سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: جاويد نامه

صفحو :2

 

مناجات: جاويد نامه، ديباچي کانپوءِ مناجات سان شروع ٿئي ٿو. هن ۾ ڪو شڪ نه آهي ته مناجات پنهنجو مٽ پاڻ آهي. حياتي جي حقيقتن کي جنهن مفسرانه انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي، ان کي ڏسي هئن چئي سگهجي ٿو، ته هر مصرع مان ولايت جو نشان ظاهر آهي. ”شڪوه“ جي صاحب هتي به پنهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ، خدا جي دامن کي مضبوط ورتو آهي. مناجات جي ابتدا، هفت رنگ جهان ۾، هم نفس جي محرومي کان شروع ٿئي ٿي. سڀ کان اول شڪايت اها آهي. ان ڪري موجوده جهان شاعر کي پسند نه ٿو اچي. فرمائي ٿو:

آ طلب ۾ هنفس جي بيقرار

ٿي سيکاري کيس جا دانهون هزار

پر جهان هي جو سڄو ئي آب و گل

ڪئن چئي سگهجي ٿو واقف ڪار دل

هيءَ رات ڏينهن جي دنيا بار خاطر آهي، جنهن لاءِ علامه هڪ هنڌ فرمايو آهي.

اين چه حيرت خانهء امروز فردا ساختي

”هي ڪهڙو نه اڄ ۽ سڀان جو حيرت خانه ٺاهيو اٿيئي.“

مناجاتي التجا آهي ته هن چئن طرفن جي جهان جي بجاءِ، جنهن جو وجود، هڪ ٻي سياري جي وجود جو محتاج آهي، ان کي هو جهان عطا ڪر، جنهن ۾ فنا ۽ بقا جو ڪوبه اظهار نه هجي.

مون ڏٺو روز جهان چار سو

جنهن جي تنويرن کان چمڪي ڪاخ و ڪو

انجو سياري جي گردش کان وجود

پاڻ ڪجهه به ڪين آ، پر رفت و بود،

اي خوشا او ڏينهن جو ايام کان

بي تعلق آه صبح و شام کان

اي خدا ڪنهن ڏينهن ڪر او ڏينهن قريب

وٺ مون کان بي سوز هي ڏينهن بي نصيب

سڀ کان وڏي شڪوه هي آهي، ته جهن هستي جي شان ۾ تسخير جي آيت نازل ٿي، جنهن جي ديد جي لاءِ نيرو آسمان مستانه بڻيو، جنهن کي علم الاسماءِ جو رازدان بڻايو ويو، گويا سڄي عالم کان برگزيده ڪيو ويو، ان کان پنهنجي ذات کي حجاب ۾ رکيو ويو. تجلي ذات جي مشاهده جي عاشقانه بيتابي، هن کان زياده ٻي ٿي نه ٿي سگهي. فرمائي ٿو:

آيهء تسخير ڪنهن جو شان آهه؟

ڪنهن تي نيرو آسمان حيران آهه؟

علم الاسما جو دانا ڪير آهه؟

مست ساقي، جام، صهبا ڪير آهه؟

تير تنهنجي، منهنجي سيني کي چٽيو

حرف ادعوني کي ڪنهن، ڪنهن لي چيو

رخ سندءِ ايمان ۽ قرآن آهه؟

تنهنجي جلوي کان پري ڇو جان آهه

علم ۽ عقل جو نعمتون ته ڪافي عطا ٿيل آهن، پر هڪ ذات جي تجلي آهي، جنهن کان اسان کي دور رکيو ويو آهي. ان ڪري:

ري تجلي زندگي مجبوري آهه

عقل مجبوري ۽ دين مهجوري آهه

عقل، دين ۽ مشاهده جو ذڪر علامه بار بار هر جاءِ تي ڪيو آهي. هنن شين کان دور رهڻ سبب، هو دنيا جي هر چيز کان بيزاري ڏيکاري ايستائين چئي ڏي ٿو:

کول اچ هن پرده اسرار کي

يا ته وٺ هن جهان بي ديدار کي

فڪر جو وڻ منهنجو آهي بي ثمر

يا ڪهاڙي آڻ يا باد سحر

تمهيد آسماني: مناجات کانپوءِ تمهيد آسماني ۾، آسمان جي زبان کان زمين کي طعنو ڏنو ويو آهي.

اڀ نيري هئن زمين تي طعن ڪئي

توجيان قسمت نه مون ڪنهن جي ڏٺي

منهنجو اندر تو جيان انڌو نه ٻيو

منهنجي ئي قنديل توليء نور ٿيو

خاڪ جي الوند ٿي، ري خاڪ ناهه

دائما روشن جئن افلاڪ ناهه

زمين هي طعنو ٻڌي شرمندي ٿئي ٿي، ۽ پنهنجي محرومي جي شڪايت خالق سان ڪري ٿي. ان وقت کيس هي تسلي اچي ٿي:

تون امانت پنهنجي کان اي بي خبر

غم نه ڪر، اندر ۾ وجهه پنهنجي نظر

تو مٽايو پنهنجو ڇو نقش اميد

نور جان آ، خاڪ کان تنهنجي پديد

عقل آدم جو جهان تي حمله ور

عشق ان جو لامڪان تي حمله ور

تمهيد زميني: تمهيد آسماني کانپوءِ تمهيد زميني جو حصو بيحد اهم آهي. هتان ئي آسمانن جو سير شروع ٿئي ٿو. حقيقت ۾ تمهيد زميني پهريائين اچڻ گهرجي ها، ۽ تمهيد آسماني پوءِ. پر جئن ته هڪ زميني آسمان ڏانهن وڃي رهيو هو، ان ڪري پهريائين آسمان جو طعنو ڏنو ويو آهي، ۽ ان کانپوءِ زمين جي عظمت ڏيکاري وئي آهي. ڊانٽي جي خلاف علامه اقبال درياهه جي سير تي نڪري پوي ٿو، ۽ رومي جو روح، هڪ ٽڪري جي پٺ کان ظاهر ٿئي ٿو. شاعر ان کان موجود، ۽ ناموجود ۽ معراج جي حقيقت پڇي ٿو. رومي کيس فرمائي ٿو:

جاءِ تي پنهنجي رسڻ آ زندگي

ذات بي پرده ڏسڻ آ زندگي

مرد مومن کي نه اٽڪائي صفات

مصطفى راضي نه ٿيو الا بذات

نظم جي هن حصي ۾ شاعر زمان ۽ مڪان جي موجوده تخيل تي قرآن ۽ حديث جي روشني ۾  بحث ڪيو آهي، جو نهايت دل آويز آهي.

فلڪ قمر: فلڪ قمر سڀ کان پهريائين اچي ٿو. ان جي هڪ غار ۾ پهريائين هندستان جو هڪ قديم عارف کين ملي ٿو. رومي ان کي جهان دوست (وشوامتر) جي نالي سان سڏي ٿو. جهان دوست رومي کان سوال ڪري ٿو، ته عالم ڇا آهي؟ آدم ڇا آهي؟ ۽ حق ڇا آهي؟ رومي ٻن شعرن ۾ ان سڄي مسئلي جو حل ٻڌائي ڇڏي ٿو:

آدمي شمشير حق، شمشير زن

هي جهان شمشير ليءِ سنگ فسن

شرق حق سمجهو ۽ عالم نا ڏٺو

غرب عالم ڏي ڏٺو حق کان ڇٽو

جهان دوست  هنن حقيقتن کي قبول ڪري ٿو، ۽ مڃي ٿو ته مشرق اڄ ڏينهن تائين وجود ۽ عدم جي مسئلن ۾ ڦاٿو رهيو، پر هي ان جي مستقبل کان نااميد آهي. ٻڌائي ٿو ته ڪالهه قشمرود (فلڪ قمر جو هڪ جبل) جي چوٽين تي هڪ فرشتو آسمان کان نازل ٿيو. ان جي نگاهن مان ذوق ديدار ظاهر ٿي ڏٺو. سندس نگاهه فقط اسان جي زمين ڏانهن هئي. مان پڇيومانس ته هن خموش خاڪ ۾ توکي ڇا نظر اچي رهيو آهي. ڇا ڪنهن حسين جي جمال تي ته نظر نه پئي اٿيئي؟ هن جواب ڏنو ته:

آه خاور ۾ چيائين روشني

سج تازي جي وري اڀري ڪني

وٺ پڪڙ ۾ آهه انجو هر ڪنار

لرزي ۾ ان جا ڏسان ٿو ڪوهسار

عرض وارن ليءِ گهڙي او صبح عيد

ٿي ڪنهين ملت جي وا، چشم سعيد

هن منظر کانپوءِ  يرغميد جي وادي ۾ شاعر، ۽ ان جو رهنما داخل ٿئي ٿو. هن وادي جو نالو فرشتن جي زبان ۾، طواسين جي وادي آهي. طس، قرآن ڪريم جي هڪ سورت جو نالو آهي، ۽ حروف مقطعات ۾ داخل آهي. جئن ته هي ادب کان پري هو، ته پيغمبرن سان روبرو ملاقات ڪئي وڃي، ان ڪري شاعر کي ساڻن گفتگو ڪرڻ جي بجاءِ فلڪ قمر ۾ اهي پٽيون ڏيکاريون ويون آهن، جن جي ڪتبن ۾، هر هڪ جي تعليم جي وضاحت ڪيل آهي. طاسين چار آهن.

فلڪ عطارد: ان کانپوءِ شاعر ۽ سندس رهنما فلڪ عطارد ۾ پهچن ٿا. هتي جمال الدين افغاني ۽ سعيد حليم پاشا جي روحن سان ملاقات ڪن ٿا. افغانيءَ سان تعارف ڪرائيندي، رومي کيس ٻڌائي ٿو ته منهنجي رفيق جو نالو ”زنده رود“ (جيئري ندي) آهي. زنده رود کان افغاني اسلامي ملڪن جو احوال پڇي ٿو، ۽ هو کيس جواب ڏئي ٿو. افغاني پوءِ کيس دين ۽ وطن جو صحيح مفهوم ٻڌائي ٿو ۽ اشتراڪيت ۽ ملوڪيت جو پردو فاش ٿو ڪري:

زندگي هڪ آ خروج ۽ ٻي خراج

ٻن پڙن ۾ آهه آدم جئن زجاج

سعيد حليم ترڪن کي هئن ٿو پيغام ڏئي:

جي مسلمان جان توکي آ جان جگر

پاڻ کي ڏس رک قرآن تي نظر

انجي هر آيت ۾ آهن سؤ جهان

آ لڪل هر لفظ ۾ ان جي زمان

عصر حاضر ليءِ جهان هڪ آهه بس

وٺ اگر سيني ۾ ٿي دل نڪته رس

بندهء مومن آ، آيات خدا

هر جهان جي ٿي ٺهي ان تي قبا

هڪ جهان ان وٽ پراڻو جئن ٿئي

ٿو جهان قرآن ٻيو ان کي ڏئي.

زنده رود کي شڪايت آهي، ته قرآن ته موجود آهي، پر ڪوبه نه ٿو ڄاڻي ته قرآن جو جهان ڪٿي آهي؟ افغاني هن نڪتي کي حل ڪرڻ لاءِ محڪمات عالم قرآن کي بيان ڪري ٿو، جي آهن:

1- خلافت آدم.

2- حڪومت الهى.

3- زمين خدا جي ملڪيت آهي.

4- حڪمت خير ڪثير آهي.

هنن عنوانن هيٺ جو بحث آيو آهي، اهو ايڏو ته وسيع آهي، جو جيڪڏهن مفصل لکيو وڃي، ته هڪ وڏو ڪتاب مرتب ٿي وڃي. اڳتي هلي اشتراڪي نقط نگاهه کان، قرآن جون ڪي حقيقتون بيان ڪيون ويون آهن، جئن ته بادشاهن جي ملڪ ويراني، ربا جي منع، الارض الله ۽ لن تنالو اللبر جي تشريح فرمائي ٿو:

ڇاه قرآن؟ موت خواجي جو پيام

چمڪي ان کان بي سروسامان غلام

خير زردارن ۾ ڳولهج ڪين تو

لن تنالواللبر حتى تنفقو

فتني کي پيدا ڪري آخر وياج

قرض حسنى کي ٿو ڄاڻي ڪو مزاج

ٿي ربا کان جان ڪاري دل پهڻ

آدمي بڻجي وڃي ٿو ديو ڄڻ

وٺ زمين کان رزق پنهنجو آ روا

هي متاع بنده آ، ملڪ خدا

آهه مالڪ حق، ۽ مومن آ آمين

آهه مالڪ غير حق جيڪي ڏسين

پنهنجي کاڌي لاءِ هڪ آمائده

دوده آدم ڪنفس واحده

فلڪ زهره: شاعر جي جان پاڪ، طرف کان بي طرفي ڏانهن پرواز ڪندي وڃي ٿي. هڪ جهان مان گذري ٻي ۾، ٻي مان گذري ٽئين ۾ وڃي نڪري ٿو. سندس فطري بي تابي جي انتهائيءَ آهي:

ٿو ڪري پرواز اندر ملڪ نور

انجي چنبي کي وٺي جبريل وحور

آهه مازاغ البصر انجو نصيب

ٿي مقام عبده، جو هو رقيب

مقام عبده جي رقابت جو مسئلو هڪ نعتيه شعر ۾ ڪئن نه هڪ شاعر هئن حل ڪيو آهي:

موسى زهوش رفت، بيک جلوه صفات

تو عين ذات مي نگري در تسبي(1)

فلڪ زهري ۾، پهريائين قديم خدائن جي محفل جو منظر ٿو اچي. ڪي نالا حقيقت آهن ته ڪي شاعر جا پنهنجا ڏنل آهن. انهن مان هر ڪو، پنهنجي وري زنده ٿيڻ جي امڪان تي زور ڏئي رهيو آهي. هنن جي وضاحت آهي، ته هي دور وري بي خليل بڻجي ويو آهي، ۽ ڪوبه بت شڪن باقي نه رهيو آهي:

پنهنجي هستي جو وري آڻن دليل

آ مزاج دور حاضر بي خليل

بت بعل هڪ نغمه ڳائي ٿو، هي نغمو ابوجهل جي نوحه جو جواب سمجهڻ گهرجي. ڪعبي جي بتخانه کي حرم ۾ تبديل ٿيندو ڏسي، ابوجهل جي فرياد هئي ته:

آ محمد کان هي سينو داغ داغ

گل ويو ٿي ان کان ڪعبي جو چراغ

قيصر و ڪسرا ٿيا ان کان هلاڪ

نوجوانن کي ڇڪيو ان دست پاڪ

اسلام جي موجوده پستي کي ڏسي، ابوجهل ڪائنات کي اپيل ٿو ڪري، ته حضرت محمدﷺ کان هاڻي بدلو ورتو وڃي.

ان جو مذهب قاطع ملڪ و نسب

منڪر قرش آه ۽ فضل عرب

آ نظر ۾ انجي هڪ بالا و پست

ٿي غلامن سان سندس يڪجا نشست

قدر احرار عرب کان ٿي پري

اصل بد حبشي سان صحبت ٿو ڪري

بعل جو نغمو آهي، ته بت نه فقط بت پرست کي تسلي ٿو ڏئي، پر پنهنجي ساٿين کي خوشخبري به ٿو ڏئي ته هاڻي آدم وري بت پرستي جي طرف رجوع ٿي رهيو آهي. وقت آيو آهي، ته اٿو ۽ دنيا ۾ پنهنجا پرستار پيدا ڪيو. هن ماده پرستي کي زنده ڪرڻ لاءِ هو خصوصاً فرنگين جو شڪر گذار آهي:

هو فرنگي خوش رهي مشرق شناس

جنهن اسان کي قبر کان ٻاهر نيو

زياده عمدو موقعو هن ڪري به بڻيو آهي، ته ابراهيم جو قائم ڪيل اتفاق منتشر ٿي ويو آهي، ۽ آل ابراهيم خود بي ذوق آهي. ملڪ ۽ نسب جي نون نون نظرين، دين ۽ مذهب کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. اسلام  سڀ کان وڏو پهاڙ هو، جو اسان جي رستي ۾ روڪ هو، پر اڄ هزارين بولهب هن چراغ جي وسائڻ جي پوئتان آهن.

هن کانپوءِ مسافر، فرعون ۽ لارڊ ڪچنر جي روح کي ڏسن ٿا. ڪٿي؟ زهره جي هڪ درياهه جي تهه ۾، ڇاڪاڻ ته ٻنهي جو انجام، سمنڊ جي تهه ۾ ٿيو هو. سمنڊ جي اندر سندن مجلس جاري آهي. رومي اقبال کي چوي ٿو ته ”ڊڄ نه، مون کي هٿ هٿ ۾ ڏي. مان موسى وانگر دريا جي سيني کي چيرڻ ڄاڻان ٿو.“ ٻئي سمنڊ ۾ قدم رکن ٿا، ۽ سمنڊ پنهنجو سينو کولي ٿو ڏئي. هن حيرت انگيز منظر جي تصوير شاعر هئن ٿو ڪڍي:

پنهنجو سينو هن اسان ليءِ کوليو

ڄڻ هوا پاڻي کي چيري ڇوليو

ڪن سندس هو وادئي بيرنگ و بو

وادئي تاريڪ انجي بي نمو

پير رومي سورهء طاها پڙهي

زير دريا چنڊ ڄڻ آيو لهي

ٿي جبل عريان ڏٺا ۽ خشڪ و سرد

تن جي اندر دربدر، حيران ٻه مرد

اقبال جي هن تخيل جو مثال، ڊانٽي ۽ ابن عربي جي ڪلام ۾ مشڪل سان ملندو. فرعون ۽ ڪچنر حيرت ۾ هڪ ٻي کي ڏسن ٿا. آخر فرعون مسافرن کان پڇي ٿو ته، سمنڊ جي تهه ۾ صبح جو هيءُ نور ۽ ظهور ڪٿان آيو. رومي ٻن لفظن ۾ هيءَ حقيقت انهن کي ٻڌائي ٿو. فرعون جي سوال جو جواب فقط هي شعر آهي:

هر لڪل شي مان ئي جلوه جو ظهور

هي ”يدبيضا“ جو اصلي آهه نور

روايت آهي ته فرعون آخري وقت ۾، ٻڏڻ کان اڳ ايمان جو اعلان ڪيو هو. مسلمانن جو عقيدو آهي، ته ايمان ان وقت جو قبوليت جي لائق ٿي نه ٿو سگهي. هيءَ حقيقت شاعر جي سامهون آهي. روميءَ کان فرعون هي لفظ ٻڌي افسوس ٿو ڪري، ۽ چوي ٿو ته:

آه، عقل ۽ دين منهنجو ٿيو فنا

مان ٿيس ان نور کان نا آشنا

پنهنجي موت، شهنشاهيت ۽ فرعونيت جي انجام تي رت جا ڳوڙها وهائيندي چوي ٿو ته:

ٿو پڇين تقدير شاهي؟ دشمني

ڏس نفاق ان کان وٺي ٿو محمڪي

سمنڊ جي تهه ۾ موت جي ڏينهن کان وٺي، اڄ تائين فرعون انهيءَ حسرت ۾ گم آهي، ۽ پنهنجي پشيمانيءَ جو اظهار هئن ٿو ڪري:

جي ڏسان موٽي ڪليم الله کي

مان گهران ان کان دل آگاهه کي

فرعون کان پوءِ لارڊ ڪچنر ۽ مهدي سوڊاني جو تفصيل سان ذڪر ٿو اچي. مهدي عرب جي روح کي بيدار ڪرڻ لاءِ، عربي قومن کي خطاب ٿو ڪري .

فلڪ مريخ: زهري جي سير کان پوءِ شاعر رومي جي رهبري هيٺ فلڪ مريخ ڏانهن اسهي ٿو. شاعر جو تخيل هن ستاري ۾ هڪ فلاسفر ٿو ڏيکاري جنهن کي حڪيم مريخ ٿو سڏي. هو انجم شناس آهي ۽ دنيا جي مسافرن جي حالت کان پوريءَ ريت واقف آهي، بلڪ ڪنهن زماني ۾، دنيا جو  سير به ڪري چڪو آهي. شاعر کي ٻڌائي ٿو ته هو جتي پهتو آهي، ان کي مرغدين شهر جي پسگردائي سڏبو آهي. مرغدين جي حالات ۾ هو ٻڌائي ٿو ته:

هت سوالي يا ڪوئي محروم ناهه

عبد و مولا، حاڪم و محڪوم ناهه

هتي زنده رود ۽ حڪيم مريخي جي وچ ۾ تقدير ۽ تدبير جي مسئلي تي گفتگو ٿئي ٿو. زنده رود تقدير جي متعلق پنهنجو نئون خيال پيش ڪري ٿو. جنهن مذهب، تقدير کي تقدير قناعت، سڪون ۽ بي علمي سمجهي عقيدي وانگر دل ۾ جاءِ ڏني آهي، انهن لاءِ چوي ٿو ته:

ڇا ڪبو ان دين کي جو ننڊ ڏي

پوءِ گهري ننڊ ۾ توکي وجهي

سحر افسون آهه يا دين آهه هي

حب افيون آهه يا دين آهه هي

فلڪ مريخ ۾ هزارين محلاتن کان گذرڻ بعد شاعر هڪ شهر ۾ پهچي ٿو، جنهن جي ٻاهران هڪ وسيع ميدان آهي. اتي مرد ۽ زالن جو وڏو هجوم آهي، جن جي وچ ۾ هڪ عورت تقرير ٿي ڪئي. ان جو ظاهري چهرو خوبصورت هو، پر باطن بي نور هو. ان جي گفتگو بي سوز ۽ اکيون بي نم- يعني محبت جي سرور کان بي نصيب. هيءَ فيشن ۽ آزادي تي مست ۽ محبت جي دستور کان قطعي ناواقف، مرد ۽ عورت جي تعلق کي برو سمجهندڙ بلڪل اهڙي اهڙي ريت، جئن يورپ جون عورتون، جن جي تقليد ۾ مشرق جون عورتون به پنهنجو رنگ مٽائي رهيون آهن. حڪيم مريخي مسافرن کي ٻڌائي ٿو ته ”هي نوجوان ڇوڪري، مريخن مان نه آهي، پر هڪ بدڪردار مريخي ان کي يورپ کان کڻي هتي آيو آهي، تان جو مريخن جي عورتن ۾ فساد ۽ انتشار پيدا ڪري. فرامرز کيس تبليغ جي فن ۾ پختو ڪيو آهي، ۽ هوءَ دعوى ٿي ڪري ته مان آسمان کان نبيه ڪري موڪلي وئي آهيان، ۽ سندس دعوت، دعوت آخر زمان آهي. سندس فن آهي:

آ مقام مرد وزن انجو سخن

ٿي چوي هي فاش اسرار بدن

هن آزاد عورت جو پيغام ڪيڏو نه دلبرانه آهي:

عورتو، اي مائرو، اي ڀينرو

دلبرن وانگر جيئڻ هي آهه ڇو؟

دلبري اندر جهان مظلومي آهه

دلبري محڪومي ۽ محرومي آهه

چوٽين کي ڏئي ڦڻي ويڙهي ڇڏيون

مرد کي نخچير پنهنجو ٿا سڏيون

مرد پر نخچير تي کيڏي شڪار

تنهنجي چوڌاري وجهي مضبوط ڄار

ان سان گڏ گهارڻ ٿي آزار حيات

وصل زهر آ ۽ فراق آهي نبات

علامه اقبال، هن مضمون ۾، يورپ جي طرز زندگي تي بيباڪ تنقيد ڪئي آهي.

فلڪ مشتري: فلڪ مشتري ۾، شاعر سان جليل ارواح، منصور حلاج، غالب ۽ ايران جي مشهور شاعره قرة العين ملن ٿا. نواءِ حلاج، نواءِ غالب ۽ نواءِ قر ة العين کانپوءِ، زنده روح پنهنجي مشڪلات انهن بزرگ روحن جي سامهون رکي ٿو، ۽ سندن جواب ٻڌي ٿو:

سوال:

مومن کان جاءِ تنهنجي دور ڇو؟

 

يعني جنت کان آهين مهجور ڇو؟

حلاج جو جواب شاعر هئن ٿو ڏئي:

جنت ملا مي و حور و غلام

جنت آزادگان سير دوام

عشق شڪوه کان سندم بيگانه آهه

گرچه ان کي گريهء مستانه آهه

هي دل مجبور ڪجهه مجبور ناهه

هن کي ماريو ڪنهن نگاهه حور ناهه

آگ پنهنجي کي اٿاري ٿو فراق

جان پنهنجي کي سنواري ٿو فراق

بي خلش جيئڻ، اجائي آ حيات

زندگي کي آهه پڄرڻ سان ثبات

هي جواب واقعي منصور کي ئي ٺهي ٿو. ان بعد هو ”اناالحق“ جي معنى سمجهائي ٿو، جنهن لاءِ هن جو چوڻ آهي، ته اناالحق چوڻ ڪفر نه هو، پر خودي جو انتهائي مظاهرو هو. هو شاعر کي تنبيهه ٿو ڪري ته تون به ائين ڪري رهيو آهين، متان توکي به ان جو عيوض ڏيڻو پوي:

مون ڪيو هو جو، ڪرين ٿو تون به ڊڄ

مرده تي محشر ڌرين ٿو تون به ڊڄ

غالب کان پهريائين سندس هڪ شعر جي معنى پڇي وڃي ٿي، جئن ته هي شعر اردو ۾ آهي، انڪري علامه اقبال ان کي ٿورن لفظن جي تبديلي سان فارسي ۾ آندو آهي:

قمري کف خاکسترو بلبل قفس رنگ

اي نالهء نشان جگر سوخته کيا هي

علامه ”سوخته کيا هي“ کي ”سوخته چيست“ سان تبديل ڪيو آهي. ان بعد اقبال ۽ غالب جي درميان، ڪيترن مسئلن تي گفتگو ٿئي ٿي، جن مان رحمة اللعالمين جو مسئلو گهڻو اهم آهي. غالب پنهنجي هڪ مثنوي ۾ هيٺيون شعر ڏنو آهي، جنهن کي علامه اقبال پنهنجي تصنيف ۾ سانڍي ٿو:

آ بپا هنگامهء عالم جتي

رحمة اللعالمين آهي تتي

منصور هن مسئلي کي هن طرح صاف ٿو ڪري:

جت ڏسين جي ڪو جهان رنگ و بو

جا مٽي ان جي مان اسري آرزو

يا ته نور مصطفى ان جي بها

يا اڃا اندر تلاش مصطفى

هنن سوالن  ۽ جوابن جي پڇاڙيءَ ۾، ابليس ظاهر ٿئي ٿو، جنهن کي شاعر ”خواجهء  اهل فراق“ سڏي ٿو. ناله ابليس ۾ هو دانهون ڪري ٿو ته:

اي خدا هڪ زنده مرده حق پرست!

آهه منهنجي لاءِ بهتر هڪ شڪست!

شيطان جي هن دعوا کي علامه پنهنجي تصنيف ”ارمغان حجاز“ ۾ هئن ٿو پيش ڪري:

هي عناصر جو پراڻو کيل، هي دنيائي دون

عرش تي جي ٿا رهن، تنجي تمنائن جو خون

هن جي بربادي تي راضي آهه اڄ ڪو ڪارساز

جنهن سڏيو هن کي محبت کان جهان ڪاف و نون

مان ئي ڏيکاريو فرنگي کي ملوڪيت جو خواب

مان ئي ٽوڙيو مسجد و مندر، ڪليسيا جو فسون

مان ئي محتاجن کي سيکاريو سبق تقدير جو

مان ئي منعم کي ڏنو سرمايه داري جو جنون

آگ جلندڙ آهه هيءَ، هن کي ڪري ٿو ڪير سرد

جنهن جي شور ۽ شر ۾ ابليس جو سوز درون

جنهن جي ٽارين کي ڏئي، پاڻي ڪيوسين سربلند

ڪير آهي، جو پراڻو وڻ ڪري هي سرنگون؟

ڪيڏو نه ابليس پنهنجي دعوا ۾ محڪم آهي. دنيا وارن جي پستيءَ جو هن کان زياده ٻيو مظاهر ٿي نه ٿو سگهي. فاعتبرو يا اولي الابصار.

فلڪ زحل: فلڪ زحل ۾ هندستان جي سياسي مسئلن جي وضاحت ڪئي وئي آهي. هن منزل کي شاعر انهن غدار روحن جو مقام ڏيکاريو آهي، جن پنهنجي ملڪ ۽ ملت سان غداري ڪئي، ۽ مرڻ کانپوءِ قبر به کائن بيزار رهي. انهن غدارن مان علامه اقبال ٻن بتن کي پيش ٿو ڪري:

جعفر آ بنگال کان، صادق دکن

ننگ آدم، ننگ دين، ننگ وطن

جنهن عذاب ۾، هي ٻه غدار مبتلا آهن، ان جي هيبتناڪ نقشي ڏيڻ کانپوءِ شاعر هندستان جي روح کي هڪ پاڪ حور جي صورت ۾ ٿو ڏيکاري. سندس دانهن ۽ فرياد جي تصوير پنهنجي خاص انداز ۾ پيش ٿو ڪري. هندستان (تقسيم کان اڳ) جي غلامي جي اسباب تي نهايت حڪيمانه انداز ۾ بحث ٿو ڪري. هو غلامي ۽ محڪومي کان بيحد بيزاري ٿو ڏيکاري. هي نقش بعد جي تصنيف ”ارمغان حجاز“ ۾ هئن ٿو ڪڍي:

قبر پنهنجي ميت کي

آه ظالم تون، جهان ۾ بنده محڪوم هئين

مون نه سمجهيو ٿي ته ڇو آ قبر منهنجي سوزناڪ

تنهنجي ميت کان سندم اونداهيون تاريڪ تر

تنهنجي ميت کان زمين جو پردهء ناموس چاڪ

الحذر محڪوم جي ميت کان سو بار الحذر

اي سرافيل اي خدائي ڪائنات، اي جان پاڪ

آسمان جي هن طرف شاعر جي آخري پرواز افلاڪ کان پري وڃي ٿي. انهيءَ کان اڳي جو هو اتي پهچي، هڪ ٻي جهان ۾ پهچي ٿو، جتي کيس هڪ مجذوب مرد نظر اچي ٿو. رومي کيس ٻڌائي ٿو ته هو جرمن فلسفي نيٽشا آهي. جنهن بابت علامه اقبال ”پيام مشرق“ ۾ لکيو آهي ته:

”قلب او مومن دماغش کافر است

جاويد نامه ۾ کيس منصور حلاج جي منزل ڏني وئي آهي. شاعر فرمائي ٿو:

مست هو، هر شيشي کي ان ٿي ڀڳو

ٿي خدا کان دور ۽ خود سان لڳو

او پيو لا ۾ نه الا کي رسيو

عبده جي جاءِ کان بيگانه ٿيو

اقبال جو خيال آهي، ته جيڪڏهن کيس ڪنهن مرد ڪامل جي صحبت نصيب ٿئي ها، ته هو پنهنجي مقصد تي پهچي وڃي ها:

جي ملي ها ان کي عصر احمدي

تان وٺي ها هو سرور سرمدي

هاڻي مسافر ڪائنات جي حدن کان ٻاهر وڃي، ان منزل تي قدم رکي ٿو، جنهن کي ”جهان بي حيات“ سڏي ٿو. هتي زمان ۽ مڪان، بهشت ۽ دوزخ جي مسئلن تي، بحث ٿئي ٿو. رومي کيس دوزخ ۽ بهشت جي حقيقت هئن ٿو سمجهائي:

هئن چيو رومي گرفتار قياس

ڀروسي کان دور تنهنجا هت حواس

آ عمل کان پنهنجي هي سڀ خوب و زشت

هو ٿئي دوزخ ۽ هي بڻجي بهشت

هي ڏسين ٿو ماڙيون جي رنگ رنگ

اصل آ اعمال، ناڪي سر سنگ

جي چوين ٿو ڪوثر و غلمان و حور

آه جلوهء عالم جذب و سرور

زندگي هن جاءِ جي ديدار آهه

ذوق ديدار آهه ۽ گفتار آهه

سڀ کان پهريائين جنت ۾، کيس شرف النسا جي قصر نظر ٿي اچي. شرف النسا جو ذڪر مان تفصيل سان، سندس باب جي فوٽ نوٽ ۾ ڏنو آهي. علامه اقبال سندس تعريف هئن ٿو ڪري:

بحر پنهنجو ڪٿ اهڙو گوهر ڄڻي

ماءُ اهڙي ٻي نه ڪا دختر ڄڻي

قبر کان لاهور انجي آسمان

ڪين ڄاتو راز انجي کي جهان

قصر شرف النسا جي زيارت کانپوءِ حضرت سيد علي همداني ۽ غني ڪشميري سان مسافرن جي ملاقات ٿئي ٿي. سندس مڪالمه ۾ ڪشمير جي حالات تي بحث ٿئي ٿو. هن فرودس منظر جي رهڻ وارن جي بيڪسي تي شاعر هئن ٿو فرمائي:

ناله مستان نه ڳولهج هت، لنگهج خاموش تو

شاخ گل کان ڪر گذر، هي آ طلسم رنگ و بو

غني جو روح پڪاري چوي ٿو:

اي صبا ٿي جيڪڏهن، تنهنجو جنيوا کان گذر

مجلس اقوام سان ڪج، منهنجي ويندي گفتگو

کيٽ، ڪڙمي، واهه سان گڏ پڻ خيابان هن وڪيو

قوم کي سودي ۾ ڪيڏو آهه ارزان هن وڪيو

شاهه همداني جي زباني فقيري ۽ شاهي، تخت ۽ تاج جي متعلق، عجيب اسرار ۽ حقايق کي شاعر ظاهر ڪري ٿو. جن جو ڄاڻڻ هر قوم جي سياست لاءِ ضروري آهي. هن کان پوءِ شاعر جي ملاقات، هندستان جي مشهور هندي شاعر ڀرتري هري سان ٿئي ٿي ۽ سندس هڪ خاص نظم جو ترجمو ڏنو وڃي ٿو. هنن نظارن جي ڏسڻ کانپوءِ، شاعر مشرق جي سلطانن جي ماڙين کان گذري ٿو.

سلاطين مشرق جون ماڙيون: هنن ماڙين ۾ مسافر نادر شاهه، ابدالي ۽ سلطان ٽيپو سان ملن ٿا. هڪ هڪ سلطان پنهنجي ملڪ جون حالتون شاعر کان پڇي ٿو. شاعر کين سموري حالات کان باخبر ڪري ٿو. واقعي هي باب نهايت ئي اهم آهي، جنهن جو مطالعو هر مسلمان لاءِ خاص طرح، ۽ قوم لاءِ عام طرح ضروري آهي. فردوس برين کان موڪلائي، شاعر عين حضور ۾ حاضري ڏئي ٿو. جلال جي تجلي ظاهر ٿئي ٿي، زمين ۽ آسمان شفق جي نور ۾ گم ٿي وڃي ٿو، ۽ شاعر ڪليم الله وانگر مست ٿي ڪري پوي ٿو.

ڪتاب جو آخري حصو، جاويد کي خطاب آهي. جنهن ۾ موجوده زماني جي نوجوانن کي، موجوده حالتن جي روشنيءَ ۾ نصيحتون ڪيون ويون آهن. هر شعر سراپا پيغام آهي.

اڳين صفحن ۾ مان ڊوائين ڪاميڊي ۽ جاويد نامه جو مختصر تعارف ڏنو اٿم. ٻنهي ڪتابن جي مختصر تفصيل کي پڙهڻ بعد معلوم ٿيندو ته، ٻنهي ڪتابن جي وچ ۾ ڪي ضروري امتياز آهن، جي هن هيٺ درج ڪريان ٿو:

1- ڊانٽي جي ڪتاب جي تصنيف جي محرڪ سندس محبوبه بيٽرس هئي. جيڪڏهن هو ان ڪتاب کي نه لکي ها ته اڄ بيٽرس کي ڪو به ياد نه ڪري ها. هوءَ به ائين ئي دنيا کان وسري وڃي ها، جئن انهن هزارن عورتن جا نالا دنيا کان مٽجي ويا آهن، جن سان ڪن شاعرن ان زماني ۾ محبت ٿي ڪئي. اهڙيون ڪي خوش نصيب عورتون ٿوريون ملنديون، جن کي شاعرن زنده ڪيو آهي. مغرب ۾ بائرن، شيلي، ڪيٽس، سوفٽ ۽ برائوننگ اگرچه پنهنجي شعر ۾ پنهنجي محبت کي زنده ڪيو آهي، پر عرب شاعرن کان سواءِ، مشرق ۾، ٻين شاعرن، هن طرف قدم رکڻ جي جرات ئي نه ڪئي آهي.

علامه اقبال جي تصنيف ئي انفرادي آهي. هن بني آدم جي بهبود کي پنهنجي سامهون رکيو آهي. ڊانٽي ۽ علامه اقبال ٻنهي وٽ جگر جو سوز موجود آهي، پر ٻنهي جون صورتون جدا جدا آهن.

2- ڊانٽي پنهنجي تصنيف ۾،  تثليث، تجسم، ۽ ڪفاره جو ذڪر ڪيو آهي، مگر هن اهو ڪٿي به اشارو نه ڏنو آهي، ته عيسائيت دنيا ۾ ڪهڙو نظام قائم ڪرڻ ٿي گهري. ان جي خلاف علامه اقبال جي تصنيف هڪ وڏو ديني ڪارنامو آهي. هن ان اخلاقي، سياسي ۽ عمراني نظام جو ذڪر ڪيو آهي، جو قرآن حڪيم دنيا ۾ قائم ڪيو. جاويد نامه جي پڙهڻ کانپوءِ معلوم ٿيندو ته اقبال نه فقط وڏو فلسفي ۽ عظيم شاعر آهي، پر اسلام جو وڏو مبلغ به آهي. وٽس دنيا جي ابدي زندگي جو پيغام آهي. اهو پيغام، جنهن تي عمل ڪرڻ سان، دنيا جي درمانده انسانن جي مشڪل ڪشائي ٿي سگهي ٿي. ڪتاب جي هر بيت مان عشق رسول صاف نظر اچي رهيو آهي، جو هر مسلمان جي زندگيءَ جو سرمايھء حيات آهي.

3- ڊانٽي جي تصنيف ۾، اسان کي سياسي، عمراني ۽ اخلاقي مسئلا منجهيل ۽ تشنه تڪميل نظر ايندا. مگر علامه اقبال، هر مسئلي کي صاف ڪيو آهي، ۽ انهن جي نتيجن کي عالمانه طرز ۾ لکيو آهي. ڊانٽي شاعر ته هو پر فلسفي نه هو. مگر علامه، شاعر سان گڏ هڪ مستقل فلسفي جو باني به هو. ان ڪري سندس تصنيف ۾ مفڪرانه رنگ پيو جهلڪي.

اگرچه هنن ٻنهي تصنيفن ۾ ڪي ٻيا به امتياز موجود هوندا، مگر اهي فروعي آهن، ۽ ان ڪري مان انهن کي درج ڪرڻ ضروري نه سمجهيو آهي.


 

 

هن ڪتاب جي ترجمي ڪرڻ جي تحريڪ ”اقبال ايڪيڊمي“ جي طرفان سنه 1956ع جي ابتدا ۾ ٿي هئي. هڪ ڪتاب جو شعر ۾ ترجمو ڪرڻ ڪا آسان ڳالهه نه هئي. ٽن سالن جو طويل عرصو، هن آرزو جي تڪميل ۾ گذري ويو. آهسته آهسته مان پنهنجي منزل مقصود ڏي وڌندو رهيس. خدا جي مهرباني شامل حال رهي، ۽ ڪتاب جو ترجمو مڪمل ڪري ورتم.

”جاويد نامه“ جي تصنيف، جئن مان مٿي لکي آيو آهيان، انهن اخلاقي، سياسي ۽ عمراني حقيقتن جو مجموعو آهي، جن کي قرآن حڪيم، درمانده ۽ ڀٽڪيل انسانن جي سامهون پيش ڪيو آهي. هيءُ ڪتاب بني نوع انسان جي فلاح ۽ بهبود جي عظيم مقصد سان لکيو ويو آهي. ان ڪري ”سنڌي زبان“ کي اهڙي تصنيف سان واقف ڪرڻ لاءِ، مون هي گران بار پنهنجي سر ورتو. مون کي خوشي آهي ته جو وقت مون هن ڪتاب جي لکڻ ۾ صرف ڪيو آهي، اهو آقائي دوجهان جي يادگيري سان پئي معمور رهيو آهي. ڇا هيءَ خوش بختي منهنجي لاءِ ڪو گهٽ انعام آهي.

ڪتاب جي ترجمي کي مان آسان بنائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مشڪل لفظن جون معنائون فوٽ نوٽ ۾ ڏنيون اٿم. جتي جتي ڪن تاريخي شخصيتن جو ذڪر آيو آهي، اتي انهن جو تعارف ڏنو اٿم. پنهنجي طرفان هر ممڪن ڪوشش ڪئي اٿم ته ڪتاب، پڙهڻ وارن لاءِ آسان بڻجي وڃي.

آخر ۾ مان پنهنجي شفيق ڪرم فرما محترم آغا محمد يعقوب خان، ائڊيشنل ڪمشنر ڪوئيٽا ڊويزن جو شڪر گذار آهيان، جنهن منهنجي ترجمي کي ٻڌو، ۽ پنهنجي نيڪ مشورن کان آگاهه فرمايو. مان ان دوست جو به بيحد منت گذار آهيان، جنهن مون کي محبت جو سڪون قلب عطا ڪري، هن ترجمي جي لاءِ همت افزائي ڪئي. جيڪڏهن هڪ شاعر جو ڪارنامو دنيا ۾ زنده رهي ٿو، ته مون کي اميد آهي ته منهنجو هي ترجمو مون کي زنده رکڻ لاءِ ڪافي آهي.

 

لطف الله بدوي

شڪارپور

15 جنوري 1959ع

 

ديباچو

 

آسمان جي آ بلندي تي سدا منهنجو قيام

ڪهڪشان ۽ چنڊ جي آغوش ۾ منهنجو مقام

ڇڏ گمان هي خاڪدان پنهنجو نشيمن ڪين ڄاڻ

آهه هر تارو جهان يا نئين جهان جو اهتمام

 


 


(1) صفات جي هڪ جلوه کان، موسى پنهنجو هوش وڃائي ويٺو.

           مگر تون عين ذات کي مشڪڻ ۾ ويٺو نهارين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org