سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: جاويد نامه

صفحو :3

 

مناجات

 

آدمي ست رنگ دنيا ۾ سدا

 

چنگ وانگر ٿو رهي گرم نوا

آ طلب ۾ همنفس جي بيقرا

 

ٿي سيکاري کيس جا دانهون هزار

پر جهان هي جو سڄو ئي آب و گل

 

ڪئن چئي سگهجي ٿو واقف ڪار دل

بحر و بر، جبل ۽ ٽڪر گنگو ۽ چپ

 

آسمان، سج ۽ قمر گنگو ۽ چپ

گرچ اُڀ تي آهه تارن جو هجوم

 

پر گذارن دور هڪ ٻي کان نجوم

هو به آهن جئن اسين بيچاره سڀ

 

اُڀ جي نيراڻ ۾ آواره سڀ

قافلو جنهن جو سفر بي برگ و ساز

 

آ ڪشادو آسمان، راتيون دراز

هي جهان صيد ۽ اسين صياد سڀ

 

ياد گذريل جا اسير ياد سڀ

مان رنس پر ڪير ٿو ان کي ٻڌي

همـنفس [1] فرزند آدم کي ڪٿي

مون ڏٺو روز جهان چارسو

 

جنهن جي تنويرن کان چمڪي ڪاخ وڪو

انجو سياري جي گردشن کان وجود

 

پاڻ ڪجهه به ڪين آ، پر رفت و بود

اي خوشا او ڏانهن جو ايام کان

 

بي تعلق آهه صبح و شام کان

روح کي ان کان ملي جي روشني

 

رنگ جان آواز بڻجي ديدني

غيب انجي تاب کان بڻجي حضور

 

جنهن جي نوبت لايزال ۽ بي مرور

اي خدا ڪنهن ڏينهن ڪر، او ڏينهن قريب

وٺ مون کان بي  سوز هي ڏينهن بي نصيب

آيهء ê تسخير ڪنهن جو شان آهه؟

 

ڪنهن تي نيرو آسمان حيران آهه؟

علم الاسماءِ جو دانا ڪير آهه؟

 

مست ساقي، جام، صهبا ڪير آهه؟

هن جهان ۾ اشرف عالم آ ڪير؟

 

راز مخفيءَ جو بڻيو محرم آ ڪير؟

تير تنهنجي، منهنجي سيني کي چٽيو

 

حرف اَدعوني کي ڪنهن ڪنهن لي چيو

رخ سندءُ ايمان ۽ قرآن آهه

 

تنهنجي جلوي کان پري ڇو جان آهه

جي گهٽ پکڙجي سؤ شعاع آفتاب

گهٽ نه ٿي، ان سان متاع آفتاب

عصر حاضر جو آهي شڪار

 

آ ڪٿي منهنجي او جان بيقرار

صديون ٿو پاڻ کي ڳولهي وجود

 

تان ڪري بيتاب جان، حاصل نمود

سچ ته هي آهي ته زمين شوره راز

 

آرزو جو تخم جت ناسازگار

آهه لاحاصل مٽي ۽ هي پراڻ

 

ان مان دل پيدا ٿئي گهٽ ڪين ڄاڻ

چنڊ آهين اچ شبستان ۾ سندم

 

منهنجي بي نوري جو ٿئي جئن دور غم

باهه ڇو ڪک کان ڪري پرهيز ٿي

 

وڄ ڪرڻ کان ڇو ڪري پهلو تهي

ٿو جيان پر ٿو جيان اندر فراق

ڪاش ٿي هن نيري ڇت ڏي اتفاق

بند در آهي انهيءَ کي باز ڪر

 

قدسين سان خاڪ کي همراز ڪر

آگ سيني ۾ اچي منهنجي جڳاءِ

 

عود کي باقي رکي، ڪاٺيون جلاءِ

باهه تي رک پوءِ منهنجي عود کي

 

عام ڪر دنيا ۾ اُنجي دود کي

باهه ۾ پڄرڻ جو سامان تيز ڪر

 

هان تغافل سان نگهه آميز ڪر

توکي ڳولهيان پر اکين کان آنهه دور

 

مان جڏو هان، تون وسين اندر حضور

کول اچ هن پرده اسرار کي

 

يا ته وٺ هن جان بي ديدار کي

فڪر جو وڻ منهنجو آهي بي ثمر

 

يا ڪهاڙي آڻ يا باد سحر

عقل بخشش ٿيو، جنون پڻ بخش ڪر

 

جذب اندر جي ٿئي حاصل نظر

علم کي افڪار  کان آهي مقام

 

عشق جو گهر آهه قلب لاينام

علم آهي عشق کان ئي ڪامياب

 

فڪر ان ري آ تماشو ۽ حجاب

هي تماشو آهه سحر سامري

 

علم بي روح القدس افسو نگري

ري تجلي مرد دانا ڇا ڪري

 

فڪر پنهنجي جي ڌڪن کان ئي مري

ري تجلي زندگي مجبوري آهه

 

عقل مجبوري ۽ دين مهجوري آهه

هي جهان، ميدان، ٽڪر ۽ بحر وير

 

مان ”نظر“ چاهيان، ٻڌائن هو ”خبر“

بخش منزل هن دل آواره کي

 

چنڊ سان رک هن وري مھ پاره کي

منهنجي مٽي کان نه پورو ٿي ڪلام

 

حرف مهجوري نه ٿي هرگز تمام

زير گردون پاڻ کي ڀانيان غريب

 

آسمان کان چؤ کڻي اِني قريب

تان ٿين هن چنڊ ۽ سج جان غروب

 

شرق و غرب ۽ هي شمال ۽ هو جنوب

هن طلسم دوش فردا کان ڇٽان

 

چنڊ، سج، ڪتي کان اڳتي ٿي وڃان

تون سدا روشن اسين آهيون شرار

 

هڪ ٻه ٽي دم سي به فاني مستعار

هن حيات ۽ موت کي ڄاتو ڪٿي؟

 

ريس خالق سان ڪري ٻانهو ڪٿي؟

بندهء آفاق هي آ ناصبور

 

نا وڻي ٿو غيب هن کي نا ظهور

ڪجهه نه آهيان جاوداني  ڪر مونکي

 

مان زميني، آسماني ڪر مونکي

ضبط ڏي گفتار ۽ ڪردار ۾

 

راهه پيدا ڪر سندم رفتار ۾

جو چيم ان جو جهان آهي ٻيو

 

هن لکڻ جو آسمان آهي ٻيو

بحر آهيان جوش منهنجو گهٽ نه ٿي

 

جو اچي ڪن ۾ سندم آهي ڪٿي

حرف جوانن تي سندم آسان ڪرين

تار کي تن لاءِ تانگهي جان ڪرين

 


 

تمهيد آسماني

پيدايش جو پهريون ڏينهن

آسمان زمين کي طعنو ٿو هڻي

 

زندگي آ لذت غيب و حضور

 

نقش جنهن جو آ جهان ويجهو ۽ ڏور

ٿي نفس جي تاران کان ائين ٽٽي

 

وقت انجو رنگ حيرت سان ڏسي

آهه هرجا ذوق و شوق خوگري

 

نعرو آ، ”من ديگرم تو ديگري“

چنڊ تارن کي ٽلڻ بخشش مليو

 

سؤ ڏين سان هي جهان روشن ٿيو

آسمان نيري مٿان هنيو آفتاب

 

سون جو تنبو ۽ چانديءَ جو طناب

صبح پهريائين افق تان سر کنيو

 

عالم نوزاده کي ڀاڪر کنيو

ملڪ آدم جو رڳو هو خاڪدان

 

انجو ميدان هو، اڃا بي ڪاروان

هو پهاڙن ۾ نه نهرن جو گذر

 

رڻ پٽن ۾ هئي نه بارش ۽ ڪڪر

هو وڻن ۾ ڪين پکي جو سرود

 

مرغزارن ۾ نه هرڻن جو وجود

بي تجلي هو سمورو بحر و بر

 

ور وڪڙ دونهين جيان بيجان اثر

سبزي کان هئي دور باد فرودين

 

هو اڃان آرام ۾ نه زير زمين

اُڀ نيري هئن زمين تي طعن ڪي

 

تو جيان قسمت نه مون ڪنهنجي ڏٺي

منهنجي اندر تو جيان انڌو نه ٻيو

 

منهنجو ئي قنديل توليءَ نور ٿيو

خاڪ جي الوند ٿي، ري خاڪ ناهه

 

دائما روشن جئن افلاڪ، ناهه

يا ته جيءُ ۽ ڌار ساز دلبري

 

يا مري ڇڏ، ننگ و عار ڪمتري

اُڀ جي طعني زمين ڪئي شرمسار

 

نااميد ۽ دل گران ۽ بيقرار

پنهنجي بي نوري کان خالق وٽ رني

تان ندا ان طرف کان گردون ڏني

تون اَمانت پنهنجي کان اي بي خبر

 

غم نه ڪر، اندر ۾ وجهه پنهنجي نظر

ڏينهن روشن ٿو ڪري شور حيات

 

ڪينڪي هي نور، جو آ هر جهات

سج کان نور صبح آ داغدار

 

”نورجان“ کان دور گردن روزگار

”نورجان“ بي جاده آ، اندر سفر

 

چنڊ، سج جي نور کان سيار تر

تو مٽايو پنهنجو ڇو نقش اميد

 

”نورجان“ آ خاڪ کان تنهنجي پديد

عقل آدم جو جهان تي حمله ور

 

عشق ان جو لامڪان تي حمله ور

رهنما آ فڪر ان جو بي دليل

 

ان جي اک بيدار رشڪ جبرئيل

خاڪ هي پرواز ۾ جئن آ ملڪ

 

واٽ ۾ ان جي سراسري آهي فلڪ

ٿو چڀين اندر وجود آسمان

 

جئن سئي ريشم جي ڪپڙي ۾ نهان

جي ڪري ڌوئي صفا پنهنجو وجود

 

بي نگهه انجو جهان، انڌو ڪبود

گرچه بي تسبيح ۽ خونريز آ

 

هن جهان جي لاءِ پر مهميز آ

انجي اک روشن بڻائي ڪائنات

 

تان ڏسي ٿو ذات کي اندر صفات

جو ٿيو عاشق جمال ذات جو

آهه سيد جمله موجودات جو

 

 

 

 

نغمهء ملايڪ

مٽيءَ جي مٺ ملايڪ کان وڃي افزون ٿئي هڪ ڏينهن

زمين تقدير کان پنهنجي، وڏي گردون ٿئي هڪ ڏينهن

حوادث کان خيال اُنجو، سدائي پرورش پائي

ڪنن مان اڀ جي نڪري، امٽ بيچون ٿئي هڪ ڏينهن

وڃي آدم جي معنى ڏس نه پڇ ان جي حقيقت کي

طبيعت ۾ جکي ٿي جا، اها موزون ٿئي هڪ ڏينهن

اهو پامال مضمون ايترو موزون ٿي ويندو

دل يزدان سندس تاثير کان پر خون ٿئي هڪ ڏينهن

 


 

تمهيد زميني

 

حضرت رومي جو روح ظاهر ٿئي ٿو

۽ معراج جي اسرار جي تشريح ٿو ڪري

عشق شور انگيز بي پروائي شهر

 

ناپسند ان کي لڳي غوغائي شهر

انجي خلوت آهه دشت وڪوهسار

 

يا ته دريا تي جتي موجون هزار

مان جو يارن ۾ ڏٺم نا غمگسار

 

دم گهڙي ويٺس وڃي دريا ڪنار

بحر ۽ سامهن غروب آفتاب

 

نيلگون پاڻي شفق کان لعل تاب

ٿو ڏئي ذوق نظر سج جو غروب

 

شام لئي رنگ سحر سج جو غروب

دل ۾ ڪيئي گفتگو ٿي سانڍيم

 

آرزو ۽ جستجو ٿي سانڍيم

آه! فاني، جاوداني کان پري

 

جيئرو هان زندگاني کان پري

تشنه آهيان دور چشمي جو ڪنار

 

هن غزل کي ات پڙهيم ٿي بار بار

 

غزل

(1)بکشائي لب که قند فراوانم آرزوست

(2)بنمائي رخ که باغ و بستانم آرزوست

يک دست جام باده و يک دست زلف يار

رقص چنين ميانهء ميدانم آرزوست

(3)گفتي زناز بيش مرنجان، مرا برو

آن گفتنت که بيش مرنجانم آرزوست

(4)اي عقل توز شوق پراگنده گوئي شو

اي عشق نکته هائي پريشانم آرزوست

(5)اين اب و نان چرخ چو سيل ست بيوفا

من ماهيم نهنگيم و عمانم آرزوست

(6)جانم ملول گشت نه فرعون و ظلم او

آن نور جبيب موسى عمرانم آرزوست

(7)دي شيخ با چراغ همي گشت گرد شهر

کزديو ود د ملولم و انسانم آرزوست

(8)زين مهربان سست عناصر دلم گرفت

شير خدا و رستم دستانم آرزوست

شير خدا و رستم دستانيم آرزوست

(9)گفتم که يافت مي نشود، جسته ايم ما

گفت آنکه يافت مي نشود آنم آرزوست

- رومي

موج ننڊ ۾ هئي مٿان سنجاب آب

 

ٿي اُفق تار ۽ لهي ويو آفتاب

انجي دولت مان ذرو چورايو شام

 

هو ستارو، جئن حسين بالائي بام

روح رومي(1) نڪتو پردي کي ڇڏي

 

پٺ کان ٽڪري جي ظاهر ٿيو مٿي

رخ سندس چمڪيو ٿي مثل آفتاب

 

اُن جي پيريءَ ۾ لڪل عهد شباب

جسم ۾ ان جي هو نور سرمدي

 

هو سراپا هو سرور سرمدي

منهن تي انجي سر پنهان وجود

 

حرف ۽ آواز جو جنهنکان نمود

حرف هر هڪ انجو آئيني مثال

 

سوز ’اندر‘ ساڻ انجي هر مقال

مان چيس ”موجود، ناموجود ڇا؟

 

معنيءَ محمود نامحمود ڇا؟“

”آهه جو موجود“ چيائين ”آنمود“

 

جنهن کان ظاهر آ تقاضائي وجود

زندگي معنى سينگارڻ پاڻ کي

 

هان شهادت لي سنوارڻ پاڻ کي

آ الستي، تن کان روشن انجمن

 

سي سدا پنهنجي شهادت ٿا مڱن

زنده آهين، يا مئل يا جان بلب

 

هي ٽئي شاهد، شهادت کي طلب

شاهد   اول اَٿي پنهنجو شعور

 

نور پنهنجي سان ڏسڻ ٻي جو ظهور

شاهد ثاني اهو آهي شعور

 

نور ٻي جي سان ڏسڻ پنهنجو حضور

شاهد ثالث، شعور ذات حق

 

پنهنجو رهبر ٺاهه نور ذات حق

نور هن تي جو رهي ٿو استوار

 

حي و قائم ٿي خدا وانگر شمار

جاءِ تي پنهنجي رسڻ آ زندگي

 

ذات بي پرده ڏسڻ آ زندگي

مرد مومن کي نه اٽڪائي صفات

مصطفى راضي نه ٿيو الا بذات

آهه ڇا معراج دلبر جو ڏسڻ

 

امتحان محبوب جي سامهن ڏيڻ

شاهد عادل سندس تصديق ري

 

زندگي کي گل جيان ڏي رنگ هي

انجي حاضر ۾ ڪٿي ڪو استوار

 

جي رهي ڪو، آهه او ڪامل عيار

تاب هي هٿ مان نه ڇڏ دولت اَٿي

 

تاب پختو ڪر اها نعمت اَٿي

تاب پنهنجي کي وڌائڻ آ چڱو

 

پيش سج وي آزمائڻ آ چڱو

ٻيو رٿج، پيڪر  پراڻو هي اٿي

 

امتحان ڪر پنهنجو ۽ ’موجود‘ ٿي

هن طرح ”موجود“ ڏس ”محمود“ آهه

زندگي جي آگ نه ته هي دود آهه

پوءِ چيم حق جي اڳيان ڪئن ٿي وڃڻ

 

ڪوهه، خاڪ ۽ آب کان ڪئن ٿي وڃڻ

آمرو خالق، کان گهٽ آ امرو خلق

 

سڀ چٽيل آهيون اسان ۽ خسته خلق

هئن چيائين توکي جي سلطان ملي

 

ٿي سگهي ٿو آسمان تون ڀڃي

ترس ڏس، عريان ٿئي هيءَ ڪائنات

 

پنهنجي دامن کان ڇنڊي گرد جهات

انجي هستي ۾ نه وڌ آهي نه ڪاڻ

 

پاڻ ۾ ڏس ان کي، ان ۾ پاڻ ڄاڻ

نڪتهء الا بسلطان ياد ڪر

 

ورنه پنهنجو پاڻ تون برباد ڪر

ڄم جي رستي سان اي مرد عزيز

 

هن جهان ۾ تون آئين باصد تميز

تون اگر ٻاهر اچڻ ڄمندي سکين

 

بند کان خود کي ڇڏائي ٿو سگهين

پر نه آب و گل کان تنهنجو آهه ”ڄم“

 

نڪتو هي ڄاڻي ڪوئي صاحب فهم

هو سڄي مجبوري آ، هي اختيار

 

هو لڪل پردي ۾، هي آ آشڪار

هڪ رئڻ ۾ آهه ۽ ٻيو ٿو کلي

 

يعني هو ڳولي ٿو ۽ هي ٿو ملي

هو سڪون ۽ سير اندر ڪائنات

 

هي سراپا سير فارغ از جهات

رات ڏينهن محتاج هڪڙو بيقرار

 

ٻيو سدائي رات ڏينهن تي آ سوار

ٻار جو ڄم پيٽ جي آهي شڪست

 

مرد جو ڄم، ٿو جهان کي ڏي شڪست

هن ڄمن جو هڪ ثبوت آهي آذان

 

هو چپن مان ٿا ڏين، هي روح مان

جي ڄمي بيدار جان اندر بدن

ٿو پوي لرزي ۾ هي دير ڪهن

 

مون چيس ڇا آ ڄمڻ ڄاڻان نه ٿو

 

”زندگي جو شان“ چيائين هي سڄو

زندگي جا ڪرشما غيب و حضور

 

هڪ ثبات اندر، ٻيو اندر مرور

گاه جلوت ۾ ٿو ڳاري پاڻ کي

 

گاهه خلوت  ۾ ٿو ڏاري پاڻ کي

انجي جلوت ۾ وسي نور صفات

 

ان جي خلوت ۾ وسي ٿو نور ذات

عقل ان کي ني ٿو جلوت ڏي وٺي

 

عشق ان کي ني ٿو خلوت ڏي وٺي

عقل عالم تي هڻي ٿو پاڻ کي

 

هي طلسم آب و گل جو ٿو ڀڃي

واٽ جو هر ذرو انجو آ اديب

 

ٿي ٿئي وڄ ۽ ڪڪر ان جو خطيب

گرچ ذوق نگه کان بيگانه ناهه

 

پر منجهس او جرات رندانه ناهه

واٽ جي هو خوف کان انڌن مثال

 

ٿو چري آهسته ماڪوڙي جي چال

جيستائين رنگ و بو تي آهه مست

 

يار جي رستي تي گذري، سست و پست

ڪم سندس تدريج کان بڻجي نظام

 

سڌ نه آ، ڪئن ڪار ٿي انجي تمام

عشق ڄاڻي ڪين سال ۽ ماهه کي

 

دير، جلدي قرب، دوري راهه کي

عقل جبلن ۾ وجهي ٿو سؤ شگاف

 

يا ته تنجي گرد آ اندر طواف

ڪوه سامهن عشق جي آ ڪاهه جئن

 

دل سريع السير آهي ماهه جئن

عشق شبخون لامڪان تي ٿو هڻي

 

قبر نا معلوم ان کي ٿي وڻي

عشق جي قوت مٽي ۽ آب ناهه

 

انجي طاقت شدت اعصاب ناهه

عشق جو جي نان سان خيبر ڪشا

 

عشق کان ”شق القمر“ آ برملا

ضرب ريءَ نمرود جو ڪلمو ڀڳو

 

جنگ ري فرعون جو لشڪر ٻڏو

عشق اندر اک ۾ آ جئن نظر

 

گهر جي اندر، پڻ رکي ٻاهر اثر

عشق آهي رک پڻ شعلهء جلال

 

دين و دانش کان مٿي انجو ڪمال

عشق آ، سلطان برهان مبين

 

آ دو عالم عشق جي زيرنگين

لازمان ۽ دوش فردا آهه او

 

لامڪان ۽ زير بالا، آهه او

جئن خدا کان ٿي خودي طالب ٿئي

 

هي جهان مرڪب ۽ هو راڪب ٿئي

آ مقام دل انهيءَ کان آشڪار

 

هن جهنا جو جذب ان کان تار تار

عشق وارا پاڻ يزدان کي ڏين

 

عقل جي تاويل کي قربان ڪن

آنهن عاشق طرف ڇڏ اڳتي اڏام

 

پاڻ تي ڪر موت کي هردم حرام

لاش وانگر آهين در صندوق گور

 

آهه ناممڪن اٿين بي بانگ صور

آ ڳلي ۾ تنهنجي سؤ آواز خوش

 

روڄ جو توکي وڻي انداز خوش

چڙهه مڪان تي چڙهه زمان تي ٿي سوار

 

پيچ مان جڻئي جي ٿي آزاد ڪار

تيز تر ڪر، ڪن ۽ اکيون ٻئي

 

جو ڏسين ٿو سمجهه ان کي هوش ڏئي

وٺ اَچي مون کان نگاهه پرده سوز

 

جا نه اک ۾ ٿي اچي محفل فروز

آدمي ديده آهه باقي پوست آهه

ديد او گهرجي جا ديد دوست آهه

ڳار هي پنهنجو بدن اندر بصر

پوءِ نظر کڻ، پوءِ نظر کڻ، پوءِ نظر

-رومي

ٿو ڊڄين نو آسمان کان ڪين ڊڄ

 

وسعت ڪون و مڪان کان ڪين ڊڄ

کول اک ڏس هي زمان ۽ هي مڪان

 

هيءَ ٻئي هر حالت ۾ يڪسان جان

جي نظر جلوي کان آهي بي نصيب

 

اختلاف دوش و فردا ٿي قريب

تون مٽي ۾ داڻي وانگر گهٽ نظر

 

آسمان جي هن فضا کان بي خبر

ان ڪشادي جاءِ کي ڄاڻين نه ٿو

 

پنهنجي ٽارين کي مٿي آڻين نه ٿو

انجو جوهر آهه ڇا؟ ذوق نمو

آ مقام انجو اِهو، جوهر به او

تون چوين ٿو، محمل جان آهه تن

 

راز جان کي ڏس نه ڪر زيب بدن

ناهه محمل خود، اٿي احوال حال

 

آ فريب ان کي سڏڻ محمل مثال

آهه جان ڇا؟ سوز و جذب ۽ عيش و درد

 

آسمان تي قبضي جو آ ذوق گرد

آهه تن ڇا؟ رنگ وبو جي خور کڻ

 

هن مقام چار سو جي خور رکڻ

هي شعور آ، جو چوين ويجهو ۽ دور

 

آهه معراج انقلاب اندر شعور

انقلاب اندر شعور آ، جذب، شوق

 

هيٺ مٿ کان هي ڇڏائي جذب و ذوق

جان پنهنجي سان بدن همراز ناهه

مٺ مٽي جي مانع پرواز ناهه

 

 

 

 

 

 

 

ان روح جو زمان ۽ مڪان آهي

مسافر کي مٿاهين جهان جي سير لاءِ وٺي ٿو وڃي

 

گفتگو انجي ڪئي بيتاب جان

 

تن جو هر ذرو ٿيم سيماب جان

اوچتو ڇاٿو ڏسان، تا غروب و شرق

 

آسمان هو نور جي بادل ۾ غرق

ان ڪڪر مان ٿيو فرشتي جو ورود

 

ٻن منهن سان، باهه ۽ ان ساڻ دود

هڪ انداهو، ٻيو جئن روشن شهاب

 

هڪ هئي بيدار اک، ٻي نيم خواب

رنگ وارن جو سندس هو سرخ وزرد

 

سبز، ڪارو، صاف اڇو، لاجورد

ٿي خيال ان کي گهمڻ جو، جي پيو

 

ٿي زمين کان ڪهڪشان دم ۾ ويو

هر زمان ان کي هوا ٻي ٿي وڻي

 

پر کي کوليندي فضا ٻي ٿي وڻي

هن جهان ليءَ، چيائين قاهر آهيان

 

مان لڪل، ان سان ظاهر آهيان

منهنجي هٿ تدبير جي تقدير آهه

 

چپ ۽ ٻوليندڙ سندم نخچير آهه

شاخ تي مکڙي پوي مونکان ٽڙي

 

آشيان ۾ ٿو روئي مونکان پکي

داڻو ٿي پرواز کان منهنجي نهال

 

فيض منهنجي سان جدائي ٿي وصال

مان عتاب آڻيان ٿو، ان سان گڏ خطاب

 

مان بڻائي ٿو پياسو ڏيان شراب

مان حياتي، مان مماتي، مان نشور

 

مان حساب و دوزخ و فردوس حور

آدم و افرشته کي باندي رکان

 

منهنجو فرزند چار روزه هي جهان

شاخ مان جو گل چڻين مان آهيان

 

ماءُ هر شي جي پڇين مان آهيان

آ جهان منهنجي طلسم ۾ اسير

 

منهنجي دم کان هي جهان هر لحظ پير

لي مع الله، جنهنجي دل ۾ ٿو رهي

 

او جوان منهنجي طلسم کي ڀڃي

جي نه چاهين ٿو مونکي تون درميان

لي مع الله پڙهه وري دل جان سان

ڇا نگاهن ۾ هيس ڄاڻان نه ٿو

 

جنهن نگاهن هي جهان مون کان ڇنو

يا نگاهن ٻي ڪنهن عالم ۾ نيو

 

يادگرگون هي جهان بڻجي ويو

ڪائنات رنگ و بو ۾ مان مري

 

عالم خاموش ۾ ڄايس وري

هن پراڻي دير سان رشتو ٽٽو

 

هڪ جهان تازو وري ڄڻ هٿ لڳو

جسم تڪڙو ٿيو ۽ جان سيار تر

 

چشم و دل بڻجي وئي بيدار تر

نا رهيو پردو ڏٺم، سڀ بي حجاب

”نغمه انجم“ پيو ڪن تي شتاب

 

نغمهء انجم

عقل آ حاصل حيات ۽ عشق سر ڪائنات

اي مٽي جا بت ڀلي آئين ڇڏي طرف ۽ جهات

چنڊ، زهرو، مشتري، توکان هي هڪ ٻي جا رقيب

ڪشمڪش تنجي تجلي ۾ آ توکان ڏينهن رات

واٽ ۾ محبوب جي، جلوا هزارين نوبنو

شوق جو صاحب نه پر، دل ۾ رکي ٿو ڪليات

زندگي صدق و صفا، نشوونما آ زندگي

آ ابد کان تا ازل، ملڪ خدا آ زندگي

 

ڇڏ غزل جي گفتگو کي، وٺ جهان هاءِ هو

محتسب  ۽ رند کي ڏي، مي جو ساغر ۽ سبو

شام، فارس، هند پنهنجي خو ڪئي آهي مٺاڻ

جي پيا ميٺاج ۾، ڏي تن کي گري آرزو

تان بلندي تي رسي ۽ معرڪو ڪن موج سان

تند رو سيلاب جي، لذت وٺن جئن آب جو

 

آگ آ مرد فقير ۽ قيصري، ميري آ خس

بادشاهي دٻدٻي ليءِ، حرف عريان آهه بس

 

دٻدٻو مرد قلندر جو ۽ فر اسڪندري

هڪ ڪليمي جذبو ۽ ٻيو آهه سحر سامري

هو نگاهن سان ڪهي ۽ هي سپاهين سان ڪهي

هو صلح ۽ آشتي، هي آهه جنگ داوري

ٿا گهرن ٻيئي دوام ۽ هي ٻئي عالم ڪشا

هڪ دليل قاهري ۽ ٻيو دليل دلبري

هٿ ڪري ضرب قلندر، ٽوڙ سد سڪندري

ڪ نئين رسم ڪليمي، ڀڃ رنگ سامري



 


[1]  همنفس- همراز، همدم

بي برگ و ساز- بنا ڪنهن سامان جي

صيد- شڪار

سيار- گهمندڙ ستارو

رفقت و بود- هئو ۽ گذريو

ديدني- ڏسڻ جهڙو

لايزال- جو فنا نه ٿئي

بي مرور- ڦير گهير کانسواءِ

 

ê  آيهء تسخير- قرآن جو ارشاد آهي ته هر شي انسان لاءِ پيدا ڪئي وئي آهي

علم الاسماءِ- نالن جي ڄاڻ (سائنس)

ادعوني- مان کان گهرو (ته مان اوهان کي ڏيان)

شبستان- اونداهو ڪمرو

تغافل- بي پرواهه

  افڪار- فڪر جو جمع

روح القدس- پاڪ روح

عود- خوشبودار ڪاٺي

برگ و ثمر- ميوو

لاينام- جنهن کي ننڊ نه اچي

افسو نگري- جادوگري

اني قريب- مان اوهان کي ويجهو آهيان

شمال- اتر

شرار- چڻنگ

 جاوداني- هميشه رهندڙ

دوش فردا- اڄ سڀاڻي

جنوب- ڏکڻ

مستعار- ٿوري وقت لاءِ

ڪن- پاڻيءَ جو چڪر

 

  ذوق شوق خوگري- پاڻ کي مٿي سمجهڻ

خاڪدان- مٽيءَ جو گهر يعني هيءُ جهان

طناب- نوڙيون يا رسيون

باد فروردين- بهار جي هوا

طعن ڪرڻ- ملامت ڏيڻ، طعنو ۽ مهڻو ڏيڻ

قنديل- فانوس

  الوند- همدان جي قريب هڪ وڏو پهاڙ آهي

گرد روزگار- وقت جو غبار ۽ مٽي

سيارتر- گهڻو سير ڪندڙ

جهات- طرف

ڪبود- اونداهون

(1)  چپن کي کول جو زياده کنڊ جي ضرورت آهي. چهري کي ڏيکار جو باغ ۽ گلستان جي آرزو آهي.

(2)  هڪ هٿ ۾ شراب جو پيالو ۽ ٻئي هٿ ۾ دوست جا زلف، اهڙي ميدان جي وچ ۾ مونکي رقص ڪرڻ جي آرزو آهي.

(3)  گهڻي ناز سان چيائين ته مون کي رنج نه ڏي ۽ وڃ. انهيءَ تنهنجي چوڻ جي ته وڌيڪ مون کي رنج نه ڏي، ٻڌڻ جي آرزو آهي.

(4)  اي عقل تون شوق کان ڀلي ته خوار ٿي. اي عشق مونکي تنهنجي پريشان ڪندڙ نڪتن جي آرزو آهي.

(5) اي آسماني پاڻي ۽ ماني، سيلاب وانگر بيوفا آهي، مان مڇي آهيان، واڳون آهيان ۽ سمنڊ جي آرزو  آهي .

 

(6) منهنجو روح فرعون ۽ ان جي  ظلم کان مايوس ٿي چڪو آهي. حضرت موسى بن عمران جي هٿ واري نور جي آرزو آهي.

 

(7) ڪالهه شيخ ڏيئي کي هٿ ۾ کڻي، سڄي شهر ۾ پئي ڦريو، ته هن ديو ۽ شيطان کان تنگ آهيان، مون کي انسان جي آرزو آهي

 

(8) هنن سست رفتار همراهن کان، دل بيزار ٿي وئي آهي. شير خدا ۽ رستم دستان جي مون کي آرزو آهي.

 

(9)  چيم ته لڀي نه ٿو سگهي، اسان ان کي ڳولهيو آهي. چيائين ته جو لڀي نه ٿو سگهي، ان جي آرزو آهي.

سنجاب- سنجاب نالي جانور جي کل مان ٺهيل بسترو

(1)  مولانا جلال الدين ”رومي“ ايشيا جو وڏي ۾ وڏو مفڪر شاعر، سنه 604 هجري مطابق 1207ع ۾ بلخ جي شهر ۾ تولد ٿيو. سندس والد بزرگوار جو اسم گرامي شيخ بهاؤالدين هو. خوارزمشاهه تڪش جي زماني ۾ علوم ديني جي تدريس ۾ مشغول ٿي رهيو. روايت آهي ته خوارزمشاهه جي حسد سبب، شيخ بهاؤالدين پنهنجي وطن مالوف کي ترڪ ڪيو. مولانا رومي جي عمر اُن وقت ڏهن سالن کان زياده نه هئي. هي مهاجر قافلو جڏهن نيشاپور ۾ پهتو، تڏهن شيخ بهاؤالدين جي ملاقات ان وقت جي نامور صوفي شاعر فريدالدين ”عطار“ سان ٿي. هو ننڍڙي جلال الدين کي ڏسي بيحد خوش ٿيو، کيس دعا ڪيائين، ۽ پنهنجي تصنيف ”اسرار نامه“ کيس تحفي طور ڏنائين. حج ڪرڻ کانپوءِ شيخ بهاوالدين روم جي قونيه نالي شهر ۾ پهتو، جتي مستقل طرح سڪونت اختيار ڪيائين. مولانا رومي پنهنجي تعليم پنهنجي والد ۽ شيخ برهان الدين ترمذي جي نگرانيءَ ۾ پوري ڪئي. سنه 628ع ۾ پيءُ جي موت کانپوءِ، هو پاڻ استاد جي ڪرسيءَ تي ويٺو. شمس تبريزي جنهن جو  لقب پرنده هو، سنه 642 هجري ۾ قونيه ۾ آيو، ۽ مولانا رومي سان سندس گهرو ناتو ٿي ويو. رومي کيس پنهنجو مرشد ۽ پيشوا ڪري ورتو. مگر افسوس جو مرشد ۽ مريد جي صحبت گهڻو وقت نه رهي. مولانا رومي جي مريدن کي شمس تبريزي تي حسد پيدا ٿيو، ۽ ان مرد خدا کي شهيد ڪري وڌائون. مولانا رومي کي ان جو سخت صدمو پهتو. هن باقي عمر درس ۽ تدريس ۽ ياد الهى ۾ گذاري، سنه 672 هه ۾ وفات ڪئي. مولانا رومي جي تصنيفات ۾ ”ديوان شمش تبريزي“ ۽ ”مثنوي“ مشهور آهن. مثنوي کي دنيا جي عظيم تصنيفات ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو.

  شاهد- ڏسندڙ محبوب

ثالث- ٽيون

شعور- سمجهه

حيءُ- جيئرو رهندڙ

استوار- مضبوط

ڪامل عيار- پوري سمجهه وارو

تاب- چمڪ

  پيڪر- بت

 

الا بسلطان- تلميح آيت شريف يا معشرالجن... تا آخر

ڄم- ڄمڻ

دود- دونهون

جهات- طرف

ڄمڻ- ڄم جو جمع

  مرور- ڦرندڙ گهرندڙ، بي اعتبار

خلوت- لڪل

ثبات- وجود رکندڙ

جلوت- ظاهر

تدريج- درجي بدرجي

ڪاهه- ڪک پن

سريع السير- تيز رفتار

شبخون- رات جو اوچتو حملو

 

  شق القمر- حضور جي مشهور معجزي چنڊ جي چيرجي هيٺ لهڻ ڏانهن اشارو

برهان مبين- اهو دليل جو ظاهر ظهور ڏسجي

راڪب- سوار

تاويل- ڪلام جنهنجي معنى پنهنجي خواهش موجب ڪئي وڃي

اعصاب- پٺا  يا  مشڪون

بصر- اک

  ذوق نمو- پيدايش جو شوق

جوهر- اصل شي

محمل- اٺ جي مٿان ڍڪيل ڪجهارو

مانع- منع ڪندڙ، روڪيندڙ

گرد- چوڌاري

دود- دونهون

  دود- دونهون

شهاب- ڪرندڙ تارو

لاجورد- نيرو

نخچير- شڪار

نشور- قيامت جو ڏينهن

   لي مع الله- اشارو آهي مشهور حديث ڏانهن:

لي مع الله وقت لا يسعني فيھ ملک مقرب ولا نبي مرسل

ترجمو: منهنجو الله سان هڪ اهڙو وقت گذرندو آهي، جنهن ۾ نه ڪوئي مقرب فرشتو مون تائين اچي ٿو سگهي ۽ نه رسول.

ڪليات- دنيا جون ٻيون شيون

  محتسب- شريعت ۾ منع ٿيل شين جي مٿان چوڪسي رکندڙ

فر- دٻدٻو

ڪليمي- حضرت موسى عليـﮧ السلام جو درجو

سامري- حضرت موسى عليــﮧ  السلام جي زماني ۾ هڪ جادوگر جو نالو

سد- ڀت

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org