سيڪشن؛لطيفيات

شاهه عبداللطيف جو رسالو

سُر سارنگ

صفحو :12

 

 

 

 

سُر سارنگ

 

داستان پهريون

 

(1)

لَڳَہَ، پَسُ! لَطِيفُ چَئي، آگِميو آهي،

وَٺا مِينهَن وَڏ ڦُڙا، ڪَڍو ڌَڻَ ڪاهي،

وِهو مَ لاهي، آسَرو اَللهَ مان.

 

(2)

لَڳَہَ، پَسُ! لَطِيفُ چَئي، آگَمَ ڪِيا اَللهَ،

پَلُرَ جي پالوٽَ سين، پَٽَنِ جهَلِيا پاهَ،

واحِدَ وَڏائِي ڪِيا، مَٿي گَسَنِ گاهَ،

سانِگَينِ وَرِيا ساهَ، اُٺو آب آگوُندَرو.

 

(3)

اگَمَ اِيئن نَه اَنگَ، جِهڙو پَسَڻُ پِرِينءَ جو،

سيڻَنِ ريءَ سَيّدُ چَئي، روُحَ نَه رُچَنِ رَنگَ،

سَهَسين ٿِيا سارنگَ، جانِي آيو جُوءِ ۾.

 

(4)

جانِي آيو جُوءِ ۾، ٿِيو قَلَبُ قَرارُ،

وَهلو وِچان ئِي ويو، ڪري غَمُ گُذارُ،

نِظارو نِروارُ، پِيّ پَسايو پانهِنجو.

 

(5)

پِي پَسايو پانهِنجو، نُورِي نِظارو،

وِيو غَمُ وُجُود مان، ڪِيو ڪُلفَتَ ڪِنارو،

آيو سوڀارو، مَنَ مرادوُن پُنِيُون.

 

(6)

اُٻُونَ ڪَڪَرَ ڪَڍِيُون، اُتَرَ ڏي آهِينِ،

ڪَري آگَمَ آئِيُون، مُندَ نَه مٽائِينِ،

مَٿان لوڪَ لَطيفُ چَئي، گوُندَرَ گَنوائِينِ،

پَلُرَ پِيارِينِ، اُڃِيين آبُ آگوُندَرو.

 

(7)

ماڻهو، مِرگههَ، مينهِئون، سَڀِ سارَنگَ کي سارِينِ،

آڙِيُون اَبرَ آسري، تاڙا تَنوارِينِ،

سِپُون جي سَمُونڊَ جُون، نَئين سِڄ نِهارِينِ،

پَلُرَ پِيارِينِ، تَه سنگهارَنَ سُک ٿِئي.

 

(8)

اَڄُ   پُڻ اُتَرَ   پارَ    ڏي،    تاڙي  ڪِي   تَنوارَ،

هارِينِ هَرَ سَنباهِيا، سَرَها ٿِيا سَنگهارَ،

اَڄُ پُڻ منهنجي يارَ، وَسَڻَ جا ويسَ ڪِيا.

 

(9)

اَڄُ پُڻ اُتَرَ پارَ ڏي، ڪَڪِريُون ڪارِيُون،

وَسي ٿو وَڏَ ڦُڙو، ٽَهڪَن ٿِيُون ٽاريُون،

لَٿِيَنِ لُکَ لَطِيفُ چَئي، ڍايُون پاسارِيُون،

ڀَڄَندِيُون ڀَٽارِيون، وَري وَٿاڻين آئِيُون.

 

(10)

اَڄُ پُڻ اُتَرَ پارَ ڏي، ڪَڪَرَ ٿو ڪَري،

وَسايو واٽُنِ تي، ٿو خالِقُ کَنڊَ ڀَري،

پاساريُون پَري، شالَ مَ وَڃَنِ سُپرين.

 

(11)

اَڄُ پُڻ اُتَرَ پارَ ڏي، ڪارا ڪَڪَرَ ڪيسَ،

وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، ڪَري لَعلَ لَبيسَ،

پِرِين جي پَرَديسَ، سي مُون کي مِينهَن ميڙيا.

 

(12)

اَڄ پُڻ اُتَرَ پارَ ڏي، ڪَڪَرَ ڪِي چوٽِي،

مُندائِتي مِينهَن جِي، کِنوَڻِ نَه کوٽِي،

آءُ، لالَن! موٽِي، گهورِيا رُسَڻَ ڏِينهڙا.

 

(13)

اَڄ پُڻ اُتَر پارَ ڏي، ڪَڪَرُ ٿو ڪَري،

روضي پاڪُ رَسُولَ جي، پَلٽِيو پَٽَ ڀَري،

وِڄنِ ساڻ وَري، تَه سَنگهارَنَ سُک ٿِيا.

 

(14)

اَڄُ پُڻ اُتَرَ پارَ ڏي، ڪَڪَرُ ڪيائِين،

مُندائِتَنِ مِينهَن جِي، رتِ نَه روڪِيائينِ،

پَلُرَ پَلٽِيائِين، سانگِيَنَ گهَڻا سُکَ ٿِيا.

 

(15)

اَڄُ پُڻ اُميدُون، آگَمَ سَندِيُون اُڀَ ۾،

ساوَڻُ پَسِي، سَرِتِيون! سَڄَڻُ سارِيو مُون،

آئُون آسائِتِي آهِيان، مانَ ڀِڄائي ڀُونَ!

گهَرِ تَه گهُرجِين تُون، مُندَ مِڙِيُوئِي مِينهَن جِي.

 

(16)

مُندَ مِڙِيوئِي مِينهن جِي، وَسي تَڏهِن وَسُ،

کَٽُرنِ کيٽا ڇَڏيا، جي مِڙيُون ٿي مَسُ،

گابا مَٿي گَسَ، ڏُک نه ڪندا ڏُٻرا.

 

(17)

وَسَڻُ اَکَڙِينِ جِيئن، جي هُوندَ سِکئين، مِينهنَ!

تَه هُوندَ راتو ڏِينهَن، بَسِ بُوندنِئُون نَه ڪَريين.

 

(18)

وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، سارَنگُ سِينگاري،

اُڃِيا لَکَ لَطِيفُ چَئي، پَلُرَ پِياري،

وِڄُڙِيَنِ واري، کَڻِي ڪَعبي تي ڪَنڌَ نائِيا!

 

(19)

گامَ گُنديءَ گَنَجَ، اَبَرَ ۾ اُهاءُ ٿِيو!

پَسِي پَرِ پِرِينَ جِي، ڏوُر ٿِيا سَڀِ ڏَنجهَه،

شالَ وَسندو سَنجههَ، عاشِقَ تي اوهِيڙا ڪَري!

 

(20)

اُٺو اوهِيڙا ڪَري، عاشِقَ مَٿي اَڄُ،

ڏورِ ڏُڪارِيا! ڀَڄُ، مِينهَنِ مُنهن ڏيکاريا.

 

(21)

ڪَڪَرَ پَسو اُڀَ ۾، اُتَران جي اَچَنِ،

اَبرَ سَندي اُوجَ ۾، وِڄُون وَراڪا ڪَنِ،

وَسِي وَڏَ ڦُڙَنِ، ساڻيههُ سَڀ سُکي ڪيو.

 

(22)

ڪَڪَرَ مَنجههِ ڪَپارَ، جهُڙُ نيڻَنئُون نَه لَهي،

جِهڙا مُنهِنجا سُپرينِ، تِهڙا ميگههَ مَلارَ،

کَڻُ اَکِيُون کِل يارَ! وَڃَنِ سُورَ سَنڌا ڪيو.

 

(23)

جُهڙ نيڻَنِئوُن نَه لَهي، ڪَڪَرَ هُونِ نَه هُونِ،

سارِيو سُپيرِيَنِ کي، لُڙڪَ ڳَلَنِ سين پُون،

سي مَر رويو روُنِ، جَنِ مُسافِرَ سُپِرِين.

 

(24)

اَڱَڻِ تازي، ٻَهرِ ڪُنڍِيوُن، پَکا پَٽِ سَونهنِ،

سُرَهي سيجَ، پاسي پِرِين، مَر ٿا مِينهَن وَسَنِ،

اَسان ۽ پِرينِ، شالَ هُون بَرابَر ڏِينهَڙا.

 

(25)

پِي پَسائِيو پانهِنجو، نِظارو ناگاه،

لَٿو ڪَٽ قَلبَ تان، سُرَهو ٿِيو ساه،

اُميدون اَرواح، پِي پَسندي پُنِيُون.

 

(26)

بَرَ وُٺا، ٿَر وُٺا، وٺِيُون تَرايُون،

پِرِه جو پَٽن تِي، ڪَنِ وِلوڙا وايُون،

مَکَڻَ ڀَرِينِ هَٿڙا، سَنگهارِيُون سايُون،

ساري ڏُهَنِ سامُهِيُون، ٻولاهِيون رايُون،

ٻايُون ۽ دايُون، پَکي سُونُهنِ پانهِنجي.

 

(27)

بَر وَٺا، ٿَر وٺَا، وَٺو جيسَرُ ميرَ،

آگَمَ ڪَري آئِيُون، پائُرِ ڀَري پيرَ،

لاٿائُون لَطِيفُ چئي، وانڍِينِ مَٿان وير،

سَرَها ڪِيائُون سيرَ، سَرَهِيُون سَنگهارِيُون ٿِيُون.

 

(28)

بَر وَٺا، ٿَر وَٺا، وَٺِي ڪَڇَ ڪِنارَ،

پونياڙيءَ پَٽَنِ تي، ڏِسُ! نايائِين نارَ،

سَٻاجهي سَتار، لاٿا ڏُرتَ ڏيههَ تان.

 

(29)

مَڪي مَٿان موٽيُون، اُٺِيُون تي عَرفَات،

روضي پاڪَ رسُولَ جي، رَنگَ ڪِيائُون رات،

وِڄُڙِيُون پِرڀات، موٽِي مِصرَ آئِيون.

 

(30)

ڪِيائُون مِيران سَندو مُجرو، جَرَڪِيُون ۾ جِيلانَ،

جتي غوث بهاؤالدِينُ، اُتي مَرَڪِيُون ۾ مُلتانَ،

کِنوي خُراسانَ، سُکَ وَسايَئُون سِنڌُڙي.

 

(31)

ڪانڌَ! مَ وِڪڻُ ڪُنڍِيُون، ڌَڻُ سَڀوئِي ڌارِ،

اَڀَريُون سَڀَرِيُون پانهنجِيون، سِسيون سَڀِ سَنڀار،

ٻَنُ ڇڏي ڇَنِ پَئِي، وَڃِي وَلهارَن وارِ،

تَه اَچِي اڱڻان ٻَهارِ، سَرلا ڪَندِيُون سَڏَڙا.

 

(32)

سارَنَگ کي سَعيو، توکي سَعيو نَه ٿِئي،

گُڙي ٿو گُمانُ ۾، آيو ڪِين آيو،

هارِينِ لاءِ هَرجاءِ ۾، هاديءَ هَلايو،

مَتان اَئِين ڀانيو، تَه  ڪا بادَلَ آهي بَسِ ڪِي.

 

(33)

سارَنگَ سارَ لَهيج، اَللهَ لَڳِ اُڃِينِ جِي،

پاڻِي پوڄَ پَٽَنِ ۾، آرزان اَنّ ڪَريج،

وَطَنَ وَسائيج، تَه سَنگهارَنِ سُکَ ٿِئي.

 

 

 

داستان ٻيو

 

(1)

ڀِري ڀِٽَ تي آئِيو، سارُنگُ سَهجَ مَنجها،

کِڙيُون کَٽڻهارِ جئِن، وِڄُون اُتر واءِ،

سُرها سَبزا مورِيا، ڊامَڻَ ڊِٻّ ڪيا،

ٻَهري پَٽَنِئا، ڀَرِيائِين ڪُنَ ڪِراڙِ جا.

 

(2)

ڀَرِيائِين ڪُن ڪِراڙِ جا، وَٺو وارياسو،

کوُڻيتِي کِوَڻِ جو، چَڱوُن چوماسو،

ماڪاڻِيءَ تان موٽِيو، ڏيئي پَٻَ پاسو،

خالِقَ ڪِيو خاصو، چِيهو چُکِيءَ ڪَنڌِين.

 

(3)

گَنگوُءَ جِيان گوڙِ ڪَري، ڪاهِيائين ڪاهوجِي ڏانهنَ،

وُٺو مِينهُن وَڏ ڦُڙو، سِري ڀَرِيائِين ساهَ،

ڏيئِي پَٽَنِ پاهَ، ڀَرِيائين ڪُنّ ڪِراڙِ جا.

 

(4)

چِيهو چُکِيءَ ڪَنڌين، ڪِيائِين گَڙنگَ تي گُلَ،

هَڏا ڪُٽيان هلِيو، ڀَري تُرايُون تَلَ،

آندئِين آبُ اُڇلّ، مَٿي باغَ بَهارِ ٿِي.

 

(5)

اڄُ رَسِيلا رَنگَ، بادَلَ ڪَڍيا بُرجَنِ سين،

ساز سارنگِيُون سُرَندا، وڄايَئِين بَرجنگَ،

صُراحيُون سارَنگَ، پَلُٽِيُون پَڊامَ تي.

 

 

(6)

مِينهان ۽ نِينهان، ٻَئِي اَکَرَ هيڪَڙي،

جي وَسَڻَ جا ويسَ ڪَري، تَه ڪَڪَرَ ڪَنِ ڪِيهان،

بادَلُ ٿِي بِيهان، جي آگَمَ اَچڻ جا ڪَرِين.

 

(7)

ڪُڻِڪَن ڪانڌُ چِتِ ڪِيو، جُهڙُ پَسِيو جِهڄَنِ،

وَرَ ريءَ وانڍِينِ اَڏِيا، پَکا سي مَ پُسَنَ،

اُتَر ڊاهي اُنِ جا، تَه ڪَنِهن کي ڪاروُن ڪَنّ،

وارِثُ وَر تَنّ، اَچِي شالَ اولو ڪَري.

 

(8)

ڪُڻِڪَن ڪانڌُ چِتِ ڪِيو، جُهڙَ پَسِيو جهُڻِڪَنِ،

سُڻِيو رَڙِ رَعدَ جي، ڪَلِيُون ٿِيون ڪَنبَنِ،

ڪُٺِيُون ڪِينَ ڪُڇَنِ، ويچارِيُون وَرَنِ ري.

 

وائي

کَرُ مَرُ کامي، پَچي، آئُون وِيندي دَرِ دوسِتَن جي.

جِيائِين ڏُجهن تَڪِيو، سَڄَڻُ تِيائِين اَچي،

آئُون وِيندي دَرِ دوستَنِ جي.

نُورا پايو نِينهَن جا، دَرِ ڀَلي جي نَچي،

آئُون وِيندي دَرِ دوستَنِ جي.

 

 

داستان ٽيون

  

(1)

گنيَرَ گَت سِکَنِ، چَلَڻَ جي چاهَ پَئِي،

هِنڊَوا حَيرَتَ ۾ پِيا، لالِي ڪِي لَبَنِ،

چَمڪَنِ چوڏِسِ چَنڊَ جِئن، وِڄڙيون وِهَسنِ،

لوچَنَ ٿا لَطِيفُ چَئي، پَسَڻَ لَئي پِرِينِ،

ڪَيسَر قَرِيبَنِ، سَنڀاري سَيّدُ چَئي.

 

(2)

مُندَ ٿِي مَنڊَل وَڄِيا، ڪِي اوهيڙن اوڪَ،

ڇاڇَر ٿِي ڇَنَنِ ۾، مينهُون چَرَنِ موڪَ،

سَرَهيُون ٿِيُون سَنگهاريُون، پويو پائِن طوقَ،

ميها، چِڀَڙ، ڦُنگيُون، ٿِينَ سَڀِيئي ٿوڪَ،

لاهئين مَٿان لوڪَ، ڏولائي جا ڏِينهَڙا.

 

(3)

مُندَ ٿِي مَنڊَلَ وَڄِيا، تاڙي ڪِي تَنوارَ،

هارِينَ هَرَ سَنباهِيا، سَرَها ٿِيا سَنگهارَ،

اَڄُ پڻُ مُنهنجي يارَ، وَسَڻَ جا ويسَ ڪِيا.

 

(4)

مُندَ ٿِي مَنڊَل وَڄِيا، آيو جُهُڙ جهاٽي،

هيڪُ آرزان انّ ٿِيو، ٻِيو مَکَڻ مَنجههِ ماٽي،

ڪَلمِي سين ڪاٽي، لاٿُم ڪَٽُ قُلوبَ تان.

 

(5)

موٽُ، مُنهِنجا سُپِرِين، آڻيئي اللهُ،

توکي ساري ساهُ، اَڪَنڊيئو آهُون ڪَري.

 

(6)

آگَمَ ڪِيو اَچَنِ، سَڄَڻَ سانَوڻَ مِينهَن جِئن،

پاسي تَنِ وَسَنِ، جي سَڀُ ڄَماندَرَ سِڪِيا.

 

(7)

پاڇاٽِئان پَئِي، ٿِيو آڳاٽِئا آڳرو،

چُڪس سَڀ چَئِي، تَڏِهِن موليٰ مِينهَن وَسائِيا.

 

(8)

اوڇَڻُ گهُرجي آجِڪو، جُهپو سَهي نه سِيءُ،

سُڻائيجَ سُوَڙَ کي، حالُ منهنجو هِيءُ،

اَڱڻَ آيو ٿِيءُ، ته ڍولا ڪِنهن ڍَنگِ ٿِيان.

 

(9)

ڪانڌَ! تُنهِنجي پاندَ ري، سَنجهي سِيءَ مَران،

ڪامِلَ! ڪَپاهَنِ ۾ پيئِي ٺارَ ٺَران،

تاريءَ تِنهن تَران، جِنهن وَرُ وِهاڻيءَ واريو.

 

(10)

ڪانڌ! تُنهنجي پاندَ ري، سِيءَ مَران سَڀَ راتِ،

ڪامِلُ ڪَپاهَنِ ۾، جهَپَ نَه اَچي  جهاتِ،

اَچِين جي پِرڀات، تَه آئون سيءُ نه سارِيان.

 

(11)

سِينڊو مِينهَن پُسائِيو، سِري ٿِيو سيلو،

پکي پيهِي آئِيو، رَحَمَت جو ريلو،

ساڄَنُ سَويلو، ڀيڄَ ڀِنِيءَ گهَرِ آئِيو.

 

وائي

اَکِيُون ميگههَ مَلارَ، صُورتَ تُنهنجي سَڀُ جَڳُ موهِيو.

سِجدو فِيلَ فِي الحالُ، ڪِيو پَسِي مُطلب نُورُ نِراڙُ.

ڄاپَڻَ وقتِ ڄامَ جي، ڪِريا ڪوٽَ ڪُفارُ.

آگي آسِماننَ جو، توکي ڪارِيو سَيرُ سَتارُ.

”وَلَسَوفُ يُعطِيڪَ رَبُّڪَ“، توسين قادِرَ ڪِيا قَرارُ.

آهِينِ ڪَرَمَ ڪَرِيمَ جا، اَحمَدَ ساڻ اَپارَ.

اُڪنڊِئا جي اَبرَ کي، سَرَها ٿِيا سَنگهارَ.

موڪَلَ ٿِي مِينهَن کي، دوسِتَ هَٿان دِلدارَ.

 

 

داستان چوٿون

 

(1)

موٽِي مانڊاڻَنِ جِي، جُڙي ڪِيائِين جوڙَ،

وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، ٻَهه ٻَهه ڪَري ٻُوڙَ،

اَنَنَ جا عالَمَ ۾، کَرَنِ اَندَر کوڙَ،

سارَنگَ لاٿِي سوڙههَ، ساندهه سُهائو ٿِيو.

 

(2)

موٽِي مانڊاڻَنِ جِي، ڀِري ڪِيائينِ ڀيڄَ،

وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، سارَنگُ چَڙهيو سيڄَ،

تِنهن تُورِيُون نَوازِيُون، ڏوُڻان ڏيئي ڏيجَ،

ٻِجَ کَڻِي پَٽِ هَليا، هاري مَنجهان هيجَ،

راضِي مَنجهان ريجَ، عالَمَ سَڀ آبادُ ٿيو.

 

(3)

موٽِي مانڊاڻَنِ جا، ڀرِي ڪِيئاين ڀَرّ،

وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، ڪوڏِئان کَڻِي ڪَرّ،

مينهِئُون پاڻُ مُرادِيُون، ٿَڌا چَرَنِ ڦَرّ،

وَڏي اوههِ آئِيون، پُٺِيءَ لائي ڦَرّ،

ساري اَچِيو سامُهِيُون، ڏِينِ کِيرَ سَڄَرّ،

ساڻ وانڍِيَنِ، وَرّ، پَرِيُون پَرچَڻَ جُون ڪيُون.

 

(4)

موٽِي مانڊاڻَنِ جِي، واري ڪيائين وارَ،

وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، چَڱِي ڀَتِ چوڌارَ،

ڪي اُٿِيُون اِستَنبولَ تي، ڪَنِ مَڃِيان مَغربَ پارَ،

ڪي چَمڪَن چِين تي، ڪي لَهَنِ سَمرقَندَ سارَ،

ڪي رَمي وِيئيُون روُمَ تي، ڪي ڪابُلِ، ڪي قَنڌارَ،

ڪي دِهلِي، ڪي دکَنَ، ڪي گُڙنِ مَٿي گِرنار،

ڪَنِ جُنبِي جيسَلميرَ تان، ڏِنا بيڪانيرَ بَڪارَ،

ڪِنِهين ڀُڄُ ڀِڄائِيو، ڪَنِهين ڍَٽ مَٿي ڍارَ،

ڪَنِهين اَچِي عُمَرَڪوٽَ تان، وَسايا وَلهارَ،

سائِيَنمَ! سَدائِين، ڪرِين، مٿي سِنڌُ سُڪارَ،

دوسِتَ! مٺا دِلدارَ! عالمَ سَڀِ آبادِ ڪَرِين.

 

(5)

حُڪمُ ٿيو بادَلَ کي، سارَنگَ ساٺَ ڪَجَنِ،

وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، ٽَہ ٽَہ مِينهن ٽِمَنِ،

جَنِ مَهنگي لَئي ميڙِيو، سي ٿا هَٿَ هَڻَنِ،

پَنجَن مَنجهان پَندرَهنِ ٿيا، اِيئن ٿا وَرَقَ وَرَنِ،

ڏُڪاريا ڏيهَه مان، موُذِي شالَ مَرنَ!

وِهِڪئِي جَنِ وَرِهَ ٿِيا، موٽِيو سي مِڙَنِ،

وَري وَڏيءَ وَسَ جُون، ڪِيُون ڳالهِيُون ڳَنوارَنِ،

سَيّدُ چَئي سَڀَنِ، آهِ توه تُنهنجِي آسرو.

 

(6)

واهُوندان وِڄون ٿيون، کِڙيون ڏَنهنَ کَنڀاٽَ،

ڪُنڍيُون ڪاهي گَس ڪَريو، وَڇُون ڪَرِيو واٽَ،

سَنگهارَنَ سُکَ ٿِيا، لَٿِي اُڃ اُساٽَ،

جهَڙُ ڦڙُ ڏيئي جهاٽَ، پُسائِيندو پَٽِيُون.

 

(7)

ڍَٽِ ڍَري پَٽِ پِيُون پاسي پارَڪَرَ،

سَڀِيئي ڀَرِيا سَرَ، پَلُرَ جي پالوٽِ سين.

 

(8)

ڍَٽِ ڍري پَٽِ پِيُون، آيُون عُمَرَڪوٽَ،

پُسايائُون پَلُرَ سين، سُڪا پَٽَ جي سوٽَ،

چنچَل ڏيئِي چوٽَ، سَڀُ سامارو سَرِ ڪيو.

 

(9)

ڍَٽِ ڍري پَٽِ پِيُون، آئِيون ڪاهي ڪاماري،

وٺا پَٽ پُراڻِ جا، وَٺِيُون ساماري،

ڪَڪَرَ ۾ ڪاري، وِڄَڙِيَنِ، پَسو! ويسَ ڪِيا.

 

(10)

ڍَٽِ ڍَري پَٽِ پِيُون، وِڄُون ويسَ ڪَري،

مِينهَن وَسِي مُلڪَ جا، ڇَڏِيا تَلّ ڀَري،

قادِرُ ڪَرَمَ ڪَري، سُڪا پَٽَ ساوا ڪِيا.

 

(11)

ڍَٽِ ڍَري پَٽِ پِيُون، ٿِيا وَلَهارن وِيءَ،

سُورِجُ قَمَرُ نَه پاڙِيان، سيڻَنِ جي شَبِيہَ،

جي جانِبَ اَندرِ جِيءَ، سي پِرِين پيهي گهَر آئِيا.

 

(12)

ڍَٽِ ڍَري پَٽِ پِيُون، وِڄُنِ ڪِيو واڄو،

پَکو پَنهِنجي پِرِينءَ لَئي، سِبِي ڪَرِ ساڄو،

سَڄَڻَ سَٻاجهو، ڀيڄَ ڀِنِي گهَر آئِيو.

 

(13)

ڍَٽِ ڍَري پَٽِ پِيُون، وِڄونِ ڪَري وارا،

اُٺا وَڏي اور سين، ڪَڪَر جي ڪارا،

واحِدَ وَسِڪارَا، چوڌاري چَڱان ڪِيا.

 

(14)

ڍَٽِ ڍري پَٽِ پيُون، وِڄُنِ ڪِيا ڌرَمَ،

واحِدَ وَڏائِي ڪِيا، ڪُنڍِينَ ساڻُ ڪَرَمَ،

سَنگهارَنِ شَرَمَ، رَکُ مُنهِنجا سُپِرِين.

 

(15)

ڏُونگا آڇِ مَ تَنِ کي، ڪاسا جَنِ جو ڪَمُّ،

پِنندي پَرَڏيههَ ۾، تَنِ سوڍِيُنِ ٿِئي شَرَمُّ،

اُٿِينِ گهَڻي اَدَبَ سين، ڳالهائِين نَرَمُ،

قادِرَ ڪَر ڪَرَمُ، تَنُ وَطَنَ ۾ وَسَ ٿِئي.

 

(16)

سَڄو صافُ نَه اُڀَري، سَرَلي وِچان سِڄُّ،

مُنهن چَڙِهيو ماڻُهنِ کي، ڏي واڌايُون وِڄُّ،

هِينئڙا کَپَ مَ کِجُ، سِگها مِلنَدءِ سُپِرِين!

 

(17)

سَڄَڻَ ساوَڻَ مِينهَن جِئن، جهِڻڪِن پاسي جهوڪَ،

ڏِيندا پاهُ پَٽَنِ کي، مَنجهان مِينهنَ موڪَ،

لَسُ پِيارِينِ لوڪَ، آگَمَ ڪِيو اَکِينِ سين.

 

(18)

اَندَرِ جهُڙُ جهورَ وَهي، ٻَهرِ بَرسي بُوندَ اَپارَ،

وَٽِ جَنين جي يارَ، سي اوڪاڻِينِ نَه اَکِيُون.

 

(19)

اَندَرِ جهُڙُ جهورَ وَهي، ٻَهرِ ڪَڪَرَ نَه ڪوءِ،

وَسائيندي وِڄڙي، حُبّ جَنهين کي هوءِ،

لالَنُ جنينِ لوءِ، سي اوڪاڻِينِ نه اکِيُون.

 

(20)

اَندَرِ جهُڙُ جهورَ وَهي، ٻَهري نَه بَرسي بُوندَ،

سَڄَڻَ جَنهِين جي هُوندَ، سي اوڪاڻِينِ نَه اکيون.

 

(21)

وَسِي ساري راتِ، صُبحَ جو ساهُ کَڻِي،

مَنجهيئِي مِينهُن پِرِيَنِ جو، جي تَنَ ۾ هُئي تاتِ،

ته وِهاڻِيءَ پِرَڀاتِ، هُوندَ بادَل بَسُ ئِي نَه ڪَري.

 

(22)

آگَمَ جِي آئِيُون، اُتران ڪَري اُورِ،

جي پِرِين هُئڙا ڏوُرِ، سي مُون کي مِينهَنِ ميڙِيا.

 

وائي

آئي مُندَ مَلارَ، ميگهه مَلارَ، آئون کُنهنبا ڪَنڌِيَسِ ڪَپڙا.

وَسَڻَ جا ويسَ ڪِيا، اَڄُ مُنهِنجي يارَ،

آئِي مُندَ مَلارَ.

لارَ لائِيندي وَڇڙا، ڀِنڙَسِ ڀَنڀا وارَ،

آئِي مُندَ مَلارَ.

پَکي آءٌ پِرِين تون، لَههُ تُون سَيّدَ سارَ،

آئِي مُندَ مَلارَ.

آئي مُندَ مَلارَ، ميگهه مَلارَ، آئون کُنهنبا ڪَنڌِيَسِ ڪَپڙا.

¯

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com