سيڪشن؛لطيفيات

شاهه عبداللطيف جو رسالو

سُر آسا

صفحو :6

 

 

 

تڏهن ڦڪهَڏِهِين ڪونهي ’هيءُ‘، ’هُو‘ پُڻ ڪِينهين هِن ري.

سُر آسا

 

داستان پهريون

 

(1)

لُڇان ٿِي لاحَدَ ۾، هادي لَهان نَه حَد،

سُپيريان جي سُونَهن جو، نَه ڪو قَدُ نَه مَد،

هِتِ سِڪَڻُ بي عَدد، هُتِ پِريَن پَروا ناهِ ڪو.

 

(2)

”آءٌ“ سين اُنَ پارِ، ڪَڏهِن تان ڪونَه پِيو،

”اِنّ اَللهَ وِتَريُّحِبُّ الوِترِ“، نيئِي ٻِيائِي ٻارِ،

هيڪَڙائِيءَ وَٽِ هارِ، هَنجُون جي ’هُئَڻ‘ جُون.

 

(3)

ٻَنِ ٻِيائِي سُپِرِين، پاڻان مُون کي پَلِ،

”آءٌ“ اورِيان جهَلِ، توکي رَسي ”تُون“ ڌَڻِي.

 

(4)

توکي رَسي ”تُون“ ڌَڻِي، سَڀوئِي جَمالُ،

ڪونهي ٻِيو خِيالُ، جي شارِڪَ شَڪَ وِڃائيين.

 

(5)

”آءٌ“ اورِيان جهَلّ تُون، ڇَڏِيَمِ پاڻُ پَچارَ،

شِرِڪَ ساڻ سَتارَ، گهَڻان گهارِيمِ ڏينهَڙا.

 

(6)

عَينَ شِرڪُ اِيءُ، جِئن بِي شِرڪُ ڀانئين پاڻَ کي،

وِڃائي وَجُودَ کي، پاڻان پاسي ٿِيءُ،

هَڏِهِين ڪونهي ’هيءُ‘، ’هُو‘ پُڻ ڪِينهين هِن ري.

 

(7)

هُو پُڻ ڪِينهين هِن ري، هِي نَه هُنِهان ڌارَ،

”اَلاِنسَان سِرِيّ وَ اَنا سِرُّهُ“، پَروڙِج پَچارَ،

ڪَندا وِيا تَنوارَ، عالَمِ عارِفَ اِهڙي.

 

(8)

نَڪا اِبتَدا عَبدَ جي، نَڪا اِنتَها،

جَنِ سُڃاتو سُپِرِين، سي وَڃَڻَ کي وِيا.

 

(9)

”اَنا عَبدُ“، مَعبُودُ تُون، اِت نَه ڪو شِرڪُ نَه شَڪُّ،

پَچاروُن پِرِينِ جُون، مَحَبَتِين مَرَڪ،

سو سَڀوئِي حَق، جِنهن ۾ پَسَڻ پِرِينءَ کي.

 

(10)

سِرُ نايو سَجدا ڪَرِين، تَنَ تَواضُعُ تو نَه،

هُو جو مَڻڪو مَنَ جو، سَهجان سارِين سو نَه،

ڪُوڙا ٿِيندُءِ ڪونَه، ڌوڻِئين ڦُوڪئي فائِدو.

 

(11)

جان جان پَسين پاڻَ کي، تان تان ناهِ نِمازَ،

سَڀ وِڃائي سازَ، تِهان پوءِ تَڪبِير چَئو.

 

(12)

جان جان پَسين پاڻَ کي، تان تان ناهِ سُجُودُ،

وِڃائي وُجُودُ، تِهان پوءِ تَڪِبِير چَئو.

 

(13)

وردَ وَظِيفا وِسَرِيا، نَه ڪا رَهِي نِمازَ،

هِينئڙو بَحريءَ بازَ، چوري ڪِيو چَنبَنِ ۾.

 

(14)

نابُوديءَ نيئي، عَبدُ کي اَعليٰ ڪِيو،

مُورتَ جي مَخفِي ٿِيا، صُورَتَ پُڻ سيئِي،

ڪِبي اُتِ ڪيهِي، ڳالهه پِريان جي ڳُجهه جِي.

 

(15)

تَعظِيما تَرَڪُ ٿِيا، واجهاڻِيان وِيا،

وَڃِي تِتِ پِيا، جِتِ نِهايَتَ ناهِ ڪا.

 

(16)

ڳالهِه پِريان جي ڳُجههَ جي، ڳالِهه مِڙيائي ڳُجههَ،

هِينئڙا اُجهه مَ مُنجههُ، تَه پِرِينَئان پَري نَه ٿِئين.

 

(17)

صُورَتَ سوجِهه مَ تِنهن جي، تُون پُڻ پُڇين جو،

سُخنُ آهي سو، جو مُنهن مُقابِلِ نه ٿِئي.

 

(18)

سُڃاپي نَه صُورَتَ ري، صُورَتَ هَڏِ مَ سوجههِ،

ٿِي ٻاراڻي ٻوجِهه، وِڃائي وُجُودَ کي.

 

(19)

سي فانِي ٿِيا ”فِي الله“ ۾، جَنِ وِڃايو وُجُودُ،

نَه تَنِ قِيامَ نَه قاعِدو، نَڪِين ڪَنِ سُجُودُ،

جيلانَهن ٿِيا نابُودُ، تيلانَهن رَسِيا بُودَ کي.

 

وائي

پِرِيَنِئون پوءِ، موٽِي، موٽي مَ وِهامي راتِ،

راهَ رَمَندَڙي روءِ.

ڦوڙائو فَقِير کي قادِرَ ڪوهُ ڏِنوءِ؟

راهَ رَمَندَڙي روءِ.

چَڙهِيا ڏاڍين ڏُونگَرين، سيڻَنِ سانگُ نَه ڪوءِ،

راهَ رَمَندَڙي روءِ.

اَچِي اورانهُون ٿِئي، شالَ ساجَنِ سانگَ سَندوءِ،

راهَ رَمَندَڙي روءِ.

ويٺي واٽَ نِهارِيان، مَنَ پِرِينِ ٻاجهه پوءِ،

راهَ رَمَندَڙي روءِ.

 

 

داستان ٻيو

 

(1)

اُڀَرَندي سِڄ، پِرِين جي نَه پَسَندِيُون،

ڪَڍِي ٻيئِي ڏِج، اَکَڙِيُون ڪانگَنِ کي.

 

(2)

اُڀَرَندي سِڄَ سان، پِرِين جي نَه پَسَندِيُون،

ڪَڍِي کي ڪانگان، نِوالا نيڻَ ڏِيان.

 

(3)

مُون کي اَکَڙِيَنِ، وَڏا ٿورا لائِيا،

تَه پُڻ پِرِين پَسَنِ، کَڻان جي کَرَ سامُهِيُون.

 

(4)

نيرانان ئِي نيڻَ، نيئِي اَڇِ پِريَنِ کي،

سَتَر کاڌا کيڻَ، جي ڏِٺو مُنهن مَحبُوبَ جو.

 

(5)

تَنِ نيڻَنِ ڪِي نيرانِ، جَنِ ساجهُرِ سَڄَڻَ ڀيٽِيا،

تَه جِيءُ جُسي ۽ جانِ، ڪَرِ حَضُوري حَجُّ ڪِيو.

 

(6)

اَکِيُون عَليٰ الصباح، دوسِتُ ديکَڻَ آئِيُون،

اُڀينديون آرِداسَ ۾، ٻِي نَه ڪَندِيُون ڪا،

رَچَندِيون ري پاهَ، پَرچَندِيُون پِرِيَنِ سين.

 

(7)

ڪِي جو ڪيڏانهِين، اَکِيُون ڏِسِي آئِيُون،

تاڻِينِ تيڏانهِين، پييُون پاڻَ مُهاڙِيُون.

 

(8)

ڪِي جو ڪَنهِين پارِ، اَکِيُون ڏسِي آئِيُون،

ٿِيُن ديوانيُون دِل ۾، اَپَرَ لَڳِينِ آرِ،

تِهان پوءِ قَرارِ، سُتيون ڪِن سَيّدُ چَئي.

 

(9)

ڪِي جو وَڃِي اَڄُ، اَکِيُون ڏسِي آئِيُون،

سيڻن جي سَهڄَ، لالُون ڪِيُون لَطِيفُ چَئي.

 

(10)

ڪِي جو وَڃِي ڪالههَ، اَکِيُون، ڏسِي آئِيُون،

لالُون ڪِيُون لَطِيفُ چَئي، جانِبَ جي جَمالَ،

ٿِيا نيڻَ نِهال، جِنِين دِلبَرُ ديکِيو.

 

(11)

اَکين کي آهينِ، عَجَبَ جِهڙيُون عادَتُون،

سُورَ پرائي ڏيهه جا، وَڃِيو وِهائِين،

اُتي لَنئُون لائِينِ، جِتِ حاجَتَ ناهِ هَٿِيارَ جي.

 

(12)

اَکَڙِين آرام، ڪڏَهِن تان ڪونَه ڪِيو،

هُيون مَنجهِه حَمام، کاڻِيُون کُوري وِچَ ۾.

 

(13)

اَکِينَ کي آئُون، جان ڪي جهَلوُن پائِيان،

لَتاڙي لوڪَ کي، ساڄَنَ سوٺائُون،

مُون کي مُٺائُون، پاڻ پَرچِي آئِيُون.

 

(14)

اَکِينِ کي آهِينِ، وَڏا وَجههَ وِڙَهَڻ جا،

مَنڊي اُڀِيُون مامَرو، جهيڙو نَه لاهِينِ،

جِئن سي ڪَڪَرَ اُڀَ ۾، اَکِيُون تِئن آهِينِ،

جهُڙِ ڦُڙِ نَه لاهِينِ، وَسَنِ سانوَڻَ مِينَهن جِئن.

 

(15)

اَکِيُون تان عِيدَ، ڪانهي عِيدَ اَکِيَنِ ري،

خُوشِي ۽ خَرِيدَ، ويئِي ويچارِيُنِ وِسَري.

 

(16)

اَکَڙِيُنِ آرو، مُونهان ڀُڇِي نَه ڪِيو،

اُتي وَڃِي آڙِيُون، جِتِ چَوَڻ نَه چارو،

هِينئڙو ويچارو، واٽُون جهَلِيو وِجهُلي.

 

(17)

وَسَنِ ۽ وِهسَنِ، ڏيهاڻِي ڏِسَڻَ لَئي،

جِئن جِئن پِرِين پَسَنِ، تِئن تِئن نَشا نِينهَن جا.

 

(18)

وَسَنِ ۽ وِهسَنِ، ڏِيهاڻِي ڏِسَڻَ لَئي،

ڏيئي ڏِسِي آئِيُون، توءِ تَلاشُون ڪَنِ،

ڍايُون نَه ڍاپَنِ، پَسَڻَ مَنجهان پِرِينَ جي.

 

(19)

ڏِسَنِ ڏِيهاڻِي، توءِ تَرسَنِ اوڏَهِينِ،

آيا سُڃاڻِي، نيڻَ نِهاري پِرِين کي.

 

(20)

لَڏي آيا لَعلَ، پيرَنِ سين پَنڌُ ڪَري،

ساڄَن اَکِيُون جي کَڻِي، تَه ڪوڙين ڀانيان ڀالَ،

مُنهِنجي ناهِ مَجالَ، تَه ڪو ويڻُ وَرائي وارِيان.

 

(21)

اُتي ئي آهِينِ، جِتي آڻِي ڇَڏِيَئِي،

سي سَٻاجهُون اَکِيُون، ماڳُ نَه مَٽائِين،

جي اُتي لِکَ لاهِينِ، تَه ڪَڍي ڪانگَنِ کي ڏِيان.

 

(22)

اَکَڙِيُون پِرِيَنِ ري، جيڪِي ٻِيو پَسَنِ،

تَه ڪَڍي کي ڪانگنَ، نِوالا نيڻَ ڏِيان.

 

(23)

اُڀِيُون آهِينِ اُتِ، جِتي آڻي ڇَڏِيَئِي،

ٻِيو ڀَروَسو نَه ڀِتِ، اَکِيُون اوهان جي آسَري.

 

(24)

اَک اُلِٽي ڌارِ، وان اُلٽو عامَ سين،

جي لَهِوارو لوڪُ وَهي، تَه تُون اُوچو وَهُ اُوڀارِ،

مَنجهان نُوچَ نِهارِ، وان پُٺِيرو پِرِينءَ ڏي.

 

(25)

تان جي ٿِيَنِ سامُهان، پُٺِيرا سُونهَنِ،

سَنئون وَرائي سُپِرِين، مُنهَن جي مان ڏي ڪَنّ،

رَڳُون سڀَ رَچَنِ، تَنِ ۾ تازائِي ٿِئي.

 

(26)

اَکِيُون سي ئِي ڌارِ، جَنِ سين پَسين پِرِينءَ کي،

ٻِئي ڏانهن ڪِيمَ نِهارِ، گَهڻُو رِيسارا سُپِرِين.

 

(27)

اَکِيَنِ مُون کي اوچِتو، اُتي اَڙايو،

لَنئُون تِتِ لَڙايو، جِتِ ڪُڇَڻُ ٿِئي ڪونڪو.

 

وائي

اي مِيان سَڄَڻَ، توري اوري، ڪِئن رَهَندا نيڻَ مُنهِينجا،

جَنِ جو وارِثَ تُون، جَنِ جو آڌرُ تُون.

آئُون ٿِيَس لائِقَ ڀُون.

جِئان اُلهي اُڀَري، توڻي تِهان پَري.

توءِ وَڃجي تَنِ ڏي، اَکيُون پيرَ ڪَري.

 

 

داستان ٽيون

 

(1)

موهِيندُءِ مَجازُ، گهَڻين ٿورين ڏِينهڙين،

هَٿان ڇَڏِ مَ بازُ، تُون هارِيا حَقِيقَتِ جو.

 

(2)

هي جي مَجازِياڻِيُون مُنهَن ۾، ديکَ مَ تُون سين تَنِ،

ڪِين سُڃاتو سُپِرِين، نِهاري نيڻَنِ،

پِرِين جي پَسَنِ، ٻَئِي جنهن ٻوٽِيُون.

 

(3)

ساهَ سين سُڃاڻان، پَساهَ سين پَسان پِرِين،

اِهي ٻه ٽاڻان، اَچِي رَهِيا رُوحَ ۾.

 

(4)

مُون کي ماءِ مَجازَ، پِيڃاري جِئن پِڃِيو،

هَٿَنِ ڇَڏي هاجَ، ويئِي سارَ سَنڌَنِ مان.

 

(5)

منهِنجي جان جُدا ڪَئِي، حقِيقَتَ هَڻِي،

پَساهُ هيڪُ پِرِيَنِ ري، سَگهان ڪِينَ کَڻِي،

ڌَڻِي ئِي ڌَڻِي، رَهِيو آهي رُوحَ ۾.

 

(6)

حَقِيقَتَ هِنَ حالَ جِي، جي ظاهِرُ ڪَرِيان ذَري،

تَه وَڃَنِ وَڻَ ٻَري، اوڀَڙُ اُڀڙي ڪونهَ ڪو.

 

(7)

حَقِقَتَ هِنَ حالَ جِي، جي ظاهِرُ ڪَري زُبانَ،

تَه ٽاڪَرِ ٽِڪي ڪانَ، لَڳي ماٺِ مِرُنِ کي.

 

(8)

سَنئين سوُنهائي سَڀَڪا، ڪا مُون مُنجهائي،

طَلَبَ ۽ تَحصِيلَ، اورِيان ئِي آئِي،

مان تَندُ تِتِ لائِي، جِتِ آهِ نه ناهِ ڪا.

 

(9)

جِتِ آهِ نه ناهِ ڪا، اِي خاڪِيءَ جو خِيالُ،

جانِبَ جو جَمالَ، پَسَڻان ئِي پَري ٿِيو.

 

(10)

جِتِ آهِ نه ناهِ ڪا، اِي خيالُ خاڪِي،

پِرِيَنِ جِي پاڪِي، پَسَڻان ئِي پَري ٿِئي.

 

(11)

پِرِين نَه اَکَڙِيَنِ ۾، هِينئُون نَه حاضُر جَن،

سي هُونهين جاڙَ جِيَنِ، ٺَلها ٺاٺا سَکِڻا.

 

(12)

اَکِيَنِ ۾ ٿِي ويههَ، تَه آئُون واري ڍَڪِيان،

توکي ڏِسي نَه ڏيههُ، آئُون نَه پَسان ڪِي ٻِيو.

 

(13)

وَنِيُنِ ۾ ٿِي ويههُ، تارَنِ ۾ ڪَر تَڪِيو،

پِرِين اَکِيَنِ ۾ پيههُ، تَه آئُون اَڇارو ٿِيان.

 

(14)

سِڪَ سِڪائي سِڪُ، سِڪَ نه آهي سُٿِري،

لِڪَ لِڪوٽي لِڪُ، ته کَرَنِ خَبَرَ نه ٿِئي.

 

(15)

جي خَبَرَ ٿِي کَرَنِ کي، تَه مُون کي ڪَندا ڪوهُ،

صُورَتَ سُپِريَنِ جي، ڏِٺِي ڪونِهي ڏوهُ،

لوريءَ لَڳُمِ لوهُ، جَنِهين رَتُ رُئارِيو.

 

(16)

کَرَ جا کَڏَ کَنئِي، پَوَڻِ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي،

تِنهن ۾ پاڻِ پَئِي، غِيبَتِي غارُ ٿِيو.

 

(17)

اَلا! کَرَ جِيَنِ، مَدي جَنِ جي مَنَ ۾،

اسان ۽ پِرِيَنِ جُون اُميدُون پَسَنِ،

تِهان پوءِ مَرَنِ، سَڙي انهيءَ سُورَ ۾.

 

(18)

کَرُ کارِيندو سي، ماٺو جَنِ پِرِيتَڻو،

جوشَ جَلايا جي، ماري تَنِ ماتُ ڪِيو.

 

(19)

کَرُ کي کَپُرُ کاءِ، نانگُ مَڻِيارو نِڪَري،

اُڀِي جو اوناءِ، سُر پُر سَندي سَڄَڻين.

 

(20)

کَرَ ٿو کَرايُون ڪَرِين، هَرَ هَرَ هَچارا،

پُورايَئِي پِرِيَنِ جا، چوڌاري چارا،

مَرين نَه مُنهَن ڪارا، سَڙي اِنهِيءَ سُورَ ۾؟

 

(21)

سَڄَڻَ سَنِئيُون ڪَنِ، لوڪان ليکي ڏِنگِيُون،

سَندي سُپرِيَنِ، پَرِ پَرُوڙَڻُ ڏاکِڙو.

 

(22)

نَڪو ڊيگههُ نَه ويلَ، نَڪو مُنهُن نَه مُهاڙِ ڪا،

اِيُ اِهوئي کيلُ، ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَ ڪِي.

 

(23)

حوصِلو حَيرتُ جو، ڪَري ڪِينَ دَرَڪُ،

جو حُسَنَ سَندو حَقُ، ڪُورُ پَروڙي ڪِينَ ڪِي.

 

(24)

حوصِلو حَيرَتَ جو، وَڃِي ٿِيو ويڇُون،

مَحَبَتَ جُون ميڇُون، ڪُورُ پَروڙِي ڪِينَ ڪِي.

 

 (25)

حوصِلو حِيرَتَ جو، آهِ نَه مَٿي عامَ،

مَحَبَتَ سَندي مامَ، ڪُورُ پَروڙي ڪِينَ ڪي.

 

(26)

حوصِلو حَيرَتَ ۾، وَڃِي لَڄاڻُو،

ويچارو ڪاڻو، ڏِسِي ٿِيو ڏِسَڻَ کي.

 

(27)

مُئي هاٿِيءَ سين مامَرو، اَچِي پِيو اَنڌَنِ،

مَناڙِينِ هَٿَنِ سين، اَکِيين ڪِينَ پَسَنِ،

’فِي الحَقِيقَتَ‘ فِيلَ کي، سَڄا سُڃاڻَنِ،

سَندي سَردارَنِ، بَصِيرَتَ بِينا ڪَري.

 

وائي

وَجہَ مَنجههِ خَلِيلُ، اَندَرِ آذَرُ آهِيين.

سَڌَ مَ ڪَرِ صِحَتَ جِي، اَڃا تُون عَلِيلُ،

نالو ناهِ نِفاقَ جو، جِتي رَبُّ جَلِيلُ،

مُنهَن ۾ مُسلِمانُ تُون، قَلبُ تان قَلِيلُ،

وِترَ جي وِصَالَ ۾، دُوئِي ناهِ دَلِيلُ.

 

وائي

(2)

اَلله سائِين! سائِين! پُئان پِرِينَئَوُن مَ پانهيِن،

مُون تان آسَرو آهِ اوڏانهينِ.

جِتي ديرو دوسِتَ جو، سا ڪِئن جُوءِ اَڳانهِين،

مُون تان آسَرو آهِ اوڏانهينِ.

قَلَمُ جَنِ جي هَٿَ ۾، سي سيڻَ سَٻاجها سائينِ،

مُون تان آسَرو آهِ اوڏانهينِ.

بَنديءَ جي بابَ ۾ شالَ مَ لِکَنِ لانئِين،

مُون تان آسَرو آهِ اوڏانهينِ.

 

 

داستان چوٿون

 

(1)

ديکِيندي دِيدارَ کي، ڪِينَ سُڃاتو ڪُلّ،

تازي طَوِيلَنِ ۾، آهِ اِحاطو جُهلّ،

هُئا جي اَمُلّ، سي حِسابان هَڄِي وِيا.

 

(2)

مَحرُومَ مَري وِيا، ماهِرَ ٿِي نهَ مُئا،

ڇِڙيءَ جِئن چُهِنجَ ڀَري، لَڏِيائُون لُئا،

حُبابَ ئِي هُئا، اُنِهيءَ واديءَ وِچَ ۾.

 

(3)

ديکِيندي دِيدارَ کي، ڪُلُّ سُڃائي ڪِئن،

جانِبَ مَنجهان جِئن، ماهِر ئِي مُنجهِي پِيا.

 

(4)

تَرڪُ ڪَرِ تَرڪَ کي، وَڃَڻَ ڪَنان وَڃُ،

آهي اِي اُهڃُ، سُڻِي سُڻائيجِ تُون.

 

(5)

وَڃِي رَسُ وَڃَڻَ کي، وَڃَڻَ پُڻِ وِڃاءِ،

لوڪان پاڻُ لِڪاءِ، لِڪِئان پُڻِ لِڪيج تُون.

 

(6)

هَٿَنِ سين هاجَ ڪَرِ، نيڻَنِ سين نِهارِ،

اُڀا اَڱَڻَ پارِ، پَسُ پَنهنجا سُپِرِينِ.

 

(7)

اَسين سِڪَهُون جَنِ کي، آسِين پُڻ سيئي،

’لَم يَلِد وَلَم يُولَد‘، اوڏانهن وَڃُ پيهِي،

تِهانَ مَنجهيئي، پارِکَ پَرِکج حَقُّ کي.

 

(8)

چُپ ڪَرِ، چَپُ مَ چورِ، پُورِ اَکِيُون، ڍَڪِ ڪَنَ،

پاڻِي پِي پيٽُ مَ ڀَرِ، رَهُ اَڌورو اَن،

تَه هوءَ جا مُورَتَ مَنجهاران مَنّ، تِنهن جو مُشاهِدو ماڻِئين.

 

(9)

ڏِسَڻُ ڏِسين جي، تَه هَمَہ کي حَقُّ چَئِين،

شارِڪَ شَڪُ مَ ني، اَنڌا انهِيءَ ڳالههِ ۾.

 

(10)

آڏو جو اِثباتَ کي، سو شرڪُ لاهي شَڪُ،

هُئي جِنهن ۾ حَقُّ، تِنهِن نفيءَ جِهڙو ناهِ ڪِي.

 

(11)

نَفِيءَ سَندي ناهِ سين، پُڇِي پُڇِيائُون،

ڀِڙا جي ڀائڻ جا، ڀيري ڀَڳائُون،

اَسِين ۽ آئُون، آتَڻِ هُئي نه اُن جي.

 

(12)

وَڏي تان اِنَ واٽَ ۾، ٻيلَپَ ٻِيائي،

آهي اونداهِيءَ جو، شِرڪُ سَهائِي،

چِٽِي چِٽائِي، اَلِفَ جي عَينَڪَ ۾.

 

(13)

اِنَ پَر نَه اِيمانُ، جِئن ڪَلِمي گو ڪوٺائيين،

دَغا تُنهنجِي دلِ ۾، شِرڪُ ۽ شَيطانُ،

مُنهن ۾ مُسلِمانُ، اَندَرِ آذَرُ آهِيين.

 

(14)

ڪوُڙو تُون ڪُفَرَ سين، ڪافِرُ مَ ڪُوٺاءِ،

هِندُو هَڏِ نَه آهِيين، جَڻِيو تو نَه جُڳاءِ،

تِلڪُ تِنِين کي لاءِ، سَچا جِي شِرڪَ سين.

 

(15)

مُنهن ۾ مُوسيٰ جِهڙو، اَندَرَ ۾ اِبلِيسُ،

اِهڙو خامُ خَبِيثُ، ڪَڍي ڪوهُ نَه ڇَڏِئين؟

 

(16)

مُنهن ته موسيٰ جِهڙو، سِيرَتَ شَيطانِي،

بازي بيرانِي، ڪَڍي ڪوهُ نَه ڇَڏِئين؟

 

(17)

مُنهُن تَه آهِيريانِئي اُجَرو، قَلَب ۾ ڪارو،

ٻَهران زيبُ زبانَ سين، دِل ۾ هَچارو،

اِنَ پَر ويچارو، ويجهو ناهِ وِصالَ سين.

 

(18)

تُون ڪا ڪانِي پاءِ، وَنِنِ ۾ وِصالَ جِي،

دُو بِينائِي دُورِ ڪَري، مَعرِفَتَ مَلهاءِ،

سُپيرِيان جي سُونهَنِ ۾، رُخنُون ڪونَه رِهاءِ،

اَکِ اَشَهَدَ چاءِ، ته مُسلِمانِي ماڻِئين.

 

(19)

اِينءَ چَوَندي ڪيرَ، تَه آئُون ساڃاري سَڄَڻين،

دائِمُ اِن ديار جا، ڦِرَندا پَسان ڦيرَ،

جَنِ حُضُوري هيرَ، ڪَري تَغيري تَنِ سين.

 

(20)

مُون، تون، آئُون، اَسِين، چارَئِي چِتان لاهِ،

سَندي دوزَخَ باهِ، تو اوڏِيائي نَه اَچي.

 

(21)

سُرَمُون سِياهيءَ جو، رَنُنِ کي رِهاءِ،

ڪانِي ڪارائِيءَ جِي، مُڙسُ ٿِي مَ پاءِ،

اَکِيَنِ ۾ اَٽڪاءِ، لالائِي لَالَنَ جِي.

 

(22)

سُرمُون سُفيديءَ جو، جُنبِي پاتو جَنِ،

تَڏِهن ڏِٺِي تَنِ، اَڇائِي عالَم ۾.

 

(23)

سُرمُون سُرخِيءَ جو، جَڏِهن پاتو جَنِ،

تَڏهِن ڏِٺِي تَنِ، رَونَقَ ريٽي جيهَڙي.

 

(24)

جي فارِسِي سِکِيو گولو، توءِ غُلامُ،

جو ٻَڌو ٻِنِ ڳالهِيين، سو ڪِيئن چائي ڄامُ؟

اُڃِيو تان آبُ گهُري، بُکِيو تان طَعامُ،

اِي عامَنِ سَندو عامُ، خاصَنِ مَنجهان نَه ٿِيو.

 

(25)

اَوڳُڻِ رُسي سَڀڪو، ڳُڻين پِرِين رُٺام،

ليکِيَمِ جي لِسَان سين، سي ڪَر ڪِينَ ڪِيام،

پاڻُ وِڃائي پانهنجا، ٿورا ٿُڪَ هَنيام،

بَندگِيءَ شَرمندگِيءَ، اِها ميڙَ مُڪِيام،

پِرِين تَڏِ پَرچِيام، ’آءٌ‘ جَڏِ اُٺِ ڳَئِي.

 

(26)

اَوَڳُڻِ رُسِي سَڀَڪو، ڳُڻين پِرِين رُٺام،

ٻَهُون ٻاروتَنِ ۾، ڪي ڪَبِيرا ڪِيامِ،

تيلانِهين سَرِيام، سُکَنِئون سُورَ گهَڻا.

 

(27)

اَلتِيمِ جا هِينئان، سا نَه سَلتِيَمِ ساهَ کي،

سُپيرِيان جِي ڳالهِڙي، لِڪايَمِ لوڪان،

ويئِي مُون وَسان، پَڌَرِ پيئي پِرِينءَ ري.

 

(28)

مُون تان لِڪائِي گهَڻُون، پَر رُوئَڻَ ڪِي روشَنُّ،

رَسِيو ريزالَنِ کي، مَنجهان زَرديءَ ظَنُّ،

ويري مُون وَرَنُ، ڳالِهه ڪِيائِين ڳُجَهه جِي.

 

(29)

عاشِقُ ڀانئِين اِئَن، تَه آءٌ سِڪَ ڪِنهن کي نَه سَلان،

وِچِ رَهَندي ڪِئن، وَهَنِ اَکِيُون وِرِڄِي هِينئُون.

 

(30)

مَتِيُون سَڀ مُنجهاءِ، تُون پاڻُ ڇَڏِي اُو ڄاڻُ،

پِهرِين پاڻُ ڦِٽو ڪَري، پِرِين پوءِ پَڇاڻُ،

وِڃاءِ وَحدَتَ ساڻُ، ڪَسافَتَ ڪَثرَت جِي.

 

(31)

اَندَرِ رَهي نَه گهَٽ، سُپِيرِيان جِي ڳالهَڙي،

ڇاڳَر سَهي نَه سَٽَ، جُهه مِهراڻَ موجَ ڪِي.

 

(32)

’پاڻُ‘ پَردو پاڻَ کي، سُڻِي ڪَر سَنڀالَ،

وِچان جو وِصالَ، سو تان هُئڻُ هِنُ جو.

 

(33)

’پاڻُ‘ پَردو پاڻَ کي، طالِبَ سُڻِجِ تُون،

نَڪا هان نَه هُون، پَردا سَڀِ پاسي ٿِيا.

 

(34)

’مُون‘ مُونِهين ۾ سَپَجِي، مُون کي ’مُون‘ جُڳاءِ،

مُونهِين مَنجهان ’مُون‘ ٿِئي، مُونهِين جِي ساڃاءِ،

ڪُڇَڻَ ڪانهي جاءِ، ڪيڏانهن ڪَرِيان پَنَڌَڙو.

 

(35)

اُنهين اِئَن جُڳاءِ، آن کي اِئَن نَه چُوئَڻوُ،

بُنَ جِنهن جِيءَ ذاتِ جو، اُتي آهِ اللهَ،

تُههِ نَه پَچي ماهُ، گُنديءَ نِينهُن نَه سَپَجِي.

 

(36)

نَظَرُ نَزِديڪونِ، سَهِي نَه َسَگهان ساعَتَ سِيئن،

پَسَڻُ پَري سَندونِ، آئُون نالي ڳِيَڙي نِجهُران.

 

(37)

عِلّتِي آرامُ، پَسِي عِلّتَ آئِيو،

حُسُنُ جو حَقُّ جو، سو خامِي ڀانيئِي خامَ،

اَچِي ٿِيا اِسلامُ، ڪُفر ڪافُر پاڻَ ۾.

 

(38)

رُٺي جا رِهاڻِ، سا پِيءَ پَهتِي نَه ٿِئي،

ڪِنهن کَرَ وِجهِي ڪاڻِ، پاڻان نِينهُن نِکيرئو.

 

(39)

رُسَڻ نَه آهي رِيتِ، پَهڻين پاهَتُ ناهِ ڪو،

پَسو مَنجهِه پِرِيتِ، جيهائِي جوڙَ وهي.

 

(40)

مُون کي مُون پِرِيَنِّ، ٻَڌي وِڌو تارِ ۾،

اُڀا اِيئن چَوَنِّ، مَڇُڻِ پاندُ پُسائِين.

 

 

(41)

پِيو جو پاتارِ، سو پُسَڻان ڪِئن پالهو رَهي؟

سالِڪَ مُون سيکارِ، ڪو پَہُ اِنَهِينءَ پاندَ جو.

 

(42)

شَرِيعَتَ سُڃاڻُ، ڪَر طَرِيقَتَ تَڪِيو،

هِينئون حَقِيقَتَ هيرِ تُون، ماڳُ مَعرِفَتَ ڄاڻُ،

هُئِج ثابُوتِيءَ ساڻُ، تَه پُسَڻَ کان پالهو رَهين.

 

(43)

ڪُوڙي ڪِجُ مَ ڪَڏِهِين، ڦِڪِي ڀانئجِ ڦانگَ،

ساري سَناسِيَنِ جئن، لائِقَ رَکِجِ لاَنگَ،

تَه چارَئِي چادَر پاندَ، اوسا کڻِي اُڪَرين.

 

(44)

سُتوئِي سيجَ گهُرين، جَفا ڏِيين نَه جانِ،

صُلحَ ري سيڻانِ، مَتان نُونڌين نَه چَڙهين.

 

(45)

سُتوئِي سيجُ گهُرين، جَفا ڏِيين نَه جِيءَ،

پَهتي ڌاران پِيءَ، مَڇُڻ نُونڌين نَه چڙهين.

 

(46)

صُلحُ جَنِ سَڄَڻَ سين، سيجَ ماڻِيندا سي،

’اَلذِينَ آمَنُوا وَ ڪَانُوا يَّتقُونَ‘، اِنَ پَر اُڀا جي،

نيئِي نُونڌَنِ تي، ڏِکي چِٽي چاڙِهِيا.

 

(47)

جي ٿِيا حَلُّ حَبِيبَ سين، سُمَهَڻُ تَنِ ثَوابُ،

نيڻَ هيرائي نِنڊَ سين، خُوش ڪِيائُون خَوابُ،

اوسِيڙو عَذابُ، دِلِئان تَنِين دُورِ ٿِيو.

 

(48)

تَنُ تَسبِيحَ مَنُ مَڻِيُون، دِل دَنبورو جَنِ،

تَندُون جي طَلَبَ جُون، وَحدَتَ سِرِ وَڄَنِ،

’وَحدَه لَاشَرِيڪَ لَہ‘ اِهو راڳُ رَڳُنِ،

سي سُتائي سُونهَنِ، نِنڊَ عِبادَتَ اُنِ جي.

 

وائي

(1)

جيڏِيُون آئُون ڪا پاڻ وَهِيڻِي آهِيان،

ڪا مُون سارَ لَهيجا.

واڳُون ڌَڻِيَنِ هَٿَ ۾، ڪيڏانهن ڪَرَهَلُ ڪاهِيان،

ڪا مُون سارَ لَهيجا.

جيڏانهن وارِينَمِ سُپِرِين، پيرُ اوڏانهِين پائِيان،

ڪا مُون سارَ لَهيجا.

قَلمُ ڪاتِبَ هَٿَ ۾، آئُون ڪا لِکُ لِکِئي مان لاهِيان،

ڪا مُون سارَ لَهيجا.

 

وائي

(2)

ڪِي اُنهِين مَنجههِ آهي، هوءِ جي جهُونا پَسَجَنِ جهُوپَڙا،

انَ دَرِ سيئِي اَگِهيا، جَنِ کي ڪونَه چِتائي،

هوءِ جي جهُونا پَسَجَنِ جهُوپَڙا.

ڌارِيان ڀائِينِ ڌارِيُون، پاڻُ پِرِيان سين کائي،

هوءِ جي جهُونا پَسَجَنِ جهُوپَڙا.

’اِنّ اَولِيَائِي تَحَتَ قَبائِي‘، پَنهنجا پاڻِ پَراهي،

هوءِ جي جهُونا پَسَجَنِ جهُوپَڙا.

’لايَعرِفُونَهُم غَيرِي‘، پَرَ کي ڪِينَ پَسائي،

هوءِ جي جهُونا پَسَجَنِ جهُوپَڙا.

پَنهنجُون ڇَڏي پَٽَ ۾، رِڙُه اُنِين جي رائي،

هوءِ جي جهُونا پَسَجَنِ جهُوپَڙا.

خِدمَتَ ڪَري خُلقَ سين، پاندُ ڳِچِيءَ ۾ پائي،

هوءِ جي جهُونا پَسَجَنِ جهُوپَڙا.

 

 

¯ 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com