سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: تذڪره مشاهير سنڌ (ڀاڱو ٻيو)

 

صفحو : 10

 

213- مخدوم محمد عاقل ثالث

        وڏو عالم فاضل، صوفي عارف ڪامل محمد عاقل بن مخدوم احمدي.  والد جي وفات کانپوءِ شرعي حڪمن جاري ڪرڻ ۾ ساڳيو دستور قائم رکيائين. جو سندس والد بزرگ جو قائم ڪيل هو. سندس رعب ۽ دهشت بدعتي ماڻهن ۽ ڪافرن تي سخت ويٺل هو ۽ مخدوم صاحب  جي نالي کان  به گناهه ڪندي ٻيا ڪنبندا هئا. جڏهن ڪنهن شرعي مقدمي لاءِ شڪارپور ۽ حيدرآباد  چڙهندو هو ته سندس جماعت جي دهشت کان ڪوٽن جا دروازا بند ڪرائي سرڪاري طرح مخدوم صاحب کان سندس آمد جو مقصد ٻڌي پوءِ دروازا کوليندا هوا. سندس  زبان ۽ بيان ۾  ڏاڍو تصرف هوندو هو. جيڪو لفظ به سندس وات مان نڪرندو هو ته ائين ٿي پوندو هو.

        سنڌ جا امير ۽ حاڪم ته سندس معتقد هوا. پر جوڌپور جو راجا ۽ جيسلمير جو راجا به هميشه سندس خدمت ۾ سوکڙيون موڪلي پنهنجي حق ۾ دعائون گهرائيندا هوا.  قنڌار جو بادشاهه تيمور شاهه به سندس معتقدن مان هو. مخدوم احمدي جي وفات کانپوءِ هڪ وريقه  مخدوم محمد عاقل پاران بادشاهه تيمور کي ارسال ڪيو ويو. جنهن جي جواب ۾ امير تيمور جيڪو خط ارسال ڪيو. سو بعينه هت ڏنو وڃي ٿو.

        آنکه حقائق معارف آگاه فضيلت و کمالات پناه زبدة العارفين ميان محمد عاقل  بالطاف مرفور شاهانه سرفراز گشته، بدانند. عريضه که در خصوص حقائق احوال خود و مقدمات وفات مرحوم ميان احمدي والد آن حقائق معارف آگاه و معطل ماندن اجراء امور شريعت آنجا وغيره مواد انفاذ حضور ساطع النور نمود بود رسيد مضامين اين حالي راءِ جهان آرا شد چون هيچ فردي از افراد انساني را از وضع وشريف و جوان  نحيف از شربت ناگوار ممات چشيدن وجيب جامه حيات دريدن و سر در نقاب تراب کشيدن چاره نيست در اين امر که برضائي خدا خداوند جهان است راضي و شاکر بوده باشند در حضور امور قضائي و اجراءِ احڪام شريعت نبوي بدستور مرحوم و مغفور  متوجه شده جميع مهمات شرعيه که فيما بين مرد مان آنجا اتفاق  آفتد بروقت شريعت غرا انفصال و حق بحقدار برسانن. حڪام و عمال و  مباشرين امور رعايا و برايا و متوطنين صوبه سند فضيلت پناه حقائق آگاه زبدة السالکين ميان محمد عاقل را قاضي بالاستقلال اينجا در امورات شرعيه خود رانزد او رجوع نموده و بموجب حڪم شرع انفصال نمائنده و حرمت او را فراخور مرتبه و منزله او بجا آورده از سخن شرعي او بيرون نروند.

        تحرير تاريخ 22 ماه صفر المظفر سن 1204هه

        شڪارپور جي حاڪم ذوالفقار خان پٺاڻ مخدوم صاحب  جي جاگير تي بندش وجهي آمدني ڏيڻ کان جواب ڪڍي ڏنو. مخدوم ان باري ۾ تيموري دربار ۾ لکيو ته  ذوالفقار خان کي سخت تنبيهه نامو آيو. مخدوم صاحب جي پاس خاطري ۽ سندس جاگيرات بحالي لاءِ  ڪيترائي پروانه مخدوم  صاحب جي پاس خاطري ۽ سندس جاگيرات بحالي لاءِ  ڪيترائي پروانه مخدوم صاحب جي نالي شاهي دربار مان صادر ٿيل آهن. جن جا نقل تاريخ آئينه جهان نما ۾ موجود آهن.

        مخدوم صاحب جو عام ماڻهو ته احترام ڪندا هوا پر مجذوب درويش به سندس عزت رکندا هوا ته قاسم شاهه راڻيپور ۾ هڪ ننگو مجذوب هوندو هو، جنهن جي مير سهراب خان به تمام گهڻي عزت ڪندو هو. هن جو ڪشف ڪرامت ملڪ ۾ مشهور هو اهو مجذوب جڏهن کهڙن ۾ ايندو هو تڏهن ڪپڙا ڍڪي،  با ادب ٿي مخدوم صاحب جي خدمت ۾ ايندو هو. ۽ درويشانه گفتگو ڪري پوءِ واپس ويندو هو.

        خيرپور ۾ ديوان واڌو مل مير سهراب  جو مالي وزير هو. تنهن  هڪ مسلمان نوڪر کي چيو ته اسان سڀ ڀائر آهيون. مخدوم صاحب انجي معنيٰ ڪڍي ته ”واڌو مل اخوات اسلامي جي دعويٰ ڪري رهيو آهي“ تنهن ڪري  هو مسلمان ٿي چڪو. مير  سهراب خان کان سندس بازو گهري وئي، مير صاحب سواءِ ڪنهن چون چرا جي ديوان صاحب جي بازو ڪڍي ڏني.جنهن کي سندس فرزند ڌنيچند سميت مسلمان ڪري، هاٿي تي  شهر گشت ڪرايو ويو.

        قمبر جي لڳ ڇڇڙن جي ڳوٺ ۾ هندو مخدوم صاحب جي ڪوشش سان اسلام ۾ آيا. جن جو نسل اڃا تائين سنجوڳي شيخن جي نالي سان موجود آهي.

        مير عالي خان ٽالپر هڪ اسلام آڻيندڙ هندو کي پناهه ڏني. مخدوم صاحٻ بازو هٿ ڪرڻ لاءِ جماعت جو ڪٽڪ ڪاهي، مير عالي خان ٽالپر (برادر مير  سهراب خان) وٽ ڪاهي ويو. مير عالي خان اهڙو ضدي هو، جو جنگ ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو. مگر هندو جي بازو نه ڏنائين. ان وچ ۾ پير محمد صالح شاهه جيلاني راڻي پور وارو رومال ۽ تسبيح گردن ۾ وجهي، اسم خدا جو وجهي مخدوم صاحٻ کي جنگ و جدال کان روڪي وڌو. مخدوم صاحب فرمايو چڱو واپس هلون ٿا. پر مير عالي ڏانهن خير ڪونه آهي. اُن وقت اوچتو برسات وسڻ لڳي. وڄ ڪڙڪاٽ ڪندي اچي مير صاحب جي کٽ ڀرسان ڪري. جنهن ڪري مير جو سڪيلڌو پٽ مري پيو ۽ کيس ايڏو ڌڪو آيو جو هميشه لاءِ منڊو ٿي پيو.

        روايت آهي ته مخدوم صاحب نه فقط ظاهري علم ۽ تصوف جو مالڪ هو پر فن ڪيميا ۽ عمليات جو به وڏو ماهر هو، جنهن ڪري هن کي ڪڏهن به تنگي درپيش ڪانه ايندي هئي.

        سندس زماني ۾ تيمور شاهه وفات ڪئي. ان کانپوءِ محمود شاهه به راهه رباني ورتي. جڏهن تيمور شاهه جي پوٽي شاهه شجاع الملڪ جو زمانو آيو ته هُن به مخدوم صاحب جي جاگيرات جي بحالي لاءِ پروانا لکي موڪليا جن مان هڪ سن 1219هه ۾ ٻيو سن 1221هه ۾ ۽ ٽيون 1222 هجري جا لکيل آهن.

        شاهه شجاع الملڪ 1219  ۾ جڏهن قنڌار مان ڪاهي  سنڌ ۾ پهتو، تڏهن پيرن ۽ اميرن مخدوم صاحب کي التماس ڪيو ته اوهان بادشاهه وٽ گڏجي هلو ته کيس سکر مان واپس ڪيو وڃي. نه ته اڳتي وڌيو ته سندس فوج ملڪ تباهه ڪري ڇڏيندي، جڏهن مخدوم صاحب  تيار ٿي نڪتو ۽ خيرپور جي ٽالپرن پاران ميرلقمان خان (ٽنڊو لقمان وارو) حيدرآباد وارن پاران نواب ولي محمد خان لغاري، مخدوم صاحب سان گڏجي روانا ٿيا. بادشاهه سان سکر ۾ ملاقات ڪيائون جنهن کانپوءِ سالانو  ڏن وٺي، اُتان واپس ٿيو، ڪنهن شاعر انهيءَ واقعي جي هن فقري مان تاريخ ڪڍي آهي.

از لب در ز بکر باز گشت

1219هه

        پير سيد محمد راشد عليه الرحمت جي چئن کان وڌيڪ شادين ڪرڻ جو واقعو مخدوم صاحب جي آڏو پيش ڪيو ويو. پير صاحب سندن والد جو شاگرد هو ۽ ڏاڍو ادب سان پيش ايندو هو، جنهن ڪري مخدوم  صاحب وٽ اچي حاضر ٿيو. پوءِ جيڪو فيصلو ٿيو سو ”تاريخ آئينه جهان نما“ جي لفظن ۾ نقل ڪيو وڃي ٿو.

        پير صاحب پيش مخدوم صاحب آمدند، فرموند که ما از حکم شرع ---  بيرون نيستم و حاضر هستم. عرض مي کنم که موجب حيله شرعي که سنت حضرت امام حسين عليه السلام است سنت طلاق ثلثه ادا مي نمايم بعده خامس را اختيار مي کنم و دو شاهدان معتبر مستعد حلف موجود بودند باقي اختيار نشستن و رفتن اوشان ست. بعد اقرار  پير صاحب و حضور شاهدان مخدوم صاحب اجابت فرمود وبا خود مصافحه و معانقه فرمووند.“

        مخدوم صاحب جي زماني ۾ فقير سچيڏنه عشق رسول ۾ هڪ مغلوب الحال فقير هو. هو پهريان عالم  زاهد هو، پر پوءِ رندي مشرب ۾ هليو ويو. ۽ توحيد جي مضمون جون ڪافيون جوڙيندو رهندو هو. ان هوندي به عالمن سان سندس صحبتون رهنديون هيون ۽ مخدوم صاحب وٽ به ايندو ويندو هو. هڪ دفعي مخدوم صاحب کي سندس  ننڍو ڀاءُ مخدوم  محمد جاگير جي حصي تي جهڳڙو ڪيو. فقير سچيڏنه مخدوم  صاحب وٽ فيصلي لاءِ لنگهي آيو. مخدوم  پنهنجي مهر فقير جي حوالي ڪندي فرمايو ته جيئن وڻي، تيئن فيصلو ڪر. فقير سچيڏنو ٽيون حصو مخدوم محمد کي ڏياري پرواني تي مهر ڪري ڏني. ايڏا گهڻا لاڳاپا ٻنهين ڌرين جا هوا. ان هوندي به جڏهن مخدوم صاحب کي معلوم ٿيو ته سچيڏنه هڪ اهڙي ڪافي چئي آهي جا ظاهري شرع شريف جي مخالف آهي، جنهن تي سنبريا ته فقير کي تعذير ڏيارجي، يا توبه تائب ڪرائجي.  فقير صاحب جڏهن اها ڳالهه ٻڌي ته پيرين پياده صبح جي وقت مخدوم صاحب جي خدمت ۾ پهچي عرض ڪيو ته اجهو حاضر آهيان، مون کي ڪهڙي طاقت آهي جو شرع شريف جي حڪمن کان منهن موڙي سگهندس. مخدوم صاحب ڀاڪر پائي  تعظيم ڏئي شرع  شريف تي هلڻ جي وصيت ڪري کيس رخصت  ڪيو.

        مخدوم صاحب کي ملا عرشو عمراڻي خدا تعاليٰ جو اسم وجهي، پنهنجي سئوٽ پير بخش عمراڻي بلوڍ ڏي ناڙي جي ملڪ ڏانهن چاڙهي ويو. طبع ۾ اڳ ۾ ئي ٿوري علالت هئي. پر ناڙي جي سفر وڌيڪ تڪليف پهچائي. جڏهن اتان ڪم لاهي واپس ٿيا طبيعت  وڌيڪ ضعيف ۽ نازڪ ٿي وئي. آخر منزل قبول ڪندي کهڙن ۾ اچي پهتا. جتي ٽئين ڏينهن وفات فرمايائون. سندن جنازه نماز ۾ پير سيد محمد راشد روضي ڌڻي ۽ سيد محمد صالح جيلاني راڻي پوري، فقير سچيڏنو درازائي ۽ ٻيا به هزارين ماڻهو موجود هوا. سندس وفات 1232 هجري ۾ ٿي. مصرع نور ڪامل بود بشرع رسول مان سندس وفات جو

1232

سال  حاصل ٿئي ٿو.

 

 

214- مخدوم عبدالخالق کهڙوي

        ولد  مخدوم عاقل ثالث، هڪ وڏو بزرگ عالم ۽ عابد زاهد پرهيزگار ۽ متقي هو. هو نقشبندي طريقي ۾ خواجه فضل الله مجددي نقشبندي کان بيعت  ٿيو ۽ اباڻي طريقي قادريه جي بجاءِ نقشبندي طريقي کي رواج ڏياريائين. تهجد نماز کانپوءِ صبح تائين مراقبي ۾ رهندو هو. ۽ ڪشف جي حوالي ۾ حضور سرور ڪائنات صلي الله عليه وسلم سان سندس ملاقاتيون  ٿينديون رهنديون هيون.

        شرع شريف جي جاري ڪرڻ ۽ مقدمن نبيرڻ ۾ پنهنجي  خانداني بزرگن وانگي عام خاص جو مرجع هو.

        هڪ دفعي گمبٽ ۾ هڪ هندو ذمي ڳئون زنا ڪئي. مخدوم صاحب هن کي تعذير ڏيڻ لاءِ گهريو. مگر حاڪمن ۽ هندن هن جي ڏيڻ ۾ ڪجهه ڪوتاهي  ڪئي. آخر مخدوم صاحب پاڻ چڙهي گمبٽ ويا. انهيءَ جوابدار جي جڏهن مخدوم صاحب تي نظر پيئي تڏهن  ڪلمو پڙهي اسلام جي دامن ۾ اچي لڪو ۽ مسلمانن جي جماعت فتحياب ٿي.

        1234 جو واقعو آهي ته ٽنڊو  مستي خان ۾ هڪ هندو عورت جي واتان ڪو اهڙو ڪلمو  نڪتو. جنهن ڪري هن تي لازم آيو ٿي، اهو مقدمو معتبر شاهدن اچي مخدوم صاحب سان بيان ڪيو. وڏيرو محبت خان مريد ولد مستي خان انهي هندو زال کي ڌڱاڻي خان مري جي معرفت حيدرآبادموڪلي ڏنو ته جيئن مخدوم صاحب  جي گرفت کان بچي وڃي. مخدوم صاحب 7 هزارن جي جماعت سان ٽنڊي ڏانهن چڙهي پيو. مگر هندو زال ته هٿ مان نڪري چڪي هئي. جنهن تي مخدوم صاحب کي ڏاڍو غصو آيو. مرين تي ڏاڍي ناراضگي ڏيکاريائون ڪن درويش جماعت جو خيال هو ته بددعا ڪري ٽالپرن جو ٻوٽو ئي ڪڍي ڇڏجي. مگر مخدوم صاحب  منع ڪندو رهيو ته مسلمان حاڪن کي بددعا ڪرڻ نه گهرجي. آخر مخدوم صاحب جماعت سميت خيرپور ۾ مير رستم خان وٽ پهتو. مير صاحب حياءُ وارو علماء دوست هوتنهن عورت جي  ضمانت ۾ هڪ هندو ڪڍي ڏنو ته جيستائين اها هندو زال نه ملي تيستائين هي هندو اوهان وٽ رهي. مخدوم صاحب اهو هندو پير محمد صالح شاهه راڻي پوري ۽ سيدبچل شاهه کهڙائي جي حوالي ڪيو ته انجي  نگهباني ڪندا رهو. هنن بزرگن  نيل گهرائي هڪ پاسي هندو جي پيرن ۾ ته ٻئي ڪڙي ڀائو خان جتوئي جي پير ۾ وڌي، جو اهو جتوئين ۾ معتبر نيڪ بخت ماڻهو هو. ٿيو ڇا جو هندن جتوئي کي  رشوت ڏئي هڪ رات هندو ضامن جي پيرن مان نيل ڪڍائي ڀڄائي ڇڏيو، جنهن تي جماعت ۾ ڏاڍو  جوش خروش پيدا ٿيو. آخر مخدوم صاحب نااُميد ٿي کهڙن  ڏانهن واپس آيو ۽ اسلام جي برخلاف هلندڙ اميرن ۽ بلوچن کي بددعا ڪيائون. نتيجو هي نڪتو جو شجاع الملڪ جي ڪاهه وقت گهڻا امير قتل ٿي ويا، محبت خان مري دربدر ٿي  ويو. ڪي بلوچ درياء ۾ غرق ٿيا ۽ ٽالپرن جي حڪومت ۾ ڏاڍو فتور پئجي ويو. آخر وڏيري محبت خان غلطي  محسوس ڪئي پوءِ ته پنهنجن ڪڄاون سميت مخدوم وٽ اچي معافي جو خواستگار ٿيو ۽ وڏو نذرانو ڏنائين. ان کانپوءِ لنگر جي خرچ لاءِ ڪيترو ئي اناج موڪليندو رهندو هو. مخدومص احٻ کيس دعائون ڪري معافي ڏني.

        افغانستان جي انقلاب کان پوءِ حڪومت امير دوست محمد جي حوالي ٿي ته مخدوم صاحب انهن سان خط و ڪتابت بند ڪري ڇڏي. فقط حيدرآباد جي اميرن ۽ خيرپورين سان سندس  راهه  و رسم هوندو هو. هو هميشه دعا طلبي لاءِ خطوط لکندا ۽ نذرانا موڪليندا رهندا هوا. هن صاحب جون ڪرامتون به عام طرح ماڻهن کي معلوم هونديون هيون. جنهن ڪري هزارين خلق سندس معتقد ۽ مخلص ٿي رهندي هئي. علمي مباحثن ۾ هڪ وڏي  پايه جو عالم هو. ۽ صحاحه سته جي اجازت حاصل ٿيل هوس. جا مسلسل نمونه ۾ پنهنجي فرزند مخدوم محمد عاقل رابع کي عطا ڪيائين. جنهن جو ذڪر تفصيلوار آئينه جهان نما ۾ ڪيل آهي. جامع الصغير حديث جي ڪتاب جو اختصار سندس ڪيل آهي. هڪ بياض ٻن جلدن ۾ سندس تاليف آهي. جنهن ۾ هزارين ناياب مسائل ۽ علمي مباحث جمع ٿيل آهن. آئينه جهان نما جو مولف لکي ٿو ته:

        روزي پيش حضور آنحضرت نشسته بودم. بغتة  يک نعره اسم ذات از بدن مبارکش مانند برق جلوه گر شد پس غمناک شده صبر فرمودند. بعد چند ساعت که سر از زانو برداشتند. پر سيدم صاحب چه حالت بود. بعد  تامل هجوم الناس برطرف شدند. اين مسکين  ودوسه تن خلفاء موجود بودند فرمودند بابا! امشب بحکم رباني ملائک در آسمان منادي کردند که بعد اليوم تصرفات و کرامات اهل حيات خواه اهل ممات نه کنند. به صبر و شکيب و رضاءَ قضا سبحاني بوده اين آواز هر اوليا زنده و ممات رسيد و هر همه تسليم کردند. آئنده تصرف مرشدان يا اهل کرامات بند شد. اين حکم بعد غلبه انگلستان بر سندهه فرمودند. (قلمي نسخه تاريخ جهان نما)

        سندس وفات 1018هه رجب سن 1268 وقوع ٿي.

        قطع تاريخ از پير نظام الدين مجددي شڪارپوري

دريغا رونق دين متين بود – مهي افلاک شرع هم يقين بود

چراغ دين آمد سال و صلش – اگر تاريخ او واضح ازين بود

1268

که جسته چون نظام الدين ازهاتف- بگفتا خاتم علماءِ دين بود

      1268

 

215- مخدوم  محمد عاقل رابع

        مخدوم محمد عاقل معروف به مخدوم پير محمد کهڙوي ولد مخدوم عبدالخالق عالم فاضل فقيه شاعر ڪامل هو. سندس تصنيفات مان ”ديوان عاقل“ فارسي مڪمل (2) ”منع  المعاني“ پاره عم جو تفسير جنهن ۾ هزارين علمي نڪتا جمع ٿيل آهن. (3) رساله جواب باصواب. رد مذهب اهل تشيع. (4) رساله  در ارسال به دين تائيد مذهبي حنفي. (5) قصه چهار درويش فارسي نثر  بهار دانش جي جواب ۾ فارسي زبان جي بلاغت جو هڪ خزانو آهي (6) انشا عاقلي (7) تاريخ آئينه جهان نما جو ابتداءِ اسلام کان پنهنجي وقت تائين تاريخي مواد جمع ڪيو اٿن  ۽ هڪ بينظير ڪتاب آهي. (8) رياض المحافل سخنوري ۽ مجلس جي آداب ۾ هڪ بينظير ڪتاب آهي.

        اگرچه سندس زمانه ۾ سنڌ ۾ انگريزن جو راڄ قائم ٿي ويو ۽ شرعي مقدما ۽ معاملا علماءِ اسلام جي اختيارات مان نڪري چڪا هوا.  تاهم اڃا ڪجهه روان هلندو آيو ٿي. تنهن ڪري مخدوم صاحب وٽ عام ماڻهو پنهنجي مقدمات جي فيصلن لاءِ  ايندا هوا. هڪ دفعي گهوٽڪي  جي پيرن صاحبن جي مقدمه فيصل ڪرڻ لاءِ رياست بهاولپور تشريف فرما ٿيا.بهاولپور جي نواب فتح خان چئن ميلن تي سندن استقبال ڪيو ۽ نواب فرمايو ته علماءِ اسلام جي گهوڙن جي خاڪ اسان جي لاءِ هزارن مشڪ ۽ عنبر کان بهتر آهي، آخر احمد پور ۾ پهتا جتي نواب صاحب مخدوم ۽ ساداتن جي  رهڻ لاءِ اهڙو انتظام رکيو هو جو ان مان بهشت جو ڌوڪو آيو ٿي. بهاولپور ۾ هڪ وڏو حنفي عالم مولوي قمرالدين رهندو هو ۽ سرڪار سان هنجو تعلق هو تنهن بر وقت ئي مخدوم صاحب جي شان ۾ تشريف آوري جي مبارڪباد ۾ هڪ طويل قصيده پڙهيو جنهن جا چند شعر هي آهن.

اي ز علوم تو ملک مهتدي – خلق بعلم تو شده مقتدي

دل کش تو گشته دل عالمي – آمدنت شد سپر هر غمي

چون تو نمودي سوءِ ما دل کشي – ز آمدنت گشت محفل خوشي

منتظرات عالم وهم ملتجي – جئت الينا فلتقم المجي

        پورو هڪ هفتو ساداتن جي مقدمه فيصل ڪرڻ لاءِ اهڙو شرعي فيصلو  پاتائون جو طرفين ان تي راضي ٿي ويا.

        امتحان طور مخدوم صاحب کان ان وقت جي علمائن تفسير، حديث ۽ تاريخ مان سوال ڪيا. جن جا بروقت هنن کي ڪافي جواب مليا. جنهن ڪري نواب صاحب کان رياست جي ٻين اهلڪارن جو اعتقاد زياده تر ٿيندو رهيو. جمعي ڏينهن نواب صاحب جي زور آڻڻ تي امامت ڪرائي، امامت پڙهيائون ۽ واعظ به فرمايائون. ان کانپوءِ پنهنجي وطن ۾ واپس آيا. مخدوم صاحب شرعي مقدمن جو فيصلو ڪرڻ کان پوءِ جڏهن واندو ٿيندو هو ته باقي سمورو وقت نقشبندي طريقي جي ذڪر اذڪارن ۾ مشغل رهندو هو. سموري ڄمار ان ريت  رات ڏينهن  ياد خدا ۾ گذاري وفات فرمائي ويو. سندس فارسي ڪلام جو ڪجهه نمونو هيٺ ڏجي ٿو.

برون شد از خم ديرين شراب آهسته آهسته

بر آمد از پس کره آفتاب آهسته آهسته

فريب روئي آتشناک او خوردم وندانستم

که خواهد خورد خونم چون کباب آهسته آهسته

باين خورسندم از نسيان روز افزون پيريها

که از دل مي برد ياد شباب آهسته آهسته

بيابشنو تو پند من اگر هستي تو عاقل دل

که طفل خورد مي خواند ڪتاب آهسته آهسته

----*----

تمام شد مسودات جلد ثالث کتاب تذکره مشاهير سنڌ مورخه 23 شوال الکرم شب اربع بوقت 10 بجه شب سن 1366 هه بمطابق 9 سيپٽمبر 1947ع. بحمده  تعاليٰ.

 

(فقير دين محمد وفائي)

 

216- نيازي ٺٽوي

        بخاري جو سيد سفر ڪندي ٺٽي ۾ پهتو ۽ اتي فوت ٿي ويو. معمانويس ۽ علم عروض ۽ شعر شاعري جو وڏو ماهر ۽ قابل هو. گهڻي هجو ۽ گلا چوڻ جو اُستاد هوندو هو. اهوئي سبب آهي، جو هنکي ڪٿي به قرار يا آرام ڪونه ملندو هو. هميشه دربدر ڌڪا کائيندو وتندو هو. هنجي زندگي جي ڪهاڻي به عجيب آهي. بخارا جي رهڻ وارن ڏينهن ۾ هڪ نظم لکي جنهن جي شروعات هن ريت آهي.

برفلک نيست شفق، باده گلفام من ست

رند درد کشم طاس فلک جام من ست

اخير ۾ چيائين:

تا نيازي شد در ملک سُخن خسرو عهد

نام جامي شد منسوخ کنون نام من ست

        غزل جي هن مقطع جي معنيٰ آهي ته نيازي يعني آءٌ جنهن وقت کان وٺي شاعري جو بادشاهه  ٿيو آهيان ته اُن  ڏينهن کان وٺي مولوي جامي جو نالو منسوخ يا مٽجي ويو ۽ هاڻي  فقط منهنجو نالو آهي.

        انهيءَ شعر سبب بخارا جي ماڻهن ۾ سخت ناراضگي پيدا ٿيد، جو نقشبندي طريقي جي پير ۽ عالم جي بي ادبي سمجهي وئي. جنهن ڪري بخارا مان ڀڄي هرات هليو ويو هو. اُتي جي مشهور راڳيندڙ شاهه محمد شرنائي جي صحبت ۾ اچي رهيو. ۽ اهو ماڻهو موسيقي ۽ سرودي جو وڏو ماهر هو. مگر پنهنجي ڦرڻي گهرڻي بي قرار طبيعت موجب اُن سان به نه ٺهيو. هنجي گلا ۾ هيٺئين رباعي لکيائين:

شرنائي منافق بي حسن بي تميز

انگوهمه نوائي بد آموز ميزند

شرنائي او چوکير خرست و بحير تم

کان بي هنرز کير چسان گوز ميرزند

        يعني ته منافق ۽ بدتميز شرنائي سمورو آواز بڇڙو بلند ڪري رهيو آهي. هن جي شرنائي گڏهه جي عضوي وانگر آهي. مگر مون کي حيرت ٿي لڳي ته هو مخصوص عضوي مان ”ٽٽ“ ڪيئن ڏئي رهيو آهي. شاهه محمد شرنائي جي وير وٺڻ کان ڊڄي، سڌو بلخ ۾ پهتو، اُتي به هجو جا بيت چئي، بلخ وارن جي خوب خبر ورتائين. جنهن تي  شهر وارن سندس قتل جو ارادو ڪيو، مگر اُتان راتو رات ڀڄي ڪولاب جي علائقه ۾ پهتو. اُتي هڪ امير سيد زادي مير حيدر علي بن سلطان تي عاشق ٿي پيو. ماڻهن کي اها ڳالهه نه وڻي، جنهن ڪري هنجي مارڻ لاءِ تيار ٿي ويا. ويچارو بدبخت نيازي، اُتان به جان بچائي وٺي ڀڳو. بدخشان وڃي پهتو، پر بدنام ٿيل هو، جنهن ڪري اتي وري رافضي هجڻ جي تهمت رکي ويس. جنهن ڪري اُتان ڀڄي اچي قنڌار ۾ لڪو. سلطان همايون تيموري جي گورنر بيرم خان  سان ملاقات ڪيائين، مگر پهرين ملاقات ۾ ئي بيرم هن کان ناراض ٿي پيو. ان کان پوءِ سنڌ ۾ هليو آيو. ان وقت ٺٽي ۾ مرزا شاهه حسن ارغون حاڪم هو. ٺٽي  ۾ پهچي مرزا کي ملاقات لاءِ عرض ڪيائين. مرزا حضرت جامي رحه جو سخت معتقد هو جنهن هن شاعر جي ملاقات کان اڳ ۾  ”ديوان جامي“ تان فال گهري. اڳوڻي بي ادبي  سبب جا هنجي مولانا جامي سان ڪيل هئي، هيٺيون شعر نڪري آيو.

چرخ را  جامي نگودان کز مئي عشرت تهي ست

باده از جام نگون جستن نشان ابلهي ست

        جنهن کانپوءِ مرزا هن کي پاڻ وٽ اچڻ ۽ ملاقات ڏيڻ کان انڪار ڪيو. آخر  لاچار ٿي، ٺٽي وارن ماڻهن سان ساز باز ڪري، نهايت تنگدستي ۽ مفلسي جي حالت ۾ اُتي رهجي  پيو.

        مرزا شاهه حسن جي وفات کانپوءِ، مرزا عيسيٰ ترخان، سندس  حال تي رحم آڻي کيس نوازيو ۽  ان کانپوءِ مرزا محمد باقي ترخان  جي نوازش ۾ رهيو.

        اُنهي زماني ۾ سلطان اڪبر جو دور دورو هو. هنجي اميرن مان شاهه  خواجه ولد دوست خاوند حج جو سفر ڪري سنڌ ۾ پهتو هو. ٺٽي ۾ نيازي جي احوال کان واقف ٿي سلطان اڪبر جي دربار ۾ سندس لاءِ سفارش ڪيائين. بادشاهه قبول فرمائي. هنجي اچڻ لاءِ ٺٽو ۾ قاصد ۽ فرمان موڪليو. جيستائين شاهي فرمان ٺٽي ۾ پهچي ئي پهچي، تنهن کان ٿورو اڳ ۾ نيازي مسڪين جي نالي تي حقيقي حاڪم پاران فرمان قضا پهچي ويو. ۽ ٺٽي ۾ ئي دفن ٿيو.

        اهو واقعو ڏهين صدي هجري، پوئين اڌ جو آهي.

(مقالات تحفت الڪرام)

 

 

217- مخدوم ميڏنو نصرپوري

        عالم فاضل فقيه، صوفي، نصرپور ۾ مخدوم روح الله کانپوءِ ئي هو صاحب قضا ۽ فتويٰ جو مالڪ بڻيو. سندس معاصرين مان مخدوم عبدالواحد سيوستاني ۽ مخدوم محمد صادق گچيرائي ۽ مخدوم عثمان متعلوي آهن جن سان هن بزرگ جا بعض فقهي مسئلن تي رد ڪد ۽ مناظرا رهيا آهن. مير قانع لکي ٿو ته:

        مخدوم ميان ميدنه جامع فنون کمال، عالم متبحر در فقه اڪثر علماء در سائر کمالات اشهر برايا، يا سلوک آشنا درين تاز گيها بس کمال وفات يافت. پسرارشدش ميان عبدالله از علوم ظاهري بهر وافي برده متوجه علم معني است. (تحفة الکرام)

        مخدوم ميڏنو مريد هو مخدوم محمد امين ڊاسوڙي واري جو، هو وڏو موحد ۽ ڪامل وقت جو بزرگ ٿي گذريو آهي. ۽ ٻارهين صدي جي  پڇاڙي ‎ ۾ ان بزرگ وفات فرمائي آهي. جيئن ته تحفت الڪرام مان معلوم ٿئي ٿو:

        مخدوم ميڏنو تمام ٻڍاپڻ ۾ سال 1181 ۾ هن دنيا فاني مان رحلت فرمائي نصرپور ۾ ئي سپرد خاڪ  ڪيو ويو.

 

 

218- شيخ ابو تراب تبع تابعي

        هي بزرگ جو احوال سنڌ گزيٽر ۾ هيٺئين ريت آيل آهي.

        ابو تراب نالي هڪ وڏو بزرگ،  جنهن بکر جو قلعو فتح ڪيو ۽ ٻيا وڏا بهادري جا ڪم ڪيا انجو مقبرو ڳوٺ گجو تعلقه ٺٽو ۾ آهي ٺٽي کان اهو ڳوٺ 10 ميل پري آهي. سندس قبر تي سال 171 هجري مطابق 877ع جو ڪتبو لڳل آهي. سنڌ ۾ انهيءَ کي تمام جهوني تاريخي لکيت تسليم ڪرڻو پوي ٿو.

        هن  مان ظاهر آهي ته اهو سال خليفي هارون عباسي جي خلافت جو آهي جنهن کي سنڌ ۾ جهوني مان جهونو بزرگ ۽ سندس مقبره کي جهوني مان جهوني يادگار تسليم ڪجي ته درست آهي.

(اورينٽل ميگزين لاهور)

        مولوي محمد شفيع ايم. اي لاهوري مٿئين ميگزين ۾ لکي ٿو: مان انهيءَ مقبري تي پهچي ڏ اڍي ڳولا ڪئي ته  171 ورهين وارو ڪتبو نظر اچي، پر ڪٿي به اهو ڪتبو نظر ڪونه آيو.

        مگر مير قانع لکي ٿو ته:

        شيخ ابوتراب از اجل تبع  تابعين که مزارش مع شهدا ديگر تاهنوز زيارتگاهه اهل دل ست. برسر گنبذ تاريخ بنا از ان قرار سال صدو هفتاد ويک مرقوم. (تحفت الڪرام)

        مير قانع شيخ ابوتراب جو ذڪر عباسي خليفن جي گورنرن جي سلسلي ۾ ڪيو آهي ۽ سندس خيال آهي ته هو ٻي صدي ۾ اسلامي عرب مجاهدن سان گڏ ساڪري جي سرزمين تي شهيد ٿي، اُتي دفن ٿيو آهي. مير  قانع ٻي هنڌ لکي ٿو ته:

        شيخ ابو تراب المعروف بحاجي ابوترابي اصل از گماشتگان بنو عباس ست که بايالت سنڌ اور امر بودند و معروف به تبع تابعي چنانچه مذکور، از شهداء است. مزارش مابين موضع گجو که بعوض شهر ناره ولتو آباد شده و موضع کوري که بدل رسول آباد محمد طورثاني آباد گريده از تته بانداز  چهار گروه زيارتگاه سائرو زائر است برگنبذش تاريخ تعمير صد و هفتا ويک موجود. (تحفت الڪرام)

        مير قانع جي  عبارت مان هي به ظاهر آهي ته 171 جو ڪتبو سندس زماني 1181 ۾ به موجود هو جو هاڻي ناياب ٿي چڪو آهي.

        ڄام صلاح الدين سمو ( 871هه کان 893هه تائين) حاڪم سنڌ جي زماني ۾ سندس رشتيدارن علاو الدين سمو شيخ ابو ترابي تي گنبذ تيار  ڪرايو جنهن تي هيٺيون ڪتبو لکيل آهي. جو تمام مشڪل سان پڙهڻ ۾ اچي  ٿو.

بعهد شهر يار دهر سلطان دوار (؟)

شه فيروز و منصور و مظفر در صف ميدان

بامر سرفراز سندهه خاص حضرت عالي.

که قدر او علا از فر فرقد تابان

ستوده جام جم سيرت علاءُ الدين دريا دل

که مهماني لطفش جهان شد جمله آبا دان

برآمد اين چُنين گنبذ معليٰ کز صفا گوئي

بسان بيت معمور آمده است اظهار اين ايوان

مقام شيخ حاجي بوترابي آن ولي الله

که بر درگاهه اود گردد رواحاجات خلق آسمان

بسال هفتصد هشتاد دو از هجرت  احمد

زعون ايزد ذوالمنن والافضال والاحسان

بنا شد ثالث ماهه صفر اين روضه ميمون

بسعي کمترين بندگان موسيٰ بن شه جان

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org