سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1995ع

مضمون --

صفحو :3

 

پلئه پايو سچ...!

 

لطيف اياز پنهور

هن معاشري ۾ زبانون هجن پر گونگيون. ڪَن هجن پر ٻوڙا، اکيون هجن پر انڌيون! جتي سچ جا، پيار جا، ذهني ۽ فڪري آزاديءَ جا ٻه ٻول به هن معاشري مٿان مترڪا هجن. جنهن معاشري جي نگاهه، ڳجهه جي نگاهه جيان ، پري کان ئي ڳولي ڳولي، ڦري گهري، وري به ڍونڍ تي ئي پئي، جتي عزتن ۽ غيرتن جي خولن ۾ وحشتون پلجن، جنهن معاشري ۾ لطيف ڪيفيتن جا قتل ٿين، انساني جذبا جبر جو نشانو بڻجن. ان معاشري ۾ جيڪڏهن ڪو ان جبر، ان انساني ساهه پساهه سان نا انصافي خلاف آواز بلند ڪري، انهن وحشتن کي، انساني لطيف احساس جي اک سان. حسن ذوق جي نگاهه سان ڏسي، ڪائنات جي، انساني اندر جي ڪائنات جي، سموري سچ کي بي باڪ زبان سان، کليل ڪنن سان، ڊگهي نگاهه ۽ حقيقت پسنديءَ سان محسوس ڪري. ۽ سچائي سان منهن مقابل ٿي، ضمير جي آواز سان با آواز بلند ڪري ته سماج جي نگاهه ۾ هو ڏوهي ٿيو پوي! سماج پنهنجن ننڍڙين نگاهن ۽ بندرن قدن وارن حمايتين سميت، وڏي عياري ۽ پنهنجن هٿ ٺوڪيل دليلن سان، ان زندگيءَ سان ڀرپور آواز خلاف هر قسم جي محاذ آرائيءَ لاءِ تيار ٿيو وڃي.

انهيءَ سڄي محاذ آرائي کي منهن ڏيڻ، سو به عورت ٿي ڪري، وڏي جگر، جرئت ۽ حوصلي جي ڳالهه آهي.

آپا خيرالنساءِ جعفري انهن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن انسانن منجهان آهي، جيڪي سچ جي صليب تي وڏي بهادريءَ ۽ بردباريءَ سان پنهنجن ڪُلهن تي کڻي زماني جي سمورن ظلمن، معاشري جي سمورين بي مروتائين کي مڙس ماڻهوءَ ٿي ڪري منهن ڏيندي. سماج جا سمورا الزام پنهنجي سر تي کڻي. وڏي واڪ ان جي اهميت ۽ افاديت جو اظهار ڪندا آهن.

آپا جون لکڻيون، تقريرون ۽ ڪچهريون، آپا جي اندر جا اهڃاڻ آهن. اندر جا اظهار پاڻ ماري ڪيا ويندا آهن. پاڻ منجهان پاڻ ماري سڀ ٿيڻ وارو سفر ڏاڍو اڻانگو ۽ اذيتناڪ ٿيندو آهي! وَر وَر ڪري مرڻ ۽ جيئڻ برابر آهي. آپا خيرالنساءِ جعفري لاءِ اياز جي لفظن ۾ ايترو ئي چوڻ منهنجي خيال موجب ڪافي ٿيندو ته؛

اسان تي الزام، آندا جڳ جيئڻ جا،

جنجي روز جواب ۾ ، جرڪي منهنجا جام،

لا ڪڏهن عام، رسندو منهنجي روح کي.

(اياز)

 

انٽرويو

انطونيا

بريڊ فورڊ يونيورسٽي آف انگلينڊ جي وائيس پريزيڊنٽ

ڳالهه ٻولهه ڪندڙ ؛ اشتياق انصاري ۽ عليم سومرو

انگلنڊ جي بريڊ فورڊ يونيورسٽيءَ ۾ ڪجهه عرصور اڳ پڙهائي جي سلسلي ۾ وڃڻ ٿيو. اتي يونيورسٽي جي شاگردن سان مختلف موضوعن تي ڪچهريون ٿينديون رهيون. هي انٽرويو اتان جي يونين جي وائيس پريزيڊنٽ مس انطونيا کان خاص  ”سرتيون“ جي پڙهندڙ لاءِ ورتو ويو، ته جيئن هتان جا شاگرد ٻاهرين ملڪن جي شاگرد يونين جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺي سگهن.

س: بهتر ٿيندو ته اوهان اسان جن پڙهندڙن کي پنهنجو تعارف پاڻ ڪرايو؟

ج: منهنجو نالو انطونيا آهي. مان بريڊ فورڊ يونيورسٽي جي وائس پريزيدنٽ آهيان. مون گذريل سال هن ئي يونيورسٽي مان ڊگري ورتي آهي. اڄڪلهه مان سارو وقت شاگردن جي ڀلائي ۽ سندن مسئلن جي حل لاءِ ڪوشان آهيان.

س: يونين ۾ مکيه عهدن تي ڪم ڪرڻ ڪري اوهان پنهنجي پڙهائي کي ڪيئن وقت ڏئي سگهنديون هونديون؟.

ج: مان پنهنجي پڙهائي گذريل سال مڪمل ڪري چڪي آهيان. مان هن سال بلڪل فارغ آهيان. مون کي ڪجهه به پڙهڻو نه آهي. نوڪري ڪرڻ کان اڳ مان هڪ سال شاگردن جي خدمت ڪرڻ چاهيان ٿي.

س: صرف توهان پنهنجي پڙهائي پوري ڪئي آهي يا يونين جي ٻين عهديدارن به پنهنجي تعليم مڪمل ڪئي آهي؟

ج: هي ڪل وقتي ڪم آهي. جيڪو به يونين جو ميمبر ٿيڻ چاهي، ان کي هڪ سال لاءِ پنهنجي تعليم ڇڏڻي پوندي. جيئن اسان جو هڪ نمائندو پهريون سال پاس ڪري. هاڻي هڪ سال لاءِ تعليم ۾ وقفو ڪري يونين لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. هو وري ايندڙ سال پنهنجي پڙهائي اڳتي شروع ڪندو. هن جولائي کان وٺي ايندڙ جولائي تائين هو صرف شاگردن جي بهبودي ۽ ڀلائي لاءِ ڪم ڪندو.

س: توهان جي يونين، شاگردن جي ڀلائي لاءِ ڪهڙا ڪم ڪيا آهن ۽ وڌيڪ ڪهڙو پروگرام اٿن؟

ج: اسان يونيورسٽيءَ جي سطح تي شاگردن جا جيڪي به مسئلا ٿين ٿا. انهن جي صحيح نمائندگي ۽ ان جو حل ڳوليندا آهيون. اسان جو ڪم آهي شاگردن جي داخلائن، پڙهائي، صحت وغيره جي سهولتن لاءِ ڪوشش ڪرڻ. ان کانسواءِ پنهنجي يونيورسٽيءَ جي يونين کي ملڪ جي واحد ۽ گڏيل ”نيشنل اسٽوڊنٽ يونين“ ۾ ڀرپور انداز ۾ پيش ڪرڻ، شاگردن جي حقن، ڀلائيءَ ۽ گهرجن لاءِ مقامي انتظاميه کان امداد وٺڻ، حڪومت جيڪڏهن گرانٽ گهٽائيندي آهي ته اسان مهم هلائي، انهن کان وڌيڪ گرانٽ وٺندا آهيون. ان کانسواءِ اسان جي ذميواري آهي ته يونين جا اسٽيشنري جا دڪان، ريسٽورينٽ، بار وغيره ايمانداريءَ سان هلائي. ان جو حساب ڪتاب رکڻ، ڇو جو اسان جي يونين کي ڪجهه دڪان، بار ۽ ڊسڪو ڪلب به آهن. راندين جي ڪلبن جون ضرورتون پوريون ڪري انهن جي وچ ۾ مقابلا ڪرائڻ. مذهبي توڙي سياسي گڏجاڻيون ڪوٺائڻ. اسان جي فرض ۾ شامل آهن.

س: ڇا توهان جي يونين کي پنهنجا دڪان ۽ ريسٽورينٽ آهن؟

ج: ها، اسان وٽ پنهنجي اسٽيشنري، دڪان، ريسٽورينٽ، بار ۽ ڊسڪو ڪلب وغيره آهن. جن جو خرچ پکو يونين جي حوالي آهي.

س: توهان ذڪر ڪيو ته توهان جي يونين جو ملڪ جي ٻين شاگردن يونين سان رابطو رهندو آهي؟

ج: اسان جي ملڪ جون شاگرد يونين اٺن ريجن ۾ ورهايل آهن. اسان جو واسطو يارڪ ريجن سان آهي. اسان وري سڀني شاگردن يونين گڏجي ملڪي سطح تي هڪ ”نيشنل اسٽودنٽ يونين“ ٺاهي آهي.

س: يونين جو مدو هڪ سال لاءِ هوندو آهي. عهديدارن ۾ پريزيڊنٽ، وائس پريزيڊنٽ جنرل ۽ جوائنٽ سيڪريٽري، ڪميونيڪيشن ۽ ائٿلٽڪ سيڪريٽري، ڪلاس رپريزنٽو کانسواءِ چاليهه ڪائونسلر هوندا آهن.

س: توهان جي جنرل باڊي جي ميٽنگ ڪڏهن ڪڏهن ٿيندي آهي؟

ج : اسان ساري مدي ۾ ٻه يا ٽي دفعا جنرل باڊي ميٽنگ ڪندا آهيون. ان کانسواءِ هر ٻئي هفتي يونين جي سب ڪميٽي جي گڏجاڻي ٿيندي آهي. جنهن ۾ اسان تعليمي، مالي ۽ ٻين مسئلن تي گفتگو ڪندا آهيون.

س : يونين لاءِ فنڊ ڪيئن حاصل ڪندا آهيو؟

ج : اسان هر شاگرد کان هڪ سال لاءِ سٺ بائونڊ يونين في وٺندا آهيون. ان کانسواءِ ڪڏهن فنڊ وڌائڻ لاءِ استقباليه ۽ ورانڊن ۾ بيهي شاگردن کان مدد وٺندا آهيون.

س ؛ اليڪشن ۾ هارايل گروپ به توهان سان هر معاملي ۾ تعاون ڪندو آهي؟

ج : هت هر شاگرد آزاد اليڪشن وڙهندو آهي ڀلي سندس جون همدرديون ڪهڙي به سياسي پارٽي سان هجن. تنهن هوندي به اسان جي يونين ۾ ٻه عهديدار لبرل ڊيمو _ ڪريٽڪ جا آهن ؛

س : ڇا توهان جي يونين جا عهديدار پنهنجي ملڪي سطح جي سياسي پارٽي کان هدايتون وٺندا آهن؟

ج : اسان گهڻو ڪري ملڪي سياسي پارٽين کي يونيورسٽيءَ ۾ مداخلت ڪرڻ نه ڏيندا آهيون. هر عهديدار صرف شاگردن جي ضرورتن جو خيال رکندو آهي. باقي اسان جي ”نيشنل اسٽوڊنٽ يونين“ ٿي سگهي ٿي ته پنهنجي پارٽيءَ کان هدايتون وٺندي هجي، ڇو جو اسان جي نيشنل اسٽودنٽ يونين ۾ اڪثريت ليبر پارٽي جي ميمبرن جي آهي.

س : يونيورسٽي انتظاميه توهان جي ڪا ڳالهه نٿي مڃي ته پوءِ توهان وٽ احتجاج جو ڪهڙو طريقو آهي؟

ج : گهڻو ڪري ڳالهين سان مسئلا حل ٿي ويندا آهن. پر ڪڏهن احتجاج به ڪرڻو پوندو آهي. گذريل سال انتظاميه هاسٽل في وڌائي، اسان انتظاميه سان ڳالهيون ڪيون، پر هنن ڪو خاطر خواهه جواب نه ڏنو. اسان سينئر وارڊن جي آفيسن تي قبضو ڪري مطالبه مڃرايا، ان کانسواءِ قومي سطح تي اسان هن سال هزارين شاگرد لنڊن ۾ گڏ ٿي   Hardship Occupation   جي خلاف مظاهرو ڪيو هو.

س : توهان جي تعليمي ادارن جي في ڪيتري ۽ اڳاڙڻ جو طريقو ڪهڙو آهي؟

ج : برطانيه ۾ پيدا ٿيندڙ ماڻهوءَ لاءِ ڪابه في نه آهي. البت يونيورسٽي هلائڻ لاءِ اسان ٻاهرين ملڪن کان ايندڙ شاگردن کان ڳريون فيون وٺندا آهيون. ان کانسواءِ يونيورسٽي پنهنجا ڪجهه پراجيڪٽ کڻندي آهي.

س : بريڊ فورڊ يونيورسٽي ۾ ڪيترا شاگرد ۽ ڊپارٽمنٽ آهن؟

ج : هت 4.25 شاگرد 25 مختلف ڊپارٽمينٽن ۾ پڙهي رهيا آهن. يونيورسٽي ۾ انجنيئرنگ. لينگويج ڪورس، اپلائيڊ سائنس، ڪمپيوٽر، اليڪٽرانڪس ڪميونيڪشن، مينيجمينٽ وغيره ۾ ڪافي شاگرد پڙهن ٿا.

س : ڪهڙو سبب آهي جو هن اداري ۾ ٻاهريان شاگرد گهڻا نظر اچن ٿا؟

ج : اهو هن اداري جي سٺي ساک ۽ بهترين سهولتن ڪري آهي.

س : جيئن ته هت شاگردن جو گهڻو تعداد اسرندڙ ملڪن مان آهي. توهان هتان جي ۽ ٻاهرين شاگردن جي ذهني صلاحيت ۽ قابليت ڪيئن ماڻيندو؟

ج : ته انگلش اسان جي مادري زبان آهي. ان ڪري اسان جلد ئي ڪورس جي ڪتابن کي سمجهي ويندا آهيون. پر ٻاهرين ڇوڪرن کي امتحان پاس ڪرڻ لاءِ سخت محنت ڪرڻي پئي ٿي. حالانڪه هو ڪافي هوشيار آهن. ان کانسواءِ سخت محنت به ڪن ٿا. ڇو جو هو داخلا ۽ پڙهائي لاءِ مهانگي في ڀرين ٿا.

س: توهان وٽ شاگردن جي رهائش ۽ ان جي سار سنڀال لاءِ ڪهڙو بندو بست آهي؟

ج: اسان يونيورسٽي طرفان پهرين سال جي سڀني شاگردن کي رهائش ڏيندا آهيون. باقي ٻين سالن جا شاگرد پنهنجو بندوبست پاڻ ڪندا آهن. هاسٽل جي سنڀال وارڊن ڪندو آهي. ان کانسواءِ بيرڊ فورڊ ۽ خانگي رهائش جو به سٺو انتظام آهي.

س: اڄ ڪلهه هر هنڌ نسل پرستي جي لهر آهي. توهان جي يونيورسٽي ۾ اڪثريت ايشيائي شاگردن جي آهي هت ماحول ڪيئن آهي؟

ج: اسان وٽ ڪوبه اهڙو متڀيد نه آهي. نه ئي وري ڪڏهن ڪو اهڙو واقعو ٿيو آهي. ڇو جو اسان جي يونين جي همدردن ۾ گهڻائي ايشيائي ۽ آفريڪي شاگردن جي آهي.

س: انگلينڊ ۾ ته اسان کي نسل پرستي خاص ڪري پاڪستانين سان نفرت جو رجحان نمايان نظر اچي ٿو؟

ج: ها، بلڪل ڪجهه ڪُند ذهن ماڻهو آهن. جيڪي ڪڏهن بيهودا حرڪتون ڪري وجهن ٿا.

س: دنيا ۾ هلندڙ آزاديءَ جي تحريڪن کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟

ج: اسان جو ايمان آهي ته دنيا جا سڀ آدم آزاد آهن. انهن کي رنگ، نسل ۽ مذهبي خانن ۾ نه ورهائجي. اسان هر آزادي جي تحريڪ جي حمايت ڪيون ٿا.

س: آرلينڊ جي آزادي جي تحريڪ جي باري ۾ اوهان جو ڇا خيال آهي؟

ج: واقعي اها تحريڪ ڪافي پراڻي آهي. جيڪڏهن هو آزادي چاهين ٿا ته انهن کي ملڻ کپي.

س: ڇا توهان انهن جي حمايت ڪيو ٿيون؟

ج: اسان شاگرد سياست ڪيون ٿا نه ڪي قومي سياست.

س: جيئن ته توهان سياسي شعور رکندڙ آهيو. مان توهان کان ذاتي راءِ پڇان ٿو. نه ڪي يونين جي عهديدار جي حيثيت ۾؟

ج: مون کي اندازو نه آهي ته هو ڪيئن خوش رهي سگهندا. ڇاڪاڻ ته هو اقليت ۾ آهن. جيڪڏهن هو گهڻائي ۾ هجن ها ته پوءِ به ٺيڪ هو.

س: اسڪاٽ لينڊ جا ماڻهو به ته پنهنجا حق گهرن ٿا؟

ج: ( ان سوال تي ڪجهه گهٻرائيندي چيائين) هنن آزادي جو مطالبو ته نه ڪيو آهي. هو صرف اقتدار ۾ وڌيڪ حصو گهرن ٿا.

س: ڪجهه ڏينهن کان اخبارن ۾ اچي ٿو ته جان ميجر هنن سان وڌيڪ اقتدار ۾ شراڪت جو واعدو ڪيو آهي؟

ج: ها! اها تمام سٺي ڳالهه آهي. اسڪاٽ لينڊ جا ماڻهو جيڪڏهن ائين ڇاهين ٿا ته اسان کي مڃڻ کپي . تنهن هوندي به پهريائين هو پنهنجا ماڻهو اليڪشن ۾ چونڊائي اسيمبلين ۾ آڻين. ان بعد هو حڪومت ۾ شريڪ ٿيڻ جا دعويدار ٿي سگهن ٿا.

س: اسان جي ملڪ ۾ حڪومت جي غلط پاليسين ۽ فيصلن خلاف شاگرد ئي وڏو احتجاج ڪندا آهن، پر توهان جي شاگردن ڪڏهن به حڪومت جي غلط پاليسين خلاف احتجاج نه ڪيو آهي. جيئن گلف ۽ فاڪ لينڊ جي اڳرائي مهل به هو خاموش رهيا؟

ج: اسان جا گهڻا ڇوڪرا اهڙي سياست نٿا چاهين. هو پنهنجي پڙهائي ۽ نوڪريءَ ۾ مشغول آهن. اسان مان چند شاگرد ملڪي سياست ڪن ٿا. تنهن هوندي به اسان گلف جنگ جي خلاف بريڊ فورڊ شهر ۾ احتجاج ڪيو هو. جنگ کان سڀني کي نفرت ڪرڻ کپي.

س: اسان جي ملڪ ۾ يونين جي عهدي لاءِ اهو ئي اميدوار سٺو سمجهيو ويندو آهي. جنهن جيل کاڌا هجن. ڇو جو اسان وٽ شاگرد ليڊر گهڻو ڪري جيل ۾ يا رسٽيڪيٽ هوندو آهي. توهان وٽ ڇا حالت آهي؟

ج: (ٽهڪ ڏيندي) نه.... نه.. مان جيل نه وينديس جيل تمام خراب هنڌ آهي.

س: ان جو مطلب ته توهان جيل کان ڊڄو ٿا؟

ج: (کلندي) ها مان جيل کان ڊڄندي آهيان. مان ڪڏهن به جيل نه وينديس.

س: توهان جي يونين طرفان ڪي رسالا ۽ ميگزين نڪرندا آهن.

ج: ها اسان وٽ پبلڪيشن لاءِ هڪ مڪمل ٽيم آهي. جنهن کي “Ram” سڏيندا آهيون. ۽ گهٽي جي منڍي ان جو نشان آهي. اسان وٽ بليٽن کانسواءِ پندرنهن روزه ميگزين نڪرندو آهي. ان سان گڏوگڏ ”دبيٽنگ سوسائٽي“ به پنهنجو رسالو شايع ڪندي آهي.

س: توهان ان ميگزين ۾ صرف شاگردن جي تعليمي مسئلن تي لکندا آهيو. يا قومي ۽ بين الاقوامي معيار جا مضمون به شايع ڪندا آهيو؟

ج: ها اسان هر قسم جا معياري مضمون ڇاپيندا آهيون. ڀلي ڪهڙي به گروپ يا سياسي پارٽي طرفان لکيل هجن.

انطونيا ائين چئي ڀرسان ڪٻٽ مان هيٺين رسالن جون ڪاپيون ڪڍي تحفي طور ڏنيون. Welcome- to Brad Ford- Quick Nurse Union Structure Book- fort Night “Lister” اسان ڪتاب جي ورق گرداني ڪري رھيا هئاسين ته ان وچ ۾ انطونيا اٿي پاڻ ئي آفيس ۾ چانهه تيار ڪري، آڻي اڳيان رکي. چانهه جي چسڪين دوران اسان وري گفتگو جو سلسلو شروع ڪيو.

س: توهان وٽ ڪميونسٽ پارٽي جا به ڇوڪرا آهن؟

ج: ها اسان وٽ تقريباً ويهه کن ڪميونسٽ پارٽي جا ڇوڪرا آهن. روس جي تازو ڪميونسٽ زوال کان پوءِ هنن جا حوصلا پست ٿي ويا آهن.

س: توهان جي يونيورسٽيءَ جا ڪهڙا شاگرد راند وغيره ۾ نمايان ٿي گذريا آهن. جن تي يونيورسٽي فخر ڪري سگهي؟

ج: مون کي ذاتي طور تي گذريل رانديگرن وعيره جي خبر نه ملي آهي. البت موجوده دور ۾ هڪ فٽ بال جو رانديگر انگلينڊ جي ٽيم ۾ کيڏندو آهي.

س: اوهان کي اليڪشن مهم لاءِ ڪيترا ڏينهن ڏنا ويندا آهن؟

ج: اهو اميدوارن جي تعداد تي منحصر آهي. گهڻو ڪري ٻه هفتا ڪافي هوندا آهن؟

س: اوهان اليڪشن جي ورڪ ڪيئن ۽ شاگردن کي ڪهڙي طرح مطمئن ڪندا آهيو؟

ج: اسان اشتهار، بينر، پلي ڪارڊ ڇپرائيندا آهيون. ڇوڪرن جي درن تي وڃي ڪچهريون ڪندا آهيون، ميٽنگ ۽ جنرل باڊي ۾ سوال جواب ٿيندا آهن. ريڊيو وغيره تي بحث مباحثا ڪندا آهيون. اسان پنهنجن شاگردن جي ريڊيو اسٽيشن تي تقريرون ۽ منشور وغيره نشر ڪندا آهيون.

س: ڇا توهان يونين جي الڳ ريڊيو اسٽيشن به آهي. ان جي سار سنڀال ڪنهن وٽ هوندي آهي؟

ج: ها، اسان وٽ “Ramair”  نالي سان بريڊ فورڊ يونيورسٽي ڪئمپس جي ريڊيو اسٽيشن آهي. جيڪا گهڻو ڪري 945 KH3  کانسواءِ FM Stero  تي به نشريات نشر ڪندي آهي. اسان وٽ يارهن ماڻهن جي هڪ جماعت ريڊيو جو انتظام سنڀاليندي آهي. انکانسواءِ خبرن لاءِ به باقاعده هڪ ٽيم آهي جا روزانه قومي توڙي بين الاقوامي خبرون نشر ڪندي آهي.

س: توهان جي ريڊيو تي اشتهار وغيره ڏنا ويندا آهن؟

ج: ايترا گهڻا نه ڏيندا آهيون.

س: اليڪشن جي ڏينهن ۾ يونيورسٽي جا ڪلاس هلندا آهين يا نه؟ اليڪشن ڪنهن جي نظرداري ۾ ٿيندي آهي؟

ج: اليڪشن جي ڏينهن ۾ باقاعده ڪلاس هلندا آهن. اليڪشن ڪرائڻ جو سارو بندوبست شاگرد ڪندا آهن. اسان وٽ ان لاءِ باقاعده هڪ ٽيم آهي. گذريل سال مان رٽرننگ آفيسر هيس.

س: توهان جي يونين جي عهديدارن ۾ ٻاهرين ملڪن جا شاگرد به آهن؟

ج: نه: اسان جي يونين ۾ رڳو انگلينڊ جا شاگرد آهن. ڇاڪاڻ ته غير ملڪي ڇوڪرا پڙهائي کي گهڻو وقت ڏين ٿا. ان ڪري هو اهڙين ڳالهين ۾ شوق نٿا رکن.

س: يونيورسٽي ۾ ڇوڪرين جو تعداد به گهڻو نظر اچي ٿو. هت ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جو تناسب ڇا آهي؟

ج: يونيورسٽي ۾ پنجن ڇوڪرن جي ڀيٽ ۾ ٻه ڇوڪريون آهن. يعني 5:2 جو تناسب آهي.

س: ڇوڪرن جو وڏو انگ انجنيئرنگ جي مختلف ڊپارٽمينٽن ۾ داخل آهي. ڇوڪريون گهڻو ڪري لينگويج جا ڪورس ڪن ٿيون. اسان جي ڪوشش آهي ته ڇوڪريون به انجنيئرنگ طرف مائل ٿين.

س: انگلينڊ ۾ تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ نوڪري ملڻ جي ڪيتري پڪ آهي؟

ج: اهو شاگرد تي منحصر آهي ته هن ڪهڙو سبجيڪٽ کنيو آهي ۽ هن جي پنهنجي اهليت ڪيتري آهي. هونئن به اسان جي ملڪ ۾ انجنيرنگ ۽ نيچرنگ سائنس ۾ گهڻيون نوڪريون آهن.

س: مس انطونيا اوهان جي وڏي مهرباني جو اوهان پنهنجو وقت ڪڍي اسان کي انٽرويو ڏنو. حالانڪه هن وقت به اوهان جي آفيس جي ٻاهران ڪيترا شاگرد انٽرويو ختم ٿيڻ ۽ اوهان سان ملڻ لاءِ بيتاب آهن. اسان هاڻي اوهان جو وڌيڪ وقت نٿا وٺون. آخر ۾ اسان جي سنڌ جي شاگردن لاءِ ڪو پيغام؟

ج: مان پنهنجي شاگردن لاءِ نيڪ تمنائن جي خواهش ڪيان ٿي. دنيا جي سڄي شاگرد برادري هڪ آهي. اسان سنڌ جي شاگردن سان هر عمل ۾ ساڻ آهيون. اسان جي يونيورسٽي ۾ داخلا کان وٺي ڪنهن به مدد يا معلومات لاءِ مان حاضر آهيان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com