سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1995ع

مضمون --

صفحو :8

 

انتظار

 

احمد خان مدهوش

درد دل جڏهن ناقابل برداشت تي پوي ٿو. تڏهن آهه وفغان جو رنگ وٺي، نغمن جي رُوپ ۾ پڌرو ٿي پوي ٿو، ۽ اهائي غمه سرائي درد جي باهه تي ڪجهه نه ڪجهه ڇنڊو وجهي ٿي ورنه ....

”درد بي پير کي ڇا ڪري سگهبو ڀلا؟

ابتو ڪجي، سبتو ڪجي، ته به ساڳيو ئي ٿو رهي.“

جيڪڏهن درد اندر ۾ کاٽ هڻڻ شروع ڪندو آهي ته ان سان گڏ لطف ۽ راحت جو سامان به پهچائيندو رهندو آهي. انهيءَ ڪري ٻُڌڻ ۾ آيو آهي ته درد جي راحت جي عيوض ٻنهي جهانن جي دولت ملي ته به منظور نه ڪجي.“ ”درد جڏهن حد کان وڌي وڃي ٿو، تڏهن خود بخود علاج ٿيو پوي.“

پر بقول شاهه سائين ؛

سنجريس ته سُور، سامايس ته سُک ويا،

اهي ٻئي پُور، مون نماڻي نصيب ٿيا.

اهي سور تيستائين هوندا، جيستائين ڪنهن جو انتظار هوندو.

انتظار ۾ محبوب جي ياد دل جي گوشي ۾ ائين پوشيده ٿي رهي. جيئن سبز پتن ۾ لڪل شاداب ۽ حسين گل! انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته محبوب کان سواءِ سڄو جهان اونداهو نظر اچي ٿو. پر انهيءَ اونداهيءَ ۾ ياد جو ڏيئو ضرور ٻرندو رهندو آهي. جنهن جي آڌار تي هر شفق کان افق تائين. ۽ افق کان شفق تائين وڇڙيل يار جي تلاش جاري رهندي آهي. سج جي روشنيءَ ۾، رات جي تاريڪيءَ ۾، ستارن جي ترنم خيز قافلي ۾، چنڊ جي ضيا بادجلون ۾، ڪڪرن جي اوٽ ۾، بجليءَ جي بيتاب چمڪن ۾، گلن جي مهڪ ۾، بلبل جي آهه ۾، ڪوئل جي ڪوڪ ۾، تاڙي جي تنوار ۾، درياهه جي روانيءَ ۾ نُوش محبت جو وجود حيات افزا سمجهي متلاشي رهيو آهي. ۽ ياد يار مان پيار لطف اندوز ٿيو آهي.

هي ياد يار يا انتظار وارو مٺڙو درد ڪنهن به قيمت تي موٽائي نٿو سگهجي. ڏئي جي ڏاتار ته جهولي پائي به جهلجي، ڏکن جي پهه جون حدون لتاڙي وڃي سک ۽ سانت جي جهان ۾ رسجي، جتي نه جهيڙو جهٽو، نه خون نه قتل، نه ڏوهه نه ثواب، نه تون نه مان، نه هيءُ نه هو، سياڻن جو چوڻ آهي ”اڪيلائيءَ جي ڪنڊ ۾ زهر جو پيالو پي يا ڦاهيءَ جي سرڪڻ ۾ لٽڪي مرڻ بزدلي آهي.

حقيقت ۾ پنهنجي مقصد لاءِ انتظار ڪڍي انڌي ڪرڻ واري دنيا کي انڌو بڻائي ، پنهنجي منزل ماڻي سگهي ٿو. ڪوشش ۽ منزل مقصود جو پاڻ ۾ چولي دامن وارو ساٿ آهي. في الحال جيڪڏهن ڪنهن جي زندگي تلخ ٿي پوي ته ان جي معنيٰ اها نه سمجهڻ گهرجي ته اها حالت هميشه رهندي. (ڪوشش سان هي حالت بدلجي سگهي ٿي).

آزادي جي ٻوٽي کي جيڪڏهن همت جي روشني ۽ عزم جي هوا ملندي رهندي ته اهو ٻوٽو نيٺ ڪڏهن نه ڪڏهن ڪاميابيءَ جو ميوو ڏيندو. مدت جون سڙيل تمنائون به نيٺ تازگي حاصل ڪري سرسبز ٿي سگهن ٿيون. جيڪڏهن تمنائن جي محلاتن کي خالي اميدن جي ديوارن تي کڙو ڪيو ويندو ته آهي ڪڏهن نه ڪڏهن ڊهي سگهن ٿيون.

بيجا اميد تي ڀاڙڻ مان گيسر به ٿي پوي ٿي. جنهن مان زندگيءَ جي چمڪندڙ آئيني کي داغ لڳڻ جو امڪان آهي. انهيءَ داغ کي ڌوئڻ لاءِ عزم، همت ۽ آزاديءَ جي پاڻيءَ جي ضرورت آهي.

مطلب ته هر رات کان پوءِ صبح، تاريڪيءَ کان پوءِ روشني، طوفان بعد سڪون، روزن پٺيان عيدون ۽ خزان بعد نيٺ بهار ايندو. يعني هر مصيبت کان پوءِ آرام و اطمينان جي مُسرت بخش توقع به شامل رکجي . انهيءَ توقع جو نالو انتظار آهي.

بقول بنده ؛

”زندگيءَ جي ڪشمڪش ۾ دل نه هاري ويهجي، ڇا ڪندا دشمن، جي هوندي مهرباني يار جي.“

 

 

وڇوڙو

 

عابده پروين جلباڻي

اڄ جنوريءَ جي پندرهين تاريخ آهي. اڄوڪي تاريخ تي منهنجي پياري سهيلي فريحه مون کان هميشه هميشه لاءِ وڇڙي وئي. ۽ ان ماڳ ڏانهن هلي وئي جتان اڄ تائين ڪو به ناهي موٽيو.

مون کي اهو ڏينهن چڱيءَ طرح ياد آهي. جڏهن فريحه منهنجي گهر آخري ڀيرو آئي. هو ڏاڍي خوش هئي، ڇو ته امتحان ختم ٿيڻ کان پوءِ هن کي ڪراچي پنهنجي ڀاءُ وٽ وڃڻو هو. ۽ هن کي ڪراچيءَ ۾ خاص ڪري سمنڊ جو ڪناور ڏاڍو وڻندو هو. ۽ جڏهن به هوءَ ڪراچي ويندي هئي ته سمنڊ جي ڪناري تي ويهي ڪلاڪن جا ڪلاڪ سمنڊ کي ڏسندي رهندي هئي. خيالن جي دنيا ۾ ايترو ته مگن رهندي هئي هو کيس آسپاس ۾ ٿيندڙ گوڙ ۽ گهمسان جي به خبر نه پوندي هئي.

انهيءَ رات هو ڪراچيءَ وڃڻ جي تياري ڪري رهي هئي تقريبن رات جا ٻارنهن لڳي رهيا هئا. جنوري جي رات هئي. سو سردي چوي اڄ نه پوان ته ڪڏهن پوان. ڪمري ۾ خاموشي ڇانيل هئي. هر شيءَ سانت هئي.

اوچتو دروازو کڙڪيو ۽ فريحه کان ڇرڪ نڪري ويو. هن سوچيو ته ايتري رات جو ڪير آيو هوندو! رب سائين خير ڪجانءِ . ۽ هوءَ ڊڄندي اڃا دروازي طرف وڌي رهي هئي ته ايتري ۾ دروازو ٽٽي پٽ تي ڪريو. ۽ ڌاڙيل جن جي منهن کي ٻٽون ٻڌل هيون. اهي تيزيءَ سان اندر داخل ٿيا ۽ هڪ ڌاڙيل فريحه تي ڪلاشنڪوف سڌي ڪندي ٽجوڙي جون چاٻيون گهريون. فريحه ڄڻ بت بنجي وئي ۽ خوف وچان هن جي زبان بند ٿي وئي. دروازي جي ٽٽڻ واري ٺڪاءَ تي گهر ڀاتي جاڳي پيا ۽ انهن کي ڏسي. ڌاڙيلن فائرنگ شروع ڪري ڏني. ٻيا ته بچي ويا پر هڪ گولي فريحه کي لڳي ۽ هوءَ هميشه هميشه لاءِ اسان کان جدا ٿي وئي.

 

 

 

 

ادب جي افق تي سدا جرڪندڙ چنڊ

 

ثميره زرين

هنسٽن جواڻيءَ ”ڪنهن به مُلڪ جي مهان ليکڪ جو هُجڻ هڪ ٻي حڪومت هئڻ جي برابر آهي.“

ان ڳالهه جي روشنيءَ ۾ جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اسان جي ٻولي وسيع ادبي خزاني جي ڪري هڪ شاهوڪار ۽ سگهاري حڪومت برابر آهي. ادب ۾ هر صنف وسيلي ڏاهن ڏات ڌڻين جون ذهني ڪاوشون ادبي خزاني ۾ اضافي سان گڏوگڏ اسان جي راهن ۾ روشنيون جرڪائي نوان ماڳ مڪان تلاشڻ جي جستجو پئدا ڪن ٿا.

ڌٺو وڃي ٿو ته سنڌي ساهتي سنسار ۾ ڏاهن ڏات ڌڻي ڀائرن سان گڏوگڏ ڀينرن به پنهنجي وت وس آهر ناسازگار حالتن ۽ فرسوده ريتن رسمن کي پٺيءَ پاند اڇلائي. پنهنجي ضمير 7 ذهن جي آواز کي لبيڪ چئي قلمي پورهئي جا گل ٻوٽا پوکي جهان ۾ سندرتا واري سرهاڻ 7 سُڳنڌ ڦهلائي آهي. هو گهٽيل ٻوساٽيل ماحول ۾ به هلنديون رهيون آهن، توڙي جو سماج جي نسحو سوچ رکڻ وارن، سندن راهن ۾ ڪيڏا به ڪنڊا وڇايا. بيجا تنقيدن جا تير وسايا. هنن کي حقن جي آواز بلند ڪرڻ کان روڪيو ويو، پر هنن روزو اڌ ۾ ڀڃي پنهنجي ادبي پوڄا پاٺ ۾ ڪمي نه آندي. انهن حالتن هوندي به ثميره زرين ان ويلي. ان ڪٺن وقت ۾ ساهت جي سفر جي ابتدا ڪئي. جڏهن عورت ذات جو نانءُ ٻاهر وٺڻ به معيوب سمجهيو ويندو هو. انوقت ته نياڻين جي لاءِ تعليم جو زيور به ائين سمجهيو ويندو هو ڄڻ ڪو خطرناڪ ڌماڪيدار هٿيار ...!

نياڻيءَ جي هٿ ۾ قلم ڏيڻ ڪنهن چرئي يا ٻار جي هٿ ۾ بندوق ڏيڻ جي برابر هو. اهڙين حالتن ۽ پنهنجي ادبي لڏي جي تنقيدن جي باوجود هن سگهاري سوچ واري سرتيءَ حوصلي سان لوڪ جي سمورين ڳالهين کي پوئتي اڇلائي. ادب جي سيوا ڪئي ۽ خوب مڃتا ماڻي. هن جا به وک وڌائي آهي، ان وک وک تي هن سنڌ ڌرتيءَ جي خوددار ۽ ذهين عورت کي ئي موضوع بڻايو آهي. عورت کي جاڳائي شعور ڏنو آهي، جيڪا صدين کان پنهنجي جهالت سبب ظلم جي گهاڻي ۾ پيڙهبي رهندي آئي آهي.

ثميره جون سوچون /لکڻيون رد عمل آهي ان نظام جي ان رويي جو. ان تلخ ۽ گهٽيل ماحول جو، جنهن ۾ ان وقت عورت ذات وڪوڙيل هئي، ڇو ته ليکڪ ئي ته پنهنجي وق جو آواز هوندو آهي. ثميره پنهنجي ذهني اٿل پٿل کي، احساسن ۽ اڌمن کي تقرير واري انداز ۾ ناصح بنجڻ بدران واتان سڌو سنئون لفظن جو روپ بخشيو آهي. سندس اهي نرم 7 لطيف لهجي ۾ چيل ڳالهيون پڙهڻ سان اهو پيو محسوس ٿئي. ڄڻ ڪي اجهو ثميره ئي انهن ڪردارن جي پويان لياڪا پائي ڳالهائي رهي هجي!!

هتي ته اها ويڌن هميشه لاڪون ٿيندي اچي ته سماج ۾ پلجندڙ ناسورن کي وقت جي ڦورو طبقن آڏو آڻڻ کان لنوايو آهي، پر هن ته انهن ناسورن جي بدبوءِ کي ڍڪڻ ڏيئي لوڪ کان لڪائي ڪنهن ڪنڊ پاسي ڦٽو ڪرڻ بدران وچ پڌر تي کوليو آهي.

شهري ماحول ۾ پلجڻ واري ثميره پنهنجين گهڻين لکڻين ۾ علم جي روشنيءَ هوندي به عورت سان ٿي رهيو آهي. ان غلاميءَ کي ئي بحث هيٺ آندو آهي، جيڪا آزادي ۽ خودمختياريءَ جي نالي ۾ ڏنل آهي، ائين به ناهي ته هن حقيقت کان اکيون ٻوٽي رڳو عورت جي ئي بيجا ڀر ورتي هجي. نه ! ائين هرگز ناهي.

هن جتي عورت جي ازلي معصوميت ۽ مظلوميت تي حق جو آواز اٿاريو آهي اتي ئي سماج جي انهن ناسوري عورتن جي روپ کي به کولي پڌرو ڪيو آهي. جيڪي شهري جلسن ۾ ٺهي سنڀري، مظلوم ڀينرن کي ظلم کان نجات ڏيارڻ جهڙن سونهري سپنن جي ڄار ۾ ڦاسائي پنهنجا مفاد پورا ڪنديون رهنديون آهن.

هونئن به عورت جي آزادي ۽ خودمختياري رڳو گهر کان ٻاهر نڪرڻ، تنظيمون ٺاهڻ ۽ جلسن ۾ شرڪت ڪرڻ تائين ته محدود نه هئڻ گهرجي. اسان مان اڪثريت کي مليل هيءَ ذهني خودمختياري ڪيڏي نه اڻ مئي نعمت آهي، جو اسين جيڪو سوچيون، اهو لکي ۽ ڳالهائي سگهون ٿا.

سگهارو سرجڻهار اهوئي سمجهيو ويندو آهي، جنهن جي تحريرن ۾ حقيقت ۽ سچائيءَ جي جهلڪ هجي، جيڪي مشاهدن ۽ تجربن جي بٺيءَ ۾ تپي ڪُندن ٿيا هجن. شهري ماحول ۾ رهڻ جي ڪري به ته ثميره گهڻو ڪري شهري عورت جي مسئلن مونجهارن تي قلم کنيو آهي. حقيقت ۾ ڳوٺاڻي ۽ جهالت جي اونداهيءَ ۾ جيون گهارڻ واري عورت کي علم جي زيور سان آراسته ڪرڻ سان گڏوگڏ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته جيڪي علمن جي روشنيءَ سان منور ٿيڻ جي باوجود به شعور ۽ آگهي جي منزل تائين نه پهچي سگهيا آهن. وڌيڪ اصلاح جي ضرورت ته پڙهيل لکيل طبقي کي آهي، جيڪي بظاهر روشنيءَ ۾ اچڻ جي باوجود اڃان تائين ذهنن ۾ اونداهيءَ کي وسايو ويٺا آهن.

عام طور تي ادب ۾ ۽ خاص طور تي سنڌي ادب ۾ ته اها روايت عام آهي ته هڪ اڌ عورت ليکڪا جيڪڏهين لکندي به ۽ پنهنجي احساس کي اظهار ڏيڻ چاهيندي ته آگهيءَ جي اهڙي ماڳ تي پهچڻ لاءِ وڌايل قدم کي اڌ ۾ روڪي کيس انهيءَ ئي اڻ ڄاڻائيءَ جي انڌيري ۾ واپس ورڻ تي مجبور ڪيو ويندو آهي. پر جس هجي ان وقت جي ساهتڪار ڀائرن کي. جن جي گڏيل ڪوششن سان جڏهين ”نئين زندگي“ ۽ ”مهراڻ“ شروع ٿيو ته ان ۾ روايتن کان هٽي ڀينرن جي وڌايل قدم تي ڇوهه ڇنڊڻ کان پاسو ڪري سڀني اونڌين رسمن جو انت آڻي، نئين روايت جي عمارت ۾ پنهنجي لکاري ڀينرن کي اهم مقام ڏنو. تان جو اهي اڄ تائين به سنڌي ساهتي سنسار جي سونهن ۽ سوڀيا جو سبب سمجهيون وڃن ٿيون.

ساهت جي سمنڊ ۾ روشنيءَ جي مناري جيان پري کان ئي تجلا ڏيئي پنهنجي سگهاري سوچ جي وجود جو احساس ڏياريندڙ، ادب جي افق تي سدا جرڪندڙ چنڊ ثميره زرين پنهنجي قلم جي روشنائيءَ سان جوت جرڪائيندي پنهنجي پويان ايندڙ سرتين لاءِ به روشنيون ئي روشنيون ڦهلايون آهن.

ثميره جو نالو جڏهين ادبي سنسار ۾ ظاهر ٿيو ته هر پاسي کان تنقيد جي برسات وسي پئي، الزام هنيو ويو ته عورت جي نالي ۾ ، عورت جي روپ ۾ ڪو مرد لکي رهيو آهي، ڪن اهو به الزام هنيو ته پاڻ نه ٿي لکي پر ڪو ٻيو وڏي ادبي نالو ان جي پويان آهي. انهن جي جواب لاءِ هن شهر مان ڪي شاهڪار مثال ناهن ڇا! ڪنهن ننڍڙي شهر مان ڪو وڏو نانءُ اُڀري نٿو سگهي. شعور جي ابتدائي دؤر کان وٺي شڪارپور شهر علمي ادبي حوالي کان مشهور رهندو اچي.

ائين چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو ته ادب جو ٻج ئي شڪارپور جي چيڪي مٽيءَ مان ڦٽي نڪتو آهي. هيءَ سرزمين ته ساهت ۾ سدائين سائي ۽ سدا سهاڳڻ رهندي آئي آهي.

شڪارپور، جتي ساميءَ جي سلوڪن ساڃاهه پکيڙي، لطف الله بدويءَ جهڙا صوفي محقق پئدا ٿيا، جنهن احسان بدويءَ جهڙا پارس ڏنا، اتان ئي رشيده حجاب جو رنگ نمايان ٿيو. آغا سليم جهڙا سندر سوچن وارا ساهتڪار پئدا ٿيا، بيدل مسرور جي آواز جي گونج گجگوڙ بڻي، وڏي ڳالهه ته جنهن سنڌ ڌرتي تي نه پر پوري ايشيا ۽ دنيا کي هڪ ڏاهو ڪوي شيخ اياز ڏنو. مطلب ته هڪ وڏي ڊگهي قطار آهي اديبن ۽ شاعرن جي، جن جو تعلق ۽ واسطو هن ننڍڙي شهر سان آهي. جيڪو ادبي مڻين جي موجودگيءَ ڪري گهڻو شاهوڪار آهي، اهڙن گڻن واري علمي ادبي ميڙاڪن واري شهر۾ ثميرا جهڙي سرجڻهار جي ساهتي سچائيءَ جي سُندرتا ۽ سُرهاڻ پکڙجڻ ڪا حيرت جي ڳالهه ڪونهي. هن شهر جي هر ڏاهي نسل کي ثميره جي سگهرين سوچن صلاحيتن تي فخر رهندو.

ثميره زرين 12 سالن جي ننڍي ڄمار ۾ پنهنجن جذبن، اُڌمن ۽ احساسن کي لفظن جي لباس پهرائڻ جو ڪم شروع ڪيو هو. هوءَ جڏهين باقاعده ان ميدان ۾ آئي ته ان وقت هن هندو سنڌين جي لڏ پلاڻ سببان هر طرف ماٺ ڇانيل هئي. ان موت جهڙي ماٺ ادبي ماحول تي به جمود آڻي ڇڏيو هو. هر ڏاهو ذهن الجهيل الجهيل سوچن سان هيڪلو هيڪلو هو، گهڻن سنڌي ساهتڪارن جي لڏي وڃڻ ڪري سنڌي ادب تي چؤطرف اونداهيءَ جو ئي راڄ هو، هر سوچ وائڙي ! خيال ۽ احساس لفظ بڻجي اُڏرڻ کان اڳ ئي حالتي ڇڪتاڻ جي ڄار ۾ ڦٿڪي ڦٿڪي ڪم ڏيڻ تي هئا، جو ڪي چند سيانا سرجڻهار اڳتي اچڻ جي همت ۽ جرئت ڌاري سگهيا، اڳتي قدم وڌائيندڙ ڀائرن سان گڏ سرتين جو ننڍڙو تولو به ان جدوجهد واري عمل ۾ ساڻ ساڻ هلڻ لڳو، ساڃاهه ڀرين سرتين جي ان ننڍڙي قافلي جيوري ثميره زرين سرواڻ هئي.

هونئن به ڏٺو وڃي ته جڏهين ڪو تخليقڪار ڪجهه تخليق ڪرڻ جو سفر شروع ڪندو آهي ته هن جي آڏو پاڻ کان اڳ وارن جا مشاهدا ۽ تجربا هوندا آهن، جن جي روشنيءَ ۾ هو پنهنجي واٽ ۽ لاٽ ڦهلائيندو اڳتي وڌندو آهي ۽ اڃان اڳتي وڌندو آهي ۽ اڃان اڳتي هلي پاڻ لاءِ پنهنجي پسند جي راهه چونديندو آهي، پر ثميره جڏهين اهو اؤکو سفر شروع ڪيو ته هن جي آڏو ڪنهن جي به قدمن جا نشان ايڏا واضح نه هئا. وق جي بي رحم واچوڙي هن جي رهبرن جا پيرا به وڃائي ڇڏيا هئا پر هوءَ نئين اتساهه ۽ جوش جذبي سان اڳتي وڌي ۽ پنهنجو الڳ رستو ٺاهي نوان ماڳ مڪان ڳولي لڌائين.

هن پنهنجي لکڻين ۾ روزمرهه جا عام ڪردار ۽ واقعا بحث هيٺ آندا آهن. عام ماڻهن جي ننڍڙين ننڍڙين خوشين تي هوءَ خوش ٿي آهي. ننڍن ننڍن ڏکن ڏولائن تي به ورئي ڏنو اٿائين. هن جي لکڻيءَ جو انداز جداگانه طرز جو آهي.

هن رڙيون ڪري ڳالهه ٻڌائڻ بدران نرم ۽ لطيف لهجي ۾ پنهنجي نقطئه نظر کي واضح ڪيو آهي. ثميره جي تحريرن ۾ تيز وهڪري واري نديءَ جهڙو شور ۽ اڇل ڪونهي. پر اندر ۾ سوين هزارين طوفان لڪايل اونهي سمنڊ جهڙي گهرائي، سانت ۽ سڪون آهي، ٿڌڙي هير وارو هڳاءُ آهي.

ثميره جون ڪهاڻيون ڪنهن هڪ فرد جون نه، ڪنهن مخصوص طبقي جون نه، پر پوري سماج جي تاڃيءَ پيٽيءَ ۾ اُڻيل هر گهر جون، هر دؤر جون ڪهاڻيون آهن.

سچي تخليقار جي دل ته هر معصوم جي خوشيءَ تي سک جو ساهه کڻندي آهي ۽ هر مظلوم جي آهن دانهن تي تڙپندي آهي، سچو سرجڻهار جڏهين به ڪجهه تخليق ڪندو آهي ته هن جي دل ۾ ٻين لاءِ درد پئدا ٿيندو آهي، هو روزانو پيش ايندڙ معمولي ڳالهين /واقعن کي به حساسيت سان جانچي ڏسندو آهي ۽ پوءِ پنهنجي تحريرن ذريعي عام زندگيءَ جي زهر ۽ ڪؤڙاڻ کي پني جي پيشانيءَ تي اوتيندو ويندو آهي.

ثميره به هر درد وندي دل لاءِ پنهنجي اندر جي اونهاين ساڻ تڙپي، حق لاءِ سوچيائين ۽ قلم وسيلي حق جو هوڪو ڏنائين، پر ڌرتي ۽ ڌرتيءَ وارن جا اهڙا درد پنهنجي دل م سانڍڻ واري سٻاجهي سلڇڻي ثميره زرين مٺڙن مارن جو هر معاملو، ساڻيهه وارن جا ازلي سُور سدا لئه پنهنجي وشال سپني اندر، ساهه سان سانڍي، چپ چاپ هلي وئي ! ماٺ ميٺ ۾ موڪلائي وئي!! ائين جيئن پياري پوپٽ جو وجود ختم ٿي وڃي ته ان جا رنگ باقي رهندا آهن. ائين جيئن ڪو گل ڪومائجي وڃي پر ان جي مهڪ باقي رهندي آهي، ان جي سڳنڌ ختم نه ٿيندي آهي ....!!

ثميره به ته اهو سونو سج هئي ، جيڪو پنهنجا سونا روپا ڪرڻا کڻي جهان کي اجالو ڏيڻ جو جذبو دل ۾ رکي اتساهه واري احساس مان اُڀريو ۽ شام ٿيڻ کان اڳ ئي خوبصورت لالاڻ جي لالي چٽي اونداهيون ڦهلائي ڪنهن ٻي دنيا کي، ڪنهن ٻي ڪائنات کي جرڪائڻ لاءِ بيوقت الهي ويو.

ها ! ثميره ته چند جي اها ٿڌڙي مٺڙي چانڊاڻ هئي، جنهن جي سوجهري ۾ اسين سڀ تارا ڪتيون پنهنجي ڏات ۽ ڏاهپ کي روشن ڪري ساهتي سنسار ۾ پنهنجي صلاحيتن سان وڌيڪ سُونهن ۽سُندرتا پکيڙي سگهون ها .... !!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com