سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1995ع

مضمون --

صفحو :12

 

لکي ڏس !

اسحاق راهي

وري مارئي جي مٽن تي لکن ڏس،

کٿيرن جي کيسن کٿن تي لکي ڏس.

ولهارن جي واڙين وٿاڻن تي ڀلجي،

ڪڏهن ڇيلڙن ليلڙن تي لکي ڏس.

مزو لاڙ ڪاڇي تي لکندي ته آ پر،

الا! ٿر جي پوٺن ڀٽن تي لکي ڏس.

اميراڻي پوشاڪ تي ڀي لکيو ٿئي،

مگر ڪن اگهاڙن انگن تي لکي ڏس.

ڇڏي محل ماڙين جون هيڪر پچارون،

ڪڏهن ڀلجي ڇپرن ڇتن تي لکي ڏس.

اڃان تائين عمرن جا آزار آهن،

سندن بند ڪوٽن ڪڙن تي لکي ڏس.

جنين پٽ نه پهريو اڃا تائين آهي،

گگهيرين جي

 

گندين گجن تي لکي ڏس.

نڪو پٽ پٽيهر پنوهارين آ پاتو،

ڪو چيرون ٿيل چولڙن تي لکي ڏس.

اٻالين اياڻين نياڻين سياڻين،

نماڻين جي سڏڪن سڏن تي لکي ڏس.

وسارين متان نياز نوريءَ جو همدم،

سندس سڪ ڀرين سوکڙين تي لکي ڏس.

لکج روز شب سنڌ تي پيو اي راهي،

سنڌوءَ جي تکن وهڪرن تي لکي ڏس.

***

 

 

تنهنجو پيار

نجمه راشدي

توکان مليل پيار،

تنهنجي ڇڏي وڃڻ کان پوءِ به !

منهنجي احساس ۾

خوشبوءِ جيان سمائجي ويو آ.

۽ مان تنهنجي پيار جي

سيوا ڪري رهي آهيان.

جيئن تنهنجو پيار،

هميشه مون لاءِ پيار ئي رهي.

۽ مان ان پيار کي،

بي انتها پيار ڪندي رهان.

******

 

معصوم نياڻيءَ جي پڪار

غلام شبير ”ناز“ ڀٽو

او بابا،

قبلا ڪعبا.

ڇو ٿو مون کي ڍور سمجهين

تون کپائين،

قبلا سائين.

مان ته بابا ڍور ناهيان،

مان ته انسان آهيان.

ڇا مان ڪجهه نه ڪڇان

۽

نه ئي لڇان،

ڍور گونگو آهي بابا،

مون کي زبان آهي بابا،

مان

سڀ ڪجهه سمجهي سگهان ٿي،

بُري ڀلي جي سمجهه رکان ٿي،

پوءِ تون ڪيئن نياڻيءَ کي،

سمجهه ڀريءَ سياڻيءَ کي.

ڀُڳڙن مُٺ تي،

ٿو تون کپائين بابل!

۽ زندگي،

زهر بڻائين بابل!

مهراڻ سومرو

ڪاش! ائين ٿي پوي!

صدين کان اڃايل

من ۾ تنهنجن يادن جي

خوشبوءِ

هڪ نئون روح ڦوڪيندي آ.

ڪاش!

من جي اها اڃ

اجهامي پوي.

ڪائنات جي گولي تي

هڪ نئين دنيا وسي پوي

ڪاش!

ائين ٿي پوي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com