سيڪشن؛لطيفيات

شاهه عبداللطيف جو رسالو

سُر ديسي

صفحو :18

 

 

 

 

سُر ديسي

 

داستان پهريون

 

(1)

مُٺِيَسِ! جهَل مَهارَ، ڪُٺِيَس! ڪاهِ مَ ڪَرَهَو،

مُون نِماڻِيءَ جي نِجهُري، ڀيرو ڪِج ڀَتارَ،

ساجَن توهان ڌارَ، ڏِٺُمِ ڏِينهن قِيام جو.

 

(2)

ڏاگهَن، ڏيرَن، ڏُونگرن، ٽِنهين ڏِنُم ڏُک،

سي سَڀ ڀانَيمِ سُکَ، هيڪاند ڪارَڻ هوتَ جي.

 

(3)

ڏاگهَنِ، ڏيرَن، ڏُونگرن، ٽِنهين ڏُک ڏِنام،

لَڪَنِ لُوساٽِيو هِينئون، ڇِپُن پير ڇِنام،

رَندين رَتُ رُنام، پُرَندي پار پُنهونءَ جي.

 

(4)

ڏاگهَنِ، ڏيرن، ڏُونگرِن، ڏُکُنِ آئُون ڏَڌي،

پُڇان پيرُ پُنهونءَ جو، وِجهان وِکُ وَڌي،

لِکِئي آئُون لَڌي، تاتَ پَٽَنِ ڪيرَ پَنَڌَ ڪَري.

 

(5)

ڏاگهَا ڪِيَمَ ڏَرو، اَڃا آرياڻِي اڳي ٿِيو،

موڙي مَڃَرَ ٽارِيون، چانگا ٿا چَرو،

آن تان حَرَفُ هَرو، مُورائِين مَعافُ ٿِيو.

 

(6)

اَڱَڻَ مَٿي اوپِرا، جَڏهِن ڏاگها ڏِٺئي ڏِينهن،

وَٺِي سَڙَڪَ سَسُئِي، ويههُ وِهاڻِيءَ سِيئَن،

چوٽِي سين چانگَنِ کي، جَڙِ زنجيرَن جِيئن،

تَه هوتُ تُنهنجو هِينئَن، پُنهون نِيائُون نه پاڻَ سين.

 

(7)

اَڱَڻَ مَٿي اوپِرا، جَڏهِن ڏاگها ڏِينهن ڏِٺاءِ،

ڪُنجُون جي قُفلَنِ جِيُون، تان ڪِنهن لَلِ لِڪاءِ،

تَه سُڀاڻي سَندِياءِ، ٿِئي سارُوڻِي سَسُئِي.

 

(8)

اَڱَڻَ مَٿي اوپِرا، جَڏِهن ڏِٺئي اُٺ،

ڏايُئِي نَه ڏاگهَنِ کي، اوڳِي ساڻُ اَڳَٺَ،

تَه هُوندَ نَه تُنهنجي هَٺَ، سُورُ پِرايا سَسُئِي.

 

(9)

اَڱَڻَ مَٿي اوپِرا، جَڏِهن ڏِٺئي توڏا،

وَنڱِيُئي نَه وارَن سين، تَن گورَن جا گوڏا،

تَه لَڪَن جا لوڏا، هُوندَ نَه سَٺئي سَسُئِي.

 

(10)

ڏاگهِنئُون ڏيرَنِ، جي آندا ٻَردَ ڀَنَڀورَ ۾،

هَڻِي چيلَ چَرا ڪِيا، وَهِ پَئِي وَهُڙَنِ،

کُڙيءَ کَڙِڪو اُنِ جو، هُوندَ سُتي سو سَڀَنِ،

ڏاندَنِ ساڻ سَيّدُ چئي، پِيادِيُون پَهُچَنِ،

جَنِ جو پيرُ نَه لَڳو پَٽيين، تَنِ آيُمِ ساڻُ اُٺَنِ،

گُنگَن ۽ جُنگنِ، مُنڌَ اَسوُنهِين ميڙيين.

 

(11)

اَڳي اُٺُ رَڙَنِ، مُون ڀيري ماٺِ ٿِيي،

پَلاڻِيندي پاڻَ ۾، ڪُڇيو ڪِينَ ڪُٺَنِ،

ڪا جا مامَ مُٺَنِ، هِن پُڻِ هُئِي هُنِ سين.

 

(12)

ڇا جي ڏِنگا ڏيرَ، مُنهنجو ڏينهن ڏِنگو مَ ٿئي،

اُٺَنِ، اوٺِيَڙَنِ جي، ڇا وَهِيڻو ويرَ،

هِيءَ ڪَمِيڻِي ڪير، جا اَمُرَ کي آڏو اَچي.

 

(13)

ديسي سيڻَ ڪَجنِ، پَرَديسِي ڪِهڙا پِرِين،

لَڏِيو، لاڏُوُڻا ڪيو، پَنهنجي ديس وَڃَنِ،

پُڄاڻا پِرِينَ، ڪجي بَسِ ڀَنڀورَ کان.

 

(14)

ڌُرِيائِين ڌارِيان، مِٽَ مُئِيءَ جا نَه ٿِيا،

مَدي ڏيرَنِ مَنَ ۾، کِلِيو کِيڪارِيان،

صُبُحَ ٿِي سارِيان، تَه اُٺَ نَه اوطاقُنِ ۾.

 

(15)

اُٺَ مَ اوري آڻِ، ڏاگهَنِ ڏَڌي آهِيان،

هَڻِي هَٿُ هَيَنِ کي، پَري نِيئِي پَلاڻَ،

هوتُ مُنهنجو هاڻِ، پُنهُون نِيائُون پاڻَ سين.

 

(16)

جتا! شالَ جِيو! جِيو تان جاڙُون ڪَرِيو،

ٻانڀَڻِ کي ٻَروچ ري، ٻيلِي ناهِ ٻِيو،

ڇِنَڻُ تان نَه ٻِيو، هِي سَڱُ نَه ڇِنَڻَ جيهَڙو.

 

(17)

جَتَنِ جا جيلان، ٿِي ساٿَ پُڇائي سَسُئِي،

آيُسِ آريءَ ڄامَ جا، تَڙِ توڏا تيلان،

اُنِ کي ناڪِيليُون نَڪَنِ ۾، دُهرِيُون دَليلان،

سِرِ هَڻِيو سيلان، لايو نِينهن ننِڊون ڪَرِيين.

 

(18)

جَتَنِ ڪج جَتَنِ جو، آئِيا ڪي اِيندا،

وَٺِي پُنهون پانهِنجو، وَٽان تو وِيندا،

دَمُ نَه دَمِيندا، سِڌارِيندا ساڻيههَ ڏي.

 

(19)

جَتَ هَڏِهِين هُتِ، مُون هِتِ هِينئڙي ۾ حَلُ ٿِيا،

چَنگُلَ جَنين چوڦرا، راحَتَ تَنِ جِي رُتِ،

گَنگَن جِي گُپتِ، ڇيڙي وَڌِيَسِ ڇَپَرِين.

 

(20)

جَتَنِ وِڌِيسِ جارِ، نات هُيَسِ نِماڻِي نِڪڻِي،

ٿِيَڙا پاڻَ قَرار، مُون مَنُس گَڏي گُوندَرين.

 

(21)

جي ڄاڻان جَتَنِ، پوءِ پَٽاندَرُ هيترو،

آءٌ ڪيئن مُلا تَنِ، سَرَتِيُون سُورَ پِرائِيان.

 

(22)

هي جي آيا هيرَ، مُون اڳَ نَه ڏِٺا ڪَڏِهِين،

آئُون تَرَسان، هو تَڪِڙا، پَٽِ نَه لائِنِ پيرَ،

ڀَنڀولِيَسِ بَرَنِ ۾، پَسِي ڀِينڊيَنِ ڀيرَ،

آءٌ آرِياڻِي آسري، ٿِي واهَرَ جِي ويرَ،

هيءَ ڪَمِيڻي ڪيرَ، تُون پاريسَ رَسِج پَٻَ ۾.

 

(23)

جَتَنِ يارانُون، ڪيچِين مُون سين ڪونَه ڪِئو،

نالي سُيَسِ هوتَ جي، مَٿِم ٻارانون،

تيلاهِين طَعنون، ڏِيندا مُون ڏيرَ وِيا.

 

(24)

گورا وَڃَنِ گامَ، ڏيرَنِ سَندا ڏيههَ تي،

توڏَنِ جِيُون تَڙڀِيڙَ ۾، تريُون تِرڪَنِ تان مَ،

اوٺِيڙا آرام، لَنگهي پَٻُ پَري ٿِيا.

 

(25)

گَههَ سِرِ ٿِئي مَ گَسُ، پَڻِي پوءِ مَ پِرِينءَ تي،

جِنهن سِرِ ساجَنُ سُپِرِين، تِنهن اُٺَ مَ لَڳي اُسَ،

پُنهوُنءَ پاڪَ پُرِسَ! هوتَ نَه ڪجن هيڏِيُون.

 

(26)

اُس مَ لَڳي اوٺِيين، ليڙان لُڪَ مَ لَڳ،

الله! آرِيسچَنِ کي، ڪوسو واءُ مَ وَڳَ،

جَتَ جَجها ۾ جَڳَ، مُنهنجِي پِرت پُنهوُنءَ سين.

 

(27)

لَڏِيندي لِباسُ، جَتَن جيڏوئِي ڪيو،

اَچي آريءَ ڄامَ جو، وَڻَ وَڻَ منجهان واسُ،

مِرون کِينَم ماسُ، هَڏَ هَلَندا هوت ڏي.

 

(28)

اُٺَ ويري اوٺارَ ويري، ويري ٿِيَڙَمِ ڏيرَ،

چوٿُون ويري واءُ ٿيو، جِنهن لَٽِيا پُنهوُنءَ پيرَ،

پَنجُون ويري سِڄُ ٿِيو، جِنهن اُلهي ڪِي اَويرَ،

ڇَهُون ويري ڇَپَرُ ٿِيو، جِنهن سَوان نَه ڪِيا سيرَ،

سَتُون ويري چَنڊُ ٿِيو، جو کِڙيو نَه وَڏيءَ ويرَ،

واهيري جي ويرَ، ڇُلوُن ڪَرِيان ڇَپَرين.

 

وائي

ڏاگهَنِ، ڏيرَنَ ساڻُ، ڪَرَهَنِ، ڪيچِين ساڻ،

مَتان ڪا ٻِي لَنئُون لائي!

آئُون سُتِي، هو هَلِيا، وِئَڙا ڪَرَهَلَ ڪاهي،

مَتان ڪا ٻِي لَنئُون لائي!

آسَڻ اَڳِيان اُن جِي، ”ٻَرِ ٻَرِ!“ ڪِيو ٻاڏائي،

مَتان ڪا ٻِي لَنئُون لائي!

چَتُر ڏيئِي چِتَ کي، وِئَڙا هوتُ ڇپائي،

مَتان ڪا ٻِي لَنئُون لائي!

جيڪا هُيَنِ مَنَ ۾، وِئَڙا پَنهنجي پُچائي،

مَتان ڪا ٻِي لَنئُون لائي!

 

 

داستان ٻيو

 

(1)

اَڄُ پِه وَسائِي اوٺيين، مَٿي مارَڳَ ماڪَ،

پُنهوُن نِيائُون پاڻَ سين، تاڙِيُون ڀَڃِي طاقَ،

”هَيهَاتَ هيهاتَ لِما تُوعَدُونَ“، سُڃِي ٿِي اوطاقَ،

چَڪِيءَ چوري چاڪَ، هاڙهي هوتَ هلي ويا.

 

(2)

مِڙي مُنڌَ ڏي آئِيُون، ساهيڙيون سَهَجان،

”اَلسَّفَرُ قِطعَة مِنَّ النَّارِ“، هاري! موٽُ هِتان،

سَڱُ صِراطَ المُستَقِيمَ جو، اَٿئِي تان اَڳِيان،

سي ڪيچِي نِيندءِ ڪِئان، تُنهنجو نِينهُن نِفاقَ سين.

 

(3)

جَڏان ڪُن فَيَڪُون چَئي، نِيو آرِياڻِيءَ اَرِواح،

اَنگُ اَڳَهِين لِکِيو، مُنهِنجو مِيثاقاء،

”مَن طَلَبَ شَيئا وَجَدَّ وَجَدَ“، اُتو عَلِي شاه،

اَڃا هِنَ حَدِيثَ جو، مُون آسَرو آه،

پُنهوُسنءَ جي پَيغامَ تان، مُنهِنجو موتُ مُباح،

سَرَتِيُون! دُعا ڪجاه، تَه ميڙائو مُون ٿِئي.

 

(4)

صُبُح سِياهِي، آهي آريءَ ڄامَ ري،

ڪَڏهِن پَسي ڪا نَه ڪا، ري لالَنَ لالائِي،

دُود دِلِ تان دُورِ ڪَري، ڪَرِ ساجَنَ صَفائِي،

”مَن لاَ شَيخُ لَہُ فَشَيخُہُ الشّيَطاَنُ“، اِنَ ري اُونداهِي،

هُوءَ جا هَلِي هيڪَلِي، سا گِيرَبَ گمائِي،

”بِلَا شَيخ مَن يَّمشِي فِي الَّطرِيقِ“، اِهَڙي آوائِي،

تِنهن ري تَوائِي، ڪوڙِئين ٿِيون ڪيتَرِيُون.

 

(5)

بَرُ وڏو، بارُ گهَڻُون، ويجهو نَه وَڻڪار،

ليڙَن جو لَطِيفُ چَئي، کَنيو مُنڌَ مَدارُ،

وَڻَندُنِ نهَ وَڙ ڪَندا، ناتَ اَڳِينَ جي اِختيارَ،

ڪاڏي ٿِيو ڪوهِيارُ، ڪاڏي ٿِي هَٿَ کَڻي.

 

(6)

ڪيڙي ڪيچايَنِ، گؤرا گَسِ هَلائِيا،

لَڙِيو، چَڙهيو چوٽِيين، ڪَريو ڪوهَ ڪِڙَنِ،

سُونهنِ جي سَردارَ سين، سي توڏَ مَ تَرٽِجَنِ،

لُطفُ ساڻُ لَطِيفُ چئي، لَنگهِيو بَرُ بوتَنِ،

تَنِ ڪِهڙو غَمُ گُنگَسنِ، هوتُ حِماتِي جَنِ جو.

 

(7)

جاڳائي جَتَنِ، گَورا گَسِ هَلائِيا،

پَهُتِي ري پَهاڙ ۾، اُٺَ مَ آگهَٽِجَنِ،

لَتاڙي لَطِيفُ چَئي، لَنگهِيو بَرَ بوتَنِ،

تَنِ ڪِهڙي چُڪَ چانگَنِ، هوتُ حِماتِي جَنِ جو.

 

(8)

ڀِنِي ٿا ڀَرِينِ، ساٿِيَنِ سَنڊَ هَٿَنِ ۾،

ليڙَن جو لَطِيفُ چَئي، مُون کي مَنجههُ نَه ڏِينِ،

هوتُ پُنهوُن ٿا نِينِس، اَسُونهِيءَ جو آجِڪو.

 

(9)

اوڳارين نَه آنِرا، ٻَڌا چَرَنِ نَه ٻُورَ،

ليڙَنِ کي لَطِيفُ چَئي، هَلَڻَ جو مَذڪُورُ،

مَينِ کي مامُورُ، آهي اُڻتڻ اڳيين پنڌ جي.

 

(10)

دوڪَ دَهليا جِتِ، گورا هَلَنِ نَه گَسَ ۾،

چؤ سال ئِي نَه چلڻا، ٿي تنگ نِهاري تِتِ،

سوڌي اُنهِين سيد چئي، پوءِ پانچارِئنِ پِرِتِ،

اِن اَڙانگي پَنڌَ جي، ڪا نيشَنِ پوءِ نِرِتَ،

سسُئي وَڏي سَتِ، جا اِهَڙيءَ پر پَنڌُ ڪَري.

 

(11)

پُڻِ ٿا پَلاڻِين، اوٺِي اَڄُ اُڀَکُڙا،

پَہَ، پارسِيُون پاڻَ ۾، ڏيرَ ڏيهاڻِي ڏِينِ،

هوتُ پُنهوُن ٿا نِينِ، ٻاروچِي ٻولِي ڪيو.

 

(12)

پُڻِ ٿا پَلاڻِينِ، اوٺِي گهَڻوُن اُٻاهَرا،

هوءِ جي هَلَڻَ سَندِيُون، ڳاهُون ڳالهائِينِ،

مُون کي ٿا مارِينِ، سَڄَڻَ سانباهِي ڪيو.

 

(13)

”هَئي هَئي!“ ڪيو ”هاءِ!“ ٿِي پاڻُ هَڻي سِرِ پاهڻين،

لَڌائِين لَطِيفُ چَئي، جَتَنِ سندي جاءِ،

شڪر بارِ سَنداءِ، جئن سٽاڻي ساٿِ مِڙي.

 

وائي

لالَنُ آيڙو پيهي، وِئَڙا سُورَ سَڀيئي،

جِيَسِ جِيَسِ! وو جيڏيُون، مُنهِنجو لالَنُ آيو پيهِي،

ڳالهِيُون ڪَندِيَسِ ڳُجهِيُون، مُنهن مُقابِل ويهِي،

جِيَسِ جِيَسِ! وو جيڏِيُون.

کَٿُوريءَ بارُ ڀَري، آيو ڏُونگَرَ ڏيهِي،

جِيَسِ جِيَسِ! وو جيڏِيُون.

سَرڪشِي سَردارَ سين، مُون ڪَمِيڻِي ڪيهِي،

جِيَسِ جِيَسِ! وو جيڏِيُون.

هُئِي شِڪستِي سَسُئِي، رازُ پُنهوُنءَ جي ريهِي،

جِيَسِ جِيَسِ! وو جيڏِيُون.

 

داستان ٽيون

 

(1)

اَللهَ ڪارَڻِ اوٺِيا، ڪَرَها مَ ڪاهِيو،

جانِبَ جَڏي جِيءَ جو، آڳانڍو آهِيو،

لاڳاپو لاهِيو، مَتان مُنهنجو سُپِرِين.

 

(2)

اَللهَ ڪارَڻِ اوٺِيا، ليڙا نِيو مَ لُرَ،

نِيو نِماڻِي پاڻَ سين، ٻانِهيءَ جهَلي ٻُرَ،

مُون کي ماري مَنجهِه ٿِي، سَندي هوتَنِ هُرَ،

ڪَچو لائِيان ڪُرَ، ڪيچان اوري جي وُران.

 

(3)

ڪيچان اوري ڪِٿِهين، وَڻُ نَه ويساهِين،

ڪَميڻِي ڪيچين لَئي، پُورِجِ پَراهين،

تاڻِجِ تيڏاهِين، وارِج ڪا مَ وَرَڻَ جي.

 

(4)

ڪيچان اوري ڪيتَريُون، مَعذورِيُون مُيُون،

واٽُون وِيہَ ٿِيُون، ڪُہُ ڄاڻان ڪيهي وِيا.

 

(5)

الا! اَچَنِ اوءِ، جَنِ آئي مَنُ سَرَهو ٿئي،

پَسان مان پَرِ ڪَهينِ، جَتَنِ سَندي جُوءِ،

لَنگهي لَڪ، لَطِيفُ چَئي، سُڻِيان هوتَنِ هُوءِ،

گولِي ٿِيان گُلبُوءِ، جي سُڃاڻان ساٿَ ڌَڻِي.

 

(6)

ڪيچان آيو قافِلو، عَطرَ آندائُون،

کَٿُوري خُوشُبوءِ سين، وَڻَ ٽِڻُ واسِيائُون،

پَسَنديئِي پُنهوُنءَ ڄام کي، وِسريُون وِڄائُون،

خيما کوڙِيائُون، وَرِيو بَختُ ڀَنڀورَ جو.

 

(7)

ڪيچان آيو قافِلو، ساٿَ ڌَڻِي سَرِواڻ،

وارَ وَڍي واڳُون ڪَرِيان، پُئان هُوندَ پَلاڻ،

جَهِڙو پُنهون پاڻ، تَهِڙي سِٽا ساٿَ جي.

 

(8)

ڪيچان آيو قافِلو، طَرَحَ موچاريءَ توڏ،

سِينگاريائُون سَيّدُ چَئي، ڪَرَها مَنجهان ڪوڏ،

لَکُ لَهي ٿِي لوڏَ، جِيجان تَنِ جَتَنِ جِي.

 

(9)

ڪيچان آيو قافِلو، جُنگُ سُونهاريءَ جوڙَ،

تَلِيارا توڏَنِ کي، ڳِچِيءَ سُونهَنِ موڙَ،

دولَتَ چايان دوڙَ، جي مُون نِيو پاڻَ سين.

 

(10)

ڪيچان آيو قافِلو، راتِ موچاريءَ روُءِ،

بوتي ۽ بَلوچَ جِي، رِڙِهِي پَسان روُءِ،

لَنگهي لَڪَ لَطيفُ چَئي، پَڇان ڪيچِيَنِ ڪُوءِ،

گولِي ٿيان گُلبُوءِ، جي مُون نيو پاڻَ سين.

 

(11)

ڪيچان آيو قافِلو، ڀَليرو ڀايان،

پَڻِي جا پيرَن جِي، لِڱَنِ کي لايان،

چَنبيلي چايان، جي مُون نِيو پاڻَ سين.

 

(12)

ڪيچان آيو قافِلو، ڄامَنِ سَندو ڄامُ،

پَسندي پُنهوُنءَ کي، آکِنِ ڪِيو آرامُ،

ناتَرِ چايان نامُ، جي مُون نِيو پاڻَ سين.

 

(13)

مِزِمانَنِ مَهري، آڻي جهوڪِيا جهوڪَ ۾،

چاٽي چَنبَنِ ۾، وِيا، جِئن بازُ سَٽي بَحري،

ڪوهِيارو قَهَري، وِيو نِهوڙي ننِڊ ۾.

 

(14)

ڪيچي ڪالهَه ڪَهِي وِيا، اَدِيُون آڌيءَ راتِ،

جاڳان تان جيڪينِ ٿِيو، وِهاڻِيءَ پِرڀاتِ،

ڦوڙائو فَقِيرِ کي، ڏِنو جَتَنِ ذاتِ،

رَفيعَ الدّرجات، پَرَمَلُ پُنهوُن ميڙيين.

 

(15)

مُون ڀانيو مُون وَٽِ، هَميشَہَ هُوندا پِرِين،

ويڙهو ڏيئِي ويڪَرو، پَهري وِيا پَٽِ،

ساهُ جَنِهين جي سَٽِ، وِڪِيُمِ ٿي وَڻڪارِ ۾.

 

(16)

مُون ڀانيو مِزِمانَ، هَمِيشَہَ هُوندا پِرِين،

ڪُهِي ڪَميڻِي هَلِيا، ڪَهَلَ ڪِيائوُن ڪانَ،

ڏيئي وِيا ڏاهِ کي، سُورَنِ جا سامانَ،

جورو راتِ جُوانَ، جيڏِيُون جَتَ ڪَري وِيا.

 

(17)

ڀانيُمِ جي سَرِواڻَ، ڇُلائيندَم ڇَپَرين،

کانيَم هُوندَ پَلاڻَ، اُٺ گُڏايَم اُنِ جا.

 

(18)

ساٿِيڙَنِ سَويرَ، آڻي اُٺَ جهُڪائِيا،

هِينئَين تَه ڀانيُم جيڏيُون، تَه ڏاڍي ڪَندا ڏيرَ،

اُٿِيَسِ آئُون اَويرَ، ڪَري سُڃَ سَنجهي وِيا.

 

(19)

جهُوڙا جَنِ جهُلُنِ ۾، هِيري لَکُ هَزارَ،

لَڳا واٽ وَڻَنِ جا، پُنهوُنءَ کي پالارَ،

آن ڪي وِيندا گَڏِيا، اِهَڙيءَ سِٽَ سُوارَ،

لَنگهِي ڪالهه قَطارَ، تُون، آئِي اَڄُ نِهارِيين.

 

(20)

ڪاڏي مُنهن مَڪَرانُ جو، ڪاڏي ڪيچُ ٿِيو،

هِهَڙو ساٿُ ڀَنڀورَ تان، ڪَڏِهِين ڪونَه پِيو،

ڪوهِيارو ڪامَ هَڻِي، چوري چِتُ وِيو،

جَنين جَتُ نِيو، تَنِ اُٺَنِ گهوري آهِيان.

 

(21)

بِرِهَ مَڻايُس بَرُ، ناتَ سُکِي ڪيرَ سَڌوُن ڪَري،

گهَڻُون ڏورِيان ڏُکَ سين، ڏيرَنِ لَئي ڏُونگَرُ،

وَري آيُس وَرُ، سَفَرَ مُيَ جا سابِ پِيا.

 

(22)

وَرَ ۾ ڪونهي وَرُ، ڏيرَنِ وَرُ وَڏو ڪِيو،

نِهارِيندِيَسِ نَڪَڻِي، بوتَنِ ڪارَڻِ بَرَ،

آڏو ٽَڪَرَ ٽَرُ، مَتان روهَ رَتِيُون ٿِيين.

 

(23)

وَرَ وَراڪا وِچَ ۾، لَکين آڏا لَڪَ،

هو جي آڏا حَقَ، سي ڪَندا ڪوهُ ڪُٺيَ کي.

 

 

وائي

هوتَ! نَه ڀانِيُم هِينئَن، آئون جا ماري، سَڄَڻَ تُنهنجِي نِينهن،

وو! ڇَڏي تُون ڪو ڇَپَرِ وِيندين.

لُڪُون لَڳَنِ ڪوسِيُون، ڏاڍا تَپَنِ ڏِينهن،

وو! ڇَڏي تُون ڪو ڇَپَرِ وِيندين.

عِشقُ آريءَ ڄامَ جي، ڪِيَسِ نِماڻِي نِينهن،

وو! ڇَڏي تُون ڪو ڇَپَرِ وِيندين.

جهُونگارِيندي جهَنگَ ۾، ڏوٿِيَنِ ڏِٺَڙي ڏِينهن،

وو! ڇَڏي تُون ڪو ڇَپَرِ وِيندين.

اُن جا ڇڏي ڇَپَرِين، ڪيچ رَسَندي ڪِيئَن،

وو! ڇَڏي تُون ڪو ڇَپَرِ وِيندين.

وِلَهيءَ هِتِ سسسسوَسائِيا، سَندا مَحَبتَ مِينهن،

وو! ڇَڏي تُون ڪو ڇَپَرِ وِيندين.

 

 

داستان چوٿون

 

(1)

وارو! وَرُ وَٺِي وِيا، آرِيچا اَظلامَ،

آندائُون آريءَ جا، پُنهوُنءَ ڏي پيغام،

پَههُ ڪيائُون پاڻَ ۾، مُونهان مَخفِي مامَ،

سَنڀُوڙا ساٿُ کَڻِي، ويساهي وَرِيامَ،

ڪاڪِيُون! راتِ قِيامَ، جيڏيُون! جَتُ ڪَري وِيا.

 

(2)

وارو! وَرُ وَٺِي وِيا، ڪَري ڏيرَ ڏِنگِي،

مُون وِلهِيءَ ڪِينَ وِنگِي، مامَ پَرُوڙي مَنجههِ جِي.

 

(3)

وارو! وَرَ وَٺِي وِيا، هاڃُون هوتَ ڪَري،

آڌيءَ اُٿِي هَلِيا، سُڃُون شَهرُ ڌَري،

هِيءَ ڏُکِي هِتِ ڏَري، هوءِ وَڃِي ڪيچِ قَرارِيا.

 

(4)

وارو! وَرُ وَٺِي وِيا، جابِرَ ڪَري جورُ،

بيدي ٿِيو ڀَنڀورُ، حَشَرُ ڪَري هَلِيا.

 

(5)

وارو! وَرُ وَٺِي وِيا، ڪَري ڏيرَ ڏَمَرُ،

هاڻي ٿِيو حَشَرُ، پُنان قولَ قِيام جا!

 

(6)

وارو! وَرُ وَٺِي وِيا، ڏيرَ ڪَري ڏورو،

ساجَنَ ري، سَرَتِيُون! آتَڻُ اَڌورو،

نِيَ سين نِسورو، حَشَرُ ڪَري هَلِيا.

 

(7)

وارو! وَرُ وَٺِي وِيا، جوري سين جابِرَ،

صَبَرَ ڪِئن صابِرَ، اَچي عَجِيبَنِ ري.

 

(8)

وارو! وَرُ وَٺِي وِيا، ڏاڙهِيءَ ڀَنڀا ڏيرَ،

ڏِينديَسِ ڏاڍين ڏُونگَرين، اُنهِين لَئي اُليرَ،

ڪيچ پُهچي ڪيرَ، وَڃَڻَ سين وَس ڪَريان.

 

(9)

سَنجهي مُون نَه سَنڀالِيو، تَه ڪي اوٺِي ڪَندا اِيئَن،

ڪُهِي ڪَمِيڻي ڪِئَن، جَڏي راتِ جَتَنِ ڪِي!

 

(10)

سَنجهي مُون نَه سَنڀالِيو، صُبحُ سارِيمِ سُورَ،

جَتَنِ لاءِ ضَروُرَ، گهَڻا گهارِيَمِ ڏِينهڙا.

 

(11)

سَنجهي مُون نَه سَنڀالِيو، صُبحُ سارِيَمِ سُورَ،

آڌيءَ راتِ اُڌَمِيو، ڏين پَلٽِيو پُورَ،

جَتَنِ جي ضَرُورَ، مادَرِ! ماري آهِيان!

 

(12)

سَنجهي مُون نَه سَنڀالِيو، مارِيَسِ سُورَ صُبُوح،

نيڻَ هيرايَئِي نِنڊَ سين، جَتَنِ لَنگهِي جُوءِ،

هاڃُو ڪَري هُوءِ، آڌيءَ راتِ اُٿِي وِيا.

 

(13)

آڌيءَ اُوءِ اُٿِي وِيا، ڪَرَ رَکِيائُون ڪيچَ،

ٻاروچاڻِي پيچَ، مُنهنجو مَنُ مُنجهائِيو!

 

(14)

جَڏيءَ وَٽِ جالي، مانَ لِلهِ ڪارَڻِ لِکَ سِينءَ،

آهي آريءَ ڄامَ جي، هِتِ هُتِ حَوالي،

عَيبَ مُون ۾ اڳرا، مانَ نِرمَلُ نِڪالي!

پَرٽِياڻِي پالي، ڪامِل نِيندو ڪيچَ ڏي.

 

(15)

پَرِيَٽَنِ پالياسِ، ٻانڀَڻِ ٻيٽِي آهِيان،

حُسنَ هوتَ پُنهونءَ جي، ماري موت وِڌِياسِ،

جانڪِين تان جِينديِاسِ، پيس وَرِ وِصالَ جي.

 

(16)

پَرِٽَنِ جي پاڙي، جاڙَ گُذارِيُمِ جيڏِيُون،

جَنهِين مُون کي مارِيو، سُورَنِ سين ساڙي،

اِرادي آڻي، سانگَينِ سين سَڱَ ڪيو.

 

(17)

اَسِين پاڻَ پِرَٽَ، پورِهَيتَ پُنهُونءَ ڄامَ جا،

هوتُ کَٿُوريءَ هيرَئُون، مُون ۾ صابُڻَ ڇَٽَ،

آتَڻَ مَنجههِ اُگهَٽ، ڪانڌُ ڪِهينِ جي مَ ڪَري!

 

(18)

گَڏِيو ڌوٻِيَنِ ڌوءِ، پُنهوُسنءَ پارچو هَٿَ ۾،

اُتي آريءَ ڄام جو، قاصِدُ آيُس ڪوءِ،

”ايءُ ڪامِلَ ڪَم نَه سَندوءِ، جِئن پَهَسَ پَڇاڙيِين پوتِيين.“

 

(19)

نَڪو ڪيچُ ڀَنڀورُ، نَڪو مائِٽُ مَنڌُ جو،

هورُ مِڙوئِي هِنَ کي، هوتَنِ ڪونهي هُورَ،

زاريءَ ڌاران زورُ، هَلي ڪونَه حَبِيبَ سين.

 

(20)

ڇوري، نِدوري، نَڪو مائِٽُ مُنڌَ جو،

سَوين هَلَنِ ساٿَ ۾، ڪَمِي ۽ ڪوري،

آئُون پُڻِ آهِيان اُن ۾، لَنگهِي ۽ لوري،

لَنگهائِيين لَطِيفُ چَئي، ٿَرَنِ جا ٿوري،

آهِيان آزوري، تُنهنجي جوري جَبَلُ لَنگهِيان.

 

 

وائي

ڇا کي ٿا ڪَرَهَ قَطارِيو، وو! مُون نِماڻِيءَ تان ڪي نَه چِيو.

اللهَ ڪارَڻِ اوٺِيا، آئِين واڳَ وَٺِي وَرُ واريو،

وو! مُون نِماڻِيءَ تان ڪي نَه چِيو.

رَهو رات ڀَنڀورَ ۾، تان ڪا گهَڙي هِتِ گهارِيو،

وو! مُون نِماڻِيءَ تان ڪي نَه چِيو.

سِڪِي جِنهن سَڱُ ڪِيو، تِنهن مَعذُور کي مَ مارِيو،

وو! مُون نِماڻِيءَ تان ڪي نَه چِيو.

سائِينءَ ڪارَڻِ، سُپِرِين! دوسِتَ دَرَسَنُ ڪارِيو،

وو! مُون نِماڻِيءَ تان ڪي نَه چِيو.

موڙي مَڃَر ٽارِيُون، چانگَنَ کي آئِين چارِيو،

وو! مُون نِماڻِيءَ تان ڪي نَه چِيو.

اَڀَري عَبدُاللّطِيفَ ڏي، واڳ وَنهيَلِ آئِين وارِيو،

وو! مُون نِماڻِيءَ تان ڪي نَه چِيو.

 

داستان پنجون

 

(1)

نيڻَ نِهارا مُون ڪيا، مَٿي واٽَڙِيَنِ،

اِيندا مان پَسَن، اوٺِي آريءَ ڄامَ جا.

 

(2)

نيڻَ نِهارا مُون ڪيا، ڪيچَينَ ڪارَڻِ ڪالَهه،

اِيندا پَسان شالَ، اوٺِي آريءَ ڄامَ جا.

 

(3)

نيڻَ نِهارا مُون ڪيا، اوٺِيَنِ ڪارَڻِ اَڄُ،

پُنهُونءَ ڄامَ! پَهَڄُ، تَه آري! اولوُن نَه ٿِيان.

 

(4)

نيڻ جي نِهارِينِ، سي اَڄُ نَه اوٺِي آئِيا،

هَنجُون نَه وَسائِينِ، پاڻِي پُنهوُن ڄامَ ري.

 

(5)

نيڻَ نِهاري مُنهنجا، روئِي ٿِيا رَتُ،

پُنهوُن هوءِ پَهتُ، تَه پاري نِينِ پاڻَ سين.

  

(6)

نيڻَ نِهاري مُنهنجا، رَتُ ٿِيا روئِي،

ڏُکَنِ جي ڏوئِي، آهي هَٿِ آسوُنهَنِ جي.

 

(7)

اَڄُ اَڱڻَ ڪِيڻانِ، آسَرَ لڳي سورِيان،

ڏوُنگَر ڏِينهن لَڳانِ، مانَ وَرِڪَنِ سُپِرِين.

 

(8)

ڏوُنگَر لڳن ڏِينهن، مانَ وَرِڪَنِ سُپِرِين،

ڪَيَسِ نِماڻِي نِينهن، آيَل! ٻاروچَنِ جي.

 

(9)

نيڻَ نِهاري مُنهنجا، روئِي رَتُ ٿِيا،

جي هَٿان هوتَ وِيا، سي اَچَنِ تهَ آجِي ٿِيان.

 

(10)

جِئن سو هَرَڻُ هُماءُ، سَرگَردان سَنسارَ ۾،

هِيءُ پَڳُ نَه کوَڙي پَٽيِين، هُو ڌَڙَ سِرِ ڌَري نَه ساهُ،

جيڪُسِ تَنِ مُلاءُ، سَسُئِيءَ سُورَ پِرائِيا.

 

(11)

راتِ ڏِٺائِين روجههَ، ڀانءِ ڪَ اوٺِي آئِيا،

پِرِيتَڻِي پِرِيَنِ جي، سِڪَڻَ ڪِي سَٻوجهَه،

هَئِي گهَڻُون آٻوجههَ، سُورَنِ سُونهائِي سَسُئِي.

 

(12)

روجَهه ڏِٺائين راتِ، هوتُ ڳولِيندي حَبَ ۾،

ڪيچِيَنِ جي ڪَڙي ٿِيي، توءِ تَنين جي تاتِ،

ٻاروچاڻِي ذاتِ، مَنان مُيَ نَه وِسَري.

  

(13)

جَبَلَ ۾ جانارَ، سَرَهَ گَڏَبَئِي سَسُئِي،

ڀِنِيءَ پوءِ ڀوارِئِي، ٻانڀَڻِ جِي ٻاڪارَ،

هوتاڻِي هيڪارَ، مؤلاٰ! مُون کي ميڙِيين.

 

(14)

سَرَهَ گَڏِبَئِي سَسُئِي، سوڙهِي مَنجهي سَبِيلَ،

ڪاهي رَسندا قَهرِيا، جيت تَڪَڙا سين تَعجِيلَ،

آرِياڻِي اَصِيلَ، اُتِ پِياديءَ کي پُهچَ تُون.

 

(15)

سَمَرُ جَنِهين نَه ساڻُ، هوتُ حِماتِي تَنِ جو،

ڪَري ڇيڄَ ڇَپَرَ ۾، پُنهوُن اِيندو پاڻَ،

ٿِيندي رِيجههَ رِهاڻِ، لَحظي مَنجههِ لَطِيفُ چَئي.

 

(16)

پَسِي سي سَرَهِي ٿِئي، جي مَيَنِ لَنگهِيا مَسَ،

تِٿُ تنهن کي ناهِ ڪو، لَڪَ مِڙيئي لَسَ،

حُبَ جِنهِين کي هوتَ جِي، وِندُرُ تِنهن کي وَسَ،

سَنديءَ چانگَنِ چَسِ، پيرَ ٺَرندَءِ پَٻَ ۾.

 

(17)

سَسُئِي لَنگهِيو سو، مَردَ جِنهن ماتُ ڪِيا،

جَبَلُ وَڏو جو، نُوڻِ مِڙوئِي نِينهَن کي.

 

(18)

جَبَلَ ماري جَکَ، جو آڏو آرِيچَنِ کي،

توڻي لَڪَنِ لَکَ، سَڀِ لَنگهِيندِيَسِ سِڪَ سين.

 

(19)

جَبَلُ جيڏوئي، جو آڏو آرِيچَنِ کي،

وَٺِي وَرُ واٽَ وِيا، بُرفَتَ بِروهِي،

رُڃَنِ ۾ روئِي، پَسان شالَ پُنهوُنءَ کي.

 

(20)

جَبَلُ سُڄَنِ جالَ، آڏا آرِيچَنِ کي،

هاڙهي ڏانهن هَٿُ کَڻيو، ڇَپَرِ مِڙان شالَ!

ڪيچي وِئَڙمِ ڪالهَه، تي ٿِي ڏونگَر ڏورِيان.

 

(21)

ڇَپَرُ ڇَمَرُ ڀانئِيان، ڪانڀو ۽ ڪارو،

پَٻُ وِجهَندِيَسِ پُٺِ تي، صُبُح سَوارو،

وَڃَڻَ مُون وارو، ڪِينَ وِهَندِيَسِ وِچَ ۾.

 

(22)

ڪِينَ وِهَندِيَسِ وِچَ ۾، هَلَندِيَسِ ڪَري هاءِ،

ساڄَنَ سَندي ساءِ، ڏوُسنگَرَ ڏورَڻُ مُون پِيا.

 

(23)

ڇَپَرَ ۽ ڇَمَرَ، ٿا لَڳَههَ لَڳَنِ پاڻَ ۾،

آڏا ڏُونگَرَ ڪَرڪَرا، ويڌَ، وِنگايُون، وَرَ،

آئون پِيادي پٽِيين، نِماڻِي، نِڌَرَ،

سورِيُون جِتِ سَڳَر، اُتِ ٻاتاڙيءَ ٻيلِي ٿِيين!

 

وائي

هِينئڙو ٿو هُنِ ساري، مُنهنجو ساهُ سَيّدَ کي ٿو ساري؛

جيڏِيُون!  آئُون  هَلَندي،  وِيندي هوتَ ڏي.

سَرَتِيُون! آئُون ڪَهندي، ويندي ڪيچَ ڏي.

هوتَنِ هَلَڻُ مَنَ ۾، ڪيرَ گهَڙي هِتِ گهاري؟

جيڏِيُون!  آئُون  هَلَندي،  وِيندي هوتَ ڏي.

سَرَتِيُون! آئُون ڪَهندي، ويندي ڪيچَ ڏي.

آسَرَ ڀَري آهِيان، مان واحِدُ آڻين واري!

جيڏِيُون!  آئُون  هَلَندي،  وِيندي هوتَ ڏي.

سَرَتِيُون! آئُون ڪَهندي، ويندي ڪيچَ ڏي.

پَنڌُ اَڙانگا پَٽيين، مُون کي ڪوهِيارو ٿو ڪاري،

جيڏِيُون!  آئُون  هَلَندي،  وِيندي هوتَ ڏي.

سَرَتِيُون! آئُون ڪَهندي، ويندي ڪيچَ ڏي.

سَچو سُخُنُ سُپِرِينِ، مانَ پُنهَلُ پَنهنجو پاري!

جيڏِيُون!  آئُون  هَلَندي،  وِيندي هوتَ ڏي.

سَرَتِيُون! آئُون ڪَهندي، ويندي ڪيچَ ڏي.

ڄيرو اَندَرِ ڄِندَڙي، وِيو ٻاروچَلُ ٻاري،

جيڏِيُون!  آئُون  هَلَندي،  وِيندي هوتَ ڏي.

سَرَتِيُون! آئُون ڪَهندي، ويندي ڪيچَ ڏي.

وِڌا ڪَمَ ڪَرِيمَ تي، هِنَ ويچاريءَ واري،

جيڏِيُون!  آئُون  هَلَندي،  وِيندي هوتَ ڏي.

سَرَتِيُون! آئُون ڪَهندي، ويندي ڪيچَ ڏي.

 

 

داستان ڇهون

 

(1)

آڏَ تِراڇا، آهُڙا، ڏاڪا ڏوُنگَرَ کي،

هو جي وَرَ وِندُرَ جا، مارِيندا مُون کي،

هاڙهو هِيڻِيءَ کي، لَنگهائِج، لَطِيفُ چَئي.

 

(2)

آڏَ تِراڇا، آهڙا، ڏوُنگَرَ کي ڏاڪا،

ڪِيَمِ آهَ عَجِيبَ کي، سِڪَ مَنجهان ساڪا،

پيئي هَٿِيڪِي هوتَ کي، ڪُوڪَ وَڃِي ڪَنِ ڪا،

مُنهنجو وَسُ واڪا، ٻُڌَڻُ ڪَمُ ٻَروچَ جو.

 

(3)

آڏَتِراڇا، آهُڙا، ڏوُنگَرَ کي ڏاڪا،

وَٺِي وَرُ واٽ ٿِيا، بَرِ چَڙهي بانڪا،

ڦَٽِيا پيرَ فقيرَ جا، چَڙهندي چَڙهاڪا،

هُيَنِ جِيءُ اَندرَ جاڪا، وِيا پُڄائي پانهِنجِي.

 

(4)

آڏَتِراڇا، آهُڙا، وِندَرَ وَراڪا، وَر،

حُبّ جَنهن کي هوتَ جِي، سا ڏورِيندي ڏونگَر،

پَهُچايين، پَرورَ! لُطفَ ساڻُ، لَطِيفُ چَئي.

 

(5)

آڏَتِراڇا، آهڙا، وِندُرَ وَراڪا، واڪَ،

اُجهايَسِ اُٺَنِ جِي، ڦوڙائي فِراقَ،

پُنهوُن پَرَمَلَ پاڪَ! واحِدَ لَڳِ، وَريج تُون.

 

(6)

آڏَتِراڇا، آهُڙا، وِنگا وَرَ واٽُنِ،

جيرا، جِڳَرَ، بُڪِيُون، آريءَ لَئي آٽَنِ،

ڪَسي ڪَنواٽَنِ، سَنڀُوڙا سَيّدَ چَئي.

 

(7)

ڪوڏَرِ نَه ڪاتِي، جنهن سان ٽَڪَرُ ٽانڪِيان،

جيڪو جَبَلُ لَنگهِيان، سو هيبَتَ جو هاٿي،

پِرِينَ جا پاتِي، سا جَڙ جِئري نَه لَهي.

 

(8)

ڪَرِڙا ڏوُنگَرَ، ڪَهه گَهَڻِي، جِتِ بَرَپَٽَ، بَيران،

ڏاهَنِ ڏاهَپَ وِسري، ٿِيا حَرِيفَ ئِي حِيران،

سَسُئي لَنگهِيو، سَيّدُ چَئي، مَحبت سين ميدَان،

جنهن جو آرِياڻِي اڳوان، تِنهن جي ڪانهي باکَ بَهِيرَ ۾.

 

(9)

ڪَرِڙا ڏوُنگَرَ، ڪَههَ گهَڻِي، جِتِ واٽُنِ تي واري،

آڏا لَڪَ، لَطِيفُ چَئي، بَرَ سُڄَنِ باري،

جا مَنِزَلُنِ ماري، سا قادِرَ! ڪيچ رَساڻِيين.

 

(10)

ڪَرڙا ڏوُنگَرَ، ڪَههَ گهَڻِي، جِتِ جَبَلَ گُوناگُونِ،

ليڙَنِ جِيُون، لَطِيفُ چَئي، تَنگ تَنواروُن پُونِ،

جَنِ ڏِٺو پيرُ پُنهوُنءَ جو، سي نَه ڪِي روُنِ نَه چُون،

هُوندَنِ مَٿي هُونِ، لاڳاپا هِنَ لوڪَ جا.

 

(11)

ڪَرِڙا ڏوُنگَرَ، ڪَهه گَهڻِي، جِتِ ماتَرِ مٿاهِين،

سُڄَنِ ٿا، سَيّدُ چَئي، اُتِ مِروُن مَهائِين،

تُون آرِياڻِي آهين، مَنَهِن مَعذوُرِنِ جِي.

 

(12)

ڪَرِڙا ڏوُنگَرَ، ڪَههَ گهَڻِي، جِتِ وِيا روڏا رِنگائي،

ساڱاپي سيڻَنِ جي، ٿِي وِندُرِ واجهائي،

رَهِيَسِ رَسُ، لَطِيفُ چَئي، تِنهن ڪَميڻيءَ ڪاهي،

آرِياڻيءَ آهي، مَنهِن مَعذورِنِ جِي.

 

(13)

ڪَرِڙا ڏوُنگَرَ، ڪَههَ گهَڻِي، جِتِ رِڻَ تتو رائو،

تِتِرُ ٿِئي مَ تَنِ کي، ڏوُنگَرَ ۾ ڏائو،

جَڏِهن ڄامَ پُنهُون ڄائو، تَڏِهن ٿِي وَسَ وَڻِڪار ۾.

 

(14)

ماڻِڪَ مِٽُ سَندومِ، اُونداهِيءَ ۾ سوجهرو،

حَشَرَ ويلَ حِسابَ ۾، ڇَڏي نَه وِيندومِ،

سارِيو سَڏَ ڪَندوم، ڪوهِيارو ڪيچَ ڌڻي.

 

وائي

 

(1)

وِيندِيَسِ ڪيچ ڪَهِي، سيڻَنِ ساڻُ سَهِي،

وو! ڀينَرُ! آئُون جِيندِيسِ تان تَه جَتَنِ ري.

وِهان ڪِئن ماٺِ ڪري، هيڏو سُورُ سَهي،

وو! ڀينَرُ! آئون جِيندِيَسِ تان نهَ جَتَنِ ري.

هيڏي شَهَرَ ڀَنڀَور ۾، سارِيان ڪونَه سَهِي،

وو! ڀينَرُ! آئُون جِيندِيسِ تان نَه جَتَنِ ري.

صُبحُ ڏونگَرَ ڏورِيان، ڪِنهن پَرِ راتِ رَهِي،

وو! ڀينَرُ! آئُون جِيندِيسِ تان نَه جَتَنِ ري.

 

وائي

 

(2)

گهُمان جالَ جَبَلَ، مِيان، جيڏِيُون جانِبَ جَتَ لَئي،

ڏورِيندِيَسِ ۾ ڏُونگَرِين، ڪَندِيَسِ آئُون اُڄَل،

جيڏِيُون جانِبَ جَتَ لَئي.

هيڏي شَهَرَ ڀَنڀَور ۾، رَهان نا هِڪُ پَل،

جيڏِيُون جانِبَ جَتَ لَئي.

پُنهُون پاڻَ نَه وَڃِڻو، ڪو مُونِهين ۾ وَلَ،

جيڏِيُون جانِبَ جَتَ لَئي.

اوڏي ٿِي، عَبدَاللّطِيفُ چَئي، هوتَ ڪارَڻِ هَل،

جيڏِيُون جانِبَ جَتَ لَئي.

 

داستان ستون

 

(1)

پُنهُونءَ سين پِرِيتِ جو، ڪو جو پيچُ پِيوم،

ڀَنڀي هِنَ ڀَنڀورَ ۾، وِهَڻُ وِهُ ٿِيوم،

مَتِيُون موٽَڻَ سَندِيُون، ڪاڪِيُون ڪِيَم ڏِيوم،

سَرَتِيُون ساهُ سَندوم، ٿِيو حَوالي هوتَ جي.

 

(2)

پُنهُونءَ ساڻُ پِرِيتَ جو، ڪو جو پِيَڙُمِ پيچ،

ڪَندِيَسِ ڪَشالا ڪافَ جا، هاڙهو ڀائِيان هيچ،

ڪاهي مَڻَدِيَسِ ڪيچ، ديرو دوسِتَ پُنهوُنءَ جو.

 

(3)

ڪُڄاڙِئان ڪاهي، شُتَر اُنِ سِينگارِيا،

ٽَلِيُون، ٽَؤنرَ، هَلَوِيُون، وِيا ڇيروُن ڇَمَڪائي،

لَنگهِيا لَڪَ لَطِيفُ چَئي، وِيا ڪَرَهَلَ ڪُڏائي،

ٻانَڀَڻِ کي ٻَروچَ جو، آسرو آهي،

واڳُون وَرائي، ڦيرِينِ مانَ فَقِير تي.

 

(4)

ڪو مُنهِن ڪُٺَلِ آئِيو، وَسِ نَه ويچاري،

هوتَ تنهُنجي هَٿَ ري، پَهُچِي نَه پاري،

اَچين جي آري، تَه پاندَ پُڄِي، لَڪُ لَنگِهيان.

 

(5)

ڪَڏِهن تان ٻاجههَ پَئِي، ساڄَنَ مَڃُ سَلام،

سِڪَ تُنهِنجِي سُپِرِين، ڪيو تَنُ تَمام،

هَٿين حاجَ وِهُ ٿِيي، نيڻين نِنڊَ حَرام،

دوسَ نَه سَهان دام، تُون وِندُرِ ٿو ويلا ڪَرين؟

 

(6)

ڪو مُنهن ڪُٺَلِ آئِيو، ناهِ ويچاري وَسِ،

هوتَ! تُنهنجي هَٿَ ري، گولِي ٿِئي مَ گَسِ،

ڏُکُ ڏُکِيءَ کي ڏَسِ، تَه مُوڙهِيءَ ڪو مُنهن ٿِئي.

 

(7)

سُرَهِي مَنجهان ساٿَ، آئِي بُوءِ ڀَنڀَور کي،

بِيٺا بازارِنِ ۾، لائي جَتَ جَباتَ،

سَنديءَ هوتَ حِماتَ، ڪيچِ پَهُتو قافِلو.

 

(8)

بَرُ مِڙوئِي بُوءِ، ڇَپَرَ ڇاٽُون مُڪِيُون،

ٻَهه ٻَههِ ٿِي ڀَنڀورَ ۾، هَنڌَ مِڙيئِي هُوءِ،

راڻِيَنِ وَري رُوءِ، گُوندَرَ لَٿا گولِيين.

 

(9)

جَڏِهن پيئِي ڇَٽُ، ڇَپَرِ هوتَ پُنهونءَ جِي،

پَرَهي ويٺِيُون پَٽَ، گُوندَرَ لَٿا گولِيين.

 

(10)

جَڏِهن پيئِي باسُ، ڇَپَرِ هوتَ پُنهوُنءَ جي،

اَدِيُون آرِيچَنِ جا، وَڻَنِ مُڪا واسَ،

آيَل! پُنِي آسَ، پُنهوُن آيو ڪيچ ۾.

 

(11)

آيَل! اوطاقُون، ڪَري ڪيچِي هَلِيا،

سُڪِيون نَه سيڻَنِ جي، ماڳَنِ تان ماڪُون،

نِسُورِيُون ناڪُون، سَڃي هَلِيا سُورَ جِيُون.

 

(12)

جَتَنِ سان جانڪُون، سَرَتِيُون! مُون سَڱَ ٿِيو،

ڪَري ڪوهِيارو وِيو، تَنُ ڇِنِي تانڪُون،

اَن پُڻَ تَڏاڪُون، اَڌَ ڏُکوئِي آهِيان.

 

(13)

مَتان ڪا ٻَڙي، ٻول ٻاروچي وِسَهي،

هُوندَ نَه سُتِيَسِ سَرَتِيُون، ويهِي رَهِيَسِ وَڙي،

جَتَ پَنهِنجي جُوءِ ۾، گهارِن مانَ گهَڙي،

ڪيچِيِنِ آن نَه ڪَڙي، ڪنهن ڏُکِيءَ ڏاوَڻُ ڏائِيو.

 

(14)

سِڪِي جان سُتِياس، تان سِڪَ سُمهڻ نَه ڏئي،

جاڳِي سُتيس جَنِ لَئي، سي آيا تان نَه اُٿِياس،

ڀينَرُ آئُون ڀُلِياس، نَتَ سِڪُ سُمهڻ ڇا لَڳي.

 

(15)

ڏيرَنِ ڏوهُ نَه جيڏِيُون، ماءِ، مِڙيوئِي موُن،

آئوُن اَسوُنهِين، اُو سُونهان، پِرِين سَندا پَرَڀُون،

اَصلِ آريءَ ڄامَ جو، پاندَ نَه پُڄِتوسُون،

جنهن جو تُونهِين تُون، سي پِيادِيُون پَهُچائِيين.

 

(16)

اَدِيُون آئُون نَه تِئن، جِئن پِرِيَتَڻُون پِرِينَ سين،

ٻَڌي سُتِيَسِ سوگهو، ڇَلَورُ ڇاتِيءَ سِيئَن،

تَه ڪيچِي ڪاهي ڪَرَها، مُونهان وَڃَنِ ڪِيئَن،

ڏوهُ مُنهِنجي ڏِينهَن، پُنهوُنءَ کي ڪا مَ چَئي.

 

وائي

 

(1)

لَڳَڙي آهِ لَغارَ، وو يارَ! لُنءَ لُنءَ ۾ لالَنَ جِي،

سَنڌَ  سَنڌَ  ۾    ساجَنَ   جِي،

آئوُن سُتِي، هُو هَلِيا، سَنجهي ٿئِڙا سُوارَ،

وو يارَ! لُنءَ لُنءَ ۾ لالَنَ جِي.

جيڪِين اورَڻَ پِرِينءَ سين، جيڪِين پِرِينءَ پَچارَ،

وو يارَ! لُنءَ لُنءَ ۾ لالَنَ جِي.

کوءِ سي جِيَڻَ ڏِينهَڙا، جي پُونِ پِرِينَئان ڌارَ،

وو يارَ! لُنءَ لُنءَ ۾ لالَنَ جِي.

لَڳِي آهي، نَه لَهَي، سَندي عِشقُ پَچارَ،

وو يارَ! لُنءَ لُنءَ ۾ لالَنَ جِي.

گهَڻُون اُڪَنڊي آهيان، تَنِ جَتَنِ جي جِنسارَ،

وو يارَ! لُنءَ لُنءَ ۾ لالَنَ جِي.

گَڏي وِيندِيَسِ گَسُ ۾، ڪاڪِيُون! ساڻُ قَطارَ،

وو يارَ! لُنءَ لُنءَ ۾ لالَنَ جِي.

ميخُون مُحَبَت سَندِيُون، هِينئَڙي مَنجههِ هَزارَ،

وو يارَ! لُنءَ لُنءَ ۾ لالَنَ جِي.

ڪانگَنِ قَطاروُن ڪِيُون، چُڪِيءَ کي چوڌارَ،

وو يارَ! لُنءَ لُنءَ ۾ لالَنَ جِي.

آئُون نِماڻِي نِڪَڻِي، دَمِج تُون دِلِدارَ،

وو يارَ! لُنءَ لُنءَ ۾ لالَنَ جِي.

 

وائي

 

(2)

هوتَنِ بِنا نِي، مِيان! دَردَ فِراق نِي، مِيان!

پُنهونءَ سائِينءَ، جيڏِيُون! آلولو! ماري آهِيان!

اَدِيون! آرِيچَنِ جي، آئُون نِهوڙِيسِ نِفاقَ،

هوتَنِ بِنا نِي، مِيان!

ڏُوُنگَرَ ڏورِيو نه ٿِئي، مُون وِلِهيءَ کان واڪَ،

هوتَنِ بِنا نِي، مِيان!

 

وائي

 

(3)

تَنِ پِرِينِ کي اُڪَنڍي آئون، لَڪَ لَنگهِيائُون،

ڏيرُ قَرارِيا ڏيهَه ۾، تَنِ اُٺُنِ گهوري آئُون.

چَڙهِي ڏاڍين ڏُونگَرِين، ٻانڀَڻِ اُڇَلي ٻانهوُن،

ڏيرَ قَرارِيا ڏيههَ ۾.

هُيَسِ پاسِ پَرِٽَ جي، ٻانڀَڻ ڌيءَ نائُون،

ڏيرَ قَرارِيا ڏيههَ ۾.

 

وائي

 

(4)

ڇوري ڇَڏِ مَ ڇَپَرِين، ٻاروچَلَ! ٻانهِي،

جانِبَ جِهڙو جَڳَ ۾، ناهي ڪو ثانِي،

ڇوري ڇَڏِ مَ ڇَپَرين.

پُنَهَلَ نِيو پاڻَ سين، پورِهيَتِ پَرِٽِياڻِي،

ڇوري ڇَڏِ مَ ڇَپَرين.

پورِهيو ڪَندِيَسِ پِرَ جو، ڀَرِيندِيَسِ پاڻِي،

ڇوري ڇَڏِ مَ ڇَپَرين.

هوتَ! مَ ڇَڏِيو هيڪَلِي، هِيءَ وِندرِ وِڪاڻِي،

ڇوري ڇَڏِ مَ ڇَپَرين.

 

 

 

¯

ڪُڄاڙي کي ڪَنِ، ڪوڙي دَعويٰ دوست سين.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com