سيڪشن؛لطيفيات

شاهه عبداللطيف جو رسالو

سُر مارئي

صفحو :28

 

 

 

 

سُر مارئي

 

داستان پهريون

 

(1)

’اَلسَتُ بِرِبِڪُم‘، جَڏِهن ڪَنِ پِيوم،

’قالُوابلي!‘ قَلبَ سين، تَڏهِن تَت چَيوم،

تِهين وير ڪَيوم، وَچَنُ ويڙيِچن سين.

 

(2)

نڪا ’ڪُن فَيَڪُون‘ هُئِي، نَڪا مُورَتَ ماهه،

نَڪا مُڌ ثَواب جِي، نَڪو غَرضُ گُناهه،

هيڪائِي هيڪُ هُئِي، وَحدانِيَتَ، واهه،

لَکِيائِين، لَطِيفُ چَئي، اُتِ ڳُجهاندَرَ ڳاهه،

اَکين ۽ اَرواح، اُها ساڃاءِ، سُپِرِين!

 

(3)

نَڪا ’ڪُن فَيڪون‘ هُئي، نَڪا هُنگَ نه هُون،

سَڄَڻ تنهن ساعَتَ ۾، بِيٺي ڏِٺوسُون،

مُون تَن تَڏاهَڪُون، مِلِي مُلاقات ڪِي.

 

(4)

نَڪا ’ڪُن فَيَڪُون‘ هُئِي، نَڪو لِڱ، لَحَمَ،

بَنِيو هو نه بُت ۾، اڃا ڪِي آدَمَ،

مون توهين سين سَڱُ، اها ساڃاءِ، سُپِرِين!

 

(5)

’فَيَڪُون‘ فِدا ڪَري، ڪَيائيِن سين ’ڪُن‘

تَعظِماً تَمامُ ڪَري، پوءِ پَٿَرِيائِين ڀُون،

ماروُ تِئان مون، ڀينَرَ! ڀاڱي آئِيا.

 

(6)

چَئِي ’ڪُن فَيَڪُون‘ جَڏهِن خلقِيا رُوحَ خُداءِ،

گَڏُ جَتَ گُذران هُئو، جَڙَ لَڳِي تنهن جاءِ،

مارُوئَڙن ساڃاءِ، سائِي آهي سومَرا.

 

(7)

جَڏِهن ’ڪُنُ فَيَڪُون‘، مَنُ تَڏهانڪُون مارُئين، تون ڪِئَن وِجهين تَنَ کي، سُومَرا، شَڪُون،

هَمِيرَن هَڪُون، جاڙَ جُسي کي پاتِيُون.

 

(8)

قِسَمتَ قَيدُ قَري، ناتَ ڪير اَچي هِنَ ڪوٽَ ۾،

آڻِي لِکِئي لوحَ جي، هَنڌُ ڏيکارِيُم هِيءُ،

پَرچي ڪِين پَهُنوار ري، جانِ جُسو ۽ جِيءُ،

راجا! راضِي ٿِيُّ، ته مارُنِ مِلي مارئِي.

 

(9)

قسمَتَ قَيد ڪياسِ، ناتَ ڪيرَ اَچي هِنَ ڪوٽَ ۾،

’ونَحنَ اَقرَب اِلَيہِ مِن حَبلِ الورِيدِ‘، وَطَنِ آءٌ وِيندياس.

مارنِ کي ملندِياس، ڪوٺِيُون ڇَڏي ڪَڏهِين.

 

(10)

’قَيدُالمَاءِ‘ ٿِيوم، هِتِ آڙانگي گهارِيان،

’هِنَاڪ جِسمِي وَالفُوادُ لَدَيڪُم‘ هِنئون هُتِ سَندوم،

قادر شال ڪَندومِ، ميڙائو سين مارُئين.

 

(11)

’قَيدُ المَاءِ، ڪَهَنِ جو، سو موُن پاند پيو،

’جَفُّ القَلمُ بِما هُوَڪائِن‘، وَهِي قَلَمَ وِيو،

اِي قَضا ڪُم ڪيو، جِئن ٿَرِ، مارؤ آءُ ماڙِئين.

 

(12)

جِهڙو ’قيدَ الماَءِ‘، تهڙو بَندُ نَه ڪو ٻِيو،

’جَفُّ القلَمُ بِماهُوَ ڪائِن‘ لَهي نَه تِر تِناءِ،

عَمَرَ! تو هَٿاءِ، اَجائِي ٿِئي آجِڙين.

 

(13)

ري اَعرابِيَنِ هِتِ، گَهنگَهرُ گهارَڻُ مُون ٿِيو،

’بَڪَتِ العَينانِ فِي هَوَاڪَ دُماّ‘ پُڄان ساڻُ پَرِتِ،

مَنَ، اَکيُون، تَنُ تِتِ، جِتي جَنَمُ جيڏِيين.

 

(14)

هِي هَنڌَ ماڙيون هاڻِ، ساڙيان سَڀِ ڏيهِيَنِ ري،

’ڪُلُّ شَيءِ يَرجِع اِليٰ اَصلِہ‘، ٿِي جِهڄان جهانگِين ڪاڻ،

ڀِري پنهنجي ڀاڻِ، پَسان مُلڪ مَلير جو!

 

وائي

عمَرَ! آئون وِيندَڙو پُڇان ڪوءِ،

جِتي مارؤ، تِتِي پانڌي، آلو!

مَٿي ماڙيءَ مارُئِي، رُئاري ۽ روءِ،

جِتي مارؤ، تِتي پانڌي، آلو!

پنڌ کارِيو پَهيڙا، ڪِين جو اُڀري چوءِ،

جِتي مارؤ، تِتي پانڌي، آلو!

ساريو سانڀيڙَنِ کي، روحُ مُنهِنجو روءِ،

جِتي مارؤ، تِتي پانڌي، آلو!

پانڌي پَهُنوارِنِ جو، ڪالَهه نَه آيو ڪوءِ،

جِتي مارؤ، تِتي پانڌي، آلو!

راڄُ پَرَتو رَبّ کي، سومَرا، سندوءِ،

جِتي مارؤ، تِتي پانڌي، آلو!

 

داستان ٻيو

 

(1)

نِڪو ايُر نِه ڀيرُ، نَڪو اوٺِي آئِيو،

مُون وَٽِ آيو ڪونَ ڪو، ڀائران ڀَري پير،

ڪِتابَتُون ڪير، آڻِي ڏِيندُمِ اُن جيوُن.

 

(2)

نَه خَبَرَ، نَه خَواب، نَڪو اوٺِي آئِيو،

هُتِي جو هِت ڪهين، ڏِنو ڪونَ جوابَ،

هَميِرَنِ حِسابُ، ڪُہ ڄاڻان ڪهڙو ٿِيو.

 

(3)

اوٺِي ڳوٺِي آڻِين، ڪو هُتي جو هِتِ هير،

تَه ڪِنا جي ڪوٽَنِ جا، ٿِينِ سُرَها سيرَ،

آءٌ تَه اَکِين اُگهان، جي پائُر ڏِنَئي پيرَ،

اَلله لَڳِ، لَطِيفُ چئي، لاءِ مَ تُون اَويرَ،

ڪوٽين گهاري ڪيرَ، مَحَلين مُنجهي مُون هِينئَون.

 

(4)

آلا! اوٺِي آڻِين، جي نِياپا نِينِ،

آئون اُنِين جِي آهِيان، توڻي مُون نَه مَڃِينِ

مَسُ مُنهِنجي هَٿَ ۾، ڪاغذ ڪي آڻِينِ،

لُڙِڪَ نه لِکَڻُ ڏِيِنِ، ڪِرِيو پُونِ قَلَم تي.

 

(5)

جي اَمُرُ هُڻيو اَڌَ ڪَري، سي ڪاغَذَ لِکان ڪِئن،

واڳِيُون جي وِصالَ سين، تَنِين چاڙَهي چِيئَن،

رُئان راتو ڏِينهن، جِئن اُنِ جي وائِيءَ ۾ وَرَ گهان.

 

(6)

 تنِ وَهِيَنِ ويڙِيَچنِ کي، رُئين تَه راتو ڏيِنهن،

ڪالَهه پَهُنوارَنِ لَڏِيو، مُون کي چاڙهِي چيئَن،

آئُون جِئندي ڪِيئن، جُه اُنِ ٿَرِ وڃِي، ٿاڻا ڪِيا.

 

(7)

ٿَرِ ٿَرِ اَندَرِ ٿاڪَ، عُمَرَ، ماروُئَڙنِ جا،

لاٿائُون، لَطِيفُ چَئي، مَٿان لوئِيءَ لاکَ،

عُمَرَ! ڪَرِيو اَکَ، پَهرِيو ٿِي پَنَ چَران.

 

(8)

ٿَرِ ٿَرِ اَندَرِ ٿانءُ، وَهِينِ ويڙيَچنِ جو،

سَڀ تُنهِنجو سُومرا، ويٺا ڳَنِهنِ نانءُ،

اُتي وِيندِيَسِ آنءُ، لوئِي لَڄَ مَٿي ڪَري.

 

(9)

سَهسين سيبا ڪَنجُري، لوئِي لِيڙَ ٿِيامِ،

اَباڻِن جي آسَري، ڪَتِي ڪانَ ڪِيام،

جا ڍَٽِ ڍڪِيامِ، تِنهِنجو، پَرِوَرَ! پَنُ رهائِبين.

 

(10)

سَهسين سيا ڪَنجري، لوئيي لِيڙوُن لِيڙَ،

واسي وارَ، نَه ويڙهيان، مَرُ جَڳُون رَهنِ چِيڙ،

ماروُءَ جي مُهاڙ ريءَ، اَندرِ ناههِ اُڪِيرَ،

هِهِڙو حالُ هَميرَ، وَٺِي شالَ ويڙِهه وَچان!

 

(11)

سَهَسين سيباَ ڪَنجُري، لوئِي سين لِيڙُن،

هِهڙو حالُ وَ‎ٺِي ڪَري، وَڃان مَنجههِ ٿَرَنِ.

مارؤ مانَ چَوَنِ، تَه هُئِي آسانهيِن آسَري.

 

(12)

سِبِي سيبا ڏي، ڀوريءَ نِينهَن نه ڪُڄِيو،

کَٿِيءَ وَٽِيُون کُٿِيُون، مَتِي سِيوي سي،

مَڇُڻِ چُونِمِ ڪِي، تهَ لَڄائَيِئي ٿَرَ ڄائِيُون.

 

وائي

مُنهِنجو مَن، ميان! واڳِيو ويڙِيچنِ سين.

پاهِي پاکي پَٽَڙي، پِرِيَنِ ساڻُ پِيان!

واڳِيو ويڙِيچَنِ سين.

پَيرُ نَه ڇَڏيان پِرِينءَ جو، جانَ سِين ٿِي جِيان،

واڳِيو ويڙِيچنِ سين.

حَرفَ لَٿي هيڪَڙي، هِتي تان نَه هئان!

واڳِيو ويڙِيچنِ سيِن

کيرؤن کٿيرِيَنِ کي، وَڃِي ڏيہِ ڏِيان!

واڳِيو ويڙِيچَنِ سين.

آئون ڪِئن لوئِي لاهِيان، ڪارَڻِ ٻِنِ ڏِيهان؟

واڳِيو ويڙِيچنِ سين.

 

داستان ٽيون

 

(1)

پِٽولا پَهُنوارِيُون، موَرِ نِه مَٿي ڪَنِ،

جو لاکَ رَتائُون لوئِيُون، تَه سالُنئان سُونُهَنِ،

اُنّ ايلاچَنِئُون اَڳَري، بَخِمَلَ بافتَنِ،

سَکَرَ ڀائِيان، سُومَرا، کَٿِي کان کُهنبَنِ،

جا ڏِنِيمِ ڏاڏاڻَن، سا لاهِيندي لَڄَ مَران،

 

(2)

آرَمَ هِڏِ مَ اوڍِيان، پَٽولا، پَٽَ چِيَر،

ٻانڌوُڻا ٻَنِ ڏِيان، آرِغَچَ ۽ عفبِيرَ،

ماروُءَ سِين شَلَ ماڻِيان، کَٿِيُون جِهڙِيون کِير،

اَندَر اُڃ اُڪِير، مون کي پِرينءَ پَهنوار جي.

 

(3)

سونَ بَرابَرِ سَڳڙا، ماروُءَ سندا مُون،

پَٽولا پَهنوارِ کي، عُمَرَ، آڇِ مَ توُن،

وَر لوئِيءَ جِي لون، ڏاڏاڻَن ڏِنِيامِ جا.

 

(4)

سونَ بَرابَرِ سَڳَڙا، لُون، لُون بَرابَرِ لَکُّ،

رُپو جنهن رَدِ ڪِيو، ڪوڙِ تِهيِن کي ڪَکُّ،

مُون ماروُءَ جو مَکُّ، تيل نَه لائِيان تُنهِنجو.

 

(5)

تيلَ نَه لائِيان تُنهِنجو، مون ماروُءَ جو مَنِ،

ڪِرِيان ٻِي نِه ڪَنِ، آهَرَ اُنَهيِن آهِيان.

 

(6)

مون ماروُءَ سين لَڌِيون، لوئيءَ ۾ لائَون،

سونَ بَرابَر سَڳَڙا، مون کي ٻِاهُن ٻَڌائوُن،

عُمَرَ جو آئوُن، پَٽُ ڪِئن پَرَهِيان، سُومَرا!

 

(7)

پَٽُ نَه پَرَهِيان، سُومَرا، جانڪِيتان جِيان،

آئوُن  ڪِئن لوئِي لاهِيان، ڪَارِڻِ ٻِنِ ڏِيهان،

جانسِين ٿِي جِيان، ڪَانڌُ نَه ڪَنديِسِ ڪو پِيو.

 

(8)

جَنِ ڪَرايَنِ ڪَچ جا، وَرُ ساهِيڙيُون سي،

اُتِ اُڪَنڍيِ آهِيان، مَنهَنَ مارُوءَ جي،

پَکَنِ سين نَه پاڙِيان، هَنڌَ هِتي جا هي،

اَهلَ اَباڻَنِ کي، مَري شالَ مَلهائِيان!

 

(9)

ڪَراُيُنِ ڪَچَ جا، چُوڙا ڪُوڙا جِنِّ،

 سو مَرَڪُ ماروُئَڙَنِ، جِئان لوڪَ لَڄَ ٿِئي.

 

(10)

ڪارا، ڪَرايُنِ ۾، سوُن اَسان کي سُوءَ،

وَرُ جيڏِيُنِ سين جُوعَ، فاقو فَرِحَتَ ڀائِيان!

 

(11)

اِيّ نَه مارُن رِيتِ، جِئن سيڻَ مَٽائِنِ سونَ تي،

اَچي عُمَرَڪوٽَ ۾، ڪَندِيَس ڪانَ ڪُرِيت،

پَکَنِ جِي پَرِيتِ، ماڙيءَ سين نَه مِٽيان.

 

(12)

عُمَرَ، اَڇا ڪَپِڙا، ڪاڻِيارِيُون ڪِئن ڪَنِّ،

جَنينَ جا ٿَرَنَ ۾،  وَرَ ٿا ويڻَ سَهَنَّ،

هُوءِ جي حَقُ ڀَڃَنِّ، سي ڪِئن سَتِيُون، سُومَرا!

 

(13)

آئُون ڪِئن سوڙِيين سُمَهان، مُون وَرُ گهارِي وَلههَ،

کَٿيريءَ تان کِلَ، عُمَرَ! ڪِجِ مَ اِهڙي،

 

(14)

آئُون ڪِئن سوڙِيين سُمَهان، مُون وَرَ گهاري، سُڃّ،

وَرُ اَباڻَنِ سين اُڃّ، کوءِ شَربَتُ تُنهِنجو سُومَرا.

 

(15)

وَرُ سي وَطَنَ ڄائِيُون، صَحرا سَتُرُ جِنِّ!

گولاڙا ۽ گُگِريُون، اوڇَڻُ اَباڻَنِّ،

ويڙهيا گُهَمنِ وِليين، جهانگِي مَنجِهه جَهنگـَنِّ،

موُن کي ماروُئَڙَنِ، سُڃّ ڳَڻائِي سيڄُ ۾.

 

(16)

پَلِرُ پَيِڻُ، واڇَڻُ اُنّ، جَنِ جا پيرُ مَٿي پَٽَ پاڪَ

وَهَڻُ وَراڪَنِ ۾، اُنِ جي اَجوکِي اوطاق،

پاڻُ نَه پَسَنِ پاڻِ کي، ويچارا بي باڪَ،

عُمَرَ، اُوءِ نَه عاقَ، ڏُکِيا جِمّ ڏَکوئِيين.

 

(17)

کارا، کَٻَڙَ ڏيههَ ۾، ٻِيا واريءَ مَنجِهه وَٿاڻَ،

ساٿِينَ کي، سَيّدُ چئي، ڀَرِيو ڏِيَنِ ڀاڻَ،

عُمَرَ! اِيءَ اُماڻَ، ثابِتُ رَکِج سُومَرا.

 

(18)

ٿورا مَنجِهه ٿَرَنّ، مُون سين ماروُءَ جي ڪِيا،

عُمَرَ! اُنِ ڳُڻَنِّ، آئون ڪِئن لوئِي لاهِيان.

 

(19)

هَڏ ته پَڙان هيڪُڙي، ٿوري ٿَرَ ڄايَنِّ،

مُون کي ماروُئَڙَنِّ، ميري ڪَري نَه مَٽِيو.

 

(20)

ڇَڏِ سَٻَرايون سُومَرا، عُمَرَ! لَڳِ اَللهَ،

ٿِيمِ نَه ٿورا ڏِينهَڙا، ماڙِيين ڳاريمِ ماههَ

سِڪَ مُنهِنجي ساههَ ماروُءَ جِي مَسَ لَهي!

 

(21)

جا عَمَر! تو مُلِ عيدَ، سا اَسان سُوءَ وَرِتِي، سُومَرا!

ويِئي ويچارَنِ وِسَري، خوشِي ۽ خَرِيدَ،

سِڪَڻَ ڪِيا شَهِيدَ، ماروُ جي مَلِيرَ جا.

 

(22)

مَنهِنجو تُورُ تَلِنِ ۾، چِيها ٿو چاري،

 ڍائِي ڍَٽَ ڌاري، آهِمِ اُٺيِ مِينهَڙي.

 

(23)

مَنهِنجو تُورُ تَلِنِ ۾، آئوُن هِتِ بَندِياڻِي!

مُون ڏاڏاڻِي ڏيههَ ۾ ڦَرِههُ ۽ لاڻِي،

ڪَندِيَسِ رِهاڻِي، ماروُءَ پاسِ مَلِيرَ ۾.

 

(24)

حَقاڻو هُتِ ٿِيو، آئوُن هِتِ بَندِياڻِي!

ساري ساڏوهِيِنِ کي، ڪوٺِين ڪُوماڻِي،

لِڱين لوهَ لَطِيفُ چَئي، ويٺِيسِ وِساڻِي،

مُنڌَ ماروُءَ جِي نَه لَهي، کَپتِ کِجاڻِي،

سَمُنَ سَچاڻي، اُتي آهِم اُنِ سين.

 

وائي

لوئِيءَ ۾ لائوُن، موُن ماروُءَ سين لَڌِيُون.

سونَ بَرابَرِ سَڳَڙا، ٻاهُنِ ٻَڌائوُن،

سو ڪِئن پَٽُ پَرَهِيان سومَرا، گهورِيو عُمَرَ جو، آئوَن،

مُون ماروُءَ سين لَڌِيُون.

کاڄُ کٿيرِنِ سَفَرو، سَڱَر ۽ سائوُن،

مُون مارُؤءَ سين لَڌِيُون،

 سا ڪِئن کائي کارِڪُون، جِنهن کي ڏَؤنرا ڏيجُ ڏِنائوُن،

مُون مارؤءَ سين لَڌِيُون،

کہ، مانڌاڻُون، مَکِڻِي، قُوتُ جَنهِين جو سائوُن،

مُون مارؤءَ سين لَڌِيوُن.

عُمَرَ تي جورَ ڪَري، جيلانهَن راڄُ آڳاهُون،

مُون مارؤءَ سين لَڌِيوُن.

 

داستان چوٿون

 

(1)

مينڍا ڌوئي نَه مارَئِي، پيَسِ پَنهُوارِيون چِتِ،

راڄَ رئاڙي، هَنجُون هاري، هِيءَ هُتيجيِ هِتِ،

 آهِسِ  پائُرَ پارَ جو، کِجَڻُ ۽ کَپُتِ،

وِنگَسِ ويڙِيچَنِ ريِءَ، مَسَ سُڻي ڪا مَتِ،

سُومرا! سُپَتِ، ڪَرِ ته ڪوٽِنان نِڪري.

 

(2)

مينڍا ڌوئي نَه مارُئي ، آهِسِ مَنِ مَلِير،

ڪَڍي تَه ڪاڻِ لَهي، هِتان هِيّ هَمِير،

کائُرِ پِيَنِ کِيرُ، اَمانَتَ اُتِ وَڃي.

 

(3)

ميِنڍا ڌوئي نَه مارُئِي، نَه کِلي نَه کاءِ،

عُمَرَ جي اِنصافَ جا، ويٺِي واساما ڳاءِ،

هِيءَ جا ڪِيئِي هاءِ ، سا، مَهندان اِينديِئي مُنهنَ ۾.

 

(4)

مِينڍا ڌوي نَه مارُئِي، ٿِيس ڪُرِنُون وار،

سَتِيءَ سيئِي سارِيا، جي پائُرَ  جا پَنهُوارَ،

عُمَرَ! اُنِهون ڌار، مُورَ نَه وِهي ماڙِيين.

 

(5)

مِينڍا ڌوئي نَه مارُئي، مَحَلين مارُنئان ڌارَ،

پايو ميٽُ مَلِيرَ ري، مُنڌَ نَه ويڙهي وارَ،

جا هُتيجَنِ هارَ، سا ڪِينَ وِهَندي ڪوٽ ۾،

 

(6)

مِينڍا ڌوئي نَه مارُئِي، ڪونهي اُنَ اوڄاهَ،

عُمَرَ جي اِنصافَ جو، پيُس ڪَنّ پَڙاءُ،

ويِٺِي چوء: ”اَللهُ، مُون تي مِٽَ نَه موٽِيا!“

 

(7)

مَحَلين ماندي مارُئِي، ڏِٺِيَمِ مُنهن مَلُورَ،

اَڻڀا سَڻڀا نَه ڪَري، سُونهن وِڃايَسِ سُورَ،

پِيس لوهَ لَطِيف چَئي، لَٿَس ڪوڏَ، ڪَپوُرَ،

چِتَ جَنين جا چُورَ، سي مَکي مَرَڪُ نَه ڪَندِيوُن.

 

(8)

ڪَرِيو مُهاڙِ مَليرَ ڏي، روءِ اُڀِي چوءِ:

”سهڄ سُوري ڀائِيان، سُومَرا! سَندوءِ،

”مِلڪَ ماروءِ جِي آهِيان جورِ نَه ٿِيان جوءِ،

سو قَلبَ ڪوٽِ نَه هوءِ، جو هُتيجَن هَٿِ ڪِيو“.

 

(9)

ڪَرِيو مُهاڙِ مَلِيرَ ڏي اُڀِيائِي آهي،

جا مَٿي ڏِنيَسِ مارُئين، سا لوئِي نَه لاهي،

سُومَرا! ساهي، مِيتيِءَ وِجُهه مَ سَنگهَرون.

 

(10)

ڪِيَمِ مُهاڙِ مَلِير ڏي، مَٿي ڪوٽ چَڙهِي،

نتُ نِهاري ڏيههَ ڏي، ڳوڙها پِيَمِ ڳَري،

نِڱِي ڪُوڪَ قَلب مان، مَنجهان روُحَ رَڙي،

ويڙِيَچَنِ وَري، ڪَرَ نَه لَڌي ڪَڏِهيِن!

 

(11)

جي ڪَرَ لَڌائون، تَه بَنديءَ بَندُ نَه سارِيو،

ماروئَڙَنِ آئوُن، جيڪُسِ وِيَس وِسَري!

 

(12)

بَندي ٻِيا قَرارِ، آسين لوچُون لوهَ ۾،

مَٿي تَنَ تَرارِ، سَدا سانڀئڙَنِ جِي.

 

(13)

نِيَرُ نَه لَهي نِينهن جو، لُههَ جا وِيا لَهِي،

ڪُنَجِيُون جي قَفلَنِ جِيُون، سيڻَن هَٿِ سَهِي،

وِئَڙا راڄَ رَهِي، ڏِيان ڏوراپا ڪَنِ کي.

 

(14)

نِيَرُ نَه لُهي نِينهنَ جو، لُههَ جا لَهِي وِيا،

مارُنِ ڌاران ماڙِيين، ڏُهِلا ڏيِنهَن ٿِيا،

ڏيهِي ڏُورِ وِيا، ڏِيان ڏوراپا ڪَنِ کي.

 

(15)

لنگُڙِياري لوڪ ۾، جَنهِين لِئي ٿِياسِ،

تنهِين تِر جيتَرو، پَلَڪُ نَه پُڇياسِ،

جَهروڪَنِ جهوريو هِينئُون، ڪوٺِيَنِ آءُ ڪُٺِياسِ،

مارُنِ موُنجَهه مُياسِ، ناتَ ماڙِيَنِ مارِيَس ڪِين ڪِي.

 

(16)

ماڙِين مارِيَسِ ڪَينَ ڪِي، مُيَسِ مارُنِ لاءِ،

ڪَرَ لَهندا ڪڏِهيِن، مُنهِنجي اَچِي ماءِ!

سانبِيَڙَن سَداءِ، ويٺو واجَهه وِجهي هِينئوُن.

 

(17)

ويٺو واجَهه وِجهِي هِيئوُن، پَرِ پَهنُوارَنِ،

اَتِ اُڪنڍي آهِيان، پائُر ۽ پِرِيَنِ،

ڪَرِيان ٻِي نَه ڪَنِ، وِيندِيَسِ وَطَنَ سامُهيِن.

 

(18)

وِيندِيَسِ وَطَنِ  سامُهينِ، مَلِيرُ مُنهِنجو ماڳُ،

ڏُٿُ چونُڊِينديُسِ ڏيههَ ۾، ساڻُ سَرَتِينِ ساڳُ،

 تَه مُون سئُون سَڀاڳُ، جي ويجهي ٿِيان وَرَ کي.

 

(19)

جي ويجهِي ٿيان وَرَ کي، تَه سَڀاڳومِ سَنئوُن،

 نتُ نِتُ آههِ نَئوُن، مون کي وِرهه ويڙيِچَنِ جوء.

 

(20)

آئوُن ڪِئن ڇَڏيان، سُومَرا، تَنِ پَهُنوارَنِ پَچارَ،

جَڙَ جنيِن جِي جانِ ۾، لَڳِي ريءَ لُهارَ،

ميخُون مَحَبّتَ سَندِيُون، هيِنئنڙي مَنجههِ هَزارَ،

بکا ۽ پَهُنوارَ، ڏِٺي مُون ڏِينهنَ ٿيا.

 

وائي

مُون مَ کَسيجاههُ، مُون مَ کَڻيجاههُ لوئِي، مِيان عُمَرَ!

ساڻُ پُلاههَ نَه پاڙِيان، سَندي ڏَؤنرَنِ ڏوئِي،

مِيان عُمَرَ! مون مَ کَسيجاههُ.

ڪانڌُ نَه ڪَندِيَسِ ڪو ٻِيو، مُون وَرُ مارؤ سوئِي،

مِيان عُمَرَ! مُون مَ کَسيجاههُ.

کوءِ سي طعامَ تَبُّنِ جا، وَرُ سا ڏُونرَنِ ڏوئِي،

مِيان عُمَرَ! مُون مَ کَسيجاههُ.

جهانگِي جو جَهنگـَنِ جو، سيڻُ ڪَمِيڻِيءَ سوئِي،

مِيان عُمَرَ! مُون مَ کَسيجاههُ.

 

داستان پنجون

 

(1)

سُونهنَ وِڃايَمِ، سُومَرا! مارؤ مَسَ مَڃِينِ،

ڏُونگها ڏاڏي پوٽِيين، ڪَنِ ڏِنا، ڪِي ڏِينِ،

جِي مان لوههَ لاهِينِ، تَه ڪوٽَنِ ۾ ڪِينَ هُئان.

 

(2)

سُونهنَ وِڃايَمِ سُومَرا! ميرو مُنهُن ٿِيومِ،

وَڃَڻُ تِتِ پِيومِ، جِتِ هَلَڻُ ناهِ حُسنَ ري.

 

(3)

سُونهنَ وِڃايَم سُومَرا! سکر جِهَڙي سُونهن،

دِلِ ۾ دُکِي دُونهن، مُهِنجو مُنهُن ميرو ٿِيو.

 

(4)

سُونهنَ وِڃايَمِ سُومَرا، هِتي اَچِي هاڻِ،

ڪِئن لَهَندِيَمِ ڪاڻِ، حُسنُ مُون هِتِ وِيو!

 

(5)

سُونهنَ وِڃايَمِ، سُومَرا! ڪيڏانهن وِيُمِ ڪَمالُ!

وڃان ڪِئن وَطَنَ ڏي، هِهَڙو وَٺِي حالُ،

جي مُون ڏِينِ جَمالُ، تَه پَسان مُنهن پَهُنوارَ جو.

 

(6)

سُونهنَ وِڃايَمِ سُومَرا! وَطَنِ وَڃان ڪِيئَن،

حُسَنِ ڌاران هِيئن، پَسان ڪِئن پَهُنوارَ کي.

 

(7)

سُونهنَ وِڃايَمِ سُومَرا! پَسان ڪِئن پَهنُوارَ،

ڌَڻِي جا ڌَراڙَ، تِنهن رُوءِ ريءَ رُچَڻُ ناههِ ڪو.

 

(8)

سُونهنَ وِڃايَمِ سومَرا! عُمَرَ ٿِيَسِ آسِيرَ،

ماروُ مَنجههِ مَلِيرَ، مُون سين هِتِ هِئن ٿِيو!

 

(9)

سُونهنَ وِڃايَمِ سُومَرا! ٿِيندِيَسِ ڪِئن قَبُولُ،

ڪونهي سُهڳُ، نَه سوُلُ، پوُچي مُنهن پَهُنوارَ سين!

 

(10)

تَنِ! مُنهَن موچارا مارُئين، مَلِيرَ جَنِهين ماڳُ،

ناقِصَ نَوازي گهَڻا، سَندو تَنِ سَڀاڳَ،

اَڱَڻِ مُون اَڀاڳُ، حُسنُ مُو هِتِ وِيو!

 

(11)

ڪونهي قادِرُ ڪو ٻِيو، اُنِهِين جو اَڀاڳُ،

”قُل لُن يُّصِيبَناَ اِلّا مَا کَتَبَ اللهُ لَنا“، اِيءُ مَعذِرَتَ ماڳُ،

سَڀوئِي سَڀاڳُ، مارُئِيءَ مساوي ٿِيو.

 

وائي

مَنجههِ رَهِي مَلِيرَ، هاري، مُون ڪُوه ڪِيو؟

مُون هَٿان، مُنهِنجا ڌَڻِي، سَهَسين ٿِيا صَغِيرَ،

هاري، مُون ڪوهُ ڪِيو؟

پَکِي مَنجههِ پَنهُوارَ جي، ڪوڙِيين ڪِيَمِ ڪَبِيرَ،

هاري، مُون ڪوهُ ڪِيو؟

تُون ڏِيين، تُون ڌَڻِي، دِلاسو دِلگِيرَ،

هاري، مُون ڪوهُ ڪِيو؟

ٻَڙو لاههِ مَ ٻاجَهه جو، مُون تان، مُنهنجا پيرَ؟

هاري، مُون ڪوهُ ڪِيو؟

ٿڌِيُون وَلِيُون ٿَرَنِ ۾، ڪوڙين ڪِرڙِ ڪَرِيرَ،

هاري، مُون ڪوهُ ڪِيو؟

 

داستان ڇهون

 

(1)

جِهَڙي آيُسِ جِئَن، جي تِهَڙي وَڃان تَنِ ڏي،

تَه لالائيءَ جا، لَطِيفُ چَئي، ڪَرَ مُندُن اُٺا مِينهن،

ٿَيسِ ڪاڻِياري ڪانڌُ جِي، هِتي اَچِي هِيئَن،

ڪَنڌُ کَڻَندِيَسِ ڪِئن، مَنَهِن ماروُئڙَنِ جي.

 

(2)

جِهَڙي آيَسِ جِئن، جي تِهَڙي مِلان تَنِ کي،

’ڦِران، ڦَرَ چارِيان‘، هِينئُون چَئيمِ هِئن،

وَڃان ڪِئن وَطَن ڏي، ڪاڻِ لَهَندِيَمِ ڪِئن،

مُندائتِي مِينهن، سُونهان سَرَتِينِ وِچَ ۾!

 

(3)

هيڪُ جِئن نَه ڄاياسِ، ٻِيو ڄاپَندي جي مَران،

گهَنگهَرُ گهَڻُون ٿِياسِ، ڄاپي، مارُوئَڙِن کي.

 

(4)

هِيءُ مُنهُن ڏِيئِي ٻَنِ، تُون وِهُ کائِي نَه مَرِين،

تان جِي مَلِيرَ ڄائِيُون، توسين سَنڱَ نَه ڪَنِ،

تُون ڪِئن مَنجهان تَنِ، پاڻُ ڪوٺايين، مارُئي!

 

(5)

عُمَرَ! ٻَنِ جِيو، کوءِ مُنهِنجو، سُومَرا!

جا پَرِ نَه پَهُنوارَنِ جِي، مُون سين تيئن ٿِيو!

وَٺِي مُنهن ڪِهو، وَڃان وَطَن سامُهِين.

 

(6)

مَ سَپَني مارُئِي، مُئي، مَ ڄائِي،

جِنهن اَچِي عُمَرَڪوٽَ ۾، لوئِي لَڄائِي،

جا سانگِينِ سيڏائِي، سا ڪِينَ مَرَڪي ماڙِيين.

 

(7)

باالله آهِيان بَندَ ۾، ڌُئان ٿِي ڌَٻَرُ،

ويڻَ وَراڻِي ناهِ ڪا، سُومَرو سَٻَرُ،

مِيان مِهرِبان ڪُريِين، اِلاهِي عُمَرُ،

ويڙ پَسان سو وَرُ، جيڏانهنن عالَمَ آسَرو!

 

(8)

اَلا! اِيئن مَ هوءِ، جِئن آن مَران بَندَ ۾،

جُسو زَنجِيرِنَ ۾، راتو ڏِيهان روءِ،

پِهرِين وَڃان لوءِ، پوءِ مَرُ پُڄَنِمِ ڏِينهَڙا!

 

(9)

آئُون بَندِياڻِي بَندَ ۾، ڪِ آئُون پِييسِ بَندِ،

مُونهِين لَڳو مِيهڻُون، ڪِ مُونهِين ڪَڙو ڪَنڌِ،

مَران جي هِنَ هَنڌِ، تَه نِجاهُ مَنٿُ مَلِيرَ ڏي.

 

(10)

واجهائي وطَنَ کي، ساري ڏِيان ساههُ،

بُتُ مُنِهنجو بَندَ ۾، قَيدِ مَ ڪَريجاههُ،

پَرَڏيهياڻِي پِرِينءَ ري، ڌارَ مَ ڌَرِيجاههُ،

ٿڌي وسائج ٿر جي، مِٽِي مُئيءَ مَٿاههُ،

جي پويُون ٿِئي پَساههُ، تَه نِجان مَڙههُ مَلِيرَ ڏي.

 

(11)

واجهائِي وَطَنَ کي، ساري ساههُ ڏِيان،

هيءُ سِرَ ساڙيہَ سامُهُون، مُنهِنجو نِجِ! مِيان!

مُقامِياڻِي مارُئين، وَڃي ٿَرِ ٿِيان!

مُيائِي جِيان، جي وَڃي مَڙههُ مَلِيرَ ڏي.

 

(12)

واجهائي وَطَنَ کي، آئُون جي هِتِ مُياسِ،

گور مُنهنجِي سُومَرا، ڪيجِ پَنهوارَنِ پاسِ،

ڏِجِ ڏاڏاڻِين ڏيہَ جي، مَنجهان وَلَڙِن واسِ،

مُيائِي جِياسِ، جي وَڃي مَڙههُ مَلِيرَ ڏي.

 

(13)

ڳِچِيءَ ڳانا لوهَ جا، زِيرِيُون ۽ زنجِيرَ،

پَيڪَڙا پيرَنِ ۾، ڪوٺِيَنِ اَندَرِ ڪِيرَ،

چاري چوگانَنِ ۾، واهِيَتَ ڪَنِ وَزِيرَ،

ڇَن نَه ڇَڄي آهِيان، اِهَڙيءَ سِٽَ سَرِيرَ،

مارُو ڄامَ مَلِيرَ، پُڇِجِ ڪِي پَهُنوارَ کي.

 

(14)

ڇَنِ نَه ڇڄي هيٺِ، ڪُڇَن آهِيان ڪوٽَ ۾،

لوئِيءَ سين، لَطِيفُ چَئي، ڀِيڙِيو ٻَڌان بيٺ،

سَرَهِيُون سي سَرَتِيُون، وَطَنِ جَنِين ويٺِ،

اُتي سَپَڄِي اُنَ سَسَنِ جِي، هِتِ رَڇائِين ريٺِ،

ماڻِيان شالَ مَلِيرَ ۾، مُدائتِي ميٺِ،

ڏيهيا! ڪِجا ڏيٺِ، ڪا مَدَتَ مُون سين ماڙِيين!

 

(15)

ڇَنِ نَه ڇَڄِي آهِيان، ڪُڇَن ۾ ڪوٽَنِّ،

اِيندي پِيَمِ اُبتَا، پيڪَڙا پيرَنِّ،

هَٿوڙِيُون هَٿَنِّ، ڄَنگهُون ٻانهُون ڪاٺَ ۾.

 

(16)

هَٿين هَٿَڪَڙولَ، هِينئڙي پِئڙُمِ هُنِ جا،

سانگِي سارِيمِ، سُومَرا، ڍاٽِي پاسي ڍولَ،

ٻاٻاڻَنِ سين ٻولَ، ڪِيَمِ نَه ڪوٽَ وِهَڻَ جا.

 

(17)

زيرِيين ٻيڙِيين لوههُ ۾، ڳَٽَنِ ڪِيَسِ ڳاههُ،

سَونڪي سَندي سُومَري، هَڏِ نَه چاڙِهُمِ ماههُ،

سَرَتِيُون! دُعا ڪِجاههُ، تَه ڀَرَمُ ڀاروڙيءَ رَهي.

 

(18)

ڀَرَمُ ڀاروڙيءَ رَهي، جِنهن آڇِي اُن!

تَه ٻُڻِ ويٺِي وِنڌِيان، توڙي پُونِسِ تُنَ،

غافِلِ رَکُ غَرِيبِ کي، عُمَرَ! مَنجههِ اَمُنَ،

سَرَتِينِ ساڻِ سَمُن، آهِمِ اُٺِي مِينهَڙين.

 

(19)

آهِمِ اُٺي مِينهَڙين، سَمُنّ سَرَتِينِ ساڻِ،

ڪِنهن پَرِ لاهِيان ڪاڻِ، وَڃِي ويڙِيچَنِ سين!

 

وائي

عُمَرَ! آئُون مَري تانِ نَه ڇَڏِيندي، لو!

مِٽِي مارُوئَڙَنِ جِي.

مِينهين اُٺي مارُئين، لالَنَ ساڻُ لَڏِيندي،

مِٽِي مارُوئَڙَنِ جِي.

سِري مُنهِنجِي سُومَرا، ٿَرَنِ ڪِينَ ٿَڪِيندي،

مِٽِي مارُوئَڙَنِ جِي.

هميراڻان هَٿَڙا، مِهري ڪِينَ مَڃِيندي،

مِٽِي مارُوئَڙَنِ جِي.

 

داستان ستون

 

(1)

پَهنوارن پاٻوهِيو، وَرِيا واهُوندا،

سارِيمِ سيڻَ، سَيّدُ چَئي، گاڏِيليُون گُوندا،

ڀِٽَن ڀَرِ هُوندا، ڀُونگا ڀَڙَ ڀَتارُ جا.

 

(2)

پهنوارن پاٻوهِيو، ڪي وَسَ واهُوندَنِ،

لَٿو سِيَّ، لَطِيفُ چَئي، ٻَڌو ٿَڻُ ڦَرَنِ،

اُوءِ ٿا ڪورِنِ ڪُنئري، سَرَتِيُون، مَٿان سَسَنِ،

عُمَرَ، اُنّ آگُوندَري، پاسي ڪانڌَ ڪَتنِ،

پائُرِ ڏِنِيُون پُٺِيُون، ننڍَن نوراپَنِ،

کائِرُ کَٿِيُون خاصِيُون، اُوچِيُون اُتِ اُڄَنِ،

ڪَڍِيو پيڻُ ڪَهَنِ: ”مَلِيرَ گهُرِجي مارُئِي!“

 

(3)

پَهنوارِن پاٻوهِيو، ڪِي واهُوندَنِ وَسّ،

عُمَرَ! اُنَهِين ڏِيہَ جا، ڏوٿِينِ ڏِنَمِ ڏَسّ،

وَلِيُون وَڻَ ڦُلارِيا، لُلَرَ نِڱِيو لَسّ،

آڻِيو وِجهن آهُرين، سَندا ٽُوهَنِ طَسّ،

ميوا مَڃُرَ، ماکِيُون، سَڀُڪا چَکَنِ چَسّ،

ماڙيءَ وِهي مَسّ، مَلِيرِ ويندي مارُئِي.

 

(4)

آڻِينِ ۽ چاڙِهِينِ، ڏُٿُ ڏِيهاڻِي، سُومَرا!

سَٿا ڪِيو، سُومَرا! سائُون سُڪائِينِ،

مَنجهان لَنبُ، لَطِيفُ چَئي، چانئَرَ ڪِيو چاڙهِينِ،

پُلاءُ نَه پاڙِينِ، عُمَرَ، آراڙي سين.

 

(5)

تَنِ وَهِيَنِ ويڙِيچَنِ ۾، سَدائِين سُڪارَ،

چُونڊيو، آڻِيو چاڙِهِيُون، سَندي ڏئونرَنِ ڏارُ،

جَنِ جو ويڙنِ سين واپارُ، سي ڏوٿِي هُونِ نَه ڏُٻرا.

 

(6)

ٿوري قُوتِ قَرارِيا، رَهَنِ سَٻَرَ سَتِ،

کَٿِيءَ ۾ کِہَ ڀَڪُلِيا، ڀُوڻَنِ اِهَڙي ڀَتِ،

پَنهوارڪِي پَتِ، پيهِي پُڇ مَلِيرَ ۾.

 

(7)

نڪا جهَلَ نَه پَلُ، نَڪو رائُرُ ڏيههَ ۾،

آڻِيو وِجهَنِ آهُرين، روڙِيو رَتا گلُّ،

مارؤ پاڻَ اَمُلُّ، مَلِيروُنِ مَرَڪُڻون.

 

(8)

مَٿن ٽُٻڪَ ٽُٻَڪڙا، چِڪَندَڙا اَچَنِ،

کُڙِيُون کيههُ ڀَڪُلِيُون، پَگهَرُ سِر پيرنِ،

اِي وَڙ ويڙيچَنِ، مُون لوڏان ٿِي لَکِيا.

 

(9)

تَنِ ساڏوهِيَنِ سَڏَ مَران، ڏِنگَا جَنِين ڏارَ،

ڀُڻي ساڻُ ڀَتارُ، پائُرِ پيروُن چُونڊِيان.

 

(10)

پاڻهئين پَچي پِيئيُون، ريءَ واهِيتَ، ريءَ واڙِ،

جُوءِ ڪُشادي جِيڏِيين، مَلِيرَ موڪَ مُهاڙِ،

اُت اَباڻان جِنهن جا، سا ماڙيءَ مُورِ مَ چاڙِه،

جي اُڪنڍِيُون آراڙِ، لوههَ تَنِين کي لاهِيين.

 

(11)

دَرَ، دَروازا، دَرِيُون، هاڻي هِتي هو،

ڪوڙِيين اَڏِيان ڪيتَرا، تَنبُو مَٿاءُ تو،

جي مُولِ نَه آيا، مارُئِي، تَنِين رَڙُ مَ رو،

ڪُوڪَٽُ آهي ڪو، پَسيءَ پَهنوارَنِ ۾.

 

(12)

سَنِهِيءَ سُئِيءَ سِبِيو، مُون ماروُءَ سين ساههُ،

ويٺي سارِيان سُومَرا، گولاڙا ۽ گاههُ،

هِينئُون مُنهِنجو هُتِ ٿِيو، هِتِ مِٽِي ۽ ماههُ،

پَکَنِ مَنجههِ پَساههُ، قالِبُ آهي ڪوٽَ ۾.

 

(13)

سَنهِيءَ سُئِيءَ سِبِيو، مُون ماروءَ سين مَنُّ،

هَڻِي کَڻَ حِلَمِ جا، تَههِ وِڌائِين تَنُ،

ڪِئن ٽوپايان ڪَنُّ، اَباڻِيءَ اِبرَ ري.

 

(14)

پاڇاهِي نَه پاڙِيان، سَرَتِيُون! سُئِيءَ ساڻُ،

ڍَڪي اُگهاڙَنِ کي، ڪِينَ ڍَڪِيائِين پاڻَ،

ٻِيهَرَ ڄاپِي ڄاڻُ، اِبرَ جي اوصافَ کي.

 

وائي

رئوندي راتِ وِهاءَ، موُن کي رويو راتِ وِهاءِ،

عُمَرَ! مِيان سُومَرا!

آئُون بَندِياڻِي بَندَ ۾، ڪِ ڪِي بَندِ پِيا،

عُمَرَ! مِيان سُومَرا!

مُون کي ڏيهان نِڪريي، ٻه ٽي ٿوڪ ٿِيا،

عُمَرَ! مِيان سُومَرا!

هڪُ عَمَرَ مَنڊِيا مامِرا، ٻِيو مارُو ٿَرِ ٿِيا،

عُمَرَ! مِيان سُومَرا!

عُمَرَ، بَندِياڻِينِ سين، جورو تو نَه جُڳاءِ،

عُمَرَ! مِيان سُومَرا!

 

داستان اٺون

 

(1)

چَرَنِ، چُڻِڪَنِ چِتَ ۾، وِسارِيان ڪِينَ وَري،

ڪَنا عَهَدَ ’اَلستَ‘ جي، ڪِ تِهائِين پَري،

’لَم يَلِد وَلَم يُولد‘، مارُئِي ڪوهُ ڪَري،

اَڄُ ڪِ ڪالَهه مَري، ساري سانبِيڙَنِ کي!

 

(2)

چَرَنِ، چُڻِڪَنِ چِتَ ۾، وِساريان ڪِينَ وَري!

جَنِ ٿي پَهِي پِيارِيا، مَنجهان سِڪَ سَري،

وَهِپَنِ ويڙِيچَنِ جي، سِٽائُنِ سَري،

ٿُرَنِ ٿوڪَ ڌَري، اُٺي وِئَڙا اُڪَري.

 

(3)

چُرَنِ، چُڻِڪَنِ چِتَ ۾، وِسارِيان ڪِينَ وَرَنُ!

’لَيسَ ڪَمثِلہ شَيءٌ‘ پَسَڻُ ناهِ پِرِيَنِّ،

پَکا پَهنُوارَنِ، نيئِي اَڏِيا ناههِ ۾.

 

(4)

چُرَنِ، چُڻِڪَنِ چِتَ ۾، گهارِنِ مَٿي گهَٽ،

کِہَ مانڌاڻُون، مَکَڻِي، ڍوئِنِ پاسي ڍَٽ،

پَنهُوارَڪي پَکَڙين، وَڃِي ڪَرِيان وَنِّ!

ساڙِيہَ سامُهِين سَٽَ، ڪَندِيَسِ، ڀَڃِي ڪَڙَنِ کي.

 

(5)

چُرَن، چُڻِڪَنِ چِتِ ۾، هُرَنِ مَنجهه هِينئين،

لُطَفُ ٿِيو، لَطِيفُ چَئي، مِهَر ڪِي مِينئين،

ڏُکيءَ کي ڏِيئين، سَرَهايُون ساڙِيہَ جِيُون!

 

(6)

چُرَنِ، چُڻِڪَنِ چِتَ ۾، سَدا مَنجههِ سَرِيرَ،

لَڏي ڪِنهن لوءِ وِئا، ماروُ مَنجههِ مَلِيرَ،

ويٺِي پُوڄِيان پِيرَ، مان مِلنِمِ ڪَڏِهين!

 

(7)

چُرَنِ، چُڻِڪَنِ چِتَ ۾، رَهِيا اَندَرِ رُوحَ،

اُٺي وِئَڙا اُڪَري، مارُو مَٿي مُوههَ،

ويرُون وِلوڙَڻَ جِيُون، سارِيان گهَڻُون صُبوُحَ،

وَرُ سي کارا کُوههُ، سِنجِئمِ جي ساڙِيههَ جا!

 

(8)

وَرُ اُهائِي وِيرَ، جِئن ڌَڻُ تَسِي تَڙِ آئِيو!

سَرَتِينِ ڏُٿُ سَبِيلَ ڪِيو، اَڱَڻِ ڍوئي ڍيرَ،

هينُئُون اُنِ جي هيرَ، ٿو جِهي جهَروڪَنِ ۾!

 

(9)

پير کَنيائُون پَرَ ۾، پِيارِينِ پَهُون،

سنجَنِ ساٺِيڪَنِ تي، وَڏيءَ ويرَ وَهُون،

پايو جَرُ جَنڊِنِ ۾، ڪوڏان ڪَنِّ ڪِهُون،

ڏينهان ڏِينهَن نَئُون، مُون کي وِرِههُ ويڙيچَنِ جو.

 

(10)

آڌيءَ اُٿن تي، جيلانهن پاڻِي پاتارَ ۾،

وارو ويسَرِيَنِ کي، ڏِينهان ڪونَه ڏِئي،

مُون ڪَمِيڻِيءَ کي، مَٿان کُوههَ کَڻِي وِيا!

 

(11)

سَرَتِينِ سَنجَڻُ ڇَڏِيو، سَتِينِ ڳالههِ سُئِي،

ماريچِي ماڙِيَنِ ۾، ڪَڏِهن ڪانُ هُئِي،

عُمَرَ آن نَه مُئِي، اِنَ اوڀالِئان اَڳَهِين!

 

(12)

ڀِنِيءَ جي ڀوَڻَنِ، ڀيڄَ ڀُڻڪو نَه سُڻان،

سِنجَڻَ وارِيُون سُتِيُون، وَڃِي ويڙهه وَرَنِ،

پِيا سيٽَ سَڙَنِ، تَرَهِي ٻِنهِين ڪَنڌِيين.

 

(13)

سَڀَ نَه وَڃِي مُتِيُون، اَڃان ڪي سِنجَنِ،

پِيو، سي پَهَرَنِ، جي اُڃائجِي آئِيُون.

 

(14)

ٻُري نَه ٻَڪَرَ دانُنهن، ڀُوڻَ ڀُڻِڪو نَه سُڻان،

مِيان ماروُئَڙَنِ جا، اُوڻا ڏِسان آنهن،

جَنِ ساٺيڪا سَنجِئا، سي ڌَڻِي! ڪِئڙءِ ڪانهن؟

پَکا کَڻِي پَرانهن، جِيڪُسِ لَڏِيو لوئِڙِيارِيين.

 

(15)

سِنجِي سِنجِي کُوهَڙا، ويڙهي وِيا وَرَتَ،

مِيان، ماروئڙَنِ جِي، مُون کي هِينئڙي ۾ حيَرَتَ،

چُڻڪَنِ اَندَرِ چِتِ، سانِبَيڙا ساڏُوهِيُون.

 

(16)

کُوهرَ، ٿُوهَرَ، ٿَرَ، جِتَ ساٺِيڪا ۽ سَٽِيُون،

چارِنِ اُتِ چاههَ منجهان، پاسي ڦوڳَنِ ڦَرَ،

ڪِئن لَهَندَمِ ڪَرَ، جئن مارو پاڻَ اَپارِيا.

 

(17)

عُمَرَ! ٿِيَمِ اَپارَ، وِرِههُ وَٽِيان ڪَنِ سين،

ڏوٿِيڙا ڏوري ٿِيا، تَڳان جَنِ تَنوارَ،

سِٽائُون سَنگهارَ، کُوهَنِ تان کَڻِي وِيا.

 

(18)

مُون ماڙيءَ جو، سُومَرا! ٻِنهِين پارين ڏُکُ!

هِتِ عُمرَ جو آهُکُ، هُتِ مارو ڏِينِم مِنهڻان!

 

وائي

پَرَچَنِ شالَ پَنهوارُ، ڍولا، مارُو مُون سان، لا!

مُون مُورائِين مَدِيُون، آهِنِ سيڻَ سَتارَ،

ڍولا، مارُو مُون سان، لا!

عَيبَنِ ڀَري آهِيان، سَتَرُ ڪِجِ، سَتارَ!

ڍولا، مارُو مُون سان، لا!

اُٺا مِينهن مَلِيرَ ۾، تَڙِ تَڙِ پوءِ تَنوارَ،

ڍولا، مارُو مُون سان، لا!

پائي آيَسِ پاندَ ۾، اَوڳُڻَ عَيبَ اَپارَ،

ڍولا، مارُو مُون سان، لا!

 

داستان نائون

 

(1)

جهُڙِ ڦُڙِ جِتِ ٿِيانِ، اُتِ اَڏِيائُون پَکَڙا،

هِنُ مُنهِنجي حالَ جو، قَدُرَ نَه ڪيڻانِ،

جِيڪُسِ آن وِسَرِيان، مارُو قُوتَ قَرارِيا.

 

(2)

جهُڙِ ڦُڙِ مَٿي مارُئين، جِتِ جيها، چِلُڙَ چِڪُ،

اَندَرُ ٿو اُڃَ مَري، ساهُ اُنِين جي سِڪَ،

پَيهُون شالَ پَهِيُون ڀَري، تِئان ڏِيئِي تِڪَيا،

وَرَ پِرِيان سين پِڪَ، ٻِيا ڀاڻَ ڀَرِيائِي گهورِيان!

 

(3)

ڍَٽِين پَٽِين ڍيَو، مَهِينَ مارُوئَڙَنِ جا،

پائُرُ سَڀ پچِي پِيو، گهَرِ گهارِيندي ڪيرَ،

ڪوٺِيين لَڳَنِ ڪير، مَحَلِين مُنجهي مُون هِينئُون.

 

(4)

هِنَ مُندَ ماروُ سَنَرا، ويڙِيين وَڳُ وارِين،

ڇُڇِيا ڇِيڪارِيو ڇيلَڙا، پَٽين پَهرائِينِ،

نيڻَ مُنهِنجا اُنِ کي،. جهَجهو جَرُ هارِين،

تاڙا تَنوارِينِ، مِنهن وَسنَدا، موٽَ تُون.

 

(5)

هِنَ مُندَ ماروُ سَنَرا، کائُرَ ۾ خوشِحالَ،

سائُون، سِيارِڇُ، مَکَڻِي، جيڏِيُون آڻِنِ جالَ،

سُتِيءَ جِي سَيّدُ چَئي، ڪا ماڙِيہَ مَنجههِ سَنڀالَ،

لِڱَنِ تانَ، لَطِيفُ چَئي، لوئِي لاههِ مَ، لال!

ڀَلو ڪَندو ڀالَ، مِينهن وَسنَدا، موٽُ تُون.

 

(6)

هِنَ مُندَ مارُو سَنَرا، ڍَنگَرَ ڍارَ رَهَنِ،

پاڻِي پُوڄَ پَٽنِ ۾، پَکِي پاندِ پِيَنِ،

هِنَ کي لوههُ، لَطِيفُ چَئي، هُوءِ کائُرَ مَنجههِ کِلَنِّ،

کاٽوُنبا کاڄَنِّ، مينهن وَسَندا، موٽُ تُون.

 

(7)

هِنَ مُندَ ماروُ سَنَرا، ساڙِيههَ مَنجههِ سُڌِيرَ،

هِنَ کي لوههُ، لَطِيفُ چَئي، ڪوٺِيَنِ اَندَرِ ڪِيرَ،

مِها مَنجهه مَلِيرَ، مِينهن وَسَندا، موٽُ تُون.

 

(8)

هِنَ مُندَ مارُو سَنَرا، جِيائي جالِينِ،

چارِيو لَنبَ، لَطِيفُ چَئي، واڳِيين وِهارِينِ،

ڪيٽائي ڪاهِينِ، مِينهن وَسَندا، موٽُ تُون.

 

(9)

کاروڙِئان کَڻِي، ويڙِيجهَپِ وِيا،

سيڻَ مُنهِنجا، سَيّدُ چَئي، هاڻِي هِتِ هُئا،

پَسي پَڊُ اُنهِين جا، لَڙي لُڙڪَ پِيا،

ڏيهي ڏوُرِ وِيا، ڏِيان ڏوراپو ڪَنِ کي!

 

(10)

سَدا جَنِ پَرِياڻُ، پانڌي پَکِي لَڏَ سين،

مارُو ڳُڻَنِ ساڻُ، وِئَڙا ٿَرِ اُڪَري!

 

(11)

مَٿي ٿَرَ رَهي، وِيا گُذاري ڏِينهَڙا،

ڪَڏِهن ڪونَ آئِيو، تَنِ پَهُنوارِنَ پَهي،

وِئَڙا سي وَهِي، جَنَبُ گُذارِيُمِ جَنِ سين!
 

(12)

پاسا پولَڙِيَنِ ۾، ٻانهُون سِرِ ٻِيئِي،

اَکِيُون، نَڪّ آريجِ ري، ٽِمايَمِ ٽِيئي،

ڏُورِ ٿِيا ڏيهِي، پِرِين پائُرَ وَٽِ ۾!

 

(13)

ٿا جا ٿَرَ بَرَ جهلُ، پِيُون پائُرَ وَٽِ ۾،

سيئِي سارِيو، سُومَرا، اَچي آبُ اُڇلّ،

سانبِيَن ڏِنَمِ سَلُّ، ڏِٺي جَنِ ڏِينهَن ٿِيا!

 

(14)

جُهران، جِجهان تي، جِئن پَسَڻان پَري ٿِيا،

اَلا! اوٺِي آڻِيين، جوکِيئَن جي خَبَرَ ڏي!

مَنَ مُنهِنجي کي، واڪو لَهي ويڙِهه جو!

 

وائي

ويڙِيچَنِ ڏي وِيندي، عُمَرَ! آئُون مارُوئَڙَنِ ڏي وِيندي،

ڏيههُ ڏاڏاڻِين پَکَڙِين.

سَڱَرَ ساهيڙِيَنِي سين، ساڙِيههَ مَنجهه سَٽيندي،

يههُ ڏاڏاڻِين پَکَڙِين.

اُٺا مِينهن مَلِيرَ ۾، ڌاڳا ڌَٻَرَ ڌوُندي،

ڏيههُ ڏاڏاڻِين پَکَڙِين.

عُمَرَ! اُنَهِين ڏيههَ جا، ڪوڏَر قُوتُ ڪَرِيندي،

ڏيههُ ڏاڏاڻِين پَکَڙِين.

گولوُن گولاڙَنِ جِيُون، جَهپي ساڻُ جهَٽِيندي،

ڏيههُ ڏاڏاڻِين پَکَڙِين.

ڪوڪَڙِ ڪَنڊيرنِ ۾، ڦُوڪِيو ڦُڪَ ڀَرِيندي،

ڏيههُ ڏاڏاڻِين پَکَڙِين.

عِيدُنِ برادُن تِي، کِہَ مانڌاڻُون کِيندي،

ڏيههُ ڏاڏاڻِين پَکَڙِين.

پُسِي کائِي پيٽَ ۾، ڏُؤنرا ڏَنُ ڏِيندي،

ڏيههُ ڏاڏاڻِين پَکَڙِين.

 

داستان ڏهون

 

(1)

اُٺِي ٿِي وَراڻِ، کِينئن واڌايُون آئِيُون،

لَٿِي لوئِڙِيارِيين، مِڙُنِي مُنهَن ڪاڻِ،

صُلح وارِيو سُومَري، چَئِي پَهُنوارَنِ پاڻِ،

هَمِيرَ نِئُون هاڻِ، مَهتُ لَهَندِيئَن، مارُئِي!

 

(2)

ڌُرِيائِين ڌارَ، جي وَڍي وَڻَ جُدا ڪِيا،

تَنِ سُڪَنِ ڪَهِڙي سارَ، تَه ڪِ اُٺا مِينهنَ مَلِيرَ ۾؟

 

(3)

آيو ڪيرَ ڏيهاءِ، جِنهن ڪَرَ پُڇان خَبَروُن؟

وِڄُون اِنَ وَڻاءِ، راتِ ماروُءَ تي وَٺِيُون.

 

(4)

اُتان اوٺِي آئِيو، خَبَرَ اِي کَري،

وِسارِيجَ مَ وَرَ کِي، پَئِجِ مَ، مُنڌَ! مَري،

وِيندِئَن اُتِ وَري، ڪو ڏِينهَن آهِيين ڪوٽَ ۾.

 

(5)

اَڄ اَڍنگا ويڻَ، مُون کي مُڪا جيڏِيين،

”هاري، هَمِيرَنِ جا، جِڪُس کاڌَئي کيڻَ،

”سانبِيَڙا ۽ سيڻَ، ڪِ تو وِيا وِسَري.“

 

(6)

ڪو ڏِينهُن آهِيين ڪوٽَ ۾، لوئِي هَڏِ مَ لاههِ،

ڪامَڻِ، آهِنجِي ڪُرَ جي، آڏوَڏائِي آههِ،

هِتِ مَ پاڙِجِ هَيڪَڙو، پائُرِ جي پَساههِ،

سُتي! سِيلُ نِباههِ، مَلِيرَ وِيندِئَن، مارُئِي!

 

(7)

سي ساهيڙِيُون سارِينِ تو، سِيلُ جَنِين جو سَچُّ،

مارُوءَ ريءَ مَ مَچُّ، سِيهو ڀانئِجِ سونَ کي.

 

(8)

ساهيڙِيُون سارِينِ تو، سَچُ جَنِين جو سِيلُ،

نَڪو قالُ نَه قِيلُ، اُنِين جي اَدَبُ ۾.

 

(9)

جو ڏيههَ ڏاڏاڻِئان آئِيو، پيرين تِنهن پُئان،

سانگائتوءَ سَيّدُ چَئي، سَندِيُون چِتَ چُئان،

هِتي تان نَه هُئان، حَرفَ لَٿي هيڪڙي!

 

(10)

جو ڏيههَ ڏاڏاڻِئان آئِيو، ڏِنُمِ تنهن طَعنو،

”پائي ويههُ مَ پَلنگين، ڳِچِيءُ سِرِ ڳانو،

”مَٿان لَڪَ، لَطِيفُ چَئي، کاءُ مَ خَزانو،

”سَرَتِينِ سِيلُ چَوائِيو، جورِ هَڻِي جانو،

”ٿِيو سَڏُ سَمانو، حَرفَ لَٿي هيڪَڙي.“

 

(11)

مُون سين ماروئَڙِيُون، ڪِهَڙيءَ رِيتِ رُسَنديُون،

چوٽِيءَ ۾ چِيڙُهه پِيو، پِيَمِ رُت ڄَيُون،

نيڻين نِنڊ وِههُ ٿِي، ساري ساڏوهِيُون،

هِتي جي هُيُون، تَه سڌِ پييَنِ سِيلَ جِي!

 

(12)

”سَتِي! تُنهِنجي سَتَ ۾، ڳالِهه گهُرجِي ڳَچُّ،

”وَڍِيو چِيريو، چِچِرِيو پَرِ ۾ اُڀي پَچُّ،

”ساڻُ اَمانَتُ اچُّ، تَه ٿِيين سَمانِي ساڙيههُ ۾.“

 

(13)

جانڪِين سَتِينِ سِيرُ، تان ڪِينَ وِهَندِيَسِ ڪوٽَ ۾،

سِپَ سَمُنڊين سَپَڄِي، نَديءَ پِيي نَه نِيرُ،

جِئن هُوءَ اَبرُ آسَري، تِئن مُون مَنِ مَلِيرُ،

کائُرِ پِيَئنِ کِيرُ، جي اَمانَتَ اُتِ وَڃي!

 

(14)

جَرَ ۾ سِپُون جِيئن، آهِينِ اَبرُ آسَري،

جِئن ڪوُنجُون سارِنِ روهَه کي، مُون تَنَ اَندَرِ تِيئَن،

ڪوٺِيَنِ وِهان ڪِيئَن، جي نَظَرَ بَندِياڻِي نَه هُئان.

 

(15)

سِپَ سَمُنڊين سَپَڄي، اُبَرُ آساروسِ،

ٻاڙو پِيي نه ٻِپُڙي، مِٺو مُنهن لَڳوسِ،

ماڻِڪُ تي مِڙِيوسِ، جِئن تَنگُ ڪَڍِيائين تارِ ۾.

 

(16)

سِکو، سَڀ سَرَتِيُون، سِپُنِ مُلا سِيرُ،

ٻِيو مَٽائي نِيرُ، اُڀِيُون اَبرُ آسَري.

 

(17)

سِکو سِپُنِ کان، سَرَتِيُون رِيتِ سِڪَڻَ جي،

مَڱنِ جَرُ مَٿان، اوري ڪَنِ نَه آسَرو.

 

(18)

پِهَرِينءَ راتِ پَسِي، مُون ماڙيءَ مَنُ ڦِڪو ڪيو،

موهَڙ ماروئَڙنِ کي، واحِد، ڏيجِ وَسِي!

آهَرَ جِنهن اَسِين، سو مِلندو شالَ مَلِير ۾!

 

(19)

وَطَنَ ريءَ ويهي، جي هِتِ گهارِيَمِ ڏِينهَڙا،

اُوءِ مارُو ڏِيندَمِ مُنهن ۾، ڏاڏاڻان ڏيهِي،

پَکَنِ ۾ پيهِي، شَلَ مَحَلَنِ جِي مَرُ ڌُئان!

 

(20)

مَ ڪِين رو، مَ رَڙُ ڪِينُ، هَنجُون هَڏِ مَ هارِ،

توتان بَندُ بِدا ٿِيو، ٻِيڙِيُون نيئِي ٻارِ،

پَهُچَندِينءَ، پَهُنوارِ، سِگهي سَنگهارَنِ کي.

 

(21)

مَ ڪِين روٰ، مَ رَڙُ ڪِين، مَ ڪِين هَنجُون هارِ،

جِهَڙا اَچَنِ ڏِينهڙا، تِهڙا ويٺِي گهارِ،

ڏُکَنِ پُٺِيان سُکڙا، سِگها ٿِيَنِ، سَنگهار!

لٿو لوههُ، لَطِيفُ چَئي، پَروڙِج، پَهُنوارَ،

ٻِيڙِيُون نيئِي ٻارِ، توتان بَندُ بِدا ٿِيو.

 

(22)

مَ ڪين روءُ، مَ رَڙُ ڪِين، مَ ڪِين ڪَرِ دانهُون،

سُتي لوڪَ، لَطِيفُ چَئي، ٻيئِي کَڻِجِ ٻانهُون،

لَڌِيُئِي جِتِ لائُون، سو ڏيههُ پَسَندِئن، مارُئِي!

 

(23)

جنهن ستِيءَ سَتُ نَه ڇَڏِيُو، سا مارُئي مَرُ ڄائِي،

اُنهي عُمَرَڪوٽَ ۾، لَڄَ نَه لَڄائِي،

سا پيئي بَندِياڻِي بَندَ ۾، ڪوٺِيَنِ ڪڄائِي،

جا سانگِيَنِ سَڏائِي، سا مُورِ نَه مَرَڪِي ماڙيين.

 

(24)

اَڄُ پُڻِ چِڪِيَمِ چاڪُ، وَنهِيَنِ ويڙيچَنِ جا،

سُورَنِ اَچِي سُومَرا، اَندَرِ ڪِي اوطاقُ،

مارُن جِي فِراقُ، هَڏَ مُنهِنجا ڪُپِيا.

 

(25)

چِڪِي چِڪِيمَ چاڪَ، وَهِينِ ويڙيچَنِ جا،

واجهِيندي وِصالَ کي، فَنا ڪِيَسِ فِراقَ،

سيئِي سارِيَمِ، سُومَرا، ٿَرِ جَنِينِ جا ٿاڪُ،

مارُوءَ جي اوطاقَ، گهَڻُون اُڪَنڍي آهِيان.

 

وائي

مُون مَنُ مارُوءَ جو، ماروُءَ جو مُنهِنجو، مِيان!

مُون مَنُ مارُوءَ جو.

مُنهُن مُنهِنجو، سُومَرا، مرُ ميروئي هوءِ،

مُون مَنُ مارُوءَ جو.

”ڌوتوءِ ڌورارَنِ ۾“، مَتان مارُو چوءِ،

مُون مَنُ مارُوءَ جو.

لاروُن جي لُڙِڪَنِ جِيُون، ڳِڻِي وڃان توءِ،

مُون مَنُ مارُوءَ جو.

 

داستان يارهون

 

(1)

مَلِيران مارُو، پَکي پيهِي آئِيو،

وَرِيا واهاروُ، هاڻُون سَڀ هيڻان ٿِيا.

 

(2)

پَهِي سُکَ، پيرَنِ کيههُ، ڪونهي نِياپو مارُئين؟

اَتِ اُڪَنڍي آهِيان، تِئن آتَڻ، تِئن ڏيههَ،

سَندي جا ساڙيہَ، کِہَ کَٿوري ڀائِيان.

 

(3)

ڪنهن تَڙِ ڏيهائِي، ڪِٿي اُٺَنِ مِينهَڙا؟

مُون وَٽ مُون پِرِيَنِ جِي، ويهِي ڪَرِ وائِي،

آئُون اَڳَ ڍائِي، سَنيهو سُڻي جِيان!

 

(4)

جِيڪُسِ اُٺا مِينهن، مُونهان پوءِ مَلِيرَ ۾،

ڪالَهه سَڄوئِي ڏِينهن، مُنهِنجي اَکَڙِيَنِ اُڪِيرِيو.

 

(5)

سَچُ ڪِ اُٺا مِينهنَ، مُونهان پوءِ مَلِيرَ ۾،

ڏوٿِينِ لائِيا ڏِينهَن، پَهرِيا جي پُسِيءَ کي.

 

(6)

اُٺَنِ مِينهن گهَڻان، ٿِيَنِ موڪَ مَليرَ ۾؟

اَکِيُون آبَ ڀَرِيو، اُنَهِين کوڻ کَڻان،

مارُنِ شالَ مِڙان، ڪوٺِيُون ڇَڏي ڪَڏِهِين!

 

(7)

تِنهن پَرِ اُٺَن مِينهَڙا، جِنهن پَرِ گهُرِيائُون،

”رَضا جا رَحمان جِي، پُڇِي پاڙِيائُون،

مَلِيرُ ماڻِيائُون، حُڪَم ساڻُ حَبِيبَ جي.“

 

(8)

سَکَرَ سيئِي ڏِينهن، جي مُون گهارِيا بَندَ ۾،

وَسايَمِ وَڏَڦُڙا، مَٿي ماڙِنِ مِينهن،

واجهائِي وِصالَ کي، ٿِيَسِ تَهِواروُن تِيئن،

نِيرَ مُنهِنجي نِينهن، اُجاري اَڇو ڪِيو.

 

(9)

سُڻِي ساڻيهه ڳالَهڙي، وِهُسي ويڙيچِي،

سَڀ سُڌِ پيَيمِ سُومَرا، هِتي هُتي جِي،

ڀِينَرُ ۽ ڀيچِي، سُوايا سارِينِ مُون.

 

(10)

سُڻِي ساڻيهه ڳالهَڙي، لهِي وِيا لوههَ،

اَندَرَ جا اَندوههَ، لَٿا ڏُکَ؛ سُکَ ٿِيا.

 

(11)

عُمَرَ، اَڄُ گَڏِيامِ، ڏوٿِي اُنَهِين ڏيههَ جا،

پاراڀا پِرِيَنِ جا، اُڀي اُنِ چَيامِ،

لَهِي لوههَ پِيامِ، لُطفَ ساڻُ لَطِيفُ چَئي.

 

وائي

کَٿِيءَ مَنجهِه کَٽِيائِين، مارُو ڄامُ مَلِيرَ جو.

پَرَچي پَهُنوارَنِ سين، لوئِي ڏيجُ لَڌائِين،

ماروُ ڄامُ مَلِيرَ جو.

سِيلَ نِباهي، سُومَرا، پَنهنجو پِيُّ پُڇِيائِين،

ماروُ ڄامُ مَلِيرَ جو.

جهُوپو جهانگِيڙَنِ جو، ماڙيءَ سان نَه مَٽِيائِين،

ماروُ ڄامُ مَلِيرَ جو.

سَڱَرَ ساهيڙين سين، کاٽونبا کاڌائِين،

ماروُ ڄامُ مَلِيرَ جو.

مارُوءَ پاسِ مَلِيرَ ۾، چَسا سَڀِ چَکِيائِين،

ماروُ ڄامُ مَلِيرَ جو.

اُتي عَبداللطِيفُ چَئي، شَرَمُ رَکين، رَبّ سائِين!

ماروُ ڄامُ مَلِيرَ جو.

جانڪِين سَتِينِ سِيرُ، تان ڪِينَ وِهَندِيَسِ ڪوٽَ ۾،

 

¯

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com