سيڪشن؛لطيفيات

شاهه عبداللطيف جو رسالو

سُر ڪاپائتي

صفحو :25

 

 

 

 

سُر ڪاپائتي

 

داستان پهريون

 

(1)

توڻي تُون ڪاتارَ، جِمَ هيڪَلي ڀيرئين،

ڏِٺي ڪا ڏُئار، صَرافَ اِنَهينءَ سُٽَ ۾.

 

(2)

جَنِين ڀيريو، هيڪَلو، تَنِين ميڙِيو ماءِ،

تَندُ اِهڙي ساءِ، مُون آتَڻ هَڏِ نَه اُڄَهي.

 

(3)

چَرَخو چوري هَٿِ ڪَرِ، هِيءَ هَڏ وِهاڻِي،

ڪاپائِتِي سَڀَڪا ڪَتي، ساجهُر سيباڻِي،

ڄاتو جَن ڄاڻِي، تَنِ هَٿان پَهِي نَه ڇَڏي.

 

(4)

هِيءَ هَڏِ وِهاڻِي، ڪَڙُه ڪالهُوڻي ڏِينهَن کي،

اُٿِي اورِ اَرٽَ سين، ويههُ مَ ويڳاڻِي،

تَه صَرافَ سڀاڻِي، موٽائي هَڻَنَئِي نَه مُنهَن تي.

 

(5)

جان ڪَتِين تان ڪَتُ، هِي هَڏِ وِهاڻِي،

ڪو پَنهِنجِي عِيدَ لَئي، ڀيري ڪج ڀَرتُ،

مَتان روئِين رَتُ، صُباحَ وِچ سَرِتئين.

 

(6)

ڪَتَڻَ جِي ڪانَ ڪَرِئين، سُتِي ساهِئين هَڏَ،

سُڀان اِيندَئِي اوچِتِي، عِيدُ اُگهاڙَنِ گَڏ،

جِتِ سَرِتيُون ڪَنديَئِي سَڏُ، سِڪَندِيئَن سِينگارَ کي.

 

(7)

پائي ڏورِ اَرٽ ۾، ڪَتين نَه ڪُوڙي،

وِهانءَ واڌاڻي، ڀُڻين سَنڀوُڙي،

مُئي جِنهن موڙي، سا ڪِئَن وِهي ويسَري.

 

(8)

ڪِتُوئِي نَه ڪالَهه، اَڄُ پُڻ اُجهَڻَ کي مَرِين،

ڀوري توسين ڀالَ، ڪانڌُ ڪَرِيندو ڪيترُا.

 

(9)

سي تو ويهِي وِڃائِيا، جي ڪَتَڻَ سَندا ڏِينهَن،

اَرٽُ اوڏي نَه ٿِئين، ڀوري ڀوري سِيئَن،

ڪَنڌ کَڻنديئَن ڪِئَن، اَڱڻ عَجِيبَنِ جي.

 

(10)

توڻي ٿِيئن وَڏي، توءِ اُٿِي آتَڻِ آءُ،

ٿِي ڀيڙي ڀيرَمَ وارِئين، ٻِي هَڏِ ڪَر مَ ڪاءِ،

تَه صَرافُ تو صُباح، ڪوٺي ڪاتارِيَنِ سين.

 

(11)

سونَ سارِيڪا هَٿَڙا، ڪوهه نَه ڪَتئين رَڏِ،

ويهي ڪُنڊ ڪاپو ڪر، گهُتون گوهيون ڇَڏِ،

تَه صَرافاڻي سَڏِ، مَرَڪِيو هُوندَ مَٽائِيين.

 

(12)

ڀَڳو ئِي ڀير، جانسِين رَتو راسِ ٿِئي،

بُريءَ بيڪاريءَ سين، هاري پاڻُ مَ هير،

ڪَتُ ڪَتندِيُون ڪير، نَئين سين نَه ڄاڻِجي.

 

(13)

ڀيرِئين ۽ ڀائيين، اِئَن وِڏوڻو ڪانڌ،

ويٺِي اورِ آرٽَ سين، ڳِچي پايو پاند،

ته تُنهِنجو وِڻواند، ڪِتو وِتو نَه ٿِئي.

 

(14)

مَڇُڻ ڀاڳَ ڀَر ڏِئين، ڪَتُ، ڪَنبَندي آءُ،

جَڏهِن تَڏهِن ماءُ، ڀيرنِ ڀيرَمَ وارِيُون.

 

(15)

چانِنُتِ پائي چِتَ ۾، سَنُهون ڪِتو جَنِ،

تَنِ جو صَرافَنِ، دُڪو داخِلُ نَه ڪيو.

 

(16)

مَحَبتَ پائي مَنَ ۾، رَنڊا روڙِيا جَنِ،

تَنِ جو صَرافُنِ، اَڻ تورِيو اَگهائِيو.

 

(17)

اَٺَئِي پَهَر اَرٽَ سين، جي ڪَتَنِ ۽ ڪَنبَنِ،

تَنِ جو صَرافَنِ، ڦورو ڦولِيو ڪِينَ ڪِي.

 

(18)

ڪو جو وَهُ ڪاپاتِئين، ڪَتَنِ ڪَنبَنِ،

ڪارَڻِ سُودَ سَوارِيُون، آتَڻَ مَنجهِه اَچَنِ،

اُنِ جِي سُونهَن سَيدُ چَئي، ٿا صَرافَ سِڪَنِ،

اَگهِيا سُٽَ سَندَنِ، پائي تُراڙي نَه تورِيا.

 

(19)

سُٽ اُنِين جو سَڦَرو، جي پَر ۾ پِڃائِين،

آوازُ اَرٽَ جو، ساه نَه سُڻائِينِ،

لِڪِايو لَطِيفُ چَئي، ڪَنبِيو ڪَتائِينِ،

جي ماڻَڪِ موٽائِينِ، توءِ مُلهه مَهانگو اُن جو.

 

(20)

تُنبائي تاڪِيدَ سين، جَنِ پِڃايو پاءُ،

لَسِي تَندُ لُطِيفُ چَئي، هَلي تَنِ هَٿاءُ،

مَلمَل مَنجهان ماءُ، جي سِکِيُون تَنِ سونُ ڪيو.

 

(21)

پَلئي پايو پوڻِيُون، دَر دَر ڀيرا ڏي،

ڪا مُون ڪَتائي، آئُون ڪاپائِتِي آهِيان.

 

(22)

ٽَڪُ وِنگِي، وَرَ گهَڻا، ڪَتِيان ڪُڄاڙو،

ڪاپي مَٿان ڪيتَرو، آڻِيان اُڌارو،

جي وَرُ ڏئي وارو، ته سُونهان سَرِتينِ وِچَ ۾.

 

(23)

اولاڻِيان اَرٽ، ڪيڏانهَن ڪَتَڻَ وارِيُون،

پَهِيُون مَٿي پَٽَ، لُڙِجنَ لاکِيڻِيَنِ جُون.

 

(24)

ڪَتي ڪَتي ڪالَهه، اَڄُ نَه آتَڻ آئِيُون،

اَرٽَ اُکِلِي مالَهه، پُوري وِيئيُون نِجهُرا.

 

(25)

نَه سي وَؤڻَ وَڻَنِ ۾، نَه سي ڪاتارِيُون،

پَسِيو بازارِيُون، هينئڙو مُون لُوڻ ٿِئي.

 

(26)

ڪَتي مَٽي آئِيُون، ڪَري تَندُ تَيارُ،

اُٽَلَ اوڏانهِين ٿِئي، جيڏانهن پِرِينءَ پارَ،

ڪاپائِتِيءَ قَرارُ، مَنجهان پُوڻِيءَ آئِيو.

 

(27)

جا سَنُهون نَه سِکِي، ته مَرُ رَنڍائي روڙي،

سُٽُ اُنِين جو سَڦَرو، وِيا تَرازيءَ توري،

ٿُلهي ۽ ٿوري، ويچاري سين وَڙُ ٿِيو.

 

(28)

جَنِين ڪِتو ڪالههَ، سي پاڻان پيئِيُون مامري،

جَنِين ٽَڪ نَه مالَهه، سَرَهِيُون سي صَرافَ سين.

 

(29)

پائي پاندِ ڪَپاه، مُون آتَڻَ سَڀ نِهاريا،

کَڻي ڪانه پَساه، سَرَتِيُون وَڃِي سُتيُون.

 

(30)

چَرکو پَنهِنجي چِتَ ۾، ڀِنيءَ ڀيرِيو جَنِ،

توڻي ڪِينَ ڪتن، ته به ڪانڌُ اُنين جو ڪوڏِيو.

 

(31)

تاڃِي تورِيائُون، تان عيب نِکَتا آڳرا،

ڪوٺي ڪاپائتِينِ کي، پَر ۾ پُڇِيائُون،

اَگَلَڙي آئُون، مُون کان ڀِڙا ڀَڳا نَه ٿِيا.

 

(32)

مُون کان ڀِڙا ڀَڳا نَه ٿِيا، اَگَلِي آئُون،

جان تاڃِي تورِيائُون، تان عيب نِڪري آئِيا.

 

وائي

 

(1)

ڪا هِينئين سين لاءِ، ڀوري ڪا هينئين سين لاءِ.

تَنبائي تاڪِيدَ سين، جَنِ پِڃايو پاءِ،

ڀوري ڪا هِينئين سين لاءِ.

لَسِي تَندُ، لَطِيفُ چَئي، هَلي تَنِ هَٿاءِ،

ڀوري ڪا هِينئين سين لاءِ.

پُهيون تُنهِنجيُون جهرڪن جهورِيُون، ٻِيُون اُڏايُون واءِ،

ڀوري ڪا هِينئين سين لاءِ.

اَرٽَ پاسي اوجهرِين، توکي سُمَهَڻَ آيو ساءِ،

ڀوري ڪا هِينئين سين لاءِ.

 

وائي

 

(2)

آئُون جا ويندَڙي پارِ پِرِينِ جي، مُون کي آيَلِ جهَلَ مَ پاءِ،

جهَلُون پَلُون پائيين، پاڻا مَت نَه  اَڇئِين ڪاءِ،

آئُون جا ويندَڙي پارِ پِريَنِ جي.

وِيو ٻاروچو نِڪري، سُور چَکايُم ساءِ،

آئُون جا ويندَڙي پارِ پِريَنِ جي.

مُنهنجا ڪَم ڪَرِيمِ تي، ريبي مُون مَ رَهاءِ،

آئُون جا ويندَڙي پارِ پِريَنِ جي.

ويئِيُون ڪِنهن وِڳَهه تَڙ، ڀيڙا ڀَڃِي ماءِ،

آئُون جا ويندَڙي پارِ پِريَنِ جي.

آتَڻَ مَٿي اُسري، آيَسِ اُنِين لاءِ،

آئُون جا ويندَڙي پارِ پِريَنِ جي.

جَنِين سُورُ سَرِيرَ ۾، تِنَئان هِتِ نَه ڪاءِ،

آئُون جا ويندَڙي پارِ پِريَنِ جي.

جِتِ سَرِتيُون ڪَنديَئِي سَڏُ، سِڪَندِيئَن سِينگارَ کي.

 

¯

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com