سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه جي رسالي جو مطالعو

 

صفحو :10

ڪونج پکي

ڪونج هڪ پهاڙي پکي آهي، جو سنڌ جي لڳو لڳ بلوچستان وارن پهاڙن ۾ رهندو آهي. سخت سرديءَ جي مند ۾ سنڌ ۾ لهي ايندو آهي. هو وڳر ۽ ولر ڪري داڻو پاڻي حاصل ڪندو آهي. اڇي رنگ جو قداور پکي، ڊگهي ڳچيءَ سان ٿئي، ان جي آواز ۾ چڱو ميٺاڄ آهي. مسافر پکين جون ٽوليون ڏسندي شاهه صاحب کي خاص امنگ پيدا ٿين ٿا. ڪونج کي پيار کان ڪونجڙي به سڏي ٿو ۽ هنديءَ ۾ کيس ڪونجي چون تنهن سان به ياد ڪري ٿو فرمائي ٿو:

قسمت آنديون ڪونجڙيون، وطن سندن روه،

ڪنهن جو ڪونهي ڏوه، رزق رازق هٿ ۾.

هنن جي پاڻ ۾ ٻڌي ڏسي فرمائي ٿو:

وڳر ڪيو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾،

پسو پکيئڙن، ماڻهنئان ميٺ گهڻو.

يعني ته ڪونجون پاڻ ۾ ڏاڍي اتحاد ۽ اتفاق ۾ آهن ۽ وڳر ڪري هلڻ سان سندن پريت پڪي ٿيندي رهي ۽ ان ڪري پاڻ ۾ ميٺ يا ميٺاج به وڌي ٿو، پر افسوس جو انسانن ۾ اها شئي ڪانه رهي آهي جو پاڻ ۾ هڪ ٿي رهن ۽ هڪ ٿي رهڻ جو هميشہ نتيجو مٺو نڪرندو آهي. فارسي جو شاعر ٿو فرمائي:

 

ز اتفاق مگس شهد مي شود پيدا،

خدا چہ لذت شيرين در اتفاق نهاد.

 

يعني ته مکين جي اتفاق يا ايڪتا سان ماکي پيدا ٿئي ٿي. ڏسو ته الله تعالى ايڪتا ۾ ڪيڏو نه ميٺاڄ رکيو آهي. پرديسي پکي جي ڪڻڪن ۽ لنوڻ کي شاهه صاحب سندن وڇوڙين ٻچن جي يادگيري ۽ فراق جا ڦوڙائي سمجهي فرمائي ٿو:

 

ڪونجيون ٿيون ڪڻڪن، جيڪس هلڻ هاريون،

ٻچا پوءِ اٿن، وڃن وانڍا ڪيو.

ڪونجهڙي ڪالهه لئي، سڄن وڌم جت،

آءٌ جنهن ريءَ هت، گهنگر گهاريا ڏينهڙا.

ڪونج پنهنجي وڳر مان وڇڙي وئي آهي، اڪيلي رڙندي وتي ٿي، ماري سندس ڦاسائڻ لاءِ ڦاهيون اڏيو ويٺو آهي:

 

وڏي وڳر هيرئين، چڻي نه ٻين گڏ،

ڪونج ڪريندي سڏ، ويئي وهامي راتڙي.

 

هوڏانهن پوءِ تان کيس وڳر واريون به سنڀالي ۽ سندس سلامتيءَ لاءِ آسيسون ڏئي رهيون آهن:

 

وڳر ۾ وائي، ڪالهه تنهنجي ڪونجڙي،

سَرَ ۾ سارينئي گهڻو، ڀينر ۽ ڀائي،

پسين نه ڦاهي، جا ماري سندي من ۾.

 

هن مسڪين مسافر پکيءَ کي ماريءَ جي دام ۾ ڦاسندو ڏسي فرمائي ٿو:

ماري مرين شال، ڍٻ وڃنئي ڍٻيون،

جيئن تو اچي ڪالهه، وڌو وچ ورهن کي

هي دنيا مسافر خانو آهي، جتي دنيا جون وٿون هڪ پاڪ روح لاءِ ڍٻيون آهن ۽ بڇڙيون سڌون ماري آهن. انسان جنهن جو اصل وطن ڪو ٻيو آهي، جيڏانهن هن کي وري وڃڻو آهي، تنهن کي خدا وارن جي ٽوليءَ کان جدا ٿيڻ نه گهرجي. ٿورو به ويسلو رهيو ته پوءِ ماريءَ کي مار جو موقعو ملي ويندو.

ماري به ته ساڳي انساني صورت ۾ شيطان آهن، پر انهن جو سڀڪنهن کي پتو ڪو نه پوي ٿو:

بغل منجهه بندوق، ماري ميرا ڪپڙا،

ماريو مير ملوڪ، لتاڙيو لڪَ چڙهين.

حضرت جلال الدين رومي فرمايو آهي:

اي پسا ابليس آدم روءِ هست،

پس بهر شخصي بنايد داد است.

يعني ته ڪيترائي شيطان ماڻهو انساني روپ ۾ آهن، تنهن ڪري هر هڪ شخص کي نيڪ انسان سمجهي هن جي هٿ ۾ هٿ ڏيڻ نه گهرجي. يعني ته ان جي صحبت اختيار ڪرڻ نه گهرجي. متان داڻو کارائي خانو خراب ڪري ڇڏي. انهيءَ معنى ۾ شاهه صاحب فرمايو آهي ته ماريءَ کي ميرا ڪپڙا آهن جو پورو سڃاڻڻ ۾ نٿو اچي. ميرن يا خاڪي ڪپڙن کان شڪار نه ڇرڪندو آهي، جنهن ڪري سولائي سان هن جي دام ۾ گگدام ڦاسي پوندا آهن. هوڏانهن انهيءَ ميرن ڪپڙن واري جي بغل ۾ بندوق آهي جو غافل ڏسي هڪدم شڪار ڪري سگهي ٿو.

ڪانگ پکي

سنڌ ۾ هي پکي جام ٿئي، رنگ جو ڪارو، گردن تي سفيدي، اکين جو تکو، ٿورو ٽيڏيرو، ڏاڍو سياڻو پکي ٿئي ٿو. داڻا به چڳي ته ماس مڇي به کائي. ننڍن پکين جا ٻچا شڪار ڪري ڳڙڪائي وڃي. هن جي ڄمار چون ٿا ته ڏاڍي ڊگهي ٿيندي آهي. پنهنجي بچاءَ لاءِ پوري هوشياريءَ کان ڪم وٺندو آهي. هن جي سياڻپ پهاڪي طور ڪم ايندي آهي. چوندا آهن ته سياڻو جهڙو ڪانؤ، سياڻو ڪانگ ٻه ڄنگهو ڦاسي. سنڌ وارن جو رواج هو ته ڪنهن گهر جي ٻنڀي يا ڀت تي ڪانؤ ويهي لنوي ته ان مان گمان ڪڍندا آهن ته اجهوڪي اجهو ڪو سڄڻ يا دوست آيو. سنڌ جي ڪن زالن کي ڪانؤ جي ٻوليءَ جي ڄاڻ ٿيندي آهي، هن جي هڪ خاص آواز مان اندازو ڪندي چونديون آهن ته ڪانؤ ٿو لنوي اجهو ٿو ڪو مهمان اچي. سنڌين وٽ ڪانگ کي هڪ قاصد جي پوزيشن آهي جا سپرين جا سنيها ۽ هنن جي ميلاپ جو پرانڀو يا پيغام کڻي ايندو آهي. شاهه صاحب واري سنڌ فقط ٻهراڙي واري سنڌ آهي. هن جي سامهون ٻهراڙيءَ جون ئي ريتون رسمون آهن، جنهن ڪري ڪانگ کي ڪڏهن قاصد واري صورت ۾ وڻ تي ويٺل ڏسي ٿو:

 

آءُ ڪانگا وڻ ويهه، سڌيون ڏي ساڻيہ جون.

 

ڪڏهن وري ٻهراڙيءَ جي گهرن ۾ جو مُنيون کتل هونديون آهن، جنهن مان مينهيون يا ٻيو مال ٻڌبو آهي، تنهن کي ڏسي ٿو:

 

ڪرُ کنيو ڪانگ لنوي مُنيءَ تي مضبوط.

     ڪڏهن ڪکانئين مَنهه تي ويٺل نظر اچي ٿو:

مٿان منهه منهنجي ڪنهن اڏايو ڪانگ.

 

سنڌي ماڻهو ڪانگ کي قاصد يا پرينءَ جي پار جو پکي سمجهي هن کي سڌورو ڄاندا آهن پر اسلام کان اڳ وارا عرب ڪانگ کي ڏاڍو بڇڙو پکي ۽ دوستن، عزيزن ۾ جدائي ڪندڙ سمجهندا هئا. هن وقت تائين ٻهراڙيءَ جا عرب ائين سمجهندا آهن. ڪانگ کي هو سڏيندا ئي غراب البين آهن، يعني ته جدائي آڻيندڙ پکي. غراب جي لفظ مان غربہ ۽ اغتراب ڪڍيا ويا آهن، يعني سفر ۽ پرديس ماڻڻ. عرب جن به شين يا جانورن مان سونڻ يا بدفالي وٺندا هئا تن ۾ ڪانؤ سڀ کان وڌيڪ هنن وٽ بڇڙو پکي آهي. هڪ شاعر جو قول آهي:

وصاح غراب فوق آء واء بانہ،

با خبار احبابي فقسمني فڪري،

فقلت غراب باغتراب وبانہ،

بين النوي تلک العيافہ والزجر،

وهبت جنوب با جتنابي منهم،

وهاجت صبا، قلت الصبابہ والهجر.

يعني ته ڪانگ بان وڻ تي ويهي منهنجي دوستن جي ڳالهه ڪئي. (2) جنهن تي مان چيو ته ڪانگ ته ساٿين ۾ ڏورانهين ۽ جدائي آڻن لاءِ آهي ۽ سندس لنوڻ هڪ تنبيہ آهي. (3) ان کان پوءِ ڏکڻ جو واءُ لڳو ته ڀانيم ته دوستن کان ڏوراهي ٿئي ٿي ۽ صبح جي هير گهلي ته چيم ته عشق سان گڏ جدائي آئي.

عربن جو ڪانگ بابت اهو تخيل آهي ته سنڌين جي وري هي آهي ته ڪانگ قريبن جو قاصد آهي. هر هڪ ملڪ جا رواج نرالا آهن. عربي يا فارسي شاعر دوست يا معشوق جو نامہ بر يا قاصد ڪبوتر کي تصور ڪندا آهن ۽ ڪبوتر هٿان سڄڻن ڏانهن سنيها موڪليندا آهن، جيئن ته فارسيءَ جو هڪ شاعر فرمائي ٿو:

 

تابرد سويش کبوتر نامہ چندان سوده ايم،

ديده بر پايش کہ پايش رابخون آلوده ايم.

 

ڪبوتر جا پير ڳاڙها ٿيندا آهن. شاعر ان جي علت بيان ڪندي چوي ٿو ته ڪبوتر جڏهن خط کڻي رواني ٿيڻ تي هو ته مان سندس پيرن تي رت روئندڙ اکين کي ايتري قدر مليو جو سندس پير خون آلود ٿي پيا ته جيئن معشوق کي منهنجي سچي سڪ جو ڪو سماءُ پوي.

شاهه صاحب جي سامهون فقط سنڌ آهي. ايراني شاعري جي ورجيس کان گهڻي حد تائين بچڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس، تنهن ڪري هو قاصد يا پيغام پهچائيندڙ ڪبوتر جي جاءِ تي ڪانگ کي قاصد ڪندي نج سنڌي رواج جو پنهنجي شاعري ۾ بيان ڪري ٿو. فرمائي ٿو:

 

ڪري ڪانگ ڪر نشون پيرين پرين پئيج،

آءٌ جو ڏيئين سنيهو، وچ م وساريج،

لله لڳ لطيف چئي، ڳجهو ڳالهائيج،

چئان تيئن چئيج، ته کنياتا خوش هئين.

 

پيرين پوڻ فقط سنڌ جو ئي رواج آهي. ڪانگ کي نياپو ڏيندي هيئن چوڻ ته پرينءَ کي پيرين پئي پوءِ پيغام ڏج! سنڌي زبان جو هڪ ايڏو بلند تخيل آهي، جنهن کي ٻي ڪنهن به زبان ۾ هر گز ادا ڪري نٿو سگهجي. ايراني شاعر ڪبوتر جي پيرن تي خون آلود ڳوڙها ڳاڙي پنهنجي پرينءَ جو پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائي ٿو پر شاهه صاحب فرمائي ٿو ته:

ڪڍي ڪانگا تو ڏيانءَ، هنيون ساڻ هٿن،

وڃي کاءُ ولايت ۾، اڳيان عجيبن،

پرين مانَ پڇن، ته هيءَ قرباني ڪنهن ڪئي.

 

محبوب جي متوجہ ڪرڻ لاءِ پنهنجون هنيون ڪانگ کي ڪڍي ڏيڻ ته معشوق جي ملڪ ۾ وڃي سندس سامهون کائي ته من پڇا ڪن ته هي ڪير قربان ٿيو آهي، جنهن جو هنيون ڪانگ جو کاڄ ٿي رهيو آهي. ايڏو بلند تصور شايد ڪنهن شاعر پيش ڪيو هجي. شاهه صاحب هن خيال ۾ اچي ايڏو ڪمال ڪري ڏيکاريو آهي، جو اتي سڀڪنهن سخن گوءِ سگهڙ جو پهچڻ بي حد مشڪل آهي. ڪانگ جو قاصد بڻجڻ واري حالت ۾ ٻه حالتون آهن. (1) هو پرين جو پارانڀو يا پيغام آڻي ۽ سندن وصال جي ڪا وائي اچي واري:

 

ڪي جو زاغ زبان سين لنَيو مٿي لام،

پهچايائين پرين جا، سرتيون رات سلام

 

(2) ڪانگ پرينءَ ڏي پيغام يا ڪو خط کڻي وڃي کيس پهچائي:

اڏر لڳ الله، ويلو ڪر م وچ ۾،

آءُ جو ڏيانءِ سنيهو، سانڍ برابر ساه،

سندي ڳجهاندر ڳاه، ڪهج م قريبن ريءَ.

 

ڪڏهن ڪانگ کي خط ڏئي، محبوبن ڏانهن موڪلڻ لاءِ چوي ٿو:

 

ڪانگل نيئي ڪانگ، منهنجي ڏي محبوب کي،

لالن لايئي ڏينهڙا، ڪنهن سٽاڻي سانگ،

اوهان ري اڙانگ، ويٺي وره وسائيان.

 

هت ڪانگ جي معنى خط آهي، جنهن کي شاهه صاحب ٻئي شعر ۾ ڪتابت ۽ خط جي لفظ سان به آندو آهي. ڪانگ مان مراد ڇا آهي ۽ ڪنهن ڏانهن قاصد ڪري موڪلي ٿو؟ ڪانگ ڪهڙي قسم جو هجي جنهن بابت فرمائي ٿو ته:

زاغ تنهنجي ذات جو ٿورو مٿي مون.

هيئن به فرمائي ٿو ته:

قريبن جو ڪانگڙو، مٿي ٽار ٽلي،

سو ور چشمن تي چلي، جو درباري دوست جو.

هن دوستن جي محرم راز عارف ڏانهن اشارا ڪيل آهن پر جيڪڏهن اهي وصفون قاصد يا وچ واري ۾ نه آهن پر ڪانءُ جون جيڪي مشهور بريون عادتون هجن ته ان بابت فرمائي ٿو ته:

سو ڪانگ نه قاصد ڪر، جو سدا ڍونڍ ڍري،

ڪه ڪندو پنهنجي پيٽ جي، ڪي ويندو دوست در،

جنهن جي ٻوليائي ٻر ٻر، سو نياپا نيئي رهيو!

جنهن کي صوفيءَ جو سينو نه آهي فقط ماڻهن جي ڏيکاءَ لاءِ ٺوڳي آهي ۽دنيا جي ڍونڍ تي ڍريو پيو آهي، تنهن کي قاصد يا سونهون نه بڻايو وڃي چو ته هو پنهنجين نفساني گهرجن جي پورت ڪندو يا رهبر بڻجي راه ڏيکاريندو.

 

هد هد:

سنڌ جو هڪ پکي آهي، جنهن کي فارسي ۾ مرغ سليمان ۽ سنڌي ۾ ڪاٺ ڪٽو، چنڊول چوندا آهن.

 

طالع طاؤسن جا پسيو زاغ جلندا،

هد هد پسيو هنجڙا، ويٺائي وهسندا.

ڪانگ جي بد خصلتن جو بيان ڪندي فرمائي ٿو ته طاؤس يعني مور جي بخت ڏسي ڪانگ پيو جلندو پر هنج پکي هد هد کي ڏسيو پيو خوش ٿيندو.

هد هد يا چنڊول پکي چٽ ڪمرو ٿيندو آهي، سندس کنڀ ۽ پير زرديءَ تي مائل ٿيندا آهن. مٿي تي هڪ ڳاڙهو موڙ يا چوٽي ٿيندي اٿس، جنهن کي پيو کوليندو ۽ بند ڪندو آهي. حڪمت جي ڪتابن ۾ آيل آهي ته هد هد جا کنڀ پٽ جي اڳڙيءَ ۾ ٻڌي دشمن کان بچاءُ واري ارادي سان زمين ۾ پوربا نه ماڻهو دشمن جي شر کان امن ۾ رهندو.

ڪوئل

ڪوئل قد ۾ ڪانگ جيڏو ڪاري رنگ جو پکي آهي، آواز ڏاڍو مٺو ۽ دردناڪ ٿئيس ٿو. سنسڪرت ۽ هندي شاعري ۾ معشوق جي آواز کي ڪوئل جي ٻول سان تشبيہ ڏني ويندي آهي. هي پکي سمنڊ يا برساتي هنڌن تي رهندو آهي. شاهه صاحب هن جو بيان سسئي واري سفر ۾ آڻيندي فرمائي ٿو:

رڃن ۾ رڙ ٿي، ڪر ڪوئل جي ڪوڪ،

ولولو ۽ ووڪ، اِي تان آهي عشق جي.

ڪوئل ڪراچيءَ جي باغن ۾ به جام ٿئي. سسئي جو پنڌ به ڪراچي کان پري سمنڊ جي ڪناري سان هليو وڃي ٿو، جتي ڪوئل جو پڙلاءُ پوندو رهندو آهي.

فصل پنجون

سنڌ جا ڪي ٻيا جانور

ڪتو:

سنڌ جي جانورن مان سنڌ جي ٻهراڙيءَ ۾ ڪتي جي ڏاڍي گهرج ۽ ضرورت آهي. ڪتو مال جي سنڀال ڪري، کيتيءَ جو رکوالو ٿئي، گهر ٻار جي نگهباني ڪري، ٻهراڙي جو هاري يا مالدار ڀاڳيو ماڻهو ڪتي کانسواءِ رهي نه سگهي. ڪتي ۾ ڪي خصلتون آهن. هو مالڪ سڃاڻي، مالڪ جو دوست سڃاڻي، دشمن کي پري کان ٿڏي جهلي بيهي. مجال جو ڪو ڌاريو ماڻهو هن جي مالڪ جي ٻنڀي تي پير به ڌري سگهي. شاهه صاحب سر معذوري ۾ ڪتي جو بيان شاعرانه انداز ۾ آندو آهي. ڪيچ جا ڪتا جيڪڏهن سسئي کي ٻوٽيون ڪري کائي وڃن ته اها به هن جي پهچ ۽ ڪاميابي آهي.

ٻانڀڻ ٿي ٻوٽيون، ته ڪتا کينئي ڪيچ جا.

ڪيچ جا ڪتا به ڪتا ڪهڙا؟ ان جي جواب ۾ فرمائي ٿو:

ڪتا کينئي ڪيچ جا، سندا جي پنهونءَ،

اگهيئين هوند اسونهن، جي جانارن ياد پئين.

ڪتو ڀؤنڪندو آهي يعني واڪو ڪري آواز ڪندو گرندو به آهي، يعني هري هري آواز ڪڍندو آهي. ڏاڙهڻ لاءِ گهڏي- لڏي گهور ڪري به ايندو آهي. ڪتي جي انهن سڀني لازمي وصفن کي هيٺئين شعر ۾ آڻي ٿو:

جاڳايس [1] جنبور، ڪتي قريبن جي،

بهي ڀؤنڪي اٿيو، گهڏي منجهان گهور،

سڀ لاهيندو سور، گري هن غريب تان.

 

ڪتو ته مالڪ جا دوست به سڃاڻندو آهي پر پهريان واٽهڙو تي ڀؤنڪي ايندو آهي، جڏهن ڏسندو آهي ته هي ته پنهنجا آهن ته پوءِ کڻي بس ڪندوآهي.

 

ڪتو چئي قريب جا، آهيون ساڌ سهي،

پهرين بات بهي، پڇيون پوءِ پانڌين کي.

 

ڪتو هڪ طرف ڏاڍو وفادار جانور آيه پر ان سان گڏهو ڍونڍ جو طالب به آهي.

 

ڪتو طالب ڍونڍ جو، اسين ڪتي ڪيڙ،

چهٽي آيو چيڙ، ڪارايل جي ڪن ۾.

 

هتي ڪتي کي ڪارايل يا ڪارائي يعني مور سڏيو ويو آهي. اڳ سنڌ ۾ دستور هوندو هو ته پيار کان هوشيار ڪتن کي مور ۽ موتيڙو سڏيندا هئا.

 

سگبان سينڍاريا، بڇيا تي بهن،

ڦريا نه فرمان کان، ملهه نه موتيڙن،

ڪونهي ڏوهه ڪتن، ڏاڪاريا ڏاڙهين ٿا.

 

هن شعر ۾ ڪتن کي موتيڙو سڏيو ويو آهي. سينڍارن سيٽي ڏيڻ، سڏ ڏيڻ. ڪتو ڪنهن کي بڇائڻو هوندو ته هن کي سينڍ ڏيئي هوشيار ڪري پوءِ بڇائبو آهي. ڏاڪارڻ بڇ ڪرڻ. هنن ٿورن شعرن ۾ سنڌي زبان جون اهي سموريون ورجيسون شاعر آڻي گڏ ڪيون آهن، جيڪي ڪتي سان لاڳائوآهن. ان مان شاهه صاحب جي سنڌي زبان تي حاوي هجڻ جو پورو پتو پئي سگهي ٿو.


[1]  جنبور- زنبور فارسي لفظ آهي. معنى ڏينڀو. تکي ويڙهو ڪتي کي جنبور سڏيندا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com