سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه جي رسالي جو مطالعو

 

صفحو :8

هت شاهه صاحب سنڌ وارن جي ساون ۽ سهندي وارن ۽ غريبي گذران ڪندڙن ٻنهي ڌرين جي پوشاڪ جو هڪ ٻئي جي مقابلي ۾ بيان ڪري ويو آهي. ٿر جي اڇي کٿيءَ کي ڀاروڙي به چوندا آهن.

ڀرم ڀاروڙي رهي جنهن ۾ اڇي اُن.

ولائتي بلاڪيٽن جو رواج ڪو نه هو پر ماڻهو عام طرح سوڙيون سبائي سيءَ جي مند کي مٽائي ڇڏيندا هئا پر ڏوٿي مسڪينن کي سوڙيون ڪٿي ملي سگهيون ٿي:

آءٌ ڪيئن سوڙين سمهان، مون ور گهاري سڃ،

ور اباڻن سين اُڃ، کوءِ شربت تنهنجو سومرا.

انساني آرام ۽ آسائش لاءِ وهاڻا، پٿراڻيون به هيون ته سمهڻ لاءِ ڇپر کٽ، توشڪون يعني طول به هئا.

ڇپون ڇپر کٽ، پهڻ پٿرڻيون ڀايان.

سسئي کي ماءُ ڏاج ۾ اهي شيون ڏنيون هيون، چويس ٿي ته:

ماءُ وهاڻو وار، کڻ پٿراڻي پنهنجي،

جيڪي ڏنئي ڏاج ۾ سو سڀئي سار.

کٽون ۽ پلنگ به انهيءَ زماني ۾ ڪم ايندا هئا.

پئي کہ کٽن تي، ٿيا پلنگ پراڻا.

اميرزاديون هندورن ۾ به هسواريون ڪنديون هيون.

هيس هندورن ۾ پيم ڪانه پروڙ.

رهڻ لاءِ محل، محلات، رنگ محل به هئا جن جو بيان مارئي ۽ سورٺ جي سرن ۾ آيل آهي.

هت بنگلي يا محلات جي عربي لفظڻ جي بجاءِ ڌوراڻو معنى رنگ محل جي معنى ۾ نج سنڌي لفظ ڪم آيل آهي. غريبن جي رهڻ لاءِ ڀنگا ڀر ڀتار جا آهن. ڀنگن کانسواءِ مارو لوڪ ته فقط ڀٽن تي به ويهي وقت گذارين ٿا.

جت ڀنگا ڀٽون ڀيڻيون، تہ کنوڻ تي کڙي.

اميرن لاءِ قناتون آهن، مومل چوي ٿي ته:

کوڙ قناتون ڪاڪ ۾.

ته وري مسڪينن ميربحرن جا پکا آهن:

پکي پئي پچار ته ڄام تماچي آئيو.

مارن جا مَنَهن به آهن، پنهوارن جا پکا به آهن. وانڍيون يا لانڍيون به هونديون هيون. مالدار ماڻهو ڪچن گهرن کي (ڍينگر) ڍنگرن جا لوڙها ڏئي اُن ۾ رهن ته ان کي به وانڍ چيو ويندو آهي.

هن مند مارو سنرا ڍنگر ڍار رهن.

ڍنگرن جي ڍار رهڻ جي معنى آهي لوڙهن جي اجهن ۾ رهڻ، ساڳي ريت سنڌ وارن جي ٻهراڙيءَ جو ٻيو کاڌو هوندو هو ته وري وڏن شهرن جو ٻيو هوندو هو. مارئي پنهوارن جي ڏٿ سان شهرن جا پلاءُ نه ٿي پاڙي ۽ ڪنڊيءَ جي سڪل ۽ سيڪيل سڱر کي سيئين کان وڌيڪ سمجهي ٿي.

سڱر کيِن سرتيون، سيئين جان سيڪي.

ٻهراڙيءَ جا غريب ماڻهو ته ائين به هوندا هئا جو:

آڻين ۽ چاڙهين، ڏٿ ڏهاڙي سومرا،

منجهان لنب لطيف چئي، چانور ڪيو چاڙهين،

ڀلاءُ نه ڀاڙين، عمر آراڙي سين.

لنب جو گاه پراڻ درياء جي ڪپ سان توڙي ٿر ۾ جام ٿئي، سندس پاڙ زمين ۾ ڪا ٿورو هيٺ هوندي آهي. هٿ لاءِ ته پٽجيو پوي ڄڻ ته بي پاڙو گاه آهي، ٿورو خوشبودار به ٿئي ٿو. ٻهراڙي جا ڏوٿي ماڻهو انهي گاهه کي سڪائي چانورن وانگي چاڙهي کائيندا آهن. آرڙو معنى ڏٿ. مارو لوڪ پنهنجي ڏٿ برابر پلاءُ کي ڪجهه ڪري نٿا سمجهن.

سنڌ جي ٿر واري ڀاڱي جون حالتون اڄ به ٻه سؤ سال اڳ واريون آهن، ٿورو ڪجهه انهن ۾ به ڦيرو ايندو وڃي ٿو، باقي عام سنڌ جي ٻهراڙي ۽ وڏن شهرن جي رهڻي ڪهڻي، کاڌي پيتي ۾ جيڪو شاهه صاحب جي زماني ۾ تفاوت هو سو هاڻي به ڪنهن حد تائين قائم آهي. هن کان پوءِ ڏسجي ته هن آيل نئين انقلاب کان پوءِ ڇا ٿو ٿئي.

سنڌين جا ڪي خاص ديسي رواج

هر هڪ ديس جا جدا جدا رواج ۽ جدا جدا ريتون ۽ رسمون ٿينديون آهن، جن جو ٻين ملڪن جي ماڻهن ۾ رواج ڪو نه هوندو آهي. انهن ريتن يا رواجن جو سندن مذهب يا ڌرم سان لاڳاپو هجي يا نه پر اهي هن لاءِ ڪيون وينديون آهن جو عام ملڪي عادتن ۾ داخل ٿيل هونديون آهن. شاهه صاحب جي زماني ۾ شادي جي موقعي تي گهوٽ ڪنوار کي ڳانا يا سڳڙا ٻڌا ويندا هئا.

سون برابر سڳڙا، مونکي ٻانهن ٻڌائون.

گهوٽ ڪنوار جي ميلاپ ويلي هنن جا هڪٻئي سان مٿا ملائي کين لائون ڏنيون وينديون هيون.

مون ماروءَ سين لڌيون، لوئيءَ ۾ لائون.

مارئي لوئيءَ ۾ پنهنجي ماروءَ سان لائون لڌيون پر سسئيءَ ويچاريءَ لڪن ۾ مرڻ ۽ سفر ۾ ڌڪن کائڻ لاءِ پنهون سان لائون لڌيون هيون. پنهنجي ماءُ کي چوي ٿي ته:

لڳندي لڪن سين، آءٌ جي مران ائين،

ماءُ منهنجي نينهن، ته ڪر لائون لڌيون.

شاديءَ ويلي جڏهن گهوٽ ڪنوار واري ڪوٺيءَ جي ٻنڀي تي پهچندو آهي تڏهن ڪيتريون ڪنواريتيون زالون سندس رستو روڪي بيهنديون آهن، انهن مان گهوٽ جي سالي يا ٻي ڪا سهاڳڻ هڪ ڪچو ڌاڳو کڻي پير جي آڱوٺي کان وٺي سندس مٿي تائين ڏاوڻ ڏائيندي آهي ۽ ڪجهه لاڳ وٺي پوءِ ڇڏينديون آهن، انهيءَ جو مطلب هوندو آهي ته مرد پنهنجي ونيءَ وٽ ڪچي ڌاڳي ۾ ٻڌو پيو هجي. اها رسم شاهه صاحب جي زماني ۾ به هئي. سسئيءَ جي واتان چورائي ٿو ته:

ڪيچن آءٌ نه ڪڙي، ڪنهن ڏکيءَ ڏانوڻ ڏائيو.

شاديءَ جي رسمن مان نيکيٽي به آهي، يعني ته گهوٽ ڪنوار کي پرڻائي ساهري گهر مان آڻي پهريان ڪنهن ويجهي عزيز جي گهر ۾ رهائيندا هئا، ان کانپوءِ ٻيءَ رات نيکيٽي ڪري پنهنجي اصلي گهر ۾ آڻيندا هئا.

پرڻائي پنهونءَ کي، نيکيٽي نکڙايو.

گهوٽ جڏهن ڪنوار جي ڪوٺيءَ واري ٻنڀي تي ايندو هو ته اتي هڪ ڍڪڻ رکيو ويندو هو، جنهن تي اڳ ۾ ڪنوار کان پير رکايو ويندو هو ۽ ان کانپوءِ گهوٽ جو پير برابر رکائبو هو. پر جيڪڏهن گهوٽ جو پير ٿورو پاسيرو پيو ته ان کي بڇڙو سنوڻ ليکيو ويندو هو.

پوڄا ڏٺم پير، ڍڪڻ، مٿي ڍول جا،

مون ڀانئيو تنهن وير، ڪوجهي ڪندو پريڙي.

پوڄا جي معنى آهي اڻ پورا يا ڏنگا. شادي ويلي ڍڪڻ تي پير رکڻ يا ڍڪڻ ڀڃڻ جو رواج سنڌ جي ٻهراڙيءَ ۾ ڪيترو زمانو هلندو آيو ٿي جو شايد هاڻي ڏسڻ ۾ نٿو اچي.

شادي جي موقعي تي جڏهن زالون اچي گڏ ٿينديون آهن، تڏهن ڪنوار کي پيڪن وٽان يا ٻين عزيزن ۽ دوستن وٽان ڪپڙا يا ٻيو ڪجهه ڏاج ۾ ملندو آهي، تنهن کي سنڌي اصطلاح ۾ ڳڻائڻ چوندا آهن. شاهه صاحب جي زماني ۾ سيج ۾ ڳڻائڻ جي اصطلاح هئي. مارئي جي پاران فرمائي ٿو:

مونکي ماروئڙن، سڃ ڳڻائي سيج ۾.

سيج جي معنى آهي اها کٽ يا پلنگ، جو گهوٽ ڪنوار کي پرڻي رات نصيب ٿيندو آهي. هت سيج جي معنى آهي، شادي يا پرڻو. مرڻي جي موقعي تي ڪيتريون زالون گڏ ٿي پار يا ورلاپ ڪڍي هڪ ٻئي سان همدردي ڏيکارڻ لاءِ روئنديون ۽ ڀنڊڻ ڪنديون هيون. امير ماڻهو ڪو مرندو هو ته لنگهياڻي زالن جي وچ ۾ بيهي اوسارا چوندي هئي ۽ ٻيون کيس وراڻيون ڏيئي گڏجي روئنديون هيون.

نڪي روئڻ واريون، نڪي اوسارين،

مونکي مون مارين، مونهين سندا ڏکڙا.

اهڙن موقعن تي روئنديون ته اهي ئي جن کي لڳل هوندي آهي، باقي ٻين کي ڪهڙي ضرورت هوندي، پر لوڪ لڄا ڪري هو به سر ملائينديون آهن.

اڻ ڏکوئيون ڏکن جي ڪوه ٿيون پٿر پون،

ناهه اوراتون ان کي، ٿيون لوڪ ريائون رون،

جي ڀنڻ ڀيريون هُونِ، پار تنهين جا پڌرا.

پٿر پوڻ معنى ماتم جي تڏي تي ويهڻ، لوڪ ريائون

جيڪي لوڪ لڄان کان روئنديون آهن، جن جي دلين تي دک جو ديرو ڄمايل آهي، تن جا پار يا ورلاپ ئي پڌرا هوناد آهن.

ڪنهن کان گناهه يا ڏوهه ٿيندو آهي ته معافي وٺڻ واسطي سنڌواسي ڳچيءَ ۾ پاند پائي وڃي معافي وٺندا آهن. شاهه صاحب واري سنڌ ۾ به اهو رواج هوندو هو ته عورت پنهنجي گندي يا رئي جو پاند وجهندي هئي ته مرد پَٽڪو لاهي پاند وجهي پرچائيندا هئا.

پهائينديس پنهونءَ کي ڳچيءَ پائي گندي.

وينديس هوت پنهونءَ ڏي پاند وجهي پٽڪي.

سنڌ ۾ پيرن کڻڻ يا پيرن آهوڙڻ جو فن هن حد کي پهتل آهي جو پاڻي مان چور يا گم ٿيل ماڻهو يا جانور جو پير کنيو هليا ويندا آهن، انهي هنر جي ڪاريگرن کي پيري يا پيراڍو ڪري سڏيندا آهن. اهو هنر سنڌ کانسواءِ ٻئي ڪنهن به ملڪ جي ماڻهوءَ کي ڪو نه ايندو آهي. اهو فن شاهه صاحب جي زماني ۾ به سنڌ جا رهاڪو ڄاڻندا هئا.

لڪن تان لڙيو پير نهاريان پرينءَ جو.

پير سڃاتائين پنهونءَ جو منجهان

پير جي پڪي ڪرڻ لاءِ پير کي چؤطرف ليڪو هنيو ويندو هو، جنهن کي پير ڪڙڻ چوندا آهن. شاهه صاحب انهيءَ سنڌي اصطلاح کي هيٺين ريت ڪم آندو آهي:

ڪڙهي ۽ ڪڙي پر ۾ پير پنهونءَ جا.

مسافر جڏهن گهر مان سنڀري سهي پرديس پڌاربو آهي، تڏهن واٽ هلندي هن جي کٻي پاسي کان جيڪڏهن تتر پکي اُڏري وٺي ڀڳو ته ان کي بدسنوڻ يا بدفالي ليکيندا هئا. شاهه صاحب سسئيءَ جي واتان چورائي ٿو ته:

تتر ٿئي م تن کي ڏونگر ۾ ڏائو.

ساڳي ريت عرب قوم ۾ وري رواج هو ته سفر ڪندي جيڪڏهن سهو سندن سامهون لنگهندو هو ته ان کي بڇڙو سنوڻ سمجهي گهر ڏانهن موٽي پوندو هو. سڀڪنهن ملڪ جون ريتون ۽ رواج جدا جدا آهن.

آسمان جي ستارن تي سنڌ جي ٻهراڙي وارا رات جي وقت ۽ ٽائيم جو اندازو لڳائيندا هئا، جو بلڪل ٺيڪ نڪرندو هو.

ڪتيون، ٽيڙو، لڌا، انهن کي نهاري رات جي گذرڻ جي ڪٿ ڪري سگهندا هئا ۽ انهن هلندڙ ستارن کي نکٽ چوندا آهن.

ڪتين ڪَر موڙيا، ٽيڙو اُڀا ٽيئي.

ٽيڙو يعني 3 تارا جي ڪتين جي پوءِ تان هلندا رهندا آهن. مطلب آهي ته ڪتيون لڙي رهيون آهن ۽ ٽيڙو منجهند اچي رهيا آهن. يعني ته رات اچي وهاڻي آهي پر ان هوندي به:

نکٽ سڀ نئي ويا، آيو نه اوٺي.

سنڌ ۾ اڄ تائين ٻهراڙي وارن ۾ نکٽن تي وقت سڃاڻن جو رواج آهي پر شهري سنڌين مان اهي گڻ گم ٿيندا وڃن ٿا.

مرڻي پرڻي جون جيڪي ريتون يا رسمون سنڌ ديس ۾ آهن سي گهڻو ڪري هندن مسلمانن ۾ هڪجهڙيون آهن. شاديءَ ۾ لائون ڏيڻ يا گهوٽ ڪنوار کي ڳانو ٻڌڻ، ڍڪڻ ڀڃڻ، ڪي ڏاج ڏيکارڻ ۽ ڏاج ۾ ڪي شيون ڳڻائڻ يا مرڻي ۾ زالن جو گڏجي اوسارڻ ۽ گڏجي ڏڻڻ وارن تي روئڻ اهي سڀ ريتون حقيقت ۾ هندڪيون آهن پر مسلمانن ۾ هندن جي هم وطن هجڻ ۽ هڪ ٻولي ڳالهائڻ ۽ پاڻ ۾ گڏجي رهڻ ڪري رائج ٿيون، جنهن کانپوءِ هنن جي تهذيب جو به ڀاڱو بڻجي پيون، ساڳي ريت نيازمندي ڏيکارڻ لاءِ پيرين پوڻ يا رٺل کي پهائڻ يا پرچائڻ لاءِ پلاند وجهڻ به هندڪي ريت آهي، جنهن کي سنڌي مسلمان پاڻ لاءِ هضم ڪري ورتو آهي. هر هڪ ديس جون جدا جدا رسمون آهن، جدا جدا رواج آهن، جن کي ديس واسي مذهب يا ڌرم جو جزو نه سمجهندا آهن پر انهن کي پنهنجي وطن جي ورجيس سمجهي ڪم آڻيندا آهن، جنهن ۾ انهي ديس جا رهاڪو سواءِ ڪنهن مذهبي يا ڌرمي تفاوت جي ان کي ڪم آڻيندا رهندا آهن، انهن ملڪي ريت کي نج ريت سمجهي ئي ڪم آڻيندا آهن، نه مذهبي فرض سمجهي. پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو انهن کي پنهنجو مذهب يا ڌرم سمجهي ان جي ڪرڻي تي هوڏ ٻڌي ٿو ته اها ان جي حماقت آهي.

شاهه صاحب جي زماني ۾ سنڌ ۾ اسلامي راڄ هو ۽ مذهب جي محافظ مخدومن جو ڏاڍو زور هو، ان هوندي به مٿيون ريتون رائج هيون، فقط هن ڪري جو اهي رسمون فقط ملڪي رواج طور رائج هيون نه مذهبي طور جنهن ڪري ان وقت جي عالمن انهن تي ڪو به خيال ڪو نه ڏنو ٿي، پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو انهن کي مذهبي يا اسلامي سمجهي ادا ڪري ها ته حڪما بند ڪيون وڃن ها.

سنڌ ۾ ڪتڻ جو رواج

شاهه صاحب جي زماني ۾ ڪلون ڪو نه هيون جن تي سٽ ڪتجي ۽ اڄي اچي ماڻهن کي ڍڪڻ لاءِ ملي ها پر هر هڪ گهر ۾ ايٽ هوندو هو، جنهن تي سگهڙ سلڇڻيون هندو ۽ مسلمان عورتون ڪاپي جو ڪم ڪنديون هيون. ننڍي ٽهي وارين نينگرين کي گهر جي ٻي ڪم سان گڏ ڪتڻ جو هنر به سيکاريو ويندو هو ته هو گهر ڌياڻي ٿيڻ کان پوءِ جيئن پنهنجي عيال جي ڍڪڻ لاءِ پاڻ ئي پورهيو ڪندي رهي. جيڪڏهن ڪو وياءُ وڏور ٿي ويو ته ان جو هٿ هرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو هو. اهڙي نينگري کي مت ڏني وڃي ٿي ته:

سي تو ويهي وڃائيا ڪتڻ سندا ڏينهن،

ارٽ اوڏي نه ٿئين، ڀوري! پوري سئين،

تند پسند ئي ڪيئن، هاڻي تون وڏي ٿيئن.

سگهڙ ڪاتياريءَ لاءِ فرمائي ٿو:

تنبائي تاڪيدسين جن پڃايو پاءُ،

لسي تند لطيف چئي، هلي تن هٿاءِ،

ململ منجهان ماءُ، جي سکيون تن سون ڪيو.

ڪپہ تنبائڻ يا پڃائڻ لاءِ تاڪيد ڪيو ويندو هو ته صاف سڦري پڃي وڃي جنهن جي تند لسي ۽ سنهي نڪري ته ململ جهڙو مهين ڪپڙو اُڻائي سگهجي. ڪي ڏهاڳڻيون وري ڪاپي جو ڪم ڪنديون هيون. ڪتڻ جو پورهيو ڪري ان تي پنهنجو گذران ڪنديون هيون.

پليءَ پائي پوڻيون، در در ڀيرا ڏئي،

ڪا مون ڪتائي، آءٌ ڪاپائتي آهيان.

ڪي عورتون ملهه ڏيئي ڪتائينديون هيون ۽ ان مان سٺا ڪپڙا اڻائينديون هيون پر سسئي گهرو معاملن کان ايڏو بيزار ٿي پئي آهي، جو پاڻ ته ڪتڻ جي ويجهو نه آهي پر ماءُ کي چوي ٿو ته:

ڏئي ڪين ڪتاءِ، مونکي نيہ نهوڙيو.

ڪتيل سٽ بازار ۾ وڪامندو به هو. سڦري جو اگهه الڳ ته رنڊن روڙيل جو ملهه الڳ هوندو هو. شاهه صاحب سٽ ڳندڙن کي صراف سڏيو آهي، يعني پارکو. فرمائي ٿو ته:

اٿي اور ارٽ سين، ويهه م ويڳاڻي،

ته صراف سڀاڻي، موٽائي هڻي نه منهن تي

ويهي ڪنڊ ڪاپو ڪر، گهتون گهوهيون ڇڏ،

ته صرافاڻي سڏ، مرڪيون هوند مٽائيين.

ڪورين کي سُٽ ڏئي ڪپڙي جو نمونو سمجهايو ويندو هو. ڪي ننڍي بر وارا تاڪيا اهڙا هوندا هئا جن جي تاڃي ۾ فقط 3 سؤ تندون هونديون هيون ۽ وڏن برن وارن ٿانهن جي تاڃي هڪ هزار تند جي رٿي ويندي هئي، جنهن کي ڏهسئي سڏيندا هئا ۽ ٽن سون واري کي ڏسئي چوندا هئا، انهن اصطلاحن کي ڪم  آڻيندي شاهه صاحب فرمائي ٿو ته:

تنهنجي ڏسئي تاڻ، هت ڏڪن ڏهسئي واريون

ٽسئي ٽن سون واري. تاڻ تاڃي. ڏهسئي- هڪ هزار واري تاڃي.

شاهه صاحب جي ڪتڻ ۽ ڪاپائتي ۽ صرافن مان معنى مراد ته هڪ ٻي آهي مگر هت هي ڏيکارڻو آهي ته سندس زماني ۾ سنڌ اندر جو ڪجهه ٿي رهيو هو تنهن کي سامهون رکي شاهه صاحب ان مان پنهنجي مطلب لاءِ سمجهاڻيون پيش ڪري رهيو آهي ۽ ڪتڻ جو هنر، جو انهيءَ زماني ۾ گهر گهر ۾ چالو هو ان جو اپٽار ڏاڍو تفصيل سان پيش ڪيو اٿس. مگر افسوس جو هن وقت سنڌ مان اهو گڻ سنڌي عورتن مان صفا نڪري چڪو آهي. سنڌ ۾ ڪپہ به جام ٿئي ٿي. وونڻن جا وڻ به ايترا آهن، جن جو ڪاٿو ئي ڪونه ڪري سگهجي ٿو پر انهي مان سنڌي ڪو به فائدو ڪو نه وٺي رهيا آهن، جنهن ڪري لٽي ڪپڙي واري معاملي ۾ هو وڏن شهرن جي واپارين جا محتاج ٿي انگ اگهاڙا ٿيندا رهن ٿا. ڄڻ ته اڄوڪي سنڌ لاءِ شاهه صاحب جو هي شعر بلڪل ٺيڪ ٺهڪي اچي ٿو:

نه سي ووڻ وڻن ۾، نه سي ڪاتاريون،

پسيو بازاريون، هينئڙو مون لوڻ ٿئي.

ڏٿ ڏوريندڙ ماڻهو

شاهه صاحب جي زماني ۾ هڪ اهڙي ٽولي ماڻهن جي به هوندي هئي جي هميشہ ڏٿ ڏوريندا ۽ جهنگل جهاڳيندا وتندا هئا. شاهه صاحب هنن کي کاهوڙي جي لفظ سان ياد ڪيو آهي. ڪي کاهوڙي نانگ ڦاسائيندا ۽ انهن کي نپائيندا به هئا، ڪي کاهوڙي وري جهنگ ۾ ڪتا وٺي شڪار ڪندا هئا. ويچارن جو دنيا جي هار سينگار سان ڪو لاڳاپو ئي ڪو نه هوندو هو. صفائي سان نه رهڻ ڪري مٽيءَ جهڙا ميرا، سندن دلق (گودڙي) به ڌوڙ جهڙا هوندا هئا.

ڀڪليا ڀوڻن، دلق گڏيو ڌوڙ ۾.

ڀڪليان مٽي ۾ ميرا ٿيل. ڀوڻن- گهمندا وتن. هنن جو گهرن سان ڪو واسطو ئي ڪو نه هوندو هو:

مون کاهوڙي لکيا، گهرين نه گهارين.

ڏت ڏورڻ هلندا هئا ته پاڻي جون کليون ڀري پري پري نڪري ويندا هئا:

هلو ته هلون ڏٿ کي، اٿيو اٿيو ڪن،

پاڻي پوٽڙن ۾، ڪندر سِر ڪلهن،

ڏونرا ڏور سجهن، وئي وهامي راتڙي.

جهنگ جبل جي جهاڳڻ ۾ کاڌي پوري نه ملڻ ڪري ويچارن جا منهن سڪا پيا هوندا هئا. بدن تي پوري اڳڙي به ڪانه هوندي هون. پيرن ۾ پراڻا کيٿرا پيا هوندا هون.:

سڪا منهن سندن، پيرين پراڻا کيٿرا،

کاهوڙين اُهڃاڻ، انگ نه سڄي اڳڙي.

ڪڏهن ڪڏهن ته اهڙي ڪاري جهنگ ۾ وڃي دونهيون دکائي ۽ باهيون ٻاري ويهندا هئا، جتي ماڻهو ته ايرڦير ڪو نه هوندو هو پر پکيءَ جو به پير ڪو نه هوندو هو:

جت نه پکيءَ پير، تت ٽمڪي باهڙي،

ٻيو ٻاريندو ڪير، کاهوڙڪي کير ري.

ٽمڪڻ هلڪي باه جو ٻرڻ. کير جماعت، ٽولي.

کاهوڙين مان ڪي آهيڙي يا شڪاري به هوندا هئا. شاه صاحب شڪارين جي شڪار جي حقيقت ڏٺي هئي وري هڪ دفعو جهنگل ويران ٿي ويو ۽ شڪاري (کاهوڙي) ملڪ ڇڏي هليا ويا ته ان بابت فرمائي ٿو ته:

جهنگل آهيڙن کي ڀنڻ ڪيو روءِ،

نه ڪتا نه ڪوڙڪيون، چڙهيو اُڀو چوءِ،

هاڻي هنهان پوءِ، لڳي لوٺو نه ٿئي.

شاهه صاحب جي الاهي عشق واري نظر تمام وسيع هوندي هئي. هو پنهنجي ديس ۾ جو ڪجهه به ڏسندو پسندو هو ته ان کي پنهنجي عاشقانه ڪلام ۾ ادا ڪندي معنى هڪ اور وڃي ڪڍندو هو.

کاهوڙي يا اهيڙي پسي ٿو، هنن جو رڃ ۽ جهنگ ۾ رلڻ، ڏٿ ڏورڻ به ڏسي ٿو. ڪتا، ڪوڙڪيون به سندس سامهون آهن، انهن جي هر هڪ ڪم کي جنهن وڻندڙ انداز ۾ ٻڌائي ٿو تنهن مان هنن مسڪينن جي زندگي ته هوبهو سامهون ٿئي ٿي پر هڪ ٻي معنى به نڪرندي اچي ٿي يعني ته الله جا ڳولائو جن جو دنيا سان ڪو لاڳاپو ڪو نه رهندو آهي. محبت الاهي واري ڏٿ ڏورڻ ۾ لڳا پيا هوندا آهن، تنهن مام ڏانهن به مطلب جو موڙ ٿيندو رهي ٿو. ڪٿي ته مرڳوئي کليءَ ريت فرمائي ٿو ته:

کاهوڙين خفي کان سوجهي لڌو سبحان،

عاشق اهڙين اکرين لنگهيا لامڪان،

هُوءَ ۾ گڏجي هُو ٿيا بابو سي بريان،

سڀوئي سبحان، آيو نظر اُن جي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com