سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1995ع

مضمون --

صفحو :15

 

اوهان جا خط

محترم ايڊيٽر صاحبه

سرتيون جو ڪهاڻي نمبر منهنجي اڳيان آهي. ان جي چونڊ ۽ ترتيب تي اوهان کي مبارڪون چوان ٿو.

اوهان سرتيون کي هن مقام تائين آندو ۽ هڪ طويل جدوجهد ڪئي ان لاءِ به اوهان  کي ۽ اوهان جي سهڪارين توڙي بورڊ جي اختياري وارن کي مبارڪون ڏيان ٿو اميدته سرتيون اڃان به ترقيءَ کي رسندو. اوهان جي ڪهاڻي ”آڙاهه“ منافقيءَ جو پردو چاڪ ڪري ٿي. ٻيون ڪهاڻيون نه معياري آهن. آخر ۾ وري به اوهان سڀني کي مبارڪباد ٿو چوان.

والسلام ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

ڊين آف فئڪلٽي آف آرٽس.

سنڌ يونيورسٽي، جامشورو.

 

محترم ايڊيٽر صاحبه

تازو ”سرتيون ڪهاڻي نمبر“ مليو، پڙهيم پڙهڻ بعد پنج عدد ٻيون ڪاپيون به گهرايم ۽ داد لغاري جهڙي ننڍي ڳوٺ ۾ هلائڻ لاءِ بڪ اسٽال واري کي ڏنم ۽ حيران ان وقت ٿيس جڏهن ڪلاڪ اندر سڀ ڪاپيون ختم ٿي ويون.

محترمه ڀيڻ، جيئن ته اوهان روسن گهراڻي جون روشن چراغ آهيو. مان ادبي حوالي سان اميد رکي عرض ڪريان ٿو تها اوهان به اسان سان قلمي سهڪار رکندي مواد موڪلي ڏينديون ۽ اهو اسان لاءِ هڪ اعزاز برابر هوندو.

محترمه ڀيڻ وري به هڪ ڀيرو اوهان جا لک لک احسان

اوهانجو ڀاءُ مجيد گل

پوسٽ آفيس داد لغاري

وايه ميوپور ماٿيلو، ضلع ڪهوٽڪي.

 

محترم ايڊيٽر صاحبه

تازوئي ”سرتيون“ جو ڪهاڻي نمبر مليو، ان کان اڳ ترتيبوار پرڇا پڙهندو رهيو آهيان. سرتيون مئي 1995ع ۾ منهنجي شاعري ڇپي ۽ اهو پرچو توهان مون ڏانهن موڪلي ڏنو. انهيءَ لاءِ اوهانجو ٿورائتو آهيان.

هاڻوڪي ڪهاڻي نمبر هڪ بهترين ادب دوست ۽ سنڌ دوست ڪاوش آهي. جنهن ۾ توهان آگسٽ جي مناسبت سان جيجي ثميره زرين کي به ياد ڪري وڏا وڙ ڪيا اٿو.

اوهانجو ڀاءُ

ننگر چنا، گهٽي نمبر 12 نوناري محلو،

پوسٽ آفيس نصير آباد لاڙڪاڻو.

 

محترم ايڊيٽر صاحبه

ماهوار سرتيون (جولاءِ _ آگسٽ 1995ع) جو ”ڪهاڻي نمبر“ سامهون پيو آهي. يادگار ڪهاڻي نمبر ڪڍڻ تي اوهان کي ۽ اوهان جي ساٿين کي مبارڪون هجن، سچ پڇو ته ڪافي مهينن کان ”سرتيون“ پڙهڻ ڇڏي ڏنو هيم. صرف پنهنجي ڀيڻ لاءِ ۽ سندس هڪ سرتي لاءِ ”سرتيون“ وٺي ايندو هيم. پر هن مهيني پنهنجي لاءِ به هڪ پرچو ورتم. اهو به اوهانجي ڪاوشن جو نتيجو آهي.

اوهانجو ڀاءُ

ذوالفقار ”ناصر“ ساريو،

روم نمبر 14 آفيسرز هاسٽل اي ڪالوني،

زيل پاڪ سيمنٽ فيڪٽري حيدرآباد.

 

محترم ايڊيٽر صاحبه

احوال عرض ته ادي سرتيون جو ڪهاڻي نمبر ڏاڍو خوبصورت ۽ معياري ڏسي ڌاڍي سرهائي ٿي. اوهان کي جس آهي جو تورڙي عرصي ۾ اهڙو يادگار نمبر ڪڍيو اٿئو.

توڙي جو ڪجهه ڪهاڻيون فني اوڻاين ۽ مواد جي موضوعن جي گٺل پيٺل چونڊ جي ڪري ڪو خاص تاثر قائم نه ڪري سگهيون آهن. پوءِ به ڪهاڻين جو گهڻو انگ سگهارين ڪهاڻين جي ڳاڻيٽي ۾ اچي ٿو.

اوهانجو ڀاءُ

خليل عارف سومرو

پوسٽ آفيس جوهي.

ضلع دادو.

 

محترم ايڊيٽر صاحبه

احوال عرض ته ماهوار سرتيون جولاءِ _ آگسٽ 1995ع جو ڪهاڻي نمبر وارو پرچو مليو پڙهي ڌاڍي خوشي ٿي. ههڙو سانڍڻ جهڙو رسالو ڪنهن سٺي ڪتاب کان گهٽ نه هو. ڪهاڻين ۾ سائين فقير شهمير چانڊئي جي ڪهاڻي ”آدمخور“ جيڪا ڪجهه وقت اڳ ماهوار سنڌ رنگ ڊائجسٽ ۾ قسطوار ”اندر جو جنون“ جي عنوان سان ڇپي هئي. جيڪا تمام ڊگهي ڪهاڻي ڪنهن ناول جو نمونو هئي ؛ سا جيڪڏهن شروع کان ئي هلائي مڪمل ڪئي وڃي ته ڏاڍو سٺو ٿيندو.

فقط دعاگو

ظهير الدين ”بابر“ ٽالپر،

شهر ڪڍڻ.

 

محترم ايڊيٽر صاحبه

ڀيڻ احوال ته سرتيون هينئر ڏاڍو سٺو نڪري رهيو آهي. ڪهاڻي نمبر ڏاڍو معياري ڪڍيو اٿو تنهن لاءِ اوهان کي شاباس آهي. ادي اوهان شاعري نمبر ڪڍو پيا اها به تمام خوشيءَ جي ڳالهه آهي.

فقط اوهانجو ڀاءُ

عبدالجبار ”عبد“

شڪارپور.

 

محترم ايڊيٽر صاحبه

ڀينرڙي! اوهان جون وڏيون ڀلايون ڀاسيان جو مون ڀاءُ کي پنهنجو سمجهي عزت ۽ همت افزائي ڪيو پيون ۽ آئنده به ساٿ نڀائينديون. ”سرتيون“ ڪهاڻي نمبر هڪ دوست پڙهڻ لاءِ ڏنم. ڏاڍي خوشي ٿيم.

فقط اوهانجو ڀاءُ

گل حسن ساگر ڪوري،

جوهي ضلع دادو.

 

محترم ايڊيٽر صاحبه

جيئن ته اڄ پهريون دفعو اوهان جو ايڊٽ ڪيل رسالو سرتيون پڙهڻ جو موقعو مليو. هي رسالو بنيادي طور تي عورتن جي مسئلن ۽ عورتن جي تخليقن کي اجاگر ڪرڻ واسطي آهي. پر جولاءِ ۽ آگسٽ وارو پرچو پورو ئي ڪهاڻي نمبر سان شايع ٿيو آهي انڪري وڌيڪ پسند آيو.

اوهانجو ڀاءُ

حفيظ الله ”حفيظ“ پنهور

بي نظير ميڊيڪل اسٽور شاهه آباد

دادو.

 

محترم ايڊيٽر صاحبه

ادي ! ٽه ماهي سرتيون کان ماهوار سرتيون تائين پابنديءَ سان پڙهندڙ آهيان. افسوس اسان جي موڪليل هر لکڻي پوءِ به رديءَ حوالي ...!!! بهرحال پنهنجو ٻولي، قوم جي حوالي سان ته هڪ اڻ ٽٽ رشتو آهي ته پوءِ رسامون ڪهڙو ڪريون. ليڪن دل کي جيڪو ڏک رسندو آهي انهيءَ جو اندازو ڏک واري دل رکندڙ انسان ئي محسوس ڪري سگهي ٿو.

اوهانجو ڀاءُ

سڪايل نهال جانڊيو،

س . ا. س شاخ ڊکڻ

وايه مدئجي ورڊ /شڪارپور سنڌ.

 

محترم ايڊيٽر صاحبه

عرض ته ماهوار سرتيون جي هن شماري بيحد متاثر ڪيو. هن شماري کي بڪ اسٽال تي ڏسندي ئي دل خوش ٿي. جڏهن خريد ڪيم ۽ کولي پڙهيم ته اصل من ۾ مانڌاڻ مچائي ڇڏيئن.

تازو شمارو سرتيون ڪهاڻي نمبر منهنجي هٿن ۾ آهي. هن ڀيري ڪهاڻي نمبر ۾ ڪهاڻين چنڊ چڙهيو _ چنڊ لڙيو، جيون جا پاڇول، بي روپ چهري جي ڪهاڻي، هارايل پلن جو حساب، اونداهي رات، آدم خور، خيال، هوءَ مري وئي ۽ ممڙو مون کي بيحد متاثر ڪيو.

گمنام.

 

محترم ايڊيٽر صاحبه

ادي سرتيون ڪهاڻي نمبر هينئر ئي پورو ڪري (پڙهي) رکيو اٿم. هن اهڙي شاندار عظيم (نيڪ) ڪم تي اوهان کي مبارڪون هجن. نه ته ٿيندو آٿهي ائين سدائين هتي جو ناميارن ليکڪن کي جاءِ ملندي آهي ۽ نوان لکندڙ ڀريل بس ۾ چڙهندڙ مسافر جيان بيٺا ئي رهجي ويندا آهن. جيستائين ڪو ويٺل سيٽ خالي نه ٿو ڪري.

اوهان جو ڀاءُ ممتاز لوهار.

گهٽي نمبر 2 نوناري محلو

پوسٽ آفيس نصير آباد لاڙڪاڻو.

 

محترم ايڊيٽر صاحبه،

”سرتين“ جو تازو پرچو ڪهاڻي نمبر پڙهيم. ڏاڍي خوشي ٿي. مون کي يقين ٿيو ته سنڌي ڪهاڻي کي نه گولي لڳي آ ۽ نه ئي مئي آهي. اڄ به سنڌي ڪهاڻي ڀرپور انداز ۾ لکي پئي وڃي. ان جو ثبوت سرتوين ڪهاڻي نمبر آهي.

اوهان جو ڀاءُ

واجد ٿلهو.

 

محترم ايڊيٽر صاحبه،

سرتيون جو ڪهاڻي نمبر پنهنجي ننڍڙي اديءَ کان مليو. ڪوشش ساراهه جوڳي آهي.

اوهان جو ڀاءُ

فرمان علي سومرو گهوٽڪي.

 

محترم ايڊيٽر صاحبه،

سڀ کان پهرين ته توهان کي ”سرتيون“ رسالو ٻيهر جوائن ڪرڻ تي مبارڪ هجي ۽ دعا آهي ته ڀينرن جو هي رسالو وڌيڪ ترقي ڪري. ادي مون توهان کي ڪهاڻي موڪلي ۽ توهان شايع ڪئي. توهان جي مهرباني. هي خط ”سرتيون“ رسالي ۾ شايع ڪرڻ لاءِ لکي رهي آهيان.

اوهان جي ڀيڻ

فهميده سحرش، حيدرآباد

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com