سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: تذڪره مشاهير سنڌ (ڀاڱو ٻيو)

 

صفحو : 15

 

259-  سيد احمد تتوي

        سيد احمد ولد سيد محمد انجوي شيرازي، سيد محمد صاحب 786 هجري ۾ سنڌ ۾  پهتو، جڏهن ڄام صلا الدين سمي جو سنڌ ۾ راڄ هو.، پهريان منڇر جي ڪناري تي مراد اوٺي جي ڳوٺ ۾ رهيو ۽ اُتي ئي وفات ڪيائين. پوئتان پنهنجو فرزند سيد احمد ڇڏي ويو، جو پوءِ ماڻهن جي ڪشش ۽ ڪوشش سان ٺٽي ۾ اچي رهيو، جنهه کي ٺٽي ۾ قاضي نعمت الله عباسي جي نياڻي فاطمه مان چار پٽ تولد ٿيا، جن مان سيد  محمد حسين  مشهور شاهه  مراد شيرازي وڏو مشهور آهي، جنهن جو ذڪر هن تذڪري ۾ اچڻ وارو آهي.

        سيد احمد هڪ خدا رسيد بزرگ هو ۽ خدا وارن  جي صحبت کي پسند ڪندو هو. ٺٽي جي لڳ ساموئي شهر ۾ هڪ بزرگ شيخ عيسيٰ لنگوٽي رهندو هو جتي سيد صاحب هن جي ملاقات ۽ زيارت لاءِ ايندو رهندو هو..

        هڪ دفعي سيد صاحب شيخ عيسيٰ جي ملاقات لاءِ آيو ته اُن وقت شيخ وٽ شهر جو مشهور عالم قاضي نعمت الله عباسي ويٺل هو. جنهن تي شيخ عيسيٰ سيد صاحب جي تعظيم لاءِ اٿيو، مگر قاضي صاحب پنهنجي جاءِ تان ئي نه چريو. اها ڳالهه سيد صاحب کي ناگوار لڳي، هو ملاقات کان پوءِ رنج ٿي موٽي جاءِ تي پهتو ۽ قاضي صاحب به گهر ۾ آيو ته اچڻ شرط اکين  کان انڌو ٿي پيو، جنهن جو سب ئي معلوم نه پيو ٿيئس. قاضي صاحب جي نياڻي کي خواب ۾ سيد صاحب جي زنجيدگي جو  واقعو معلوم ٿيو، جنهن تي قاضي صاحب، اهائي نياڻي سيد صاحٻ جي نڪاح ۾ ڏني ۽ رضامندو ۽ رشته داري حاصل ڪئي، جنهن مان چار فرزند ٿيا (1) سيد علي (2) سيد جعفر (3) محمد شريف (4) سيد محمد حسين، مشهور شاهه مراد شيرازي، ٺٽي جا شيرازي سيد انهي خاندان جو اولاد آهن.

        سيد احمد صاحب هن رهگذر دنيا مان پهرين محرم الحرام 1145هه ۾ لاڏاڻو ڪري، ٻي دنيا ۾ آراميو ”و احمد خالصا لله“ جي فقري مان سندس تاريخ جو سال نڪري ٿو. سندس مقبرو  مڪلي  ۾ عباسي قاضين جي قبرستان ۾ آهي. (تحفت الڪرام و معارف الانوار)

 

260- سيد مرتضيٰ سيوستاني

        سيد مرتضيٰ  ولد عبدالنبي سيوهڻ جي سادات مان هڪ مشهور فاضل ۽ هر علم ۾ ماهر هو ٺٽي  ۾ مخدوم محمد معين وٽ ورهين جا ورهيه تعليم حاصل ڪندو رهيو ۽ مير غلام علي آزاد بلگرامي عرب  عجم جي مشهور شاعر جو شاگرد هو. شعر ۾ قانع تخلص ڪندو هو ۽ مير غلام علي جو ڏاڍو گهاٽو دوست هو.  ڪلهوڙن جي زماني ۾ سيوهڻ جو ڪجهه وقت قاضي به ٿي رهيو.

        مير علي شير قانع لکي ٿو ته مراد آباد ۾ ساڻس ملاقات ٿي. بزرگي ۽ فضيلت مٿس ختم هئي. شعر جو سليقو يا لياقت به ڪافي منجهس موجود هوس.

        مير آزاد بلگرامي يد بيضا ۾ هيٺيان شعر هن سنڌي شاعر جا  ڏنا آهن.

ز اشک ديد مرا آب تاب مي باشد

ز چاک سينه مرا فتحياب مي باشد

شدم گداز بتدريج از فروغ رخش

چو نخل موم که در آفتاب مي باشد

 

ايــضــا

کي رود از دل خيال يار پُر تمکين ما

عکس او در ديدهء آئينه مردم مي شود

        سيد صاحب قريب سن 1180 جي هن دنيا فاني مان رحلت  فرمائي ۽ سيوهڻ ۾ دفن ڪيو ويو. (تحفت الڪرام و مقالات)

 

261- سيد عبدالقدوس نجوي ٺٽوي

        سيد عبدالقدوس بن سيد حامد سيد محمد حسين شاهه مراد جي اولاد مان وقت جو وڏو عالم ۽ وڏي شان ۽ بزرگي جو مالڪ هو. هو ايڏي علمي لياقت جو مالڪ هو جو ٺٽي ۾ شرعي فتويٰ ڏيڻ جا اختيارات به کيس مليل هئا. ٺٽي جو وقت محتسب (شرعي باز پرس ڪندڙ ڪوٽوال) به هو. هنجي قابليت هن حد کان پهتل هئي جو ٺٽي جي گورنر نواب سيف الله خان جي زماني  ۾ ايران مان هڪ وڏو شاعر ۽ عالم شاهزاده ٺٽي ۾ پهتو.  جنهن ٺٽي جي سڀني ان وقت جي  فارسي جي ڄاڻن شاعرن مان مير عبدالقدوس کي وڌيڪ پسند ڪيو. هن صاحب جي علامه مخدوم محمد معين سان علمي لکپڙهه هلندي هئي. هڪ دفعي علامه مخدوم محمد معين امام حسين جي شهادت واري واقعي کي ياد ڪندي کيس تمام بلند درجي جي  عربي ۾ خط لکيو ۽ ڪجهه ماتمي رباعيون به لکيون، جن جو جواب به سيد عبدالقدوس عربي فارسي ۾ نظم نثر ۾ ڏنو. عربي عبارتون ڇڏي، هت فقط ٻنهين عالمن جون رباعيون پيش ڪجن ٿيون.

 

مخدوم محمد معين

در تعزيت حسين رد ج امه به نيل

در سد ره منتهيٰ بشيون جبرئيل

تا کرد رسول شيشه پر خون برکف

خون است دل عيسيٰ و موسيٰ و خليل

 

ايــضــا

در ياد حسين خاکراهش دو جهان

از عشق سپند مجرش عالم جان

امررز بماتمش سيه روز شدم

باد زن اليٰ يا نجات الا کوان

 

جواب از مير عبدالقدوس

اي نور نبي رتبه تو نه شنيده اند

ان بد بختان نه از غضب تر سيدند

خاک قدمت مرهم دوش جدت

هيهات سرت بخاک غلطا نيد ند

 

ايــضــا

پيش قدمت سيد شهداءِ جهان

عالم همه سر قدم نموده از جان

ماتم زدگان گوئي سعادت برا ند

فا سعوا بعزائد يا خيار الا خوان

        هي عالم فاضل شاعر ماه شعبان 1147 ۾ حضرت قدوس جي واصلن ۾ وڃي پهتو. مير قانع هڪ سال جي زيادتي سان هيٺئين قرآن جي آيت مان سندس سال تاريخ حاصل ڪيو.

يرثون الفرودس                                         (مقالات الشعراء)

        1157

 

 

262- سيد طاهر نسياني تتوي

        سيد طاهر بن سيد حسن تخلص ”نسياني“ تتوي. شروع ۾ اهو مرزا شاهه بيگ ترخان گهراڻي مان سلطان جهانگير جي اميرن مان هڪ عالم فاضل شاعر  امير هو. هڪ دفعي قنڌهار تي قزلباش قبيلي وارن ڪاهيو ۽ سلطان جهانگير جي حڪم سان شاهه بيگ کي قنڌهار ڏانهن چڙهائي جو حڪم ٿيو ته اُن وقت سيد محمد ظاهر به ساڻس همرڪاب هو، مگر اهامهم شاهه بيگ کان پوري نه ٿي جنهن ڪري سيد طاهر ٺٽي موٽي آيو. ان وقت شعر و شاعري جو ٺٽي ۾ ڏ اڍو چرچو هو. امير کان وٺي سپاهي تائين هر هڪ ماڻهو شعر چوڻ جي ڌُن ۾ لڳل هو. انعام ۽ صلا حاصل ٿيندا هوا. جنهن ڪري فارسي نثر لکڻ جو ڄڻ رواج ئي ختم ٿي چڪو هو. سيد طاهر، ٺٽي ۾ ملا اسحاق بکري جي خدمت ۾ شعر جي اصلاح ۽ مشق شروع ڪئي ۽ تمام ٿوري وقت ۾ انهيءَ فن ۾ ڪماليت حاصل ڪيائين. اهو ملا اسحاق، خود مرزا غازي ولد مرزا جاني بيگ  والي سنڌ جو به استاد هو. هن کي سعدي ۽ جامي جي ڪلام جو وارث سڏيو ويندو هو. ان کانپوءِ قصائد خاقاني ۽ قصائد انوري علامه سيد ظهير الدين شڪراالهي جي خدمت ۾ پڙهي فارسي جي نظم نثر ۾  ڪماليت حاصل ڪيائين ۽  اهو سڀ ڪجهه فقط هڪ سال جي اندر ڪيائين. اهو سن 1014 جو  واقعو آهي ۽ ان وقت سيد طاهر جي ڄمار ڪل 25 سالن جي هئي.

        هن صاحب جو مرزا غازي و قاري سان به لاڳاپو هو. مگر جڏهن هو قنڌهار ۾ اوچتو ئي اوچتو 1021 هه ۾ فوت ٿي ويو ته هن کي ڏاڍو صدمو پهتو.، لکي ٿو ته نظم ۽ نثر فارسي جي تحصيل ئي هنلاءِ ڪئي هئم ته مرزا جي سخن نوازي مان بهرفه ور ٿيندس، مگر سندس وفات ڪري، اها مراد پوري نه ٿي سگهي.

        ان کان پوءِ هو وري وڃي مرزا شهه بيگ جي ملازمن ۾ منسلڪ ٿيو، جنهن جي اشاري سان سنڌ جي  ”تاريخ طاهري“ لکيائين، جنهن ۾ گهڻو ڀائو ارغون ۽ ترخان گهراڻي  جي حالات تي مشتمل آهي. هڪ دفعي لاهور ۾ مرزا شاهه بيگ کي تاريخ طاهري جي خطبو لکي گذارش ۾ آندائين، جو پسند ڪيو ويو. مگر اڃا پوري طرح ڪم شروع نه ٿيو هو ته سيد صاحب پنجاب مان درٻيلي ۾ جتي سندس جاگير هُئي، پهچي ويو ۽ ڪم اڌ ۾ رڪجي ويو.

        سن 1030 ۾  مرزا شاهه بيگ کي لاهور ۽ ڪانگڙي جي  حڪومت تان قنڌهار ڏانهن بدلي ٿي. هو قنڌهار ڏانهن روانو ٿي چڪو هو ته سيد صاحب کيس ملتان  ۾ وڃي مليو. ڪتاب  لکڻ جي ماجرا وچ ۾ آندائين. هن صاحب وري ترغيب ڏياريس. جنهن کانپوءِ اهو ڪتاب لکي پورو ڪيائين ۽ وڏو انعام  حاصل ٿيس.

        سيد صاحب صوفي منش اهل دل بزرگ هو. رات جو عبادت ۾ گذاريندو ۽ ڏينهن جو هميشه روزي ۾ رهندو هو. مرزا شاهه بيگ جي خدمت ۾ ويندو هو ته به ڪتاب جي مسودي ڏيکارڻ کان سواءِ ٻي ڪابه قيل  قال نه هلائيندو هو. سندس والد سيد حسن به مرزا محمد باقي ترخان ولد مرزا عيسيٰ ترخان جي خاص ملازمن مان هو. هو فارسي جو عمده شاعر هو ۽ سندس نثر به ڏاڍي مشڪل ۽ مرصع آهي. پنهنجي نظم بابت لکي ٿو:

زبان سخن وردم عيسويست

که از کلک بخشد برده روان

بمحمود فردوسي در جان ندارد

نرا ندي کسي  نام  او بر زبان

 

ايــضــا

ز آب حيات قلم هر که زيست

نمير د بود زنده تا زند گيست

ولي مرد در زندگاني کسي

که زمانه نامش ندانند کيست

        سال وفات معلوم نه ٿي سگهيو، مگر هو بزرگ 11 صدي جي  رجالن مان آهي.

       

 

263- آخوند  محمد شفيع تتوي

        ٺٽي جي شهر ۾ عام ماڻهن جو فارسي جو استاد ٿي گذريو آهي. نهايت متانت ۽ وقار سان وقت گذاريندو رهيو ۽ عام طرح فارسي جا طلب العلم کائونس فارسي جي نظم ۽ نثر جا سبق وٺندا رهيا. شعر ۾ به ڪافي گهڻو محاورو هوس. مير علي شير قانع لکي ٿو ته قصائد عرفي ۽ قصائد سيفي ۽ علم عروض آخوند محمد شفيع جي خدمت ۾ تحصيل ڪيم ۽ ان وقت تمام ٻڍڙو ٿي ويو هو. سندس زماني جي قاضي صاحب سان سندس اختلاف ٿي پيو، جنهن تي هيٺئين رباعي قاضي جي هجو ۾ لکيائين:

قاضي بدين بزرگواري عجبي!

بر مرکب جهل شهسواري عجبي

اما پسرش نعوذ باالله منها

عجلا جسد له خواري عجبي

        سندس هڪ شعر آهي:

شب از ياد خيال عنچه چون شبنم گره بودم

سحر که تکمه پيراهن خورشيد تا بانم

آخوند صاحب جي سن 1156 ۾ وفات ٿي .                                   (مقالات)

 

264- صوفي محمد شفيع تتوي

        ٺٽه جي مخدومن جي گهراڻي مان هي بزرگ ٿي گذريو آهي.  پنهنجي ڄمار جو گهڻو ڀاڱو شاهه جهان آباد (دهلي) ۾ گذاريندو رهيو. هن سموري زندگي ۾ شادي نه ڪئي، تنهن ڪري دل جي اطمينان سان تصوف ۽ سلوڪ جون منزلون طئي ڪندو رهندو هو. جو ڪجهه به ملندو هوس ته ٺٽي ۾ پنهنجي ڀاءُ محمد رضا کي موڪلي  ڏيندو هو. سن 1161 ۾ حرمين شريفين جي ارادي سان ٺٽي ۾ پنهنجي وطن ۾ پهتو. هو صوفي مذهب ۾ صافي  مشرب هو. ٺٽي ۾ فقيرن سان صحبتون جاري رکيائين ۽ سندس صحبتون فيض کان خالي نه هيون. مخدوم محمد معين هن  جي صحبتن مان ڏاڍو لطف پرائيندو  رهيو.

        ٺٽي مان  حرمين وڃڻ لاءِ ڪجهه رنڊڪون پونديون رهيس، جنهن ڪري قضا جو قاصد اچي پهتس ۽ ساڳئي سال 1161 ۾ هن دنيا فاني مان لاڏاڻو ڪري هميشه حج جو ثواب حاصل ڪندو رهيو.

مير قانع سندس تاريخ وفات ۾ هي بيت فرمايو:

روز يکه جانش و اصل حق شد زروي هم

قانع بگفت يار محمد شفيع خان

1161

        هي تاريخ ميه طرح چيل آهي،   جنهن مان جان جا عدد ڪڍي هه جو عدد جو لفظ هم جو پهريون آهي وڌايو ويندو ته ان کان پوءِ سال تاريخ حاصل ٿيندو. (مقالات)

 

 

265- قاضي نعمت الله ٺٽوي

        عالم فاضل فيقهه نعمت الله بن قاضي سائينڏنو بن قاضي نعمت الله عباسي. هي خاندان اصل عربن جي حڪومت ۾ سنڌ ۾ اچي رهيو هو ۽ اُتي ئي هميشه رهجي ويو. نعمت الله پهريون ڄام صلاح الدين سمه جي زماني ۾ مرجع خاص و عام ۽ مشهور انام هو. سندس فرزند قاضي سائينڏنو پڻ هڪ وڏو عالم بزرگ هو. (تحفت الڪرام)

        نعمت الله ثاني علامه وقت ۽ زمانه وقت جي عالمن جو مرجع ۽ فضيلتن جو منبع هو. سندس معاصران ميرڪ عبدالوهاب پوراني ۽ ٻيا ڪيترا بزرگ ۽ فاضل سندس قدر ۽ عزت ڪندا هوا. مرزا عيسيٰ ترخان ۽ سندس فرزند مرزا محمد باقي جو هم عصر ۽ سندس وقت ۾ قضا جو مالڪ هو. (تحفت الڪرام)

        مرزا محمد باقي جي نااهل اميرن مان هڪ قاضي خميسي نالي جاهل مطلق تمام وڏي اوج ۽ عروج کي پهتل  هو. تنهن هڪ دفعي ٺٽي جي وڏن عالمن کي پاڻ وٽ دعوت ڏئي گهرايو، جنهن ۾ مير عبدالوهاب، سيد علي شيرازي ۽ قاضي نعمت الله هوا.

        خميسي جاهل حقارت جي انداز ۾ سڀني کي خطاب ڪري چيو ته ڀلي آيو ملا صاحبو!

        اهي لفظ علماء کي ناگوار گذريا، ٻين ته کڻي ماٺ ڪئي، پر قاضي نعمت الله جو هڪ لاابالي طبع جو عالم هو، تنهن خميسي کان  پڇيو ته قاضي صاحب  ٻڌايو ته ملا جي لفظ جي معنيٰ ڇا آهي؟

        قاضي خميسي چيو ته آءٌ اڻ پڙهيل آهيان، ملا جي معنيٰ ڪانه ڄاڻان.  مگر منهن جي هڪ سوال جو اوهان جواب ڏيندا؟ سڀني  فاضلن فرمايو ته ڀلي سوال ڪريو! هنن سمجهيو ته ڪو علمي يا  عقلي بحث هوندو، مگر قاضي خميسي ڇا ڪيو جو هڪ ”گول ليڪو“ ڪڍي پڇيائين ته هي ڇا آهي؟ علماء سڳورا حيران رهجي ويا، حيرت کان پڇڻ لڳا ته  اسان کي پتو نه ٿو پوي، اوهان ٻڌايو. جنهن تي نالائق خميسي چيوته  ملئو اها گول ماني آهي، افسوس جو اوهان کي خبر ئي نه پيئي ته ڇا جي تصوير ڪڍي اٿم. ان کان پوءِ  چيائونس ته ٻيو ڪجهه به ٻڌايو، پوءِ ڇا ڪيائين جو هڪ ور وڪڙ ۽ انگڙ ونگڙ ليڪو ڇڪيائين، چيائين ته هي ڇا آهي؟ سمورن عالمن چيوته اسان علم هيئت، حڪمت، علم ڪيميا مسخرات ۽ ٻيا پڙهيا آهن پر ههڙي شڪل نظر مان ڪانه گذري آهي. قاضي خميسي چيو ته اوهان ڍڳي جو پيشاب ڪونه ڏٺو آهي؟ چيائون اڄ ڏٺو اٿئون. آخر قاضي نعمت الله سميت خميسي وٽان رخصت ٿي روانا ٿي ويا. (طاهري)

        قاضي نعمت الله جي ڏاڏي قاضي نعمت الله جي ”سمن“  جي زماني ۾ شيرازي سيدن جي ڏاڏي سيد احمد سان مائٽي ٿي. يعني ته قاصي صاحب جي نياڻي بي بي فاطمه، سيد احمد جي نڪاح ۾ آئي جنهن کان قاضين ۽ شيرازين ساداتن جو خاندان هميشه عزت سان گڏ رهندو آيو ۽ مڪلي تي قبرستان گڏ اٿن.           (تحفه)

        قاضي نعمت الله جي وفات جو سال  پوري طرح معلوم نه ٿيو اهي، مگر واقعات ۽ سندس حالات مان ظاهر آهي ته هو بزرگ ڏهين صدي هجري جو آهي.

 

266- مولوي محمد سليمان ٻنوي

        عالم فقيه حاجي محمد سليمان ميمن ٻني ضلع ڪراچي ۾ پيدا ٿيو ۽ ابتدائي تعليم ٻنه ۾ مولوي نور محمد پليجي کان حاصل ڪيائين. باقي علمن جي تحصيل مخدوم حاجي حسن الله پاتائي جي خدمت ۾ رهي پوري ڪيائين. فارغ ٿيڻ کان پوءِ ڪجهه پنهنجي ڳوٺ ۾ رهي پوءِ ڪراچي ۾ مولانا حاجي عبدالله صاحب سان گڏجي مدرسه مظهرالعلوم  جو محله کڏه ڪراچي ۾ بنياد رکيائون ۽ بنا ڪنهن پگهار جي توڪل علي الله رکي تعليم جو ڪم ڪندا رهيا.

        انهيءَ زماني ۾ مولوي حافظ سيد احمد الدين چڪوالي سفر حج جي ارادي سان ڪراچي ۾ پهتو، جنهن کي مولانا عبدالله ۽ مولانا  محمد سليمان عرض ڪري پنهنجي مدرسه ۾ تعليم لاءِ رهايو. ان وٽان به هنن بزرگن گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو. مولانا سليمان صاحب حج ارادي سان حرمين جو سفر ڪيو، جتي پورا 2 سال رهي فيض ۽ فائدا حاصل ڪيائين، واپسي  کان پوءِ پنهنجي اصلي وطن ”دڙي“ ۾ اچي مدرسو قائم ڪيائين. ڪجهه وقت ٽنڊه حافظ شاهه ۽  ديهه رتاهه ۾ به تعليم  ڏيندا رهيا. سندن شاگردن ۾ مولوي محمد صديق ڪراچوي ۽ مولوي علي محمد مهيري، مولوي محمد يوسف سندس فرزند مولوي حافظ محمد صديق ٽنڊو حافظ وارو ۽ ٻيا آهن.

        ڪڏهن ڪڏهن سنڌي زبان ۾ شعر به چوندو هو، مگر اهو ڏوهڙن يا سنڌي زبان جي بحروزن ۾ آهي ۽ ايترو گهڻو ڪلام ڪونه چيو اٿس جو ملڪ ۾ مشهور ٿئي.

        سن 1340هه مطابق 1921ع ۾ جڏهن ملڪ ۾ ترڪي خلافت بابت انگريزن جي برخلاف هلچل شروع ٿي ته ان ۾ هن بزرگ پنهنجن فرزندن سميت  پورو پورو حصو ورتو ۽ سمورو  وقت پيش پيش رهيا. مولانا مرحوم سان جامع اوراق، فقير وفائي جون ڪيترا دفعا ملاقاتون  ٿيون. صابر ۽ عابد، زاهد، نيڪ بخت بزرگ هو. تمام ٻڍاپڻ سبب سماعت ۾ ڪجهه خلل به آيو هوس. افسوس جو هي ديرينه سال ۽ اڳين جو يادگار بزرگ سن 1320هه ۾ هن دنيا فاني مان رحلت فرمائي ويو.سندس وفات تي تاريخي مرثيا جيڪي لکيا ويا آهن، تن مان  ٻه قطعات هيٺ ڏجن ٿا:

 

 

از: مولوي محمد صاحب ٻنوي

زمين و  فلک زار بگريست دوش

بيفتاد اهل جهان در خروش

چون زنده دل زين جهان رخت بست

کشيده لباس بقارا بدوش

جهان جملگي گشت ظلمت ڪده

رخ خويش چون کرد در پوش

بهر گوشه گسترد خوان  علوم

بتدريس در زندگاني بجوش

بابر کرم تربتش تازه باد

بعزت بود خله نور پوش

بتاريخ رحلت ندايم رسيد

که او مرد حق شيخ کامل بگوش

1360هه

 

ايــضــالــھ

چراغ شريعت سراج هديٰ

کريم طبيعت امين الوريٰ

به  پيچيده زين دار پهلوي خويش

گزشت از فنا رفت سوئي بقا

بسر دل بجستم سن رحالتش

         4

”سليمان رضوان حق“ شد ندا

1360هه

 

267- ميرڪ محمد احسن ٺٽوي

        ميرڪ محمد احسن ولد ميرڪ محمد شفيع ولد شيخ الاسلام ميرڪ محمد مهدي ولد شيخ الاسلام مير عبدالباقي  ثاني (متوفي 1058هه) خانداني لحاظ کان وڏي علمي گهراڻي جو بزرگ هو، جنهن ڪري هن ۾ اباڻيون علمي فضيلتون ۽ نيڪ عادتون موجود هيون، جنهن ۾ نادر شاهه دهلي تي ڪاهي سنڌ ندي وارن علائقن کي دهلي کان جدا ڪري پنهنجي قبضي ۾ آندو تنهن زماني ۾ ميرڪ محمد احسن داغستان ۾ وڃي نادر شاهه سان مليو ۽ ٺٽي مان شيخ الاسلامي جو عهدو ختم ٿي ويو هو. تنهن جو پروانو نادر شاهه کان پنهنجي نالي نئون ڪرائي ٺٽي ۾ اچي پهتو. هن سموري حياتي ڪمال انسانيت ۽ وڏي امتياز سان گذاري  ۽ آخر سن 1167 ۾ هن  دنيافاني مان لاولد فوت ٿي ويو. ڪنهن شاعر سندس هيٺيئن مصرعه مان سندس تاريخ وفات ڪڍي آهي. ”جنت الماويٰ محل احسن است“

 (تحفه)

268- ميرڪ محمود ٺٽوي

        ميرڪ سيد محمود ولد شيخ مير ابو سعيد پوراني بن مير علي شير سبز واري قنڌهاري سڀ کان پهريان ميرڪ محمود ۽ مير بايزيد قنڌهار مان لڏي سنڌ ۾ پهتا. انهيءَ زمانه ۾ ارغون خاندان جو سنڌ تي قبضو ٿي ويو هو. انهن ٻنهين ڀائرن مان ميرڪ محمود ٺٽه ۾ شيخ الاسلامي جي عهدي تي پهتو ۽ مير بايزيد بکر ۾ رهجي پيو. مرزا شاهه حسن بيگ ولد مرزا شهه بيگ ارغون جي زماني ۾ شرعي فيصلا شيخ الاسلام ميرڪ ڪندو رهندو هو ۽ هن تي مرزا جو پورو پورواعتماد هو.

        سن 960 ۾ جڏهن مرزا شاهه حسن تي فالج جي بيماري جو حملو ٿيو ۽ ٺٽي کان ٻيڙي ۾ سوار ٿي بکر وڃي رهيو هو تڏهن ٺٽي جي مرزا جي ڪن ملازمن جي سرڪشي حد درجي کي پهچي وئي. جن هڪ رات جو هڪ ارغوني خاندان جي پيٽ واري عورت کي لتون هڻي سندس ٻار ڪيرائي ڇڏيو. اها ڳالهه مرزا شاهه حسن کي پهچائي وئي. جنهن ارشاد ڪيو ته شيخ الاسلام ميرڪ کي خط لکي سموري واقعي کان واقف ڪيو وڃي ۽ شريعت موجب هڪ جيڪا سزا تجيوز ڪري، سا جوابدارن کي ڏني وڃي. (معصومي)

        ميرڪ محمود، علم فضل،  سخا، زهد، تقويٰ ۾ يگانه روزگار هو. هن جي علمي فيض جو دروازو سڀ ڪنهن لاءِ کليل هو، جنهن مان سون شاگردن فائدو حاصل ڪيو. هو پنهنجي وقت جي عالمن ۾ سڀ ڪنهن خصلت ۾ بلڪل اڳرو هو. خوش خطي جي فن ۾ يگانه روزگار هو. خصوصا نستعليق خط ۾ جهڙس ڪوبه ڪونه هو. ايترين خاصيتن ۽ نيڪ خصلتن واري بزرگ محرم 962هه ۾ هن دنيا فاني کي هميشه لاءِ الوداع ڪيو. هيٺئن فقري مان سندس وفات جي تاريخ حاصل ٿئي ٿي.   ”رفت ميرک آه آه“

        ٺٽي ۾ پنهنجي محلي ۾ وڏي مسجد ۽ مڪلي تي گنبذ سندس يادگار آهن، پنهنجي پوئتان 3 فرزند عالم فاضل ڇڏي ويو.

 

 

269- ميرڪ عبدالباقي پوراني تتوي

        مير عبدالباقي ولد مير محمود شيخ السلام ميرڪ پوراني. هو بزرگ پنهنجي والد وانگي مرزا عيسيٰ ۽ مرزا  محمد باقي جي زماني ۾ شيخ  الاسلامي جي عهدي تي پهتو. فضيلتن ۽ ڪماليتن جو جامع هو. جدا جدا علمن ۽ هنرن ۽ ڪاريگرين جو  يگانو بزرگ هو. لطيف مزاج ۽ باوقار هڪ ئي هو. سندس مروت ۽ انسانيت بلند درجي تي پهتل هئي. اگرچه آمدني گهٽ هيس، مگر ان هوندي به ايندڙ ويندڙ سندس احسان واري دسترخوان کان حصو حاصل ڪندا رهندا هوا. سندس گهر ۾ مختلف قسمن جا ڏاڍا لذيذ کاڌا پچندا هوا. خاص طرح مون کي معلوم ٿيو آهي ته مٺيون ۽ چاشني دار شيون اهڙيون تيار ٿينديون هيون جو ڪنهن کي به ٻئي هنڌ اهڙيون لذيذ نصيب نه ٿيون هونديون. ميرڪ عبدالباقي علم حڪمت ۽ فلڪيات ۽ اقليدس ۾ خاص طرح وڏو عالم هو. مولانا عبدالخالق گيلاني جو شاهه فتح الله شيرازي ۽ مرزا جاه شيرازي جي پائي جو عالم هو، سو پڻ ميرڪ عبدالباقي کان ڪي مشڪل علمي سوال اچي حل ڪندو هو. تحرير اقليدس ۾ هن نيون شڪليون پيدا ڪيون جي عالم عالمن وٽ قبول پيون. شعر ۾ به وڏو دسترس هوس. هو وڏي قابليت وارو اولاد ڇڏي 983 ۾ هن فاني دنيا مان وفات ڪري ويو. (معصومي)

        مير عبدالباقي ثاني ولد مير محمود ثاني هي بزرگ به پنهنجي والد کان پوءِ ورثه طور ٺٽه جي شيخ الاسلامي واري عهدي تي فائز ٿيو. نيڪي سان دنيا مان وقت گذاري سن 1058 ۾ لاڏاڻو ڪيائون. سندس وفات جي تاريخ هيٺئين مصرعه مان نڪري ٿي.

”مير عبدالباقي آسود بفردوس نعيم“

        مير عبدالهادي ولد مير عبدالباقي ثاني هي پڻ  اباڻي علمي وراثت موجب پنهنجي والد بزرگ کان پوءِ ٺٽي جو شيخ الاسلام مقرر ٿيو. سن 1086هه ۾ هن جهان بي بقا مان بقا واري جهان ڏانهن روانو ٿي ويو. سندس وفات جو سال هيٺئين مصرعي مان حاصل ڪيو ويو.

”هذاي اهل اکرم يافت مقام محمود“

        هي بزرگ لاولد فوت ٿيو. رحمت الله عليهم (تحفت الڪرام)

 

 

270- ميرڪ عبدالوهاب پوراني ٺٽوي

        علمي، فضيلت ۽ سخاوت ۽ شجاعت جو جامع ميرڪ عبدالوهاب بن ميرڪ بايزيد بن مير ابوسعيد پوراني بکري. ٺٽي جي شيخ الاسلام ميرڪ محمود جو سڳو ڀائيٽو هو. هي صاحب بکر مان هجرت ڪري ٺٽي ۾ اچي رهيو. هن مرزا شاهه حسن ارغون، مرزا عيسيٰ ترخان ۽ سندس فرزند مرزا محمد باقي جو سمورو  زمانو  ڏٺو.

        عمده خصلتن ۽ پسنديده عادتن جو مالڪ هو. هن جي مجلس هميشه زنده دلي ۽ علمي مذاق واري هوندي هئي. شعر و سخن سمجهڻ جو کيس بلند مقام حاصل هو. زاهد ۽ پرهيزگار ته هن جهڙو سندس وقت ۾ ڪو مشڪل سان ملي سگهي. هميشه نصيحت ۽ واعظ جو شغل جاري رکندو هو. بادشاهن کي  حق جي ڪلمه چوڻ ۽ سڌي رستي هلائڻ هن جو بهترين مشغلو هو. ظلم ۽ بدعت جي پاڙ پٽائڻ ۾ هميشه سعيو ڪندو رهيو. فقيه به هڪڙو ئي هو.  ”جامع فتاويٰ پوراني“ جو علم فقه ۾ هڪ مشهور ڪتاب آهي. سندس تصنيف ٿيل آهي.

        ايتري حد تائين  سخي هو جو شاعر ۽ عالم ۽ ٻيا ضرورت مند هن جي مهمان خاني ۾ هميشه موجود هوندا هوا ۽ ڪوبه سوالي وٽانئس خالي ڪونه ويندو هو.

        مرزا شاهه حسن ارغون جي طبع ۾ هن کي ڏاڍو دخل هو ۽ گهرو  معاملات ۾ تمام گهڻي حد تائين سندس معتمد ۽ ڀروسي جهڙو هو.

        مرزا شاهه حسن کان جڏهن مرزا ڪامران ولد ظهيرالدين همايون سندس نياڻي ڪوچڪ بيگم جو سنڱ گهريو ته اها مائٽي  به مير عبدالوهاب جي مشوري کان پوءِ ٿي. مرزا ڪامران کي جو ان وقت پاڻ وٽ رهايو ويو هو. اتي شادي ڪرائڻ جو انتظام مير عبدالوهاب جي حوالي ٿيو ۽ بيگم کي ٺٽي مان مير عبدالوهاب  پاڻ سان  پاٽ وٺي آيو ۽ شاهاني نموني شادي ڪرائي  ڏنائين.

        مرزا شهه حسن آخر عمر ۾ چون ٿا ته همايون بادشاهه جي بددعا سان بيمار ٿي پيو. بيماري هئي فالج (اڌ رنگ) جي جنهن ڪري مرزا صاحب صفا بيڪار ٿي ويو،. هوا بدلائڻ لاءِ ٺٽي مان بکر هليو آيو ته پوئيتان اميرن بغاوت ڪري شاهه حسن جي وڏي امير  مرزا عيسيٰ ترخان جي بيعت ڪئي. انهيءَ خبر مرزا شاهه حسن کي  ڏاڍي تڪليف پهچائي ۽ غصو آيو.

        مرزا عيسيٰ وفادار امير هو. هن کي بغاوت جو ڪوبه خيال  ڪونه هو، تنهن ڪري ڏاڍو پشيمان ٿيو. مگر هن جي پاران مرزا شاهه حسن کان معافي ڪير وٺرائي ڏئي. آخر مير عبدالوهاب  کي وچ ۾ آندو ويو، جنهن بادشاهه جو غصو گهٽايو ۽ مرزا عيسيٰ کي معافي وٺرائي ڏني.

        مرزا شاهه حسن جي جڏهن بيماري تمام سخت ٿيندي وئي تڏهن مير عبدالوهاب جو بيماري واري حالت ۾ هڪ منٽ به کائونس جدا نه ڪيو ويندو هو. تنهن مرزا شاهه حسن کي بکر مان ٺٽي هلڻ جو  مشورو ڏنو. هي سمورو قافلو ٻيڙين جي رستي روانو ٿيو، جنهن ۾ سلطان محمود بکري، شهه شاهه حسن جو وفادار ۽ جان نثار امير ۽ سندس پياري بيگم ماه بيگم پڻ ساڻ هئي، آخر اهو ٻيڙين جو قافلو جڏهن علي پوٽا وٽ پهتو، تڏهن مرزا شاهه حسن جي حالت وڌيڪ خراب ٿي. مير عبدالوهاب ۽ سلطان محمود  بکري شاهه حسن جي مٿن کان ويٺل هوا.

        شاهه حسن دم ڏنو. اُن وقت مير عبدالوهاب ٻاهر نڪري ملڪه ماه بيگم کي اطلاع ڏنو ۽ سلطان محمود بکري ۽ ماه بيگم کي پاڻ ۾ اتحاد ڪرايو ته هو هڪ ڳالهه تي بيٺا هجن ته جيئن سندن اختلاف ڪري، دشمن ملڪ تي قبضو نه ڪري وٺن. انهي ٺاهه کان پوءِ غسل ۽ ڪفن جو سمورو ڪم به مير عبدالوهاب سرانجام ڪيو. اتي اختلاف ٿيو ته لاش کي بکر کڻي وڃجي يا ٺٽي.

        سلطان محمود جو بکر کڻي وڃڻ جو ارادو هو، مگر ماه بيگم اختلاف ڪيو. آخر مير عبدالوهاب جي ارشاد تي سلطان محمود پنهنجي ارادي تان هٽجي ويو ۽ مير عبدالوهاب مرزا شاهه حسن جو جنازو ٺٽي کڻائي پهتو. (معصومي)

        مرزا شاهه حسن جي وفات کان پوءِ مرزا عيسيٰ  جي زماني ۾ به مير عبدالوهاب ساڳي عزت ۽ قبوليت جو مالڪ هو ۽ مرزا محمد باقي جي زماني ۾  اگرچه  بادشاهه سان تقرب نه رکيائين، مگر ان هوندي  به سندس قديم جاگيرون بحال رهيون، جنهن ڪري مهمان نوازي ۽ سخاوت جو ڪم بحال رکندو آيو. مرزا محمد باقي هڪ ڪنجوس ۽ حاسد ۽ ظالم ڏاڍو سخت مزاج انسان هو، جنهن ڪري هن جي زماني ۾ ڪيترائي درويش ۽ عالم ۽ امير، شهري ۽ مسافر قتل  ٿيندا رهيا. ميرڪ عبدالوهاب جي شهادت جو واقعو به انهيءَ سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. ان جو تفصيل تاريخ واري هيٺئين ريت ڏنو آهي.

        حقيقت ۾ ميرڪ عبدالوهاب ترخان گهراڻي وارن جو مرشد هو. جنهن سان مرزا محمد باقي ترخان جي دل ۾ وير ۽ حسد پيدا ٿيندو رهيو، ڇاڪاڻ جو ميرڪ عبدالوهاب وڏو سخي مرد هو ۽ ڏورانهن ملڪن جا عالم ۽ فضل وارا ماڻهو سمنڊ جي رستي جيڪي ٺٽي ۾ ايندا هوا، تن جي مهمانداري، نيڪي ۽ مروت جي برتاءُ ۾ ڪين گهٽائيندو هو.  هنن کي خوراڪ کان سواءِ پهراريون، انعام ۽ سفر جو سامان به ڏيندو هو. مرزا محمد باقي کي دل ۾ آيو ته ميرڪ عبدالوهاب جي اها شاهاڻي روش منهنجي بدناموسي جو ڪارڻ آهي، تنهن ڪري بهتر آهي تنهن کي ختم ڪرائي ڇڏجي ته پوءِ نه ڪو پرديسي مسافر وٽس ايندو  ۽ نه وري هن جي نيڪ نامي ۽ منهنجي بدنامي  ٿيندي. هوڏانهن حقيقت ۾ مرزا باقي جي گادي يا حڪومت هٿ ڪري ڏيڻ ۾ به ميرڪ جوئي هٿ هو، مگر هن ناحق شناس بادشاهه ان جو ڪوبه خيال ڪونه ڪيو ۽ سندس قتل ڪرائڻ جو پڪو ارادو ڪري ڇڏيائين ۽ پنهنجي دولت جي بدخواهي جو ڪوبه خيال نه ڪيائين.

        قاضي خميسو جاهل جو مرزا جي اميرن مان هو، ميرڪ جي شهيد ڪرڻ تي ان کي  مقرر ڪيو ويو. مشورو هينئن ڪيو ويو جو عيدگاهه کان موٽندي حملو ڪيو وڃي ته بهتر آهي. عيدالفطر جي نماز ادا ڪري جيئن مڪلي تان پنهنجي جماعت سميت شهر ڏانهن موٽي رهيو هو ته رستي تي قاضي خميسي جي اشاري سان مٿس حملو ٿيو ۽ وڏو عالم ولي درويش سيد ڏينهن ڏٺي بي گناهه راهه ويندي شهيد ڪيو ويو. اهو واقعو سال 990 هه ۾ ٿي گذريو. (طاهري)

        ساڻس گڏ سندس سئوٽ ميرڪ عبدالرحمان بن م يرڪ محمود به شهيد ٿي ويو، جو هڪ وڏو صوفي موحد عالم هو. (معصومي)

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org