سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: جاويد نامه

صفحو :14

زنده رود بهشت کان موڪلائي ٿو ۽ بهشت

جون حورون کانئس تقاضا ٿيون ڪن

 

شيشهء صبر و سڪون پرزا ٿيو

پير رومي اٿ مونکي ڪن ۾ چيو

هو حديث شوق هو جذب و يقين

آه، هو ايوان ۽ ڪاخ  برين

رت ڀري دل سان ڇڏيم جئن پاڪ در

هڪ هجوم حور ات آيم نظر

جن پڪاريو زنده رود اي زنده رود

زنده رود اي صاحب سوز سرود

شور غو غاهي کٻي کان هو سڄي

دم اسان سان ويهه ڪر ڳالهيون هتي

زنده رود

 

راهرو ڄڻي جو اسرار سفر

ٿو ڊڄي منزل کان، رهزن کان ڪثر

عشق منجهه هجرو وصال آسوده ناهه

بي جمال لايزال آسوده ناهه

ابدا اڳيان بتن افتادگي

دلبرن کان انتها آزادگي

عشق بي پروا سدا اندر رحيل

منجهه مڪان و لا مڪان ابن السبيل

رهت پنهنجي آهه موج تيز گام

اختيار راه ۽ ترڪ مقام

بهشت جون حورون

تون رکين نغما مثال روزگار

هڪ نوا دلڪش ٻڌائج رازدار

 

غزل

آدمي وٽ ئي نه پهتين، ڪئن خدا ڳولهين پيو

پاڻ کان پرتي وڃي ۽ آشنا ڳولهين پيو

پؤ وڃي ڪنهن شاخ گل ۾، آب و نم  سان ڪر گذر

رنگ بگڙي ليءَ وري باد صبا ڳولين پيو

خون دل جو آهه قطرو، مشڪ او سڏجي پيو

تون حرم جو ڇو هرڻ، اندر خطا ڳولهين پيو

فقر جي آ پرک سلطاني، جهانگيري ٻئي

تخت جم جي کي ڇڏي تون بوريا ڳولهين پيو

آهه لاله جي خيابان ۾ سدا انجو سراغ

هن نوائي رت ڀري ۾ ان کي ڇا ڳولهين پيو

صحبت روشن نظر کان ٿي نگهه روشن ٿئي

پنهنجي ڪم نظري جي ليءَ پر توتيا ڳولهين پيو

مان قلندر ۽ ڪرامات جهان بيني سندم

وٺ نظر مون کان اجايو ڪيميا ڳولهين پيو

حضور

گرچه جنت ۾ تجلي جو جلال

پر نه ٿي آرام حاصل ري جمال

اصل کان پردي ۾ آهيون سڀ اسان

جئن پکي پنهنجو وڃائي آشيان

علم جي گمراهه ۽ بد گوهر آهه

هيءُ اکين ليءَ حجاب اڪبر آهه

علم جو مقصود جي آهي نظر

ٿو ٿئي او راهه سان گڏ راهبر

ٿو رکي سامهن سندءِ پوش وجود

تا پڇين تون ڇاهه هي راز نمود

راهه کي هموار ٺاهي ٿو ائين

شوق کي بيدار ٺاهي ٿو ائين

درد و داغ ۽ سوز غم بخشش ڪري

رات جي روئڻ جو دم بخشش ڪري

علم تفسير آ، جهان رنگ و بو

اک ۽ دل جي پرورش جو راز او

شوق ۽ جذبي جي منزل تي نئي

راه ٿو جبريل جان توکي ڏئي

عشق ڪنهن کي ڪين خلوت ٿو ڏئي

پنهنجي اک کان بي ٿو غيرت کي نئي

اول آهي هو رفيق، ان سان طريق

آخر آهي پنڌ انجو بي رفيق

مان ڇڏي پٺتي سڀي حور و قصور

جان جي ٻيڙي وڌايم بحر نور

گم ٿيس اندر تماشائي جمال

هر گهڙي جت انقلاب ۽ لايزال

گم ٿيس اندر ضمير ڪائنات

ساز وانگر بڻجي وئي منهنجي حيات

جنهن جي هر هڪ تار جو آ ٻيو رباب

هڪ نوا ٻي کان هئي خوني خطاب

سڀ اسان هڪ خاندان نار و نور

چنڊ، سج ۽ آدمي، جبريل و حور

جان جي سامهن رکيائون آرسي

آهه حيرت سان يقين جي دلڪشي

صبح اڄ جو جنهن جو ظاهر آهه نور

ڪالهه ان کان پوءِ به حاضر در حضور

حق هويدا آ سڄي اسرار سان

پاڻ کي، منهنجي ڏسي ديدار سان

آ ڏسڻ انجو وڌڻ اندر ڪمال

آ ڏسڻ انجو حياتي جي مثال

عبد و مولا هڪ جڳهه جا رهگذر

ٿا رکن بيتاب هي ذوق نظر

زندگي جت بي هجي آ جستجو

ڇا خبر آ، مان شڪار آهيان ڪ او

عشق جان ليءَ لذت ديدار بخش

آ زبان ليءَ جرات گفتار بخش

اي دو عالم کي ڏئين نور و نظر

ٿورڙي هن خاڪدان جي رک خبر

بندهء آزاد ليءَ نا سازگار

انجي سنبل کان ئي اسري نيش خار

غالبن جي لاءِ آهي عيش و طرب

ٿو ڳڻي مغلوب ويٺو روز و شب

بادشاهي کان جهان تنهنجو خراب

رات جي اوندهه رکي ٿو آفتاب

عقل افرنگي سڄو غار تگري

هر مڙهي خيبر ڪئي بي حيدري

جو چوي ٿو لااله ويچارو آهه

فڪر مرڪز کان پري آوارو آهه

هي مڙهي آ، چئن موتن جي اسير

سود خور ۽ حاڪم ۽ ملا ۽ پير

هي جهان توليءَ ڪٿي شايان شان

آب و گل هي تنهنجي دامن تي نشان

ڪلڪ حق کي هٿ ۾ نقش خوب و زشت

جو اسان کي ٿو ٺهي ٿيو سر نوشت

ڇا هئڻ آ، ڄاڻ اي مرد نجيب؟

جو جمال ذات حق کان ٿي نصيب

آ اپائڻ؟ جستجو دلبر سندي

پاڻ کي ظاهر ڪرڻ ٻي ۾ لڪي

هي سڄو ئي، شور، هستي جو ڪمال

ڏي وجود ان کي اسانجوئي جمال

زندگي فاني به ۽ باقي به آهه

هن ۾ خلا قي ۽ مشتاقي به آهه

ڇڏ ڀڃي ان کي جو آ ناسازگار

قلب مان پنهنجي ٻيو عالم اٿار

زنده ٿي، مشتاق ٿي، خلاق ٿي

تون اسان جان فاتح آفاق ٿي

بندهء آزاد ليءَ آهي ڏکي

اوپرن جان ٿي جهان ۾ زندگي

جي نه ڪنهن وٽ قوت تخليق آهه

هو اسان وٽ ڪافر و زنديق آهه

جو اسانجي حسن کان بي بهره ور

زندگي جي وڻ جي ڦر کان دورتر

مرد حق! تون تيز تر شمشير ٿي

پنهنجي دنيا لاءِ خود تقدير ٿي

زنده رود

ڇاهه دستور جهان رنگ و بو

هي ته، پاڻي جو ويو موٽي نه او

زندگاني کي سر تڪرار ناهه

انجي فطرت خوگر تڪرار ناهه

زير گردون رجعت ان کي ناروا

قوم ڪريل جو اٿڻ مشڪل سدا

جا مئي ملت، ڇڏي سا ڪين قبر

ان جو چارو ٻيو نه آ پر قبر و صبر

 

جمال جي صدا

 

زندگاني ڪين آ تڪرار نفس

اصل انجو حي و قيوم  آهه بس

قرب جان سان جو چوي اني قريب

آ حيات جاودان انجو نصيب

فرد وحدت کان ئي لاهوتي ٿئي

قوم وحدت کان ئي جبروتي ٿئي

با يزيد ۽ شبلي ۽ بو ذر اتان

امتن ليءِ طغرل و سنجر اتان

بي تجلي ناهه آدم کي ثبات

جلوه پنهنجو فرد و ملت ليءِ حيات

هي ٻئي توحيد کان صاحب ڪمال

زندگي هڪ آ جلال ۽ ٻي جمال

هي سليماني ۽ هو سلماني آهه

هو سراپا فقر هي سلطاني آهه

هو ڏسي هڪ، هڪ وڃي بڻجي ٿو هيءُ

ويهه هن سان گڏ جهان ۾، هن سان جيءُ

ڇاهه ملت اي چوين ٿو لااله؟

سؤ هزارن اکين مان هڪ نگهه

اهل حق ليءِ حجت وبرهان هڪ

”آ جدا خيمود دليون يڪسان هڪ“

يڪ نگاهي گهٽ نظر ۾ ڪين آڻ

هي تجلي آهه وحدت جي سڃاڻ

ٿي ٿئي ملت جڏهن توحيد مست

قوت و جبروت انجي زيردست

روح ملت جو وجود آ انجمن

روح ملت ناهه محتاج بدن

مرتبو اعلى هي صحبت کان وٺي

ٿو مري صحبت جڏهن ان کان وڃي

يڪ نگاهي رک مئا اٿ زنده ٿي

ڇڏ اها بي مرڪزي پاينده ٿي

فڪر هڪ رک ۽ ٿي ڪردار آفرين

تان ٿئين اندر جهان صاحب نگين

زنده رود

ڪير مان؟ تون ڪير؟ عالم هي ڪٿان

ڇو اها دوري آ، تون مان درميان؟

بند ۾ تقدير جي مان ئي سدا

تون مرين نا، مان مران چؤ ڇو ڀلا؟

جمال جي صدا

تون رهين اندر جهان چار سو

جو به ماپي ان ۾ مرندو نيٺ او

زندگي چاهين خودي جو ڄاڻ رک

چار ڏس کي پاڻ ۾ گم پاڻ رک

ڪير مان ۽ ڪير تون؟ پوءِ ئي ڏسين

هن جهان ۾ ڇو مرين ٿو ڇو جئين

زنده رود

مرد نادان جو عذر ڪر مستجاب

چهرهء تقدير کي ڪر بي نقاب

روس و جرمن جو ڏٺو مون انقلاب

جان مسلم ۾ ڏٺم پڻ تب و تاب

هئن ڏٺي مون ٿي غرب و شرق

ڪر عيان تقدير مون تي غرب و شرق

 


 

جلال جي تجلي جو پوڻ

اوچتو آيو نظر پنهنجو جهان

هي زمين پنهنجي ۽ پنهنجو آسمان

مون اهو نور شفق ۾ گم ڏٺو

ٿي ڏٺو صندل جي سرخي جان چٽو

ان تجلي جان ۾ آندي شڪست

مان ڪليم الله جان ٿيس جلوه مست

نور ان هر پردي کي کولي ڇڏيو

گفتگو جو تاب باقي نا رهيو

ان ضمير عالم ايجاد پاڪ

هئن ڪڍي ٻاهر نوائي سوز ناڪ

***

وڃ لنگهي خاور، ڇڏي افسون افرنگ جو مزو

ملهه نه انجي جستجو جو هي پراڻو يا ڪ نو

او نگين جنهن ساڻ شيطانن سان کيڏين ٿو پيو

او امين جبريل وٽ بي ڪين رک هرگز گرو

زندگي آ انجمن آرا ۽ خود ئي نگهبان

قافلي ۾ رهه اڪيلو پر وڃج سڀ سان ڪٺو

تون ته روشن سج کان آهين زياده تابناڪ

جيءُ ائين هر ذري کي، توکان ملي جئن پرتوو

جئن هوا جي رهگذر تي، گاهه جو پن ٿو ڪري

تئن ويو نيشان سڪندر، خسرو ۽ قباد جو

تنهنجي ڪم ظرفي کان ميخانو ٿيو بدنام آهه

شيشي کي وٺ، پي حڪيمانه ۽ وڃ دڳ سڌو


  ڪاخ برين- اوچو محل

ابن السبيل- مسافر

  آب و نم- پاڻي ۽ آلاڻ

خطا- چين جي ملڪ جو حصو

بوريا- تڏو

توتيا- سرمو

  حي و قيوم- هميشه جيئرو ۽ قائم

طغرل ۽ سنجر- سلجوقي خاندان جا نامور سلطان

سليماني- حضرت سليمان ڏانهن اشارو

سلماني- حضرت سلمان فارسي

”آ جدا خيمو، دليون يڪسان هڪ“- عربي پهاڪو

صاحب نگين- حڪم جو مالڪ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org