سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: تذڪره مشاهير سنڌ (ڀاڱو ٻيو)

 

صفحو : 14

250- فقير ميرڻ ڪاتيار

        قدوت الابرار ميرڻ ڪاتيار، پنهنجي وقت جو وڏو عارف ۽ ڪامل مرد ٿي گذريو آهي. هو مخدوم نوح عليه الرحمت جي مخلص مريدن فيض پرائيندڙن مان آهي.

        هو اصل ۾ پنهنجي قوم  جو رئيس۽ ڌن دولت جو مالڪ ڏاڍو بي پرواهه انسان هو. اوچتو ئي اوچتو هن جي دل ۾ الله تعاليٰ جي طلب جو جذبو جاڳيو ۽ جنهن ڪري وڏيرپ ۽ وڏائي جو وڻ سندس دل مان ڪجي ويو. هو خدا جي طلب ۾ برن پٽن ۾ حيران سرگردان رلندو وتيو ٿي. گهر گهاٽ ۽ مال اسباب جي محبت، الله  جي عشق ۾ بدلجي ويس،. مگر اها ڳالهه   ڪنهن سان ڪانه سليائين ۽ پنهنجي گهر وارن کان به راز کي مخفي رکيائين.

        آخر هڪ دفعي الاهي عشق ۽ معرفت جي مام جو بيان ڪنهن دوست سان سلي ويٺو، جنهن جو نتيجو هي نڪتو جو سندس دل مان درد جو دکيل دونهون ختم ٿي ويو. اندر ۾ جيڪو عشق جو خزانو سانڍيل هوس، سو گم ٿيندو ڏٺائين جنهن تي ڏاڍو پشيمان ٿيو. چرين وانگي وڃايل وٿ جي ڳولا ڪندو رهيو. جتي به اهل دل ۽ معرفت وارو ماڻهو ٻڌائين ٿي ته وٽس ڪهي ويو ٿي، مگر نتيجو ڪجهه به نه ٿي نڪتو.  آخر شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري وٽ اچي رهيو ۽ شاهه صاحب سان گڏجي کيتي ڪندو ۽ هر کيڙيندو هو ۽ خدا جي طلب ۾ لڳا رهندا هوا. اُن  زماني ۾ انهن جي ڪنن تائين حضرت مخدوم نوح عليه الرحمت جي فيض رساني ۽ طالبن جي مرادن تائين پهچڻ جو آواز پهتو. ٻئي ڄڻا گڏجي نڪتا، اچي مخدوم صاحب جي صحبت مان فيضياب ٿيو.

        فقير ميرڻ ڪاتيار کي پنهنجي گم ٿيل شئي وري موٽي ملي وئي ۽ سندس درجه ۾ ڏاڍي ترقي ٿي ۽ هو  جڏهن به مخدوم صاحب جي بيعت وٺڻ کان پوءِ سندس خدمت ۾ ايندو هو ته پنهنجي سلوڪ  واري منزل ۾ پاڻ کي مٿاهون سمجهندو رهندو هو. مخدوم صاحب سان  ايڏو اعتقاد ٿيس جو پنهنجي نينگري جو  نڪاح مخدوم صاحب جي فرزند سلطان ابراهيم سان ڪرائي عزازت جو رشتو ڳنڍي  ڇڏيائين.

(دليل الذاڪرين)

        مير قانع لکي ٿو ته اوائل جواني ۾ ميرڻ ڪاتيار ڀنگ جي نشي ۾ ڀرپور ٿيو، ٻيڙي ۾ چڙهي ڪيڏانهن ويو  ٿي ته اوچتو جذبي الاهي جي حالت مٿس طاري ٿي وئي. جيڪي پسڻو هوس پسيائين. ماڻهن کان اهو احوال ڳجهو رکيائين، هڪ ڏينهن ڪنهن سان پنهنجي عشق الاهي ۽ پريت پسڻ جو حال اوريائين، جنهن ڪري اها حالت کائونس کسجي وئي. پوءِ چرين وانگي سرگردان ٿي پيو ۽ کاڌي جا طبق سر تي رکي، جوڳين ۽ مستن جي پويان رلندو وتندو هو. آخر سيد عبالڪريم (بلڙي) کيس مخدوم نوح جي خدمت ۾ پهچايو. فقط مخدوم جي ديدار سان اڳ کان به وڌيڪ معرفت جي مرتبي کي وڃي پهتو. سندس اهڙي حالت ٿي جو جڏهن ذڪر ڪندو هو ته صفا بيهوش ٿي ويندو هو، بلڪ ڪيترا ڀيرا ته هن کي مئل سمجهي مٿس ياسين شريف به پڙهي وئي ٿي. هو چوندو هو ته عزرائيل عليه السلام جو اسان سان ڪوبه واسطو ڪونه آهي. (تحفة الڪرام)

        ميرڻ ڪاتيار جي ذڪر واري حجري ۾ هڪ دفعي سندس گهرواري لنگهي آئي، پر هڪدم واپس هلي وئي. فقير چيو ته هي هجرو هاڻي ساڙڻ جي لائق آهي، جو عورت جو پير هن ۾ پيو آهي.

        هن چيو ته جڏهن آءٌ لا الھ الا الله جي ذڪر ۾ مشغول ٿيندو آهيان تڏهن منهنجي لڳو لڳ سامهون مون جهڙو هوبهو ٻيو ماڻهو به ذڪر ڪندو رهندو آهي. آءٌ  هن کي پڌري پٽ ڏسندو رهندو آهيان.

(دليل الذاڪرين)

        هن اهل الله جي تاريخ وفات معلوم نه ٿي سگهي آهي، مگر مخدوم صاحب جي مريدن مان هجڻ ڪري ڏهين صدي جي بزرگن ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو.

 

151- سيد طيب متعلوي

        سيد طيب هڪ وڏو عالم، فاضل، شريعت جو پابند ۽ صوفي بزرگ هو. هن خدا شناسي جي رستي ۾ وڏا ڪشالا ڪاٽيا ۽ ڏاکڙا ڏٺا، آخر مخدوم نوح جي صحبت کان پوءِ پنهنجي حقيقي مقصود کي رسيو.

        سندس چوڻ آهي ته مان وڏي گهراڻي جو سيد زادو هوس، مون کي ننڍي ڄمار ۾ ئي اندرئين جذبي ڏاڍين مشڪل ۽ مشقت جهڙن رياضتن ۽ عبادتن تي آماده ڪيو. ڏينهن جا ڏينهن انساني آبادي کان  ڀڄي وڃي  جهنگلي جانورن سان رهيس. کاڌي پيتي کي ترڪ ڪري ڇڏيم. سيني جي صفائي سان معرفت جي منزلن تي درجه بدرجه عروج ڪندو ويس. آخر وڃي چاليهه ابدالن جي ڪچهري ۽ صحبت کي به پهتس. ڀانت ڀانت جي غيبي ڳالهين کان واقفيت حاصل ٿيم، مگر اڃان به سمجهان پيو، حضور ذاتي جو درجو نصيب نه ٿيو آهي، جو صفات جي ظهوري کان بلڪل خالي هجي. ان ڪري ڏاڍو نااُميد  ٿي پيس ۽ وري پنهنجي وطن ۾ واپس آيس ۽ عبادت گذاري واري رنگ ۾ الله تعاليٰ جي بندگي ۾ مشغول رهيس ۽ انتظار  هو ته من مقصود جي مکڙي تان پردو کڄي وڃي. ايتري ۾ حضرت مخدوم نوح عليه رحمت جو ظهور ٿيو. اها ڳالهه ٻڌي هڪدم هالا هليو آيس. فقط هالن جي داخل ٿيڻ سان ئي مون کي پنهنجي ڪاميابي جي خوشبوءِ اچڻ لڳي. مخدوم جي ذات تي نظر پوڻ  شرط انهيءَ مقصد کي وڃي پهتس.، جن جي سالن کان وٺي ڳولا ڪندو رهيس ٿي.

        سيد طيب شريعت جو  بيحد پابند هو. هوش سنڀالڻ کان وٺي وفات تائين ڪوبه بدعت وغيره جو غير شرعي ڪم هن کان سرزد نه ٿيو.  بلڪ هنجو ڌنڌوئي اهو هوندو هو ته ماڻهن کي شريعت تي هلائڻ جي ڪوشش ۾ لڳل هوندو. ظاهر ۽ باطن ۾ سندس اهوئي ڪم هوندو هو. هو دنيائي ٺاهه ٺاٽ جي سامان جي ڪابه پرواهه نه ڪندو هو ۽ سادي زندگي گذاريندو هو ۽ سندس زبان مان قرآن شريف جي آيتن ۽ حضور جي حديثن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ٻڌڻ ۾ نه ايندو هو ۽ هر  وقت وعظ نصيحت ۾ لڳل رهندو هو. شريعت جي رواج ڏيارڻ ۾ گهڻو ڪري نرمي کان ڪم وٺندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن سختي سان پيش ايندو هو.

        انهيءَ زماني جي بدعتي صوفين کي جيڪي مٿي پيرين اگهاڙا گهمندا هوا، يا ٻيون بدعتون ڪندا هوا، تن کي سخت تعذير يا سزائون ڏيندو هو.

        هن بزرگ جو شريعت سان ايڏو شغف ۽ عشق هو جو هڪ دفعي  پنهنجي پير ڀائي سيد علي شيرازي تتوي سان عمدي پوشاڪ پائڻ واري سوال تي تڪرار ڪري وڌائين ۽ گفتگو حضرت مخدوم نوح جي مجلس ۾ ٿي گذري هئي، ڇاڪاڻ ته سيد علي شيرازي هميشه قيمتي پوشاڪ پهريندو هو. (دليل الذاڪرين)

         سندس وفات جي تاريخ معلوم ناهي، مگر معاصرين جي لحاط سان ڏهين صدي جي رجالن مان آهي.

 

 

252- مير سيد غلام علي مائل تتوي

        مير غلام علي، تخلص مائل بحق ولد مير علي شير قانع شڪرالاهي شيرازي تتوي مير علي شير قانع کي چار فرزند هوا، جن مان غلام علي مائل هڪ نامور شاعر  ٿيو، جنهن پنهنجي خانداني شاعرانه روايت کي زنده رکيو. مير مائل جو والد ته مير قانع شاعرانه دنيا ۾ توصيف ۽ تعريف کان باالاتر آهي. اهڙي طرح مير مائل جو چاچو مير ضياءُ الدين به بلندپايه جو شاعر ۽ ”ديوان ضيا“ جو مالڪ  آهي. وري مير مائل جي شادي به پنهنجي چاچي مير ضيا جي گهران ٿي هئي، جنهن ڪري هن اکيون ئي پنهنجي اهڙي خاندان ۾ کوليون، جنهن ۾ شعر شاعري جو پورو پورو شغل موجود هو.

        مير صاحب جي ولادت 1181 ۾ ٿي، سندس سال ولادت ”غلام علي“ مان نڪري ٿو.

        مير قانع لکي ٿو ته 1160 سن ۾ جڏهن آءٌ سورت بندر ۾ هوس، تڏهن معلوم ٿيو ته سيد سعد الله علامي جي ٻن فرزندن جا نالا عبدالعلي ۽ عبدالولي آهن، تنهن ڪري دل  نذرانو ڪري ڇڏيم ته جيڪڏهن مون کي فرزند ڄاوا ته اهي نالا رکندس.

        حُسن اتفاق سان سن 1181 ۾ پٽ ڄائو، نالي رکڻ جي نذرانه کان سواءِ سندس تاريخي نالي جو  به دل ۾ خيال آيو. سيدنا علي جي برڪت سان غلام علي نالي مان مٿيون سال ظاهر ٿيو. ان کان پوءِ ارادو ڪيم ، ته ڪهڙو نه چڱو ٿئي جو ٽن سالن کان پوءِ ٻيو فرزند ڄمي ته انجو نالو غلام  ولي الله نالو رکان،  جنهن مان سال 1183 نڪري ٿو.  نذرانو به پورو ٿئي ۽ نالي سان سندس ولادت به ظاهر ٿئي. الله تعاليٰ اها دعا قبول ڪئي جو سال 1183 ۾ ٻيو فرزند به ڄائو.

(تحفت الڪرام ج -2)

        ۽ درسي ڪتاب پنهنجي  شهر ۾ ئي مطالعه مان ڪڍيائين. هو جواني کي پهتو ته  ڪلهوڙن جي حڪومت جو خاتمو  ٿي چڪو هو، جنهن ڪري هن ميرن جي دربار ڏانهن رخ رکيو. هن مير فتح علي جي  چار ياري ڏٺي، مگر شاعرن جي نوازش جو دروازو مير ڪرم علي پاڻ تي کولي ڇڏيو هو، جنهن ۾ مير مائل پنهنجي ديوان ۽ قصيدن ۾ فقط ڪرم علي کي ياد ڪري ٿو.

        هنجي ڪلام مان معلوم ٿئي ٿو ته اثنا عشري شيعه پنهنجن ممدوح حاڪم جو هم مذهب هو. مير قانع فقط سيدنا علي جي فضيلت جو قائل هو، مگر مير مائل ڪجهه ان کان وڌيل هو. صوفيانه رنگ ۾ رڱيل نظر اچي ٿو، جنهن ڪري پنهنجي تخلص مائل سان حق جو لفظ ڳنڍي ٿو ۽ ڪٿي ڪٿي عشق اهل بيت کان قدم وڌائي عشق الاهي جون ڳالهيون به ڪري ٿو. هنجي زندگي قناعت ۽ نيڪ ڪرداري ۾ گذري ٿي ۽ ڪڏهن نشو يا شراب جهڙين شين جي ويجهو نٿو وڃي ۽ ناخدا شناس ماڻهن سان قطعا آشنائي نٿو رکي. هڪ نظم ۾ هن پنهنجي انهيءَ احوال جو بيان ڪيو آهي.

خود نمائي ز من نمي آيد

اين خدائي ز من نمي آيد

هست بودم چو قطره ماء ست

من و مائي ز من نمي آيد

بيخود عشقم و به دختر رُز

کتخدائي ز من نمي آيد

با کسي هست از خدا بيگانه

آشنائي ز من نمي آيد

غرض نان ست شيوه دونان

اين گدائي ز من نمي آيد

مائل حقم در حق الحق

دم جدائي ز من نمي آيد

گر بهايش کني همه دنيا

دين فروشي ز من نمي آيد

بنده فيض مير ذوالا کرام

دين فروشي ز من نمي آيد

        سندس غير مڪمل ديوان موجود آهي ۽ متفرق قصيدا ۽ منقبت آئمه اطهار ۾ نظمون جدا جدا بياضن ۾  آهن. هن جو سئوٽ مير عظيم الدين تتوي سندس هم عصر ميرن جو درباري شاعر آهي. پنهنجن غزلن ۾ ڪٿي ڪٿي مير عظيم الدين جي شعرن تي تضمين به ڪري ٿو ۽ ڪڏهن محسن تتوي جي ڪلام تي به تضمين آڻي ٿو، پر بار بار مير ڪرم علي جو ذڪر ڪندو رهي ٿو.

دهد از کرم علي کامش

دل به شکر و زبان به تحسين است

        سندس ناقص ديوان ۾ به 216 غزل آهن، جو هاءِ جي رديف تائين آهي. جيڪڏهن ڳولا ڪري يائي جي رديف به اُن سان ملائي وئي. جيئن ڪن ..... جو ادو آهي ۽ سندس قصيدا به جمع ڪيا ويا ته پوءِ تمام گهڻو ڪلام جمع ٿي سگهي ٿو.

        هي خوش گو ۽ خانداني شاعر 19 ذي الحج سن 1275 ۾ هن دنيا فاني مان رحلت فرمائي ويو ۽ پنهنجي خاندان جي قبرستان مڪلي ۾ دفن ٿيو.

(از مسودات ڪتب خانه سيد صابر علي شاهه تتوي)

 

253- سيد صابر علي تتوي

        مير صابر علي ولد مير غلام علي مائل بن مير علي شير قانع، شاعر بن شاعر، بن شاعر هن صاحب ٺٽي جي شهر ۾ اُن وقت اکيون کوليون، جڏهن اسلامي حڪومت جو سنڌ ۾ خاتمو ٿي رهيو هو ۽ انگريز راڄ جي شروعات هئي. هن خاندان جي علم ۽ فضل ۽ شاعري سبب سنڌ جا حاڪم پرورش ڪندا هوا، سو دور ختم ٿي چڪو هو. پر ان هوندي به مير صاحب هڪ خانداني شاعر هو ۽ ٺٽي ۾ اُن وقت تائين گهڻا خوش گو شاعر موجود هوا، جنهن ڪري هن صاحب فارسي نظم ۾ ڪمال  حاصل ڪيو هو. سندس ڪلام جو نمونو ڪجهه هيٺ ڏجي ٿو:

تيري شره، ز ابروي کماني بکميني

زين تير کمان نيست اماني به اميني

مهر توان قرآن کرد بدل هيئت شرف شد

در برج و داد است قرآني بقريني

از قرب قريب بدخو حيرت افزود

زيبا نبود جاءِ چناني به چنيني

هر ناوک مزگان خدنگ است پئي صابر

ابرو تو گويا ست کماني به کميني

ايضا وله

دست از خون ما نگا رين است

دلبرا اين چه رنگ رنگين است

آب حيوان يا دعائي مسيح

يا تحقيق لبش نگارين است

گرچه نرگس به باغ خودبين است

پيش چشم تو ليک نابين است

مه جبين ابر زلف يار فلک

عقد رندان يار پروين است

صابر اينمت خوف روز جزا

چون شفيعت علي شه دين است

        سندس متفرق ڪلام گڏ ڪيو وڃي ته پورو ديوان جمع ٿي وڃي.

        انگريزن جي اوائل حڪومت ۾ سڀ کان پهريان علمي خاندان کي آئنده گذران جو خيال هو، ڇاڪاڻ جو اڳين خاندانن کي اسلامي حڪومت پاران يوميه (روزنيا) يا جاگيرون مقرر هيون  جي انگريزي حڪومت ۾ سند پيش ڪرڻ کان سواءِ ختم ٿيڻ واريون هيون. اُنهيءَ بناء مير صابر علي هڪ پراڻو پروانو جو مرزا عيسيَ ترخان جي مهر سان وٽن موجود هو، سو سنڌ ڪمشنر مسٽر فريئر صاحب جي پيش ڪيو، جنهن کان پوءِ تحقيقات ٿي ۽ سند پٽِيداري بحال ٿي ۽ سندس لکپڙهه جي طفيل، ٺٽي جي ٻين خاندانن جا وظيفا بحال ٿيا. انگريزن جي شروع  زماني ۾ ٻن سالن تائين قديم نموني ۾ سرڪاري لکپڙهه فارسي ۾ ٿيندي هئي ۽ مير صابر علي شاهه جي ڪتب خانه ۾ جهوني لکپڙهه فارسي واري موجود آهي. ان کان پوءِ جڏي سڏي سنڌي ۾ شروع ٿي. اُهي خط ڪليڪٽرن جا نظر مان گذريا آهن، مگر ڏٺو وڃي ته هي صاحب پاڻ سنڌي ۾ لکي پڙهي ڪونه ڄاڻندو هو.، مير صابر فارسي جو بيحد خوشخط هو. سندس دستخط غزل ۽ ٻيا ڪاعذ نظر مان گذريا آهن، جن مان سندس قابليت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

        سندس خاندان مير حسين علي شاهه، پنهنجي والد کان بيان ڪيو ته فريئر صاحب سنڌ مان جڏهن بمبئي جو گورنر ٿي ويو ته هڪ دفعي مير صاحب کي پاڻ وٽ اُتي گهرايو هوائين، جو برابر ڏيڍ مهينو مهابلشور جي پهاڙي تي ساڻس رهاڻيون ڪندو رهيو هو. هو خوشگو شاعر ۽ وڏن جو يادگار بزرگ اٽڪل سن 1292 ۾ دنيا فاني مان انتقال فرمائي ويو ۽ پوئتان وڏي ڄمار جو فرزند مير حسين علي شاهه يادگار ڇڏي ويو. (مسودات ڪتب خانه صابر علي)

 

 

254- قاضي غلام علي تتوي

        غلام علي ولد محمد باقر ولد قاضي محمد حسين جعفري، قاضين جي مشهور خاندان جو فرد هڪ وڏو عالم هو. پنهنجن هم عصر علمائن جي برابر درجه تي پهتل هو. جيئن ته وقت جي وڏي عالم مخدوم قائم سان سندس مناظرا ٿي گذريا. هو ظاهري علمن کان سواءِ تصوف ۾  وڏو ماهر هو. مولانا رومي جي مثنوي سان بيحد عشق هوس. هن جو چوڻ هو ته اڳين بزرگن چڱا يادگار ڇڏيا آهن، آءُ به ڪو يادگار ڇڏيندس. سندس ارادو هو ته ڪو ڪتاب تصنيف ڪري، مگر افسوس جو جواني جي زماني ۾ ئي مشيت ايزدي سان هو مست ٿي پيو.  انهيءَ بي خبري جي زماني ۾ ڪڏهن ڪڏهن نظم لکندو هو، مگر بي خودي جي حالت ۾  جيڪو  به شعر چوندو ۽ لکندو هو سو مجهه ۾ ئي  نه ايندو هو. فقط شعر سندس پڙهڻ ۾ آيو جو هيٺ ڏجي ٿو:

در بيخبري شدم خبردار

خود شده باخدا شدم يار

        افسوس هي نوجوان عالم شاعر جنون يا ديوانگي جي حالت ۾ سن 1154 ۾ هن فاني دنيا مان انتقال فرمائي ويو. مير قانع هيٺين فقري مان سندس تاريخ وفات ڪڍي آهي. جعل الجنت مثواه

       1154هه

 

255- فاضل خان تتوي

        عثمان نالي ٺٽه جي ملن جي خاندان مان قوم سميجو. مخدوم معين جي ڏاڏي مخدوم طالب الله جو مريد هو. انهيءَ اعتقاد سبب هن پنهنجي نياڻي مخدوم طالب الله جي  فرزند مخدوم محمد امين سان شادي ڪرائي  جنهن مان علامه محمد معين پيدا ٿيو. ان لحاظ سان  فاضل خان علامه معين جو نانو آهي. شروع ۾ مسڪين حال هو، مدرسن ۽ مسجدن ۾ گدائي ۽ ڦقر جون ٽڪيون يا ماني وٺي تعليم حاصل ڪندو رهيو. هن فارسي لکپڙهه ۾ وڏي قابليت حاصل ڪئي ۽ انهيءَ ڀروسي تي هو شاهه جهان آباد (دهلي) روانو ٿي ويو، جتي اڳ ۾ ئي سلطان عالمگير جو مير منشي  ٺٽي جو رهاڪو قابل خان محمد  شفيع موجود هو، اتي هن جو علمي جوهر  چمڪندو نظر آيو ۽ سلطان عالمگير جي خدمت ۾ پهچي ويو ۽ شاهي خاندان جو داروغو مقرر ٿيو. آخر پنهنجي علمي قابليت سان ترقي ڪندي قابل خان جي جاءِ تي مير منشي مقرر ٿيو. سلطان پاران فاضل خان جو خطاب عطا ٿيس. آخر صدرالصدور جي عهدي تي وڃي پهتو.

        چون ٿا هڪ ڏينهن قابل خان محمد شفيع مير منشي پنهنجي حڪومت واري اوج جي زماني ۾ رستو ورتيون آيو ٿي ته ملا عثمان مٿس السلام عليڪم ڪيو، مگر هن صاحب کيس سلام جو جواب نه ڏنو. ڪنهن ماڻهو چيس ته تون به  ته هن جهڙو لائق ماڻهو آهين، آخر توکي و عليڪم السلام ڇو نه چيائين. جواب ۾ هي بيت ٺهه پهه پڙهيائين:

ميکشد آخر عدو را ناگهان تسليم ما

دست برسر رفته را تيغ کسر فهميده ايم

        هو فارسي انشا پردازي جو بيحد قابل هو، جنهن جا خط سندس  زماني ۾ ڏ اڍا مشهور هوا. شعر به ڏاڍو سهڻو چوندو  هو. فرمائي ٿو ته:

ما از نسيم جبهه گل رنج مي شويم

نازک تر از حباب شناسي دماغ ما

        سندس وفات سن 1096هه  ۾ ٿي ”رضوان پاءِ نگاه“ مان سن وفات جو حاصل ٿئي ٿو.

        ملا عبدالحڪيم عطا تتوي هيٺئين مصرعه مان تاريخ ڪڍي.

مشعل ملڪ سند گل شد حيف

1096

        ان تاريخي مصرعه تي جڏهن فاضل خان جي وارثن کيس صله (انعام) نه ڏنو ته غصه ۾ اچي في البديهه هيٺيون فقرو تاريخ لاءِ پيش ڪيائين. ”کاسه پهکر بشکست“ يعني ته پنڻ جو پيالو ڀڄي پيو. ان فقري ۾  فاضل خان شروعاتي ڄمار ۾ علم حاصل ڪرڻ وقت گدائي ڪرڻ پڙهڻ ڏانهن اشارو آهي. اگرچه هن فقري مان هڪ سال گهٽ نڪري ٿو. يعني سن 1095 مگر اهو معاف آهي.

(مقالات الشعراء)

 

256- مولوي محمد جعفر مرزا

        اصل شيراز جو رهاڪو ٻارهين صدي هجري جي پهرئين اڌ ۾ ٺٽي ۾ اچي پهتو ۽ اُتي ئي رهي ويو.  علامه مخدوم محمد معين سان سندس تعلقات پيدا ٿيا ۽ ان کان گهڻو ڪجهه علم ۽ فضل پرايائين. مخدوم صاحب کي به هن جي علم ۽ فضيلت جو اندازو معلوم ٿيو، جنهن ڪري ٺٽي جي ناظم شيخ شڪرالله جي معرفت مرزا جعفر جو احوال صاحبزاده محمد خداداد خان ولد ميان نور محمد ڪلهوڙي جي خدمت ۾ پهچارايائين، جنهن تي صاحبزاده مرزا کي ڏاڍي عزت سان پاڻ وٽ گهرايو ۽ ورهين جا ورهيه پاڻ وٽ رهائي ڇڏيائينس. خداداد خان مرزا جعفر جو علم فضل ۽ ڪماليت ڏسي، هن جو عاشق ٿي پيو، جنهن ڪري سندس معتمد عليه بنجي ايڏي اوج ۽ عروج کي پهتو، جنهن کان وڌيڪ تصور ڪري نٿو سگهجي.

        ڪجهه وقت کان پوءِ صاحبزاده خداداد خان تي شيخ شڪر الله ناظم ٺٽي جي قتل ڪرائڻ جو الزام لڳايو ويو، جنهن ڪري خداداد خان تي سندس والد ناراض ٿي پيو هو. پيءُ جي ناراضگي کان هندستان هليو ويو ۽ مولوي جعفر مرزا ڏولائي ۾ اچي ويو ۽ انهيءَ ڏک کان اکين کان صفا انڌو ٿي پيو، مگر پوءِ ستت ئي اکيون ٺهرايائين ۽ دنيا جي ديدار کان بهره ور ٿيو.، ايتري ۾ ميان نور محمد خان جو سڏ ٿيس جتي نهايت عزت آبرو سان پهتو. ميان صاحب جي دربار ۾ بيحد مرتبو حاصل ڪيائين. مرزا صاحب علم جفر رمل، عمليات جو وڏو ماهر هو، جنهن ڪري ميان نور محمد جي حڪم سان ”جامع جفر“ نالي ڪتاب لکڻ شروع ڪيائين، اڃا اهو ڪتاب پورو ئي نه ٿيو هو ته ميان صاحب هن دنيا  فاني مان رحلت ڪري ويو. ان کان پوءِ جڏهن ميان مرادياب خان وليعهد گادي تي ويٺو  تڏهن وري مرزا جعفر وٽس ساڳئي مرتبي تي پهتو، جيڪو سندس والد وٽ هو. مگر ڪجهه وقت کان پوءِ ڪي اهڙا سبب پيدا ٿيا، جو ميان صاحب مرزا کان ناراض ٿي پيو ۽ سندس نظرن مان ڪري پيو. مرزا صاحب اها ڳالهه برداشت ڪري نه سگهيو، جهن ڪري عراق جي زيارتن جي سفر لاءِ اجازت وٺي روانو ٿيو. واٽ ۾ ڪڪراله بندر وٽ رهڻ جو ارادو هوس، مگر اُتي جو ڄام اجمال ساڻس چڱي طرح پيش نه آيو، ڇاڪاڻ جو ڪلهوڙن ۽ ڄام جو هميشه تڪرار  رهندو هو. (مرزا کي ڪلهوڙن جو ماڻهو سمجهي ڄام چڱو برتاءُ نه ڪيو هوندو) آخر اُتان نااُميد ٿي وري ٺٽي ڏانهن واپس آيو. هن ارادي سان ته ڪراچي جي بندر کان عراق روانو  ٿئي. خاص انهيءَ زماني  ۾ ميان مرادياب خان به ٺٽي ۾ آيل هو، ۽ ڄام ڪڪراله سان جنگ ڪرڻ جي تيارين ۾ هو. ڪن حاسدن ميان صاحب جا ڪن ڀريا، هن ارادي سان ته شايد ڄام سان مرزا  جي ڪا ساز باز آهي، جنهن تي ميان صاحب مظلوم مرزا کي ٺٽي ۾ ٻن ٽن ڏينهن جي پهچڻ کان پوءِ قتل ڪرائي ڇڏيو. اهو واقعو سن 1167هه ۾ ٿي گذريو، مير قانع سندس تاريخ وفات هن مصرعه مان ڪڍي آهي. ”غريب زدام دنيا گشت آزاد)

(مقالات و تحفت الڪرام جلد دوم)

 

 

257- مخدوم حاجي محمد هاشم ٺٽوي

        عالم، عارف، قاري، حاجي، صوفي مولانا مخدوم محمد هاشم بن عبدالغفور بن عبدالرحمان بن محمد قاسم بن خيرالدين.

        مخدوم صاحب جو والد بٺوري ۾ رهندو هو، جتي 10 ربيع الاول سن 1104 هه حضرت مخدوم صاحب تولد ٿيو. سندس ولادت جي تاريخ هيٺئين عربي  فقري مان حاصل ٿئي ٿي.، انبت الله نباتا حسنا.

        مخدوم صاحب ابتدائي تعليم پنهنجي والد بزرگ وٽ حاصل ڪئي. فقط   ڇهن مهينن ۾ قرآن شريف ختم ڪيائين، ۽ ٻيا ڪجهه ڪتاب پڙهي باقي علم ٺٽي جي مشهور عالم مخدوم محمد سعيد ۽ مخدوم ضياءُ الدين وٽ ختم ڪيائين.

        علم حديث جي تحصيل مخدوم محمد معين وٽ ڪيائين. سمورو علم 9 سالن جي مختصر عرصي ۾ ختم ڪري ورتائين. ان وچ ۾ سندس والد 1113 ۾ وفات فرمائي ويو. مخدوم صاحب بٺوري جي لڳ  بهرام پور نالي هڪ ڳوٺ ۾ اچي مدرسه  قائم  ڪيو، جنهن ڪري ڳوٺ جي پيرن ۽ وڏيرن کي مخدوم صاحب جي نصيحت ۽ پابندي شرع ڏاڍي ڏکي لڳي. انهيءَ اڻ بڻت سبب مخدوم صاحب اُتان هجرت ڪري هميشه لاءِ مستقل طرح ٺٽي ۾ اچي رهيو. مخدوم صاحٻ ٺٽه ۾ علمي مدرسو فيض  ڏيڻ لاءِ جاري ڪيو، جنهن ڪري سوين طالب علم سندس درس ۾ اچي شريڪ ٿيا ۽ سندس علمي شهرت دوردراز ملڪن ۾ پهچڻ لڳي ۽ پري پري جا شاگرد سندس درس ۾ اچي شامل ٿيا.

        مخدوم  صاحب 1135 هجري ۾ حج جي ارادي سان حرمين شريفين روانا ٿيا. حج جي عبادت سان گڏ مڪه ۽ مدينه جي وڏن وڏن علمائن کان حديث ۽ تصوف جون اجازتون ۽ سندون حاصل ڪيائون. جيئن ته شيخ عبدالقادر صديقي مالڪي ۽ شيخ عبد بن علي مصري ۽ شيخ ابو طاهر مدني ۽ شيخ عبد علي بن عبدالملڪ دراوي کان فائدا حاصل ڪيائون، جنهن جو مفصل ذڪر ڪتاب ”اتحاف الاڪابر في مسايند شيخ عبدالقادر“ ۾ فرمايو اٿن. مخدوم صاحب کي مدينه شريف جي رهڻ واري زماني ۾ جمعرات 9 رجب 1136 ۾ حضور رسول الله صلي الله عليه وسلم جي زيارت جو شرف حاصل ٿيو، جنهن جو  ذڪر پنهنجي بعض تصانيف جي حاشيه ۾  ڪيو آهي ۽ پنهنجي دستخط سان اها ياداشت  لکي ڇڏي آهي.

        حج جي سفر تان موٽندي بندر سورت جي مشهور عالم عارف صوفي سيد مير سعد الله سورتي جي بيعت ڪيائين، جو هڪ وڏو عالم ۽ وقت جو  ڪامل بزرگ هو ۽ مخدوم محمد معين ٺٽوي به سندس معتقدن ماڻهو. مخدوم  صاحب ٻن سالن جي سفر کان پوءِ خيريت سان صفر سال 1137 ۾ ٺٽي ۾ اچي وارد ٿيو. حرمين جي سفر کان پوءِ هڪ نئون رنگ حاصل ڪري واپس ٿيو هو. علم حديث جو شغل اڳي کان وڌيڪ جاري رکيو ويو ۽ بدعات جي انڪار ۽ بيخ ڪني تي وڌيڪ زور ڏيڻ لڳو. ان ۾ ٺٽي ۾ ٻين بدعتن سان گڏ شيعي مذهب جو به زور هو. مخدوم صاحب تابوت سازي ۽ محرم جي ماتم کي  روڪڻ ۽ زالن کي قبرن تي وڃڻ واري بدعت کي روڪڻ تي ڏاڍو زور ڏنو، جنهن ۾ گهڻي حد تائين ڪامياب ٿيو.

        ميان غلام شاهه ڪلهوڙو حاڪم سنڌ جو مخدوم صاحب جي  معتقدن مان هو. تنهن کان مخدوم صاحب ٺٽي جي بدعات بند ڪرائڻ لاءِ هڪ سرڪاري پروانو حاصل ڪيو، جو بعينه هيٺ ڏجي ٿو:

عمال وکار پردازن حال و استقبال متعلقه اين

جانب بدانند که حسب م رقوم جناب مخدوم محمد

هاشم درباب اجرا و ترويج، مقدمات اسلام و منع ماتم

و تابوت وغيره بدعات ايام عاشورا و منع شرب جميع

مسڪرات و قمار بازي  ولولي بازي و زنان فاحشات

و مخنثين و منع رفتن زنان مسلمين در مقابرو کوهستان

و باغات و منع زنان مردان از نياحت در وقت تعزيت

و منع مصورين از صور ذوالارواح و منع هنود از هرهنه

کردن انوها در بازار و کوچها و دکانها. و منع

مسلمين از گرفتن لحيه قبل القبضه روکشيدن خط ريش

و گذاشتن سبلت و منع هنود از هولي و بهگت و سرود

مزامير و دهول نواقيس و سجده پيش اصنام و پيش دريا

بطريق علانيه زجر و توبيخ شديد نموده قدغن بليغ

نمايند که از رعايا متعرض و مرتکب حرمات و بدعات

نشده متنبهه گردد و نيز مسلمانان را در باب صلوات

و صيام و ديگر عبادات ماليه و جانيه تاکيد اکيد بعمل

آ رند که  احدي ارتکاب شرک آن نه نمايند. درين

باب تاکيد اکيد دانسته حسب السطور بعمل آ رندو

باب  بداهانت بر ذمه خود دانسته تخلف نه ورزند.

تحرير تاريخ 2 شهر شعبان سن 1172هه

        هن  سرڪاري حڪم نامي جي پهچڻ کان پوءِ ٺٽي مان محرم جون بدعتون ۽ ٻيون بڇڙايون ۽ غير شرعي ڪم گهڻي حد تائين ختم ٿي ويا ۽ ان جي برخلاف ڪن ماڻهن ڪوشش ورتي ۽ ميان غلام شاهه کي برغلائڻ گهريو، مگر نتيجو ان جي برعڪس نڪتو، يعني ته مرڳوئي ميان غلام شاهه مخدوم صاحب کي قاضي القضاة جو عهدو ڏئي، مخالفن جي طاقت کي ختم ڪري ڇڏيو.

(حيات محمد هاشم دستخط ميان غلام محمد ٺٽوي (1)

        مخدوم صاحب سان سندس معاصرين مان مخدوم محمد  قائم ۽  علامه محمد معين سان سوال جواب هليا آهن. خصوصا علامه معين  سان محرم  جي ماتم تي ۽ سڀني صحابين تي حضرت علي جي فضيلت ۽ ڏاڙهي کي مٺ کان گهٽ رکڻ تي رسالن جي صورت ۾ رد ڪد ٿيا آهن. يعني ته علامه محمد  معين انهن شين جو قائل هو ۽ مخدوم صاحب مخالف هو. ان باب  ۾ ڌرين جا رسالا موجود آهن. مير قانع لکي ٿو ته مخدوم معين هڪ رباعي ۾ لکي. يعني ته:

اي واعظ خوش ک لام شيرين پيغام

ممبر سواد گير گون کن تمام

باروي سيه خاک بسر فاش بگو

در تعزيت حسين صبر است حرام

        مخدوم محمد هاشم ان جي جواب ۾ هيٺئين رباعي فرمائي:

اي عاشق صادق محب خوش نام

در تعزيت حسين کن خو نه مدام

بانحوز دلت اشک همريز ز چشم

ليکن نه دهي را ز مخبت بعوام

(مقالات)

        مخدوم صاحب جي زماني ۾ شريعت جي حڪمن بيحد رواج ورتو ۽ هن جو حڪم مسلمان کان سواءِ غير مسلمن تي به هلندو هو. هن جي هٿ تي هزارين غير مسلمان اسلام تي آيا. وقت جي بادشاهن مان نادر شاهه ۽ احمد شاهه ابدالي سان سندس لکپڙهه هئي ۽ بادشاهه به سندس خواهشن موجب دين جي حڪمن جاري ڪرائڻ ۾ پوري پوري امداد ڪندا رهندا هئا. دين جو وجود غنيمت هو ۽ هر علم ۾ سندس تصنيفون آهن. (تحت الڪرام)

        مخدوم صاحب جي پوٽي ميان غلام محمد ڪل ننڍن  وڏن 150 ڪتابن جا نالا ڏيکاريا آهن، جي مخدوم صاحب جا تصنيف ٿيل آهن. سنڌي، فارسي ۽ عربي ٽنهي زبان ۾ سندس تصنيف آهي، جن مان ڪن ٿورن جا نالا ڏجن ٿا.

        بياض هاشمي (فقه) تفسير پاره تبارڪ (عربي) تفسير پاره عم (سنڌي نظم) جنت النعيم في  فضائل قرآن الکريم، الشفا في مسئله الراءِ، اللولوالمکنون في مد السڪون. تحفة القاري، رساله في وجود قراء ته وان من اهل الڪتاب. حياة القاري  باطرياف البخاري. اتحاف الاڪابر في مرويات الشيخ عبدالقادر. نور البصائر و غاية النيل في اختصار الاتحاف الذيل. الرحيق المختوم في وصل  اسانيد العلوم. غنيته الظريف بجمع المرويات واتصانيف. نظم الجواهر بذيل اتحان الاڪابر.، نورالعينين.  بذل القوي. فتح القوي في نسب النبي. وسيلة الفقير اليٰ اسماء البشير والنذير. روضة الصفا في اسماء المصطفيَ. نديقة الوصول اليٰ احباب الرسول. وسيلة القبول في حضرت الرسول. مظهرالانوار. حياة الصائمين.، رشف الزلال في تحقيق في الزوال. فيض الغني في تقدير صباع النبي. تصحيح المدرڪ و تهذيب الڪلام. فرائض الاسلام. فتح الڪلام في اسقاط الصلواة و الصيام. شد النطاق في مسئلة الطلاق تمام العناية. درهم الصرة في  وضع الدين. ترصيع الدرر. معيار النقاد. الشفاء الدائم، السيف الجلي علي  ساب البي، رساله في مسئلة السڪر، اجارت النجدة القول الانور في ليس الاحمر. حيات القلوب، فاکهة البستان راحة المومنين رساله در ذبح و شڪار. وصيت نامه. زادالسفينة اليٰ سالڪ المدينه. مناسک الحج، وسيلة الغريب اليٰ ديارالحبيب. الطريقه الاحمديه. تحفته الاخوان  في  حڪم شرب الد خان.  اصلاح لمقدمه الصلواة حمل السلاح عليٰ معاندا لا صلاح. ڪشف الستر في تقدير صدقته الفطر بسط البرده شرح قصيده  برده. نتيجته الفڪر في تحقيق صدقته الفطر. موهبته العظم في ارث شعر الرسول الکريم. التحفته المرغوبته في الدعاءِ بعدالمڪتوبه. زادالفقير. شرح مقدمه جرزي مسمي به رفع الخفاعن مسئلته الراء.بناءُ الاسلام.، قوت العاشقين.

        سنڌ جو هي نامور بزرگ عالم ذڪر قلبي جاري رکندي، ستر سالن جي ڄمار ۾ 6 رجب المرجب 1174 هه هن دنيا فاني مان لاڏاڻو ڪري، آخرت جي عالم ۾ وڃي آرامي ٿيو. سندس وفات حسرت آيات تي ٺٽي  جي شاعرن جيڪي مرثيا ۽ قطعات تاريخ لکيا سي هيٺ ڏجن ٿا:

از محمد پناهه تخلص رجا ٺٽوي

هزاران حيف صد افسوس صد آهه

که مخدوم خلائق رفت نا گاهه

زهي مخدوم عالم عالم سنڌ

دليل دين احمد هادي راه

زهي مخدوم عالم مشعل ملک

فروغ نور علمش برتر از ماه

زهي مخدوم عالم، عالم علم

که رونق دا  دين را گاهه بيگاه

نه اندر فقه و تفسير و احاديث

کجا مثلش بعلم قرآة آگاه

بجد و جهد ورع و زهد و تقويٰ

کمال دين بدست آورد دلخواه

بروز رحلت ان پاک دين و خلق

نه تنها کرد پيهم ناله و آه

که ابر آنروز از غم  زار بگريست

هوا حالش دگر گون شد باکراه

فتاده اندر زمين از آسمانها

عجائب کوکب دري شبا نگاه

پس از افتادن آن شعله نور

جناب حضرت حاجي حق آگاه

مبدل گشت احوال سير نعش

ز حالت سابق وي تا سحر گاه

از ان دم تا دم آخر مر او را

نبودش بر لبش جز اسم الله

گذشته از روز چون قدري دو ساعت

وجود شيخ فاني گشت في الله

ششم  تايرخ ز روز پنجشنبه

وقوع واقعه شد در رجب ماه

کدامي واقعه يک آفتي بود

چه قضيه قضيه دلگير جانکاه

بوقت نزع ذڪر از وي عجب نيست

که بود اين ذکر شغلش گاه بيگاه

بروئي تختئه غسل اين عجب دان

همانان داشت ذکر قلبي آن گاه

بنوعي از سماعش حاضران را

بر آمد بر زبان سبحان الله

صفات ذات آن مخدوم ديندار

که نفس الامر گويد  حاش لله

کمالات از تصافينش هويد است

چه گويم من چه گويم، قصه کوتاءِ

ز بهر اين چنين کامل وجودي

نگريد چشم کس استغفر الله

رجا تا چند جزع فزع خاموش

جميل است و جميل صبر هر گاه

رضا را تابع حکيم قضا کن

قدم  بگزار محکم اندرين راه

بحق حضرت مخدوم هاشم

کنون از درگهه حق مغفرت خواه

دل پر درد تسکين ده اکنون

که فضل ايزد يها اوست همراه

بشارت دو ازين بخشش بخدام

ترا هاتف چوکرد از سر آگاه

بلند آواز گو سال وصالش

بهشتش داد ايز د منزل  جاه

1174

از غلام علي تخلص مداح تتوي

در اين زمانه که بر وفق خواهش ازلي

نمود است بعالم نزول قحط رجال

بود دريغ که بربست رخت زين عالم

مدار دائره علم و آسمان کمال

به پنجشنبه ششم از رجب قريب بپاس

گذشته بود به هفتاد سالگي اين حال

معين دين شريف محمد عربي

مزيل رسم ضلالت ز روي استقلال

مه سپهر کرامت محمد هاشم

که بود خاطرش از نور علم مالا مال

چو سال رحلت او ز عقل جستم گفت

که انه دخل الجنت هست سال و صال

1174

از محمد رفيع تتوي

ناگهان برخواست ماتم در جهان با شور شين

حشر شد ظاهر المها کرد در عالم نزول

آسمان تاريک گشته و ابرمي ناليد زار

جن و انسان، و ملک حيران و پريشان وملول

چون چنين ديدم برسيدم، شنيدم اين ندا

کرد رحلت از جهان سر دفتر اهل قبول

نير برج  شريعت ماحي کفر ظلام

واقف سر حقيقت عالم علم اصول

چون بجستم سال فوتِ آن بهار باغ دين

هاتفم گفتا که گل شد مشعل دين رسول

1174

از مرزا غلام علي بيگ تتوي

حيف از رحلت آن مرد فقيه و عالم

که بحق بود بهر امرو نواهي حاکم

قوت شرع ز  بازوئي علومش محکم

بود اسلام  با يجاد قيامش قائم

داد هر مور ضعيفي چو سليمان مي داد

حل هر  عقد همين کرد ز نقش خاتم

ششم از شهر رجب بود در ايام خميس

سال فوتش چون ازين دار فنا شد عازم

گفت هاتف ز گلستان جهان باز پريد

طائر قدس بفردوس محمد هاشم

1174

از ميان محمد رحيم تتوي

بو حنيفه عصر خاذل اهل کفر

رخت خود بسته سوءِ جنت شتافت

سال فوتش ز خرد جستم بگفت

در جوار مصطفيٰ ماواي يافت

1174

از محمد احسن خان تتوي

کرد رحلت ز عالم فاني

مقتدائي علوم  رباني

گفت تاريخ هاتفم با آه

جعل الله جنة مثواه

1174

 

فائده: هي سموريون منظوم تاريخون ٺٽي جي مير قانع جي اولاد وٽان سندن قلمي ڪتب خانه مان هٿ لڳيون، جي هت درج ڪيون وڃن ٿيون. (وفائي)

 

 

258- مخدوم حاجي محمد قائم تتوي

        عالم،فاضل، حاجي حافظ سمورن ڪسبي ۽ وهبي علمن جو جامع مخدوم محمد قائم.

        اصل ۾ ٺٽي جي ٻهراڙي جو رهاڪو هو. علم جي تحصيل لاءِ ٺٽي ۾ مخدوم رحمت الله جي درس ۾ اچي شريڪ ٿيو. علومن جي تحصيل کان پوءِ ٺٽي ۾ ئي رهجي ويو. مخدوم محمد قائم، وقت جي وڏن عالمن، جهڙوڪ: مخدوم محمد معين ۽ مخدوم محمد هاشم جو همعصر ۽ همسر هو، بلڪ طبع جي ذڪاوت ۾ انهن ٻنهين بزرگن کان وڌيڪ ذهين ۽ ذڪي هو. حافظو يا يادگيرو ايڏو قوي هوس، جو ڪتاب جي ڏسڻ کان سواءِ ورقن جا ورق ياد هوندا هوس ۽ ڪتاب جي فصل ۽ باب جو حوالو ڏيندو هليو ويندو هو. ٻين کي اُن جي  ڳولا ۾ گهڻي محنت ڪرڻي پوندي هئي. علماءِ وقت سان سندس صحبتون ۽ مناظرا رهندا آيا  ٿي، خصوصا مخدوم  محمد هاشم صاحب سان رد ڪد ٿي گذريا.

        مخدوم صاحب شيخ ابوالحسن جي سنڌي مقدمة الصلوات جي اصلاح طور هڪ مضمون لکيو ته مخدوم محمد  قائم ان تي رد ڪيو، جنهن تي مخدوم صاحب هڪ رساله حمل السلاح  عليٰ عقائد الاصلاح جي نالي لکي پنهنجي همعصر محمد قائم کي جواب ڏنو.

        ٺٽي جي قاضي غلام علي کي به مخدوم صاحب  سان مناظرا رهيا. قرآن ڏاڍو دردناڪ لهجي ۾ پڙهندو هو، جنهن جو ٻڌندڙن تي ڏاڍو اثر پوندو هو. حديث جي علم ۾ ثقه ۽ پڪو محدث  سمجهيو ويندو هو. هن پهريون دفعو حج سن 1145 ۾ ڪيو ۽ اتي جي عالمن خاص طرح شيخ عبدالقادر مڪي مالڪي کان حڊيث جي سند حاصل ڪري ٺٽي واپس آيو ۽ ان کان پوءِ ٺٽي ۾ روزانو عصر جي نماز کان پوءِ حديث جو عام درس ڏيندو هو، جنهن ڪري تمام گهڻن ماڻهن کي ان مان فائدو پهچندو هو.

        پهرين دفعي حج جي سفر تان جڏهن واپس ٿيو ٿي، تڏهن جنهن به شهر ۾ منزل ٿي ڪيائين ته وڏي شان ۽ عزت سان ماڻهن سندس  استقبال ڪيو ۽ سندس وجود کي غنيمت ۽ تبرڪ سمجهي پيش آيا ٿي. خصوصا سورت بندر ۾ سندس ايڏو غلغو  بلند ٿيو جو بيان کان ٻاهر آهي. اُن وقت سندس ڄمار فقط ٽيهن سالن جي هئي. ٻئي دفعي سن 1150 هه ۾ ٺٽي مان بلڪل هجرت ڪري مدينه شريف روانو ٿي ويو، اتي ئي وطن ڪري وڃي ويٺو. حرم نبوي ۾ درس حديث جي خدمت تي مقرر ٿيو، جتي سوين ماڻهن هن جي وجود مان فائدو پرايو. سنڌ ۾ پنهنجا وڏا مشهور شاگرد ڇڏي ويو. مولوي محمد باقر واعظ تتوي ۽ مخدوم نور محمد نصرپوري، جي پنهنجي وقت جا وڏا عالم فاضل ٿي گذريا آهن.

        هو ڪڏهن ڪڏهن فارسي شعر به ڏاڍي سليس ۽ سادي انداز ۾ چوندو هو. هيٺ سندس هڪ نظم ڏجي ٿي جا علم هيئت ۽ نجم جي مسئلن سان لاڳاپو رکي ٿي، غور ڪندڙن لاءِ فائدي کان خالي ناهي. جنهن ڪري هيٺ ڏجي ٿي.

قطعه در ادستخراج تحويل شمس

گر تو خواهي که برج شمس کدام

بنگري هجرت رسول همام

باد بر روح اطهرش هردم

بروئي و آل او درود و سلام

طرح کن يک هزار سه صد زان

انچه ماند بکن تو ضرب تمام

در عدد يا زده پس آنکه همه

بسپاري بحافظ بدوام

ثمن مضروب و پنج ديگر هم

وضع کن تا شود حساب دوام

نيست در ثمن گر کسر فبها

ور بود نصف فوق ش آر تمام

و آنچڇه از نصف کمترين باشد

نيست محبوب نزد اهل کلام

آنچه پس وضع ماندان موسوم

گشته محفوظ اوليت نام

آنچه بگذاشت باشد از قمري

بشمار اندرش و ضا و ظلام

سي دهم بيست نه  مساوي دان

سرمدا دائما علي الا عوام

پس بکن طرح اول از ثاني

گر بود م مکن اي سعيد انجام

ورنه دوري زياده کن تو  بران

سصد و شصت پنجگان ايام

آنچ باقي بود بکن تقسيم

از ترازو و ابتدائي خوشه ختام

هر کجا منتهي شود عددت

اندران نزل آفتاب المام

بهر خوشنودي خدا و رسول

کشف کردم ازين جزيره شمنام

چونکه منظوم سهل الحفظ است

وضع کردم بطرف تمام

يا رب اين کثرت گناه مبين

منخرف سلک عفو رکن علام

رشته عفو تو دراز بسي است

گر شود نظم اين حقير چه نام

بهر مبعوث اسودو احمر

سيد اصفيا کرام و عظام

        مخدوم محمد قائم جا عربي زبان ۾ ڪجهه رسالا ۽ تصنيفات به آهن، جن مان حل العقود ۽ سخة العلام في  مسائل الا اسلام نظر مان گذريا آهن. پوئين دفعي مديني شريف ڏانهن هجرت ڪرڻ کان پوءِ هن بزرگ 7 سال اتي درس حديث جو ڏئي سن 1157 ۾ هن دنيا کان رحلت ڪري، خيرالابرار جي جوار ۾ آسودو ٿيو ۽ مخدوم محمد حيات سنڌي مدني جي مقبره اندر جنت البقيع ۾ دفن ڪيو ويو.

        مير قانع تتوي سندس تاريخ وفات في جنات تجري مان ڪڍي آهي.                                           1157

 (تحفت الڪرام و مقالات)


(1)  اهو صاحب مخدوم صاحب جي اولاد مان آهي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org