سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه جي رسالي جو مطالعو

 

صفحو :12

اهو رسالو ديوان تاراچند ايجوڪيشنل انسپيڪٽر 1900ع ۾ تيار ڪرايو ۽ سرڪار جي خرچ سان ڇپجي پڌرو ٿيو. انهيءَ رسالي جي منڍ ۾ ڏيکاريل آهي ته اهو رسالو ڀٽ واري قلمي رسالي سان ڀيٽي ۽ ٽرمپ ۽ بمبئي ڇاپي سان مقابلو ڪرائي تيار ڪيو ويو آهي، مگر غور سان ڏٺو ويندو ته ان ۾ به ڪيتروئي ڌاريو ڪلام اچي ويو آهي، جنهن جو شاهه صاحب جي شعر سان ڪو لاڳاپو ڪو نه آهي، هن رسالي جي صورتخطي سڌاري وئي آهي جو هاڻوڪي هالو چالو رواج موجب آهي.

(4) مرحوم مرزا قليچ بيگ شاهه جي رسالي کي پنهنجي نموني ۾ 1913ع ۾ جمع ڪيو، جنهن کي شڪارپور جي منشي پوڪرداس 1914ع ۾ پهريون دفعو ڇپائي پڌرو ڪيو.

مرزا صاحب انهيءَ رسالي جي ديباچي ۾ لکيو آهي ته جڏهن ڪنهن شاعر جو ڪلام پڌرو ڪجي تڏهن ضروري آهي ته هن جو سڄوئي ڪلام ڏجي ۽ صحيح ڏجي، تنهن ڪري ڪن دوستن جي صلاح سان مون سرڪاري ڇاپي کي قائم رکي سڀڪنهن صفحي جي هيٺان بمبئي واري رسالي جون پڙهڻيون ڏنيون آهن. جيڪي بيت وغيره (سرڪاري رسالي ۾) نه هئا اهي به انهن هنڌن تي لکيا ويا آهن. بيتن جو نمبر سرڪاري رسالي وارو قائم ڪيو ويو آهي، اهڙا نوان بيت مڙئي 846 ۽ ٻيون وايون 15 آهن جي سرڪاري رسالي ۾ نه آهن.

وڌيڪ لکي ٿو ته ٽرمپ واري رسالي جون پڙهڻيون مقابلي ۾ ڇڏيون ويون آهن، جو اهي اڪٿر غلط معلوم ٿيون، مرزا صاحب جي رسالي تي پوريءَ طرح غور ڪيو ويندو ته اهو به ساڳي ريت بمبئي واري ڇاپي وانگر پنهنجن ۽ پراين شعرن جو گڏيل ڪچڪول آهي پر ان هوندي به هن بزرگ جي محنت کي هزار آفرين چوڻ کان رهي نٿو سگهجي، جو شاهه صاحب جي ڪلام کي سودي سنڀالي پوين جي مطالع لاءِ هڪ وڏو مجموعو ڇڏي ويو آهي.

ڊاڪٽر گربخشاڻي جو رسالو:

ڊاڪٽر گربخشاڻي جو شاهه جو رسالو: ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي حيدرآبادي سنڌي، فارسي ۽ هنديءَ جو وڏو عالم هو، هو ڪجهه قدر عربي ۽ سنسڪرت کان به واقف هو. ڊي جي سنڌ ڪاليج جو فارسي جو پروفيسر ۽ ان کان پوءِ ان جو پرنسپال ٿي رهيو. زندگي سموري علم سکڻ ۽ سيکارڻ ۾ گذريس، صوفيانه خيالات جو ماڻهو، ويدانت فلاسفي ۽ اسلامي تصوف جو واقف هو، هن ورهن جا ورهيه راتيون جاڳي شاهه جي رسالي تي پورهيو ڪيو ۽ سندس ارادو هو ته رسالي جو هڪ صحيح نسخو معنى سميت پڌرو ڪيو وڃي. رسالي ۾ جيترا به ڏکيا اکر ڪم آيل آهن تن جو اصل اشتقاق ۾ پڻ بنياد وڃي ڳولهي لهجي.

آخر هو صاحب ان ڪم ۾ ڪامياب ٿيو، شاهه جي رسالي کي چئن جلدن ۾ ورهائي هن پهريون جلد شرح ۽ معنى سميت 1923ع ۾ پڌرو ڪيو. لکائي ۽ ڇپائي تي ايڏو خرچ ڪيائين جو اڳ انهيءَ رنگ ڍنگ جو سنڌ ۾ ڪڏهن به ڪو سنڌي زبان جو ڪتاب ڪو نه ڇپيو هو. ڪتاب ڇپجڻ شرط مٿس تحسين ۽ آفرين جا وسڪارا ٿيڻ لڳا. رسالي جو مقدمو يا مهاڳ ايڏو ته عالمانه انداز جو لکيائين جو سندس قابليت جو قدر ٿيڻ لڳو ۽ پهريون جلد هٿوهٿ کڄڻ لڳو.

هڪ طرف ڊاڪٽر گربخشاڻي جي ڪم جي واکاڻ ٿيڻ لڳي ته ٻئي طرف کان وري مسٽر ڄيٺمل پرسرام جو شاهه جي رسالي جو ڄاڻو هو ۽ ٿياسافسٽ اصولن جو پيرو ۽ صوفي سماگم جو سيڪريٽري ۽ اخبار ڀارت واسي جو ايڊيٽر هو، تنهن ڊاڪٽر گربخشاڻي جي گڏ ڪيل رسالي تي ڪي اصولي اعتراض ڪيا. هن جو چوڻ هو ته ڊاڪٽر گربخشاڻي اٽڪل هڪ هزار بيت رسالي مان لوڌي ڪڍيا آهن، جنهن ڪري سنڌي ادب کي هڪ وڏو ڌڪ لڳي رهيو آهي. آخر اهي بيت ڇو ڪڍيا ويا آهن ۽ ان لاءِ ڪو قوي سبب هجڻ گهرجي. ڊاڪٽر گربخشاڻي جي طرفداري ۾ ڪي مسلمان عالم جيئن ته حڪيم فتح محمد صاحب سيوهاڻي، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو، جو ان زماني ۾ لنڊن جي ڪيمبرج يونيورسٽي ۾ مقيم هو، مسٽر لال چند امر ڏنه مل، پروفيسر ڀيرومل ۽ ڪي ٻيا صاحب هئا. ڀارت واسي اخبار ۽ حيدرآباد جي روزانه پرڪاش اخبار ۾ مهينن جا مهينا رد ڪد ۾ مضمون ڇپجندا رهيا. مسٽر ڄيٺمل پرسرام تي ايڏو ڌوڙيو وسايو جو ٻيو ڪو هجي ها ته بان ڪري ويهي رهي ها مگر مڙس هو ارادي جو پڪو سو ڪٿي ٿو مڙي. چوي ته دليل ڏيو ته هڪ هزار شعر ڇو ڌاريا سمجهي ڊاڪٽر گربخشاڻي رسالي مان لوڌي ڇڏيا آهن؟

ديوان ليلارام سنگ رٽائر جج هڪ ٻڍو مڙس جنهن آخوند احمد ڀٽ واري هڪ وڏي عالم کان شاهه جو رسالو پڙهيو هو، سو به مسٽر ڄيٺمل جي طرفداري ڪندو رهيو ته آخر اهو ناحق ڇو ٿيو آهي ۽ بيتن جو هڪ وڏو سٿو خارج ڪيو ويو آهي.

مرزا قليچ بيگ مرحوم 25 ڊسمبر 1923ع ۾ رسالي جي پهرئين حصي مطالع ڪرڻ کانپوءِ هڪ تنقيد لکي ڊاڪٽر گربخشاڻي کي موڪلي ڏني، جنهن ۾ رسالي جي شرح ۽ اکرن جي کوجنا ۽ ڊاڪٽر صاحب جي لکڻي جي ڏاڍي واکاڻ ڪئي وئي آهي مگر ان ۾ رسالي جي ڀڃ گهڙ ۽ بيتن جي نيڪالي تي ڪجهه به لکيل نه آهي. مسٽر ڄيٺمل جڏهن مرزا صاحب جو هزار بيتن جي ڪوس واري هاڃي ڏانهن توجهه ڇڪايو تڏهن مرزا خود حيرت ۾ پئجي چوڻ لڳو ته برابر اهو ته ڪوس ٿيل آهي. جنهن ڪري ڪن اخبارن ۾ وري مرزا صاحب مرحوم جي برخلاف گوڙ ٿيڻ لڳو ته هو هڪ ئي شئي بابت ٻه رايا رکي ٿو. ايڏو وڏو گوڙ ڏسي مرزا صاحب مرحوم سرڪاري تعليم کاتي جي آفيسرن کي لکيو ته چڱو آهي ته شاهه صاحب جي رسالي جي گڏ ڪرڻ ۽ سندس شرح لکڻ لاءِ ڪن عالمن جي ڪميٽي مقرر ڪئي وڃي ته هو هڪ مڪمل نسخو تيار ڪري سنڌ وارن جي سامهون رکي ته جيئن آئينده اهڙن اختلافي هنگامن جي مونجهاري کان ماڻهن کي ڇوٽڪارو ملي وڃي. مگر سرڪار ان عريضي تي ڪو ڌيان ڪو نه ڏنو ۽ معاملو اڌ ۾ رهجي ويو. ان کانپوءِ ڊاڪٽر گربخشاڻي جي گڏ ڪيل شاهه جي رسالي جو ٻيو حصو 1925ع ۾ پڌرو ٿيو ۽ ٽيون حصو 1931ع ۾. افسوس جو چوٿون ڀاڱو آخر وقت تائين پڌرو ڪري نه سگهيو جو ڪجهه دل شڪسته به ٿي پيو ۽ ڪجهه ٻيا اسباب به پيش آيل هئس، جنهن ڪري ڪم کي اڳتي وڌائي نه سگهيو ۽ 1946ع ۾ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري هليو ويو.

مٿيون علمي جهڳڙو 1923ع کان وٺي 1924ع تائين سنڌي عالمن ۾ هلندو رهيو ۽ منهنجي سامهون هلندو رهيو. هاڻي هن ڪتاب لکندي جڏهن مسٽر ڄيٺمل جا مضمون نظر مان ڪڍيا وڃن ٿا ته انصاف سان چوڻو پوي ٿو ته هو جو ڪجهه چئي رهيو هو تنهن جو هن کي ڪنهن به جواب ڪو نه ڏنو ٿي، پر ويچاري کي سياسي بغض ڪري ننديو ويو ٿي. اهو زمانو هو قطع تعلقات جو، مسلمان هئا ڪٽر قطع تعلقاتي ۽ مسٽر ڄيٺمل هو مرحوم غلام محمد ڀرڳڙي جي پارٽي جو آرام پسند يا غير قطعي، جنهن ڪري هن کي لويو ويو ٿي. ڄيٺمل جو چوڻ هو ته جيڪي بيت ڌارين ماڻهن جا آهن سي جيڪڏهن ڊاڪٽر گربخشاڻي ڪڍي ڇڏي ها ته ان تي اعتراض ڪو نه آهي، پر سوين بيت اهڙا به خارج ڪري ڇڏيا اٿس جي بالڪل شاهه جو ڪلام آهن تن جي ڪڍڻ لاءِ ڇو قدم کنيو اٿس؟

ڪي اهڙا بيت آهن جي سڀني نسخن ۾ آهن. بمبئي واري بلڙيءَ واري ۽ ٽرمپ صاحب واري ۾، مگر ڊاڪٽر گربخشاڻي اهي به خارج ڪري ڇڏيا آهن. مسٽر ڄيٺمل مثال لاءِ سُر سريراڳ جو هڪ بيت لکيو آهي جو ڊاڪٽر صاحب پنهنجي رسالي مان هن ڪري ڪڍي ڇڏيو آهي جو هن ۾ شاعراڻي خوبي ڪانه آهي:

سوداگر سمونڊ جا لاڄو لال وٽيج،

اڇا اولا عاج جا، چڱا چٽائيج،

سڙهه سبي سقلات جا، کوها خوب کڻيج،

ست سکان ساڄا ڪري، ڇهه ڇڄهريون اڏيج،

ٻارهن، تيرهن، پندرهن، سترهن سينگاريج،

ساري سٽ سيد چئي، پوري پڄائيج،

ملاح، معلم خبرون، پڇي پروڙيج،

وسقاهم ربهم شراباً طهورا، پاڻي پاڪ پيئيج،

جنهن کي سِڪي سڀڪو، پرين سو پسيج،

لڙه ۾ ڪيم لڙهيج، ته ستڙ سامونڊي ٿئين.

 

مسٽر ڄيٺمل لکي ٿو ته جيڪڏهن شعر شاعراڻي خوبي کان خالي آهي ته پوءِ سڄو رسالو شاعراڻي خوبيءَ کان خالي آهي. هي شعر ڌاريو ڪلام آهي ته ان لاءِ ڪهڙي سند ۽ ڪهڙو دليل آهي. اهو اسان جو سوال پڇڻ معنى ته اسين ناپاڪ تحريڪ ٿا هلايون. ان زماني ۾ جناب حڪيم حافظ حاجي قاضي علامه سيد اسدالله شاهه صاحب ٽکڙائي حيات هو، جڏهن کيس شاهه جي رسالي تي هلندڙ جهڳڙي ڏانهن توجهه ڇڪايو ويو، تڏهن هن صاحب وچان ئي هڪ ٻيو رستو اختيار ڪيو. سيد اسدالله شاهه صاحب هڪ ڊگهو رايو لکي الوحيد اخبار جي 5 اپريل 1924ع ۾ پڌرو ڪرايو. اسان اهو رايو لفظ بلفظ هيٺ ڏيون ٿا ته تاريخي طرح هڪ وڏي عالم جو هڪ مضمون سنڌي اديبن جي سامهون اچي ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻي جي رسالي کي صهيح صورت ۾ مطالع ڪرڻ جو موقعو ملي.

 

قاضي اسدالله شاهه جو ڊاڪٽر گربخشاڻي جي گڏ ڪيل شاهه جي رسالي بابت رايو

پروفيسر گربخشاڻي جو ترتيب ڏنل رسالو شاهه ڀٽائي عليہ الرحمة جو پهريون جلد هن احقر جي نظر مان گذريو، ان جي مطالعي کان جو حظ روحاني حاصل ٿيو سو حد کان ٻاهر آهي ۽ پروفيسر صاحب کي صد مبارڪون ٿو چوان ۽ اهڙي محنت ۽ عرق ريزيءَ تي سندس شڪر گذاري مسلمانن جي طرفان ادا ڪريان ٿو.

رسالي جي ڇپائيءَ جي عمدگي ۽ صفائي شاهه جي اصلوڪي نج سنڌيءَ جو حل ۽ شاهه جي ڪلام بابت فصاحت ۽ بلاغت ۽ ٻين انيڪ خصوصيتن جو ذڪر ۽ هر هڪ سٽ جي اول ۾ ان جو مختصر بيان ڏئي درياء کي ڪوزه ۾ بند ڪرڻ ۽ عبارت جي لطافت ۽ نزاڪت ۽ بيتن جو مختصر ۽ ڪافي شرح ۽ ان کانسواءِ ٻيون بي حد خوبيون منجهس اهڙيون آهن جن جو ذڪر ڪرڻ جي ڪا ضرورت ڪانه آهي، هرڪوئي ان جي مطالع مان معلوم ڪري سگهندو. قدر زر زر گربداند، قدر جوهر جوهري. بيشڪ پروفيسر صاحب هن قحط الرجال ۾ تحسين جو هر طرح لائق آهي، سندس همت افزائي اسان جو فرض آهي مگر ڪي ڳالهيون ضروري فروگذاشت ڪيون ويون آهن ۽ هن ناقص جي خيال ۾ تمام وڏي اعتراض جوڳيون آهن، اهي هي آهن:

جنهن صورت ۾ حضرت قدوه الاولياء شاهه ڀٽائي عليہ الرحمة اهل اسلام جو مقتدا ۽ پيشوا هو. خصوصاً خاندان نبوت ۽ رسالت جي باغ جو هڪ عمدو خوشبودار گل هو، تنهن صورت ۾ سڀ کان مقدم هي ڳالهه پيش نظر رکڻ ضروري هئي ته ان جي سوانحعمري ۽ سندس مذهب علم تصوف ۽ صوفي مشرب جي تشريح اصول اسلامي تي ٿيڻ کپندي هئي، جا بلڪل ائين نه ڪئي وئي آهي. اصول اسلام کي بالڪل نظرانداز ڪيو ويو آهي. منهنجو مطلب نه آهي ته آءٌ ڪنهن مذهب جي اصول تي نقطه چيني ڪريان، مگر هي ضروري سمجهان ٿو ته اسلامي مقتدا ۽ صوفين جي پيشوا جي متعلق اهي اصول بالڪل ناقابل اعتماد سمجهان ٿو جن کي صوفياء ڪرام اسلام ۾ بالڪل غير معتبر بلڪ مردود ۽ باطل بيان ڪيو آهي.

ڪتاب ڊاڪٽر گربخشاڻي جي مقدمہ لطيفي جي مختلف محلن ۾ صوفي مشرب جي تشريح ۾ هيئن فرمايو ويو آهي:

1-   معنوي اصولن جو ڪنهن دين يا مذهب سان واسطو ناهي.

2-  پرينءَ جي پسڻ جو طريقو علحده آهي، جنهن جو دين مذهب سان واسطو ناهي.

3-  شاهه صاحب اهڙي منزل تي رسيل هو، جتي کيس شريعت جي پابندي جي ضرورت ڪانه هئي.

4-  اخير ۾ مذهب جي پيروي ۽ تقليد ڳچيءَ جو گهنگهرو ٿيو پوي.

5-  عاشق جو مذهب علحده آهي سو نڪو هندو آهي نڪو مسلمان، نڪي ڪافر.

الغرض رسالي جي مقدمہ ۾ صوفي المشرب ان کي چيو ويو آهي جو شتر بي مهار مطلق العنان هجي. شريعت جي حدن اندر رهڻ ۽ ظاهري احڪامن جي پابندي ۽ ڪبيرن گناهن کان گوشي ۾ رهڻ ۽ ارڪانن اسلام جي بجا آوري جي ان کي ڪابه ضرورت ڪانه آهي فقط باطن جو تصفيه ۽ روح جي صفائي ۽ باطني ذڪر فڪر ڪافي آهي. اهو عقيدو اسلامي اصول موجب بالڪل مردود ۽ باطل آهي. اسلامي اصول موجب صوفي المشرب ڪهڙي به منزل تي رسي، ابتدا ۾ يا انتها ۾ ان کي شريعت جو اتباع ۽ ظاهري احڪامن جي بجاآوري ۽ اسلامي حدن اندر رهڻ ۽ ان کان پير ٻاهر نه رکڻ ۽ منع ڪيل مٺن ڪمن کان پرهيز ڪرڻ ۽ حلال ۽ حرام جي تميز جي سخت ضرورت آهي، ان کانسواءِ ڪوئي صوفي ڪماليت کي نٿو پهچي سگهي.

اهڙو صوفي جو فقط معنوي اصولن ۽ باطني صفائي سان سواءِ بجا آڻڻ ظاهري احڪامن جي قرب الاهي جي دعوى ڪري ته اسلامي تصوف موجب ڪورو ملحد زنديق چئبو، جيڪڏهن ڪو به صوفي وقت جذب ۽ وجد جي ڪنهن اهڙي قول يا فعل جو مرتڪب ٿئي جو شريعت جي مطابق نه هجي ته ان حالت تي نظر ڪبو، جيڪڏهن هوشياريءَ سان آهي ۽ جائز سمجهي ته ائين ڪري ٿو ته واجب القتل ۽ زنديق چئبو، جيڪڏهن نشي ۽ بيهوشيءَ جي حالت ۾ آهي ته ان جي ڪلام کي تاويل ڪبو ۽ ظاهري معنى نه وٺبي بلڪ شرع جي موافق معنى وٺي شرع جي عتاب کان ان کي معاف ٿيل ۽ عذر وارو سمجهبو، اهو آهي اسلامي تصوف جو اصول ۽ صوفي المشرب جي تشريح.

جيئن ته صوفياء ڪرام جي ڪتابن ۾ بيان ٿيل آهي. جيڪا پروفيسر صاحب صوفي مذهب جي تشريح فرمائي آهي سا اسلامي اصول موجب مردود ۽ ناقابل اعتماد آهي، ڪنهن به اسلامي تصوف جي ڪتاب ۾ اها تشريح ڏنل ڪانه آهي. ڏسو ڪتاب تصوف، هر هڪ فتوح الغيب حضرت غوث اعظم جيلاني جو، مٿس شرح فارسي شيخ عبدالحق دهلوي جو ۽ مڪتوبات امام رباني جا محل مختلف ۽ احياء العلوم امام غزالي، علم الڪتاب خواجه مير درد دهلوي، مثنوي مولانا روم مقدمه ابن خلدون ۽ ٻيا.

باقي اعتراض ڪرڻ ته پروفيسر صاحب ڪلام حضرت شاهه ڀٽائي صاحب جي قطع بريد ڪري گهڻو ڀاڱو رسالي مان خارج ڪري ڇڏيو آهي يا هي اعتراض ڪرڻ ته فلاڻن بيتن جي معنى صحيح طرح نه ڪئي وئي آهي. اهي ٻئي اعتراض هندن صاحبن جي اخبارن ڀارتواسي ۽ پرڪاش ۾ هلندڙ ڏسجن ٿا، ان تي گهڻو قيل قال هلي رهيو آهي، سي اعتراض احقر جي خيال ۾ اهڙا وزندار نه آهن، ڇو ته پروفيسر صاحب پنهنجي تحقيق ۽ تنقيد تي قلمي ۽ قديمي نسخن جي مقابلي ڪرڻ سان ڪلام صحيح ۽ تحقيقي شاهه صاحب جو گڏ ڪيو ۽ ٻيو خارج ڪيو. گهڻي ۾ گهڻو ايترو چئي سگهبو ته هي رسالو شاهه صاحب جي ڪلام لاءِ جامع نه چئبو بلڪه صحيح ۽ منتخب چئبو ۽ بس، تنهن ڪري اعتراض بابت زياده گفتگو جي ضرورت ڪانه آهي.

ٻيو اعتراض معنائن بابت آهي، ان لاءِ عرض ته سڀڪو پنهنجي فهم ۽ ادراڪ ۽ ذهن جي رسائي موجب معنى ڪري ٿو. اسلامي ڪتابن ۾ به ائين ڏسبو آهي ته شرح ڪندڙ معنائن ۾ اختلاف رکن ٿا، تنهن ڪري ان بابت بحث مباحثو اجايو آهي. معنى ڪرڻ ۾ فقط هي لحاظ رکڻ ضروري آهي ته جنهن صورت ۾ شاهه صاحب اسلام جو پيشوا ۽ اسلامي صوفين جو رهنما آهي ته ان جي ڪلام جي اسلامي اصول موجب معنى ڪبي، جيڪڏهن برتقدير ڪو به شعر ظاهر ۾ شرع جي موافق ڏسڻ ۾ نه اچي ته ان جو تاويل ۽ توجيه ڪري شرع جي موافق ڪيو ورنه اهڙي معنى الهاد ۽ زندقہ جي تبليغ چئبي، نه تصوف ۽ صوفيت، جنهن کان يعني (الحاد ۽ زندقہ) کان وجود مسعود شاهه جو بيزار آهي. هي فيصلو اتفاق سان صوفين جو آهي ته ڪل حقيقة لا يشهد لها الشرع فهوالحاد وزندقہ، يعني ته سڀڪا حقيقت جا سالڪ تي ظاهر ٿي ۽ شريعت جي برخلاف هجي ته اها حقيقت الحاد ۽ زندقہ آهي.

علامہ اسدالله شاهه جي هن مضمون مان هيٺيون ڳالهيون ثابت ٿين ٿيون:

1- ڊاڪٽر گربخشاڻي جي گڏ ڪيل شاهه جي رسالي جي معنى ۽ سنڌي عبارت ڏاڍي عمدي ۽ سندس پورهيو تحسين جوڳو آهي.

2- شاهه صاحب جهڙي مسلمانن جي اڳواڻ صوفي جي تصوف بابت جيڪا ڊاڪٽر صاحب رايا پيش ڪيا آهن سي اسلامي تصوف جي بالڪل برخلاف آهن.

3- گربخشاڻي شاهه جي ڪلام جو انتخاب ڪيو آهي ۽ سمورو ڪلام جمع ڪو نه ڪيو اٿس، تنهن ڪري ان تي جهڳڙو ڪرڻ نه گهرجي.

علامہ اسدالله شاهه جي هن مضمون شايع ٿيڻ کانپوءِ وڙهندڙ ٻنهي ڌرين کي هوش اچڻ لڳو ۽ اختلافي مضمون ۽ پاڻ ۾ ردڪد جو مقابلو ختم ٿي ويو.

ڊاڪٽر گربخشاڻي جي رسالي کانپوءِ اڃا تائين نج شاهه جي ڪلام جو جامع رسالو سنڌ ۾ پڌرو ڪو نه ٿيو آهي، ممڪن آهي ته ڪي علم وارا هن ضروري علمي خدمت ڏانهن توجهه فرمائين.

فصل ستون

رسالي ۾ ڌاريون ڪلام

اسان مٿي ڏيکاري آيا آهيون ته شاهه جي رسالي کي سرن جي ترتيب موجب حضرت شاهه صاحب جي حياتيءَ کان پوءِ تيار ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ٻيو ڌاريو ڪلام به گهڻوئي اچي ويو آهي. ڌارين ڪلام جي سڃاڻپ هيٺين ريت ڪري سگهجي ٿي:

1-   اهي بيت جن ۾ ڪن سگهڙن يا شاعرن جا نالا آيل آهن.

2- اهي بيت جي شاهه عبدالڪريم جي ملفوظات بيان العارفين ۾ آيل آهن، پوءِ اهي شاهه ڪريم جا چيل آهن، يا قاضي قاضن ٺٽوي جا.

3-  اهي بيت جن جي ٻولي شاهه جي ٻولي نه آهي، جيئن پنجابي يا ڍاٽڪي وغيره.

4-  فارسي غزل يا مثنوي مولانا روم جا ابيات.

5- جن بيتن يا سرن بابت رسالي جي اڳوڻن استادن يا ڄاڻن پنهنجا رايا پيش ڪيا هجن ته اهو شاهه جو ڪلام نه آهي ان کانسواءِ جيڪڏهن ڪو ماڻهو هي اٿي دعوى ڪري ته فلاڻو بيت فلاڻي سر ۾ شاهه جو ڪلام نه آهي ۽ ان لاءِ ڪا حجت يا دليل پيش ڪري نٿو سگهي ته ان جي ڳالهه کي ايترو وزن ڏيئي نٿو سگهجي، جيتري قدر دليل واري دعوى کي وزن ڏيئي سگهبو آهي. هن ڳالهه تي به ويچار ڪرڻو آهي ته رسالي ۾ ڌاريان سر يا ڌاريان بيت رسالي جي گڏ ڪندڙ فقيرن ڇو درج ڪيا ان ۾ مطلب ڪهڙو هو؟

اسان ان بابت اڳي لکي آيا آهيون ته شاهه صاحب جي خدمت ۾ شاهه جي ڪلام کان سواءِ ڪي فقير ٻيو ڪلام به ڳائيندا هئا، فارسي، هندي ۽ سرائڪي ۾ غزل ۽ ڏوهيڙا ڳايا ويندا هئا، جن کي شاهه صاحب پسند فرمائيندو هو. اهي ڌاريا شعر به فقيرن قلم بند ڪري ڇڏيا هئا پوءِ جڏهن رسالي جي جوڙجڪ ۽ جمع جو ڪم شروع ٿيو تڏهن اهو ڪلام به يادگار طور رسالي ۾ درج ڪيو ويو ۽ هي ڳالهه پڙهندڙن تي ڇڏي وئي ته هو اصلي ۽ ڌارئي کي جدا ڪندا رهن.

اسان مير عبدالحسين جي لطائف لطيفي مان مٿي نقل ڪري آيا آهيون ته هندي شعر ۽ ٻيو جو ڪجهه غير سنڌي ڌاريو ڪلام رسالي ۾ درج ٿيو آهي سو انهن دهلوي گوين پاران درج ڪيل آهي، جن رسالي جي سرن وار ترتيب جو ڪم پورت کي پهچايو آهي. ساڳيءَ ريت فارسي شعر به جيڪي شاهه صاحب کي پسند هئا سي رسالي جي جمع ڪرڻ وقت داخل ڪيا ويا آهن. هن ارادي سان نه ته ڪو اهو به شاهه صاحب جو ڪلام آهي پر فقط شاهه جي ذوق ۽ مذاق جي لحاظ سان ته هو ڪهڙي قسم جي ڪلام کي پسند ڪندو هو.

فارسي شعر:

ڊاڪٽر گربخشاڻي لکيو آهي ته ڪيترن فارسي شاعرن جهڙوڪ: حافظ، حڪيم سنائي، محي الدين، جلال الدين رومي وغيره جا غزل ۽ قصيدا مثنويون به شاهه جو ڪلام سمجهي رسالي ۾ درج ڪيون ويون آهن. اسان جي تحقيق آهي ته جن فقيرن رسالي گڏڪرڻ وقت فارسي شاعرن جو ڪلام شاهه جي رسالي ۾ درج ڪيو آهي، اهي ڪي ايتري قدر اڻ ڄاڻ ڪو نه هئا پر اهو فارسي ڪلام شاهه جي مجلس ۾ ڳايو ۽ پسند ڪيو ويندو هو، جنهن ڪري هن کي به رسالي جي خاص جاين تي آندو ويو آهي.

فارسي ڪلام هيٺين طرح رسالي ۾ آيل آهي:

1- سر ڪلياڻ جي فصل 3 جي پڇاڙيءَ واري پهرين وائي هڪ فارسي غزل خواجہ حافظ شيرازي جو آهي، جنهن جو پهريون شعر آهي:

ساقيا برخيز در ده جام را،

خاک برسر کن غم ايام را.

هن غزل کان اڳ هڪ فارسي بيت آهي، جو شايد غزل کان اڳ ۾ ڏوهيڙي وانگر ڳايو ويو هجي جيئن سنڌي ڪافي کان اڳ ۾ ڏوهيڙا ڳائبا آهن، اهو شعر هي آهي:

شيشه را پرکن و بردار بيار،

جام را پرکن و برخيز بيار.

 

2-  سر يمن ڪلياڻ جي فصل 8 جي پڇاڙي ۾ محي الدين جو غزل آهي، جنهن جو مطلع آهي:

 

بي حجابانہ بيا از درِ کاشانهء ما،

کہ کسي نيست بجز درد تو در خانهء ما.

 

ان غزل جو چوندڙ محي الدين ڪير آهي؟ ان بابت محي تخلص سان جيترن به شاعرن جا نالا تذڪرن ۾ آهن، تن مان ڪنهن به محي الدين جي نالي اهڙو غزل نظر ڪو نه اچي ٿو. ساڳئي رنگ  ۽ ساڳئي وزن ۽ بحر ۾ تذڪره صبح گلشن ۽ تذڪره نگارستان سخن ۾ سيدنا شيخ عبدالقادر جيلاني بغدادي ڏانهن هڪ غزل منسوب ٿيل آهي، جنهن جا اشعار هي آهن:

گر بيائي بسرِ تربت ويرانهء ما،

بيني از خون جگر آب زده خانهء ما.

بااحد در لحد تنگ بگويم اي دوست،

آشنائيم بتو غير تو بيگانهء ما.

محي از شمع تجلي نگاهش مي سوخت،

دوست مي گفت زهي همت مردانهء ما.

 

شاهه جي رسالي واري غزل جي پوئين شعر (مقطع) جي هن غزل جي پوئين بيت سان هڪجهڙائي آهي، باقي ٻيا سمورا شعر جدا جدا آهن، مقطع جي پوءِ مصرع ۾ ڪجهه فرق آهي.

 

دوست مي گفت زهي مستي پروانهء ما.

سر سرهڻي ۾ شاهه صاحب هڪ فارسي مصرع تضمين طور پنهنجي ڪلام ۾ آندو آهي، فرمائي ٿو:

 

گهڙي گهڙو هٿ ڪري، ٻهون نهاري ٻنگ،

سر درقدم يار فدا شد چه بجاشد، وصل اهوئي ونگ،

رات جنين جو رنگ، الا سي اڪاريئين.

 

اها مصرع شاهه عنايت الله صوفي جهوڪ واري جي هڪ غزل مان ورتل آهي، اهو سمورو غزل هيٺين ريت آهي:

 

سر در قدم يار فدا شد چه بجاشد،

از گردنم اين دين ادا شد چه بجا شد.

از خون دلم بستہ حنا برسر ناخن.

خون دلم انگشت نما شد چه بجا شد.

از درد دلم همه کشيده ست بر ابرو،

درد دل ما قبله نما شد چه بجا شد.

مي خواست رقيبي که من از غصه بميرم،

ديدي که خودش زود فنا شد چه بجا شد.

مي خواست رَضائي که بفرمان تو گردد،

فرمان تو گرويده رضا شد چه بجا شد.

هي فارسي غزل شاهه صاحب جي زماني ۾ ڏاڍو مشهور هوندو هو ۽ مجلسن ۾ ڳايو ويندو هو ۽ ڪيترن شاعرن ان جي جواب يا تتبع تي غزل لکيا آهن. ميان غلام شاهه ڪلهوڙي ۽ مير نصير خان ٽالپر جا به انهي ضمن ۾ غزل چيل آهن.

 

شاهه صاحب سسئي جي سر ڪوهياري ۾ هڪ فارسي غزل جي مصرع جو ننڍو حصو آندو آهي، فرمائي ٿو:

 

منزل دور من تنها جت ڪن ٻوليون ٻاٻيهان،

نڪا پَهر نه پيچرو، نه سڄن ڪَنِ ڪيهان.

لکي جو ليهان، ٿي لوڙهيان لعل لطيف چئي.

 

هن شعر جي پهرين مصرع ۾ هڪ فارسي غزل جي مصرع جو اڌ آندل آهي، سڄي مصرع هن ريت آهي:

 

شب تاريک ره باريک و منزل دور و من تنها.

 

سر بيراگ هندي کانپوءِ هڪ سر جي انداز ۾ ابيات مثنوي مولانا روم جا ڏنل آهن. گهڻو ڪري اهي شعر آهن، جن ۾ مولانا جلال الدين رومي خدا جي دوستن يا اولياءَ الله جي واکاڻ ڪئي آهي. ابيات مثنوي جي سر ۾ وچوواڙي عارف عبدالرحمان جامي جا به ڪي شعر آهن، جن ۾ هن صاحب مولانا رومي ۽ سندس مثنوي جي واکاڻ ڪئي آهي:

مثنوي و معنوي و مولوي،

هست قرآن در زبان پهلوي،

من چه گويم وصف آن عاليجناب،

نيست پيغمبر ولي دارد ڪتاب.

 

ان سلسلي ۾ هڪ شعر محمد جان قدسي مشهدي جو آهي:

هزار بار بشويم دهان بمشک و گلاب،

هنوز نام تو گفتن کمال بي ادبي ست.

 

هڪ شعر ڪنهن گمنام شاعر جو به آهي:

 

بنالد بلبل مسکين که از گلزار دور افتد،

قيامت آن زمان باشد که يار از يار دور افتد.

 

ابيات مثنوي جي آخر ۾ حڪيم سنائي غزنوي جي هڪ مناجات وائي طور ڏنل آهي، جنهن جو مطلع آهي:

 

ملکا ذڪر تو گويم کہ تو پاکي و خدائي،

نه روم من بجز آن ره کہ تو آن راهه نمائي.

پويون شعر آهيس:

لب و دندان سنائي همہ توحيد تو گويند،

تو مراز آتش دوزخ زکرم باز رهائي.

هندي ۽ سرائڪي شعر

فارسي ڪلام کانسواءِ شاهه صاحب جي رسالي ۾ هندي ۽ سرائيڪي ۽ ڍاٽي ٻوليءَ جو شعر به درج ٿيل آهي، جو ڌاريون ڪلام آهي. سرائڪي ٻولي اگرچه سنڌي جي هڪ شاخ آهي، پر ان هوندي به شاهه صاحب سنڌي جي انهيءَ شاخ ۾ ڪلام نه چيو آهي، هو پنهنجي نج لاڙيجي سنڌي ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪٿي سرائيڪي يا هندي اکر خاص انداز ۾ ڳنڍيندو يا پيوست ڪندو ويندو آهي پر مجموعي طرح انهن زبانن ۾ سندس شعر معلوم نه ٿي سگهيو آهي.

(1)        شاهه جي رسالي جي سر ڪلياڻ جي داستان پهرئين جي پڇاڙيءَ ۾ هڪ سرائيڪي ٻولي ۾ وائي ڏنل آهي:

عشق تساڏي مين گهايل ڪيتي،

وو ميڏي ميان، درد رانجهن دي.

 

(2)                       انهيءَ سر ۾ سمن نالي ڪنهن هندي شاعر جو هيٺيون بيت پڻ آيل آهي:

سائي صورت عين ڪي سائي صورت غين،

سمن نقطہ دور ڪرو، ته او عين ڪي عين.

 

اهو شاهه صاحب جو ڪلام نه آهي.

 

(3)        سر ڪلياڻ جي ٻئي داستان جي پڇاڙيءَ ۾ ٻه وايون آهن، جن مان پهرين جا ٻه مصرع سرائڪي ۾ ۽ ٻه مصرع سنڌي جا آهن ۽ اها وائي شاهه جي شاهاڻي ڪلام جو جزو نه آهي ۽ ٻي وائي سرائيڪي ۽ پنجابي ٻولين جي گڏوچڙ مان تيار ٿيل آهي.

 

رانجها وو مين تيڏڙي آهيان.

 

هي آهيس ٿل. اڳتي هڪ مصرع آهي ته:

 

ري وو مين، پي وو مين، مينو نال و سارنهين.

 

اهڙيءَ ريت ڄڻ ڀٽن جي ڪوت آهي باقي شاهه جو ڪلام هرگز نه آهي.

 

(4)                       ٽين داستان جي پڇاڙيءَ ۾ به هندي وائي آهي، جنهن جو منڍ آهي:

 

عجيب نين تيري، سرس نين تيري.

 

(5)        سر يمن ڪلياڻ جي داستان ٽئين جي پڇاڙي ۾ هڪ سرائيڪي وائي ڏنل آهي، جنهن ۾ ٿل سميت ڪل ٽي مصرع آهن. پڇاڙيءَ ۾ وائي چوندڙ احمد جو نالو به ڏنل آهي:

 

آگي احمد نال نمائيندي، ڪيا کس لي ڪيتا.

 

ان جي پوءِ تان ٻي هڪ وائي سنڌيءَ ۾ آهي پر ان جو ڊول ۽ بيهڪ شاهه جي ڪلام جهڙي نه آهي جا پڻ شاهه جو ڪلام ٿي نٿي سگهي.

 

(6)                       يمن ڪلياڻ جي 5 داستان ۾ هيٺيون هندي بيت رسالي ۾ درج ٿيل آهي:

 

هڪ جو اکر نکڙو گرتسي جي ڏي،

تا انڌاري گهر ديپڪا ڦر ڦر جوت ڪري.

 

بيان العارفين ۾ آهي ته اهو شعر احمد آباد ۾ شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري کي ڪنهن سنياسي ٻڌايوهو جنهن کي فقيرن رسالي داخل ڪري ڇڏيو آهي.

 

(7)                       داستان 6 جي پڇاڙي ۾ به هڪ سرائڪي وائي وڌل آهي جا هيٺين ريت آهي:

 

عشق تمام، بره تمام، مين لوئي يار لوکو،

سيج ستي جهپ نہ آوي، نيڻين ننڊ حرام.

راتيان جاڳڻ، صاحب سنڀالڻ، اي فقيران داڪام،

مت عقل دي منجهه گئي، آيا عشق امام.

 

صاف پڌرو آهي ته اهو شاهه صاحب جو ڪلام ٿي نٿو سگهي. ڊاڪٽر گربخشاڻي اگرچه ان وائي کي شاهه جو ڪلام نٿو سمجهي پر ان هوندي به هن پنهنجي رسالي ۾ بحال رکي آهي، هوڏانهن کيس رسالي مان ڪلام لوڌڻ جو ڏاڍو شوق رهندو هو.

 

(8)                       سهڻي يا توڏي جي سر ۾ هڪ هندي بيت توڏي سر جي تعريف ۾ آيل آهي:

 

توڏي ميٺا راڳ هي، مجلس ميٺي تال،

گهر کي ميٺي کامٽن، اور کي ميٺي لاج.

 

اهو شاهه جو ڪلام نه آهي.

(9)                       سر سهڻي جي داستان پنجين جي پڇاڙيءَ ۾ هڪ سرائيڪي وائي ڏنل آهي:

 

درد رانجهن دي هي ماري.

 

مرزا قليچ بيگ مرحوم جنهن شاهه جي رسالي ۾ سڀڪجهه کڻي داخل ڪيو آهي سو به ان وائي بابت لکي ٿو ته:

هي وائي شاهه صاحب جي نٿي ڏسجي، جيئن اڪثر سرائيڪي ۽ هندي وايون سندس نه آهن، تنهن کانسواءِ سر جي مضمون سان بابت نه آهي. هير رانجهي مضمون سان يا ته عام عشق بابت آهي.

(10)                   ساڳئي سر جي ڇهين داستان جي پڇاڙي ۾ هڪ سرائيڪي ٽن مصرعن واري وائي آهي:

جان جاڳان تان نهين وي نال ڍولڻ دي.

 

هي به شاهه جي چيل نه آهي.

 

(11)                    سهڻي جي ابيات متفرقہ جي آخر ۾ به هڪ سرائيڪي وائي آهي:-

 

جان جاڳان  تان  نهين نال سڄڻ دي.

 

مرزا صاحب مرحوم لکي ٿو ته هيءَ وائي سرائڪي ٻولي ۾ آهي، گهڻو ڪري شاهه عبداللطيف جي نه آهي.

نياز علي شاهه محسن

قلم تاريخ

1381هه

1-                        مولوي مرحوم جي تصنيف جو ناهي جواب،

مولوي مرحوم هو مُلڪ ادب جو بادشاه.

 

باسر يمان هجري سال هيئن هاتف چيو،

حضرت محسن! کڻي لک شاه جو پيغام واهه.

1381هه=1+1380

2-                       سنڌيءَ جي اديبن کان جو ڪجهه به پڳو آهي،

معلوم ڪندا آيا تعليم ڀٽائيءَ جي.

تشريح ڏسو نادر وه واه وفائي جي.

1962ع

3-                       ها، وفائيءَ جي هن صحيفہ لئي،

ٻيا به ڪڍندا اديب تاريخون.

هن وطن جي غريب شاعر کان،

ها، ها، پڇ ڀي عجيب تاريخون.

1381هه

4-                       اي حضرت وفائي! تنهنجو ٿورو ناهه ٿورڙو،

تو سنڌ لاءِ ڪيترو مواد هي ڪيو ڪٺو.

الف جو هڪ عدد ڪڍو پوءِ عيسوي ٺهي ٿوسن،

ته شاهه جي رسالي جو مطالعو ڏسي وٺو.

1962 = 1 1963ع

مولانا دين محمد صاحب وفائي سان منهنجي واقفيت خلافت جي زماني کان هئي. پوءِ ڪراچي ۾ رهڻ وقت اها وڌندي ويئي. 1940ع ۾ جڏهن وزير تعليم ٿيس، ته سنڌي ادب جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ سنڌي ادبي مرڪزي صلاحڪار بورڊ قائم ڪيم. ان ۾ مولانا صاحب کي ميمبر ڪري رکيم. ان سان گڏ سنڌي لغت تيار ڪرڻ لاءِ جيڪا ڪاميٽي مقرر ڪئي هيم، ان ۾ مولانا فتح محمد سيوهاڻي، ڄيٺمل پرسرام، عثمان علي انصاري، ڊاڪٽر دائود پوٽه، مولانا دين محمد وفائي صاحب ميمبر ٿي ڪم ڪرڻ لڳا. موجوده سنڌي لغت جو پهريون جُلد، جو سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپايو ويو آهي، ان ۾ ان ڪاميٽي جو گهڻو ڪم ڪيل آهي. پاڪستان ٺهڻ بعد سنڌي درسي ڪتابن کي نئين سر تيار ڪرڻ لاءِ 1949ع ۾ هڪ ڪاميٽي ٺهي هئي، ان ۾ به مولانا صاحب کي رکيو ويو هو.

(جي ايم سيد)

مولانا دين محمد وفائي پنهنجين مختلف خصوصيتن جي ڪري هڪ منفرد شخصيت جو مالڪ هو. عالم، صحافي، مناظر ۽ مبلغ، اديب ۽ تاريخدان، علم الانساب جو ماهر ۽ سياستدان، همدرد دوست ۽ پرخلوص ساٿي، مطلب ته هن جامع شخصيت جون ڪهڙيون خوبيون ۽ ڪهڙيون صفتون ڳڻائجن، صوبائي قومي ۽ بين الاقوامي سياست تي وڏي نظر هوندي هئس. ترڪن جو مسئلو هجي يا عربن جو، الجزائر جو هجي يا ٽيونس جو، هندستان جي سياست هجي يا سنڌ، هڪ روزاني اخبار جي ايڊيٽر جي حيثيت ۾ هر هڪ موضوع تي مولانا صاحب کي مضمون لکڻا پوندا هئا ۽ حق ته هي آهي ته مولانا صاحب پنهنجي موضوع جو حق ادا ڪندو هو. دشمنن جي دلين ۾ ٿرٿلا پئجي ويندا هئا ۽ پنهنجن جي زبان مان واه واه جا نعرا بي اختيار نڪري ويندا هئا. الوحيد جو انهيءَ وقت وڏو ددٻدٻو هو. سنڌ جي مسلمانن جي اهائي هڪ اخبار هئي، جنهن جي اکر اکر ۾ سنڌ جي مسلمانن جي دلين جي ڌڪ ڌڪ سمايل هئي. حڪومت تي ڏاڍي بيباڪيءَ سان نڪته چيني ڪئي ويندي هئي ۽ قومي ۽ ملڪي مسئلن ۾ پوري سنجيدگي سان ۽ ڏاڍا توريل تڪيل مشورا پيش ڪيا ويندا هئا. مولانا صاحب ٻولي سادي، پُر سوادي ۽ سٻاجهي لکندو هو. ڪڏهن ڪڏهن رنگين عبارت لکندو هو ته نثر ۾ شعر جو مزو پيو ايندو هو.

شيخ عبدالله عبد

سندن ڪچهري اسان جي لاءِ سون سبقن جي دولت آڻيندي هئي. جو به موضوع گفتگو ڇڙندو هو اها معلومات ڏيندا هئا، جيڪا سندن صحبت مان اسان کي هڪ ڪلاڪ ۾ اهو علم حاصل ٿي ويندو هو، جيڪو سالن جي ڪتابي ورق گردانيءَ مان هرگز نصيب نه ٿي سگهي. سنڌجي ڪنهن به خطي جي ڳالهه نڪري يا ڪي بلوچن، سماٽن يا ٻين معاملن بابت ذڪر ڇڙي ته کين هر خطي ۽ هر قوم جي تاريخ اهڙي ته ياد هوندي هئي ۽ ان لاءِ اهڙيون ته سندون پيش ڪندا هئا جو عقل دنگ رهجي ويندو هو ته هن شخص هيتري معلومات ڪٿان  آندي. سنڌ جي ڪنهن به خاندان متعلق ڳالهه چُري ته اُنهن جي اصل نسل، حسب نسب بابت ايتري ته خبر هوندي هين جو خود انهن خاندانن کي به پنهنجي بابت هرگز نه هوندي هئي. تاريخ جي علم جا ته اٿاهه ساگر هئا پر جاگرافي نه فقط سنڌ بلڪ تمام اسلامي ممالڪ توڙي دنيا جي نقشن جي ايتري ته واقفيت هوندي هين جا اسان نه اسڪولن ۾ پڙهي ۽ نه استادن کان ٻڌي. ڏند چپن سان لڳي ويندا هئا ته مولانا صاحب جن کي هي سڀ ڪيئن معلوم ٿيو ۽ مولانا مرحوم اهو ڪٿي پڙهيو آهي ۽ ڪٿان سکيو! مورخن ۽ شاعرن ۽ اديبن بابت گفتگو نڪتي ته انهن بابت سندس ڄاڻ ڏسي اکيون کلي وينديون هيون ته يورپ بابت هيتري معلومات ڪٿان حاصل ڪيائون. هي سڀ سندن علمي بصيرت جا ڪارناما هئا جي مثالن ڏيڻ سان جيڪر پيش ڪريان ته هڪ ضخيم ڪتاب ٺهي پوي.

عربيءَ ۾ به ايترو ته درڪ رکندا هئا جو ابن سعود جي شروعاتي دور ۾ جڏهن ڪراچيءَ ۾ هڪ سعودي وفد آيو هو ته فقط مولانا وفائي مرحوم ئي هڪ اهڙو ماڻهو هو جنهن انهيءَ وفد سان منهن ڏنو. عربيءَ ۾ گفتگو ڪئي. هن تي سنڌ جي ظريف شاعر مرحُم محمد هاشم مخلص هڪ شعر لکيو هو، جنهن جي هڪ سٽ مون کي ياد آهي:

سر پيچ تن سڀن جو، هو مولوي وفائي.

(محمد اسماعيل عرساڻي)

تذڪره مشاهير سنڌ جيڪو سنڌ جي نامور اديب صحافي ۽ عالم سڳوري مولانا دين محمد وفائي مرحوم سالن جا سال سڄيءَ سنڌ جا پنڌ ڪري، ڪتبخانن جي خاڪ ڇاڻي، نور نچوئي لکيو آهي، مذهب سان دلچسپي رکندڙن ۽ مذحبي عالمن جي زندگيءَ کان واقفيت گهرندڙن لاءِ هن ڪتاب ۾ بي بها مواد موجود آهي، ڇاڪاڻ ته هن ۾ سنڌ جيڪي به عالم ۽ محدث، مفسر، مبلغ، مصلح، شارح ۽ فقيہ پيدا ڪيا آهن، تن جو مختصر احوال ڏنل آهي (هي اڃا سموري تذڪري جو پهريون حصو يا پهريون جلد آهي) اهو احوال به هڪ خاص نوعيت جو آهي: هر عالم ڪٿي پيدا ٿيو، ڪنهن وٽ درس حاصل ڪيائين، ڪهڙا ڪتاب لکيائين، ڪهڙي سلسلي سان نسبت اٿس، ڪهڙا شاگرد پيدا ڪيائين ۽ ڪٿي فوت ٿيو.

هي ڪتاب گذريل هزار سالن جي هڪ تاريخ آهي، جنهن مان هڪ ڳالهه، هر صفحي منجهان، ڳاٽ کنيو پئي للڪاري ته سنڌ علم جو گهر هئي، جنهن ۾ ننڍا ننڍا ڳوٺ ۽ واهڻ به علم جي شمع سان منور هئا.

(سراج الحق)

مولانا دين محمد وفائي مرحوم الوحيد اخبار جي ادارتي دور ۾ لائق ۽ فائق ايڊيٽر ثابت رهيا. سندن قلم ۾ رواني، تحرير ۾ جدت ۽ ٻوليءَ ۾ سلاست، حلاوت، لطافت ۽ سنجيدگي سمايل هوندي هئي. سندن بيباڪ ۽ جرئتمندانه تحرير مولانا محمد علي جوهر، مولانا ابوالڪلام آزاد ۽ مولانا ظفر علي مرحومين جون سڪون لاهيندي هئي.

(حاجي محمود هالائي)


 

 

مان پاڻ کي خوش نصيب سمجهندو آهيان، جو اهڙي مانجهي مڙد، سنڌ جي سودائيءَ ۽ سچ جي ساکيءَ جي جنازي کي ڪلهي ڏيڻ جو وجهه هٿان نه وڃايو هوم. مون کي مولانا دين محمد صاحب وفائي مرحوم جو آخري سفر اڃا ياد آهي. بادل ڇانيل هئا، هلڪي هلڪي بوند به پئي پيئي. آيو ويو ۽ جنازي جي جلوس ۾ شامل شخص چئي رهيو هو ته، الله جي رحمت پيئي وسي، پڪ ڪو بخشيل روح هوندو! هنن ويچارن کي ڪهڙي خبر ته هو نه رڳو بخشيل روح هو، پر پنهنجي دور جو عيسى هو، جيڪو قوم جي لاءِصليب ڪلهي تي کڻي گهميو هو.

جناب ڄام صادق علي وزير ميونسپالٽي ۽ لوڪل باڊيز جي حڪم تي سکر جي واري تڙ روڊ جو نالو مولانا دين محمد وفائي روڊ رکيو آهي. پر اهو به ڪجهه ڪافي نه آهي، اهڙن شخصن جي ياد، ڪارنامن ۽ نظرين کي زنده رکڻ لاءِ، ادارن جي قيام جي ضرورت آهي.

(رشيد ڀٽي)

سائين مولانا دين محمد صاحب وفائي ؒ جي ادارت هيٺ 1936ع ۾ الوحيد اخبار جو آزاد سنڌ نمبر شايع ٿيو هو. موقعو هو سنڌ جي بمبئيءَ جي چنبي مان آزادي، ادا سائين، ان نمبر متعلق اسان ايتريقدر ٻڌو آهي، جو ان نمبر کي حاصل ڪرڻ ته ڇڏيو، هڪ نظر ڏسڻ لاءِ ماڻهو ڪشالا ڪڍندا هئا. سائين، منهنجو عرض آهي ته الوحيد جي آزاد سنڌ نمبر جون فلمون ڪڍرائي، آفسيٽ تي ڇپارائي مارڪيٽ ۾ آڻيو. مون کي يقين آهي، سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جا سڄڻ هر قيمت تي الوحيد جي يادگار نمبر جي ڪاپي خريد ڪري پاڻ وٽ محفوظ ڪندا.

(امر جليل)

الوحيد پريس مولانا دين محمد وفائي صاحب جي دور ۾ ائين کڻي چئجي ته علم، ادب ۽ سياست جو هڪ آشيانوهو، جنهن ۾ هڪ باغ هو، جنهن ۾ گلاب، موتيا، مکڙيون ۽ کٽڻهار هئا ۽ ان باغ جي آبياري ۽ نگهداشت حضرت مولانا وفائي صاحب ڪري رهيو هو ۽ هي سندن ئي ذهانت ۽ محنت جو ڦل آهي جو اڄ بيشمار سنڌي اخبارون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. سندن لکڻي اڄ جي ايڊيٽرن کي نصيب ٿي وڃي ته هُل هنگاما ۽ شور شرابا باقي نه هجن ها!.

اسان جي پياري وفائي جي زبان شيرين هئي، سهڻي سلوڻي انداز سان گفتگو ڪندو هو. وٽس وڏا وڏا بزرگ ۽ سياستدان به ايندا هئا، اديب ۽ شاعر ته سندن شيدائي هئا، انهن مان ڪن جا نالا عرض ڪيان ٿو، جن کي مون مولانا صاحب جي بلڪل قريب ڏٺو:

سر حاجي عبدالله هارون، غلام مرتضى شاهه سنائي، ڊاڪٽر محمد عمر دائود پوٽه، مولانا حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، مولانا محمد صادق صاحب کڏي وارو، مولانا محمد صديق صاحب کڏي وارو، مولانا عبدالڪريم چشتي، رئيس علي محمد مري، رئيس علي محمد کيڙو، مولوي محمد معاذ، پير محبوب علي شاه، پير حسام الدين شاهه راشدي، جناب سرشار عقيلي، مرحوم غلام احمد نظامي، ڌڻي بخش ناقص، شيخ عبدالمجيد سنڌي، مرحوم دين محمد عليگ، قاضي خدا بخش، عبدالخالق مورائي ۽ ٻيا.

(مومن مليرائي)

مولانا دين محمد وفائي ؒ جن قلم هٿ ۾ کڻندا هئا ته برق رفتاريءَ سان ويندا هئا سلپن تي سلپون ڀريندا. مون اهڙي تيز رفتاري سان قلم هلائڻ وارو ايڊيٽر اڄ تائين نه ڏٺو. مولانا صاحب جن صحافت جي دنيا ۾ بيشمار خوبين جا مالڪ هئا، پاڻ پنهنجي لکڻيءَ کي ٻيهر نظر مان ڪڍڻ بنان ئي ڪاپي ڪمپازيٽرن جي حوالي ڪندا هئا، وري جي ڪمپوز ڪري مولانا صاحب جن وٽ کڻي وڃبو هو ته ان ۾ ڪابه ڦير گهير يا ڪاٽ ڪوٽ اصل نه ڪندا هئا.

(عبدالرحيم صابر)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com