سيڪشن؛لطيفيات

شاهه عبداللطيف جو رسالو

سُر حسيني

صفحو :20

 

 

 

 

 

سُر حسيني

 

داستان پهريون

 

(1)

لَڙُ مَ لاڙائُو ٿِيو، گهُتُون گوهِيون ڇَڏِ،

لاهِ مَ لَڏو لَڏِ، تَه ڳاڙهي سِڄِ ڳالههِ مِڙِئين.

 

(2)

لَڙُ مَ لاڙائُو ٿِيو، هَلِي ڪَرِ هِمَتَ،

سِڄُ سامُهُون مُنهن ۾، مَتان ڪَرِيين ڪَٿَ،

سُپيريان جي سَٿَ، ڳاڙهي سِڄِ ڳالههِ مِڙئين.

 

(3)

لَڙُ مَ لاڙائو ٿِيو، وَرَ چُونڊِيندي وَڃُ،

آهي ايءُ اَهڃُ، هاڙهي هَلَندِيَنِ جو.

 

(4)

لَڙِيو سِڄُ لَڪَنِ تان، راسِيُون رَتائِين،

مُون کي مارِيائِين، اَدِيُون اُونداهِي ڪَري.

 

(5)

وِيو سِڄُ وَڻَنِ تان، راسِيُون ڏيئي رَنڱُ،

مُون جَنهِين سين سَنڱَ، سو ڪوهِيارو ڪيچِ وِيو.

 

(6)

اُلَهِي سِڄَ اَويرَ ڪِي، ڏِٺائِين ڏوُنگَرُ،

سَسُئِي کي، سَيّدُ چَئي، سُورَنِ جو سَمَرُ،

ڪُٺَلِ رَکِيو ڪَرُ، ويچاريءَ وَڻِڪارَ تي.

 

(7)

اُلَهِي سِڄَ اَويرَ، مَ ڪَرِ مَعذوُرِينَ تي،

پَسِي مَران پيرَ، ڏُونگَرَ ٻاروچَنِ جا.

 

(8)

وِيو ٻاروچو نِڪَري، هاڻِي ڪَرِيان ڪِيئَن؟

سِڄَ اُلَٿي سِيئَن، سَٽُون ڏِيندِيَسِ سُڃَ ۾.

 

(9)

لَڙي سِڄُ لَڪَنِ تان، ويٺِي مُون وِيو،

آئُون ڏورِيندِيَسِ ڪيتَرو، پَهَڻَنِ پيرُ پِيو؟

سُورَنِ ساڻُ سِهو، اَچِي ٿِيُم اوچِتو.

 

(10)

سَرَتِيُون سُڄي سُڃَ، مَتان ڪا مُون سين هَلي،

پاڻِي ناهِ، پَنڌُ گهَڻُون، اڳِيان رائو سُڄي رُڃَ،

مَتان مَري اُڃَ، ڪا ڏِئي پاراتو پِرِينءَ کي.

 

وائي

جي هُوندَ ڏِٺائُون، وو جيڏِيُون، حالُ مُنهِنجو هِهِڙو،

چَڙهي نَه سَگهان چوٽيين، مارَڳُ مَٿاهُون،

حالُ مُنهِنجو هِهِڙو.

ڏُکِيءَ سَندي ڏيجَ ۾، ڏوُنَگرُ ڏِنائُون،

حالُ مُنهِنجو هِهِڙو.

وِيندي ڪِيُون وَڻَنِ سين، سَسُئي سُکائُون،

حالُ مُنهِنجو هِهِڙو.

وَٺِي پُنهُون پاڻَ سين، اَچان جي آئُون،

حالُ مُنهِنجو هِهِڙو.

ڏِيندِيَسِ شاخَ سَڀَڪِنهِين، وَڻِ وَڻِ واچائُون،

حالُ مُنهِنجو هِهِڙو.

هِينئڙو ڏَندڻ پاڙَ جِئَن، ڇِڪي ڇِنائُون،

حالُ مُنهِنجو هِهِڙو.

هِينئڙو ڏاڙهوُنءَ گُل جِئَن، ريهي رَتائُون،

حالُ مُنهِنجو هِهِڙو.

هو جي پَهَڻَ پَٻَ جا، مَڻِيان مُڪائون،

حالُ مُنهِنجو هِهِڙو.

هُونِ سَلامَتَ سُپِرِين، گهوري سا آئُون،

حالُ مُنهِنجو هِهِڙو.

سو جي سُئومِ ڪَنَن سين، پہُ جو ڪيائُون،

                               حالُ مُنهِنجو هِهِڙو.

ٻانهُون ٻِيلَ نَه لاهِيان، پُنهَلَ کي آئُون،

حالُ مُنهِنجو هِهِڙو.

 

 

داستان ٻيو

 

(1)

ڪِين ڌر تُتِي ماه، ڪِين ڄَرَ سَندي سڄڻين،

هَلي ۽ واجهاءِ، ٻِنهِين ڄيرَن وِچَ ۾.

 

(2)

مَٿِئان مَٿي مَچ، ٻَرِيُمِ ٻاروچَنِ جو،

مُون کي طَعنا تي ڏيين، جِئن نَه پَرُوڙِيين سَچ،

آمَڙ اوري اَچ، تَه سِٽَ سُڻايَئِين سُورَ جِي.

 

(3)

مَٿي مَنجهان مِينهن، پَسو پاڻِيءَ جِئَن وَهي،

مُون ڀانيون نِينهن، ڄِڀِيُون ڄيري سَنديُون.

 

(4)

جي وَڃي ساجَنَ وِسري، مَنجهان مُنهنجي روُحَ،

تَه مَرُ لَعي لُوهَ، ٿَرَ ٻاٻِيهو ٿِي مَران.

 

(5)

لَڳِي مون کي لُوهُ، وِرِهَ واٽُون لائِيُون،

رازُ جِنهن سين روُحَ، سو ڪوهِيارو ڪيچِ وِيو.

 

(6)

ٽِمَن نيڻَ، رَتُ وَهي، چُئاڪا ڪِيو،

مُون کي ڏَئَنُ ڏِيو، آئِين ٿا وَڃو اوٺيا.

 

(7)

اَمَڙ وَڃِي آڻ، چَرَخو آتَڻَ وِچَ مان،

ڪِتُم جِنهين ڪاڻ، ڪوهِيارو ڪيچ وِيو.

 

(8)

پَهِي ڪامُ پِڃاءِ، اَمَڙ مُنهنجي آسري،

ڏيئِي لَتُ چَرخي کي، پُوڻِيُون پاڻِيءَ پاءِ،

ڪِتُمِ جِنهين لاءِ، سو ڪوهِيارو ڪيچ وِيو.

 

(9)

پَهِي ڪامَ پِڃاءِ، اَمَڙ مُنهنجي آسِري،

ڏيئي تُون ڪَتاءِ، مُون کي نِينهن نِهوڙِيو.

 

(10)

ڪَتَڻُ ٻَنِ ڪَپاه، کوءِ آتَڻُ، ٻَنِ جيڏِيُون،

ساجَنُ مُنهنجو ساهُ، هاڃي مَنجههِ هَڻي وِيو.

 

(11)

آتَڻِ چُونِمِ ڪَتُ، تاڻِيان، تَندُ نَه نِڪَري،

پاڻان روئِي رَتُ، چَرَخو مُون چِڪَ ڪيو.

 

(12)

تاڻِيان تَندُ نَه نِڪري، جِيءُ نَه مُنهِنجو جاءِ،

ساجَن ڌاران سَرِتِيُون، سَڀَئِي مُون نَه سُهاءِ،

جِئَڻُ ڪِينَ جُڳاءِ، آيَلِ ٻاروچَنِ ري.

 

(13)

کوءِ هاڙهو، ٻَن هوت، کوءِ پُنهُون، ٻَن پِرِيتَڻون،

مادَرِ مُون موتَ، پَسَڻان پِرائِيو.

 

(14)

کوءِ ٻولِي، ٻَنِ ٻَرچوَ، گهوري ذاتِ جَتَنِ جِي،

مُون کي چَئِي ”لوچ“، پيهِي وِيا ڇَپَرِين.

 

(15)

جِئن جِئن تَپي ڏِينهَن، تِئن تِئن تاڻي پَنَڌَ ۾،

ڪو آڳانجهو نِينهُن، ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ سين.

 

(16)

جِئن جِئن ڀِڄي راتِ، تِئن تِئن تاڻي پَنَڌَ ۾،

ڀوريءَ ٻِي نَه تاتِ، جيڪا سا جَتَنِ جِي.

 

(17)

نَڪو ليکوئِي ٿِيو، نَڪو تَتو ڏِينهن،

تِهان اوري نِينهُن، ڇِنو آتَڻَ وارِيين.

 

(18)

جان جِئين تان جَلُ، ڪانهي جاءِ جَلَڻَ ري،

تَتيءَ ٿَڌيءَ هَلُ، ڪانهي ويلَ وِهَڻَ جِي.

 

(19)

تَتِيءَ ٿَڌيءَ ڪاهِ، ڪانهي ويلَ وِهَڻَ جِي،

مَتان ٿِئي اُونداههِ، پيرُ نَه لَهِين پِرِينءَ جو.

 

وائي

شاديءَ جو سِينگارُ، آيُلِ، آيُلِ مَرَڪُ مُنهِنجو مُون پِرِين.

آهي ڳَہُ ڳِچِيءَ جو، ڏي هالورا هارُ،

آيَلِ مَرَڪُ مُنهنجو مُون پِرِين.

آهي اُگهاڙِيَنِ کي، جانِبَ جو جِنسارُ،

آيَلِ مَرَڪُ مُنهنجو مُون پِرِين.

آهِيين کاڄُ بُکِيَنِ جو، تُون تان طَعامُ تِيارُ،

آيَلِ مَرَڪُ مُنهنجو مُون پِرِين.

اَعليٰ اَڇو عِيدَ ۾، دوسِتاڻُون دِيدارُ،

آيَلِ مَرَڪُ مُنهنجو مُون پِرِين.

حُسنَ هوتَ پُنهُونءَ جي، ڪَڪورِيو ڪوهِيارُ،

آيَلِ مَرَڪُ مُنهنجو مُون پِرِين.

سُڃَ ڪِيائِين سُرَهِي، واسِيائين وَڻڪارُ،

آيَلِ مَرَڪُ مُنهنجو مُون پِرِين.

ڇَپَرَ ڇاٽُون مُڪِيُون، عَطَرَ ٿِيو آزارُ،

آيَلِ مَرَڪُ مُنهنجو مُون پِرِين.

ڪوڙِيين ٿِيا ڪيتَرا، نالي تان نثارُ،

آيَلِ مَرَڪُ مُنهنجو مُون پِرِين.

سَدا صَلابَتَ جِي، گولِي گِرِفِتارُ،

آيَلِ مَرَڪُ مُنهنجو مُون پِرِين.

گهورِيان گهَرُ گهِٽيءَ تان، اَچي جئان آڌارُ،

آيَلِ مَرَڪُ مُنهنجو مُون پِرِين.

 

 

داستان ٽيون

 

(1)

ڪو جو گهُمندي گهورُ، آيُم ٻاروچَنَ جو،

ڇَڏيندِيَس ڀَنڀورُ، هِينئُون هِت نَه وِندري.

 

(2)

مُون کي ساٿان کارِيو، ڀَنڀورَ جن سُکَن،

هاڻي ساڻُ ڏُکَن، تَان ڪِيئن ڏُونگَرَ ڏورِيان.

 

(3)

ڀينَر ڀَنڀورا، ڀَڄو تان اُبَهو،

آڳي اِنَ ماڳان، سَرَتِينِ سُورَ پِرائِيا.

 

(4)

ڀينَرَ هِنَ ڀَنڀورَ ۾، دوزَخَ جو دوُنهُون،

سَوارو سُونهُون، پُڇِي پُورج سَسُئِي.

 

(5)

ڀينَر هِنَ ڀَنڀورَ ۾، گهايَل ٿِي گهارِيان،

سَڄَڻُ جي سانگ ويا، سيئي ٿِي ساريان،

سي ڪِئن وِساريان، جي وَٽان مُون واٽَ ٿِيا.

 

(6)

ڀَنڀوران اُجاڙُ، سَرَتِيُون سَکَرُ ڀائيان،

مُون سين تنهن پَهاڙ، ڏُکان هَڏِ نَه ڏوريو.

 

(7)

اُجاڙان ڀَنڀورُ، سَرِتِيُون سَکَرُ ڀائيان،

آرياڻي اَتَورُ، ڏِٺُمِ جِت اَکِينَ سين.

 

(8)

لَڳِي لاڳاپي، ڀوري مُنڌَ ڀَنڀورَ جي،

پِرِينءَ وِڃايو تي، ڏُکِي ڏوري ڏونگَرين.

 

(9)

بُرو هو ڀَنڀورُ، آرِياڻِيءَ اُجاريو،

لاٿو سَڀَ لوڪُ تان، هاڙهي ڌَڻِيءَ هورُ،

ڇورِيُون ڇُرَڻُ سِکِيُون، پُنهون ڪيائُون پورُ،

آيو سو اَتورُ، جِنهن ڏُکِيُون ڏيکَ وِهارِيُون.

 

(10)

ڀُلِيو سَڀُ ڀَنڀورُ، جو پُٺيءَ هوتِ نَه هَليو،

شَهر سُڃاتو ڪِينَڪي، آرِياڻِي آتورُ،

ماڻِيو تِنهين مورُ، ديکِيو جَنِهين دِل سين.

 

(11)

جَنِهين ديکيو دِل سين، پُٺِيءَ سي پييُون،

تَه پُڻِ ٿي وييُون، جي پُنهُونءَ پاڻُ لِڪائِيو.

 

(12)

ڏُکَن پُٺِيان سُکَ، سِگها ٿيندئي سَسُئي،

پيرُ مَ ڇَڏِجُ پِرِينءَ جو، توڻي لُڪُون لَک،

ڏورِجُ پاسي ڏُکَ، تَه پَوي ٻاجههَ ٻَروچَ کي.

 

وائي

لَڳو مَنجهه لَڪنِ، آيَلِ، آيَلِ، تازو پيرُ پُنهُونءَ جو.

نَه ڪِنهن واءَ وِڃائِيو، جهورِيو تان نَه جهَڪُنِ،

آيَلِ تازو پيرُ پُنهُونءَ جو.

کِہَ کَٿُورِئان آَڳَري، هاڻِي جا هوتَنِ،

آيَلِ تازو پيرُ پُنُهونءَ جو.

بورائُو بَرِن جو، رِڙهِيو مَنجههِ رَندَنِ،

آيَلِ تازو پيرُ پُنهُونءَ جو.

لُطِفُ ساڻُ، لَطِيفُ چَئي، ڪَندو وَرِ وِلَهَنَ،

آيَلِ تازو پيرُ پُنهُونءَ جو.

 

 

داستان چوٿون

 

(1)

لَڄايا مُونهان، ساجهُر تي سيڻَ وِيا،

پِيَينِ ڀَنڀوران، سُڌِ مُنهِنجيءَ ذاتي جِي.

 

(2)

هُيَس جي آئُون، ٻانهِي ٻاروچَنِ جِي،

هُوندَ نَه ڇَڏِيائُون، ڏُکيءَ کي ڏُکَنَ ۾.

 

(3)

آئُون جي هُيَس هَڏُ، اَدِيُون آرِيچَنِ جو،

ساٿَ لَڏيندي سَڏُ، مانَ ڪوهِيارا ڪَرِينَ مُون.

 

(4)

هُيَس جي سِياءِ، تَه ڪَيم ڏُکَ ڏيرَنِ تي،

اَدَبَ وِڃان اُن سين، ڳالهه نَه ڪَيم ڪاءِ،

ذاتِ مُنهِنجي ماءِ، ڪَچِي ٿِي ڪيِچيَنِ کي.

 

(5)

اوٺِيَنِ اُمارو، مُون جهَلِيندي نَه رَهِيا،

ساٿِيَنِ سَوارو، ڪِيو ڪيچُ اَکِين ۾.

 

(6)

ساٿِي توءِ هَلَن، پَٿَر جي وارَ ڪَرِيان،

جيڪُس ٻاروَچَنِ، ڪو ڏِٺو عَيبُ اَکِينِ سين.

 

(7)

ساٿِينِ سَئِين نَه جاڳِيين، پوءِ ڪُڄاڙِئا روءِ،

اِيءَ پَر ڪُپَرِ هوءِ، جِئن هو سانگِي، تُون سُمَهين.

 

(8)

ساٿِي نَه پَسان سي، جي هُئمِ هِينئين ٿُوڻِيُون،

هاڻِي ڪَنهين جي، وَڃيو اَڱڻَ اُڀِيان.

 

(9)

آن ڪي ساٿِي ڏِٺَ، جي مُون ويڙهِ وِڃائِيا،

رُئان رَتُ مَڃُٺَ، هاڻي تَن پِرِيَن کي.

 

(10)

مُون سَڏيندي سَڏَڙا، ساٿِي سَڏ نَه ڏِينِ،

وِلهِيءَ جي وَٿاڻَ تي، توڏَ نَه تَنوارين،

هيڏا هاڃا ٿِين، بُري هِنَ ڀَنڀَور ۾.

 

(11)

ڪَهان تان ڪيچان پَري، وِهان، تان وَٽِ مُون،

ڀُلِي ڏورِيَم ڀُون، عَبَثُ آريءَ ڄامَ کي.

 

(12)

ڪهان تان ڪيچان پَري، سُمَهان، تان سِرُ هيٺِ،

ٻاروچي سين ڏيٺِ، جيهِيءَ پَرِ ٿِي جيڏِيُون.

 

وائي

 

(1)

هوتَ، هوتَ، اي هوتا، ڏِيندِيَسِ ماهُ مِرُن کي،

آئُون جَرا جِيءُ ڪَري.

ڏيئِي باهِ ڀَنڀورَ کي، آئُون آيَسِ تو ڳري،

ڏِيندِيَسِ ماهُ مِرُن کي.

آرِياڻِي پُنهوُنءَ ري، مُون کي سَرَتِيُون تان نَه سَري،

ڏِيندِيَسِ ماهُ مِرُن کي.

جَنڊي پايو جان ۾، ڏُکِي ڏُکَ ڏَري،

ڏِيندِيَسِ ماهُ مِرُن کي.

آءٌ اوراهُون سُپرِين، وَڃَ مَ، پِيُّ پَري،

ڏِيندِيَسِ ماهُ مِرُن کي.

مُون ڏِٺِي، مُون وِسَهو، وِرچِي تان نَه وَري،

ڏِيندِيَسِ ماهُ مِرُن کي.

ڏُکيءَ جي ڏيکاريين، ڌاران مُنهَن مَري،

ڏِيندِيَسِ ماهُ مِرُن کي.

پِيالي پِرِين جي، موهِيَس ميٺَ ڪري،

ڏِيندِيَسِ ماهُ مِرُن کي.

آريءَ جي عشقَ جِي، مُون کي اَندَرِ آڳِ ٻَري،

ڏِيندِيَسِ ماهُ مِرُن کي.

توکي توءِ نَه ڇَڏِيان، جي وڃان ڀُونءِ تري،

ڏِيندِيَسِ ماهُ مِرُن کي.

ڌَڙُ وِجهَندِيَسِ ڌُوڙِ ۾، مَٿو ڌارَ ڌَري،

ڏِيندِيَسِ ماهُ مِرُن کي.

هَلَڻُ سُڻِي هوتَ جو، ڏُکِي پَسُ ڏَري،

ڏِيندِيَسِ ماهُ مِرُن کي.

پِرِين کَڻِجِ پانهِنجِيُون، اَکِيُون ٻاجهَه ڀَري،

ڏِيندِيَسِ ماهُ مِرُن کي.

 

وائي

 

(2)

ڏُونَگَرِ ٿِي ڏوري، وِندُرِ ٿِي ووڙي،

جَتَنِ لئي جِيڏِيُون، ڏوُنگَرِ ٿِي ڏوري.

سُورَ ڀائِي ٿِيَسِ سُڃَ ۾، ڄامَ پُنهَلَ کان اوري،

جَتَنِ لئي جِيڏِيُون، ڏوُنگَرِ ٿِي ڏوري.

اُٺَ چارِيندِيَسِ اُنِ جا، ٽَڪَرَ پاسِ ٽوري،

جَتَنِ لئي جِيڏِيُون، ڏوُنگَرِ ٿِي ڏوري.

مَهاروُن تَنِ مَيَنِ جِيُون، خُوبُ خُوشِيءَ مان جوڙي،

جَتَنِ لئي جِيڏِيُون، ڏوُنگَرِ ٿِي ڏوري.

ڪاهي ڪَڍ ڪيچِيَنِ جي، ڪِي پُڇي، تَڙ توڙي،

جَتَنِ لئي جِيڏِيُون، ڏوُنگَرِ ٿِي ڏوري.

 

 

داستان پنجون

 

(1)

ليڙَنِ لَنگهِي لَسَ، مانباڻِئان مَٿي وِيا،

وَٺِي وَرُ واٽَ ٿِيا، پُنهون ڄامُ پَهَسَ،

هُئا وَڏي وَسَ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾.

 

(2)

وَڏِي وَسَ هُئا، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾،

وَڃِي ڏُورِ پِيا، سانگين پُٺِيءَ سُپِرِين.

 

(3)

سانڍِ پَنهنجي ساهِ، ٻانهِين ٿِي ٻُورا ڪَرِيان،

واڳِيُون جي وَرَنِ سين، تَنِ سَرِتِيَنِ سيڄَ سُهاءِ،

مُون کي طَعنا تي ڏيين، مُون جِئَن مُٺِئَن نَه ماءِ،

آريءَ جي آڪاهِ، رُلايَس روهَن ۾.

 

(4)

ماءِ وِهاڻوُن وار، کَڻُ پَٿَراڻِي پانهِنجِي،

جيڪين ڏِنَئي ڏيجَ ۾، سو سَڀوئِي سار،

وَڃان ٿِي وَڻِڪارِ، ڏِٺَمِ پيرُ پُنهوُنءَ جو.

 

(5)

ڇِپُون ڇَپَرَ کَٽَ، پَهَڻَ پَٿَراڻِيُون ڀانئِيان،

جِتي رَهان راتَڙِي، مِرُون مُنهنجا مِٽَ،

سيڻَنِ جِيءَ سَهَٽ، ڏوُنگَرُ ڏولِي موُن ٿِيو.

 

(6)

ڏِنِي سِڪَ سَسُئِيءَ کي، ٻيلِياڻِي ٻَروچَ،

لوڪَ وِچان ئِي لوچَ، نيئِي پَهُچائي پُنهوُنءَ کي.

 

(7)

مُسافِر نِئون ماءِ، وِرِهُ وِهايُمِ وِتَرو،

اَچِي ٿِيَمِ اوچِتِي، تَنِ سانگِيَنِ سين ساڃاه،

جِيجان جهَلَ مَ پاءِ، هِينئوُن هوتَ هَڻِي وِيا.

 

(8)

ڪِئن آڙايُئِي پاند، پَلَؤُ پَرڏِيهِيَنِ سين،

مَتِيُون مُوڙِهِيُئِي سَسُئِي، ڪِيُئِي ڪوهِيارو ڪانڌ،

رُلِي ڀانيُئي راند، ٻانڀَڻِ عِشقُ ٻَروچُ جو.

 

(9)

مُنهنجو پاڙيَچَنِ، ڪَچو ڪونَ ڍَڪيو،

پاسي چَڙهي پُنهوُنءَ جي، ذاتِ سَلِتِي جَنِ،

تيلان ٻاروچَنِ، نڌَرِ ڇَڏي نِنڊَ ۾.

 

(10)

حُسينِيءَ جِيءَ هاڪَ، مادَرِ ماري آهِيان،

ڏِيهان ڏورَڻَ ڏُکَ سين، راتِيان چِڪَنِ چاڪَ،

ڊڄان ڀَرِ فِراقَ، متان پوئِمِ پِرِينءَ سين.

 

(11)

جيڪين فِراقان، سو وِصالان نَه ٿِئي،

اَچِي اوطاقان، مُون کي پِرِينَ پَري ڪِيو.

 

(12)

ڦِري آءٌ فِراقَ، مُون کي وِصالان وِچ پِيو،

جي ٿي چِڪِيَم چاڪَ، سي پِرِينَ گَڏجِي پُورِيا.

 

وائي

 

(1)

پُنهوُنءَ پَريشانُ، ٻَرِ ٻَرِ، نڪو خان نَه مان،

هَئي هَئي! حالُ مُنهِنجو.

موُن کي بُکُ بوتَنِ جِي، ناقي ڀانيان نانُ،

هَئي هَئي! حالُ مُنهِنجو.

شَهرُ صحَرا ڀائِيان، موُن ليکي مَيدان،

هَئي هَئي! حالُ مُنهِنجو.

رُئان ٿِي رُڃُن ۾، آريءَ لَئي عُريان،

هَئي هَئي! حالُ مُنهِنجو.

پِٽِيان مُنهنُ پَسَڻَ لَئي، هِتي ٿِي حَيران،

هَئي هَئي! حالُ مُنهِنجو.

آهي آريءَ ڄامَ جو، مُون کي ڪاري ڪان،

هَئي هَئي! حالُ مُنهِنجو.

ديوانِيءَ کي دِلِ ۾، سُورَنِ جو سامان،

هَئي هَئي! حالُ مُنهِنجو.

وِجهِجِ پِڪَ پينارِ تي، پِرِينم کائِي پان،

هَئي هَئي! حالُ مُنهِنجو.

ڪَڏِهن ٿِيندو ڪيچَ ۾، مُٺِيءَ جو مَڪان،

هَئي هَئي! حالُ مُنهِنجو.

 

وائي

 

(2)

پاڙيچِيُون ڪا پَچارَ، مُنهِنجا ڏير ڏَمَرَ ڪنهن ڏيہ وِيا.

ويٺِي ڳوڙها ڳاڙِيان، تَنِ ڄامَن لاءِ ڄَمارَ،

مُنهِنجا ڏيرَ ڏَمَرَ ڪِنهن ڏيہِ وِيا.

ڪَرِ ڪا ڪانگَ، اَچَڻَ جِي، تَنِ جي ڪا تَنوارَ،

مُنهِنجا ڏيرَ ڏَمَرَ ڪِنهن ڏيہِ وِيا.

مُئِي ماري هَليا، ڪيچِي ڪاهي قطارَ،

مُنهِنجا ڏيرَ ڏَمَرَ ڪِنهن ڏيہِ وِيا.

 

 

داستان ڇهون

 

(1)

ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾، آيا آسُ ٿِيام،

پَسي پَهرَ پُنهوُنءَ جي، نَهنُ سِيئَن نيڻَ ٺَريام،

گُوندَرِ وِسريام، سُکَنَ شاخُون مُڪِيُون.

 

(2)

ڏيکارِيُسِ ڏُکَنِ، گُوندَرَ گَسَ پِرِينَ جو،

سُونهائِي سُورَنَ، ڪِي هيڪاندي هوتَ سين.

 

(3)

ڪَنهِين ڪَنهِين ماڙُهئين، گُوندَرُ وَڏي وَٿ،

ٻَڌي گوڏِ گَرَٿَ، ساٽو ڪجي سُورَ جو.

 

(4)

سؤ سُکَن ساٽي ڏِيان، سِرُ پُڻِ ڏِيان سَٽِ،

جي مُون مِڙي مَٽِ، تَه وِرهُ وِهايان هيڪَڙو.

 

(5)

سَؤ سُکَن ڏيئِي، وِرهُ وِهايم هيڪڙو،

مُون کي تِنهن نيئِي، پيرُ ڏيکارِيو پِرِينءَ جو.

 

(6)

سُورَ مَ ڏي ڌُوڻَ، آئُون آهِيان اَڳهِين ڪاهِري،

جا پَرِ پاڻِيءَ لُوڻَ، سا پَرِ مُنهِنجي جِندَڙي.

 

(7)

سُورَ مَ وَڃيجا، سَڄَڻَ جِئن سانگِ وِيا،

پِرِينَ پُڄاڻا، آئُون اوهان سين اورِيان

 

(8)

سُورَنِ سانگهارو، ڪَڏِهن تان ڪونَ ڪيو،

آيَلِ اوڀارو، ٻائِڙَ ٻَڌو ٻوڙَ وَهي.

 

(9)

سانگهارو سُورَنِ، ڪَڏِهن تان ڪونَ ڏِنو،

ٻائِڙَ ٻوڙَ وِهَنِ، ڪالهوڻِئان اَڄُ گهَڻان.

 

(10)

سُورَ نَه ساڱاهِينِ، ڏِينِ اُڌمان اوچِتا،

مُون کي مُون پِرِينِ جا، اَمَيا آهِين،

لَڄُون جِي لاهِين، سيئِي ٿِيَم سامُهان.

 

(11)

سُورَنِ لَڌو سَجهُه، پاڻهئِي پيهِي آئِيا،

ڪنهن کي ڏِيان مَنجهُه، مَرُ تان چِڻِڪَن چِتَ ۾.

 

(12)

سُورَ مَ مَٽِج ساءُ، آئُون نَه وِڪَنِي آهِيان،

وَڃِجِ مَ ويلَ ڪِنهِين، وِرِهَ مُون وَٽاءُ،

تُون پُڻِ تَڏِهين جاءِ، جَڏِهن ٿِيان هيڪاندي هوتَ سين.

 

(13)

سورَ بِه ڀَتُون ڀَتِ، هِيءَ چِڻِڪِيو ڪي ٻِيو،

پِريتَڻِي پِرِينءَ جي، ماءِ مُنجهايَم مَتِ،

ڀينَرَ ڀَليءَ ڀَتِ، لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچ جو.

 

(14)

لَڳَمِ ٻاڻُ ٻَروچ جو، اَمَڙ پَلِ مَ مُون،

سَڀِ رَڱِينديَسِ رَتَ سين، ڪيچان اوري ڀُون،

مادَر مَٿان مُون، ڪانگ لَوَندا ڪَڏَهين.

 

(15)

لَڳُم ٻاڻُ ٻَروچ جو، ڪَرَها ٿِيا قَزاقَ،

اَهُکِي جا اُٺَنِ کي، سا مَينِ پوءِ مَ ماڪَ،

اَکَڙين خوراڪَ، پَسَڻُ پَرڏيهِينَ جو.

 

(16)

سُورُ وِراهِيان سَرَتِيُون، جي وِراهِيا وڃن،

ٻِيوُن ڪوهُ ٻُجهَنِ، جَنِ سَندا تَنِ سامُهان.

 

(17)

مُٺِ مُٺِ سُورَنِ سَڀَڪِهين، مُون وَٽ وَٿاڻان،

ڀَرِيُون ڪِيو ڀُڻان، وِيا وِهائُو نِڪري.

 

(18)

ڏُکَ سُکَنِ جِي سُونَهن، گهوريا سُکَ ڏُکَن ري،

جَنِين جِيءَ وِروُنهن، سَڄَڻُ آيو مان ڳري.

 

(19)

ڏُک لَڳو، ڏُونگَرَ ٻَريو، ڀينَرُ کاڻِي ڀُون،

مَنان لاٿو مُون، سَندو جِئڻ آسرو.

 

(20)

ڏُکويوُن ڏيهان، جيڪُسِ لَڏي وِيئيُون،

هاڻي ڪِن مُلا، پُڇان پِرِين خبرون.

 

(21)

ڏُکِيُون جان نَه مِڙَنِ، تان تان ڀَنَڻُ نَه ٿِئي،

ٻِيُون هُونهين هَٿَ هَڻَن، روُندِيُون روُئَڻَ وارِيُون.

 

(22)

نَڪي روُئَڻَ وارِيُون، نَڪي اوسارِينِ،

مُونِهين کي مارِينِ، مُونهِين سَندا ڏُکڙا.

 

(23)

ڀيڙي ڀِيڙي ٻَنڌُ، سُورائِتِي سَندرو،

ڪيچ اَڳاهُون پَنڌُ، مَتان لَڪَنِ سين لَڳِي مَرين.

 

(24)

ڀيڙي ٻَنڌُ ٻِيهارَ، سُورائِتِي سَندرو،

ڏوُنگَرَ توهان ڌارَ، ڪانَ ڏورِيندي ڏُکَ سين.

 

وائي

ڪوهياري جي ڪاءِ، مارِيندِيَمِ ماءِ، مُون کي مَنَ اَندرِ جا ڳالهَڙي.

چَڙهان ڏوُنگَرَ چوٽِيين، سُپيرِيان جي ساءِ،

مُون کي مَنَ اَندَرِ جا ڳالهَڙي.

نِهارِيندِيَسِ نِڪَري، هاڙهو هوتَنِ لاءِ،

مُون کي مَنَ اَندَرِ جا ڳالهَڙي.

پانڌِيڙا پيرَ ڀَري، پِرِيان کي پَهُچاءِ،

مُون کي مَنَ اَندَرِ جا ڳالهَڙي.

موليٰ! مُون کي ميڙئين، سَنديءَ جانِبَ جاءِ،

مُون کي مَنَ اَندَرِ جا ڳالهَڙي.

هوتَ هَلَنِ، آئون وِهان، تَه ڪا اِيئن جُڳاءِ،

مُون کي مَنَ اَندَرِ جا ڳالهَڙي.

سَسُئِيءَ جي سِريءَ کي، اوڏاهِين اُٺاءِ،

مُون کي مَنَ اَندَرِ جا ڳالهَڙي.

پيرانديءَ پُنهوُنءَ جي، مُنهِنجو لوڙه لَٽاءِ،

مُون کي مَنَ اَندَرِ جا ڳالهَڙي.

اَلا! عَبدُاللطِيفُ چَئي، اِيها آسَ پُڄاءِ،

مُون کي مَنَ اَندَرِ جا ڳالهَڙي.

 

 

داستان ستون

 

(1)

پُڇَنِ سي پَسَنِ، جَڏهِن تَڏِهن پِرِينءَ کي،

ڏورِيندِيُون ڏِسَنِ، اَڱَڻَ عَجِيبَنِ جا.

 

(2)

پُڇِيوءِ، تان پُور؛ ناتَ پُڇَڻَ هوءِ مَ پِرِينءَ کي،

ڏورَڻَ واريُون ڏوُر، هَڏ نَه آهينِ هوتَ کي.

 

(3)

ڏورِيان، ڏورِيان، مَ لَهان، شالَ مَ مِلان هوتَ،

مَنَ اَندَرِ جا لوچَ، مَڇُڻِ سا ماٺِي ٿِئي.

 

(4)

ڏورِيان، ڏورِيان، مَ لَهان، ساٿِي ڪالهوُڻا،

لاهي لاڏوُڻا، سَفَرِ ڪنهن سانگ وِيا.

 

(5)

آئُون ڏورِئين، شالَ مَ لَهَئين، پِرِين هُئين پَري،

هَڏِ نَه ساهَ سَري، تَنَ تَسلي نَه ٿئي.

 

(6)

آئُون ڏورِئين، شالَ مَ لَهَئين، تَنَ مَ ملين تُون،

لُنءَ لُنءَ مَنجهان مُون، لوچَ تُنهِنجي نَه لَهي.

 

(7)

آئُون ڏورِئين، شالَ مَ لَهَئين، ساڄَنَ مَڃُ سُوالُ،

سِڪَ تُنهنجِيءَ، سُپِرِينِ ٿِئي جانِ زُوالُ،

وِهاڻِيءَ وِصالُ، اُٿيان آرامِي ڪَري.

 

(8)

ڇَڏِيَمِ حُجَ هَلَڻَ جِي، چاڙهِيڪا چَکِيامِ،

آرِياڻِيءَ جي آسري، ڏوُنگَر ڏِينهن لَڳامِ،

پُڇِجِ، پِرِين سَندام، ويٺِيسِ، وِکَ نَه اُپڙي.

 

(9)

ڇَڏِيَمِ حُج هَلَڻَ جِي، چاڙهِيڪَنِ چَڙهِي،

آڙِيڪَنِ آڙي، پِيَسِ هوتَ پُنهُونءَ سين.

 

(10)

ڇَڏِيُمِ حُجَ هَلَڻَ جِي، چَکِيَمِ چاڙهِيڪا،

اَدِيُون آڙِيڪا، هِينئَڙي پِييمِ هوتَ سين.

 

(11)

ويٺِيَسِ، وِکَ نَه اُپُڙي، اَڄُ آرِياڻِي تُون آءُ،

چُڪِيءَ توسين چاءُ، پاسي ڀَرِ پيئي رڙهِي.

 

(12)

جيڪا ڪندي نِينهُن، مُون جِئن ٻاروچَنِ سين،

سِڪَڻُ سارو ڏينهن، چَڙهَڻُ چاڙهِيڪَن تي.

 

(13)

جيڪا ڪَندي سَڱ، مُون جِئن ٻاروچَن سين،

اَنگُنِ چاڙهي انگ، روُئندي سا رَتَ ڦُڙا.

 

(14)

جيڪا ڪندي لاڳِ، مُون جِئن ٻاروچَنِ سين،

اَندَر تَنهِين آڳِ، لَڳندي لاٽُون ڪَري.

 

(15)

جيڪا ڏِيندي مَنجههُ، مُون جئن ٻاروچَن کي،

مَٿان ڳَلَنِ هَنجُ، ڪِينَ لاهِيندي ڪَڏهين.

 

وائي

مُنهنجي حُجَتَ ناهي واٽِ، ڪانهي واٽَ،

جِيجان تَنِ جَتَنِ سين.

کاڻِيءَ کي کانئي ٿِي، ڄيري جي ڄَڙاٽ،

جِيجان تَنِ جَتَنِ سين.

ڪَندِيَسِ ڪيچَ ڌَڻِيَنِ لَئي، لَڪَنِ ۾ لُولاٽ،

جِيجان تَنِ جَتَنِ سين.

تازو پيرُ پُنهوُنءَ جو، لُڙِيو مَنجهه لُڙاٽ،

جِيجان تَنِ جَتَنِ سين.

آهيمِ آريءَ ڄامَ جِي، اَندر مَنجهه اُساٽ،

جِيجان تَنِ جَتَنِ سين.

مارِيو ڪِيمَ مُٺِيءَ کي، ڪيچِي ڪاهي ڪَنواٽ،

جِيجان تَنِ جَتَنِ سين.

کَڻِيو نيڻَ نِهارِيان، ڳوڙَهَن ڀَرِيو ڳاٽ،

جِيجان تَنِ جَتَنِ سين.

سَبَبِ تِنهن سُتي وِيا، جهُوٽِي ڏِينَمِ جهاٽَ،

جِيجان تَنِ جَتَنِ سين.

ڏِٺَمِ ڏُکوينِ جا، ڇَپَر ۾ ڇُونڇاٽ،

جِيجان تَنِ جَتَنِ سين.

 

 

داستان اٺون

 

(1)

آتَڻ اورانگهي وِيا، آئُون ٿِي مَران ماءِ،

پِٿُون ٿِينديَس پيرَ تي، ”هَئي هَئي! ڪَري، ”هاءِ!“

جِيَڻِ مُون نَه جُڳاءِ، پِرِيَن تان پاسو ڪِيو.

 

(2)

آتَڻِ اورانگهي وِيا، اَڱڻِ مُون افسوس،

ديوانِيءَ سين دوسُ، ساٿِي آهي سُڃَ ۾.

 

(3)

آتَڻ اورانگهي وِيا، ڪَري ڪَمِيڻِي ڪِيئن،

هاڻِ گهُرِجي هِيئَن، تَه ڏِجي باهه ڀَنڀورَ کي.

 

(4)

آتَڻُ اورانگهِي وِيا، پُٺِيءَ توڏَنِ تاڻ،

ويههُ مَ، مُنڌَ ڀنڀورَ ۾، هُن پڄَندِيئَن هاڻ،

رائِي مَنجهه رِهاڻ، هَلُ تَه ٿِيَئِي هوتَ سين.

 

(5)

آتَڻَ اورانگهي وِيا، پاري ڇَڏي پوءِ،

آرِيچا اُٺَنِ تي، هيءَ تان ڇَڏي جوءِ،

ڪِين هَلي، ڪِين هَٿَ کَڻي، ڪين رِڙهي، ڪِين روءِ،

ڪو پُنهُونءَ کي چوءِ، تَه مُٺِيءَ ماتَمُ آئِيو

 

(6)

ڄاڻِي سُڃاڻي، مُون کي ڇَڏي هلِيا،

اَديُون آرِيچَنِ لئي، آئُون کُوري جِئَن کاڻِي،

پاهَڻَ ۾ پاڻِي، هارِيُون! هارَڻَ آئِيو.

 

(7)

ڄاڻِي سُڃاڻِي، مُون کي ڇَڏي هَلِيا،

آئُون ڪِئن ڇَڏِيان پانهِنجو، اَدِيُون آرياڻِي،

ڀَريُم جو پاڻي، سو ڪيچين ڪَمِ نَه آئِيو.

 

(8)

ڄاڻِي جي ڄاتوم، ته پوندو فِلق فِراق جو،

اَکَر اِرادَتَ جو، ڌُرِيائِين ڌوتوم،

پوءِ تان ڪون ڪيوم، هُوند ڪَشالو ڪيچَ ڏي.

 

(9)

وارو، وَڃن ٿا، سيڻَ تُنهنجا سَسُئي،

ههڙا ٻاروچا، ڪينَ لَهَندئن ڪي ٻِيا.

 

(10)

واري وَرائي، تو پَنهنجا نَه ڪِيا،

ڀوري رَنجائي، هُوندَ نَه پيئِينءَ هيتري.

 

(11)

جِئان واري وَڳَ، اوٺِي ٿِيا ڇُلِنگِيُون،

مَٿي تِنهن مارَڳَ، پَئِي پُرزا نَه ٿِيين.

 

(12)

دُکائيندي دُونهَڙا، مُنڌَ سِيڻائِي وَڃُ،

پَرياڻون مَ ڀَڃُ، ساٿُ چَڙهندو لَڪيين.

 

(13)

ڇِڄُ مَ قَطاران، ساٿُ چَڙهندو لَڪيين،

مَڇُڻ ٿِيين پُئان، وَڳَ واٽَ ئِي نَه لَهين.

 

(14)

ڪا جا ڪيائوُن، وائِي واري وِنگُڙي،

آيَلِ تنهن آئُون، ٻولِيءَ ٻاتاڙي ڪئي.

 

(15)

وائِي واري وِنگُڙي، ٻولِي ٻِي نَه ڪَنِ،

اَلا، ڪيچَ ڌَڻِينِ، موُن سين پوءِ مَ مامَرو.

 

(16)

ڪا جا آندي ڪيچِيين، وَڻِڪاران وائِي،

سَڻِي مُون سائِي، نيڻين نِنڊڙي وِهُ ٿِي.

 

 

(17)

پُڇيوئِي جان دوست، تان پاسي ڪَرِ پَرهيزَ کي،

گَڏِيُئي جي هوت، ته دِين سڀ دور ٿيا.

 

(18)

هَلو ۽ مَلهو، ڏُکَ مَ پَسو ڏوٿِيا،

سُونهون جو ساٿَ جو، سو مُون هوتُ سَلو،

آن پُڻِ ٿِئي ڀَلو، آئُون پِڻ گَڏِجان پِرِينءَ کي.

 

وائي

مُون کي ڇَپَرِ مَ ڇَڏيجا، ٻاروچا پَلئَ لَڳِي آهِيان.

ڇوري ڇِنِي آهِيان، نِينهُن نِباهي نيجا،

ٻاروچا پَلئ لَڳِي آهِيان.

ڇوري ڇَڏي ڇَپَرين، ڪيچي ڪِيمَ وَڃيجا،

ٻاروچا پَلئ لَڳِي آهِيان.

پُنهُون مُنهِجو آن سين، ساٿُ سَلامَتَ نيجا،

ٻاروچا پَلئ لَڳِي آهِيان.

مُون تان وَڙُ وِڃائِيو، آئِين پَنهِنجو وَڙُ ڪَريجا،

ٻاروچا پَلئ لَڳِي آهِيان.

جوڳِئَڪو وِيسُ ڪَري، سِگهَڙي سارَ لهيجا،

ٻاروچا پَلئ لَڳِي آهِيان.

 

داستان نائون

 

(1)

ڪاتِيءَ تان نَه ڪهِين، مَنُ وِجهُلَڻَ وَڍِيو،

مارِيَسِ سُورَ تَهِين، جو نَه جِياري جيڏِيُون.

 

(2)

ڪاتِيءَ تان نَه ڪُٺو، ماءِ مُنهنجو جِندَڙو،

جَنهين ماءِ مُٺو، سي جَتَ نَه پَسان جُوءِ ۾.

 

(3)

جِيءُ مُنهنجو جَنِ، آنگُڙِيارو وَڍيو،

پُڄاڻان پِرِين، سبِان سَڄو نَه ٿِئي.

 

(4)

اَچِيو مَرُ اَچَنَ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾،

پُٺِيءَ لَڳي جَن، ڪَمِيڻي ماڙهو ٿِئي.

 

(5)

رو، وِسانئي راندِ، پَہَ پَروُڙِجِ ساٿَ جا،

هوتَنِ سين هيڪاندِ، هُيَمِ ٻاٽي ڏِينهَڙا.

 

(6)

رُئَڻُ ۽ راڙو، مُون نِماڻِيءَ جي نجُهري،

ڪُٺَلِ کي قَلَبَ ۾، قُرَب جو ڪاڙهو،

هوتَنِ لَئي هاڙِهو، رِجائِيندِيَسِ رَتَ سين.

 

(7)

روئِي ڪَندِئن ڪوهُ، هاڻي ڪَو هوتُ وَري،

جيڏِيُون جيڏوئِي ڪِيو، ساڻُسِ سيڻَ ستوهُ،

ڊوهِي اَٿِيان، ڊوهُ، مَتان ڪا مُون سين ڪَري.

 

(8)

رُئان تان راند، کِلان تان کامي هِينئون،

اَکَڙِيُون ويساند، پِرِينءَ گَڏِجِي ڪَنديُون.

 

(9)

اَکِيَنِ ڪِينَ ڪِيو، رَتُ نَه رُنائُون!

اُڀي ڏِٺائُون، ڦوڙائِبا سُپِرِين.

 

(10)

کاڻِيُون، لوٺِيُون اَکِيُون، ڪُٺِيُون ڪِينَ ڪُڇن،

مُٺِيُون ماٺِ نَه ڪَنِ، هَنيُون رَهَن نَه هوتَ ري.

 

(11)

وَسِي، وِساڻِيُون، رَتو روئِي پِرِينءَ کي،

پييُون کَڻَن پَٻَ ڏي، نَظر نِماڻِيُون،

سي ڪِئن ٻيلياڻِيُون، جَنِ وِيندو هوتُ نَه وارِيو.

 

(12)

وَسِي وَسِي مِينهَن، جِئن لَٽي وييَس کيہُ،

توءِ پِرِيان جي ڏيہَ، پيئِي پُڇي خَبَروُن.

 

(13)

کاڻِيءَ مَ کانيو، مُٺِيءَ مَنَگَرُ مَ ڏِيو،

هيڪَرَ اُجهايو، ڏيئِي ٻُرَ لُهارَ جِئَن.

 

(14)

کاڻِي کيرن هيٺِ، ويٺِي روئي رَتَ ڦُڙا،

ڪا مُون ٿِيندي ڏِيٺِ، ٻِيهَرَ ٻاروُچَنِ سين.

 

(15)

پُنهوُنءَ پيرَڙِيُون، گهَرِ گهُمَندي جي ڏنِيُون،

سي مُون سيرَڙِيُون، نِتُ نِهارَڻ پيئِيُون.

 

(16)

مُيَس، مَرُ مَران، سُيَسِ وِچ سَرَتِيين،

پورهِيَت ٿِي پَران، پاڙي ڄامَ پُنهوُنءَ جي.

 

(17)

مارِيو جي معذُورِ، تَه هيڪاري هورُ لَهي،

ساڄُنَ اَهنجي سُورِ، ڪِينَ جِيان ٿِي ڪيچِيا.

 

(18)

نَڪِي مُئِي آهِيان، نَڪِي ٿِي جِيان،

ساجَنَ ساهُ ڏِيان، توکي سارِيو سُپِرين.

 

(19)

تُون جي ڪالَهه مُئِي، تَه ڪالَهه ئِي گَڏي پِرِينءَ کي،

ڪَڏهِن ڪانَ سُئِي، تَه ڪا سَگهِي گَڏي سَڄَڻين.

 

(20)

اَڳي پوءِ مَران، مَرُ مَران مارَڳ ۾،

مَٿي پوءِ پِرِيان، خُونُ مُنهنجو جيڏِيُون.

 

(21)

پُنهوُنءَ ڪارَڻِ پَٻَ ۾، مَرُ مَٿا ڏيئِي،

تَه سَرَتِيُون سَڀيئِي، واکاڻينئِي ويٺِيُون.

 

(22)

تَنهِين تُون نَه سِياءَ، جي ڪوهِيارا ڪيچَ ڌَڻِي،

اَنگُنِ چَڙهيو آءُ، جان نالو ڳِيڙُءِ نِينهَن جو.

 

(23)

مَٿان جِيءُ جَتَنِ، گهورِيو گهوري سَسُئِي،

پازي جي پُنهوُنءَ جا، ڪاروُن ڪَري تَنِ،

ڪيچِ مَتان ڪا ڪَنِ، بي شُڪري ڀَنڀَور جِي.

 

وائي

هِتان ٿِي هَلندِيَسِ، مِيان! سامُهِين ساڻيههَ ڏي.

وَڏا پينڍا پَنڌَ جا، مَيزلَ ماڻِينديَسِ، مِيان!

سامُهِين ساڻيههَ ڏي.

اَلاهَرَ عَجِيبَ کي، لَڪَنِ مان لَهَندِيَسِ، مِيان!

سامُهِين ساڻيههَ ڏي.

جيڏِيُون جوڙُ جَتَنِ جو، جَڏهِن آئُون ٿِينديَسِ، ميان!

سامُهِين ساڻيههَ ڏي.

حُجائِتا هوتَ کي، ڏوراپا ڏِيندِيَسِ، مِيان!

سامُهِين ساڻيههَ ڏي.

فَرِياديُون فِراقُ جِيُون، پُنهَلَ کي چُوندِيَسِ، ميان!

سامُهِين ساڻيههَ ڏي.

 

داستان ڏهون

 

(1)

سُپيرِيان جِي ڳالهڙي، رُڳو رَنجائو،

ڏوُنگَر ڏولائو ڏِيندا مُون ڏيرَ وِيا.

 

(2)

آريءَ اُتَنِ جِيئن، اِيئَن تان اوٺِين نَه ڪِيو،

ڪيچ پَهچبو ڪِيئَن، اِهڙَنِ اَٻاجَهنِ سين.

 

(3)

جِئَن اُتَن آريءَ ڄامَ، اُئن تان اوٺِيَنِ نَه ڪِيو،

ٻَڙڪِي ٻاهَرِ نِڪتِي، گاذَرِ مَنجهان گامَ،

ساهُ ڏِنائِين سامَ، سُتِي سَڳَرَ پَٽِيين.

 

(4)

لَڪِيُون آن ڀَرِ لِکَ، ڪِين ڪوهِيارا وِرَمِيا،

جَنِين سَنديءَ سِڪَ، رُنَمِ راتِ رَتُ ڦُڙا.

 

(5)

لَڪيُون آن لَڳا، ڪي پَلَو پانڌِيڙَنِ جا،

توهان گهَڻيرو ماءِ، روُندا اُوءِ رَتُ وِيا.

 

(6)

ڪو جو لَڳُسِ ڪانُ، ڪيچِيَنِ جي قُربَ جو،

ٿِي نِماڻِي نِيشانُ، ڇَڏي سانگو ساهَ جو.

 

(7)

ڏوٿِيَنِ چَيُسِ ”ڏُوُرِ، ڪيچُ آڳاهُون پَنڌُ ٿِيو“،

پاڻا چَڙهِي پُورِ، وِکُ وِڌائِين وِتَري.

 

(8)

ڏوٿِيا ڪو اوٺِينَ جو، مُون کي اُهڃُ ڏِيو،

سَچُ ڪِ ساٿَ نِيو، پُنهوُن مُنهِنجو پاڻَ سين.

 

(9)

ڪو جو اُٺُسِ مِينهُن، آريءَ جي اُڪِيرَ جو،

ٻاروچاڻُون نِينهُن، مَتان ماٺو نَه ٿِئي.

 

(10)

جيڏِيُون ڏِسو ڪيچُ، جو ڏِيہُ ٻاروچَنِ جو،

پُنهوُنءَ وِڌُمِ پيچُ، نِسوروئِي نِينهَن جو.

 

(11)

لَڪ چَڙِهيو رِڻِ روءِ، ڪَري سَٻاجها سَڏَڙا،

اِيندَنِ پُڇي خَبَروُن، وِيندَنِ پيرين پوءِ،

ڏيرَنَ ۽ ڏاگهَنِ جو، مُون کي ڏَسُ ڏِيو،

مُون کان ساٿُ وِيو، ڀُڻي ڏُونگَرَ ڏورِيان.

 

(12)

گهوڙَنِ هَنيُون گهَڻِيُون، اُٺَنِ هَنئي آنءُ،

جا نِينهَن ڳِننَدي نانءُ، سا مُون جِئَن پُوندي مامِري.

 

(13)

لَڪَڙِياريُون آڱَرِيُون، ٻاروچاڻُون ڀيرُ،

اَچِي پَسو جيڏِيُون، تازو پُنهوُنءَ پيرُ،

ويچاريءَ سين ويرُ، جَتَنِ جيڏو ئي ڪِيو.

 

(14)

لُڇَڻُ نَه لاهِين، گُوندَرَ هِنَ غَرِيبِ تان،

پَرِ ۾ پَچائِين، جِيجان جوشَ جَتَنِ جا.

 

(15)

هَئي! ٿو وَڃي هوتُ، آئُون ڪِي اَڳَڀَري ٿِيان،

مَتان چَوي بَلوچُ، ”ڪَمِيڻِيءَ مان ڪِينَ ٿِيو.“

 

(16)

ڪَمِيڻَينِ هَٿان، ٿِيَنِ مُورائِين مديُون،

تُون ڪَرِ پاڻَ وَڙان، موٽُ سَٻاجها سُپِرين.

 

(17)

نَڪِين ٿِيان سَڱَ ۾، نَڪِين سَڱِيڻِي،

آهِيان ڪَمِيڻي، ذاتِ ٻاروچِي نَه جُڙان.

 

(18)

ڪيچِ مَ خَبَرَ هوءِ، هِنَ مُنهِنجِيءَ ذاتِ جِي،

مَتان پُنهوُنءَ پوءِ، لَڄَ مُنهِنجِي لوڪَ ۾.

 

(19)

لَٿو ڪَمُ ڪيچِيَنِ جو، ڇَڏي هَلِيا مُون،

الا! آهيين تُون، هوتَن تان هيڏي ڪئي.

 

وائي

 

(1)

مُنهِنجو ساهُ نِيو سيڻانِ، آيَلِ، وِهان ڪِئن ڀَنڀورَ ۾؟

مُون کي وِيا نَه وِسَري، نِينهَن ڀَرِيا نيڻانِ،

آيَلِ وِهان ڪِئن ڀَنَڀورَ ۾؟

سو ڪِئن هِينئَڙو جهَلِيان، جِهڄي جو ڪيڻانِ،

آيَلِ وِهان ڪِئن ڀَنَڀورَ ۾؟

مادَرِ پايو مُنڊِيُون، ڪُوڪِيان وَرُ ڪيڻانِ،

آيَلِ وِهان ڪِئن ڀَنَڀورَ ۾؟

وائي

 

(2)

وَسان ٿي ويياسِ، آيَلِ لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو.

پُرزا پَٻَ وَرَنِ ۾، پِٿُون ٿِي پيياسِ،

آيَلِ لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو.

تَه پُڻِ ڪاڍو ڪيچ ڏي، توڻي ماءِ مُياسِ،

آيَلِ لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو.

پاڻُ وِڃايُمِ پيرَ تي، ڇُٽِي آئُون، ڇُٽِياسِ،

آيَلِ لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو.

آيُمِ آنڌي لوڪَ سين، مُٺِي آئُون، مُٺِياسِ،

آيَلِ لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو.

هيڏي شَهَرَ ڀَنڀَور ۾، نَڪو پِيءُ نَه ماسِ،

آيَلِ لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو.

پييُمِ وِچُ وِصالَ ۾، سَنجهي آئُون سُتِياسِ،

آيَلِ لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو.

پييُمِ پُنهوُنءَ ڄامَ سين، کُٽِيءَ آئُون؛ کُٽِياسِ،

آيَلِ لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو.

اَلا! اُنِ مَ وِسَران، ڏِٺي جَنِ جِياسِ،

آيَلِ لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو.

پِييَسِ وَرِ وِصالَ جي، جانڪِين تان جِئندِياسِ،

آيَلِ لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو.

وائي

 

(3)

تَه ڪو هوتُ سَڄَڻُ نِيندا، هو! ڏيرا،

ڪَلَ نه پِيمَ ڪا، مُون نَه پَروڙِيا ماءِ،

ڪُهِي ڪَمِيڻِي هَلِيا، ٻانڀَڻِ ڪَري ٻيرا،

ڪَلَ نَه پِيَيمِ ڪا.

پَسان شالَ اَکِيَنِ سين، دوستَ سَندا ديرا،

ڪَلَ نَه پِيَيمِ ڪا.

سيڻَنِ ساجهُر لَڏِيو، پوءِ ٿِي پُڇين پيرا،

ڪَلَ نَه پِيَيمِ ڪا.

ڏاڻَ وِجهِي ڏاگهَن کي، وَنگِيُئِي نَه تنهن ويرا،

ڪَلَ نَه پِيَيمِ ڪا.

ٻَڙِڪَنِ ٿا ٻانڀَڻِ جا، جِيءَ اَندرِ جيرا،

ڪَلَ نَه پِيَيمِ ڪا.

 

داستان يارهون

 

(1)

واڪِيو واڪِيو وِکَ، پاٻوهِيو پيرُ کَڻي،

سي نَه چَڙَهندِيُون ڏِکَ، موڙي پيرُ مَرَن جي.

 

(2)

وِجههُ وَڌَندي وِکَ، مَڇُڻ لِکَ لَکائِيين،

ڏُکُ تَنهِين کي ڏِکَ، حُبَ جَنهِين کي هوتَ جِي.

 

(3)

واڪو هَڏ مَ لاه، سَڏَنَ مَٿي سَڏَڙا،

مانَ تُنهنجِي ڪا، سَڳَرَ ۾ سارَ ٿِئي.

 

(4)

سَڏَنِ پُٺِيءَ سَڏَڙا، واڪو مَنجهه وَڻين،

سَڄَڻُ پَنڌ گهَڻي، مانَ ڪوهِيارو ڪُوڪَ سُڻي.

 

(5)

ڪوهِيارو ٿِي ڪاتُ، مُيُون مارَڻَ آئِيو،

هوءِ مَرُ هوتُ حياتُ، آئُون مُيائِي گهورِيي.

 

(6)

وِهين ۽ ويلا ڪَريين، پُڇين ٿِي پانڌي،

هاري هيڪاندي، ڪِنهن پَرِ ٿِيندِئن هوتَ سين.

 

(7)

وِهين ۽ ويلا ڪَريين، اِيءَ نَه اُڪنڍَ آهِ،

سي لاڳاپا سَڀ لاه، اوريا اُڀيارين جي.

 

(8)

وِهين ۽ ويلا ڪَرِيين، سَڏيين ساڱاتُو،

هاري آپاتُو، توسين سُونهنِ نَه سَسُئِي.

 

(9)

ڪِجي جِئَن ڪيچِيَنِ لَئي، تو تان ڪِينَ ڪِيو،

ويجهائي وِڌوءِ، وِکَ نَه کنيُئِي هيڪَڙي.

 

(10)

پاڙي ناهِ پَروڙَ، تَه ڪا راتِ رَنجائي گُذري،

ٻانڀَڻِ ٻاروچَنِ جي، گهائي وِڌي گهُورَ،

هِڪَ سَسُئِي ٻِيا سُورَ، وِيا پِٽِيندا پاڻَ ۾.

 

(11)

پاڙيچي: روئِي، چاڪَ مُنهِنجا چورِيا،

پَگهَرُ وِجهَندِيَسِ پِرِينءَ جو، ڌَڪَنِ ۾ ڌوئِي،

ساجَنَ سَڀوئِي، ساهُ اوهان تان صَدَقو.

 

(12)

اَڄُ نَه مُون قَرارُ، ڏِٺُمِ سَئُنچو ساٿَ ۾،

نَهِي ويٺا بارُ، مَٿي ساڻيههَ سُپِرِين.

 

(13)

ڪِيا ويچاريءَ وَس، ڪارَڻِ ڪوهِياري گهَڻان،

گهَڻُون پُڇي پانڌِيين، سَندا ڏيرَن ڏَسَ،

لَمُون ڏوري لَسَ، سُتِي سَڳَرَ پَٽِيين.

 

(14)

تان ڪا وَرَ ڪِجا، ڪَمِيڻيءَ تي ڪيچِيا،

آئُون اوهان جِي آهيان، ٻانهِي ٻاروچا،

دِلاسي دوسا، مَتان مُون کي ڇَڏِيو.

 

(15)

تان ڪا ڪِجا وَر، ڪَمِيڻيءَ تي ڪيچيا،

آئُون اوهان جِي آهِيان، بَندي بي سَمر،

اَچِي ڪوهِيارا ڪَر، دِلاسو دِلگير کي.

 

(16)

هوءِ جي سُورَ سُڄَنِ، سي مُون پِينگهي ۾ پِرائِيا،

سانڍِيياسِ سُکَنِ، سُورَنِ ڪارَڻِ سَرِتِيُون.

 

(17)

سِرجِي، تان سُورُ، ساماڻِي، تان سُکَ وِيا،

اِهي ٻيئي پُورَ، نِماڻِيءَ نَصِيبُ ٿِيا.

 

(18)

سُورَنِ سانڍِيياسِ، پُورَن پالِي آهِيان،

سَکِن جي سَيّدُ چَئي، پُکي نَه پيياسِ،

جيڪُسِ آئُون هُياسِ، گُري گُوندَرِ وَلِ جي.

 

(19)

سُورَنِ ٻَڌو سَندِرو، مُونهان مَهندِ ٿِيا،

هَلو تَه ڏورِيُون اُن کي، وِندَرِ جي وِيا،

ڪَندِيَسِ ڪِيّنَ ٻِيا، هوتُ مَٽائي اَڳِيان.

 

(20)

پُڻِ  وِهاڻِيَسِ راتِ، هَلي هاڙهي سامُهين،

پُنهوُنءَ جا پِرِڀات، اُڀِي پُڇي پَهِيَڙا.

 

(21)

نَه ڪا تاتِ، نَه تُوتِ ڪا، نه ڪا تاتِ تَنوار،

ڪانهي پِرِتِ پَچارَ، لَنئُون ويچاريءَ لَڏِيو.

 

(22)

ڪينهين طالِبُ تاتِ جا، نَه تَه آهي تاتِ تِيار،

ڏورِيان، پِيو ڏڪار، گهورِيندَڙَ کَڻِي وِيا.

 

(23)

جيڪي طالِبَ تاتِ جا، تاتِ به تَنهِين وَٽِ،

هَڏهِين ڪانهين هَٽِ، گهورِ، تَه گهَران ئي لَهين.

 

 

(24)

آن جي ڏِٺاهُون، اَللهَ ڪارَڻِ ڳالهه ڪَريو،

نيڻَ مُنهِنجا رُونِ، راتو ڏِينهان اُنِ کي.

 

(25)

اَڃا راتِ رَتومِ، ڪوڏِ ڪوهِياري ڪَنجُرو،

ڀينَرُ ڀِڄايومِ، صُبح سان، سورَنِ سين.

 

(26)

سَرَتِينِ سَهَجَ مَنجهاءُ، ٿي ڪوڏِ وِراهِيا ڪَپِڙا،

تَڏِهن مُنهنجِي ماءُ، ٿي پَهڻ آڇِيا پَٻَ جا.

 

(27)

ڪَڏهِن ڪَڏِهن جيڏيُون، ڪو پَهُه اَچِيو پوءِ،

سو پُڻِ ساڙو هوءِ، هِيءُ جو ساهُ سَرِيرَ ۾.

 

(28)

ڪنهن جنهن نِينهن نِنڌاهُ، جِئن مُون واجهائِيندي نَه وَرو،

جيڪين مُئِي ڪَنداهَ، سو جانِبَ ڪَرِهو جِئَري.

 

(29)

مَتان ٿِيين مَلورُ، ڪِينَ آڳاهُون آهِيان،

ڏِسَڻَ ۾ ڪَرَ ڏوُرَ، حَدَ ٻِنهين جِي هيڪَڙي.

 

وائي

 

(1)

هو آرِمانُ اَٺَنِ، ميان! سَسُئِيءَ جي سُورَن لَئي.

ڪَجاوا ڪَرهَن تي، جوڙِيا جالَ جَتَنِ، مِيان!

سَسُئِيءَ جي سُورَنِ لَئي.

پيرُ نَه ٽِڪَنِ پوئتي، ٿا ڪامُن سان ڪُٽِجَنِ، مِيان!

سَسُئِيءَ جي سُورَنِ لَئي.

مَهاروُن مَيَنِ جِيُون، واڳُون وَسِ ڌَڻِينِ، مِيان!

سَسُئِيءَ جي سُورَنِ لَئي.

ٽَڪَرَ ۾ ٽونڪارَ ٿِي، صُبُح ساٿِيڙَن، ميان!

سَسُئِيءَ جي سُورَنِ لَئي.

سانگُ تَه تُنهنجو سَسُئِي، هاڻي هوتَ نَه ڪَن، مِيان!

سَسُئِيءَ جي سُورَنِ لَئي.

 

وائي

 

(2)

ڪاروُن وَسَ ڪيامِ، ڙي! هَئي هَئي! وو! لَڏي ڏوُرِ وِيامِ!

مُنهنجو هوتُ نَه موٽِيو، وو! ڪاروُن وَسَ ڪِيامِ.

ٻَنڌَڻَ ٻاروچَنِ جا، پِينگهي مَنجههِ پِيامِ،

وو! مُنهنجو هوتُ نَه موٽِيو.

ڪَئِين قاصِدَ ڪيچَ ڏي، مُحبَنِ لاءِ مُڪامِ،

وو! مُنهنجو هوتُ نَه موٽِيو.

سَدا سپيرِيَنِ جا، سانڍَڻ سُورَ پِيامِ،

وو! مُنهنجو هوتُ نَه موٽِيو.

هوتَ هَلندي جي ڪيا، نَه سي سَڏَ سُيامِ،

وو! مُنهنجو هوتُ نَه موٽِيو.

 

داستان ٻارهون

 

(1)

ڏِٺان جي ٻَروچُ، مُون جِئن هوتُ اَکِين سين،

مُون کي چَيان ”لوچُ“، پاڻان پيٺِيُون ڇَپَرين.

 

(2)

جيڪُس ڏِٺو جيڏيين، ٻاروچو ٻِيءَ ڀَتِ،

مُون جِئَن موُڙِهِيَنِ مَتِ، پَسَنديئي پُنهُونءَ کي.

 

(3)

جيڪَس ڏِٺو جيڏين، ٻاروچو ٻِيءَ روُءِ،

سَنجهي ۽ صُبوحِ، هُوندَ نَه وِئَڙُنِ وِسَري.

 

(4)

اَن جي ڏِٺِي جيڏيُون، پُنهُونءَ جِي پاٻوهَ،

سَنجهي ۽ صُبوحَ، سُورَنِ ٿي سَجَڪِيُون.

 

(5)

جي هُيان هوتَ پُنهُونءَ سين، مُون جِئن مُلاقات،

ٻانهُنِ وِجهِي واتِ، رِيهُون ڪِيان رُڃُنِ ۾.

 

(6)

جي تو ڳالهائي، ماء ٻاروچا پُڇِيا،

اُنهِين جِي وائِي، هُوندَ نَه وييان وِسري.

 

(7)

اَڄُ مَعذوُرِ هُئان، اَلا! چَڱِي مَ ٿِيان،

رِڙهان ۽ رُئان، پُٺِيءَ سَڳَر ساٿَ جي.

 

(8)

سِڪِي مُون سَڱَ ڪِيو، لِڪي وِچان لوڪَ،

مَتان مُون کي ڇَڏِيين، هِتي هُتي هوتَ،

نالي تو بَلوچَ، سُيَسِ مَنجههِ سَرَتِئين.

 

(9)

جي ڏونگَرَ مُون ۾ ڏُکُ، سي پَڌَرِ پُونِ مَ پِرِينءَ ري،

وِهَڻُ مُون وِهُ ٿِيو، ڪيرَ سانڍيندي سُکَ،

هُيَمِ هوتَنِ سين چُکَ، سَڄو سَڱُ نَه سارِيان.

 

(10)

”ووءِ! ووءِ!“ ڪَندي وَتُ، مَڇُڻِ ”ووءِ!“ وِساريين،

پاڻِي هارِ مَ پَڌرو، رو مَنجهائين رَتُ،

صَبُرُ وڏو سَتُ، سِگها ميڙي سُپِرينِ.

 

(11)

ووءِ! ووءِ! وِڏوُڙا، ووءِ! ووءِ! وَڃَنِ نِگِيا،

مُون سانگِياڻِيءَ جا سُپِرِين، سَچُ ڪِ سَنڀُوڙا،

لاٿَمِ نَه توڙا، ماءِ اوسِيڙو اُن جو.

 

(12)

گهوڙا گهَڻِيءَ ڀُون، ووءِ! ووءِ! وَڃَنِ نِڱِيا،

مادَرِ مَٿان مُون، ڪانگَ لَوَندا ڪَڏِهِين.

 

(13)

ووءِ! ووءِ! پُڻِ ويئِي، رَنُنِ ڪارَڻِ جا هُئي،

پُنهوُنءَ کي پيئي، روُندي ڪيرَ رَتَ ڦُڙا.

 

(14)

ماٺِ مارِيندِيَئِي پِرِينءَ جِي، مَڇُڻِ رُئين رَتُ،

ڇوري ڇَڏِ مَ سَتُ، هِمَتَ هوتُ وِڃائيو.

 

(15)

ٻَڌو ڪِنهن ٻَنڌاڻِ، هِينئَڙو هوتاڻِيءَ سين،

ڪا جا پِيَسِ ڪاڻِ، نِبيريانسِ، نَه نَبِري.

 

(16)

ڪُہ ڄاڻان، ڪُہ ٿيو، ڪيڏانهن ٿِي وَڃان،

هَٿَ، ڪَرايُون، آڱرِيُون، موڙِيو سَڀِ ڀَڃان،

ٻِينِ گهَرِ گهُڃان، مُون هاريءَ هوتُ وِڃائِيو.

 

(17)

چان ڪِ آيسِ آڳاهِين، تان اُتَهِين اُڀِي آهِيان،

پِرِتِ پَراهِين، هاڻي مَران، مَ جِيان!

 

(18)

سَرَتِيون سُورُ پِرِينِ جو، سُڃُنِ ۾ شامِلُ،

ڪوهِيارو ڪامِلُ، مُون کي ڏُکَ ڏيکاريو.

 

(19)

ڏُونَگَرُ، ڏَنا، نُوڻِ، مُون پارَکو پُڇِيا،

هيڪَلِيُون هَلَنِ جي، سي تاڪُنِ سَندي تُوڻِ،

اِيءُ اَهُکِي ڀُوڻِ، سُونهَنِ ريءَ نَه سُٿِري.

 

(20)

لَکين لوڙائو، سَهسين آهِنِ سُڃَ ۾،

بَرَ ۾ بورائو، کَڻُ، پِيادي پاڻَ سين.

 

(21)

ٻاروچا ٻِيا گهَڻان، مُنهِنجو اَجهو آرِياڻِي،

چَوُندي رَکِيمُ چِتَ ۾، ساڄَنُ سُڃاڻِي،

جا وِندرِ وِڪاڻِي، تِنهن جو موٽِڻُ مَسُ ٿِئي.

 

(22)

ٻاروچا ٻِيا گهَڻا، مُنهِنجو پُنهوُن سِرُ سَڀنِ،

چانگي تي چڙهِي ڪَري، ڪَندو وَرِ وِلهيَنِ،

مَٿي مَعذوُرِيَنِ، هوتُ ڌَريندو هَٿَڙا.

 

(23)

هُوءِ جا گهوري گهوٽَ جي، تنهن کي چَري چَونِ،

اُگهاڙِيُون آتَڻَ ۾، هوتَ پُڄاڻان هوُنِ،

پَرا تَنهين پُونِ، ڏِٺو جَن اَکين سين.

 

(24)

ڏِٺَمِ اُٺَ اَکِن سين، مانَ ٻاروچا هُونِ،

جَنِين ڌاران پُونِ، مورِيَسَر اَکِينَ ۾.

 

(25)

سَڄَڻُ ڏِٺو جَنِ، موٽَڻَ تَنهِين مِنهُڻون،

اِي مَرَڪُ مَعذورِيَنِ، جِئَن مَرَنِ پِريان جي پيرَ تي.

 

(26)

وَرُ لَڪَنِ جي لوڏَ، گهورِيا سُکَ ڀَڀنورَ جا،

آمَڙِ جي تُون اَڇيين، سي ڪَمِ نَه اَچَنِ ڪوڏَ،

هينئَين مُنهنجي هوڏ، ٻَڌي ٻاروچَنِ سين.

 

(27)

ڪو جو آهِسِ ڪوڏُ، ٻاروچاڻِيءَ ذاتِ سين،

جي هو چُونِسِ ”ٻوڏُ“، تَه ”جِيُّ“ سُڻائي جَڳَ کي.

 

(28)

ڀَلِي ڪَري ٿِيوم، هِيءَ سَڱَ ٻاروچَنِ سين،

وَڃِي ڪيچ ڏِٺومِ، پُٺِيءَ لَڳِي جَنِ جي.

 

(29)

اَدِيُون ڪا اِيندي، ڇَپَرِ مُون سَڱ ٿِيو،

لائِيندِيَسِ لِڱَنِ کي، مَلِيران ميندي،

وِندُرِ آئُون ويندي، آريءَ ڄامُ اَجهو ڪَري.

 

(30)

کُٽِي لَئي کاڻِي، رَکِيَئِي پِرِتِ پُنهوُن سين،

سَهِيو سُکِيو ڄِندَڙو، وِڌءُ ڄيري ۾ ڄاڻِي،

توسين هاڃو هوتاڻِي، صُباحَ ڪَندا سَسُئِي.

 

(31)

مُون کي نَٿا نِينِ، جَتَ مُلڪِ پانهنجي،

جي گهَگهَيرِينِ گَڏِين، تَه ٻِينِ کان ٻِيڻون ڪَرِيان.

 

(32)

اَڳي اِيئن هُياسي، جِئن پُنهوُنءَ ڌوتَمِ ڪَپِڙا،

هاڻي اِيئن ٿِياسِ، جيئن جَتَ نَه نِينِمِ پاڻَ سين.

 

(33)

ڪوهِيارو ڪيڻان، ڪِيڻِ وَڃِي، ڪاڏي وَڃان،

مُون ڀانيو سيڻانِ، ڇَپَرِ ڪَندِيَسِ پَنڌَڙا.

 

(34)

ڪوهِيارو ڪاري، پَنڌَ اَڙانگا پَٽِيين،

سي ڏيهه ڏيکاري، جي اَڳ نَه ڏِٺا ڪَڏهين.

 

(35)

ڏُکوين اُهِڃاڻَ، ڪُلهي ڦاٽو ڪَنجَرو،

وَڃَنِ گُوندَرَ گَڏِيُون، لوڪُ نَه اَڇِنِ پاڻُ،

سُورَنِ اَسان ساڻُ، ننڍيئِي نِينهُن ڪيو.

 

(36)

ڪُهلي ڦاٽو ڪَنجَرو، مَٿو اُگهاڙو،

مُنهنجو ڪُڄاڙو، ڀينَر هاڻِ ڀَنڀَورَ ۾.

 

(37)

ڀَنڀوران ٻَهَرِ ٿِي، اَمَڙِ مُون اُماڻِ،

مَڇُڻِ ڪا رِهاڻِ، مُون تو موٽِي مَسَ ٿِئي.

 

(38)

ڇِپُنِ ڇِنا پيرَ، هَلِي هَلِي ماءِ،

ڪوهِياري جِي ڪاءِ، ڳِنهيو ڀُڻان ڳالهڙي.

 

(39)

جِئَن جِئَن جهَلي جَڳُ، تِئَن تِئَن مُون تاڪِيدُ ٿِئي،

ڳَهرِيو ٿو ڳالهِيُون ڪَري، وِهُسي ڀُڻو وَڳُ،

لوڪُ لَتاڙي نِنڊَ ۾، پُٺِيءَ لالَن لَڳُ،

آرِياڻِي اورَڳُ، ڀَنڀوران ٻَهَرِ ٿِي.

 

(40)

نِينهَن مَ نالو ڳِنَههُ، پِرِيتَڻِي پيرَ ٻِيا،

سُورَنِ ساڻُ مَ ڇِنُّ، وِرِهُ وِهائِج وِتَرو.

 

(41)

هاري هِينئُون مَ لوڏِ، سُکَنِ پُوندِيئَن سَسُئِي،

ڪوهِيارو تو ڪوڏِ، اَچي ڪَرَهَ قَطارِيو.

 

(42)

سَڄَڻُ ڏِٺو جَن، تَنِ ڳِچِي سِرِڳَههُ ڪِيو،

ٻِيُون ڪوهُ ٻُجهَنِ، قَدُرُ ڪِيمِيا اِنَ جو.

 

(43)

جَسُ جَفاري نَه ٿِئي، جَفا وارِينُ جَسُ،

سُتي ساٿُ وِڃائِيو، گولِي ڇَڏِ مَ گَسُ،

ليڙَنِ جو لَطِيفُ چَئي، ڏونگَرِ ڏِيندئِي ڏَسُ،

پُنهون اَچِي پَسُ، سِرَ ڀَرِ هَلِي سَسُئِي.

 

(44)

ڀَنڀوران ٻَهَرَ ٿِي، مُون جي ڪِيا سَڏُ،

ٻاروچاڻِيءَ لَڏَ، لَڪَ سَويلا لَنگهِيا.

 

(45)

اَوجهَڙِ وَتان آنءُ، ٻِيُون سَڀِ سَڳَرِ ساٿِ جي،

جا نِينهَن ڳِنهَندي نانءُ، سا مُون جِئَن پوُندي مامِري.

 

(46)

ماڳِهين جي مُئِي، تَه هُوندَ نَه پيئِي مامِري،

ڇَڏِيو جي ڪُهِي، تَه هيڪاري هُورُ لَهي.

 

(47)

سَسُئِيءَ جِيءَ سِريءَ سان، ڪيچَ ڌَڻِي ڪانڌي،

پَسَڻَ ڪارَڻ پِرِين جي، مُنڌَ هُئي ماندي،

لَڪَنِ تان لَطِيفُ چئي، آرِياڻِيءَ آندي،

پُنهوُنءَ پيراندي، نِماڻِيءَ نصيبُ ٿِي.

 

(48)

جَڙَ جِئَري جَنِ سين، مُئي پُڻِ سين تَنِ،

جي هِتِ نَه هوتُ پَسَنِ، سي ڪِنهن پَرِ ڪيچ پَسندِيُون؟

 

(49)

سَرَتِيون سَڀوئِي ٿِيو، اَندَرَ آرِياڻي،

ويٺي پَسان پاڻ ۾، ڏُونَگَر ڏِهاڻي،

هُيَسِ جَنِ هاڻِي، سي ڪيچِي گَڏِيُمِ ڪوه ۾.

 

وائي

وَڃِي ويٺَڙي تِتِي، جِتِ، پيرُ سُڃاتائِين پِرين جو،

پيرُ سُڃاتائينِ پِرِين جو، مَنجهان نِينهن نِرِتِي،

پيرُ سُڃاتائِين پِرِين جو.

هوءِ وِيا وَڻِڪارِ ڏي، هِنَ ڀوريءَ ڀانيا هِتِي،

پيرُ سُڃاتائِين پِرِين جو.

جِنهن ڇيڙي وِڌِيَسِ ڇَپَرين، سو ڪوهِيارو ڪِٿي؟

پيرُ سُڃاتائِين پِرِين جو.

آما، لِيما، ڦُلَ، ڦاروُها، ڳاڱا، راڱا جِتي،

پيرُ سُڃاتائِين پِرِين جو.

مَري رَهندِيَسِ ماڳهِين، نَه تَه، هادي آچِجِ هِتي،

پيرُ سُڃاتائِين پِرِين جو.

مُون کي ڇَڏي هَلِيا، ڪا پِينَ مَٿي پِٽي،

پيرُ سُڃاتائِين پِرِين جو.

لَڪَنِ مَنجههِ لَطِيفُ چَئي، مِلِي تان سَرَتِي،

پيرُ سُڃاتائِين پِرِين جو.

 

 

 

¯

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com