سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: تذڪره مشاهير سنڌ (ڀاڱو ٻيو)

 

صفحو : 18

287 – مير  مرتضيٰ نصرپوري

        رضوي ساداتن مان نوجواني جي زماني ۾ ئي هن تي خاص ڪيفيت طاري ٿيل هئي. هڪ دفعي پير قائم الدين قريشي قلندر بڪيرائي پنهنجي جماعت کي فرمايو ته نصرپور ۾ هڪ شخص ولادت جي درجي کي قلندري نسبت درجهه ۾ پهتل آهي، مگر اڃا پنهنجي حال کان بي خبر آهي، مگر جڏهن هتان ٿي ويندو، تڏهن ان کي قلندري حال جي خبر پوندي. هڪ ڏينهن سيد مير مرتضيٰ گهوڙي تي سوار ٿي تير ڪمان کڻي اچي قائم الدين قلندر وٽان، بڪيرن جي درگاهه وٽان اچي لانگهائو ٿيو ۽ ڪبوترن جي هڪ ٽولي کي تير اڇايو. مگر اُهو گسي ويو. فقيرن کي  چيائين ته کڻي ڏيوم. فقيرن چيو ته هڪ ته هن شخص بي ادبي ڪري درگاهه جي پکين کي تير هنيو آهي، ٻيو وري اسان کي حڪم ڪري ٿو ته تير کڻي ڏيوم. مگر قائم الدين قلندر صاحب فرمايو ته تير کڻي ڏيوس. هن اسان جي پکين کي تير هنيو آهي. هو خود اسان جي تير جو به گهائل ٿي چڪو آهي. پوِءِ ته مٿس اهڙو حال وجد جو پرتو اچي پيو جو گهوڙو ۽ تير ڪمان ڦٽا ڪري، دانهن ڪري زمين تي ڪري پيو جتي ڪيترا ڏينهن بي حال ٿيو پيو هو ۽ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي ڦٽا ڪيائين. نيٺ هڪ ڏينهن قلندر صاحب کيس پنهنجي چادر ڍڪڻ لاءِ ڏني ۽ چيائونس ته مير سائينداد جي مسجد ۾ وڃي ويهو. اهو ڪلام ٻڌي،ا ُتان اٿي روانو ٿيو ۽ جهنگ منهن ڪري ٽنڊو محمد خان  جي آس پاس مستن وانگي پيو گهمندو ڦرندو هو. جيڪو ماڻهو به وٽس ويندو هو ته ان کي گاريون ڏيئي پٿر هڻي تڙي ڇڏيندو هو.

        هڪ ڏينهن قلندر صاحب پنهنجي مريد سيد مير محمد شاهه کي فرمايو ته مير مرتضيٰ پنهنجي نفس کي ڪافي لوڙايو آهي، تنن ڪري هن کي وٺي وڃي هڪ هنڌ وهارينس. سيد صاحٻبڳوليندي هن کي جهنگ ۾ وڃي لڌائين. سڀ کان پهريان سندس مرشد جا سلام پهچايائينس. جنهن ڪري سيد مرتضيَ اُتي بيهي رهيو،. پوءِ نياپو ڏنائين ته توکي هاڻ هڪ هنڌ ويهڻو آهي. پوءِ مير مرتضيٰ پنهنجي ٻانهن ڊگهي ڪري مير محمد شاهه جي هٿ ۾ ڏني، جنهن  آڻي ٽنڊو سائينداد جي مسجد ۾ وهاريوس. جڏهن هو روانو ٿيڻ لڳو تڏهن مرتضيٰ کائونس پڇيو ته هميشه هت رهبو ڇا. مير محمد شاهه چيس ته هائو، ائين 3 دفعا پڇيائين ۽ باقي سموري ڄمار ٽنڊي سائينداد ۾ ويهي ياد الاهي ۾ گذاريائين. اُتي ئي عيال آڻائي رهيو ۽ پوتئان اولاد ڇڏي 14 محرم 1261هه ۾ وفات فرمائي ويو. سندس ڪشف ۽ ڪرامتن جون ڳالهيون ملڪن ۾ مشهور آهن.

(اذڪار قلندري)

 

288- مخدوم عبدالحميد ٻوڇڙائي

        ملاڪاتيار جي لڳ ٻوڇڙن ۾ هڪ وڏو ڪامل ٿي گذريو آهي، جنهن  جون ظاهر ڪرامتون زماني  جون يادگار آهن. سندس فرزند ميان محمد شريف تمام وڏي ڪماليت جو مالڪ آهي. ايندڙ ويندڙ مسافرن جي خدمت ۾ لڳل آهي ۽ پنهنجي والد وانگي في سبيل الله خاطر خدمتون ڪري ٿو. خانقاه ۾ صبح شام طالبن سان خفي جلي ذڪر ۾  مشغول آهي. (تحفت الڪرام)

        قدوة العارفين مخدوم عبدالحميد  ٻوڇڙائي ڪنهن تي به نظر توجهه ڪندا هوا ته هو انهيءَ دم بي حال ٿي ويندو هو. گهڻو ڪري توجه وڌل ماڻهو مري ويندا هوا. مخدوم  صاحب فرمائيندو هو ته هينئر ملڪ ۾ ڪير آهي، جو جنهن کي اها نعمت الاهي سپرد ڪيون.

        هڪ دفعي فرمايائون ته بڪيرن ۾ قائم شاهه انهيءَ جي لائق آهي، مگر هو اڃان ننڍي ڄمار جو آهي ۽ اهوئي انهيءَ امانت کي سنڀاليندو. آخر هڪ ڏينهن مخدوم صاحب بڪيرن ڏانهن روانا ٿيا. جڏهن بڪيرن جي ويجهو پهتا تڏهن پير قائم الدين قلندر به شڪارگاهه ڏانهن وڃڻ جي تياري ڪري رهيو هو، مگر مخدوم صاحب کي ايندو ڏسي،  شڪار جو خيال  لاهي سندن خدمت ۾ وڃي  پهتو ۽ اُتي ئي  حقاني ملاقات ڪيائون. حضرت مخدو م ڳوٺ ڏانهن واپس ٿي پنهنجي ڳوٺ ڏانهن روانو ٿيو جو بڪيرن کان ٽن ڪوهن پنڌ تي آهي ۽ هيڏانهن پير قائم الدين تي اهڙي بي خودي ۽ وجد جي حالت طاري ٿي، جو ڪيترو زمانو بي حال ٿي پيو هو. مخدوم صاحب  ماڻهن کان پيو پڇندو هو ته قائم شاهه جي هاڻي ڇا حالت آهي. آخر هڪ شخص اچي  چيو ته هاڻي هوش ۾ آهي. تڏهن فرمايائون ته امانت جو بار کڻي اُٿيو. آئنده ڪابه تڪليف ڪانه رهيس. هاڻي اسان جو هن دنيا فاني مان ڪوچ ڪري حقيقي مالڪ سان وصل جو ارادو آهي.  ائين چئي مخدوم صاحب پوءِ ستت ئي وفات فرمائي ويو. سندن تاريخ رحلت هڪ قلمي رسالي ۾ 1165هه لکيل آهي. مقبره ٻوڇڙن تعلقه ٽنڊوالهيار ۾ آهي ۽ سال بسال 11 ربيع الاول فقيرن جو اُتي اجتماع ٿيندو آهي.

(اذڪار قلندري)

 

 

 

289- شيخ هوٿي لاکه

        هي بزرگ وقت جو وڏو ڪامل ولي، مرشدن  جو مرشد هو. گهڻو ڪري سرخ  لباس ڍڪيندو ۽ تير ڪمان پاڻ سان رکندو هو. بنا سرود جي راڳ جو سماع ڪندو ۽ وجد ۾ ايندو هو. حضرت شيخ بها‎‌ءُالدين زڪريا ملتاني جو خليفو ۽ مريد هو.

        (1) شروع زماني ۾ جو اڃان سندس شهرت جو سج ڪڪر جي پردي ۾ هو، هڪ ڳوٺ ۾ اچي رهيو. انهيءَ ڳوٺ جي وڏيري جو پٽ ڪنهن ڏورانهين هنڌ قيد ٿيل هو. وڏيري کي حوصلو ئي  نه پيو ٿئي جو ولايت مان وڃي پٽ کي ڇڏائي اچي، جنهن ڪري هن هڪ وڏي  دعوت ڪري، سوين خدا وارا بزرگ آڻي گڏ ڪيا، ته من هنن جي برڪت ۽ دعا سان سندس فرزند جو ڇوٽڪارو ٿئي. شيخ هوٿي به انهيءَ معرڪي ۾ موجود هو. دعوت  وارن کان کاڌو گهريائين. مگر هن جي اهڙي حالت هئي ڪانه، جو ڏانهس ڪو توجهه ڪيو وڃي. بلڪ حقارت جي نگاهه سان ڏسڻ ٿيس ۽ سندس کاڌي کائڻ جي پرواهه  ئي ڪانه ڪيائون. جنهن کان شيخ هوٿي فرمايو ته اي مجلس وارا، هي کاڌو اوهان تي تڏهن حلال  ٿيندو جڏهن ميزبان وڏيري جو پٽ وٺي آڻي حاضر ڪندا. جڏهن اوهان ائين ڪرڻ کان  عاجز آهيو ته مون کي اجازت ڏيو ۽ آءٌ ٿو اجهو آڻي حاضر ڪريان. سڀيئي حيرت ۾ حيران ٿي کيس چوڻ لڳا ڀلي اوهان آڻيوس! شيخ هوٿي  ڇا ڪيو  جو اُتي جو اُتي ٻانهن کان وٺي  ڇوڪري کي آڻي مجلس ۾ حاضر ڪيائين. انهيءَ کان پوءِ سندس شهرت جو غلغلو دنيا ۾ پوڻ لڳو ۽ وڏي مشهوري حاصل ڪيائين. (تحف الڪرام)

        (2) هڪ ڏينهن شيخ هوٿي مريدن سان ڪنهن جهنگل ۾ ويٺل هو. ڏٺائين ته هڪ ماڻهو ڌونئري جو گهڙو کنيو اچي ٿو. شيخ جي فقيرن هن کي چيو ته هي سڀ ڌونئرو ڪيتري ۾ وڪڻندين،  ڏوڌي جواب ڏنو ته 8 ڍڳيون کپن، فقيرن چيو ته ملهه ڏاڍو ڳرو ڪيو اٿئي! ڪجهه گهٽ ڪر! مگر ڏوڌي چيو ته هڪ ڪوڏي به گهٽ نه ڪندس.

        شيخ هوٿيءَ پنهنجن فقيرن کي چيو ته اوهان ڏهي وٺي پاڻ ۾ ورهائي کائي ڇڏيو، ڏوڌي کي 8 ڍڳين جو ملهه پاڻهي ادا ڪريان ٿو.پوءِ انهيءَ ڏوڌي کي فرمايائون ته فلاڻي هنڌ وڃي  زمين کي ٿورو کوٽ، اتان خزانو لڀندو، مگر ان مان فقط 8 ڍڳين جي ملهه جيترا پئسا کڻج نه وڌيڪ، باقي اُتي جو اُتي ڍڪي ڇڏج! پر جيڪڏهن وڌيڪ کڻندين ته نقصان رسندو.  ڏوڌي حڪم جي تعميل ڪئي ۽ پنهنجي مراد کي رسيو. (ارشاد الطالبين قلمي)

        (3) پنهنجي چاچي  سان گڏ ملتان ڏانهن مرشد جي ملاقات لاءِ سفر ڪري رهيو هو. هڪ اهڙي جاءِ تي پهتا، جتي سندس چاچي چيو هت تمام زبردست نانگ آهي، جنهن جي ڦوڪ سان هن واٽ ۾ ٻه چار مسافر اڳ موا به آهن،تنهن ڪري انهيءَ نانگ جي واٽ کان پاسو ڪري هلڻ گهرجي. مگر رستو جهنگل مان هو، جنهن ڪري اوچتو انهيءَ نانگ جي مٿان اچي پيا جو هڪ تمام ٿلهو ۽ ڊگهو ڦڻ ڪڍيو  ڪر کنيو بيٺو هو. شيخ هوٿي پنهنجي نظر اهڙي طرح انهيءَ نانگ تي اڇلائي، جو  هو اُتي جو اُتي مري ويو.

(ارشاد الطالبين)

        (4) چون ٿا ته هن بزرگ جڏهن هن دنيا فاني مان لاڏاڻو ڪيو، تڏهن سندس جنازه نماز ۾ جيڪي ماڻهو شريڪ ٿيا، تن مان هڪ جو بيان آهي ته شيخ هوٿي ساڻس ڪلهو  ڪلهي ۾ صف ۾ بيٺو هو. انهيءَ ماڻهو چيس ته اوهان وري پنهنجي جنازي تي نماز پڙهو ٿا؟ شيخ هوٿي چيس ان لاءِ توکي حيران نه ٿيڻ گهرجي، اسان کي جيئرو سمجهه!

(تحفت الڪرام و ارشاد الطالبين)

        شيخ هوٿي جو مقبرو ڍنڍ جي ڪناري مورياڻي جي مقام ۾ آهي. جو دريا سانڱري جي ڪناري تي آهي.

(تحفت الڪرام و ارشاد الطالبين)

        هن وقت انهيءَ حد جو نالو ئي ديهه مشائخ هوٿي ٿي چڪو آهي مورياڻي وغيره نالا نابود ٿي ويا آهن. سانڱره ندي ڦٽي وئي آهي. مشائخ هوٿي شهدادپور تعلقه ضلع نواب شاهه ۾ آيل آهي.

        شيخ  احمد ۽ شيخ محمد سندس ٻه فرزند وڏا بزرگ نامدار ۽ وڏن ولين مان ٿي گذريا آهن. شيخ احمد هميشه مجاهدن ۽ ذڪر ۾ لڳل هوندو هو. هڪ لحظو به الله جي ذڪر کان واندو نه هوندو هو. شغل باطني ۽ ڪمال قرب ڪري ظاهري عبادتن  سان گهٽ لاڳاپو رکندو هو. هنن ٻنهي ڀائرن جون ڪرامتون سمجهه  ۽ ڳاڻاٽي کان وڌيڪ آهن. سندن مقبرا پنهنجي والد جي لڳو لڳ ساڳي جاءِ تي آهن.

(تحفت الڪرام)

 

290- شيخ طاهر اڏيرو لعل

        چيو وڃي ٿو ته هو شيخ بهاءُالدين زڪريا ملتاني جو مريد آهي. اصل ۾ هو هندو ڇوڪر هو. هو گهور ڪري ڪجهه ڪمائيندو هو. هڪ ڏينهن اوچتو ئي اوچتو دل ۾ الله تعاليٰ جي محبت ۽ شوق جو جذبو پيدا ٿيس. الله تعاليٰ جي نالي سکڻ لاءِ شيخ بهاءُالدين جي خدمت ۾ وڃي پهتو. جڏهن شيخ جي نظر ڪيميا اثر، سندس وجود تي پيئي، تڏهن اُتي جو اُتي هن جي حالت ئي بدلجي وئي. مسجد جي منبر تي چڙهي خطبو پڙهيائين. ان کان پوءِ مرشد کان تلقين حاصل ڪري  مريد ٿيو. ان  کان پوءِ هو سنڌ ۾ اچي جهيجي جي ڳوٺ ۾ رهيو ۽ اُتي ئي وفات ڪيائين. (ارشاد الطالبين)

        مير علي شير قانع لکي ٿو ته هن ولي جي ذات بابرڪات دنيا جي عجائبات مان آهي. هندو کيس لال اڏيرو سڏيندا آهن ته مسلمان وري شيخ طاهر.

        بهرحال معتبر ذريعه سان معلوم ٿيل آهي ته هو حقيقت جي شراب کان متوالو شروع ۾ هڪ بيابان ۾ گذاريندو هو. هڪ ڏينهن ماني ٽڪر هٿ ۾ جهلي کائڻ جو ارادو ڪري رهيو هو ته اوچتو هڪ اُٺ گلي مان ڇڄي هن بزرگ جي ڀونگي تي اچي بيٺو، فقير اُٺ ۾ مظهر الاهي پسي کيس چيو ته سائين منهنجا مون تي احسان ڪري جو اڄ منهنجي ڀنگي ۾ آيا آهيو. اجهو جيڪي  حاضر آهي، سو کائي احسان فرمايو. اُٺ کي ائين چئي رهيو هو. ٽاهڙ ۽ ڀڳل سو ڪٿي ٿو قرار ڪري، سو وٺي ڀڳو. فقير به اُٺ جي پوئتان ڊوڙندو رهيو. آخر انهيءَ ڊڪ ڊوڙ ۾ جتي کيس پهچڻو هو، اُتي پهچي ويو! جنهن کان پوءِ  سندس مشهوري جو غلغلو بلند ٿيڻ لڳو، وفات کان پوءِ ڀات ڀات جا ماڻهو سندس مقبري تي اچن ٿا.

        هر سال هڪ خاص ڏينهن تي هندو زالون سموري سنڌ مان اُتي اچي گڏ ٿين ٿيون. ڪنهن پردي يا شرم کان سواءِ هو عجيب عجيب حرڪتون ڪنديون آهن. لال اڏيري جو نالو وٺي، جيڪڏهن ڪي ماڻهو اُنهن سان گڏجي نچندا آهن.  هندو زالون پنهنجي مردن وغيره جو ڪوبه خيال ڪونه ڪنديون آهن. (تحفت الڪرام)

        شيخ بهاوءُالدين زڪريا جي مريد هجڻ واري حالت ۾ شيخ  طاهر لال اڏيرو 7 صدي جي رجالن مان سمجهڻ گهرجي. اگرچه هن جي تاريخ وفات ميسرنه ٿي آهي.

        اڳ جنهن نموني هندو زالون نهايت بي پردگي سان لال اڏيري تي پُٽ حاصل ڪرڻ لاءِ حرڪتون ڪنديون هيون، جنهن جو مير علي شير ذڪر  ڪيو آهي. اڄ ڪلهه  سڌريل زماني ۾ اهي رسمون تمام گهٽجي ويون آهن ۽ هندن ۾ ڪافي بيداري اچي چڪي آهي.

        ملا علي ٺٽوي شيخ طاهر اڏيري لال جي شان ۾ هڪ ننڍو قصيدو لکيو آهي، جو درگاهه تي هڪ پٿر مٿان اُڪيرايو ويو هو. (مگر هن وقت اهو قصيدو ۽ پٿر ضايع ٿي ويا آهن) قصيده هي آهي:

آن گوهر بهر وحدت حق

پروانه نور شمع مطلق

گنجور کنوز بادشاهي

منظور عنايت الاهي

مقبول مقربان درگاهه

يعني که اڏيره بن رتن شاهه

از فيض زيارتش همه غم

واکرده ز جان جمله عالم

(مقالات شعراء)

        هن نظم  مان پڌرو آهي ته سندس والد جو نالو ”رتن شاهه“ هو.

والله اعلم بالصواب.

 

 

291- شيخ نوح کيبرائي

        درويش نوح قوم جو هوٿياڻي سواءِ ڪنهن نام نمود  جي خاموش وقت گذاريندو رهيو. سموري زندگي ٻڪرين چارڻ ۾ گذاريائين. هو وڏو عارف ولي ڪرامتن ۽ ڪشف جو مالڪ هو.

        نقل آهي ته هالن ۾ هميشه مخدوم نعمت الله مخدوم نوح جي والد بزرگ جي خدمت ۾ اچي  ڪجهه نه ڪجهه نذر نياز ڏئي ويندو هو. جڏهن مخدوم نوح پنهنجي والده جي پيٽ ۾ سنجريو، تڏهن درويش نوح هوٿياڻي جو ڪجهه به هديو آڻيندو هو سو مخدوم نعمت الله جي خدمت ۾ پهچائڻ جي بجاءِ مخدوم نعمت الله جي حويلي ۾ پهچائي ڏيندو هو. مخدوم نوح جي ولادت کان پوءِ درويش مخدوم نعمت الله وٽ پهچي فرزند جي مبارڪ باد ڏئي ۽ مخدوم نوح جو ٻارڙو هو، ان کي ڏسي، سندس قدم بوسي ڪري پوءِ پنهنجي ڳوٺ کيبري (جو هالن کان ٿوري مفاصلي تي آهي) واپس هليو ويو. ان کان پوءِ ستت ئي وفات ڪري ويو.

        ڄام جوڻو سمه جڏهن ٺٽي جو حاڪم ٿيو، تڏهن هن پنهنجن ٻن عزيزن ڄام صلاح الدين ۽ ڄام تماچي کي، دهلي جي بادشاهه کي چغلي ڪري اُتي قيد ڪرايو هو. هو ٻئي دهلي  ۾ (سلطان فيروز تغلق وٽ) ڪيترو ئي وقت قيدي هوا.

        آخر هو پنهنجي عقلمندي سان قيد مان ڇوٽڪارو لهي سنڌ ڏانهن روانا ٿيا، ڏهن کيبرن جي ڳوٺ وٽان لانگهائو ٿيا ته هڪ درويش (نوح هوٿياڻي) کي عارفانه صورت ۾ بيٺو ڏٺائون. ٻئي ڄڻا سندس پيرن تي ڪري، بيحد نيازمندي سان پيش آيا. ۽ پنهنجي تڪيفن ۽ حڪومت کان برطرف ٿيڻ جو سمورو احوال پيش ڪيائون. دوريش کين دلجاءِ ڏيندي فرمايو ته ٻه چار ڏينهن ٿيا آهن، جو آءُ پکين جي واتان ۽ ون جي پنن مان اهو آواز ٻڌي رهيو آهيان ته سنڌ ۾ ڄام تماچي جي حڪومت آهي ۽ ڄام جوڻي جو خاتمو ٿي چڪو آهي. جڏهن اهي ٻئي ڀائر ٺٽي ۾ پهتا تڏهن ڄام جوڻو ستت ئي وفات ڪري ويو ۽ سنڌ جي حڪومت ڄام تماچي جي حوالي ٿي، جنهن کان پوءِ ڄام سما هميشه شيخ نوح هوٿياڻي جا معتقد ٿي رهيا. شيخ جي وفات (سن  ) ۾ ٿي ۽ سندس مقبرو کيبرن ۾ مشهور معروف آهي. (ارشاد الطالبين و حديقت الاولياء)

292- پير پٺو ديولي

        اصلي نالو حسين بن راڄپار  بن ڪاهو بن سخير بن خيرو قوم اپلان، سندس  والده جو نالو سلطاني ڌيءَ مراد بن شرفو.

        وڏو اولياء ۽ تمام شرف وارو  واصل بالله هو. هن جي واکاڻ ۾ ڪنهن کي حوصلو آهي جو ڪجهه ٿورو به بيان ڪري سگهي. سنڌ ۾ ايڏي ڪماليت وارو انسان ڪو گهٽ پيدا ٿيو هوندو.

(تحفت الڪرام)

        هو ڪامل ولي وڏي تصرف جو مالڪ هو. اصل اتي ئي رهندو هو، جتي هاڻ سندس مقبرو آهي. (ٺٽي کان پنج ڪوهه پهاڙي تي) اُتي ويراني هئي ۽ هي بزرگ پهاڙ جي هڪ غار ۾ الله تعاليٰ جي يادگيري ۾ مشغول رهندو هو. ذڪر ۾ اهڙو محو ۽ غرق ٿيل هو جو کاڌي پيتي جي پرواهه به ڪانه هوندي هوس. روزو وڻن جي پنن تي کوليندو هو، مگر آبادي ڏي رخ نه ڪندو هو.

        هڪ ڏينهن شيخ بهاوءالدين ملتاني ۽ لعل شهباز قلندر  سير ڪندي اچي انهيءَ پهاڙ وٽان لانگهائو ٿيا ۽ ڪجهه وقت بيهي آرام ورتائون.  هنن بزرگن کي اندر واري صفائي سان معلوم ٿيو ته هت ڪو خدا وارو ماڻهو رهي ٿو، جنهن ڪري اتان اُٿي ڳولا ڪرڻ لڳا، آخر هڪ  غار جي ڪنڊ ۾ کيس وڃي هٿ ڪيائون. پير پٺي کي وري ڪشف سان معلوم ٿيو ته هنن بزرگن مان شيخ بهاءُالدين جي منزل ۽ مرتبو خدا تعاليٰ وٽ گهڻو بلند آهي، جنهن ڪري  مخدوم بهاو الدين سان بيعت ڪري کائنس تلقين ورتائين. پوءِ هو ٻئي بزرگ ته پنهنجو رستو ورتيون هليا ويا ۽ پاڻ هي درويش ساڳي ريت ساڳي هنڌ تي ياد خدا ۾ مشغول رهيو. (ارشاد الطالبين)

        شيخ بهاءُالدين ملتاني جي ملاقات ۽ تلقين حاصل ڪرڻ کان پوءِ  درپيش پٺه کي شهرت حاصل ٿي ۽ ماڻهن ۾ مشهور ٿيڻ لڳو. هي هدايت ۽ ارشاد جي آسمان جو سج سال 606هه ۾ غروب ٿي ويو، ۽ سندس درگاهه سموري سنڌ ۾ ممتاز بلڪ سموري ملڪ ۾ مشهور آهي.

(تحفت الڪرام)

        ڪنهن زماني ۾ ته ٺٽه جا رهاڪو پير پٺه جي قبر تي ماهه بماهه وڏو ميلو لڳرائيندا هوا ۽ هو کيس پنهنجو قبله حاجات ڪري مڃيندا هوا. مگر هاڻي اها حالت گهٽ آهي، پر ان هوندي  به درگاهه تي مجاور نسل به نسل رهندا اچن ٿا. جن وٽ اڳوڻن اسلامي حاڪمن وٽان جاگير جي وقف زمينات جون سندون به آهن.

 

 

293- حبيب  شاهه ٺٽوي مجذوب

        قوم ڏاهري، نوجواني جي زماني ۾ هو عقل جو سالم صحيح هو. جنهن ڪري سندس والده کيس شادي ڪرائي. پرڻي  رات پنهنجي زال سان هڪ دفعو صحبت ڪري، پوءِ اوچتو اوچتو گم ٿي ويو. آخر 12 سالن کان پوءِ مٿي پيرين اگهاڙو مجذوب جي صورت ۾ اچي ٺٽه ۾ وارد ٿيو. گهڻو ڪري پير منبي جي قبر تي گذاريندو هو. ماڻهن جي دل وارن تي ڪشف سان اطلاع هوندو هوس ۽ گهڻو ڪري سواءِ ڪنهن ڳالهه ڪرڻ جي سائلن کي جواب ڏيندو هو. ڪنهن کان ڪجهه به نه گهرندو هو. لاچار ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ماڻهو کان ڪجهه گهرندو هو، ان وٽ هوندو هو ته کڻي ڏيندا هوس.

        ٺٽي جي مشهور شاعر ۽ عالم مير حيدرالدين ڪامل سان گڏجي کاڌو کائي رهيو هو، دسترخوان تي مڇي جو ٻوڙ به هو. مير جو ارادو هو ته ان مان به کائي،  پر مجذوب منع ڪيس. آخر درويش کان اک چورائي هڪ گراهه کڻي وات ۾ وڌائين ته مجذوب زوريءَ  وات مان ڪڍي ورتس ۽ اهو ٻوڙ کڻي اڇلايائين.  ٻلي جو اُتي بيٺي هئي، سا مڇي کائڻ شرط ڦٿڪي مري پئي.

        هڪ ڏينهن مير محمد عطا اميرخاني شاعر جي گهر واريءَ ڏيڍي ۾ ڪنهن پڇاڳاڇا جي اچي چادر تاڻي سمهي پيو. 3  راتيون، 3 ڏينهن برابر هڪ هنڌ ستو پيو هو، جو پاسو به ڪونه چوريو هوائين. شاهه عبداللطيف ڀٽائي به  ان وقت اوطاق بالا خانه ۾ مير محمد عطا جو مهمان هو، جنهن بزرگ مجذوب جي ايڏي ڊگهي ننڊ جو  احوال معلوم ڪري هيٺ لهي آيو. مٿن کان ويهي فرمايائينس؛ او مست! اها ننڊ ڪنهن کان سکيو آهين، ڇو ته تنهنجي ننڊ اسان جي جاڳڻ کان به  ڀلي آهي.

”آنچه تو در خواب داري، مارا در بيداري نيست“

        سنڌ تي جڏهن نادر شاهه ڪاهه ڪئي، ان زماني ۾ هي درويش ٺٽه مان گم ٿي ويو. پوءِ پتو نه پيو ته مئل آهي يا جيئرو. اهو واقعو 1152 ۾ ٿي گذريو. (تحفت الڪرام)

 

 

294- سيد رڪن الدين متعلوي

        متوڪل، عارف ڪامل، سخي سيد رڪن الدين متعلوي مخدوم ساهڙ لنجار جو مريد ۽ خليفو، سيد رڪن الدين جون  مخدوم نوح عليه الرحمت سان به ملاقاتيون رهيون آهن.

        هو پنهنجي مرشد جي محبت ۽ فرمانبرداري ۾ ايڏو محو هو جو هڪ دفعي مخدوم ساهڙ لنجار ۽ سيد صاحب، دريا جو ڪنارو ورتيون آيا ٿي ته رستي ۾ نماز جو وقت پهچي ويو. ڪناري سان اهڙي گپ هئي، جو پير کوڙي وضو ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو هو. جنهن تي مخدوم ساهڙ چيس ته تون سنئون ٿي سمهي رهه ته آءٌ توتي پير رکي وضو ڪريان. شاهه صاحب حڪم جي تعميل ڪئي. جڏهن مخدوم سيني تي چڙهي وضو ڪرڻ لڳو، تڏهن شاهه کي دل ۾ گذريو ته آءٌ سيد اهل بيت آهيان. فقط انهيءَ وسوسي پوڻ شرط مخدوم ڪشف جي ذريعي معلوم ڪري چيس ته طريقت ۾ اهي وهم نه آڻبا آهن. افسوس جو تنهنجي ڪماليت مان گهڻو حصو رهجي ويو.

        شاهه رڪن الدين، ايڏو ڪامل ولي هو، جو جڏهن بازار مان لنگهندو هو ته جنهن به انسان جي سندس وجود تي نظر پوندي هئي، پوءِ اهو هندو هجي يا مسلمان ته الله الله جو اسم پاڪ جاري ٿي ويندو هو. جيستائين سيد صاحب اکين اڳيان غائب نه ٿيندو، تيستائين اها حالت رهندي. (ارشاد الطالبين از غلام رسول قريشي هالائي)

        هڪ ڏينهن عالمن جو ٽولو جمعه جي ڏينهن زوال کان پوءِ سندس مجلس ۾ ڪنهن مسئلي تي مباحثه جي غرض سان آيل هوا  ته ايتري ۾ سندن هڪ ماڻهو نالو ”ڪينو“ قوم مهاڻو پلو ماريون، گوڏ سان لنڱن اگهاڙو سڌو مسجد ۾ لنگهي آيو.

        سيد صاحب  پنهنجي چادر مبارڪ هن ڏي اڇلي چيو ته هي مسجد آهي ۽ عالمن جي ڪچهري به آهي، تنهن ڪري ائين هن جي گوڏ ٻڌي ادب سان اچ! ڪينو مهاڻو گوڏ  ڍڪيندو ويو ته سندس دل جا اولا لهندا ويا. هن تي علمن جي پالوٽ ٿيندي وئي. عصر جي نماز جو وقت ويجهو هو، تنهن تي پاڻ فرمايائونس ته وضو ڪري ٻانگ چئو! هو جڏهن ٻانگ کان فارغ ٿيو تڏهن امامت جو ارشاد ڪيائونس. هن اڻ پڙهه مهاڻي نماز کي اهڙن ته ادبن ۽ نوڙت سان ادا ڪيو جو ماڻهو حيران رهجي ويا. ان کان پوءِ وعظ لاءِ حڪم ڪيائونس، تڏهن هن سورت فاتحه جو تفسير اهڙن ته لطيف نڪتن ۽ اشارن سان بيان ڪيائين جو علم وارا منهن تڪيندا رهيا.

        آخر ۾ تقرير ڪندي چيائين ته هاڻي منهنجي دل ۾ علم جو دروازو ايتري قدر کلي  پيو آهي جو ڪيتري ڄمار به سورت فاتحه جو تفسير ڪندو رهان ته هوند پوري نه پوي.

(ڪواڪب السعادات از مشتاق متعلوي)

        هڪ دفعي هن بزرگ دعويٰ ڪئي ته منهنجي مسجد مٽيارين واري، سڀني مسجدن جي منهدار آهي، ان ۾ جيڪو شخص 5 وقتي نماز پڙهندو، ان تي قيامت ڏينهن شفاعت ڪندس. انهيءَ بشارت سببان حضرت مخدوم محمد هاشم ٺٽوي قدس سره ۽ ان جي پوٽي مخدوم  ابراهيم  مڏئي واري قدس سره به سفر جي تڪليف سهي اچي سخي (رڪن الدين) بادشاهه جي مسجد شريف ۾ نماز 5 وقت پڙهيا.

(مناقب غوثيھ از مشتاق متعلوي)

        هڪ دفعي نصرپور ۾ رضوي ساداتن جي مسجد ۾ لٿل هوا،  اتي هڪ  ڊکڻ سيدن جو پاڙيچو به سندن خدمت ۾ ويٺو. هن جو سيدن سان قرابت ۽ همسائگي ڪري ڏاڍو گستاخانه رستو هو، اتي ڪنهن ماڻهو ڊکڻ کي چيو ته تون سيدن جو پاڙيچو آهين،  چڱو  ته  نماز پڙهندو ڪر ۽ سيدن جي گهرن جو ادب نماز ادا ڪرڻ سان ئي پورو ٿيندو. ڊکڻ جو سيدن سان ڏاڍو گستاخ هو، تنهن چيو ته آءٌ سيدن جي گهرن کي باهه ڏيان. جڏهن اهي ڪلام سيد سخي رڪن الدين کي پهتا، تڏهن پاڻ ڏاڍا ڪاوڙيا. سيدن ڊکڻ پاران معافي گهري، مگر پاڻ فرمايائون ته اهڙن ماڻهن جي  هي  سزا آهي، جو جيئري قبر ۾  پورايو  وڃي. ان کانپوءِ ڇا ٿيو جو هڪ هندوءَ پنهنجي کوهه ۾ ونگ ٿي ويهاريو، جنهن لاءِ ڊکڻ اچي حاضر ٿيو، جڏهن ٻن چئن همراهن سان ونگ اندر ويهاريائون، تنهن وقت کوهه مان  هڪ وڏير ڀيڙيا ڇپ ٽٽي اچي ڊکڻ تي ڪڙڪي، جيئري  ئي ان ۾ دفن ٿي ويو. سندس ٻيا سنگتي  سلامتي سان ٻاهر هليا آيا. آخر گهڻي محنت سان  هن جي لاش کي هٿ ڪري دفنايو ويو.  (ارشاد الطالبين)

        سخي رڪن الدين وٽ جماعتون اينديون وينديون هيون، مگر حال تمام مسڪيني هوندو هو. هڪ دفعي ڪن ماڻهن عرض ڪيو ته حضرت مخدوم نوح جي جماعت ٻوڙ پلاءُ کائي رهي آهي ۽ اوهان وٽ ڪڏهن رٻ ۽ ڪڏهن رکي ماني آهي. پاڻ فرمايائون ته حضرت مخدوم نوح تي حضرت سليمان پيغمبر جو سايو آهي، جنهن ڪري هو بادشاهت  جو مالڪ آهي ۽ مون مسڪين تي حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جو پاڇو آهي، جنهن ڪري ڪڏهن بک آهي ته ڪڏهن ڍوءآهي.

        سيد رڪن الدين 63 سالن جي ڄمار کي رسي 11 ربيع الثاني 975هه ۾ پنهنجي وطن مٽيارين ۾ وفات فرمائي اُتي ئي دفن  ٿيو. رحمته الله عليه رحمة واسعة.

(مناقب غوثيھ از مشتاق متعلوي)

 

ختم شد تحرير اين بياض  مورخه 25 رمضان المبارڪ سن 1365هه مطابق 23 آگسٽ 1948ع در ڪراچي. بعونھ تعاليٰ.

(فقير دين محمد وفائي)

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org