سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1995ع

مضمون --

صفحو :2

 

بينظير ڀٽو جي عورتن جي پارلياماني ميمبرن جي پهرين ڪانفرنس جي افتتاح تي ڪيل تقرير.

 

اها منهنجي لاءِ وڏي مرتبي ۽ خوشيءَ جي ڳالهه آهي، ته مان هن وقت تائين چونڊيل پهرين مسلم عورت سربراهه طور اسلامي دنيا جي خواتين پارليامينٽ ميمبرن جي پهرين ڪانفرنس جي آجيان ڪيان ٿي. اهو منهنجي، منهنجي حڪومت، اسلام آباد جي شهر ۽ اسلامي جمهوري پاڪستان جي ماڻهن لاءِ اوهان کي پنهنجي ملڪ ۾ آجيان ڪرڻ لاءِ عزت جو مقام آهي. اسان پارليامينٽ ميمبرن ۽ ڪم ڪندڙ عورتن طور عبور واري دنيا ۾ وڏي تبديلي ۽ موقعي جي وقت ملون پيا. هر سال سڄي دنيا جا پارليامنٽ ميمبر عالمي پارليامينٽري ڳانڍاپي لاءِ گڏ ٿين ٿا ته جيئن اهي تجربا ورهائي سگهن ۽ دنيا جي پارليامينٽ وچ ۾ لاڳاپا قائم ڪري سهگن.

اسان جيڪي پاڪستان ۾ آهيون. محسوس ڪيو، ته اهو ضروري آهي ته مسلم ملڪن جون خواتين پارليامينٽ ميمبر مستقبل ۾ ملاقاتون ڪن، ته جيئن مسلم ملڪن جي خواتين پارليامينٽ ميمبرن وچ ۾ ويجها لاڳاپا قائم ڪري سهگجن. اسان پنهنجن ملڪن ۾ ڪم ڪندڙ عورتون ڪنهن نه ڪنهن قسم جي چئلينجن کي منهن ڏيون پيون. اسان مان ڪيتريون ئي دقيانوسي گروپن جي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيون آهن. جيڪي اعلان ڪن ٿا ته خيال اسلام ۾ آزاديءَ جي خيال جي سڌي ٽڪراءَ ۾ آهن. اسلامي پيغام جي دور ۾ ڪم ڪندڙ عورت جو تصور آهي. حضرت خديجه رضي الله تعاليٰ عنه کي اسلام ۾ هڪ ڪم ڪندڙ عورت جي شاهدي طور چونڊيو ويو. پاڪ پيغمبر هڪ ڪم ڪندڙ عورت حضرت خديجه سان شادي ڪئي ۽ حضرت خديجه جي عمر دوران پاڪ پيغمبر ڪنهن ٻي عورت سان شادي نه ڪئي. تنهن ڪري سمورن مسلمانن لاءِ پيغام رکيل آهي. جن کي اسلامي تاريخ ۽ اسلامي پيغام جي اڀياس لاءِ ذهانت آهي.. اسلام برابريءَ جو پيغام آهي. اسلام کان اڳ جي دور ۾ ڇوڪرين کي زنده دفنايو ويندو هو. ڇوڪري جي پيدا ٿيڻ کي شرم جي ڳالهه سمجهيو ويندو هو. اسلام عورتن جي ان قتل جي شرم جوڳي عمل کي روڪي ڇڏيو. حضرت فاطمه اسلام جي پهرين عظيم عورت بڻي. هو انتهائي احترام واري عورت هئي. هو ٻن امامن جي والده ۽ چوٿين خليفي جي گهر واري بڻي.

اهڙيءَ طرح اسلام عورتن. مائرن، ڌيئرن، گهر وارين ۽ ڪم ڪندڙ عورتن طور وڏو مان ۽ مرتبو ڏيڻ ذريعي خاندان، سماج ۽ برادري جي اهميت تي زور ڏئي ٿو. اسلامي تاريخ اهڙن مثالن سان ڀري پئي آهي جن ۾ عورتن جنگين ۾ حصو به ورتو . ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته اسلام عورتن تي بندشون نه مڙهيون آهن. حقيقت ۾ اهو رڪاوٽون هٽائي ٿو. عورتون گهر ۾ ڪم ڪري سگهن ٿيون. واپار ڪري سگهن ٿيون ۽ جنگين ۾ حصو وٺي سگهن ٿيون. قرآن شريف وري وري مردن ۽ عورتن جي برابريءَ کي ظاهر ڪري ٿو. اسلام ئي اهو مذهب آهي، جنهن پهريائين عورتن کي طلاق، ٻار کي پاڻ وٽ رکڻ ۽ ورهاست جا حق ڏنا. اهي اهڙا حق آهن جيڪي اولهه جي دنيا ۾ تازو 20 هين صدي ۾ مليا آهن. وري اجتهاد ۾ عورت ۽ مرد ٻئي عمل ۾ حصو وٺي سگهن ٿا. اڃا تائين اولهه جي حق يا پنهنجن معاشرن جي جوهر واضح ڪرڻ جو حق آهي.

بدقسمتيءَ سان جيڪڏهن مسلمان ملڪن ۾ عورتون پوئتي پيل آهن، ان جو سبب مذهب ناهي. پر ان جو سبب ثقافتي ۽ قبائلي نوعيت جون مرداني روايتون آهن جن اسلام پاران ڏنل عورتن جو حق غصب ڪيو آهي. مثال طور جبري شاديون اسلام جي بنيادي اصولن جي خلاف آهن. جڏهن اهي شاديون ٿين ٿيون، ته انهن کي اسلامي اصولن مطابق نه پر انهن روايتن سبب ڪيو پيو وڃي. اڄ ڪيترائي سياسي فورم موجود آهن، جتي سياسي مسئلن تي ويچاريو پيو وڃي. جڏهن ته اسان کي اهڙو ڪوبه فورم نظر نٿو اچي جتي مسلمان عورتون گڏجي سماجي روايتن ۽ بندشن تي غور ڪن. ۽ انهن حقن تي بحث ڪن جن جي اسلام کين ضمانت ڏني آهي. اسان چاهيون ٿا ته مسلمان عورت پارليامينٽ ميمبر هڪ ٻئي سان گڏجڻ سياست بابت ڳالهائڻ لاءِ نه، پر سياسي اختلاف دور ڪري، ۽ انهن مسئلن لاءِ ڳالهائي جيڪي مسلم ملڪن ۾ عورتن کي متاثر ڪري رهيا آهن ۽ اهو ڏسڻ لاءِ اسان مان هر هڪ ۽ سماج اهڙن مسئلن کي ڪيئن منهن ڏين ٿا. اهو ظاهر طور عجيب لڳي سگهي ٿو، ته پارليامينٽ ميمبرن کي غير سياسي ڳالهين لاءِ گڏ ٿيڻ لاءِ چئجي جيڪي فطري طور سياسي آهن. پر ان جو ڳوڙهو اڀياس ظاهر ڪندو، ته اها عجيب ڳالهه ڪونهي. ڇو ته اسان مسلمان عورتون آهيون. اسان جي خواهش آهي ته اسان سياسي شراڪت، سياسي بنيادن ۽ سياسي خيالن کان مٿي ٿيون، ته جيئن اسان سماجي سرگرمين ۽ وزارتن لاءِ حالتن بابت ڳالهائي سگهون. مثال طور اسان اهو معلوم ڪرڻ چاهينداسين ته ٻين مسلمان ملڪن ۾ لڄالٽ جا ڪهڙا قانون وجود رکن ٿا. اسان اوهان کي ٻڌائڻ چاهينداسين ته پنهنجي ملڪ ۾ اسان گهرو تشدد جي وڏي مسئلي کي منهن ڏيئي رهيا آهيون. اسان هاڻي پوئتي پيل گروپن لاءِ ٽربيونل قائم ڪيو آهي. اهو ٽربيونل عورتن خلاف زيادتين تي خودبخود نوٽيس وٺي سگهي ٿو. عورتون پاڻ به ان ٽربيونل سان رابطو ڪري سگهن ٿيون.

اسان کي ڇا ڪرڻو آهي، جڏهن اسلام چٽي نموني چئي ٿو، ته ”ٻار هڪ مخصوص عمر تائين ماءُ وٽ رهندو“ پر مرد جج اڪثر ان قانون جي ڀڃڪڙي ڪن ٿا ۽ اسان کان اسان جا ٻار ڦري وٺن ٿا. اسان انهن چيلينجن جو مقابلو ڪيئن ڪري سگهون ٿا. تنهن ڪري اسان مسلمان عورتن جي ڪيترين مشڪلاتن تي ڳالهائڻ لاءِ ملون جيڪي عورتن اڳيان آهن.

اسان کي ڏسڻ گهرجي جيڪڏهن اسان اهڙن چئلينجن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ هڪ ٻئي کان راءِ وٺي سگهون.

اسان گڏيل قومن پاران هن سال جي آخر ۾ بيجنگ ۾ ٿيندڙ سمٽ ۾ پڻ ملاقاتون ڪيون. اسان جي ملاقات اسان کي ڪجهه مسئلن تي غور جو موقعو فراهم ڪري ٿي، جيڪي ان فورم تي اٿاريا ويندا ۽ ڏسبو ته اهڙا ڪجهه مسئلا آهن.جن تي گڏيل موقف اختيار ڪيو وڃي. پاڪستان پهريون مسلمان ملڪ آهي جنهن جي چونڊيل عورت وزير اعظم آهي ۽ اسان عورتن جي حقن جي حوالي سان ڊرامائي تبديلي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن سال اسان کي مسلمان ملڪ جي خواتين پارليامينٽ ميمبرن جي پهرين عالمي ڪانفرنس جي ميزباني جو شرف حاصل آهي. اسان کي اميد آهي ته اها هڪ ٻئي جي گادين وارن شهرن ۾ لاڳيتو ٿيندي. ايندڙ سال اسان کي مسلم عورتن جي ٻي اولمپڪس جي ميزباني ڪرڻي آهي. اسان اميد ڪيون ٿا ته اسان سڄي مسلم دنيا جي ٽيمن جي آجيان ڪنداسين. اسان اعليٰ عدالتن ۾ خواتين ججز مقرر ڪيون آهن. اسان اڳوڻي وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي طرفان شروع ڪيل عمل جاري رکيو آهي. جنهن ان جا در کوليا هئا. ذوالفقار علي ڀٽي پهريون ڀيرو پوليس فورس ۾ عورتن جي ڀرتي ڪئي، اسان عورتن جا ٿاڻا کولي ان عمل کي مضبوط ڪيو. جتي عورتون پاڻ تي ٿيل ظلمن بابت ٻين عورتن وٽ رپورٽ داخل ڪرائي سگهن ٿيون. ان ڳالهه ۾ يقين رکندي ته اقتصادي آزادي آزاد چونڊ جي چاٻي آهي. تنهن ڪري آزادي ۽ وقار لاءِ اسان عورتن جي ترقي واري بئنڪ (وومن ڊولپمينٽ بئينڪ) کولي آهي، اها بئنڪ صرف عورتون ڀرتي ڪري ٿي ۽ عورتن کي قرض فراهم ڪري ٿي. ان بئنڪ طرفان ڏنل قرضن ذريعي پاڪستاني عورتن طرفان ڪيترائي ڪاروبار ڦهليا آهن ۽ اسان اميد ٿا ڪريون، ته اهو ڪاروبار ترقي ڪندو. عورتن کي هنر ڏيڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ عورتن جا 40 ڪمپيوٽر سينٽر کوليا پيا وڃن. آبادي جي واڌ ۽ ٻارن جي عورتن خلاف اسان جي جنگ ۾ هڪ لک عورتن کي ڀرتي ڪيو ويندو. هلندڙ سال جي آخر تائين35000 خواتين ڪارڪن ٻارن جون زندگيون ۽ مائرن جي قوت بچائڻ ۾ ڪم ڪنديون هونديون ۽ ماءُ کي پنهنجي لاءِ چونڊ ڪرڻ جي اهل بڻائينديون هونديون. قانوني امداد جا مرڪز، عورتن جا هوٽل، عورتن جون نوڪريون، عورتن کي برابري، وقار ۽ عزت ڏيڻ لاءِ اسان جي ڪوششن جو حصو آهن جن جو 1400 سال اڳ پاڪ پيغمبر صلعم واعدو ڪيو هو.

پاڪستان ۾ اسان هر صوبي کان سوين ڳوٺن، قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلين تائين عورتن جي حقن جي جدوجهد لاءِ جنگ شروع ڪئي آهي. اسان جي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي اهي اشتهار هلي رهيا آهن، ته گهرو تشدد ڏوهه آهي. اسان بار بار نوجوان ڇوڪرين ۽ قوم جي عورتن کي ڪردار فراهم ڪيا آهن. ائين نه چوڻ گهرجي، ته عورتن جي پوئتي رهڻ ۾ ڪو مردن جو ڪردار ڪونهي. مرد ڪچلي سگهي ٿو ۽ ان کي پوئتي رکڻ ۾ مرد پوئتي ڌڪڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿو. جڏهن ته مان ڪيترين ئي شڪلين ۾ مرد جي زيادتين کي منهن ڏنو آهي. مان انڪري ڪامياب ٿيس، ته ڇاڪاڻ ته منهنجي والد اسلامي اصولن مطابق زندگي گذاري ۽ پنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن وچ ۾ مت ڀيد وارو رويو نه رکيو. هن مون کي 16 سالن جي عمر ۾ دنيا جي هڪ بهترين يونيورسٽيءَ موڪليو. اهو محسوس ڪندي، ته اسلام ۾ ڄاڻ جي اهميت آهي. تنهن ڪري پنهنجي ڌيءَ کي تعليم کان پري نه رکڻ گهرجي.

هن مون کي آزاد اقتصادي وسيلن سان ڇڏيو. جن کانسواءِ مان پنهنجي ملڪ ۽ ان جي ماڻهن لاءِ پاڻ کي وقف ڪرڻ جي قابل نه ٿي سگهان ها. منهنجي والد مونکي همت ڏياري ۽ اتساهيو ۽ مونکي پنهنجن خيالن جي اظهار لاءِ قوت ۽ اعتماد ڏنو. ٻين شين کان وڌيڪ اهو ته هن کي سدائين يقين رهيو، ته سندن ڌيءَ وزير اعظم ٿيندي. جڏهن ته اهڙي ڳالهه ڪڏهن مسلم دنيا ۾ ٻڌڻ ۾ به نه آئي هئي ۽ مان پاڪستان جي ماڻهن ۽ پ پ جي ڪارڪنن جي شڪر گذار آهيان، جن مون کي نه صرف پنهنجي ليڊر پر ڀيڻ طور قبول ڪيو، جن مسلم سماجي جمهوري سرشتي لاءِ اسان جي تحريڪ کي پنهنجيون زندگيون، پنهنجيون آزاديون ۽ جوانيون ڏنيون. جيئن مان اڳ اوهان جي اڳيان ڳالهه ڪئي آهي، ته ڪيترائي اسان جا شهيد ۽ سندن خاندان ذهن ۾ اچن ٿا، جن کي مان دلاسا ڏيندي رهي آهيان، سندن همٿ ۽ وقار تمام اوچو هو. اها زندگي جي ظاهري حقيقت آهي، ته اهڙا به مرد آهن، جيڪي ظلم ڪن ٿا ۽ اهڙا به مرد آهن، جيڪي آزادي ڏيارين ٿا. تنهنڪري ڪجهه اهڙيون عورتون به آهن، جيڪي ظلم ڪن ٿيون ۽ ڪجهه آزادي ڏيارين ٿيون. اهو ئي لقاءُ آهي، جنهن تي اسان اوهان سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ چاهيون ٿا. اسان جي معاشرن ۾ اسان اڪثر ٻڌندا آهيون، ته سس نُنهن سان ظلم ڪندي آهي ۽ پوءِ نُنهن جڏهن سس بڻبي آهي، ته اهوئي ڪندي آهي جيڪو سندس سَسُ ساڻس ڪيو هو. ڇو؟ مون وٽ ان جا جواب ڪونهن، اهي جواب صرف مسلمان عورتن جي بحث ۽ غور ذريعي ئي اچي سگهن ٿا ۽ مان فخر محسوس ڪيان ٿي، ته اسان اڄ اهو بحث گڏيل نموني شروع ڪري رهيون آهيون.البته هڪ ڪم ڪندڙ مسلمان عورت هوندي اهو سولو ناهي.

اسان مسلمان عورتون ان کي تسليم ڪيون ٿيون. رڪاوٽون تمام وڏيون آهن. ٻٽا معيار به تمام گهڻا آهن ۽ جيڪي اسان ڏانهن واجهائين پيون، اسان مان انهن جن ڪم جي چونڊ ڪئي آهي، تن وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. اسان جمود کي ٽوڙيو آهي. ڪاوڙ کانسواءِ اسان کي اعليٰ معيارن سان جاچيو پيو وڃي. جيڪي هڪ ميل به وڌيڪ هليون آهن. اهي وڌيڪ احتساب جوڳيون ٿين ٿيون. ٻين لفظن ۾ اسان کي هر سطح تي مرد تي فتح حاصل ڪرڻي آهي. اسان کي پنهنجي ذميواري کان پوئتي نه هٽڻ گهرجي. اسان کي گهرجي ته ان جي آجيان ڪيون. ان جي آجيان سڄي دنيا جي عورتن طرفان شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ عظيم يونيورسٽين ۽ جهالت جي ماحول ۾ ڪيون. انهن لاءِ جن اڳ تڪليفون برداشٽ ڪيون ۽ انهن سڀني لاءِ جيڪي اسان کانپوءِ اينديون. اسان هن خاص پوزيشن ۽ خاص وقت ۾ نوازيل آهيون جنهن سان مستقبل کي تبديل ڪرڻ جو تمام وڏو موقعو گڏ آهي. عزت ماب خواتين. اوهان جي مهرباني جو اوهان پاڪستان آيون آهيو، مهرباني جو اوهان اسلام آباد آيون. اوهان جي مهرباني جو توهان مسلم دنيا جي خواتين پارليامينٽ ميمبرن جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪري رهيون آهيو. مان پاڪ پيغمبر جا آخري ٻه لفظ چئي اوهان کان موڪلائينديس. پاڻ حضور صلعم جن فرمايو آهي ته ” بهترين پردو اهو پردو آهي جيڪو اکين ۾ آهي.“ ۽ آخرڪار اسان لاءِ تاريخ ۾ تاريخ لکڻ جو لمحو اچي ويو آهي. توهان جي وڏي مهرباني.   

 

 

اسلامي ملڪن جي خواتين پارليامينٽ ميمبرن جي عالمي ڪانفرنس

وزير اعظم محترمه بينظير ڀٽو، ملڪ ۾ خواتين جي زندگي جي هر شعبي ۾ ڀرپور شرڪت لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي. اهو ئي سبب آهي جو ملڪ جي اعليٰ عدالتن ۾ خواتين کي مقرر ڪيو ويو آهي. خواتين پوليس اسٽيشنون قائم ٿيون آهن.

هڪ ٽربيونل قائم ڪيو ويو آهي، جيڪو خواتين سان ٿيندڙ زيادتين جو پاڻمرادو نوٽيس وٺندو ۽ عورتون پاڻ به ان ٽربيونل ۾ شڪايت لاءِ وڃي سگهن ٿيون. وزير اعظم محترمه بينظير ڀٽو، خواتين جي حقن لاءِ پهريون ڀيرو اسلام آباد ۾، اسلامي ملڪن جي خواتين پارليامينٽ ميمبرن جي ٽن ڏينهن واري بين الاقوامي ڪانفرنس منعقد ڪئي.

پهرين آگسٽ 1995ع اڱاري ڏينهن صبح جو هلال احمر اسلام آباد جي عمارت ۾ ٿيندڙ، ڪانفرنس ۾ وڏي تعداد ۾ خواتين وفدن شرڪت ڪئي. پاڪستان پهچڻ تي انهن وفدن جي شاندار آجيان ڪئي ويئي. ان موقعي تي وفدن جي اڳواڻين انٽرويو ڏيندي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ واري فيصلي جي ساراهه ڪئي ۽ وزير اعظم محترمه بينطير ڀٽو پاران خواتين جي حقن لاءِ ورتل ڪوشش تي کيس خراج تحسين پيش ڪيو. فلسطين جي آزادي واري تحريڪ جي مک اڳواڻ ليليٰ خالد وزير اعظم محترمه بينظير ڀٽو کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. ۽ چيو ته محترمه بينظير ڀٽو دنيا جي خواتين لاءِ اتساهه جو وڏو ذريعو آهي. ۽ محترمه بينظير ڀٽو جو شمار اهڙين شخصيتن ۾ ٿئي ٿو جيڪي ڪنهن به مامري تي پيش رفت ڪري سگهن. ترڪي جي وفد جي اڳواڻ چيو ته خواتين پارليامينٽ واري ڪانفرنس منعقد ڪرڻ پاڪستان لاءِ وڏو اعزاز آهي. هن چيو ته خواتين پاليامينٽيرين واري ڪانفرنس منعقد ڪرڻ پاڪستان لاءِ وڏو اعزاز آهي. هن چيو ته محترمه بينظير ڀٽو 1988ع ۽ 1993ع ۾ وزير اعظم محترمه بينظير ڀٽو لاءِ وڏو اعزاز آهي. وزير اعظم چونڊجڻ دنيا جي خواتين لاءِ وڏو اعزاز آهي. وزير اعظم محترمه بينظير ڀٽو کي اسلامي ملڪن جي خواتين پارليامينٽيرين جي پهرين ڪانفرنس جو چيئر پرسن چونڊيو ويو.

ڪانفرنس جو افتتاح وزير اعظم محترمه بينظير ڀٽو ڪيو جڏهن ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سيد يوسف رضا گيلاني آجياڻي تقرير ڪئي. ان موقعي تي پرڏيهي وفدن کان سواءِ وفاقي وزيرن. پارليامينٽ جا ميمبر ۽ اعليٰ عملدار موجود هئا.

ڪانفرنس جي ٻي ڏينهن تي ڪيتريون ئي سفارشون پيش ڪيون ويون جن جو مقصد اسلامي معاشري ۾ خواتين جي ڪردار کي فعال بنائڻ آهي. اجلاس ۾ ترقي ۽ الهندي ملڪن ۾ مسلمان خواتين جي ڪردار، اسلام بحيثيت مذهب، مساوات، بردباري ۽ عدم امتياز، مسلم ملڪن ۾ خواتين جي مسئلن ۽ ڪيترن ئي ٻين موضوعن تي پنهنجون سفارشون پيش ڪيون. ان کان اڳ صدر جناب فاروق احمد لغاري ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ خواتين پارليامينٽين جي اعزاز ۾ آجياڻو ڏنو. جڏهن ته سينٽ جي چيئرمين جناب وسيم سجاد پڻ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ معزز مهمانن جي اعزاز ۾ منجهاندو ڏنو. ڪانفرنس جي پڄاڻي تي مختلف وفدن جي اڳواڻن عورتن جي حقن بابت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. آخر ۾ اتفاق راءِ سان گڏيل پڌرنامو جاري ڪرڻ جي منظوري ڏيڻ کان پوءِ هي ڪانفرنس پڄاڻي تي پهتي.

 

پڌرنامون

اسلامي ملڪن جي خواتين پارليامينٽ ميمبرن جي عالمي ڪانفرنس جو پڌرنامو

اسلامي ملڪن جي خواتين پارليامينٽ ميمبرن جي پهرين بين الاقوامي ڪانفرنس جي پڄاڻي بعد دنيا جي اسلامي ملڪن ۽ مک عالمي تنظيمن جي خواتين وفدن اتفاق راءِ سان گڏيل پڌرنامو ظاهر ڪرڻ جي منظوري ڏني. جنهن ۾ چيو ويو، ته ساڳي نوعيت جي ٻي عالمي ڪانفرنس هڪ سال اندر منعقد ڪئي ويندي.

ڏهن خواتين پارليامينٽيرين تي مشتمل ڪميٽي ٺاهڻ جي منظوري ڏني ويئي، جيڪا ان سلسلي ۾ انتظام ڪندي ۽ تسلسل کي برقرار رکندي.

ڏهه رڪني ڪميٽي ۾ ايشيا جون خواتين، 3 آفريڪا، 3 وچ اوڀر جي رياستن ۽ هڪ يورپ جي ميمبر شامل هونديون.

انهيءَ ڏس ۾ ڇهن مهينن اندر ان ڪيٽيءَ جو اجلاس ٿيندو. ان سلسلي ۾ سيڪريٽريٽ اسلام آباد ۾ قائم ڪئي ويندي، جيڪا رابطي جو ڪم ڪندي ۽ ميٽنگ جو انتظام پڻ ڪندي. سيڪريٽريٽ خواتين جي چوٿين عالمي ڪانفرنس، جيڪا بيجنگ ۾ ٿيندي، ان ۾ شرڪت لاءِ پڻ مسلم دنيا سان رابطو ڪندي. ۽ خواتين جي آزادي ۽ حقن لاءِ بنياد فراهم ڪندي. پڌرنامي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي، ته هي ڪانفرنس اسلامي ملڪن جي خواتين جي ڀلائيءَ ۽ معاشرتي مسئلن سميت سندن حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com