سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه جي رسالي جو مطالعو

 

صفحو :3

مولانا دين محمدوفائي ؒ به سنڌ جي اهڙين ئي اعلى شخصيتن مان هڪ هو، جن جي بخشيل برڪتن تي جيترو به ناز ڪجي اوترو گهٽ آهي. مرحوم الوحيد اخبار ۽ ماهوار توحيد رسالي جو هر هڪ پرچو مولانا جي قومي خدمت ۽ تبحر علمي جو بهترين مثال آهي، انهيءَ اخبار ۽ رسالي جي ذريعي مولانا صاحب سنڌ جي ديني، علمي، تهذيبي ۽ سياسي فلاح و بهبود بابت هر هڪ سڌاري ۽ هر هڪ عملي قدم کي سنڌ جي ٻچي ٻچي کي واقف ۽ سجاڳ ڪرڻ لاءِ جيڪا اڻٿڪ ڪوشش ڪئي آهي، انهيءَ کي ڏسي سندس حب الوطني ۽ علمي بزرگي جو ڌاڪو دل تي ڄمي وڃي ٿو. مولانا جو الوحيد اخبار سان ٽيويهن سالن تائين رشتو قائم رهيو، ۽ انهن ٽيويهن سالن ۾ مولانا جيترو مواد علمي توڙي ادبي، سياسي توڙي ملڪي حالتن تي پيش ڪيو، انهيءَ کي جيڪڏهن گڏ ڪري هڪ هنڌ ڪجي، ته هوند جلدن جا جلد ٺهي پون. ائين نه سمجهڻ گهرجي ته مولانا پنهنجي زندگي جو سمورو عرصو الوحيد جي ميز تي ويهي گذاريو، بلڪه سندس سڄي حياتي سنڌ ۽ سنڌين جي سڌاري ۽ بهبوديءَ جي تحريڪن ۽ جدوجهد جي نذر ٿي وئي. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جتي به ڪا اهڙي خالص ديني، علمي ۽ اصلاحي تحريڪ شروع ٿيندي هئي ته مولانا پنهنجون خدمتون ان جي حوالي ڪندا هئا ۽ سواءِ ڪنهن پس و پيش جي ڏاڍي دلچسپي ۽ سچائي سان پنهنجي فرض ادائي ڪندا رهندا هئا.

مولانا دين محمد وفائي جي ولادت، تاريخ 27 رمضان المبارڪ سن 1311هه ۾، سندس اباڻي ڳوٺ کٿن عرف نبي آباد تعلقي ڳڙهي ياسين ۾ ٿي. سندس والد جو نالو خليفو حڪيم گل محمد هو ۽ پاڻ ذات جو ڀٽي هو، جيڪو پڻ پنهنجي دور جو وڏو حڪيم ۽ عالم هو. مولانا جي اوائلي تعليم سندس والد صاحب جي نظر هيٺ ٿي، جتي پندنامه عطار تائين فارسيءَ ۾ تعليم حاصل ڪيائين. اڃا نون ورهين جي ڄمار مس هئس ته پيءُ جو سايو سر تان کڄي ويو ۽ سندس پرورش جو سمورو بار سندس مادر مهربان جي ڪلهن تي پيو. اهڙيءَ حالت ۾ مولانا پنهنجي علمي سلسلي کي ختم ڪرڻ نه ڏنو ۽ فارسي جي رهيل تعليم پنهنجي عزيز ميانجي محمد عالم وٽ رهي پوري ڪيائين. جيڪو پنهنجي دور ۽ وقت جو جيد عالم هو، ان بعد عربيءَ جي تحصيل واسطي حضرت مولانا ابوالفيض غلام عمر صاحب جتوئي جي شاگردي کي قبول ڪيائين. مولانا ابولفيض پنهنجي ڳوٺ سوني جتوئي تعلقه لاڙڪاڻي ۾ رهندو هو، جنهن ڪري مولانا دين محمد پڻ، سال 1325 کان 1330هه تائين، اتي رهي، پنجن سالن جي عرصي ۾، عربيءَ جي سڀني ڪتابن، منطق ڪبرى جي رسالن ۽ ملا جلال ۽ مرزا زاهد جي تصنيفات کي پڙهي، تحصيل علم کان فراغت حاصل ڪئي. ان وقت مولانا جي ڄمار اوڻيهه سال هئي ۽ انهي دوران ۾ سندس شادي سکر جي عزيزن مان ٿي، پر افسوس جو هڪ سال کانپوءِ مولانا جي گهر واريءَ وفات ڪئي. عربيءَ جي تعليم ختم ڪرڻ بعد مولانا ابولفيض کيس ڪراچي جي سنڌ مدرسي ۾ تعليم ڏيڻ لاءِ مشورو ڏنو ۽ مولانا حڪم جي تعميل ڪري سنڌ مدرسي ڪراچيءَ ۾ آيا، جتي ٻن سالن تائين تعليم ڏيندا رهيا. انهيءَ وچ ۾ مولانا جي ملاقات مخدوم حاجي حسن الله پاٽائي رحمة الله عليہ سان ٿي، جنهن جي صحبت مان مولانا کي بيحد فيض حاصل ٿيو. انهيءَ وچ ۾ مولانا جي علمي بزرگيءَ جو چرچو سڄي سنڌ ۾ پکڙجي ويو، جنهن کان متاثر ٿي، سن 1332هه مطابق 1914ع ۾، مولانا کي ڪراچي ڇڏي، جيلاني پير جي صاحبزادن کي تعليم ڏيڻ لاءِ، راڻيپور وڃي رهڻو پيو، پر 1916ع ۾ اهڙو اتفاق ٿيو جو مولانا کي مجبوراً راڻيپور کي ڇڏڻو پيو. راڻيپور ۾ رهائش جي دوران ۾ مولانا صاحب جي سکر مان ٻي شادي ٿي، جنهن مان کيس اولاد پيدا ٿيو. راڻيپور کي ڇڏڻ کان پوءِ مولانا ستت ئي ٺلاهه شريف ڏانهن روانو ٿيو، جتي کيس پير سيد حاجي امام الدين شاهه راشدي جي فرزندن کي تعليم ڏيڻ جا فرائض سپرد ڪيا ويا هئا. مولانا صاحب جي هتي رهائش وارو زمانو به بزرگ ۽ علمي شخصيتن جي صحبت فيض اثر ۾ گذريو. انهن بزرگن ۾، قدوت العارفين حضرت پير سيد محمد رشدالله رحمة الله عليہ صاحب العلم (جهنڊي وارو) جو نام گرامي قابل ذڪر آهي.

هي زمانو دنيا جي افراتفريءَ جو زمانو هو. انهيءَ وقت پهرين مهاڀاري لڙائي اوج تي هئي، جنهن جي ڪري دنيا جو هر هڪ ماڻهو حيران ۽ پريشان هو. سنڌ جي حالت به ڪا چڱي ڪانه هئي، پر جنگ جي تباهين کان البت بچاءُ هو، ليڪن سياسي ناانصافي جي ڪري جيڪو مواد اندر ئي اندر جمع ٿي رهيو هو، سو جنگ ختم ٿيڻ کانپوءِ هڪدم ڦاٽي پيو. هن سلسلي ۾ جيڪا تحريڪ سڀني کان اڳري هئي، سا هئي تحريڪ خلافت. جئن ته هن تحريڪ جو تعلق خاص طرح مسلمانن جي سياسي آزادي سان هو، تنهنڪري تحريڪ جي شروع ٿيندي ئي مولانا صاحب ٺلاه شريف کي الوداع چئي تحريڪ ۾ شامل ٿي ويو. انهيءَ تحريڪ کي دٻائڻ جي لاءِ انگريز سرڪار هر ممڪن ڪوشش ڪئي، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو انگريز دوست مُلي، مولوي فيض الڪريم، ترڪي جي خلافت جي برخلاف حجاز جي شريف حسين جي فائدي ۾ هڪ رسالو لکيو، جنهن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪرائي، ڪن اسلام دشمن ماڻهن جي اونهين چالاڪين سان، سنڌ جي ڪيترن ئي علمائن ۽ سجاده نشينن کان انهيءَ تي صحيحون وٺي هزارن جي تعداد ۾ ڇپائي، عوام تائين پهچايو ويو، جيئن ترڪيءَ جي حڪومت سان ماڻهن جي وڌندڙ همدردي ختم ٿئي ۽ انگريزن جي طرفدار شريف حسين جو بچاءُ ٿي سگهي. انهيءَ رسالي جي ڇپجڻ سبب سنڌ ۾ تحريڪ کي نقصان پهچڻ جو سخت انديشو هو، ليڪن مولانا صاحب انهيءَ ڳالهه کي هڪدم محسوس ڪيو ۽ مولانا شيخ عبدالعزيز (مالڪ اخبار الحق، سکر) سان گڏجي، رسالي جي برخلاف سخت پروپئگنڊا جو ڪم شروع ڪيو. ساڳئي وقت امروٽ شريف ۾ قدوت السالڪين حضرت مولانا سيد تاج محمود رحمة الله عليہ جي نظرداري هيٺ، انهيءَ رسالي تحقيق الخلافت جي رد ۾ اظهار الڪرامت نالي رسالو لکي تيار ڪيائين، جيڪو مارچ 1920ع ۾ لاڙڪاڻي جي خلافت ڪانفرنس جي موقعي تي ڇپائي تقسيم ڪيو ويو، انهيءَ ڪانفرنس ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد، مولانا عبدالباري مرحوم لکنوي ۽ مولانا شوڪت علي شريڪ ٿيا هئا، جلد ئي مولانا کي جميعت علماءِ سنڌ جو ناظم مقرر ڪيو ويو، جنهن ڪري پاڻ هميشہ لاءِ ڪراچيءَ ۾ رهائش اختيار ڪيائون.

ڪراچي ۾ رهائش وارو مولانا جي زندگيءَ جو حصو خاصي اهميت رکي ٿو، خاص ڪري سنڌي صحافت، صحيح معنى ۾ انهيءَ دور ۾ ئي وجود ۾ آئي، ان وقت نه ڪي سنڌي اخبارون ۽ رسالا گهڻي تعداد ۾ ۽ اعلى معيار جا هئا ۽ نه وري ماڻهن کي صحافت سان دلچسپي هئي. حتاڪه پڙهيل طبقي جو به انهيءَ ڏانهن ڪو خاص ڌيان ڪو نه هو. اهوئي دور هو، جڏهن مولانا صاحب سنڌي صحافت کي سنوارڻ جو ڪم پنهنجي سر کنيو. هونئن ته طالب العلميءَ جي زماني کان وٺي ئي مولانا جي صحافت سان دلچسپي هئي، پر انهيءَ دلچسپي کي عملي صورت ۾ آڻڻ جو ڪارڻ بقول مولانا صاحب، مولوي عبدالله صاحب ميرپوري (جهنڊائي) ئي هو. ٻئي طرف وري شيخ عبدالعزيز محمد سليمان، مالڪ اخبار الحق سکر، جي همت افزائي مولانا صاحب کي مضمونن لکڻ جي مشق تي آماده ڪيو. راڻيپور واري زماني ۾ قاديانين جي رد ۾ هڪ رسالو صحيفهء قادريه جي نالي سان شايع ٿيو ۽ ٺلاهه جي رهائش واري دور ۾، پير سيد عبدالغفار شاهه راشدي جي سرپرستيءَ هيٺ الڪاشف ماهوار رسالو وجود ۾ آيو. هنن ٻنهي رسالن ۾ مولانا صاحب پوري دلچسپيءَ ۽ تندهيءَ سان ڪم ڪيو. مارچ سن 1920ع ۾ ڪراچي مان روزانه الوحيد جو اجراء ٿيو، تڏهن مولانا کي اخبار جو معاون مدير مقرر ڪيو ويو. سال 1923ع ۾ مولانا صاحب پنهنجي ادارت هيٺ توحيد رسالو جاري ڪيو، انهيءَ زماني ۾ مولانا صاحب جي مصروفيت جو هي عالم هوندو هو، جو هڪ طرف الوحيد کي مڪمل ڪرڻ لاءِ سلپ پٺيان سلپ پيو موڪليندو هو، ته ٻئي طرف وري ماهوار توحيد جي لاءِ علمي، ادبي ۽ ديني مباحثا ۽ تاريخي مضمون به پيو قلمبند ڪندو هو، ساڳئي وقت وري بزرگن ۽ عالمن جي ڪچهري جدا پئي هلندي هئي، جنهن ۾ ديني، ادبي ۽ سياسي مسئلن تي زبردست بحث مباحثا ٿيندا هئا.

جلد ئي سن 1936ع ۾ سنڌ، بمبئي پرڳڻي کان جدا ٿي، علحدي صوبي جي صورت اختيار ڪئي، انهيءَ مبارڪ موقعي تي الوحيد اخبار پنهنجو هڪ خاص نمبر پڌرو ڪيو، جنهن ۾ سنڌ جي گذريل تاريخ، تهذيب ۽ علم و ادب تي بهترين شهپارا شامل ڪيا هئا. سنڌ جي صحافت ۾ هن وقت تائين الوحيد جو سنڌ آزاد نمبر هڪ زبردست اهميت جو حامل آهي ۽ هن جهڙو مثال سنڌ جي سموريءَ صحافت ۾ هر گز هرگز ملي نه سگهندو. انهيءَ نمبر ۾ سنڌ جي تاريخ، علم و ادب ۽ سنڌي بزرگن ۽ عالمن ۽ سنڌي معاشري جي هر حصي تي گونا گون مضمون ۽ مقالا موجود آهن، جيڪي گهڻي انداز ۾ مولانا صاحب جي قلم جا مرهون منت آهن، انهيءَ دوران ۾ مولانا صاحب کي سن 1926ع ۾ سنجوڳي شيخن ۾ تبليغي ڪم جي سلسلي ۾ هڪ سال لاءِ ڪراچي کان ٻاهر رهڻو پيو، جنهن ڪري ماهوار رسالو توحيد بند ٿي ويو. سن 1927ع ۾ مولانا صاحب مرحوم، پير سيد حزب الله شاهه عرف جيئل شاهه شهيد جي سرپرستي هيٺ، سکر مان هفتيوار اخبار الحزب جاري ڪئي. پر اها گهڻو وقت هلي نه سگهي ۽ ستت ئي مولانا صاحب کي الوحيد اخبار ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ واپس گهرايو ويو.

سن 1934ع ۾ مولانا صاحب ماهوار توحيد رسالو وري نئين سر جاري ڪيو، جيڪو سندن حياتيءَ جي آخرين گهڙين تائين برابر ظاهر ٿيندو رهيو. ان کانپوءِ به سندن نوجوان فرزند ميان علي نواز وفائي لاڳيتو ٽي سال جاري رکندو آيو. سن 1939ع ۾ مولانا عبيدالله سنڌي صاحب سنڌ ۾ واپس موٽي آيو ۽ سنڌ ۾ به عبدالهي تحريڪ شروع ڪيائين. مولانا صاحب انهي تحريڪ جو هڪ سرگرم ڪارڪن ٿي رهيو. ايتري قدر جو سال 1943ع ۾ تحريڪ سان والهانه محبت هئڻ سبب کيس الوحيد سان لاڳيتن ٽيويهن سالن جي پراڻن رشتن کي به ٽوڙڻو پيو. الوحيد کان علحده ٿي، مولانا صاحب، مرحوم الله بخش سومري جي جاري ڪيل روزاني اخبار آزاد جي اداري ۾ شريڪ ٿيو.

مولانا صاحب پنهنجي حياتي جي انهيءَ عرصي ۾ اخباري زندگي ۾ سخت مصروف رهڻ کانپوءِ به ڪيترائي ڪتاب مذهبي، علمي ۽ ادبي تصنيف ڪيا، جن ۾ هيٺيان ڪتاب قابل قدر آهن: 1- تاريخ محمد مصطفى، 2- صديق اڪبر، 3- فاروق اعظم، 4- سيرت عثمان، 5- حيدر ڪَّرار، 6- خاتون جنَّت، 7- غوث اعظم، 8- نو مسلم هندو راڻيون، 9- راحت الروح، تذڪره مخدوم نوح هالائي، 10- توحيد اسلام ترجمه تقويت الايمان، 11- اعتقاد صحيح (مذهب اهلِ حديث)، 12- مقصد زندگي (فلسفهء علم نفس)، 13- الختم علي فم الخصم (رد فادياني)، 14- لاجواب تحرير، 15- قرآني صداقت، 16- هندو ڌرم ۽ قرباني (رد آريه و هنود)، 17- الهام الباري ترجمه تجريد البخاري پنج جلد، 18- ترجمه فتح الغيب (تصوف نامڪمل)، 19- تذڪره مشاهير سنڌ، 20- اظهار الڪرامت في مسئله الخلافت والامامة (اسلامي سياست)، 21- اذڪار حسين (رد شيعه).

مٿين ڪتابن مان گهڻا ڪتاب ڇپيل آهن، جيڪي ناياب به ٿيا آهن، انهن کان سواءِ گهڻائي ڪتاب اڃا مسودن جي صورت ۾ هئا، جن مان گهڻو تعداد ضايع ٿي ويو. مولانا صاحب جي سڀ کان اهم تصنيف تذڪره مشاهير سنڌ آهي، جنهن ۾ سنڌ جي اعلى ۽ مقتدر شخصيتن جي زندگي جو احوال هڪ هنڌ جمع ڪيل آهي. هيءُ ڪتاب، مسودي جي صورت ۾ سال 1944ع ۾ چورائجي ويو. مولانا صاحب کي انهيءَ تصنيف جي ضايع ٿيڻ جو سخت صدمو پهتو، ليڪن مولانا صاحب جنوري 1945ع ۾ انهيءَ ڪتاب کي وري نئين سر لکڻ شروع ڪيو، جنهن ۾ 1946ع تائين اوائل اسلام کان وٺي سنڌ جي ڏيڍ سؤ بزرگن، صوفين، عالمن ۽ شاعرن جا احوال جمع ڪيا هئائين. انهيءَ کانسواءِ، اڃا به ٽن سون کان وڌيڪ سنڌي بزرگن جا حالات منتشر حالات ۾ وٽس موجود هئا، جن کي هٿ ڪرڻ لاءِ مولانا صاحب سنڌ جا ڪيترائي قديم ڪتبخانا ڏٺا هئا. هنن ڪتابن کان سواءِ مولانا صاحب جا اهي بيشمار علمي ۽ تحقيقي متفرق مقالا وغيره علحده آهن، جيڪي ماهوار توحيد جي ويهن سالن جي پرچن ۾ پکڙيا پيا آهن، مولانا صاحب فارسي ۽ عربيءَ جو جيد عالم ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ماهر هو، سندس لکڻي جي هڪ خاص خوبي هيءَ آهي، جو هر پڙهيل توڙي اڻپڙهيل ان مان هڪ جيترو فائدو وٺي ٿو سگهي. فارسيءَ ۽ عربيءَ جا اکر به اهڙي طرح ته استعمال ڪيا اٿس جو سنڌي جي سونهن ويتر وڌي وئي آهي. مولانا صاحب نثر نويسي سان گڏ شاعريءَ جو به هڪ سهڻو مذاق رکندو هو. سندس تخلص وفائي هو. اوائلي دور ۾ ڪجهه شعر و شاعري به ڪيائون. سندس پهريون شعر ڪراچي مان نڪرندڙ ۽ قديم سنڌي ماهوار رسالي الاسلام ۾ 1913ع ۾ شايع ٿيو. امداد يتيمان جي عنوان سان نظم به مولانا صاحب جي تصنيف آهي. اخباري ۽ قومي مصروفيت سبب، شاعريءَ جو شغل گهڻو وقت رهي نه سگهيو، انهيءَ هوندي به جيڪا شاعري ڪئي اٿن، ان ۾ گهڻي قدر قومي رنگ موجود آهي. البت، رسالي توحيد ۾ جا بجا تاريخي قطعات نظر اچن ٿا، جيڪي مولانا صاحب پنهنجي دوستن ۽ عزيزن جي وفات تي قلمبند ڪيا هئا. مولانا صاحب جي آخرين تصنيف لطف اللطيف مولانا صاحب پنهنجي وفات کان اڳ، ٽن مهينن جي مختصر عرصي ۾، ماه سيپٽمبر کان نومبر 1949ع تائين لکي ختم ڪيو ۽ سندس حياتي ۾ ئي ڇپجڻ شروع ٿي ويو، ليڪن ڪتاب جي مڪمل ڇپجڻ کان اڳي ئي مولانا صاحب وفات ڪري ويو.

سن 1942ع ۾، سنڌ سرڪار سنڌي ادب جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ هڪ سنڌي مرڪزي بورڊ قائم ڪيو، جنهن سنڌي لغت ٺاهڻ لاءِ هڪ رٿ پيش ڪئي، انهيءَ رٿ کي پايه تڪميل تي پهچائڻ لاءِ، ڇهن ميمبرن جي هڪ لغت ڪميٽي ٺاهي وئي. انهيءَ ڪميٽي جو هڪ ميمبر مولانا صاحب به هو. ايتري ۾ پاڪستان وجود ۾ آيو ۽ سنڌ سرڪار اسڪولي سنڌي ڪتابن کي نئين سر جوڙڻ لاءِ جنوري 1949ع ۾ هڪ ڪميٽي ٺاهي، جنهن ۾ پڻ مولانا صاحب کي شامل ڪيو ويو. هن ڪميٽيءَ کي حيدرآباد ۾ رهي ڪم ڪرڻو هو، پر حيدرآباد ۾ پهچڻ کانپوءِ مولانا صاحب ڊبل نمونيا ۾ مبتلا ٿي پيو ۽ ڪميٽي ۾ شريڪ ٿي نه سگهيو. مولانا صاحب کي گهڻي عرصي تائين هيءَ بيماري هلي، پر انهيءَ مان به اُٿي کڙو ٿيو. سندس صحت ان کانپوءِ وري خراب ٿيڻ لڳي ۽ آخر 22 جمادي الاخر 1369هه، برابر 11 اپريل 1950ع، اڱاري رات، هن دار فاني مان دارالبقا ڏانهن لاڏاڻو ڪيائين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com