سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1995ع

مضمون --

صفحو :10

چيني طب

آسان گهريلو نسخا

چيني طب جي تاريخ پنج هزار سالن کان به پراڻي آهي. ۽ چين جا ماڻهو موجوده دور ۾ به ان کي پنهنجي زندگيءَ جو اهم حصو سمجهن ٿا. هڪ اندازي مطابق سڄي دنيا ۾ صرف چيني جڙي ٻوٽين جو تعداد 20 لک کان وڌيڪ آهي.

چيني اڄ به پنهنجي طريقئه علاج تي پورو يقين رکن ٿا. ۽ مختلف بيمارين جي علاج لاءِ چيني طب جا قديم نسخا استعمال ڪن ٿا.

ڊاڪٽرينيانگ زهو چيني طريقي علاج جو ماهر آهي ۽ ان جي حيثيت چين ۾ به تسليم ڪئي وئي آهي، ۽ هو آڪو پنڪچر جو بين الاقوامي شهرت رکندڙ ماهر آهي. ۽ ٻه دفعا ورلڊ هيلٿ آرگينائيزيشن جي دعوت تي ليڪچر ڏيڻ ٻاهرين ملڪن ۾ وڃي چڪو آهي. ڊاڪٽر زهو گذريل ڪجهه سالن کان پاڪستان ۾ چيني طريقئه علاج جي ذريعي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ ۾ مصروف آهي. هو چيني طب جي روايتن تحت شين جي طبي خاصيت کي نظر ۾ رکي، مريضن کي نه ته ڪائي دوا کائڻ لاءِ ڏني ويندي آهي، ۽ نه ئي انجيڪشن وغيره لڳائي ويندي آهي، بلڪه سولن نسخن جي ذريعي مختلف بيمارين جو علاج ڪيو ويندو آهي. ڪجهه بيمارين جا نسخا هيٺ ڏجن ٿا.

ننڊ نه اچڻ

علاج ؛ سمهڻ کان پهرين هڪ گلاس نيم گرم پاڻيءَ ۾ کاڌي جو هڪ چمچو سرڪو ملائي، پي ڇڏيو ۽ آرام سان ليٽي پئو.

لو بلڊ پريشر (Low Blood Pressure) ؛ ٻڪر يا گهيٽي جو جيرو 100 گرام، پالڪ 250 گرام هڪ عدد ديسي بيضو _ پهرين جيرو ۽ پالڪ ڪٽي پاڻيءَ ۾ ڌوئي صاف ڪيو، ۽ ان سان گڏ بيضي کي به ڌوئي صاف ڪيو. پاڻي، پالڪ ۽ جيري کي ديڳڙيءَ ۾ وجهي رڌيو. لوڻ ضرورت مطابق وجهو ۽ پوءِ ان ۾ سڄو بيضو وجهي ان کي اٻاريو. جڏهن بيضو اٻارجي وڃي ۽ پالڪ ۽ جيري جو سوپ تيار ٿي وڃي ته بيصو ان مان ڪڍي ان جا ڇلڪا لاهي ڇڏيو، ۽ بيضي جا ننڍا ٽڪر ڪري واپس سوپ ۾ وجهي ڇڏيو. هاڻي اوهين سوپ وانگر استعمال ڪري سگهو ٿا. ان وقت تائين استعمال ڪندا رهو جيستائين اوهان جو بلڊ پريشر بلڪل نارمل نه ٿي وڃي.

هائي بلڊ پريشر (High Blood Pressure) ؛ ٿوم جون 30 ڳڙيون، وڏا ٽي چمچا کنڊ ۽ اڇو سرڪو کڻي، ڪنهن ڍڪ واري بوتل ۾ ٿوم ۽ کنڊ وجهو، پوءِ ان ۾ ايترو سرڪو وجهو جو ٿوم کنڊ جي مقابلي ۾ ان جو مقدار ٻيڻو ٿي وڃي هاڻي بوتل جو ڍڪ سٺي نموني بند ڪري، ڪنهن مناسب جڳهه تي رکو. تن ڏينهن کان پو3 روزانو صبح جو ناشتي کان پهرين هڪ ڳڙي ٿوم جي کائي کاڌي جو هڪ چمچو سرڪو پي ڇڏيو. لاڳيتو پندرهن ڏينهن تائين استعمال ڪرڻ سان بلڊ پريشر نارمل ٿي ويندو. ان کانپوءِ به هي علاج جاري رکڻ گهرجي، جيڪڏهن روزانو نه ته به هڪ نه ٻئي ڏينهن استعمال ڪرڻ گهرجي.

 

 

 

رڌ پچاءُ

 

امير زهره مڱريو

مختلف کاڌن، آچار، مربي ۽ سويٽ ڊش جون ترڪيبون

سئيند ڀينڊيون

گهربل شيون ؛ ڀينڊيون اڌ ڪلو سڄيون، سونف هڪ چانهن جو چمچو ڀُڳل، سڄا ڌاڻا هڪ چانهه جو چمچو ڀُڳل، اڇو جيرو اڌ چانهه جو چمچو ڀُڳل، گدامڙي اڌ پاءُ هڪ پياليءَ ۾ پسائي ڇڏيو. سڄا ڳاڙها مرچ ڇهه عدد ڀُڳل، لوڻ ذائقي مطابق، گيهه هڪ پيالي.

ترڪيب ؛ سڀ مصالحو سٺي نموني پيهي گدامڙيءَ ۾ وجهي، پوءِ ڀينڊين کي چير ڏيئي، مصالحو ڀري، گيهه ۾ تريو.

تريل جيرا (جيرانڊي)

گهربل شيون ؛ جيرا هڪ ڪلو، ليمي جي رس چانهه جا چار چمچا، ڳاڙها مرچ ذائقي موجب، ڪارا مرچ 12 ڌاڻا، گيهه ضرورت مطابق.

ترڪيب ؛ جيرا ڌوئي، ليمي جي رس ملائي ڏهن منٽن لاءِ رکو. ان کان پوءِ ڪڙهائيءَ ۾ وجهي، ايترو تريو جو پاڻي خشڪ ٿي وڃي پوءِ ان ۾ لوڻ ۽ مرچ ملايو، ٿورو ڀڃڻ کان پوءِ ڪارا مرچ پيهي وجهي، ٿورو ڀڃي پوءِ لاهي رکو.

گوبيءَ جا اوفراٽا

گهربل شيون ؛ گل گوبي هڪ ڪلو سنهي ڪٽيل ٿورو گيهه گرم ڪري، ان ۾ لوڻ ۽ پيٺل مرچ ۽ ساوا ڌاڻا وجهي، دم تي رکي ڇڏيو. ڳري وڃڻ تي لاهي رکو. هاڻي اٽي ۾ لوڻ وجهي ڳوهيو. ۽ اٽي جا ننڍا ننڍا پيڙا ٺاهي، ان ۾ گوبي ڀري، صحيح نموني بند ڪري، اوفراٽا تيار ڪري، پوءِ گيهه ۾ تريو. آچار سان کائڻ ۾ ڏاڍا مزيدار لڳندا.

گجرن جو مربو ؛

گهربل شيون ؛ ڳاڙهيون گجرون هڪ ڪلو، کنڊ ڏيڊ ڪلو، ڪيلي جا ڪجهه ڳترا، ننڍا ڦوٽا ڏهه عدد، پستا ۽ بادام ڪٽيل.

ترڪيب ؛ گجرن کي ڇلي، ننڍا ننڍا ٽڪرا ڪيو. هڪ ديڳڙيءَ ۾ چار گلاس پاڻي وجهي، ان ۾ گجرن جا ٽڪر وجهي ٽي منٽ رڌيو. ان کان پوءِ ديڳڙيءَ مان پاڻي هاري، گجرن ۾ کنڊ وجهي ٻيهر ديڳڙي چلهي تي رکو. کنڊ ۽ گجرن جو پاڻي ايترو ٿي ويندو جو اوهان گجرن کي وڌيڪ رڌي سگهندؤ. هلڪي باهه تي جڏهن گجرون نرم ٿي وڃن ۽ گجرون ۽ کنڊ ملي مربي جي سڪل اختيار ڪن ته باهه بند ڪري، ڇڏيو ۽ مربي کي ٿڌو ٿيڻ ڏيو. ڦوٽن کي سنهو پيهو ۽ پستا ۽ بادام ڪٽيل مربي جي مٿان ڇٽيو. پوءِ ڦوٽا ۽ ڪيلي جا ڪترا مربي ۾ ملايو. مربو جڏهن ٿڌو ٿي وڃي ته ڪنهن صاف ۽ خشڪ ٿانءَ ۾ بند ڪري ٻن _ ٽن ڏينهن کان پوءِ استعمال ڪيو.

سويٽ ڊش

گهربل شيون ؛ کير هڪ ڪلو، اڇون سيون اڌ پيالي، ڇهانرا ڇهه عدد، گرم پاڻيءَ ۾ پسائي، اندران ڳڙي ڪڍي، چار چار ٽڪر ڪجن. بادام 12 عدد، ٻنهي کي گرم پاڻيءَ ۾ پسائي، کلون لاهي ڇڏجن، ۽ پوءِ سنهڙو ڪتر ڪجي. ننڍا ڦوٽا ڇهه عدد. لونگ چار عدد کنڊ اڍائي پياليون. گيهه ٻه کاڌي جا چمچا.

ترڪيب ؛ کير کي هڪ ٽهڪو ڏياري ٿڌو ڪجي. هڪ ديڳريءَ ۾ گيهه وجهي ان ۾ لونگ ۽ ڦوٽا وجهجن، ٻن منٽن کان پوءِ سيون وجهي سٺي نموني ڀڄي ٻاهر ڪڍجن. پوءِ بادام ۽ پستن کي ڪنهن ديڳڙيءَ ۾ وجهي تريو. جڏهن ترجي وڃن ته کير وجهي ٽهڪڻ ڏيو. جڏهن کير کي ٽهڪو اچي وڃي ته پوءِ سيون ۽ کنڊ وجهي. هلڪي باهه ڏئي دم تي رکي ڇڏيو. تقريباً 20 منٽن کان پوءِ لاهيو.

چقندر جو آچار

گهربل شيون ؛ چقندر هڪ ڪلو، پيٺل مرچ چار کاڌي جا چمچا، پيٺل ٿوم ٻه چمچا، رائي پيسيل کاڌي جا چار چمچا، ادرڪ ٻه سنها ڪٽيل، لوڻ ذائقي مطابق، ڪلونجي هڪ کاڌي جو چمچو.

ترڪيب ؛ چقندر ڌوئي پسند مطابق ٽڪرن ۾ ڪٽيو، ۽ ڪنهن ديڳڙيءَ ۾ وجهي انهن کي اوٻاريو. ڳري وڃن ته اهو پاڻي هاري ڇڏيو ۽ ٻيهر هڪ لٽر پاڻي وجهي، ان ۾ مرچ، ٿوم، رائي ۽ ادرڪ، ڪلونجي ۽ لوڻ وجهي ملايو. ڪجهه ڏينهن تائين ڪولي ۾ وجهي، اس ۾ رکو. چقندر نرم ٿي ويندا ۽ مصالحو به گڏجي ويندو. چقندر جو آچار مزيدار هئڻ سان گڏ ڏسڻ ۾ خوبصورت لڳندو آهي. ڇو ته چقندر جو رنگ ڏاڍو سهڻو هوندو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com