سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: تذڪره مشاهير سنڌ (ڀاڱو ٻيو)

 

صفحو : 9

203- مخدوم اسد الله کهڙوي

        مخدوم اسد الله ولد مخدوم احمد (متوفي 870) هو وڏو فاضل متبحر صوفي باصفا به هڪڙو ئي هو. شريعت جي حڪمن جاري ڪرڻ ۾ اسم باسميٰ هو. سندس زماني ۾ همايون بادشاهه جڏهن سنڌ ۾ آيو ته مخدوم صاحب جي ساڻس ملاقات ٿي. همايون کائونس دعا گهرائي ته دهلي جو تخت وري واپس کيس نصيب ٿئي. همايون جي وفات سن 963 کانپوءِ جڏهن سندس فرزند جلال الدين محمد اڪبر 14 سالن جي ڄمار ۾ تخت تي ويٺو ته هن شروع ۾ سموري سلطنت جو انتظام شرعي نموني ۾ ئي رکيو ۽ هر هڪ ملڪ ۾ استهار موڪليائين ته شريعت جي حڪمن کي جاري ڪري بدعت ۽ گمراهي جون پاڙون پٽيون وڃن. سنڌ ۾ مخدوم موصوف ته اڳ ۾ ئي انهيءَ ڪم سان لڳل هو. مگر ان زماني ۾ ڪن هندن ٻڌي ڪري بادشاهه کي عريضو موڪليو ته اسد نالي هڪ ماڻهو اسان تي ظلم زبردستي جاري رکي  رهيو آهي. جادو سحر سان ماڻهن کي غلط رستي تي هلائي رهيو آهي. مخدوم صاحب کي جڏهن اها سڌ پيئي، تڏهن هڪ عريضو پنهنجي شرعي خدمات بابت لکي قاصد هٿان بادشاهه جي  دربار ۾ موڪليائين. جڏهن اهو عريضو بادشاهه جي نظرن مان  گذريو ۽ شرعي حڪمن جاري ٿيڻ جو احوال معلوم ڪيائين. تڏهن بادشاهه ڏاڍو خوش ٿيو. هڪ پروانو مخدوم صاحب جي نالي روانو ڪيائين ته سنڌ جي فضا ۽ فتويٰ سندس وجود سان وابسته رهي. بيشڪ شرعي حڪم جاري فرمائيندو اچي.  ان کانپوءِ پاڻ کهڙن جي لڳ پپري جي شهر ۾ رهيا. اتي هڪ مسجد به اڏايائون ۽ اتي ئي وفات فرمايائون اهو سال 966 جو واقعو آهي.

 

 

204-  مخدوم جلال الدين کهڙوي

        جلال الدين بن اسد الله عباسي، پنهنجي والد جي وفات کانپوءِ شرع  شريف جي مسند تي متمڪن ٿيو. ظاهري علم سان گڏ باطني ذوق جو مالڪ ۽ وڏو عابد صاحب حال جو هو. سموري ڄمار شريعت جي مضبوطي ۽ درس تدريس ۾ گذاري سن 1027هه ۾ رحلت فرمايائين.

قطعه تاريخ

جمال ز دين حق ترا کافي ست

به پيش حضور نبي شافي ست

خرد سال آن شيخ عالم تقي

بگفتا که شيخ زمن هادي ست

          1027

(آئينه جهان نما)

 

 

205- مخدوم يحييٰ بن جلال الدين کهڙوي

        مخدوم يحيٰ وڏن درجن ۽ وڏين ڪرامتن جو مالڪ هو. وڏو عالم ۽ فقيهه مصنف ٿي گذريو آهي. پنهنجي والد مخدوم جلال الدين جي جاءِ تي ظاهري ۽ باطني فيض سان ماڻهن کي مالا مال ڪندو رهيو. سندس لقب بدرالدين رکيل هو. هن جي تاليفات مان اساس المصلي، رساله در توحيد، رساله در فرائض واجبات نماز يادگار آهن. سال 1041 ۾ وصال فرمايائين.

قطعه تاريخ

جناب زنده شيخ معلي – که بدر دين لقب نامش يحيٰ

چون تاريخ وصول جستم – خود گفتا که فاصل علم اعليٰ

1041

 

206- مخدوم عبدالخالق کهڙوي

        عبدالخالق  بن بدرالدين يحيٰ. اهو بزرگ پريون ئي انهيءَ خاندان مان جو پپري (تعلقه گمبٽ) مان نقل ڪري کهڙن جي شهر ۾ اچي رهيو هو. جتي اباڻي طريقي تي دين جي تجديد ۽ شريعت کي جاري رکيائين. آخر سن 1062 ۾ وفات فرمايائين.

قطعه تاريخ

از بروج فياض علم و عمل

 

 

207- مخدوم محمد عاقل اول

        مخدوم عاقل ولد عبدالخالق، عالم فاضل زاهد صوفي عارف هو. سمورو وقت زهد عبادت ۽ شرعي حڪمن جي جاري ڪرڻ ۾ صرف ڪندو رهندو  هو. چون ٿا ته هڪ رات کيس حضرت رسول الله صلي الله عليه وسلم ۽ چئن يارن سڳورن ۽ سيدنا عبدالقادر جيلاني ۽ شيخ عثمان مروندي لعل شهباز سيوهاڻي جي پنهنجي ڳوٺ کهڙن ۾ خواب يا ڪشف جي حالت ۾ زيارت نصيب ٿي. حضور رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم هن صاحب کي ”مخدوم“ جو لقب عطا فرمائي سيدنا ابوبڪر صديق جي معرفت فضيلت جي پڳ ٻڌائي ۽ سندس اولاد ۾ علم ۽ فيض جي بقا لاءِ دعا فرمائي.

        هن بزرگ انهيءَ واقعي کان پوءِ پنهنجي اولاد کي وصيت فرمائي ڇڏي ته آئنده جڏهن  به ڪو قضا جي گادي تي  ويهي ته اُهو پهريان سيوهڻ وڃي مخدوم لعل شهباز قلندر جي درگاهه تي دستاربندي ڪرائي ان کانپوءِ ڪم ڪار کي لڳي. اهارسم آخر وقت تائين انهيءَ خاندان ۾ جاري رهندي آئي آهي.

        مخدوم محمد عاقل جي وفات 1092 ۾ ٿي گذري

قطعه تاريخ

عظيم و فاضل و عاقل زمانه – شهه اهل کرم  عاقل محمد

وصالش قطب افضل اهل دل گو – بود پاکيزه دم عاقل محمد

1092

(آئينه جهان نما)

 

 

208- مخدوم محمد ثاني کهڙوي

        محمد بن مخدوم محمد عاقل، عالم فاضل، ظاهري  ۽ باطني علمن جو جامع، قادري طريقي جو وڏو پير ڪرامتن جو مالڪ هو. آبائي رواج موجب هميشه شريعت جي حڪمن جاري ڪرڻ ۾ گهڻي ڪوشش وٺندو رهندو هو.

        روايت آهي، ڳوٺ ترائي (حال تعلقه ڳڙهي ياسين) ۾ وڏيري جلال خان ابڙي هڪ اهڙي هندو کي پناهه ڏني هئي. جنهن کان اسلام جا ڪلما صادر ٿي چڪا هوا. مخدوم انهي هندو جي بازو هٿ ڪرڻ لاءِ جماعت سان جلال ابڙي وٽ چڙهي ويو. مگر هن نه مڃيو، جنهن تي مخدوم صاحب شهر لاءِ بد دعا ڪئي،  نتيجو اهو نڪتو، سمورو شهري سڙي خاڪ ٿي ويو. جلال خان جي والده مخدوم صاحب جي خدمت ۾ اچي دعا لاءِ منٿون ۽ زاري ڪئي جنهن تي پاڻ فرمايائون:

سڙي لوٺ منجهان هڪ مورو پيدا ٿيو

        جنهن کانپوءِ خير ٿيو. مگر اڄ تائين انهي بد دعا جو اثر انهيءَ شهر ۾ باقي نظر ايندو آهي،  سندس وفات کان پوءِ ڪيترا ماڻهو هن بزرگ جي مقبري تي زيارت لاءِ ايندا آهن. ۽ سندس ڪرامتن جا قائل آهن. مماتي ۾ سندس ڪرامتن جو تفصيل تاريخ ”آئينه جهان نما“ ۾ تفصيل سان ڏيکاريل آهي.

        هن بزرگ سال 1122  ۾ هن دنيا فاني مان وفات فرمائي.

قطعه تاريخ

چون ازين دنيا بفردوس برين – حضرت مخدوم محمد دستگير

هست سلطان المشائخ رحلتش – بازگو سال وصالش شيخ پير

        112                                    1122

 

209- مخدوم عبدالرحمان  شهيد کهڙوي

مخدوم عبدالرحمان  ولد  مخدوم   محمد عباسي، عالم عامل عارف ڪامل صاحب طريقت ۽ شريعت هو. ڪڏهن جذبي جي حالت ۾ اهڙا ڪلما به سندس  زبان مان نڪري ويندا هوا، جو شريعت ۾ نامناسب آهن، جڏهن هوش ۾ ايندو هو ته ان کان توبهه ڪندو هو. شريعت جي رواج ڏيارڻ ۾ بيحد ڪوشش کي لڳو رهيو. ان وقت  ميان  نور محمد ڪلهڙي جي سنڌ تي حڪومت هئي. ۽ اسلام جي خادمن ۽ مخدومن  جو دين جي رواج ڏيارڻ ۾ ڏاڍو زور هو. هڪ دفعي جو  واقعو آهي ته مخدوم صاحب  مسجد جي الهندي کان واهه جي ڪناري تي ويٺا هوا ته اوچتو هڪ مجذوب صفا ننگو پاڻي مان ٻاهر نڪري مخدوم صاحب جي سامهون اچي بيٺو. مخدوم صاحب شريعت  موجب هن کي اوگهڙ ڍڪڻ لاءِ چيو. مگر نه مڃيو. پوءِ پنهنجي هٿن سان کيس ڍڪڻ لاءِ سڄي ٻانهن چوريائون ته اها خشڪ ٿي پئي. وري کٻي ٻانهن چوريائون ته اُن به ڪم نه ڏنو. آخر مخدوم صاحب هن ڏانهن شرعي حڪم جي پورائي ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌيو ته سمورو بدن سڪي مُڪي ٿي پيس. مطلب ته فقير جي  ڪرامت سان مخدوم صاحب جو بدن طاقت ڇڏي نست ۽ خشڪ ٿي پيو. مگر هو صاحب شريعت جي برخلاف اگهاڙو ٿيو بيٺو هو، انکي تنبيهه ڪرڻ کان باز نه آيا. آخر اهو فقير ٿوري وقت لاءِ اکين کان غائب ٿي ڪپڙا ڍڪي، مخدوم صاحب جي خدمت ۾  اچي پهتو ۽ کيس ڀاڪر پائي دعا ڪيائين ته الله تعاليٰ تنهنجي عضون ۾ برڪت ۽ سگهه ڏئي جو شريعت جي حڪم پوري ڪرڻ لاءِ چوريا اٿوَ. هي اوهان جو امتحان هو جو ٿي گذريو. آئينه جهان جو مصنف لکي ٿو ته اهو خضر عليه السلام هو. مگر عقل قبول نه ٿو ڪري ته ڪو خضر عليه السلام اگهاڙو ٿي ماڻهن ۾ اچي بيهندو. شايد ڪو ٻيو فقير هوندو، جيڪو  مخدوم صاحب جي امتحان لاءِ آيو هجي.

        سندس دوستن مان گهوٽڪي شريف جو مشهور سيد ميان موسيٰ شاهه هڪ وڏو بزرگ ڪامل صاحب شريعت ٿي گذريو آهي. سيد صاحب هميشه مخدوم صاحب جي ملاقات لاءِ  کهڙن ۾ ايندو هو، ۽ کهڙن کان 4 ميل پري ميان جاڙل شاهه جي ڳوٺ ۾ پيادل پنڌ ڪري مخدوم صحب وٽ اچي پهچندو هو. مخدوم صاحب جي شهيد ٿيڻ کانپوءِ سندس عيال و اطفال جي سنڀال لاءِ به پير صاحب 9 مهينا کهڙن ۾ رهي پيو هو. سلسله قادريه جو وڏو پير بزرگ هو.

        مخدوم صاحب وصيت ڪئي هئي ته اسان جي وفات کانپوءِ ختم يا خيرات جيڪا به اسان جي نالي ڪئي وڃي، تنهن ۾ پير موسيٰ شاهه جو نالو به ورتو وڃي، نه ته اسان کي نامنظور آهي.  مخدوم صاحب جي ڪامل مريدن ۽ خليفن مان  فقير چنيه نالي  اُڄڻ به هو. جن جي درگاهه اڃان تائين کهڙن ۾ موجود آهي. خليفه جمعه کهڙو به سندس ڪامل مريدن مان هو. اهڙي طرح دوستن مان روهڙي جي مشهور رضوي سادات مان سيد حيدر حقاني بکري به هو. جنهن ڪري روهڙي جي ساداتن جو تمام  پوئين وقت تائين هن خاندان سان دوستي ۽ محبت ۽ اخلاص جو رستو  هلندو آيو ٿي.

        مخدوم صاحب جو هڪ طرف کان شريعت جو زور هو ته ٻئي طرف کان سندن مريدن ۽ معتقدن جون جماعتون پيدا ٿينديون  ويون. جي ڪڏهن شرعي معاملو پيش ايندو يا ڪنهن هندو کي  مسلمان بنائڻ تي تڪرار ٿيندو ته 12 هزارن تائين ماڻهو مخدوم صاحب جي اردگرد جمع ٿي ويندا هوا. اهي خبرون وقت جي حاڪم ميان  نور محمد ڪلهوڙي تائين پهچنديون رهنديون هيون. هو سمجهندو هو ته جيڪڏهن مخدوم صاحب ان طرح زور وٺي ويو ته پوءِ حڪومت لاءِ چڱو ڪونه آهي.

        هڪ دفعي جو واقعو آهي ته روهڙي جي رضوي سيدن جي جاگيرن جا پروانه  جيڪي سرڪار پاران جاري ڪيل هوا. سي ميان نور محمد ڪن سببن ڪري رد ڪرائي ڇڏيا. ساداتن مخدوم صاحب کي اچي منٿ ڪئي ته اوهان ميان نور محمد ڏانهن ميڙ ٿي هلو. جنهن تي پاڻ پهريان انڪار ڪيائون مگر پوءِ گهڻي زور آڻڻ تي خدا آباد ڏانهن هزارن ماڻهن جي انبوهه سان روانا ٿيا. سندس آمد جا اطلاع ميان نور محمد جي  دربار ۾ پهچڻ لڳا. ميان نور محمد جو قاعدو هو ته ڪنهن به ماڻهو لاءِ ڪچهري ۾ نه اُٿندو هو، پر ويٺي ئي هنجي مرحبا ڪندو هو. مخدوم صاحب جي جماعتي طاقت ۽ عباسي  نسب هجڻ ڪري کيس دل ۾ آيو ته سندس خدمت ۾ اٿڻ به  ڏکيو آهي ۽ وري اٿڻ به عزت جي برخلاف آهي. تنهن ڪري هي تدبير ڪئي وئي ته مخدوم صاحب کي اڳ ۾ ڪچهري ۾ آندو وڃي. ان کانپوءِ ميان صاحب داخل ٿئي ته جيئن مخدوم کي ئي هن لاءِ اٿڻو پوي. پر ٿيو ڇا جو  جڏهن مخدوم صاحب ڪچهري ۾ داخل  ٿيو ته ميان صاحب کي نه ڏٺائين ته اُتي چادر وڇائي  نفل شروع ڪري ڏنائون. ايتري ۾ ميان صاحب به آيو ته پاڻ التحيات ۾ هوا، ميان صاحب پنهنجي مسند تي اچي ويٺو،. مخدوم سلام  ورايو ته اتي ويٺي ويٺي هڪٻئي سان خوش آمديد ۽ مرحبا ڪيائون.

        مخدوم صاحب احوال ڏيندي فرمايو ته ميان صاحب اوهان وٽ ڀات ڀات جا عمده ڪتا به هوندا. ميان صاحب هائو ڪندي، هندستان ۽ خراسان ۽ گجرات جا ڪتا، مخدوم صاحب جي ڏيکارڻ لاءِ آڻي حاضر ڪيا. مخدوم فرمايو ته اسان کي ڪتن جي ضرورت ڪانه آهي، پر ڪتن کي ڏسي هڪ حديث ياد آئي آهي. ته حضور رسول الله صلي الله عليه وسلم فرمايو آهي ته خيرات يا صدقو ڏئي  موٽائيندڙ ڪتي جهڙو آهي، جو قئي ڪري وري ان کي پاڻ کائيندو آهي. شايد ميان صاحب وٽ جو تمام گهڻا ڪتا آهن، تن جي عادت منجهس اثر ڪيو آهي جو صدقات اڳوڻن حاڪمن جيڪي روهڙي جي سيدن کي ڏنيون آهن، سي وري واپس وٺو ٿا. ائين چئي دعا خير گهري روانا ٿي پنهنجي رهڻ واري اوطاق تي  اچي پهتا.

        ميان نور محمد  هڪ داناءَ حاڪم هو. تنهن هڪ منشي ۽ پنهنجي مهر سميت مخدوم شهيد ڏانهن روانو ڪري ڏنو ته جو ڪجهه وڻيوَ اهو پروانو لکائي مهر ڪري ساداتن جي حوالي ڪريو. جنهن تي مخدوم صاحب جاگيرن جا سمورا پروانا لکرائي بحال ڪرائي واپس  ٿيو. ظاهري ۾ ميان ائين ڪيو. پر باطن ۾ ڪتي سان مشابهت ڏيڻ وارو  مثال سندس دل ۾ تير وانگر ڇپي رهيو هو. هن کي يقين ٿيو ته ايڏي بي عزتي جي جرات فقط اهو  ماڻهو ڪري سگهي ٿو، جنهن کي هن بادشاهت هٿ ڪرڻ جو حوصلو هوندو. باقي ٻين کي ڇا مجال آهي. تنهن ڪري هن تاڙ ۾ رهيو ته ڪو وجهه ملي ته مخدوم صاحب کي ختم ڪرايو وڃي. ان وچ ۾ ڇا ٿيو جو هڪ مجذوب آئيداس نالي  ڍڳي تي چڙهي، کهڙن  جي بازار ۽ گهٽين ۾ هلندو رهندو هو. حقو هٿ ۾ هوس جو پيئندو ۽ چوندو رهيو ٿي ته منهنجو نالو آئيداس آهي. رمضان جو مهينو ۽  مخدوم صاحب جي شرعي حڪومت ۾ ماڻهن کي اها  ڳالهه ڏاڍي ڏکي لڳي،  کيس حقي پيئڻ کان گهڻي منع ڪيائون پر باز نه آيو.  آخر مخدوم صاحب جي خدمت ۾ اهو واقعو پيش ڪيائون. پنهنجي خليفي کي حڪم ڪيائين ته  مجذوب کي منع ڪريو. جيڪڏهن منع سان نه مڙي ته ته کيس تعذير   ڏيو. خليفي جماعت سميت وڃي هن کي سمجهايو.  مگر هن ڪنهن جي پرواهه به نه ڪئي. آخر کيس پٿر هڻڻ لڳا، مگر هن کي ڪوبه پٿر ڪونه لڳو ٿي. آخر مخدوم صاحب سان احوال ڪيو ويو. فرمايائين  هاڻي وڃي پڪڙيوس  جو  اسان هن تي ڪلام دم ڪريون ٿا. گفتار ڪري وٺي اچوس. پوءِ خليفي هن ڏانهن جنڀ اڇلائي ته ڍڳي تان ڪري پيو. ۽ کيس گرفتار ڪري مخدوم صاحب وٽ وٺي آيس. مخدوم صاحب فرمايو ته هن کي 220 درا هڻو ۽ هنجو ڍڳو ڪهي، خيرات ڪري کارائي ڇڏيو. مجذوب چيو ته جيڪو به منهنجو ڍڳو کائيندو سوبه ڍڳي  وانگي ڪسي ويندو. مخدوم صاحب وراڻيو ته جيڪو به تنهن جي ڍڳي جي ٻوٽي کائيندو تنهن تان دوزخ جي باهه حرام ٿي ويندي. آخر فقير کي 220 درا هنيائون ۽ ڍڳو ڪهي کاڌائون. جنهن کانپوءِ مخدوم صاحب ۽ سندس جماعت جو واقعو پيش آيو. ٿيو به ائين جو جن ڍڳو کاڌو تن شهادت جو شربت پيتو ۽ جن نه کاڌو سي بچي ويا.

شهادت جو واقعو

        کهڙن لڳ فقير حاجي منگي – جي ڳوٺ ۾ هڪ مڱڻهار مسڪين  رهندو هو. جنهن جي زال ڏاڍي خوبصورت ۽ نوجوان حسين هئي. ۽ هڪ سيد صاحب هن عورت سان کريل هو. ۽ مڱڻهار فقير کان زوري زال کسي ان سان زنا ڪندو رهندو هو.

        هو غريب زال وٺي مخدوم  صاحب وٽ اچي فريادي ٿيو ته مون کي هن ظالم سيد کان بچاءُ ملي ۽ هي ٻانهن پنهنجي پناهه ۾ وٺو. مخدوم صاحب ساداتن جي معتبر فردن کي خط لکيو ته اوهان پنهنجي نوجوان سيد کي روڪيو ته انهيءَ بدڪاري کان باز اچي،  جيڪڏهن نٿو مڙي ته مڱڻهار فقير کان 3 طلاقون زال کي ڏياري پوءِ شريعت موجب نڪاح ۾ آڻي. انهيءَ خط کانپوءِ معزز ساداتن گهڻو ئي هن  بدڪار  نوجوان کي سمجهايو مگر هو باز نه آيو. آخر مخدوم صاحب انهي مڱڻهار کي سندس زال سميت روهڙي جي حاڪم ڏانهن روانو ڪيو. جو اُن وقت ميان نور محمد پاران معين  نالي ڏيٿو ذات جو مقرر هو.  مڱڻهار جي بچاءُ لاءِ مخدوم صاحب پنهنجو نوڪر زيرڪ نالي ۽ ٻيا به ڪي ماڻهو ساڻ ڪري روانو ڪيو. هوڏانهن اها خبر جڏهن بدڪار سيد کي  پيئي. ڇا ڪيائين جو کهڙن جي لڳ شاهه جاڙي جي مقام وٽ ڪيترا ماڻهو وٺي  عورت جي زوري کسڻ لاءِ اچي بيٺو. جڏهن مخدوم صاحب جا ماڻهو اُتي پهتا تڏهن ڌرين جو مقابلو ٿيو، زيرڪ گهڻوئي سيد کي سمجهايو ته مُڙي وڃو، مگر هو باز نه آيا. آخر ڌرين ۾ منهن مقابلو ترار هلڻ لڳي. ڌرين جا ڪيترا ماڻهو زخمي ٿي پيا. هڪ سيد واصل شاهه نالي کي زيرڪ جي اهڙي ضرب لڳي جو هو ٿڏي تي مري پيو جنهن تي سيدن  جماعت ٺاهي مقتول جو لاش کڻي روهڙي ۾ حاڪم وٽ فريادي ٿيا. هن کي اڳ ۾ ئي مخدوم صاحب سان ميان  نور محمد جي عداوت ۽ اندروني ڪيني جو پتو پيو هو. هن کي پورو وجهه ملي ويو. جنهن کي  گهڻو وڌائي ميان نور محمد ڏانهن مخدوم صاحب جي برخلاف لکيائين. خون جي بدلي جو وجهه ميان نور محمد لاءِ هڪ سونهري موقعو هو. تنهن دائود نالي قوم قصاص کي حڪم لکيو ته فوج ڪاهي وڃي مخدوم صاحب کي سيد جي بدلي شهيد ڪري. دائود فوج ڪاهي کهڙن جي ٻاهران اچي گهيرو وڌو ۽ جنگ جو انتظار ڪري رهيو هو ته من مخدوم صاحب پاران به ڪجهه چر پر ٿئي. اها ڳاهه ٻڌي هزارين ماڻهو مخدوم صاحب وٽ امداد ڪرڻ ۽ جنگ ۾ سر ڏيڻ لاءِ ايندا رهيا،  مگر هن بزرگ سڀني کي اجازت ڏني ته اسان کي مقابلو ڪرڻو ناهي. جيڪڏهن اڳرائي ڪري اسان کي شهيد به ڪندا ته انڪار به ڪونه آهي. حاصل ڪلام ته جماعتي جن ۾ عالم، حافظ، سيد ۽ ٻيا نيڪوڪار ماڻهو هوا، ظهر جي نماز کانپوءِ  مسجد ۾ مراقبو ڪري روبه قبله ٿي ويٺا، مخدوم صاحب پنهنجي اهل عيال کان موڪلائي وصيت فرمائي اچي شهادت جي انتظار ۾ ويٺو. قاتلن حملو ڪري پهريان مخدوم صاحب کي شهيد ڪيو. ان کانپوءِ باقي مسجد ۾ ويٺل جماعت جو ڪم پورو ڪيائون. ان واقعي ۾ مخدوم صاحب جو ننڍو ڀاءُ مخدوم محمدعاقل ۽ سندس ڏهٽو مخدوم سعد الله مجذوب به شهيد ٿي ويا. ٽن ڏينهن کان پوءِ سندن لاش کي دفنايو ويو. مخدوم صاحب جي حويلي ڏانهن ڦرلٽ لاءِ فوجي ماڻهو وڌيا مگر سيد پيروز شاهه لڪياري جو وقت جو ڪامل مرد پنهنجي فرزندن ۽ متعلقين سميت حويلي  جي حفاظت ڪرڻ لڳو. جنهن ڪري حويلي جي بي حرمتي نه ٿي. مخدوم صاحب پويان ٻه فرزند مخدوم  محمدي  ٻن سالن جو ۽ مخدوم احمدي هڪ سال جو ڇڏي ويو. اهو واقعو سن 1145 ۾ ٿي گذريو. مخدوم محمد عاقل رابع مولف تاريخ آئينه جهان نما ۾ هن دردناڪ واقعي شهادت تي هڪ مرثيو لکيو آهي. جنهن مان ڪجهه شعر هي آهن.

اين چه سودا در دماغ دهر پا انداخته

واين چه شور شربگردون در  صدا انداخته

ني بيک شهر ست آه و نه يک کوچه است وائي

خشت ماتم هر تني در هر سري انداخته

هر  زمان در فکر مي بينم بهر جا فوج فوج

هر کسي با هر کسي لاوء بلي انداخته

يا هلاکو گشت ظاهر، يا مگر حجاج زيست

کز سعيد و نجم جان از تن جدا انداخته

يا قيامت گشت قائم يا شر شد آسمان

هاءِ هوئي در جهان چون کربلا انداخته

يا به قتل عبدالرحمان رحمت رحمان عليه

در جهان شب از ره رنج و بلا انداخته

هر کجا آن شاهه باز دين و دولت مي رويد

هر عذاب کفر بدعت قاوء قاء انداخته

(آئينه جهان نما)

 

 

210- مخدوم محمد عاقل ثاني کهڙوي

         محمد عاقل بن مخدوم محمد برادر مخدوم عبدالرحمان شهيد  کهڙوي. هڪ ولي ڪامل، عالم فاضل پرهيزگار هو. هميشه وضو دريا جي تازي پاڻي سان ڪري پوءِ نماز ادا ڪندو هو. سندس پرهيزگاري هن حد کي پهتل هئي جو هڪ دفعي جاءِ تان  مسجد ڏانهن نماز لاءِ وڃي رهيو هو ته رستي ۾ پنهنجي بيبي جي ٻانهي به اتان اچي لنگهي. اگرچه اها ڪنيزڪ سندن ملڪيت هئي. مگر  مخدوم جي هڪ آڱر ٻانهي جي ٻانهن کي لڳي وئي، جنهن تي ڪيترو وقت روئي روئي استغفار ڪندا رهيا. دعا گهريائين ته هي آڱر جا ڌاري عورت سان ڇهي آهي، سا مون سان قبر ۾  به ساڻ نه هجي. متان ان بابت ڪا گرفت ٿئي. آخر ٿيو ائين جو شهيد ٿيڻ وقت اها آڱر بدن کان جدا ٿيل هئي ۽ سندن قبر ۾ ساڻن نه  هلي.

        هڪ عالم ڪاتب جو قصو آهي ته هن صاحب باوضو پاڪائي سان مشڪوات شريف (حديث جو ڪتاب)  لکي سنڌ مان مدينه منوره کڻي وڃي روضه مطهره ۾ پيش ڪيو ته هي خدمت ۾ قبول پوي. هن کي خواب ۾ اشارو ٿيو ته اهو ڪتاب مخدوم محمد عاقل کي هديو ڪري ڏئي، جو اسان جي  حڪم سان سنڌ ۾ اسلام جي خدمت ڪري رهيو آهي. آخر اهو ڪتاب مخدوم  صاحب جي خدمت ۾ پهچايو ويو جو  1291 تائين ڪتاب تاريخ آئينه جهان جي تاليف واري وقت تائين مخدومن جي ڪتب خانه ۾ موجود هو.

        چون ٿا هڪ دفعي سندس  حجري ۾ ڪو چور لنگهي آيو. ڪجهه ٽپڙ کڻي ٻاهر نڪرڻ لڳو ته انڌو ٿي پيو. پوءِِ جڏهن ٽپڙ ڦٽا ڪيائين تڏهن سڄو ٿيو ۽ راهه وٺي رمندو رهيو. ازانسواءِ هن بزرگ جون ٻيون ڪرامتون بي شمار آهن. افسوس جو پنهنجي وڏي ڀاءُ مخدوم عبدالرحمان صاحب سان گڏ ڪلهوڙن جي فوج هٿان سن 1145 ۾ شهيد ٿيو جنهن جو تفصيل مٿي گذريو آهي.

 

 

 

211-  مخدوم محمدي کهڙوي

        مخدوم محمدي بن مخدوم عبدالرحمان شهيد. هي بزرگ  وڏو عالم ۽ وڏو پير قادري طريقي جو شيخ هو.  پنهنجي والد جي شهادت کانپوءِ پير سيد محمد موسيٰ شاهه گهوٽڪي واري کان تربيت ورتائين. تصوف ۾ اويسي ولايت جو مالڪ هو ۽ ظاهري علم استادن کان حاصل نه ڪيائين. بلڪه لدني علومن جي موهبت جر مالڪ بڻيو. روايت آهي ته ستن سالن ۾ قرآن ياد ڪري ان کانپوءِ جناب مخدوم ابوالمعالي نوشهرائي وٽ درس وٺڻ لڳا. جو هو صاحب سندن تدريس لاءِ مقرر ڪيو ويو هو. فقط 7 ڏينهن مخدوم  ابوالمعالي وٽ رهيا. شرح ملاجامي ۽ توضيح تلويح وغيره ڪتاب از خود استاذ جي خدمت ۾ پوري تشريح سان ٻڌائيندا ويا. استاذ حيران هو ته هي ڇا ٿي  رهيو آهي. ان کانپوءِ مخدوم ابوالمعالي معقولي ۽ منقول جا مشڪل مسئلا پنهنجي شاگرد کان پڇڻ لڳو. جنهن جا پورا پورا جواب ٻڌندو رهيو. استاذ  صاحب فرمايو ته هي خدا جي ڏات آهي، اسان جي تعليم جي ضرورت ڪانه آهي. جنهن کانپوءِ رخصت ٿي روانو ٿيو.

        مخدوم محمدي شرعي علومن کانسواءِ عربي ادب ۽ فارسي انشا پردازي ۾  يڪتا روزگارو هو. سندس انشا برداري ۾ عربي خطن جا ڪي نمونا تاريخ آئينه جهان نما ۾ موجود آهن. جن مان سندن خدا داد قابليت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

        ڪشف ڪرامت جو ايڏو مالڪ هو جو بعض وقتن تي سندس منهن ڏسڻ سان ماڻهن تي قلبي وارداتون نازل ٿينديون هيون ۽ اسم ذاتي جو ذڪر کلي پوندو هو. پاڻ گهڻو ڪري چادر جي جهنڊ لڳائي هلندا هوا سندن باطني فيوضات مان فيض حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترا مجذوب الحال فقير به وٽن خدمت ۾ ادب سان ايندا هوا.

        هڪ دفعي هڪ مجذوب جو تماڪ ڇڪيندڙ ۽ ڀنگ پيئندڙ هو کهڙن ۾ آيو، مخدوم صاحب کي اطلاع ڪيو ويو ته هو هندستان مان اهڙيون  بدعتون ڪندي سنڌ ۾ پهتو آهي بلڪه مخدوم اسماعيل پريالوءَ واري جي مسجد ۾ به ويهي تماڪو پيتو ۽ ڀنگ گهوٽي اٿس. مگر مخدوم صاحب هن کي روڪي نه سگهيو. هاڻي کهڙڻ جي  جامع مسجد ۾ ساڳيو ڪم ڪري رهيو آهي.  مخدوم صاحب ماڻهو  موڪلي مجذوب کي منع ڪرائي مگر هن نه ٻڌو، حالت هي اچي بڻي ته جنهن ماڻهو به فقير کي ڏٺو ٿي ته هو بي هوش ٿي ڪري پيو ٿي. آخر مخدوم محمدي صاحب پاڻ لنگهي آيا. فقير جو حقو ۽ ڪونڊو اچي ڀڳائون، فقير جون مڇون پنهنجي هٿن سان ڪتريائون فقير چيو ته مان مڇون ملامت جي ارادي سان رکايون هيون. هاڻي جي اوهان اهي ڪترايو ٿا ته ان جي عيوض اوهان جي عمر ڪترجي ويندي. مخدوم صاحب فرمايو ته اسان شريعت جي ظاهري حڪمن جاري ڪرڻ لاءِ مقرر ٿيل آهيون ۽ نه عمر جي وڏي ٿيڻ لاءِ.

        مخدوم اسماعيل پريالوءَ سندس هم عصر هو جو هڪ وڏو عالم ڪامل درويش هو. جڏهن مخدوم صاحب محمدي جي ملاقات لاءِ ايندو هو ته هلڻ وقت سندن پوئتان هلندو هو، چوندو هو ته اوهان جي پيشاني ۾ اسم اعظم آهي، ان کي پٺيءَ ڏيڻ جي اسان ۾ طاقت ڪانه آهي.

        هڪ دفعي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه کهڙن جي ٻاهران سچيڏنه  اڄڻ جي کوهه تي اچي منزل ڪئي. مخدوم صاحب  دعوت لاءِ سندن خدمت ۾ ماڻهو موڪليو. شاهه صاحب هيٺيون سنڌي بيت کين لکي موڪليو.

اڄ نه آيس آئون، صبح ايندس سپرين

توتي جنهن جو نانو، سو کڻي بار کهين جا

        شاهه صاحٻ ٻئي ڏينهن مخدوم صاحب جو اچي مهمان ٿيو، اسر جي وقت نماز تهجد کان پوءِ شاهه صاحب جي عادت هوندي هئي يڪتاري تي ڪجهه راڳ ٻڌندو هو. ۽ فقيرن جي ٽولي ساڻ هوندي هيس. کهڙن جي شريعت واري شهر ۾ مخدوم صاحب جي خليفن شاهه صاحب کي عرض ڪيو ته راڳ بنا سرود جي بيشڪ ٻڌو، پر سرود بند ڪرايو. شاهه صاحب اها ڳالهه قبول ڪئي ۽ تنبورو ۽ ٻيو ساز سامان هڪ ڪوٺيءَ ۾ بند ڪري رکيائون. رات جو تهجد جي نماز کانپوءِ جڏهن شاهه صاحب فارغ ٿيو ۽ فقيرن ڳائڻ شروع ڪيو ته بند ڪوٺيءَ مان سرودن جو آواز به اچڻ لڳو. ماڻهن مخدوم صاحب کي وڃي اطلاع ڪيو ته ڪوٺي ۾ قفل آيل سرود وڄي رهيا آهن. فرمايائون ته اها هڪ جدا حالت آهي، جنهن سان شريعت جو حڪم لاڳو نه ٿو ٿي سگهي. ان کانپوءِ شاهه ڀٽائي پورو هفتو کهڙن ۾ مخدوم صاحب وٽ مهمان رهي. روح رهاڻيون ڪري پوءِ روانا ٿي ويا. قنڌار جو بادشاهه احمد شاهه دراني جڏهن پهريون دفعو دهلي جي بچاءُ لاءِ ڪاهيندي سنڌ  مان لنگهيو هو ته سنڌ جي درويشن ۽ مخدومن کان دعائون گهرائيندو ۽ ملاقاتون ڪندو پئي ويو. ان سلسلي ۾ هن رات جي تهجد نماز پڙهڻ وقت چند سپاهين  سان مخدوم محمدي سان مسجد ۾ اچي ملاقات ڪئي. مخدوم صاحب پنهنجي خانداني معمولات مان هڪ تعويذ بادشاهه کي لکي ڏنو جو فتح ۽ ڪاميابي لاءِ اڻ گس علاج هو. بادشاهه ڪجهه وقت کانپوءِ مخدوم صاحب ڏانهن مرزانپور جي جاگير جو پروانو لکي موڪليو. (مرزانپور هن وقت تعلقه ڳڙهي ياسين ۾ آهي).

        مخدوم صاحب  ست سالن ڄمار جو هو. ان وقت روهڙي ۾ هڪ هندو جي مسلمان ٿيڻ تي جهڳڙو ٿي پيو،  جنهن تي خانداني لحاظ سان مخدوم صاحب کي به ننڍپڻ  ۾ روهڙي چاڙهي آيا. هندو آخر مسلمانن  جي حوالي ڪيو ويو،جنهن تي هندو پئنچات ميان نور محمد ڪلهوڙو وٽ دانهين ويئي. ميان صاحب کي  ڏاڍو  غصو آيو ۽ سندس والد جي شهادت جو واقعو به تازو ٿي گذريو هو.  حڪم ڪڍيائون ته مخدوم زادي کي خداآباد ۾ حاضر ڪيو وڃي. پرواني پهچڻ کانپوءِ مخدوم صاحب جماعت سميت ڪهي خداآباد پهتو. ميان صاحب کانئس پڇيو ڇا پڙهندا آهيو. جواب ڏنائين ته قل هو الله احد انهي جواب حاضرين مجلس ۽ ميان صاحب کي  لرزي ۾ آڻي ڇڏيو. ۽ هڪ هيبت ۽  رعب طاري ٿي ويو. جنهن کانپوءِ ميان صاحب مخدوم صاحب جي ڏاڍي عزت ڪئي، خلعت ۽ انعام ڏنا ۽ سندس والد بزرگ جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ جاگير جو پروانو لکي ڏنو. مخدولم صاحب جي ڄمار اڃا 24 سالن کي مس پهتي هئي ته سن 1171 ۾ هن دارفاني مان، دارجا وداني جو سفر اختيار ڪيائون.

ڪان حا ميا لشر يعة جي فقري مان سال تاريخ حاصل ٿئي ٿي.

1171

 

 

212- مخدوم احمدي کهڙوي

        مخدوم احمدي ولد مخدوم عبدالرحمان شهيد برادر مخدوم محمدي جنهن جو ذڪر گذري آيو آهي. قادريه طريقه پير سيد موسيٰ شاهه گيلاني جو فيض يافته آهي.

        ظاهري علومن جو وڏو عالم ۽ صاحب ڪشف ڪرامات ۽  تبرڪات جو هو. پنهنجي ڀاءُ مخدوم محمدي جي وفات کانپوءِ سجاده ۽ مسند جو مالڪ بڻيو. ماڻهن ۾ ايڏي مڃتا هوندي هيس جو سندس وضو ڪيل  پاڻي وڃي بيمارن کي پياريندا هوا، ته شفاياب ٿيندا هوا، روزانه سندس وضو وقت پاڻي حاصل ڪرڻ لاءِ هجوم رهندو هو.

        بادشاهه احمد شاهه دراني جو جيئن سندس وڏي ڀاءُ مخدوم محمدي سان لاڳاپو هو. تيئن هن بزرگ سان به هو. مرزانپور جي جاگير بابت جيڪو پروانو بادشاهه وٽان صادر ٿيل هو ان جو بعينه  نقل هيٺ ڏجي ٿو.

        اعوذ بالله تعاليٰ: فرمان همايون شد – آنکه عاملان حال و حڪام مستاجرين و متباشرين استقلال الکار شڪارپور باالطاف خداوند سرفراز گشته بدانند که چون موضع مرزانپور  متعقله شرافت پناه افاضت دستگاهه شيخ و مخدوم ميان احمدي زيد توفيقه مي باشند . همه اوقات  بند گان دارا دربان اقدس راجا پاسخا طر اين طائفه منظور ست لهذا امر ----- مقرر فرمو ديم که موضع مذکوره مطلق و معمول بحال دانسته به هانيد وهم خادمان جناب مولوي و مخدوم مشاراليه و سکنان آن ديهات که قديمي و ملکي ايشان مي باشند بدون جهت معمولي غير حساب مزاحمت نرسانند که همه اولاد ايشان درمهمد  امن و امان بوده بدعاي دوام دولت ابد اقدس استقبال  داشته فارغ البال و خاطر جمع باشند در عهده شناستند – تحرير 16- صفرالمظفر سن 1172هه.

        ان کانسواءِ احمد شاهه دراني هڪ ٻيو پروانو 12 ربيع الثاني سن 1175هه  ۽ ٽيون پروانو 7 ربيع الاول سن 1178هه ۾ به مخدوم صاحب جي نالي روانو ڪيو جنهن ۾ وڌيڪ جاگيرن ڏيڻ جا احڪام، صادر ٿيل هوا. احمد شاهه پنهنجي سر هڪ درويش صفت ۽ پڪو ديندار بادشاهه هو. سندس زماني ۾ سمورا معاملا  شرعي عدالت ۾ رجوع  ڪيا ويندا هوا. بادشاهه دين پناهه احمد شاهه جڏهن سن 1184هه ۾ وفات ڪئي ۽ سندس فرزند تيمور شاهه تخت تي ويٺو ته ان زماني ۾ شڪارپور ۾ هڪ ٻڍي هندو عورت ڪلمو پاڪ پڙهي اسلام قبول ڪيو مگر سندس عزيز هن ٻڍڙي کي پاڻ کان جدا ڪرڻ لاءِ تيار نه هوا. اهو مقدمو شريعت جي عالمن وٽ پيش ٿيو. مخدوم صاحب جماعت سميت شڪارپور اچي لٿو. ان وقت تيمور شاهه جي پاران نواب غلام صديق خان حڪومت جو مالڪ هو. جنهن هندن جي طرفداري ڪري ٻانهن ڏيڻ کان صفا انڪار ڪيو. مخدوم صاحب اهو سمورو قصو لکي تيمور شاهه ڏانهن قنڌار موڪلي ڏنو، جنهن جي جواب ۾ نواب غلام صديق خان ڏانهن جيڪو حڪم نامو آيو سو بعينه هيٺ درج ڪجي ٿو.

        عاليجاه رفيع جانگاه اخلاص و عقيدت دستگاهه عمده خوانين اعظام غلام صديق  خان، غلام سرڪار خاصه شريفه و حاکم و مستاجر ماليات الکار شڪارپور باطاف روز افزون شاهانه سرفراز گشته بداند که درين وقت بغرض اشرف رسيد که يک نفر ضعيفه کافره در شکارپور کلمه طيبه اسلام بر  زبان رانده و علماءِ اسلام  و  سادات عظام درانجا اورا بدار الشرع طلب نموده که ارشاد با آئين مسلماني نمايند. آن عاليجاه وغيره بدفع الوقت گذارينده و اورا بدارالشرع نه فرستاده اند. جهت چيست که آن عاليجاه در امورات اسلام که اعظم – ست کوتاهي مي نمايند – بايدکه بورود رقم  مبارڪ همان ضعيفه مذکوره را بحضور اهالي شرع اندر رجوع  نمايند –وهرچه مطابق و موافق حکم شريعت غراباشد به همان قرار بعمل آورده و هيچ وجه روئي وريائي و چشم پوشي و اغماض نه نمايند – قد  غن لازم دانسته در عهده شناسد.

في تاريخ 9- شهر ربيع الثاني سن 1192هه.

        ساڳي ريت تيمور شاهه وٽان جاگيرن جي بحالي جو نئين سر پروانو پهتو جنهن تي 8- محرم الحرام سن 1194هه لڳل آهي.

         محمد خان ۽ اشرف خان پٺاڻن مخدوم صاحب جي جاگيرن تي 1197 ۾ خوامخواهه تغلب ۽ تصوف ڪيو. آمدني بند ڪيائون. مخدوم صاحب اهڙو اطلاع امير تيمور شاهه کي موڪليو.  جنهن تي مٿين پٺاڻن نالي سخت تنبيهه نامو آيو. جنهن تي 10 ربيع الثاني سن 1198هه جي تاريخ ثبت ٿيل آهي.

        تيمور شاهه جي زماني ۾ ڪلهوڙن جي حڪومت جو خاتمو ٿيو ۽ 1191هه ۾ مير فتح علي خان ٽالپر سنڌ کي ٽڙن حصن ۾ تقسيم ڪري تخت تي ويٺو. ان زماني ۾ هڪ  برهان فقير نالي ماڻهو پيدا ٿيو. جنهن  جي کٽ هوا تي هلندي هئي. چوندو هو ته مون کي سليمان  پيغمبر جو مرتبو مليل آهي  مسيلمه ڪذاب وانگي نبوت جي دعويٰ به ڪيائين. هو پنهنجو نالو احمد سڏائيندو هو. پنهنجن معتقدن کي هن ريت ڪلمو سيکاريو  هئائين. لا الھ  الا الله محمد احمد رسول الله. چوندو هو ته قرآن شريف ۾ جو ارشاد آهي ته ياتي من بعدي اسمه احمد يعني ته عيسيٰ پيغمبر خوشبخري ٻڌائي ته مون کان پوءِ جيڪو ايندو، ان جو نالو احمد هوندو. سو اهو  احمد آءُ آهيان.  فقير  جون ڳالهيون ٻڌي ۽ ڪرامتون ڏسي هزارين ماڻهو سندس حلقي ۾ داخل ٿيڻ لڳا. تانجو مير فتح علي خان به سندس عزت ڪرڻ لڳو ۽ معتقدانه نموني ۾ پيش اچڻ لڳو. سنڌ جي عالمن مخدوم صاحب جو انهيءَ فتني ڏانهن توجه ڇڪايو.

        مخدوم صاحب پير سيد جمال محمد گهوٽڪي واري ۽ ٻين علمائن جي  جماعت ساڻ ڪري حيدرآباد روانو ٿيو. مخدوم صاحب جو وڏو فرزند مخدوم عاقل محمد ثالث جو هڪ نوجوان عالم هو، سو اڳ ۾ حيدرآباد وڃي پهتو.  مير فتح علي خان سان گفتگو ڪئي. مگر مير صاحب برهان فقير جي طرفداري ڪري بيهي رهيو. ايتري ۾ مخدوم احمدي به جماعت  سميت حيدرآباد ۾ پهچي ويو. آخر اهل سنت جماعت جي اميرن جي ذريعي مير صاحب ۽ مخدوم صاحب جي گفتگو هلي. آخر فيصلو هن ڳالهه تي ٿيو ته علمي بحث کي ڇڏي ڪرامت جو مقابلو ڪرامت سان ڪرايو وڃي. مخدوم صاحب اها ڳالهه قبول ڪئي. ٺهراءُ  ٿيو ته جڏهن برهان فقير  پنهنجي کٽ تي چڙهي هوا ۾ پرواز ڪري ته ان کي جماعت جو ڪو شاگرد موچڙو اڇلائي ڪيرائي وجهي، ته پوءِ معاملو طئي ٿي وڃي. آخر ائين ٿيو  جو هڪڙي شاگرد جي موچڙي اڇلائڻ سان فقير کٽ سميت هيٺ اچي ڪريو ۽ شريعت جي مددگارن جو مُنهن  مٿي  ٿيو. برهان فقير جو  منهن ڪارو ڪري هاٿي تي چاڙهي،حيدرآباد ۾ شهر گشت ڪرايو ويو. پوءِ برهان کي کهڙن ۾ وٺي مسجد جي اتر واري حجري ۾ پنهنجي شاگرد رشيد پير سيد محمد راشد لڪياري (يعني حضرت  روضي ڌڻي) جي حوالي ڪيائون جو ان وقت ننڍي ڄمار ۾ مخدوم صاحب وٽ تعليم حاصل ڪندو هو. برابر ڇهه مهينا اتي زنجيرن ۾ جڪڙيو ٻڌو پيو هو. مگر ان کانپوءِ صاحبزادي کي ڪو فائدو پهچائي چاپلوسي ڪري راتورات آزاد ٿي گم ٿي ويو،  جنهن جو پوءِ ڪوبه پتو ڪونه پيو.

        انهيءَ مخدوم صاحب جي زماني ۾ راڻي پور جا پير سيد محمد شاهه ۽ سيد احمد شاهه بغداد مان سنڌ ۾ پهتا ۽ ڪيترو ئي وقت مخدوم صاحب وٽ مهمان هوا. جنهن کانپوءِ راڻيپور ۾ احمد شاهه ۽ گمبٽ ۾ محمد شاهه کي مخدوم صاحب پنهنجي معرفت رهايو هو، جتي باقاعده سندن اولاد جون گاديون قائم ٿي ويون آهن. مخدوم صاحب جي زماني ۾ امير تيمور شاهه قنڌاري پنجاب ويندي سنڌ مان اچي لنگهيو. ماڻهن ۾  فوج جي آمد جو ڏاڍو ڊپ ۽ هراس پيدا ٿيل هو. مخدوم صاحب بادشاهه  کي هڪ عريضو موڪليو ته سنڌ وارا فوج جي دراز دستي کان امن ۾ رهڻ گهرجن.جنهن جو اطمينان بخش جواب بادشاهه وٽان پهتو. جنهن کانپوءِ سنڌ وارن کي آرام مليو. ۽ لشڪر شاهي امن سان بکر ٽپي پنجاب روانو ٿي ويو.

        مخدوم صاحب اسلامي مقدمن ۽ هندن کي اسلام ۾ آڻڻ لاءِ گهڻو ڪري سفر ۾ رهندو هو. جنهن ڪري آخري ڄمار ۾ پير ۾  زخم ٿي پيس. هڪ اهڙي طبيب حجام کان مرهم پئي ڪرائيندا  هوا. جنهن کي هندن رشوت ڏئي مخدوم صاحب جي دوا ۾ زهر ملائڻ تي راضي ڪري ورتو. هن مرهم ۾ زهر ملائي ڏنو، جنهن جو اثر سموري بدن تي  ٿيو. اهو واقعو شڪارپور ۾ ٿيو. پاڻ  ٻئي ڏينهن سکر مان ٻيڙي تي چڙهي کهڙن پهتا، ۽ اُتي اچي وفات ڪيائون. اهو واقعو سال 1203 ۾ ٿي گذريو.

 

 

قطعه تاريخ

آه از فوت مکمل مقتدي – حامي دين رسول احمدي

آمر و معروف بوده خلق را – آمر نيکي و ناهي از بُدي

پيش او يکسان بُدي در امر شرع – چه پياده چه اميري هفصدي

آن ولي چون ازين جهان بي بقا – رفت سوئي خلد دار سرمدي

سال تاريخش بجتم از خرد – گفت بوده پير قاضي احمدي

1203

(آئينه جهان نما مختصرا)

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org