سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه جي رسالي جو مطالعو

 

صفحو :6

هندن کي جو ڪن اکرن اچارڻ ڪري مسلمان ٿيڻ تي مجبور ڪيو ويندو هو سي به شاهه صاحب جي ڪلام کي پنهنجو سمجهي سنڌ ۽ سنڌ وارن کي پنهنجو سمجهڻ لڳا، ويدانت فلاسفي جي رنگ ۾ هندن جي واتان اسلام جون اهم ڳالهيون چورايون ويون آهن جي هوند مذهبي ماڻهو سموري ڄمار مٿو کپائين ته به هڪ هندو کان ان جو اقرار ڪرائي نه سگهن.

وحده وڍيا اِلاالله اڌ ڪيا،

محمد رسول الله چئي مسلمان ٿيا،

عاشق عبداللطيف چئي انهي پہ پيا،

تيلان ڌڻي ڌئا، جيلان وحدت ويا گڏجي.

آگي ڪيا اڳهين نسورو ئي نور،

لاخوف عليهم ولاهم يحزنون، سچن ڪونهي سور،

مولي ڪيو معمور، انگ ازل ۾ ان جو.

الله جي هيڪڙائي ۽ رسول الله جي رسالت جي قبوليت قرآن شريف جون آيتون، شاهه صاحب هندن جي واتان به ان ريت چوائي ٿو جيئن هڪ مسلمان چوي يا ان جو اقرار ڪري، هوڏانهن اهي اقرار جيڪڏهن شاهه جي زماني ۾ ڪنهن مذهبي ماڻهو جي اڳيان ڪو غير مسلمان ڪري ها ته جهٽ مٿس مسلمان هجڻ جي فتوى ڏيئي کيس مجبور ڪيو وڃي ته اٿي اسان جي پر ۾ گڏجي رهه.

شاهه صاحب پنهنجي زماني وارين نرالين حالتن کي سامهون رکندي نه فقط سنڌ وارن کي ڌارين جي غلامي کان آزاد رهڻ لاءِ آواز بلند ڪيو پر ان سان گڏ صوفيانه رنگ ۾ سنڌ جي هندن کي به ان حد تائين پنهنجي ويجهو آندو جو هو شاهه صاحب جي ٻولي ۾ اهو سڀڪجهه چوڻ لڳا جو هڪ پڪو موحد مسلمان کلي دل سان چئي سگهي.

ميان نور محمد ڪلهوڙي جي ڏاکڙن ۽ انقلابي زماني کان پوءِ سندس پٽن ۾ گادي جي سوال تان اختلاف پيدا ٿيو. ميان محمد مراد وڏو فرزند هو، پر عام راءِ ميان غلام شاه ننڍي پٽ جي فائدي ۾ هئي. ميان غلام شاه پنهنجي والده سميت شاهه صاحب جو ڏاڍو معتقد ۽ پڪي ويساهه وارو هو، جيتوڻيڪ هو گادي تي شاهه صاحب جي وفات کانپوءِ سن 1171هه ۾ ويٺو مگر سندس عدل، انصاف ۽ رحمدلي ڪري سموري سنڌ اورا ساڻس سازگار هئا، ميان غلام شاهه کان اڳ ۾ سندس وڏو ڀاءُ ميان محمد مراد سنڌ جو والي ٿيو، مگر هن ۾ حڪمراني جي پوري لياقت ۽ ڪامل قابليت ڪانه هئي، جنهن ڪري هو صاحب ٿڏجي ويو ۽ ميان غلام شاهه، جو صاحبزادگي جي وقت ۾ ئي ماڻهن وٽ پيارو هو سو گادي نشين بنايو ويو.  ميان عطر اختلاف جو علم بلند ڪيو مگر اهو به هارائي ميدان خالي ڪري ويو، هاڻي فقط ميان غلام شاهه هو، جنهن قابليت سان نه فقط اباڻي سنڌ تي ڌاڪو ڄمايو هو مگر جنهن شئي کي شاهه صاحب سنڌ سمجهندو هو تنهن سموري ديس تي قبَضو ڪري ورتو. لسٻيلہ رياست، قلات رياست، رياست ڪڇ ڀڄ، جيسلمير جا نواب ۽ راجا سندس ڍل ڀرو بڻيا ۽ سبزل ڪوٽ تي سال ۾ قبضو ڪري سنڌ جي انهن چئن ڪنڊن تي قبضو ڪيو، جتي سنڌي زبان ڳالهائي ويندي هئي ۽ جتي شاهه صاحب سير واري وقت ۾ پير گهمائي آيو هو.

شاهه صاحب سنڌ جي بچاءَ لاءِ پنهنجي شاعري سان جنهن شئي جو بنياد رکڻ گهريو ٿي تنهن کي سندس هڪ معتقد حاڪم ڪماليت تي پهچائي دم کنيو، سنڌ ۾ ميان غلام شاهه جو دور هڪ سنهري دور ٿي گذريو آهي. سنڌ ڏاڍي سائي ۽ ساڄي هئي ۽ ڌارين جي غلامي واري ڌوڪي کان آجي هئي.

شاهه صاحب سنڌ ساڻيہ لاءِ مارئي جي واتان جيڪو سنڌ وارن کي پيغام پهچايو هو تنهن تي هر هڪ ماڻهو عمل ڪري رهيو هو، هندن مسلمانن ۾ جيڪا نفرت پيدا ٿيل هئي سا حڪومت جي حڪمت عملي سان ختم ٿي چڪي هئي، ملڪ پوري سک سانت سان گذاري رهيو هو.

مند ٿي منڊل وڄيا، ڪي اوهيڙن اوڪ

ڇاڇر ٿي ڇنن ۾، مينهيون چرن موڪ

سرهيون ٿيون سنگهاريون پويو پائين طوق

ميها چڀڙ ڦنگيون جت ٿين سڀئي ٿوڪ

لاهين مٿان لوڪ ڏولائي جا ڏينهڙا.

ميان غلام شاهه جي زماني ۾ اهو پويون شعر هن ريت پڙهيو ويو ٿي.

لٿا مٿان لوڪ ڏولائي جا ڏينهڙا.

فصل ٻيو

شاهه صاحب جي وقت ۾ سنڌ وارن جي رهڻي ۽ گذراني حالت

حقيقت ۾ سنڌ جي معنى آهي ٻهراڙي ۽ واهڻ، هي ديس کيتي ڪندڙ ۽ چوپايو مال چاريندڙ آهي، ان تي گذران ڪندڙ آهي، جنهن ڪري سنڌ جي رهاڪن جو وڏن شهرن کان وڌيڪ ٻهراڙي سان لاڳاپو آهي، هو دهات جي صبح ۽ سانجهي جي نظارن ۽ تازين هوائن جا مزا ماڻيندا رهندا آهن ۽ ٻهراڙي جي ڏڌ، مکڻ ۽ سڄر سچي کير ۽ سٺي جهڻ جون نعمتون به ڳوٺاڻن کي نصيب ٿين ٿيون، جن کان وڏن شهرن جا ماڻهو وانجيل آهن، هن کيتي واري پرڳڻي ۽ مالدار ملڪ هجڻ ڪري ئي سنڌ ۾ وڏا شهر ڪو نه آهن، خاص طرح شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي زماني ۾ ته ٺٽي کان سواءِ ٻيو ڪو ايڏو وڏو شهر ڪو نه هو، بکر (سکر) ۽ سيوهڻ به وڏا شهر ۽ گورنرن جي ويهڪ جا هنڌ هئا پر ٺٽي جيڏو ننگر ٻيو ڪو به ڪو نه هو، شاهه صاحب جو انهن وڏن شهرن سان به جيتوڻيڪ لاڳاپو هو مگر پاڻ هو ٻهراڙي جو ماڻهو، هن جي سامهون سڄي سنڌ جا صحيح نظارا هئا، هو ٻهراڙي ۾ گهمندو ڦرندو ۽ واهڻن جي واءُ سواءُ لهندو رهندو هو، سنڌ جي تهذيب ۽ سنڌي تمدن، رهڻي ڪهڻي ۽ سنڌي ٻولي ٻهراڙي ۾ ئي سمجهندو هو تنهن ڪري پنهنجي ڪلام ۾ جو ڪجهه بيان ڪري ٿو، ان مان سڄي سنڌ جوئي صحيح اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

ماهيو مال

شاهه صاحب جي زماني ۾ سنڌونديءَ کي بچاءُ بند ڪو نه هوندا هئا ۽ نه وري پنجاب ۽ سنڌ ۾ هاڻي وانگي براجون هيون، جنهن ڪري سنڌ دريا سانوڻي جي موسم ۾ لس ليٽ وهي پوندو هو ۽ ٻار هوئي ٻوڏيون ۽ ليٽيون لڳيون پيون هونديون هيون، ملڪ ۾ وڏا وڏا ٻيلا ۽ جهنگل هوندا هئا، درياهه جي ڪنڌي سان چاهنڪ ۽ ڪانهه به جام بيٺا هوندا هئا، جتي مالدار جي مينهن جا وڳ پيا چرندا هئا، ميهارن جون مينهون دريائي ٻيلن ۾ چرنديون ۽ ميهارن جي تنوارن تي ڳاٽ کڻي تنوارن تي ڪن ڏينديون هيون.

چاهڪ چري، تار تري، آيون مٿي آر

ڪوڙين ڪر کڻنديون سڻي سڏ ميهار

مينهن جا به ڪيئي قسم هوندا هئا، جن سان ٻيلا پيا ٻہ ٻہ ڪندا هئا شاهه صاحب فرمائي ٿو ته:-

ڪاريون، ڪنڍيون، ڪڪيون وارا ڪيون ويمن

جوءِ جا جانرن جي ٻيلا ٻہ ٻہ ڪن.

انهي زماني ۾ مينهن کي جيڪي ساز پاتا ويندا هئا تن ۾ ننڍي قسم جا چڙا به هوندا هئا:-

محبتي ميهار جي چڙن چوريا چاڪ

چڙن کان پوءِ وڏا ڊنڀر يا وڏا چڙا مينهن کي پائيندا هئا، جن کي کرڪي يا گهنڊ به چيو وڃي ٿو.

کرڪن خوش ڪياس محبتي ميهار جي

گهنڊ جو آواز ته ميل کن تي ماٺيڻي جهنگل ۾ ٻڌڻ ۾ ايندو آهي.

ڪيڏانهن گهنڊ گڙن، ڪيڏانهن اٿي ويون

انهن سازن کان سواءِ ٻين وڏن چڙن جو قسم سانڀر يا سانڀارا به آهن، جن جو آواز ستل ماڻهوءَ کي سجاڳ ڪري وجهي ٿو.

ستي جاڳاياس، سانڀر سپيرينءَ جي.

هن ڀر سيم هوءِ، ستي سانڀارن جي.

ننڍي چڙيءَ يا وڏي چڙيءَ کي جيڪا شئي ڌڪ لڳڻ سان ٻولائي يا پرلاءُ پيدا ڪر يٿي ان کي چئبو آهي لار، شاهه صاحب ان تي به ويهي ويچار ڪيو آهي.

لارن جا لنؤن لائي، سا ڪيئن آڇيان عام.

لاري سانڀر جي سنڱ يا پڪي ڪاٺي جي ٿيندي آهي، جا چڙيءَ جي اندرين گولائي ۾ ڇلي سان لٽڪائي ڇڏبي آهي.

ميهار پنهنجن مينهن لاءِ مڇرن کان دونهيون دکائيندا باهيون ٻاريندا هئا، مهمان يا مسافر دونهين جي وسئون تي لنگهي اچي ميهارن وٽ اَجهاپا ڪندا هئا.

دونهين دوست ميهار جي، ڏِئي جيئن ڏٺائين.

شاهه صاحب هت ڪاري دونهين دوست جي کي ڏِئي سان تشبيہ ڏئي ڪمال ڪري ڏيکاريو آهي.

هوءَ جا ٻري باه، منهن ميهارن جي.

سنڌ وارن جو سنڌونديءَ سان ساهيپو رهندو آيو آهي، سنڌوندي کي اڪرڻ لاءِ مڪڙي يا ملاح نه ملندو هون ته پوءِ سيڻہ، سانڊارو، سنڊ، ترهو ترڻ لاءِ ڪم آڻيندا هئا پر جيڪڏهن اهي نه هٿ ايندا هون ته پوءِ گهڙو کڻي گهڙي پوندا هئا. سهڻي جي سر مان فرمائي ٿو ته:

گهڙي گهڙو هٿ ڪري، ڪري الله توهار.

ننڍن واهڙن تي به ٻيڙيون هونديون يا وڏا نوڙ آرپار ٻڌي ڇڏيندا هئا، لٽا لاهي مولهياٽي وانگي ٻڌي پاڻيءَ ۾ گهڙي پوندا هئا، سهڻي ويچاري کي اهي سمورا وسيلا ڪو نه هئا، جنهن تي شاهه صاحب فرمائي ٿو ته:

نه ملاح نه مڪڙي، نڪي ٻڌائون نوڙ.

مولهاٽي جو بيان شاهه صاحب هيٺئين شعر ۾ ڪيو آهي:

گهڙو ڀڳو تان گهوريو، ڀڄي تام گهڙي،

مولهاٽو محب جو، ڀڄي ٿيو ڀري،

مٿان وير وري، ساهڙ ڏنم سڏڙا.

سانوڻ جي برسات ۾ ساوڪ ۽ سبزي ٿئي ٿي ۽ مينهن ۾ کير مکڻ جام ٿئي ٿو، شاهه صاحب ٻهراڙي ۾ اهي نظارا ويهي اکين سان ڏٺا آهن ۽ سنڌ جي صحيح رهڻي ڪهڻي بيان ڪندي فرمائي ٿو ته:

بر وٺا، ٿر وٺا، وٺيون ترايون،

پره جا پٽن تي ڪن ولوڙا وايون،

مکڻ ڀري هٿڙا، سنگهاريون سايون،

ساري ڏهن سامهيون، ٻولاهيون، رايون،

ٻانهيون ۽ ٻايون، پکي سونهن پنهنجي.

مينهيون پاڻ مراديون ٿڌا چرن ٿر،

وڏي اوه آيون، پٺيءَ لائي ڦر،

ساري اچيو سامهون ڏين، سنجهي کير سڄر،

ساڻ وانڍين ور، پريون پرچڻ جون ڪيون.

انهن ڏينهن ۾ هي به رواج هو ته مالدار ماڻهو ڪن خاص ڏينهن تي کير وڪڻڻ جو وارو واريندا هئا ۽ کير جيترو به ٿيندو هون سو خيرات خدا جي واسطي ڏئي ڇڏيندا هئا، ان رسم ڏانهن هيٺئين شعر ۾ شاهه صاحب اشارو ڪيو آهي:

ڪير ڪريندي ريس، آيل سنگهارن سين،

جنهين جي خميس، واريون واري ڇڏيون.

آيل ماءِ سنگهار- مالدار ماڻهو خميس و سپت يا خميس جو ڏينهن. هن مان سمجهه ۾ اچي ٿو ته خميس ڏينهن مفت کير ڏيڻ جو وارو واريو ويندو هو. ٻي هنڌ فرمائي ٿو:

ڪير ڪريندي ريس، آيل سنگهارن سين،

جنهين جي خميس، منڌي مور نه مٺ ۾.

هن اسان جي سنڌ ۾ ڪي ڀاڳيا 11 تاريخ هر مهيني جي کير نه وڪڻندا آهن پر پيران پير جي نالي تي ڏيئي ڇڏيندا آهن، هن ارادي سان ته پيران پير اسان کان راضي ٿيندو ۽ مال ۾ برڪت وجهندو. اهو ارادو ڪرڻ ۽ نفع نقصان خدا کان سواءِ ٻئي ڪنهن کان سمجهڻ اسلام جي حڪمن موجب صفا ڪفر آهي، تنهن ڪري گهرجي ته مالدارن کي وارو وارڻ وقت نيت صاف رکڻ گهرجي.

شاه صاحب جي آسپاس پاڻيءَ جا ڇڇ ۽ ڇاڇر هوندا هئا ۽ ڀٽ جي هيٺان گهاٽي گاه جا ٻيلا هئا، ڪراڙ ڍنڍ ۽ ٻيون ڍنڍون هونديون هيون. لڳولڳ درياه پيو وهندو هو، جنهن ڪري شاه صاحب سنڌ ۾ مينهن جو گهڻو بيان ڪري ٿو:

واحد وڏائي ڪيا ڪنڍين ساڻ ڪرم،

ڇاڇر ٿي ڇنن ۾، مينهيون چرن موڪ،

سرهيون ٿيون سنگهاريون پويو پائن طوق.

مالدار ماڻهو مکڻ وڪڻي گهرج جون وٿون وٺندا هئا، سانوڻي جي مند ۾ جڏهن پاڻي به جام ٿيو ۽ مينهيون به موڪ چرڻ لڳيون، تڏهن سنگهاريون يا ڀاڳياڻيون ڳهه ڳٽا ٺهرائڻ لڳيون.

طوق- يعني هس ۽ ڪنڍيون- مالهائون، پورائي ڳچين ۾ پائين ٿيون. مالدارن جي وسنوء ۽ وس وقت جڏهن مانڌاڻيون پيون ڦرنديون آهن ۽ ڏڌ جا ولوڙا ٿيندا آهن، ان جو جيڪو مشاهدو شاهه صاحب پيش ڪري ٿو سو ڏاڍو وندرائيندڙ آهي، فرمائي ٿو:

منڌيون مٽ ڳڙين جهوڪين سو هن پيڙا،

سندي سنگهارن، جوءِ جياري جڏڙي.

سنڌ وارن لاءِ ڏڌ هڪ وڏي وٿ ۽ هڪ وڏي نعمت آهي. مارئي عمرڪوٽ جي قيد ۾ آهي ته به اتي جيڪو سپنو لهي ٿي سو به ڏڌ ولوڙڻ جو آهي:

ستي لڌم سپنو، لوئيءَ ۾ ليٽي،

ته منڌي پايو مٽ ۾ ولوڙيان ويٺي،

پکي آءٌ پيٺي، کيرون ڏنيم جيڏيون.

شاهه صاحب سنڌ ۾ سڪار جو بيان ڪندي فرمائي ٿو:

هڪ اُن ارزان ٿيو، ٻيو مکڻ منجهه ماٽي،

ڪلمي سان ڪاٽي، لاٿم ڪس قلوب تان.

ماڻهو جڏهن جس وس وارو ساڄو سڀاڳو ٿيندو آهي تڏهن مٿو ڦري ويندو اٿس پر شاهه صاحب جي زماني ۾ ائين نه هو جو اُن به ارزان ٿئي ٿو ۽ مکڻ به ماٽيءَ ۾ آهي، پر تنهن هوندي به ڪلمو ياد آهي ۽ ڪلمي سان ماڻهو پنهنجن قلبن تان ڪس لاهي رهيا آهن. ماهي مال کانپوءِ ڳاهي جو نمبر آهي پر شاهه صاحب جي پريت ماهي مال سان گهڻي آهي، جنهن ڪري ڳنوارن جو بيان ڏاڍو گهٽ ڪري ٿو. برسات پوي ٿي ماڻهو خوشي ۾ نٿا ماپن، سنگهاريون ڏاڍيون سرهيون آهن، ڳنوار به پنهنجي مال چارڻ جون ڳالهيون پيا ڪن:

وري وڏي وس جون ڪيون ڳالهيون ڳنوارن،

سيد چوي سڀن، آهي توتي آسرو،

سنڌي ماڻهو تمام ڀلا ڏاند به ڌاريندا هئا، جن جي ڀاڄ جو بيان ڪندي فرمائي ٿو ته:

ڏاندن سان سيد چئي ڪي پياديون پهچن.

وهڙن يعني ننڍن نيٽن ڏاندن جو نالو به آڻي ٿو:

هڻي چيلهه چرون ڪئي وه پئي وهڙن.

سنڌ جو اوٺو مال

عرب ديس وانگي سنڌ ۾ اوٺو مال به شاهه صاحب جي زماني ۾ عام جام هو، ماڻهو کيتيءَ جو ڪم به اُٺن کان وٺندا هئا ۽ واپار لاءِ به اُٺن جا قافلا ڪم ايندا هئا، سنڌ کان نڪري اهي قافلا هڪ طرف ڪڇ ڀڄ ۽ ڪاٺياواڙ ڏانهن مال کڻي ويندا هئا ته ٻئي طرف قنڌار ۽ هرات وڃي دنگ ڪندا هئا. اُٺ خشڪي جي ٻيڙي آهي جو هفتن جا هفتا اڃ ۽ بک ۾ پٺيءَ تي مال لڏيو هلندو رهي، ديس پرديس ماڻيندو وتي، سنڌ ۾ اُٺن تي واپار کانسواءِ ٻيا ڊگها سفر جهنگلن ۽ جبلن، برن پٽن جا اُٺن جي وسيلي ڪيا ويندا هئا، جنهن ڪري سنڌي ماڻهن جو اٺن سان هڪ قسم جو چاهه ۽ پيار هوندو هو. اُٺن جي قافلن جون پرديس ۾ قطارون ڪاهي هلندا هئا، مسافرن کي تاڪيد ڪيو ويندو هو ته قطارن کان ڪپجي نه وڃن متان لوڙائين جي ور چڙهي وڃن پوءِ هٿ هڻڻا پون.

ڇڄ م قطاران ساٿ چڙهندو لڪئين،

مڇڻ ٿئين پيان، وڳ واٽ نه لهين.

سنڌ ۾ گهليون ۽ غنيم گهوڙن تي چڙهي اچي گهيرا وجهندا هئا، هاڃا هڻي رمندا هئا پر ڪڏهن ڪڏهن اُٺن جي وسيلي به اهڙا واقعا ٿي گذرندا هئا پر تمام ٿورا، ڇو ته اُٺ ڀاڄوڪڙ جانور آهي، تنهن ڪري ڌاڙيلن کي گهڻو گهٽ ڪم ايندو آهي.

سسئي جي واتان شاهه صاحب فرمائي ٿو:

گهوڙن هنئين سڀڪا، اُٺن هنئين آءٌ.

جيئن عربن وٽ شينهن، ترار ۽ اُٺ جا ڪيترائي جدا جدا نالا آهن تيئن سنڌ ۾ اُٺ جا به ڪيترائي نالا رکيل آهن. هن وقت اوٺي مال جو اڳين سمي جيترو چلاء ڪو نه آهي، جنهن ڪري هنن جو سماءَ به ڪونهي. شاهه صاحب جي سنڌ ۾ اُٺن کي جن جدا جدا نالن سان سڏيندا هئا تن جو سندس ڪلام مان پتو پروڙي سگهجي ٿو. (1) اُٺ کي ڪرهو- ڪرهل- ڪره به سڏيندا هئا. لفظ ساڳيو پڙهڻيون الڳ الڳ آهن.

ڪرهو نه ڪي ڪان پرين آءٌ نه پڄڻي.

آءٌ ستي هو هليا ويا ڪرهل ڪاهي.

(2) ميو- جنهن جو جمع آهي مين.

ميا مڃ منٿ، اڄ منهنجي ڪرها.

مين کي مذڪور آهي، اُڻ تڻ اڳين پنڌ جي.

(3) ڏاگهو- جمع ڏاگهن پور وهيءَ ۾ پهتل اُٺ.

ڏايئي نه ڏاگهن کي، اوڳي ساڻ اڳٺ.

(4) چانگو- چانگا چندن چاريان اٺئي پهر اپار.

(5) ڀور- اُٺ جو رنگ گهڻو ڪري ڪڪڙو، ڳاڙهو ٿئي پر ڪن جو رنگ وري ڀوراڻ تي وڌيڪ هوندو آهي، تنهن کي ڀور چوندا آهن.

ڀور نه چري ٻور، ڇڏيون تور تڪون ڪري.

(6) ليڙو جمع ليڙن

ليڙو لاڻي کي چري، نير ساڻ نئي.

اُس م لڳي اوٺئين، ليڙن لڪ م لڳ.

(7) گنگو- اُٺ جو اهو نالو سندس حقيقت حال موجب سسئي جي واتان رکايل آهي، جو راتو رات چپ چاپ ۾ سندس پنهونءَ کي اُٺن تي پلاڻيو پرديس ڏانهن پريا ويا، نه ته ٻي صورت ۾ اُٺ ڀريو به رڙي ته سکڻو به رڙي، فقط ايترو سو آهي جو هلڻ ويل جهڙو گنگو، چپ ئي چپ، - چپ ئي نه چوريندو آهي.

ڀٽائي سسئيءَ پاران فرمائي ٿو:

گنگن ساڻ جنگن منڌ اسونهين ميڙئين.

جم ورچي ڇڏين سندو گنگن گس.

(8) گورو- جمع گورن، اهو اگرچ ڏاچي جي کير پياڪ ڦر لاءِ ڪم آڻيندا آهن. پر شاهه صاحب وڏي ڄمار واري وهو گهو اُٺ لاءِ ڪم آندو آهي.

ونگئي نه وارن سين گورن جا گوڏا.

(9) توڏو- جمع توڏا- معنى ٺوڙهو، اُٺ کي سڱن نه هجڻ ڪري انهي لقب سان سڏيندا آهن.

اڱڻ مٿي اوپرا جڏهن ڏٺئي توڏا.

(10) بوتو- جمع بوتا ۽ بوتن.

لطف سان لطيف چئي لنگهيو بر بوتن.

 

بوتي ۽ بلوچ جي رڙهي پسان روءِ.

(11) ليڙو جمع ليڙا ليڙن.

ليڙن جي لطيف چئي هلڻ سندو هوس.

(12) ڪنواٽ نؤجوان اُٺ.

ڪسر ڇڏ ڪنواٽ، وکون وجهه وڌنديون.

(13) مهري تمام ڀلو اُٺ.

مزمانن مهري، آڻي جهوڪيا جهوڪ ۾.

(14) پربت وڏو قداور اُٺ.

آءُ ستي هو هليا، پلاڻي پربت.

(15) ناقہ عربي لفظ آهي، جنهن جي معنى ڏاچي، جنهن تي سواري ڪئي وڃي.

مند پيادي پنڌ گهڻو، نه مون اُٺ نه ناقو.

(16) اولاڪ سنڌ جي بلوچستان واري ڀاڱي ۾ اولاڪ لفظ وهٽ جي ڪم ايندو آهي ۽ شاهه صاحب سُر سسئيءَ ۾ ان کي اُٺ جي معنى ۾ آندو آهي.

معذور کي ماريو اولاڪن اچي.

(17) شتر فارسيءَ ۾ اُٺ کي شتر سڏيندا آهن، شاهه صاحب اهو لفظ به سُر ديسي ۾ ڪم آڻي ٿو.

ڪڄاڙيا ڪاهي، شتر اُن سينگاريا.

(18) جمازه- جمازه عربي لفظ آهي، معنى تکي مان تکي رفتار وارو اٺ.

جتي جمازن کي جبل ٿين جنجال.

ٻئي هنڌ شاهه صاحب ز جي بجاءِ ج ڪم آندو اهي، جماز کي جماج آندو اٿس، سنڌيءَ ۾ زاء کي جيم سان بدلائڻ جو جهونو رواج آهي.

ڪيهون ڪوهن پٽيين، ڪوڪو جماجان.

(19) روڏو گنجو اُٺ جنهن جي ٽڪڻ تي بج نه هجي.

ڪرڙا ڏونگر ڪہ گهڻي جت ويا روڏا رنگائي.

ان سمي ۾ اُٺن جي ڄمار سالن پٽاندر جيڪا مقرر هئي شاهه صاحب ان کي پنهنجي هڪ ڏوهيڙي ۾ هڪ هنڌ ئي ويهي بيان ڪيو آهي، جنهن مان سندس مطالعہ ۽ سنڌي زبان جي وسيع ڄاڻ جي پرو پئجي سگهي ٿو. فرمائي ٿو:

دوئڪ دهليا جت، گورا هلن نه گس ۾،

چؤسال ئي نه چلڻا، ٿي تنگ نهاري تت،

سودي انهي سيد چئي، پوءِ پنجارين پرت،

ان اڙانگي پنڌ جي ڪا نيشن پئي نرت،

سسئي وڏي ست، جا اهڙي پر پنڌ پئي.

دوئڪ يعني ٻن سالن جو وهٽ جنهن کير ئي جي ڏندن ڀڄڻ کانپوءِ ٻه نوان ڏند پاتا هجن.

چؤسال- چئن سالن وارو جنهن چار نوان ڏند وڌا هجن.

پانجاريل- پنجن سالن وارو يعني پورو جوان وهٽ.

اهي اصطلاحون گهوڙن جي ڄمار لاءِ به ڪم اينديون آهن. ڏاندن لاءِ دوئڪ کي ٻڙاندو ۽ چؤسال کي چوڳو ڪم آڻيندا آهن. نيش انهيءَ اُٺ کي چئبو آهي جو ڦوه جواني کي رسندو آهي.حقيقت ۾ اُٺن جي جدا جدا ڄمار لاءِ نالا هن ريت آهن: 1- کير ڌائڪ گوري کي لاعرو چوندا آهن، اهو ساڳيو لفظ ڳئون جي کير پياڪ ڦر لاءِ به ڪم ايندو آهي، اهو نالو اُٺ جي گوري لاءِ هڪ  وره جي ڄمار تائين ڪم آڻيندا آهن. 2- ٻن سالن واري ڦر کي ڌٻڙ يا ڪنواٽ چوندا آهن. 3- ٽن سالن واري کي ٻهاڻ، ٻهاڻ گهوڙي جي انهي ڦر کي به چئبو آهي جو اڃا سنجن وجهڻ جهڙو نه هوندو آهي. 4- چئن سالن واري کي ٽهاڻ يا نرات سڏين. 5- پنجن سالن واري کي ڇٺ. 6- سالن تائين دوڪ، انهي ڄمار ۾ هيٺئين ڄاڙي ۾ ٻه نوان ڏند ڄمندا آهن. 7- ستن واري کي چوڳو يعني چئن ڏندن وارو. 8- اٺن سالن واري کي ڇڳو، ان وقت اُٺ کي 6 ڏند ٿيندا آهن. 9- انهي ڄمار ۾ اُٺ جي ٻنهي ڄاڙين جي پاسنکان ٻه تکا ڊگها ڏند نڪرندا آهن، پوءِ چئبو آهي ته هاڻي اُٺ نيش ٿيو آهي. 10-  ان کان پوءِ ٽن سالن اندر ٻيا چار نيش نڪرندا اٿس، اها اُٺ جي وهي موٽڻ جي نشاني آهي، ان کي ارموش چئبو آهي، جيئن پوءِ تيئن ويندو هٽندو، کاڌ خوراڪ واري اُٺ جي ٽيهن ورهن تائين ڄمار جٽاءُ ڪري ٿي.

اُٺن کي ڏاوڻ ۽ پائند به وجهندا هئا ته جيئن جهنگ چرڻ ويل ورائڻ يا هٿ ڪرڻ ۾ سولائي هجي. زوراک اُٺن کي نيل يا نير پائيندا هئا ته ڇنائي ڀڄڻ کان قابو رهي.

نو نير، ڏه ڏاوڻيون، پندرهن پئند پياس،

جڏهن سڄڻ ياد پياس، ڇرڪ ڇنائين هڪڙي.

اُٺن کي ڳچيءَ ۾ ڳانا ۽ مالهائون به پائيندا هئا ۽ ڪجاون يا هيدي تي ريشمي جهليون وجهندا هئا. اُٺ کي سواري لاءِ سينگاريو ويندو هو:

ڳل ڳانا ياقوت جا، موتين ڳتيس مال،

ڪديفي جي ڪرها، هيدي پائين حال.

اُٺن جي سونهن لاءِ ٽليون ٻڌندا ۽ مهارن ۾ ٽونئر پوئيندا هئا، هلويون هڻائيندا هئا:

ٽليون ٽونئر هلويون، مين سرمو چار.

اُٺن جي جهلن ۾ جهوڙا ٽانڪيا ويندا هئا، وس آهر ڪي امير ماڻهو ته موتين جي جڙاء جا جهوڙا به جهلن ۾ لڳائيندا هئا:

جهوڙا جن جهلن ۾ هيري لک هزار.

سون جون دهريون به اُٺن کي پائيندا هئا.

ان کي ناڪيليون نڪن ۾ دهريون دليلا.

سنڌ سونهاريءَ ۾ ماهي ۽ ڳائي مال ۽ اُٺن سان ڏاڍو پيار هوندو هو. اُٺ آهي به ڪمائتو جانور، ويچارو کائي ڪوڙ ۽ ڪمائي سچ وهانوَ شادين تي اُٺن تي ڪڄاوا ۽ پاکڙا ڪري هار سينگار ڪري هلندا هئا، جنهن جو ذڪر شاهه صاحب پنهنجي مٿئين ڪلام ۾ آندو آهي.

ريڍو ۽ ٻاڪرو مال

شاهه صاحب جي سنڌ ۾ ٻاڪرو ۽ ريڍو مال به جام هوندو هو، خاص طرح ٿر ملڪ ۾ ته رڍون پاليون وينديون هيون ۽ رڍن جي اُن ڪٽي کٿيون ۽ ڏوڙا تيار ڪيا ويندا هئا، جي ديس پرديس اوڍيا ويندا هئا.

پنهوارن پاهيو، ڪي وس واهوندن،

لٿو سيءُ لطيف چئي، ٻڌو ڦڻ ڦرن،

اوٿا ڪورين ڪوئري، سرتيون مٿان سسن،

عمر! اُن اگوندري، پاسي ڪانڌ ڪتن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com