف ٿيو ته کانئس به نه وڌي وڃي، انڪري هن عالم بالا جي ٻن حسين ديوين، مينيڪا ديوي ۽ رمڀا ديوي کي موڪليو، ته کيس پنهنجي دام ۾ ڦاسائي صحيح راهه کان ڀٽڪائين. مينيڪا پنهنجي فريب ۾ ڪامياب ٿي،  ۽ شڪنتلا جي پيدايش ٿي، جا راجا دشنيت جي محبوبه بڻي ۽ ڪاليداس ”شڪنتلا“ جو ناٽڪ لکيو. وشوامتر شاعر به هو.

ڪمين- لڪڻ جي جاءِ

  هند زاد- هندستان جو ڄايل

زناربند- جڻيو پيل

سواد- نظارو

طوف- چوڌاري ڦرڻ

نهان- لڪل

  سنگ فسن- روهي

برات- ڇوٽڪارو، نجات

قشمرود- فلڪ قمر جي جبلن مان هڪ جبل

زهره- بابل جي قديم تاريخ ۾ انهيءَ نالي سان هڪ حسين عورت هئي، جنهن جي محبت ۾ ٻه ملائڪ هاروت ۽ ماروت ڦاسي پيا هئا. جن کي بابل جي کوهه ۾ قيد ڪيو ويو.

ورسئين- پشيمان ٿئين

 خاور- اوڀر

زاد گردره- واٽ جو سامان يا توشو

(1)  موت ڏانهن اشارو آهي.

(2) خدا جي پاڪ ذات هميشه زنده آهي. موت کان بي نياز آهي.

درگذشت- معاف ڪرڻ

نهاد- طبيعت

پلنگ- چيتو

 

  ناصواب- برو ڪم

تيره بخت- بدقسمت

  ”سروش“ آڳاٽو پهلوي زبان جو لفظ آهي، ۽ زردشتي مذهب ۾ هن، اصطلاح جي معنى آهي- اهو بلند مرتبه فرشتو جو ”يزدان“ جي طرفان، ٻانهن وٽ پيغام آڻي ٿو. يوناني زبان ۾ هن کي لاگاس (Logos) سڏين ٿا. مسلمانن هن جو نالو ”عقل اول“ رکيو آهي. اسلامي فلسفين جي نظر ۾ هو مخلوق آهي، پر اهو مخلوق جو نهايت قديم آهي. اهو ”عقل اول“ خالق ۽ مخلوقات جي وچ ۾ هڪ واسطو آهي. هي اهو واسطو آهي، جنهن سان خالق هيءَ دنيا پيدا ڪئي.

زخمه- اها شي جنهن سان ساز جي تار کي ڌڪ هڻي وڄائجي.

سراب- رڃ

(1)  رازي- امام فخرالدين ابو عبدالله محمد بن عمر بن حسين الرازي، جو سنه 543 هجري ۾ ري جي شهر ۾ پيدا ٿيو. هي اهو زمانو هو، جڏهن اسلام جي ٻن فرقن معتزله ۽ اشاعره ۾ وڏا بحث هلي رهيا هئا. امام صاحب اشاعره جو مددگار بڻيو، ۽ منطق، فلسفي ۽ علم ڪلام جو وڏو درجو حاصل ڪيائين. سندس ٻه تصنيفون ”شرح اشارات“ ۽ ”مباحث مشرقيه“ مشهور آهن. سڀني تصنيفات ۾، سندس تفسير وڏي اهميت ٿو رکي.

بوگلاب اندر- تلميح مشهور صوفي غزل ڏانهن

            ”او درمن و من در او، چون بوبگلاب اندر“

  يرغميد- فلڪ قمر ۾ هڪ خيالي وادي

خاشاڪ- ڪک پن

سلسبيل- نهرون، وهندڙ پاڻي

رامشگري- ڳائڻ وڄائڻ

  نجم نور ۽ نازعات- قرآن پاڪ جون سورتون

سنگ قمر- اڇو پٿر

فاش- ظاهر

مستنير- نوراني

رسل- رسول جو جمع

(1)  طاسين- (طواسين جمع) علامه اقبال يرغميد کي طواسين جي وادي به ٿو سڏي. منصور حلاج (جنهن جو احوال پوءِ ايندو) جي هڪ ڪتاب جو نالو ”طواسين“ آهي، جو سوره نمل جي مقطعات ”طس“ کان ورتل آهي. جئن چيو وڃي ٿو ته مقطعات، قرآن جي اسرار مان آهن. ڪن عارفن ’طس‘ مان مراد طور سينا ورتو آهي، جتي رب تعالى جي تجلي نازل ٿي هئي، انڪري ”طس“ اشارو آهي. رب جي تجلي ڏانهن.

  گوتم ٻڌ- ٻڌ ڌرم جو باني گوتم، عيسوي سن کان ڇهه صديون اڳ هماليه جبل جي دامن ۾ ڪپل وستو جي راجا سڌوڌن جي گهر پيدا ٿيو. سندس نالو سڌارٿ رکيو ويو. هو رقيق دل جو مالڪ هو، ننڍيئي دنيا جي عيش عشرت کان بيزار ٿي پيو ۽ هر وقت غور ۽ فڪر ۾ ٿي رهيو. اگرچ سندس شادي هڪ حسين شهزادي يشودرا سان ٿي، پر اها به سندس وندر جو سامان نه بڻجي سگهي. هڪ پٽ به ڄايس، پر آخر سڀ ڪجهه ترڪ ڪري، 28 ورهين جي عمر ۾، هڪ رات محلات ڇڏي ٻاهر نڪري پيو. پهريائين راجڳڙهه ۾ برهمڻن جي صحبت ۾ رهيو، پر اتي مجاهدن جي هوندي به دل جو اطمينان حاصل ٿي نه سگهيس. آخر اتان گيا جي طرف روانو ٿيو، جتي لاڳيتي تپشيا ڪندو رهيو. آخر هڪ ڏينهن بڙ جي وڻ هيٺان جئن رياضت ۾ ويٺو هو، ته کيس حضور قلب حاصل ٿيو. هن پنهنجي نئي ڌرم جو پرچار شروع ڪيو، جنهن جو نالو ”ٻڌ“ رکيائين. سنه 477ق-م ۾ دنيا کان گذاري ويو. گوتم جي ٻڌ ڌرم جو وڏو اصول آهي- انساني اخلاق ۽ همدردي، ۽ ان کانپوءِ ڇوٽڪارو يا نجات حاصل ڪرڻ. علامه اقبال هت سندس ”اخلاقي تعليم“ کي پيش نظر رکيو آهي.

انديش گر- فڪر وارو

باديه- رڻ پٽ

  همنفس- ساڳي خيال وارو محرم راز

  ”رقاصه“ کان علامه اقبال جي مراد آهي، دنيا جو عيش ۽ جسماني لذتون. جئن ته ٻڌ ڌرم ترڪ دنيا جي تعليم ڏئي ٿو، هن غزل ۾ ڏيکاريو ويو آهي، ته ڪهڙي ريت گوتم ٻڌ جي تعليم کان متاثر ٿي، يا سندس وعظ کي ٻڌي، رقاصه (انسان جو نفس اماره) پنهنجي بد اعمال کان توبهه ٿي ڪري.

  زردشت، آتش پرستن (مجوسين) جو رهنما، فردوسي جي قول مطابق، ايران جي مشهور بادشاهه گشتاسب جي دور ۾ پنهنجي نئين مذهب جو بنياد رکيو. هن باهه کي نور جو مظهر قرار ڏئي، انجي عبادت کي فرض ٺهرايو. ان کانسواءِ هن نيڪيءَ ۽ بديءَ جو جدا جدا خدا قرار ڏنو آهي. زردشت جا پوڄاري خير جي خالق کي ”اهور امزد“ ۽ بدي جي خالق کي ”انگرامين يو“ سڏين ٿا. جن کي هاڻي يزدان ۽ اهرمن سڏجي ٿو. هن ٻن خدائن جي تصور زردشتين کي بت پرستي ۾ مبتلا ڪيو آهي.

   يدبيضا- حضرت موسى عليھ السلام جي هٿ ۾ رکيل روشني جي معجزي ڏانهن اشارو

ڪرٽ اشارو آهي حضرت ذڪريا جي موت جي واقعي ڏانهن.

ڪينئان، اشارو آهي حضرت ايوب جي بيماري جي واقعي ڏانهن.

صليب اشارو آهي، حضرت عيسى جي موت جي واقعي ڏانهن.

صحبت گزين- صحبت ڪندڙ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org