سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه جي رسالي جو مطالعو

 

صفحو :2

سونهاريءَ سنڌ جي سدا بهار شاعر، شاهه لطيف جي ڪلام ۾ ٻارهينءَ صدي هجريءَ واريءَ سنڌ متعلق، تاريخي تمدني ۽ جغرافيائي مواد ايترو گهڻو ملي ٿو جو جيڪڏهن ان کي منجهانس ويهي سوئجي ته هوند سنڌ جي انهن سَوَ ورهن جي تصوير گهڻيءَ حد تائين پنهنجي سچيءَ پچيءَ صورت ۾ اسان جي اڳيان اچي وڃي، ليڪن افسوس آهي جو انهيءَ قسم جي مواد کي شاهه جي رسالي سان گڏ ڪرڻ يا مخصوصاً انهيءَ نقطئه نگاه سان رسالي کي ڏسي ان مان مسالي ڪڍڻ جي ڪوشش، اڃا تائين ڪنهن به سنڌي ڪانه ڪئي آهي[1]، بلڪه شاهه جي زماني جو پس منظر پهريون دفعو جنهن ماڻهوءَ ڏنو، اهو مغربي عالم، سورلي هيو. جنهن به پنهنجي مواد لاءِ خود شاهه جي ڪلام کي نه، بلڪه خارجي ذريعن کي اختيار ۽ استعمال ڪيو.

شاهه جي هم وطنن مان مرحوم مولانا دين محمد وفائي پهريون بزرگ آهي، جنهن خالص تاريخي ۽ تمدني نقطه نگاهه سان رسالي جو مطالعو ڪري، هڪ مستقل ڪتاب جو بنياد وڌو، جنهن جو نالو، مرحوم پاڻ ئي شاهه جي رسالي جو مطالعو رکي ويو. اهو خيال به، خدا بخشيس، مرحوم کي غالباً انهيءَ ڪري آيو جو سندس ذهن ۽ فڪر، ٻئي تاريخي سانچي ۾ ٺهي تيار ٿيا هئا.

ڪتاب ۾ جيئن پڙهندڙ پاڻ ڏسندا، مولانا سڀ کان پهريان مختصر طرح شاهه جي سنڌ جو سياسي پس منظر آڻي، ان ۾ شاهه جو جيڪي حصو آهي، ان کي ان جي ئي ڪلام مان ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، انهيءَ سلسلي ۾ ٻه مُکُ ڳالهيون هي آهن:-

1- ٻارهينءَ صديءَ ۾ سياسي طرح سنڌ وڏي ڪوپ ۽ ڏاڍيءَ ڪشمڪش ۾ مبتلا هئي، مغلن جي غلاميءَ جو ڳچيءَ مان ڳٽ نڪتو ئي مس، هتان جي مقامي خاندان سنڌ جي سربراهي ڪندي آزادي ورتي ئي هئي جو مٿان اچي نادر نمودار ٿيو، ان کان اجل آجو ڪيو ته قنڌارن اچي مٿان ڪڙڪو ڪيو. هڪ دفعو نه بلڪه بار بار، گهران رسن ته سڌو سنڌ ۾ انهيءَ ڪري ته وڏن چيو:

جڏهن تڏهن سنڌڙي، توکي قندارئون جوکو!

بهرحال، غيرن جي غلاميءَ ۽ ڌارين جي پي درپي ڏکوئيندڙ ڏاڍاين، شاهه جي ذهن کي اذيت پهچائي ۽ هن، انهيءَ هاڃي کان متاثر ٿي پنهنجي ڪلام ۾ مختلف پيراين ۽ پهلوئن سان ڏيرن جي ڏاڍ خلاف جهاد جوٽيو ۽ مسلسل غلاميءَ ۾ رهڻ سبب، وطن سان محبت ۽ پنهنجي گردو پيش سان وفادار رهڻ جو احساس، جيڪو صدين کان ستل هو، ان کي جهنجهوڙي جاڳايو ۽ ڪوشش ڪيائين، جيئن سنڌين کي پنهنجي سماجي روايتن، ريتن ۽ رسمن سان پريت پيدا ٿئي ۽ غلاميءَ سبب سنڌي سماج ۽ رهڻي ڪهڻيءَ تي جيڪي ڌاريا ۽ مصنوعي اثر پيا هئا. انهن جا داغ ڌوئي اسان جي پوتيءَ ۽ پيراهن کي پاڪ ۽ صاف ڪري.

2- سنڌ جي هندن ۽ مسلمانن ۾ مذهبي ڪشمڪش ۽ تعصب ڏاڍو گهڻو پيدا ٿي پيو هو، حضرت مخدوم محمد هاشم عليہ رحمة جي سخت گير پاليسيءَ، سنڌ اندر عالم سڳورن جو هڪ اهڙو طبقو تيار ڪري ڇڏيو هو، جنهن تبليغ اسلام لاءِ گهڻي حد تائين تشدد آميز بلڪه غير اسلامي انداز اختيار ڪيا هئا. جيڪڏهن، ڪنهن غير مسلم جي واتان الله محمد ۽ رسول جو لفظ نڪرندو هو ته ورُ ڏيئي ان کي حلقئه اسلام ۾ داخل فرمائي، يعني مروجه مخصوص محاوري مطابق مشرف به اسلام ڪري، پنهنجا تبليغي فرائض بجا آڻيندا هئا. انهيءَ جو لازمي نتيجو اهو نڪتو جو سندن طور ۽ طريقي ۽ انهي لفظي ڦند ۽ ڦير غير مسلمانن کي ڏاڍو هول ۽ حراس ۾ وجهي ڇڏيو. اهي پاڪ نالا وٺڻ ته درڪنار ۽ بجاءِ خود رهيا، هنن پنهنجي چوٽيءَ ۽ ڌوتيءَ جو خير ۽ تحفظ ان ۾ سمجهو ته مرڳو اُهي اکر اچارڻ ئي ڇڏي ڏين جن مان خطري جو امڪان هجي. چنانچه ٻين لفظن سان گڏ رسو چوڻ هنن انهي ڪري ڇڏي ڏنو هو، جيئن دين جا مبلغ ان ۾ ل پنهنجي طرفان وجهي رسول بڻائي ڪو ممڻ نه مچائي وجهن. لسان الغيب حضرت حافظ جي چواڻيءَ ظاهري اکين کي اها خبر ڪانه هئي ته:

 

همہ کس طالب يارند، چه هشيار و چہ مست

همہ جا خانہء عشق است، چه مسجد چه کنشت

نا اميدم مکن از سابقهء لطفِ ازل

توچہ داني کہ پس پرده، کہ خوبست وکہ زشت

 

اهو سڀڪجهه انهيءَ ڪري هو جو اڍائي سون سالن [2] جي مسلسل تسلط سبب ذهني طرح سنڌ ۾ تنزل ۽ پستي اچي چڪي هئي، آزاد ماحول ۾ دلين اندر جيڪا وسعت، قلب ۾ جيڪا ويڪرائي ۽ ڪشادگي ٿيندي آهي، فڪر ۽ نظر، علم خواه عمل ۾ جا بلندي ۽ جزرسي، گهرائي ۽ ڳنڀيرتائي، حقيقت پسندي يا دور رسي ٿيندي آهي، سا سڀ ختم ٿي وئي هئي. تنهنڪري رواداريءَ، برادريءَ، پاڙيسرائيءَ يا هموطنيءَ جا جيڪي انساني ننگ خواه اسلامي انگ، هڪ آزاد قوم ۾ ٿيڻ کپن، اهي سڀ هتان نڪري چڪا هئا  اهو سڄو خلم هو انهيءَ احساس ڪمتريءَ جو ٻاريل، جيڪا غلامي جي ذلت ۽ پستيءَ جي پيداوار ٿيندي آهي، جنهن جي ڪري غلام قوم جا افراد پنهنجي انهيءَ احساس کي مٽائڻ خاطر، هڪ غير فطري برتري حاصل ڪرڻ لاءِ ڪي مصنوعي ريتون ۽ رستا پيدا ڪندا آهن. جن مان هڪ طريقو اهو پڻ آهي ته مذهبي فروعات تي خواه مخواه زور ڏجي، مناظري بازي ڪري هڪٻئي مٿان سبقت ۽ برتري حاصل ڪجي، دين ۾ غير ضروري نمايش ڪري مذهب کان زياده پنهنجي ذاتي پاڪائي ۽ بزرگي جتائجي ۽ قطعي غير اسلامي طريقن جي وسيلي انسانن کي هڪ مذهب جي دائري مان زوريءَ گهلي ٻئي مذهب ۾ داخل ڪري ان تي بگل باجا وڄائي، پنهنجي پندار کي آسودگي پهچائجي.

ملڪ اندر انهيءَ ڏڦيڙ وجهندڙ پاليسيءَ، شاهه جهڙي صاف باطن صوفيءَ ۽ درد ڀري دل رکندڙ انسان کي سخت متاثر ڪيو.

شاهه گهريو ٿي ته:-

کفر کافر را و دين ديندار را

ذرهء دردِ دل عطار را

سو هن پنهنجي ڪلام اندر مکڻ، ماکيءَ ۽ مصري جي انهي حد تائين پالوٽ ڪري ڇڏي جو ترشيءَ تلخيءَ تنديءَ ۽ تيزيءَ جو جيڪو ڊوز غير مسلمان پنهنجي هم وطن ڀائرن هٿان چکي چڪا هئا، اهو يڪلخت مٺ ۽ ميٺاج ۾ بدلجي ويو ۽ ان جي شيرينيءَ سڀني کي ايتري قدر کنڊون ۽ کير پياري ڇڏيا، جو مولانا جي قول مطابق:

هندن کي، جو ڪن اکرن اچارڻ ڪري مسلمان ٿيڻ تي مجبور ڪيو ويندو هو سي به شاهه صاحب جي ڪلام کي پنهنجو سمجهي سنڌ ۾ سنڌ وارن کي پنهنجو سمجهڻ لڳا. ويدانت جي رنگ ۾ هندن واتان اسلام جون اهي ڳالهيون چورايون ويون، جي هوند مذهبي ماڻهو سموري ڄمار مٿو کپائين ته به هڪ هندوءَ کان ان جو اقرار ڪرائي نه سگهن.

الله جي هيڪڙائي ۽ رسول جي رسالت جي قبوليت ۽ قرآن شريف جون آيتون شاهه صاحب، هندن جي واتان ان ريت چورائي ٿو، جيئن هڪ مسلمان چوي يا ان جو اقرار ڪري. هوڏانهن اهي اقرار جيڪڏهن شاهه جي زماني ۾ ڪنهن مذهبي ماڻهوءَ جي اڳيان ڪو غير مسلمان ڪري ها ته جهٽ مٿس، مسلمان هجڻ جي فتوى ڏيئي، کيس مجبور ڪيو وڃين ها ته اٿي اسان جي پَرِ ۾ گڏجي ره

صوفيانه رنگ ۾ سنڌ جي هندن کي ان حد تائين پنهنجي ويجهو آندو، جو هو شاهه صاحب جي ٻوليءَ ۾ اهو سڀڪجهه چوڻ لڳا جو هڪ پڪو موحد مسلمان کليءَ دل سان چئي سگهي.[3]

انهيءَ مذهبي منافرت ۽ سختيءَ واريءَ پاليسيءَ مان شاهه کي سنڌي وحدت جي ٽٽڻ ۽ ملڪي آزاديءَ جي سلب ٿيڻ جو پڻ وڏي ۾ وڏو امڪان، بلڪه جائز خطرو نظر آيو ٿي. کيس اهوئي خيال هو ته انهيءَ ڦوٽ ۽ مذهب جي مصنوعي ڏڦيڙ مان افغاني حمله آورن، جن مغلن جي پڄاڻيءَ بعد ۽ نادر جي خونخواريءَ کانپوءِ هڪ نئينءَ بلا جي مهندان اچي منهن ڪڍيو هو، تن جا پير پختا ٿيندا.

انهيءَ مذهبي ڇيڙ ڇاڙ جا وڏا مرڪز، انهيءَ زماني ۾، هونءَ ته گهڻائي هئا، ليڪن سڀني ۾ برک هو ٺٽو، جنهن تي صدين کان وٺي ڌارين جون هڪٻئي کان ڌار ڪندڙ پاليسيون اثر انداز هيون ۽ ان کانپوءِ هئا مٽياري، هالا ۽ ملاڪاتيار جا شهر، اهي سڀئي مرڪز شاهه جي آسپاس هئا. اُتي ٿيندڙ ڪارروايون رات ڏينهن ويٺو ڏسندو ۽ پسندو هو، ازانسواءِ ٺٽي ۾ جتي مخدوم محمد هاشم عليہ الرحمة جو اسڪول قائم هو، جنهن مهراڻ جي اڻ کٽ موجن ۽ اڻ ڳاڻو لهرن هوندي به سنڌ کي عربي صحرا سمجهي، خدا ڄاڻي ڪهڙي خيال خاطر هاشمي ڪوزا ايجاد ڪيا هئا. اتي پڻ، شاهه جو گهڻو اچڻ وڃڻ هو.

سندس ڪيترا دل گهريا دوست اتي موجود هئا، جن جون دليون نه فقط وسيع ۽ ويڪريون هيون، بلڪه آئيني وانگر اجريون ۽ کير جهڙيون صاف ۽ شفاف هيون، جن تي نڪو هو داغ ۽ نڪو هو ڌٻو. انهن جا قلب ايڏا ڪشادا هئا، جيڏو ڪشادو آهي اسان جي مٺي محمَّد جو مذهب، انهيءَ شهر ۾ غيرن سان جيڪو سلوڪ هو سو ته هوئي، پر خود اتي جي عالمن سڳورن جو، مذهبي فروعات تي پنهنجو پاڻ ۾ جيڪو جنگ و جدل ۽ مذهب جي آڙ ۾ ذاتي بغض ۽ عناد جو ٻارڻ ٻريل هو، جنهن اتان ٽڙي پکڙي سڄيءَ سنڌ جي فضا کي متعفن ڪري ڇڏيو هو، تنهن پڻ شاهه کي نه فقط وڌيڪ متاثر ڪيو بلڪه مجبور ڪيو ته انهيءَ سموري زهر لاءِ مٺ محبت، ساز ۽ سلوڪ جو ڪو موثر ترياق تيار ڪري.

هن ڪتاب جو مڪمل خاڪو، مولانا جي ذهن ۾ هو، ڇا لکي ها، ڇا منجهس آڻي ها، ڪهڙا ڪهڙا نڪتا بيان ڪري ها، مڪمل ڪرڻ تائين ڪهڙن عنوانن جو اضافو ڪري ها. ازانسواءِ نظرثاني ڪرڻ وقت ڪهڙيون گهٽ وڌايون دور ڪري ها؟ ان جي خبر هڪ ته رهي خود انهيءَ مرحوم کي، ٻي ڄاڻ رهي ڄاڻڻهار کي. پر جيتري قدر ۽ جيڪي ڪجهه لکي ڇڏي ويو آهي، اهو نه فقط پنهنجو مٽ پاڻ ۽ سنڌي ادب لاءِ هڪ غيبي غنيمت آهي، ليڪن ان کان وڌ هيءُ ته! انهيءَ ڪتاب لکڻ سان موجوده ۽ آئينده لکندڙن لاءِ مولانا هڪ نئون رستو کولي ويو آهي ۽ هڪ نرالي شاهراهه ڏيکاري ويو آهي.

هن نامڪمل ڪتاب اندر، سياسي پس منظر کانپوءِ سنڌ جي رهڻي ڪهڻي، اقتصادي حالت، معيشت، واپار وڙي، مال متاع، کيتي واڙي، اميري غريبي، سماجي زندگي، رسم ۽ رواج، قبيلا ۽ وٿاڻ، پکي پرنڀ، سپ بلائون، جهنلي خواه گهريلو جانور، مطلب ته شاهه جي ڪلام مان هر اها شئي مولانا پهرين پنجن فصلن منجهه آندي آهي، جنهن جو تعلق سنڌ ۽ سنڌ جي تاريخ ۽ تمدن سان هو، ڇهون فصل رسالي جي تدوين ۽ ان جي مختلف نسخن وغيره متعلق آهي. ستون فصل جيڪو نامڪمل رهجي ويو، سو آهي انهيءَ ڌارئي ڪلام تي جيڪو رسالي اندر گڏجي ويو آهي، انهيءَ فصل ۾ ڪجهه اڳتي هلي هڪ فقرو اڃا لکي مس پورو ڪيو هئائين، جو اوچتو اچي موت مٿانئس بيٺو!

 

پوءِ!

نه ڇڙو ڪتاب ختم ٿي ويو

پر!

خود مصنف جي پنهنجي زندگيءَ جو صحيفو به

پڃاڻيءَ تي اچي پهتو!

يعني!

همين سو گئي، داستان کهتي کهتي.

 

ڪراچي                       حسام الدين راشدي

5 آگسٽ 1961ع

ڪيو مطالع مون، هو جو ورق وصال جو،

تنهن ۾ تون ئي تون، ٻي لات نه لحظي جيتري.

    شاهه

سنڌ جي تاريخ جو امام

سنڌ جي تاريخ بنسبت مولانا دين محمد وفائي ؒ ئي منهنجي من ۾ دلچسپي پيدا ڪرائي، انهيءَ زماني ۾ سنڌ جي تاريخ جي تحقيق سان ڪنهن جي به دلچسپي ڪانه هوندي هئي.

(پير علي محمد راشدي)

سنڌ ۾ اهل حديث جو پهريون

علمبردار

حضرت مولانا دين محمد وفائي ؒ تاريخ سنڌ جو امام هو. سنڌ جي تاريخ بزربان ۽ مشاهير جون حياتيون ياد، انهن جي تولد ۽ وفات جي تاريخن تائين به ياد ٻڌائيندو هو. سنڌ ۾ اهل حديث جو پهريون علمبردار هو.

(پير حسام الدين راشدي)

 

سنڌ جي تاريخ تي گويا

انسائيڪلو پيڊيا

مولانا دين محمد وفائي ؒ سنڌ جي مشاهير جي تاريخ ۽ ڪارنامن جو حافظ، سنڌي ادب، زبان، لغت ۽ انهن جي تقابلي مطالعي جو ماهر، سنڌي تصوف، سنڌي شاعري ۽ سنڌي فڪري معيار جو وڏو ڄاڻو، سنڌ جي تهذيبي روايات ۽ سنڌ جي تاريخ تي گويا انسائيڪلوپيڊيا هو. سندس دماغ سنڌ جي بزرگن ۽ مشاهير جي ڪارنامن لاءِ گويا زنده ڪتبخاني جو ڪم ڏيندو هو.(غلام محمد گرامي)

سنڌ جي چرندڙ پرندڙ تاريخ

سنڌ جي تاريخ، علم ۽ ادب، قديم آثارن مشاهير بابت مولانا دين محمد وفائي ؒ جي معلومات ايتري ته وسيع ۽ اهڙي صحيح ۽ ثابت هئي جو کيس ڊاڪٽر علامه دائود پوٽه ؒ سنڌ جي چرندڙ پرندڙ تاريخ سڏيندو هو.

(ڪريم بخش خالد)

مولانا دين محمد وفائي مرحوم

نوٽ: علامہ وفائي مرحُم جي سوانحعمريءَ جو مواد، مولانا جي خود نوشت سوانحعمريءَ ۽ ٻين اهل قلم حضرات جي مضمونن تان ورتل آهي.

سنڌ جي سر زمين پنهنجي تاريخ جي مختلف دورن  اهڙين بزرگ، محبِ وطن ۽ انسان دوست شخصيتن کي پئي جنم ڏنو آهي، جن جي پر خلوص ۽ بي انتها ڪوششن سبب سنڌ جو نالو هميشه روشن ٿيندو رهيو آهي، انهن شخصيتن نه فقط سنڌ جي مخصوص تهذيب ۽ تمدن کي قائم رکيو، بلڪه انساني تهذيب جي ارتقا جو خنده پيشانيءَ سان آڌرڀاءُ ڪندي، سنڌ ۽ سنڌين کي به دنيا جي انهن سڌريل ملڪن جي درجي ته پهچائڻ جون اڻٿڪ ڪوششون ڪيون، جن جي ڪري اُهي عزت ۽ وقعت جي نگاهه سان ڏسجڻ لڳا.

جيتوڻيڪ سنڌ جو هر دور ڪنهن نه ڪنهن مذهبي، تهذيبي ۾ علمي اهميت جو حامل آهي، ليڪن ويهين صديءَ وارو دور سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ اهڙي اهميت رکي ٿو، جنهن جو مثال ملڻ مشڪل آهي. نه فقط سنڌ ۾، بلڪه سموريءَ دنيا ۾ هيءُ دور هڪ اهڙي حيثيت رکي ٿو، جنهن جي شروع ٿيڻ تي دنيا پراڻيون راهون طئي ڪري هڪ نئين منزل جي راهه تي قدم رکي ٿي. هن دور ۾ وڏا وڏا انقلاب ٿيا، شهنشاهيت جي قصرن جا ڪنگرا ڪري اچي پٽ پيا، علم و ادب ۾ نون نون نظرين ۽ اصولن کي قبول ڪيو ويو، سائنس جي گونا گون ايجادن ۽ کوجنائن انسانن جي روزانه زندگيءَ ۾ اهڙا ته اثر پيدا ڪيا، جن جو نتيجو زندگيءَ جي هر هڪ شعبي ۾ ظاهر ٿيڻ لڳو. جيئن ته سنڌ ۾ انگريزن جو اقتدار هو، تنهنڪري هتي به انهن نون اصولن ۽ نظرين جي تيزيءَ سان چرپر ٿيڻ لڳي، جن جي ڪري دنيا جي مهذب ملڪن ۾ اڳي ئي ٿرٿلو برپا هو. ويهين صديءَ جي شروع ۾ سنڌ کي هڪ ئي وقت اهڙين ديني، علمي، ادبي، سياسي، معاشرتي ۽ اصلاحي تحريڪن مان گذرڻو پيو، جن جو مثال گذريل تاريخ ۾ ملي نٿو سگهي. انهن همه گير تحريڪن سنڌ ۽ سنڌين تي اُهي نقش ڇڏيا آهن، جيڪي اڄ اسان کان لڪل ڪين  آهن، ليڪن انهن عالمگير تحريڪن جي پٺيان جن بزرگ ۽ مخلص شخصن ڪم پئي ڪيو، سي جيڪڏهن نه هجن ها ته سنڌ انهن ڪاميابين کي ڪڏهن به حاصل نه ڪري سگهي ها، جيڪي هن وقت کيس حاصل آهن.


[1]  ممڪن آهي، انهيءَ ڏس ۾ ڪن صاحبن ڪي مختصر مقالا لکيا هجن، ڪن هندو صاحبن پڻ ڪنهن زماني ۾ ننڍا رسالا لکيا هئا پر انهن سڀني ۾ تحقيق جي بجاءِ تصور جو دخل زياده آهي.

[2]  ارغونن کان وٺي مغلن تائين

[3]  ڏسو ڪتاب جو صفحو 11- 12، شاهه سائينءَ جي انهيءَ دلڪش ادا ته سڀن جي دلين کي موهي رکيو ۽ اهوئي سبب ٿيو جو مسلمانن کان وڌ، شاهه جي ڪلام جا پارکو هندن منجهه پيدا ٿيا ۽ پيدا ٿيندا رهن ٿا، سرڳواسي ليلارام، ڄيٺمل پرسرام، ڊاڪٽر گربخشاڻي، لال چند امر ڏنومل، ڀيرو مل مهرچند، ڪلياڻ آڏواڻي، رام پنجواڻي، فتح چند واسواڻي، پروفيسر جهمٽ مل ۽ ٻين سون هندو مشاهيرن جون خدمتون انهيءَ ڏس ۾ ڪير آهي، جو وساري سگهي ٿو؟

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com