سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه جي رسالي جو مطالعو

 

صفحو :11

هت ڪتو ڇا آهي؟ ۽ قريبن جي ڪتي مان مراد ڪهڙي آهي؟ ان جو تفصيل هيٺين شعرن مان پروڙي سگهجي ٿو:

ڏکا ڏونگر جا مرون، مر ٿا مون تي ڪن،

پوندا ڪين پريٽ تي، جنهن جا سڌر ٿا سڄن،

سگهائي جي سيد چئي، آهي سڌ سَڀن،

هوند نه هت ٽرن، پر قرابت ڪمڪيو.

 

ڏکا- حملا، پريٽ- ڌوٻياڻي. سڌر، سگهارا، طاقت وارا. مطلب ته ڪتا يا ڏونگر جا مرون آهن سور سختيون جي محبوبن پاران عاشقن ڏانهن مهماني طور ايندا آهن پر اهي اپڙي نه سگهندا آهن، جڏهن عاشق جي طلب سچي هوندي ۽ ڳانڍاپو ٺيڪ معشوق مان ڳنڍيل هوندو آهي. ان حالت ۾ محبوب جي يادگيري ۽ ميلاپ جو خيال تڪليفن کي اپڙڻ ئي نه ڏيندو آهي. بلڪه عاشق ته انهن تڪليفن کي چمي سرچائيندا آهن. فارسيءَ جو هڪ شاعر فرمائي ٿو:

پائي سگ بوسيد مجنون خلق گفتہ اين چہ سود،

گفت مجنون گاه کہ در ڪوئي ليلى رفتہ است.

شاهه صاحب فرمائي ٿو:

ڪتو اچي جي ڪانءُ، پريان سندي پار جو،

انهي مٿي آنءُ، ڪوڙئين قرباني ٿيان.

جهنگلي جانور:

ڪتو ته هڪ پالتو ۽ گهريلو جانور آهي پر ان کانسواءِ ٻين جهنگلي جانورن جو به شاهه صاحب جي رسالي ۾ ذڪر اچي ٿو.

هرڻ:

هي هڪ مشهور جهنگلي جانور ٻڪريءَ جيڏو قد ۾ ۽ لاسراٽ ميري ڳاڙهي رنگ جو ٿيندو آهي. سنڌ جي خشڪ ۽ پهاڙي حصن ۾ تمام گهڻو ٿئي ٿو. ڊوڙ جو تمام تکو ٿيندو آهي، جنهن ڪري هن جي شڪار ڪرڻ ۾ ڏاڍا ڏاکڙا ڪرڻا پوندا آهن. انهيءَ جانور کي هندي ۾ مرگهه به چوندا آهن. هن جون اکيون ڏاڍيون سهڻيون ٿينديون آهن، جن سان معشوقن جي اکين کي هندي ۽ فارسي شاعريءَ ۾ تشبيہ ڏني ويندي آهي. شاهه صاحب انهيءَ جانور جو سر ديسي ۾ نالوآندو آهي ۽ سر سارنگ ۾ مرگهه جي نالي سان ياد ڪيو آهي.

روجهه: هڪ مشهور پهاڙي جانور آهي، جنهن کي جابلو ڳئون به چوندا آهن. شاهه صاحب ان کي روجهڙي تصغير سان به ڪم آندو آهي. هنديءَ ۾ نيل گاءِ ۽ جهنگلي بيل سڏيندا اٿس. ڏاڍو متارو، رنگ جو ڪارو ڀورو ۽ ڳاڙهو ٿيندو آهي. هن جا سنڱ ساڙي ڪشتو بنائي طبيب ڪم آڻيندا آهن. اڳ ڪراچي ضلعي جي جهنگلن ۽ پهاڙي حصن ۾ اهو جانور ٿيندو هو ۽ هاڻي به بلوچستان جي پهاڙن ۾ ملي ٿو. شاهه صاحب سسئي بابت فرمائي ٿو:

روجهه ڏٺائين رات، هوت ڳوليندي حب ۾.

سره:

هرڻ يا ڦاڙهي جي شڪل جو جهنگلي جانور آهي، هن جا سڱ تمام وڏا ٿيندا آهن، جبلن جي جهنگ ۾ رهي ٿو. کائڻ ۾ ڏاڍو لذيذ ۽ سوادي ٿئي ٿو. هن جانور جو پتو ڪيترين ئي بيمارين ۾ ڪم اچي ٿو.

سره گڏيئي سسئي، سوڙهي منجهه سهي.

شينهن:

شاهه صاحب جي رسالي ۾ هن مشهور ڦاڙيندڙ جانور جون ڪي خصلتون بيان ڪيل آهن. هن جي قد بت بابت فرمايل آهي:

موڪري تري، ڇوٽي نري، ڇوٽو ڪهر پاڻ.

هن جي گجگوڙ به ٻين جانورن ۾ گيور يا هيبت وجهي ڇڏيندي آهي. جيڪڏهن ٻيا جهنگلي سيارڙا يا جانار گڏجي گدڙ وانگي اونايون ڪن ته:

ڪهر ڪن نه اڊڪي، ڊاء نه ڊڄي تن.

شينهن ويڙهه وقت پورن پيرن تي بيهي وڙهندو آهي پر جڏهن جهيڙو نه هوندو ته هو آرام سان پيو هوندو.

ڪلي وير قرار، ري ڪلهي ڪهرو.

ڪلي جنگ، جهيڙو. ڪهرو- ماٺييڻو، غريب. شاهه صاحب شينهن جو نالو رسالي ۾ سينهن (س) سان آندو آهي جو اصل سنسڪرت ۾ به سين سان اهو لفظ ڪم آيل آهي، ان کانسواءِ هنديءَ ۾ شينهن کي ڪيسري، ڪيهر، واگهه به چوندا آهن، جي پڻ لفظ رسالي ۾ ڪم آيل آهن. ڪيسر سنڌي ۾ بدلائي ڪهر ۽ واگهه کي واڳ به چون، جي پڻ لفظ شاهه صاحب ڪم آڻي ٿو. شاهه صاحب جي زماني ۾ سنڌ جي ٻيلن ۾ شينهن عام جام هوندا هئا. ان وقت جن نالن سان هن کي سڏيو ويندو هو سي سندس ڪلام ۾ آيل آهن.

گدڙ:

هي مشهور جهنگلي جانور شاهه صاحب جي ڪلام ۾ جنبو جي نالي سان آيل آهي. لاڙ جي علائقي ۾ گدڙ کي جنبو سڏين. هي ڏاڍو ڏاهو جانور ٿيندو آهي. پنهنجي مطلب لاءِ گهڻائي کيڏ کيڏندو آهي، گس گساءَ جو به استاد آهي. سنسڪرت جي علم و ادب ۾ هن جانور کي وڏي اهميت آهي. هندي حڪيمن ڪليانه دمنه ڪتاب ۾ عقلمنديءَ جون جيڪي آکاڻيون لکيون آهن، تن ۾ گدڙ جي گوهين ۽ ڏاهپ جو گهڻو اپٽار ڪيل آهي. ڪليله دمنه جو ترجمو انوار سهيلي فارسي ۾ 10 صدي هجري ۾ ٿيو ۽ ان کانپوءِ سنڌيءَ ۾ هن ڪتاب جو ترجمو ٿيل آهي.

 

هاٿي:

هي مشهور جهنگلي جانور آهي جو امير ماڻهو هن کي پالي سواريءَ ۾ ڪم آڻيندا هئا ۽ اڳ ته ميدان جنگ ۾ هي جانور ڪٽڪن تي ڪاهي ڳاهي ماري ڇڏيندو هو. چوندا آهن ته انڌو هاٿي لشڪر جو زيان. سنڌ ۾ هاٿي ڪو نه ٿين پر شاهه صاحب جي زماني ۾ سنڌجي حاڪمن وٽ هاٿين جا ٽلا هوندا هئا.

ڪڏهن ڪڏهن امير ماڻهو هاٿيءَ ۽ شينهن جي ويڙهه به ڪرائيندا هئا. مغلن جي راڄ ۾ ته ان جو گهڻو رواج هو. شاهه صاحب ان حقيقت کي سامهون رکندي فرمائي ٿو ته:

اي ڪيسر جو ڪم، جئن هاٿي کي هٿ هڻي،

نهوڙي ناڀن سين، دمائينس نه دم،

ڪلي وير قدم، کوڙي پر کڻي نهين.

ڪيسر- شينهن. ناڀ ڏاٺ، چنبا، دمائڻ بند ڪرڻ، ساه کڻڻ جي مهلت نه ڏيڻ. نهين هندوستاني اکر آهي، معنى نه.

 

نانگ:

سنڌ ۾ نانگ بلائون به بيشمار ٿين، خاص ڪري ٿرپارڪر ضلعو ته سپن سان سٿيو پيو آهي. شاهه صاحب جيئن سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي هڪ هڪ وٿ کي ڏسندي ان مان حڪيمانه معنائون ويهي ڪڍيون آهن، تيئن سنڌ جي نانگن جو به بيان ڪيو اٿس. نانگ ۽ مور پکي جو پاڻ ۾ ڏاڍو وير آهي. مور جتي به نانگ کي ڏسندو ته اتي ان کي ماري کائي کپائي ڇڏيندو آهي. شاهه صاحب انهيءَ واقعي ڏانهن اشارو ڪندي فرمائي ٿو ته:

ڪاپي، ڪارايل پاڻ ۾، مٿي در دڙين،

نيو نانگ نه ڏين، موران موٽڻ مهڻو

ڪاپي نانگ جو هڪ قسم، در دڙڻ وڙهڻ، نيو يا نوڻي نوڙت. نانگ جي قسم مان واسينگ به آهي جو تمام وڏو ۽ زهريلو ٿئي ٿو. ايڏا خوفناڪ ٿين جو:

 

جنهين جي جهڙپ هاٿي، هنڌان نه چُري.

ڪارا نانگ به سخت ڊپائتا ٿيندا آهن:

 

جنجي واڇنئا وه وَهي، سي ڪارا ڪارونڀار،

ڪڄيا تان ڪڌيا، وڙهندي ڪن نه وار،

جن جا اهڙا پار، سي گئون ڪن گاروڙين کي.

 

ڪارونڀار- هيبتناڪ ڪارا. ڪڄيا، دٻيا. گئون گم. گاروڙي نانگ ڦاسائيندڙ جوڳي.

واسينگ يا ڪاريهر جو بيان ڪندي فرمائي ٿو ته:

آسڻ جن اَريج، تن جي وه جو ورن ٻيو،

تنجو ڪنڊوئيک ڪم ڪري، جي مٿن پير پيو،

پريانئي آهي پڌرو، تن نانگن جو نهو،

ڪلي ويل ڪهو، جو سامهون ٿئي سپن کي.

 

آسڻ هنڌ، ماڳ. اريج سڪل زمين جتي ريج يا پاڻي نه هجي. ارءُ ورن، رنگ، نهو ذات يا سنگت. ڪلي جهيڙو.

هن بيت ۾ شاهه صاحب ڪاري نانگ جون چار نراليون وصفون ڄاڻايون آهن:

(1)        ارءُ جي نانگ جو وه جو رنگ ئي نرالو ٿيندو آهي، عام نانگ کان اريج واري ناگن جو زهر علحده آهي، چوندا آهن ته پاڻيءَ واري نانگ جو زهر هلڪو ۽ بي اثرائتو ٿيندو آهي پر اريجي نانگ جو وه ڏاڍو تکو ۽ جهٽ پٽ اثر ڪندڙ هوندو آهي. شاهه صاحب انهيءَ فرق ڏانهن پهرين مصرعه ۾ اشارو ڪيو آهي. ان قسم جا نانگ گهڻو ڪري ٿر علائقي ۾ ٿيندا آهن.

(2)        سنڌ جي ٻهراڙيءَ وارن ۽ خاص طرح ٿري ماڻهن کي سڌ آهي ته ڪو زهريلو نانگ مري به وندو آهي ته سندس ماس سڙي ڳري ناس ٿي رهندو ته ان جي فقط ڪنڊي تي ڪنهن ماڻهوءَ جو پير پئجي ويو ته سڪل ڪنڊو به زهريلو اثر ڪندو آهي ۽ اهو زهر ماڻهوءَ تي هڪدم چڙهي ويندو آهي.

(3)        ٽيئن مصرعه ۾ ڄاڻايل آهي ته نانگن جي واسينگ ذات جو پاڻ ۾ نِهو يا لاڳاپو رهندو آهي. سنڌ جي عام ماڻهن جو خيال آهي ته جيڪڏهن ڪاريهر نانگ جي قسم مان نر کي ماريو ويندو ته مادي ان جو وير وٺندي آهي. ماديءَ کي ماربو آهي ته نَر وير وٺندو آهي. انهيءَ ڊپ وچان ڪيترا ماڻهو انهيءَ قسم جي نانگن کي ماريندائي نه آهن. اسلام کان اڳ عربن ۾ به اهو وهم ويٺل هو، هو به ڪاري نانگ جو نالو ئي نه وٺندا هئا ته متان وير پئي نقصان پهچائي. مگر اسلام جي ظاهر ٿيڻ کانپوءِ حضرت رسول خدا  جناب عبدالله بن عباس (حضرت رسول الله جي سؤٽ) کان روايت آهي ته هو سڀڪنهن قسم جي نانگ مارڻ جو حڪم ڪندو هو ۽ فرمائيندو هو ته جيڪو نانگ جي وير وٺڻ واري خيال کان ان کي ڇڏي ڏئي ٿو سو اسان (مسلمانن) مان نه آهي.

(4)        واسينگ نانگ وڙهندو نه آهي، پر جيڪڏهن ويڙهه لاءِ ميدان ۾ آيو ته پوءِ هن جو مقابلو به ڪي مڙس ڪري سگهندا.

سنڌ وارن جو خيال آهي ته واسينگ يا ڪاريهر نانگ اصيل ۽ اشراف نانگ آهي. هو اڳرائي ڪري ڪنهن کي نه سنگهندو آهي پر هن سان ڪو ڇيڙ ڇاڙ يا حرڪت ڪندو ته پوءِ منهن ڏيندو آهي. شاهه صاحب ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪندي فرمائي ٿو ته:

پهرين ڪاري نانگ جي، ڪو ڇرڪيل ڇيڙ ڪري،

جي هڻي ڏنگ ڏيسائيو ته ويجهو تان نه وري،

جيڪي ٺپ مري، جيڪي سڪي صحت کي.

يعني ته ڪاري اصيل نانگ جو ڪکيل ويندو ته ٿڏي تي مري، پر جيڪڏهن چڙهي پيو ته سدائين رنج ڪنج ۾ پيو رهندو. ٿر جي ماڻهن کان ٻڌو ويو آهي ته ڪيترا اهڙا ماڻهو به ڏٺا ويا آهن، جن کي بلا کاڌي چار پنج سال گذري ويندا آهن پر جنهن ڏينهن گرمي جي مند ۾ گهُٽ ٿئي ۽ واؤ نه لڳي ته انهيءَ ڏينهن نانگ کاڌل ماڻهوءَ جي مٿي ۾ سور پوندو ۽ لڱن ۾ گاموڙ ٿي پوندي، جڏهن هوا کلندي تڏهن انهي ماڻهوءَ کي سک  سرت حاصل ٿيندي. شاهه صاحب جو هنن تمثيلن مان مطلب ڪو ٻيو آهي پر ظاهر ۾ سندس معلومات ۽ سنڌ جي هر هڪ شيءِ جي پروڙ ۽ پتو ڪڍڻ ۾ هن عارف بزرگ ڪمال ڪري ڏيکاريو آهي، جنهن جو مثال ٻئي ڪنهن به سنڌي شاعر جي ڪلام ۾ نٿو ڳولي سگهجي.

فصل ڇهون

شاهه جو ڪلام ڪيئن گڏ ڪيو ويو؟

مير عبدالحسين سانگي پنهنجي وقت ۾ شاهه جي ڪلام جو هڪ وڏو ڄاڻو هو ۽ هن جون ٻڍڙن فقيرن ۽ شاهه جي جهونن مريدن سان ملاقاتيون ٿينديون رهنديون هيون. شاهه صاحب جي ڪلام سان هن کي هڪ قسم جو عشق هو. مير صاحب مرحوم لکي ٿو ته شاه صاحب پاڻ لکي پڙهي ڪو نه ڄاڻندو هو، هو شعر چوندو ويندو هو ۽ فقير اهو لکندا ۽ بي ترتيب جمع ڪندا وتندا هئا. ڪي فقير وري ان کي ياد ڪري وٺندا هئا. ان ريت شاهه جو ڪلام هڪ طرف ڪيترن ماڻهن کي ڪنٺ ٿيل هو ته ٻئي طرف دفترن جا دفتر لکجي گڏ ٿي رهيا هئا.

چون ٿا ته شاهه صاحب پنهنجي لاڏاڻي جي تياري کان ٿورا ڏينهن اڳ ۾ پنهنجي ڪلام جا ڪيترا دفتر کڻي وڃي ڪراڙ ڍنڍ ۾ اڇلائي پاڻيءَ ۾ ٻوڙي تلف ڪري ڇڏيا، جنهن تي فقيرن کي ڏاڍو ڏک پهتو ۽ شاهه صاحب کان ائين ڪرڻ جو ڪارڻ به پڇيائون، جنهن تي پاڻ فرمايائون ته منهنجو ڪلام آهي ڳوڙهو ۽ باريڪ، مون کان پوءِ ان کي سمجهڻ وارا ڪي ٿورڙا ماڻهو ملندا، دل نٿي گهري ته منهنجي ڪلام کي ڏسي ڪي ماڻهو منهنجي شڪايت ڪن، پوءِ ڏوهاري بڻجي الله تعالى جي ڏوراپي هيٺ اچن، جنهن ڪري اهڙو ڏکيو ڪلام غرق ٿيل بهتر آهي.

انهن دفترن ٻڏڻ کان پوءِ جن فقيرن کي شاهه صاحب جو ڪلام ڪنٺ ٿيل هو تن کي گڏ ڪري هنن جي يادگيريءَ موجب لکارايو ويو ۽ انهيءَ گڏ ٿيل ڪلام جي مجموعي کي گنج سڏيندا آهن، جو اڃا تائين ڀٽ تي موجود آهي. ان کان سواءِ ڪجهه ڪلام ڪن فقيرن وٽ لکيل به هو جو اهو به گنج ۾ داخل ڪيو ويو. پهريان اهو گنج حاجي تمر فقير جي حوالي هو، جنهن بابت شاهه صاحب جو ارشاد آهي. ان کان پوءِ ان جي وارثن ۾ هلندو اچي ٿو. ان گنج جا ڪيترا نقل به ورتا ويا آهن. اگرچه ان ۾ ڪلام گهڻي حد تائين بي ترتيبو آهي پر غور ڪيو ويندو ته گهڻي حد تائين رسالي جي بمبئي ڇاپي جهڙو وڃي بيهندو.

ڊاڪٽر گربخشاڻي پنهنجي هٿن سان شاهه صاحب پاران پنهنجي ڪلام کي ٻوڙڻ جو صفا انڪار ڪندي لکي ٿو ته: اها ڳالهه بنهه اعتبار جوڳي نه آهي ته ڪو شاعر پنهنجو ڪلام ناحق ويهي ضايع ڪندو، ڏسو ته انسان پنهنجي اولاد جي پرورش ۽ پرگهور خاطر ڪيتري نه دقت ۽ هلاڪي ڪري ٿو، انهيءَ لاءِ ته سندس وفات کانپوءِ سندس در کليل رهي، ته پوءِ شاعر ڪيئن چاهيندو ته پنهنجا روحاني دادلا يعني شاعرانه خيال، جي هن رڳن جو رت ڏيئي اپايا آهن، تن جو پنهنجن هٿن سان گهات ڪري (مقدمہ لطيفي). ان کانپوءِ ان تي وڌيڪ دليل ڏيندي تفصيل سان بحث ڪيو اٿس، جنهن مان سندس مقصد آهي ته هڪ ولي ڪامل ۽ عالم فاضل جڏهن شعر چوي ٿو ته هو گويا سندس زندگيءَ جو ثمر ۽ آخرت جو ثمر آهي، تنهن ڪري پنهنجي توشه يا ثمر کي ڪيئن ضايع ڪري سگهجي ٿو سو به پنهنجن هٿن سان. هوڏانهن حقيقت هن ريت آهي ته وڏن ماڻهن جي زندگيءَ جو مقصد شاعري نه هوندو آهي، شاعري جي ذريعي هو پنهنجن ارادن ۽ خيالن کي ڪنهن وقت ڪري ظاهر ڪندا آهن، پر اها شئي سندن پيشو يا ڌنڌو نه هوندي آهي، جنهن کي زندگي جو اصلي مقصد مقرر ڪيو وڃي يا ان جي وسيلي روزي ڪمائي کائجي يا نانءُ نمود حاصل ڪجي. هن پوئين قسم جي شاعرن لاءِ جيڪڏهن ائين چئجي جيئن ڊاڪٽر گربخشاڻي پنهنجي راءِ ظاهر ڪري چڪو آهي ته پوءِ هڪ حد تائين ٺيڪ آهي ۽ هنن جي زندگي سان اها ڳالهه ٺهڪي به اچي ٿي پر شاهه صاحب ۽ ٻين سندس درجي وارن عارفن بابت جيڪڏهن هي راءِ ظاهر ڪئي وڃي ته:

شاعري دون مرتبہ اوست

جيئن دولت شاه سمرقندي جي تذڪره مان ڊاڪٽر صاحب نقل ڪيو آهي ته اها ڳالهه بلڪل ٺيڪ آهي، يعني ته اهڙن ماڻهن جي مان کان شاعري هيٺئين درجي جي شئي آهي.

پنهنجي ڪلام کي پاڻ ضايع ڪرڻ جي واقعي کي ڊاڪٽر صاحب سمجهي ٿو ته متين موڙهيل ڳنڍين ڳوڙهيل ماڻهن جي ويساه وڌائڻ لاءِ چيون ويون آهن، پر آءٌ هيٺ هڪ وڏي شاعر مير علي شير قانع ٺٽوي جو مثال پيش ڪريان ٿو، جنهن پنهنجي ڪلام ناس ڪرڻ جو پاڻ اقرار ڪيو آهي، هو صاحب لکي  ٿو ته:

ديوانہ قريب هشتاد هزار بيت از هر قسم تدوين نموده کہ بالاآخر بسبب موانع چندي آنرا داخل آب ساخته. (مقالات الشعراء قلمي.)

يعني ته هڪ ديوان جنهن ۾ اسي هزار هر نموني جا بيت هئا، تيار ٿيو، جنهن کي ڪن رنڊڪن سبب دريا داخل ڪيو ويو. علامہ مخدوم محمد معين ٺٽوي جو شاهه صاحب جو گهاٽو دوست ۽ هڪ وڏو صوفي عالم هو، تنهن جي حياتيءَ جو احوال لکندي مير قانع لکي ٿو ته:

هر چند نسبت به کمالات شان شاعري دون رتبه اوست اما استجماع فنون کمال وهم براقتضائي مقام چند شعر طبع گرامي ثبت گشت. (مقالات)

يعني ته سندن ڪماليتن جي نسبت ۾ شاعري تمام گهٽ درجي جي شئي آهي، پر منجهن ڪماليت وارن فنن گڏ ٿيڻ سبب ۽ حالتن جي گهرج پٽاندر سندس طبع سڳوري جا ٿورا شعر هت آڻجن ٿا. بنيادي شئي آهي ته ڪنهن به عارف شاعر جي زندگيءَ جي اصلي مقصد ڏانهن ڏسڻ گهرجي ته هو شاعري کي پنهنجي زندگيءَ جو بنياد سمجهي ٿو يا ٻي ڪنهن شئي کي. هاڻي اسان پوريءَ طرح پروڙي سگهون ٿا ته شاهه صاحب يا انهي قسم جي ڪاملن ۽ عارفن جي حياتي جو اصلي مقصد ڪو ٻيو هو ۽ شاعري انهي مقصد جو اظهار لاءِ بي اختيار شئي هئي ته گويا شاعري سندن اصلي مقصدن کان هيٺئين درجي جي وٿ آهي، ان حالت ۾ جيڪڏهن هو پنهنجي ڪلام جي پرواهه نه ڪن يا وري سندن شان کان شاعري کي گهٽ درجي جي شئي سمجهيو وڃي ته اها ڪا غلطي ته نه آهي پر ٺيڪ هڪ صحيح حقيقت آهي. شاهه صاحب جي ڪلام کي جيڪا هاڻي ترتيب ڏئي رسالي جي صورت وٺارائي ويئي آهي، ان بابت مير صاحب سانگي جي تحقيق ڪيل آهي ته شاهه صاحب جي خدمت ۾ هڪڙا ٻه گويا چئنچل فقير ۽ اٽل فقير رهندا هئا. هو اصل دهلي جا رهاڪو هئا پهريان ميان نور محمد ڪلهوڙي جي درٻار ۾ آيا ۽ ان کانپوءِ سموري ڄمار شاهه صاحب جي خدمت ۾ اچي رهيا. علم موسيقي يا راڳ وڌيا جا وڏا ڄاڻو هئا، جن شاهه صاحب جي ڪلام کي موسيقي جي سرن موجب ورهائي، جدا جدا داستان رٿيا ۽ داستدانن تي سندن مضمون پٽاندر راڳڻين جا نالا ڏنا ۽ جن کي پويان فقير، علم موسيقي جي سرن موجب جدا جدا آوازن ۾ آلاپيندا رهن ٿا. رسالي ۾ جو هندي يا فارسي شعر داخل ٿي ويا آهن سي به انهن دهلوي گوين جي معرفت، رسالي جي ترتيب ڏيڻ وقت درج ٿيل آهن. هندي شعر يا ٻين سنڌي سگهڙن جا ڏوهيڙا جيترا به رسالي ۾ آيل آهن سي شاهه صاحب جي خدمت ۾ فقير ڳائيندا هئا ۽ پاڻ ٻڌندا هئا، جنهن ڪري انهن کي به کڻي رسالي ۾ داخل ڪيو اٿن. اهو سڀڪجهه شاهه صاحب جي وفات کانپوءِ ٿيو آهي يا حياتيءَ جي پوئين زماني ۾ ان بابت ٺيڪ ڳالهه هيءَ معلوم ٿئي ٿي ته سندس وفات کان پوءِ هاڻوڪي صورت وارو رسالو جمع ٿيو. سندن حياتي ۾ ڪجهه شعر ناحق ناس ٿي ويا. ڪجهه ڪن فقيرن وٽ لکيل هئا ۽ گهڻو وري گهڻن فقيرن کي ياد هو، جنهن کي گڏي هاڻوڪو مجموعو ٺاهيو ويو.

ٻي هڪ روايت آهي ته تمر فقير واري نسخه تان سرن جي ترتيب موجب ٻه نسختا تيار ڪرايا ويا، جن ۾ هڪ ڀٽ تي رهيو ۽ ٻيو درگاه ڪريمي تي رکيو ويو. درگاهه ڪريمي واري اصلي نسخي تان 1196هه مطابق 1780ع جي ٻيو نسخو لکارايو ويو جو اڄ تائين موجود آهي. گويا اهو نسخو شاهه صاحب جي وفات کان 31 سال پوءِ تيار ڪرايو ويو، جو ڪو گهڻو ڊگهو زمانو شاهه صاحب جي وفات کي ڪو نه گذريو هو ۽ ان وقت شاهه صاحب جا ملاقاتي ڪيترائي هن جهان ۾ موجود هئا. درگاه لطيفي وارو نسخو ۽ درگاه ڪريمي وارو نسخو اهي ٻئي نسخا مان پاڻ اکين سان ڏٺا آهن، جن جو بمبئي وارن نسخن کان ٿورو تفاوت آهي. شاهه صاحب جا صحبتي يا سنگتي فقير ديندار يا نيڪو ڪار هئا، جن رسالي جي ترتيب ۽ تجويز انهيءَ زماني جي ڪتابن وانگي ڪئي، يعني ته پهريان الله تعالى جي حمد ۽ پيغمبر خدا جي ثنا وارا شعر آندا اٿن ۽ ان کان پوءِ صوفيانه وحدت ڪثرت جو بيان آهي. سر ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ جي علم موسيقي ۽ برڪت ۽ نيڪي وارا سر آهن، تن کي منڍ ۾ رکي پوءِ رسالي ۾ ٻيا سر آندا اٿن، رسالي جو پهريون بيت آهي:

 

اول الله عليم، اعلى عالم جو ڌڻي،

قادر پنهنجي قدرت سين، قائم آهي قديم،

والي واحد وحده، رازق رب رحيم،

سو ساراهيان سچو ڌڻي، چئي حمد حڪيم،

ڪري پاڻ ڪريم، جوڙون جوڙ جهان جون.

هوڏانهن حقيقت ۾ رسالي جو پهريون شعر آهي مثنوي مولانا رومي جي پهرئين شعر جو ترجمو يعني:

 

بشنو از ني چون حکايت ميکند،

از جُدائيٻا شکايت ميکند.

 

شاهه صاحب پنهنجي انداز ۾ هيٺين ريت ان جو ترجمو ڪيو آهي:

 

وڍيل ٿي وايون ڪري، ڪٺل ڪوڪاري،

هن پَن پنهنجا ساريا، هو هنجون هڏن لئي هاري.

 

هونئن ته مثنوي جي سڌي سنئين معنى هن ريت آهي ته: نڙ جي ڪاني کي ٻڌ! جو ڳالهه ڪري ٿو، پنهنجي جدائي جي دانهن ڪري ٿو پر شاهه صاحب نڙ کي وڍيل سڏي ڳالهه جي لفظ کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ وايون ڪري ادا ڪيو آهي. نڙ پنهنجي اصل کان جدا ٿيڻ جي دانهن ڪرڻ جي مفهوم کي شاهه صاحب هن پَن پنهنجا ساريا جي عبارت ۾ آڻي ٿو. نڙ جي شڪايت يا حڪايت سان سسئي جي سوز گذار کي تشبيہ ڏيندي هڪ مختصر شعر ۾ هڪ وڏي معنى کي لڪايو ويو آهي، جنهن جو تفصيل شاهه صاحب جي شاعري واري فصل ۾ شاهه صاحب جي رسالي جي گنج جي صورت ۾ گڏ ٿيڻ کانپوءِ هن جا جدا جدا ڇاپا پڌرا ٿيندا رهيا.

رسالي جا جدا جدا نسخا:

سڀ کان پهريان شاهه جي رسالي جو هڪ نسخو ڊاڪٽر ارنسٽ ٽرمپ صاحب 1866ع ۾ جرمني جي پسيا شهر ۾ ڇپارايو. ٽرمپ صاحب دنيا جي مختلف ٻولين جو ڄاڻو ۽ عالم هو. هن سنڌي زبان سکي هن ۾ وڏي پهچ حاصل ڪئي. سنڌيءَ جي واڌاري واري ارادي سان هن شاهه صاحب جي رسالي کي اونده مان ڪڍي سوجهري ۾ آڻڻ جو ارادو ڪيو. ٽرمپ صاحب لکي ٿو ته کيس 2 جهونا قلمي رسالا هٿ آيا، جن کي هڪ هوشيار پڙهيل سنڌي عالم ڀيٽي سندس لاءِ هڪ ڪاپي تيار ڪئي. رسالي جي ڇپائڻ لاءِ ٽرمپ صاحب جرمني ۾ سنڌي جي نئين ٽائيپ تيار ڪرائي، جنهن جي صورتخطي نه هاڻوڪي صورتخطي جهڙي آهي ۽ نه وري شاهه صاحب جي زماني واري سنڌي لپي يا لکڻي جهڙي آهي. ڀائنجي ٿو ته 1866ع واري زماني ۾ جيڪا صورتخطي سنڌ ۾ چالو هئي سائي انهيءَ سنڌي فاضل رسالي جي نسخي تيار ڪندڙ ڪتب آندي آهي، جنهن تان ٽائپ تيار ڪرائي رسالو ڇاپيو ويو آهي. ٽرمپ صاحب کي گورنمينٽ برطانيہ هن ڪم لاءِ پيسي جي تمام وڏي مدد ڪئي پر ان هوندي به خرچ کٽي پيو ۽ ڪيترا سر ڇپجڻ کان رهجي ويا، جيئن ته سر مارئي ۽ ڪي ٻيا، هي نسخو اڄڪلهه بالڪل ناياب آهي. ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد جي لئبرري ۾ سندس هڪ نسخو ڏٺو ويو آهي، شايد ٻين ڪن صاحبن وٽ به موجود هجي.

(2) شاهه جو رسالو بمبئي جو ڇاپو: اهو رسالو قاضي ابراهيم پلبندري بمبئي جي ڪتب فروش پهريون ڀيرو 1867ع ۾ ڇاپي پڌرو ڪيو، ان کانپوءِ اهو نسخو وري بمبئي ۾ ڇپجندو رهيو آهي. مرزا قليچ بيگ مرحوم جو چوڻ آهي ته اهو صحيح نسخو ۽ ڀٽ جي گنج تان ورتل ٺيڪ ڇاپو آهي، مگر ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي جو لکڻ آهي ته هن ڇاپي جهڙو ردي نسخو ڪڏهن هٿ نه ايندو پر حقيقت هي آهي ته بمبئي وارو نسخو هڪ جامع نسخو آهي. شاهه صاحب جي حياتي ۾ سندس سامهون فقير جيڪي به شعر چوندا هئا سي سمورا هن ۾ ڏنل آهن، پوءِ اهي شاهه صاحب جا هوندا هئا يا ٻين ڪن شاعرن يا سگهڙن جا، ان رسالي کي سامهون رکي شاهه جي ڪلام جو اصل حاصل ڪري سگهجي ٿو.

بمبئي وارو نسخو هڪ دفعو 1877ع ۾ ڇپيو هو، جنهن جي پڇاڙيءَ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته شاهه جي مشهور فقير طالب هالن واري ڪيترا نسخا ڀيٽي تيار ڪيو آهي. هن مان ظاهر آهي ته بمبئي وارو نسخو جڏهن ٻئي دفعي ڇپيو آهي ته ان کي ڪن نسخن سان شاهه جي ڪلام جي ڄاڻو فقير طالب هالائي کان درست ڪرائي ڇاپارايو ويو آهي، تنهن ڪري انهيءَ نسخي کي صفا ردي نسخو ڪري ليکڻ ڊاڪٽر گربخشاڻي جي هڪ وڏي جرئت آهي.

(3) سنڌ سرڪار جي تعليم کاتي جو ڇپايل شاهه جو رسالو:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com