سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1985ع

مضمون

صفحو :6

  

ڪهاڻيون

 

  

 

تڏي تي ويٺل ماڻهو

رزاق مهر

 

انهيءَ شام جڏهن ڏينهن جا ٿڪل پاڇا لَڙي ويا هئا، ۽ سج جي آخري ڪِرڻن به اوندهه ۾ ٽُٻي هڻي پنهنجي هستيءَ جي اُجڙي وڃڻ جو اعلان ڪيو هو، تڏهن پيءُ وري اُٿيو هو، ۽ هلندو ان ساڳي در تي آيو هُو، جتي اڳ به ڪيئي ڀيرا ان ڏينهن اچي چڪو ۽ ان ويل ته هوا ۾ ڀڙڪو ڏئي اُجهامندڙ ڪنهن ڏيئي جي لاٽ وانگر اُجهامي ويو، جڏهن ڊنل ۽ پشيمانيءَ جي احساس ۾ وڪوڙيل هڪ نوجوان ٻاهر آيو هو.

زلزلا رڳو ڌرتيءَ تي ئي ته نه ايندا آهن. ڪي زلزلا اهڙا به ايندا آهن، جيڪي اندر ئي اندر انساني زندگين جي ڀڃ ڊاهه ڪري تباهي ڦهلائي ڇڏيندا آهن. نوجوان پٽ جي ٻُڏڻ جو ٻُڌي، پوڙهي پيءُ کي به ائين لڳو هو، ڄڻ زلزلو اچي ويو هجي، ڄڻ وڏو ڌماڪو ٿيو هجي، جنهن ۾ اندر ئي اندر هو ننڍڙن ننڍڙن ٽڪرن ۾ ورهائجي ويو هجي.

۽ اڄ ٽيون ڏينهن هو. گهر ۾ اهڙو ئي زلزو آيل هو، تباهي مَتل هئي. موت جهڙي ويراني گهر جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پکڙيل هئي. مري وڃڻ کان پوءِ لاش نه ملڻ جو ڏک، اندر ئي اندر هن کي درياهه جي ڇوهي پاڻيءَ جيان ڪوريندو رهيو هو، ڀڃندو ۽ ڊاهيندو رهيو هو. هو جڏهن به پٽ جي جدائيءَ تي ويچار ڪيو هو، تڏهن پاڻ کي به ڪنهن اهڙي لاش وانگر محسوس ڪيو هئائين، جو کليل آسمان هيٺان بي ڪفن ڇڏيو ويو هجي ۽ وقت جون بي رحم ڳجهون جنهن جي ماس پَٽڻ لاءِ تيز چهنبن سان حملو ڪرڻ لاءِ پَرَ ڦڙڪائينديون هجن.

”هاڻي ڇا ٿيندو هن جو! شاهن ئي ته هن جي پوڙهپ جو آخري سهارو هو. هن جو دوست هو، همدرد هو. هاڻ ڪنهن سان ويهي ڏک سور اوريندو؟ ڪير هن جي گهر جو ٻوجهه شاهن وانگر پنهنجي ڪلهن تي کڻي هلندو.“

هو خلائن ۾ گهورڻ لڳو، ڏور ديوارن ۽ وڏين عمارتن جي هن پار، ماضيءَ جي رڻ ۾ هڪ وڏو طوفان اچي ويو. پٺتي ڇڏيل گس نظر آيس. پوءِ گس مٿان ڌنڌلا ڌنڌلا عڪس، آهستي آهستي چِٽا ٿيڻ لڳا ۽ هو شاهن ڏسڻ لڳو. ننڍڙو شاهن، ٻاتا ٻاتا ٻول ٻوليندڙ شاهن. جو ڄائو هو ته پيءُ ڪيڏو نه خوش ٿيو هو، ڪيڏي نه آسيس ملي هئيس. جيئن ڪنهن اُڃايل کي صحرا جي تپندڙ ميدانن ۾، مٺي پاڻيءَ جو چشمو ملي ويو هجي. اهڙي ئي خوشيءَ جو احساس ڦهلجي ويو هو هن جي نس نس ۾. هن جو آئيندو شاهن ئي ته هو. شاهن ئي ته هن جي خوشين کان خالي اونداهي زندگيءَ ۾ روشنيءَ جي علامت هو.

هن پٽ کي پڙهايو، وڏن ڪشالن سان هن جي تعليم جي سلسلي کي جاري رکيائين. اهو سوچي ته پٽ وڏو ماڻهو بنجي، هن جا سڀ اهنج لاهي ڇڏيندو. پوءِ هو بنا ڪنهن خواهش جي مري سگهندو.

هو جڏهن سڄي ڏينهن جي هڻ وٺ کان پوءِ ٿڪجي ٽُٽي، کٽ جي قبر ۾ داخل ٿيندو هو ته، هن جي خواهشن جا لاش زندهه ٿي هن سان سرگوشيون ڪرڻ لڳندا هئا. عمر جي سموري عرصي ۾ ڇا مليو هو هن کي؟ غربت، اڻپوريون خواهشون ۽ محروميون ئي ته پلئه ۾ ٻڌي هن زندگي گذاري هئي. هاڻي ته عمر جي ان حد کي پهچي ويو هو، جتي پنهنجي آئيندي لاءِ ڪو موهه نه رهيو هئس. رڳو هڪ آس ئي بچي هئس ته، هو جيڪو سک ڏسي نه سگهيو، خوشيون ماڻي نه سگهيو، اهي سڀ پٽ حاصل ڪري سگهي. زماني جي ٻين ماڻهن وانگر هن جو پٽ به، خوشين سان ٽمٽار زندگي گذاري سگهي. هن کي پيءُ وانگر مزدورن جي پِڙيءَ تي ويهي اهو عذاب سهڻو نه پوي، جو ڏينهن چڙهي تائين، ڪڏهن ڪڏهن ڏيهاڙي نه لڳڻ ڪري هن کي سهڻو پوندو هو.

شاهن جي بهتر مستقبل لاءِ دعائون گهرندو هو. پيرن جي مزار تي اگربتيون ٻاري خدا کي ٻاڏائيندو هو، ۽ هڪ ڏينهن شاهن کي بئنڪ ۾ ڪلارڪي ملي وئي ته پيءُ کي ائين لڳو هو، ڄڻ هن جي ڪاڙهن سان لوُساٽجي ويل جسم ۾، بهار جي مند ۾ گهلندڙ ٿڌڙي هِير گهلي وئي هجي. ڪيڏو نه خوش ٿيو هو. پنجاهه سالن تائين موسمن جي بي رحم زد ۾ اچي هن جيڪو سخت پورهيو ڪيو هو، سِرون ڍويون هئائين ۽ تغاريون کنيون هئائين، پٽ جي نوڪريءَ جو ٻڌي سمورو ٿَڪ ۽ سمورو سور لهي ويو هئس. بي پناهه خوشيءَ جي احساس کان جسم ۾ ڦرڪڻي اچي وئي هئس. ڪيڏو نه هلڪو هلڪو محسوس ڪيو هئائين پاڻ کي.

ٻئي ڏينهن شاهن جي چوڻ تي، پڙيءَ تي وڃڻ ڇڏي ڏنو هئائين. هاڻ کيس ڦاٽل ۽ ميرا ڪپڙا پهريل نه هوندا هئا ۽ نه ئي ڏيهاڙي لڳڻ ۽ نه لڳڻ جي اڻ تڻ هن جي اکين مان ليئا پائيندي هئي. اڇا اجرا ڪپڙا پهري هو ڪڏهن مسجد جي ٿڌي ڇانو ۾ وقت گذاريندو هو ۽ ڪڏهن گهر کان پريان جهوني سرنهن جي وڻ هيٺان، موري تي وڃي ويهندو هو. اڳي زندگي ڪنهن دُٻي جي بيٺل پاڻيءَ وانگر محسوس ٿيندي هئس ۽ هاڻ ڄڻ ته موري هيٺان وهندڙ شفاف پاڻيءَ جهڙي رواني اچي وئي هئس ساڳي زندگيءَ ۾. وقت سٺو گذري رهيو هئس. ڪو غم، ڪا ڳڻتي نه هئن. پيءُ جو ناتي رڳو هڪ چنتا هئس ته جيترو جلد ٿي سگهي، نوجوان ڌيءَ جو بار لاهي ڇڏي.

پوءِ ڌيڻس جي شاديءَ جون ڳالهيون اڃا هلندڙ ئي هيون ته هڪ ڏينهن هو بيمار ٿي پيو. زندگي ڀر مايوسيون ۽ محروميون کڻي جيئندڙ پيءُ جڏهن کٽ تي ڪريو ته هن جو پنهنجو پاڻ مان ويساهه نڪري ويو. هن کي خوف ٿيڻ لڳو ته هو بچي نه سگهندو، مري ويندو ۽ تڏهن ڪنهن سڪڻي ٻار واري بيوسي اکين ۾ آڻي، هڪ ٻي خواهش به ظاهر ڪري ويٺو هو. شاهن جي مٿي تي شاديءَ جا موڙ ڏسڻ جي خواهش. موٽ ۾ شاهن آٿت ڏني هئس. وچن ڏنو هئائينس ته پيءُ جي اها تمنا به ضرور پوري ڪندو.

۽ پيءُ جو علاج ٿيڻ لڳو. هڪ هفتي تائين شهر جو وڏو ڊاڪٽر هن جي دوا ڪندو رهيو. پوءِ زندگيءَ مان نااُميد پيءُ دوائن جي زور تي موت کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. پر وقت پيءُ کي شڪست ڏئي ويو. شاهن مري ويو!

ٽي ڏينهن اڳ هو دوستن سان گڏ رائيس ڪئنال تي وهنجڻ ويو هو ۽ وري اتان واپس نه وريو هو. تڏهن هوا جي زور تي اڏامندڙ ڪنهن پن جهڙي زندگي گهاريندڙ پيءُ جا سمورا خواب ڄڻ ته شيشي جي نازڪ گلاس جيان ڀڄي پيا هئا.

ڏور ديوارن ۽ وڏين عمارتن جي هن پار نظر ايندڙ عڪس وري ڌنڌ ۾ وڪوڙجي ويا. ماضيءَ جو عذاب ڏيندڙ رڻ جهاڳي، هو بي رحم حال ڏانهن موٽي آيو. تڏهن اندر جي ڪنهن ايذاءَ کان هو ڪنبڻ لڳو ۽ سامهون جڏهن در جي چانئٺ وٽ کليل وارن واري نوجوان ڌيءَ ڏانهن نظر ويس ته ڄڻ اٿلي پيو. اندر جو سمورو ڪرب هن جي چهري تي مڙي آيو ۽ هو وڏيون وڏيون اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳو.

بي حال پيءُ کي ائين روئندو ڏسي، ڌيءَ، پيءُ ڏانهن وڌي آئي ۽ پنهنجو منهن هن جي سيني سان لڳائي روئڻ لڳي. پوڙهي زال بيماريءَ مان اٿيل ڪمزور مڙس کي دلاسو ڏيڻ چاهيو ته هوءَ به پاڻ روڪي نه سگهي ۽ پار ڪڍي روئڻ لڳي.

پوءِ گهڻي دير بعد، جڏهن روئي روئي ٽيئي ماٺ ٿي ويا ۽ پاڙي جي گهرن ۽ گهٽين ۾ زندگي ٻيهر پنهنجي معمول تي موٽي آئي، ماڻهو پنهنجن ڏکن، سورن ۽ ٻين مسئلن تي سوچڻ ۽ ڳالهائڻ لڳا هئا، تڏهن اوچتو هڪ ڀيرو وري روڄ ۽ راڙو مچي ويو هو. ٽن ڏينهن جي ڳولا کان پوءِ شاهن جو لاش مليو هو، جنهن کي پوسٽ مارٽم ڪرڻ لاءِ اسپتال ۾ رکيو ويو هو.

اها خبر ڄڻ ته تيزاب جو ڀريل شيشو بڻجي گهر ڀاتين جي اندر تي پرٽجي پئي، ڦَٽ وري چِڪي پيا هئا. ڳوڙهن ۽ اوسارن جو هڪ نئون اڻ کٽ سلسلو جاري ٿي ويو. غمزده ڀاتين جي دانهن ۽ ڪوڪن تي، گهٽيءَ ۾ ماڻهو مڙڻ لڳا. ڪوٺن جي وڏن پلويڙن تان عورتون منڍيون ڪڍي حيرت زده بت بڻجي ويون.

پيءُ اوڇنگارون ڏيندو ٻاهرين در ڏانهن آيو ۽ پوءِ در کي چنبڙي ڪنهن اهڙي ٻار وانگر رانڀاٽ ڪيائين، جنهن سڪي سڪي ڪو رانديڪو ورتو هجي ۽ پاڻ کي ڪو ڏاڍو جهٽ هڻي کانئس ڦري ويو هجي.

همدردي کڻي آيل ڪجهه ماڻهو پيءُ ڏانهن وڌي آيا. هڪ پيرسن شخص هن جي ڪلهي تي هٿ رکيو. ”الله جي شيءِ هئي ڌڻي بخش، الله کي پرتي.“

پيرسن شخص جي لفطن تي پيءُ ڄڻ ڦسي پيو. ”اڙي مون سان ڪيس ٿي ويو ادا. ڌاڙو لڳي ويو. منهنجي پيريءَ جو سهارو کسجي ويو!“

پيءُ کي روئندو ڏسي، هڪ بي سمجهه ٻار کي به روئڻ اچي ويو.

”بس ڙي ڌڻي بخش.... باريءَ جي سرڪار ڏاڍي آهي.“ پيرسن شخص ڀاڪر ۾ ڀري هن کي تڏي تي وٺي آيو. تڏي تي ويٺل هرهڪ ماڻهوءَ ساڻس همدردي ڪئي. دلاسا ڏنا ۽ خدا جي رضا تي راضي رهڻ جي تلقين ڪئي.

۽ پريان گهر جي اڱڻ ۾، ڏکوئيندڙ آوازن جو سلسلو جاري هو. ماءُ ۽ ڌيءَ لانڍ ۾ پار ڪڍي روئي رهيون هيون. گهر مان ايندڙ اوسارن ۾ جو درد سمايل هو، تنهن هر شيءِ مٿان دک جو هڪ گهرو رنگ چاڙهي ڇڏيو هو. پيءُ ماڻهن جي دلاسن ۽ خدا جي رضا تي راضي رهڻ ۽ صبر ڪرڻ جي تلقين وساري، بي قابو ٿي ويو هو.

”صبر ڪر چاچا!“ هڪ نوجوان ڌڻي بخش سان همدردي ڪئي. ”جيڪي ٿيڻو هو سو ته ٿي ويو. هاڻي همت ڪر ته شاهن جو لاش هلي کڻي اچون...“

پيءُ ڪڇيو ڪجهه به نه. فقط ڪنڌ جي اشاري سان هاڪار ڪيائين. پوءِ ٿلهن شيشن واري عينڪ لاهي، ميري پهراڻ جي آڳي سان منهن اُگهيائين، ۽ اُٿي اسپتال ڏانهن روانو ٿي ويو. پيءُ سان گڏ، ڪجهه گهڙيون اڳ همدردي ڪندڙ نوجوان ۽ ڪجهه ٻيا ماڻهو به وڃڻ لڳا.

در جي ڀر ۾ وڇايل تڏي تي آهستي آهستي ماڻهو ويهندا ويا. ماڻهن جا منهن ان اوچتي الميي سبب لٿل هئا. پريان گهر جي اڱڻ مان اوسارن جا آواز اڃان به اچي رهيا هئا، جن ماحول کي وڌيڪ دکدائڪ بڻائي ڇڏيو هو. ڪجهه گهڙين تائين ڪنهن به نه ڳالهايو. پوءِ پيرسن شخص ڳالهائڻ جي ابتدا ڪئي. ”هاءِ هاءِ، ڇوڪر تنهنجو اخلاق. ڪڏهن به پيءُ نه پُڻايائين. گهٽيءَ مان ويندو هو ته ڪنڌ هيٺ. نه تو ڏٺو نه مون“.

”جنت ۾ ويندو.“ هڪ ٻيو ماڻهو شاهن جون خوبيون بيان ڪرڻ لڳو. ”پيءُ جي اهڙي خدمت ڪيائين جو چئي کڻي بس ڪجي. بيمار ٿي پيو ته ٻُڪن ۾ کانگهارا ميڙيائين. واهه ڙي شاهن تنهنجي وفاداري!“

”مون کي ته يار ڌڻي بخش جو ٿو ارمان ٿئي.... پوڙهو مَڙهه، ڪيئن ڪندو.“ پڪي عمر جي هڪ شخص کي پيءُ جي حال تي جهٻو آيو.

”بس ڙي يار، سائين پنهنجا راز پاڻ ٿو ڄاڻي.“ پيرسن شخص ڊگهو شوڪارو ڀري ڳالهايو. ڪنهن کي سَرئون سر ڪري ته ڪنهن کي نهوڙي ماري.“

ڪجهه لمحن لاءِ ويٺلن پنهنجي گفتگو روڪي ڇڏي. پاڙي جون ڪجهه عورتون تڏي اڳيان لنگهيون ته ڪنڌ جهڪائي ماٺ ٿي ويا، ۽ تيستائين نه ڳالهايئون، جيستائين اهي گهر ۾ داخل نه ٿي ويون. گهر ۾ جواڻ جماڻ شاهين جي موت تي وري اوسارا گونجڻ لڳا، ۽ تڏي تي ڏکوئيندر گفتگوءَ جو ساڳيو سلسلو شروع ٿي ويو. ماڻهو ڳالهائڻ وقت وڏا وڏا شوڪارا ڀري پنهنجي ڏک ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪرڻ لڳا.

تڏهن اداس ماحول کان پريان گهٽيءَ جي مُهڙ وٽان هڪ ننڍو ٻار ظاهر ٿيو. هو ننڍيون ننڍيون وکون کڻندو، هٿ جي تريءَ کي سڌو ڪري هوائي جهاز واري انداز ۾، هوا ۾ لهرائيندو تڏي تي آيو. تڏي تي ويٺلن مان ڪنهن به ڏانهس ڌيان نه ڏنو، ۽ هو اڳتي وڌي، ڀت کي ٽيڪ ڏئي ويٺل هڪ اڻڀن ۽ وکريل وارن واري پريشان شخص مٿان اچي بيٺو.

ٻار هن جي مٿان بيهي ڪجهه چيو، پر ماڻهن جي گفتگوءَ سبب ٻار جو آواز اهو شخص ٻڌي نه سگهيو. ٻار هن جي ڪلهي ۾ هٿ وجهي هاڻ ٿورو ڏاڍيان ڳالهايو. ”بابا بابا، هو آ نه ڪاڪو گلو رانديڪن وارو، اهو آيو آهي.“

گهڻو سوچڻ ڪري ان شخص جي منهن ۾ پيل گهُنج، هڪ لمحي لاءِ ڊهي ويا، ۽ وري سوچ جي ساڳي ليڪ نرڙ جي وچ ۾ ٺهي هن جي پريشانين کي ظاهر ڪرڻ لڳي. هن ڪو جواب نه ڏنو، رڳو ٻار ڏانهن خاموشيءَ سان ڏٺائين.

”ڪاڪو گلو آيو آ بابا.“ ٻار وري چيو. ”روپيو ڏي ته جهاز وٺي اچان. کوڙ جهاز اٿس.“

”روپيو ڪونهي.“ سوچن ۾ گم ٿيل شخص سرد لهجي ۾ چيو. ”شام وٺجانءَ.“

”شام ڪاڪو هليو ويندو.“

”ضد نه ڪبو آ، شام شهر ويندس ته اتان تو لاءِ وٺي ايندس.“

”پوءِ ثمينه کي هاڻي ڇو ڏنئي. مون کي به هاڻي ڏي. ڏي ڏي... هاڻي ڏي.“

اڻڀن وارن واري شخص وري به کيس ڌيرج ۽ نهٺائيءَ سان سمجهائڻ چاهيو. پر جڏهن ڏٺائين ته سڀئي ماڻهو ٻار جي ضد سبب گفتگو روڪي هن ڏانهن ٺٺول ڀريل نظرن سان ڏسڻ لڳا هئا، تڏهن هڪدم هو ککو وکو ٿي ويو. هيترن ماڻهن جي وچ ۾ هن جو ٻار چوڻ نه وٺي، ڪيڏي نه هن جي بي عزتي ڪري رهيو هو. ڪيئن نه هن کي ماڻهن جي نظرن ۾ ڪيرائي رهيو هو. ان احساس ٻار لاءِ هن جي دل ۾ ڌڪار ڀري ڇڏي.

ٻار وري ضد ڪيو. ”ڏئين نٿو، ڪاڪو گلو هليو ويندو.“ ٻار جي اکين ۾ ڳوڙها ڇلڻ لڳا.

پريشان شخص آپي مان نڪري ويو. ”اڙي وڃين نٿو. هان..... هيڏو چوان ٿو ته به ڪتي وارو ضد نٿو ڇڏين.“ ٻه چماٽون هڪٻئي پٺيان وهائي ڪڍيائين. ”ڪندين ضد! هان، ڪندين ڪُتي وارو ضد؟“ هو ٻار تي مڇرجي ويو.

ڌڪ لڳڻ تي ٻار ٿيڙ کائي پريان وڃي ڪريو. ماڻهو وچ ۾ اچي ويا ته، اهو شخص اڃان به طيش ۾ اچي ويو، ۽ ڀرسان پيل چمپل کڻي ٻار ڏانهن اڇلايائين.

ماڻهو ٻن گروپن ۾ ورهائجي ويا. هڪڙن پيءُ کي سمجهائڻ جو ذمو کنيو، ۽ ٻين روئندڙ ٻار کي وڌيڪ ڌڪن کان بچائڻ لاءِ پيءُ کان پري ڪري ورتو. ننڍڙو ٻار سڏڪا ڀري روئڻ لڳو. ٻار جي سڏڪن تي، ماڻهن جي سيني ۾ هن لاءِ رحم جاڳي پيو. همدردي پيدا ٿي، ۽ اهڙي ئي جذبي تحت هڪ ماڻهو پنهنجي جاءِ تان اٿيو، ۽ روئندڙ ٻار کي پنهنجي ڀر ۾ وٺي آيو.

”ٻار کي ڪهڙي خبر سائين.“ هو ڳالهائڻ لڳو. ”ٻار ته هر ماحول ۾ ٻار ئي هوندو آهي.“ هن کيسي ۾ هٿ وجهي روئندڙ ٻار کي روپيو ڏيڻ چاهيو، پر ٻار ڪنڌ لوڏي وٺڻ کان انڪار ڪيو. هو ڪاوڙيل پيءُ ڏانهن ڏسي وري سڏڪا ڀرڻ لڳو.

”وٺ پٽ، وٺ ...... شاباش.“ همدردي ڪندڙ شخص زوريءَ هن جي کيسي ۾ روپيو وڌو، ۽ ٻار سڏڪا ڀريندو اتان هليو ويو.

تڏي تي بحث ڇڙي ويو. ماڻهن ان ننڍڙي واقعي تي ڳالهايو. پڻس اخلاقي قدرن تي ڳالهايو. ويٺلن ٻين ٻارن جا مثال ڏنا، ۽ اهو بحث تڏهن ختم ٿيو، جڏهن تڏي تي هڪ ٿلهو شخص اچي ويٺو. هن ويهڻ شرط مري ويل تي ڳالهايو. هن جي خوبين تي ڳالهايو، ۽ ٻين اهڙن ڪيترن ماڻهن تي ڳالهايو، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن طرح پاڻيءَ ۾ ٻڏي مري ويا هئا. پوءِ گهرو ساهه کڻي، ٽنگن کي ٿورو ڊگهو ڪري پاڻ کي ڀت جي سهاري ڍلو ڇڏي ڏنائين. هن جي ڀرسان ويٺل هڪ ماڻهو خاموشيءَ سان اٿيو، ۽ بوٽ پائي اتان هليو ويو.

”ڀلا اسپتال ڏانهن ڪوئي ويو آهي؟“ ٿلهي شخص پيٽ سان چنبڙيل قميص کي ٿورو مٿي ڇڪيندي چيو.

”چاچو ڌڻي بخش ۽ ٻه- چار همراهه ويل آهن.“ ويٺلن مان هڪ ٻڌايس.

هڪ ٻيو ماڻهو، جو هيترو وقت خاموش ويٺو هو، تنهن ڳالهايو.

”بئنڪ وارن سٺو نڀايو اٿس. ڪلهه ته مئنيجر به آيو هو.“

”سائين لائق به ته هو نه. ڪيئن نه ساٿ ڏيندس.“ ٿلهي شخصي گهرو شوڪارو ڀري چيو، ”واهه جو نالو ڪمايو اٿائين.“

”مون وٽ پڙهيو هو.“ ساڳي پيرسن چيو. ”ننڍي کان ئي سلڇڻو هو. ڪڏهن ڪا شڪايت نه آئي شاهن جي.“ هو شاهن جي ننڍپڻ کان وٺي جوانيءَ تائين، سموري دور جا واقعا ۽ هن جون خوبيون بيان ڪرڻ لڳو ۽ اهڙيءَ طرح ٻيا ويٺل به شاهن جي اخلاق ۽ نيڪين بابت ڳالهائيندا رهيا.

پوءِ هڪڙو وقت اهڙو به آيو، جڏهن ماڻهن ان موضوع کي بدلائڻ چاهيو. هاڻ انهن کي شاهن جي ذات سان لاڳاپيل ڳالهين سان ڪا دلچسپي نه رهي هئي. هڪ ئي موضوع تي گهڻو ڳالهائڻ ڪري، اهي ٿڪجي پيا هئا. بيزار ٿي پيا هئا. اهڙي بيزاري هنن جي چهرن مان ظاهر ٿي، انهن جي اندر جي ڪيفيت کي ظاهر ڪرڻ لڳي هئي.

موضوع کي بدلائڻ لاءِ، هڪ نوجوان پنهنجي ڀر ۾ ويٺل هڪ همراهه کان هڪ ذاتي نوعيت جو سوال پڇيو ۽ موٽ ۾ هو به کانئس اهڙو ئي سوال پڇي ويٺو. پوءِ جواب ڏيندڙ نوجوان، پنهنجي پوڙهي آفيسر تي لعنتون وڌيون. ان جي ذليل رويي تي کيس گاريون ڏنيون. کيس منافق ڪوٺيو ۽ زهر سڏيو.

باقي ماڻهن پهريان ٻنهي جي ڳالهائڻ تي، همدردي ۽ حمايت ۾ ڪنڌ لوڏيا ۽ پوءِ اهي به موضوع جي هڪجهڙائي وارو قيد ٽوڙي، آزاديءَ سان ڳالهائڻ لڳا.

هاڻي ٻه ماڻهو ملڪي حالتن تي ڳالهائڻ لڳا هئا. دليل بازي ڪندي هڪڙو همراهه تيز ٿي ويو. ڦرين، ڌاڙن ۽ لاقانونيت تي ڳالهائيندي هن جو منهن ڳاڙهو ٿي ويو، اکيون ٻاهر نڪري آيس، بحث وڌي ويو.

پوءِ سياست، هندستان ۾ سکن جي ويڙهه، ايران-عراق جنگ، بيروت، روس ۽ آمريڪا، افغاني مهاجر، هيروئن، هٿوڙا گروپ، ڪلاشنڪوف ۽ فلمن جي عام موضوعن تائين انهن ڳالهايو ۽ ڀرپور ڳالهايو. ذاتي نوعيت جي پڇيل سوالن کان شروع ٿيندڙ اها گفتگو ائين اڳتي وڌي ۽ اهڙي اڳتي وڌي جو لڳو ٿي، ڄڻ ته شاهن جي موت جو تڏو نه هجي، ڪو هوٽل هجي، جنهن جي ٽيبل تي سياسي، سماجي، ادبي ۽ عام سوچ رکندڙ فرد اچي گڏ ٿيا هجن.

ٿلهو شخص هڪ ماڻهو جي ڪنهن ڳالهه تي هاڻي کلي رهيو هو ۽ شاهن کي پڙهائيندڙ شخص، ٿڪجي پوڻ سبب ڀت کي ٽيڪ ڏئي جهوٽا کائي رهيو هو.

بحث هلي رهيو هو ۽ اهو تڏهن ختم ٿيو، جڏهن هڪ ٽانگو هلندو در جي اڳيان اچي بيٺو. ٽانگي مان جيئن ئي اڇن برقعن پهريل ٻه عورتون لٿيون، پار ڪڍنديون، گهر ۾ داخل ٿي ويون. گهر ۾ وري ڪهرام مچي ويو.

تڏي کان ذهني طور هٽي ويل ماڻهو، وري تڏي تي موٽي آيا. اڻڀن ۽ وکريل وارن وارن پريشان شخص بيحد دکي ٿي ويو. هو منهن ۾ گهنج وجهي ڳالهائڻ لڳو، ”زندگي به ڇا ڇا نه ويل ٿي ڪري. ماڻهو سڄي ڄمار رڳو ڀوڳي ٿو. سور سهي ٿو ۽ مري ٿو وڃي. ڇا حال آ ويچاري انسان جو.“ هو گهرو ساهه کڻي سامهون گهر ڏانهن ڏسڻ لڳو، جتان روئڻ جا آواز اڃان به اچي رهيا هئا.

”ٽن ڏينهن جو ٻڏل آ.“ هڪ ماڻهو چوڻ لڳو، ”حالت ته ڏاڍي خراب ٿي وئي هوندس.“ جواب ۾ ماڻهو وري شاهن جي موت ۽ پيءُ جي ڏکن ڏاکڙن تي ڳالهائڻ لڳا.

ٻارهن ٿي ويا هئا. سج جي رخ مٽجڻ سبب، ڪجهه ماڻهن مٿان اُس پئجي رهي هئي. ان پريشانيءَ کان بچڻ لاءِ هڪ ماڻهو تڏي کي ٻئي پاسي رکڻ جي صلاح ڏني. ماڻهو يڪدم اٿيا ۽ تڏو کڻي ڀت جي ٻئي پاسي ڇانو ۾ ٿي ويٺا ۽ ڪجهه ماڻهو ويهڻ بدران اتان ئي هليا ويا.

گهڻن موضوعن تي ڳالهائي ڳالهائي ماڻهو هاڻ چپ ٿي ويا هئا. تڏي تي مڪمل خاموشي ڇانئجي وئي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ڀت جي ڏار مان جهرڪيءَ جي ٻچن ”چڙڪ چڙڪ“ ڪري زندگيءَ جو احساس ٿي پيدا ڪيو ۽ اهي به جڏهن چپ ٿي پئي ويا، تڏهن ساڳي ئي موت جهڙي خاموشي ڇانئجي ٿي وئي.

ماڻهن جي چهرن تي هاڻي سخت بيزاري ۽ چڙ نظر اچڻ لڳي هئي. سماجي لاڳاپن جي کين پرواهه نه هجي ها ته شايد لاش اچڻ جو انتظار نه ڪن ها، هليا وڃن ها. جڏهن کان اُهي اُس کان بچي ڇانو ۾ ٿي ويٺا هئا، تڏهن کان ڪنهن به نه ڳالهايو هو.

اوچتو ماڻهن کي ساهه کڻڻ ۾، هڪ اڻ وڻندڙ بدبوءِ جو احساس ٿيو. بوءِ، جا آهستي آهستي وڌندي ماڻهن جي حواسن سان ٽڪرائجڻ لڳي.

پوءِ هڪ لمحو اهڙو به آيو، جڏهن موڙ وٽان ماڻهن جو هجوم نظر آيو ۽ تيزي سان ڦهلجندڙ بوءِ شاهن جي لاش اچڻ جي خبر چوطرف پکيڙي ڇڏي. تڏي تي ويٺل ماڻهو اٿي بيٺا.

لاش سان گڏ ايندڙ ماڻهو پنهنجن چهرن کي رومالن ۽ انگوڇن سان ڍڪي اچي رهيا هئا. جن ماڻهن جا منهن ڍڪيل نه هئا، انهن جا چهرا ان اگري بوءِ سبب ڇڪجي، پنهنجي اصل شڪل ۽ صورت بگاڙي چڪا هئا. جيئن جيئن لاش ويجهو ايندو ويو، ماڻهن جي حالت خراب ٿيندي وئي. ساهه گهٽجڻ لڳن. ائين ٿي لڳو، ڄڻ ته ڪنهن ڪوس گهر جو بدبوءِ دار ڍير هجوم پنهنجي ڪلهن تي کڻي ايندو هجي. ٽن ڏينهن جو ٻڏل شاهن، پنهنجي جسماني جوڙجڪ کان ٽيڻ تي سُڄي ويو هو. هن جي منڍيءَ وٽان اڇو ڪپڙو، هن جي وات مان نڪتل ناسي پاڻيءَ سبب آلو ٿي ويو هو، جنهن مٿان ڪجهه مکيون، لوڏن ۽ ڌڏڪن جي باوجود چنبڙيل نظر اچي رهيون هيون.

لاش تڏي جي ويجهو آيو ته ماڻهن جون نڪن وٽان چمڙيون ڇڪجي ويون. وات ۾ پاڻي گڏ ٿيڻ لڳن، ۽ اجهڪا اچڻ لڳن.

”توبهه! ڪيڏي ته ڌپ آ. ساهه ٿو نڪري.“

”جيئن مهينن کان پوسرجي ويل ڍونڍ مان ڌپ ايندي آ، اهڙي ڌپ ٿي اچي.“

”اچ ته نڪري هلئون، نه ته دم گهُٽجي ويندو.“

اهڙا ڪيئي آواز گونجيا. ڪرڀ ۽ ڪراهت جو دٻيل لفظن ۾ اظهار ٿيو، ۽ پيهه گهٽجڻ لڳي.

۽ انهن ماڻهن کان پريان پيءُ روئندو، پنهنجي ماضي، حال ۽ مستقبل جو لاش پنهنجي ڪلهن تي کڻي هلي رهيو هو. گهٽيءَ ۾ بيٺل ماڻهو ٽولن جي شڪلين ۾ ورهائجي ويا هئا. هاڻ ته شاهن جون خوبيون ۽ وفاداريون بيان ڪندڙ به ٽڙي پکڙي ويا هئا. انهن ساڳين چهرن تي نه همدردي هئي، نه ڏک هو. اتي وحشت ۽ هراس پکڙيل هو. ڪرڀ پکڙيل هئا ۽ ڌڪار ڦهليل هئي. انهن کان پريان ڪوٺن جي وڏن پلويڙن تان نظر ايندڙ عورتن جي ڍڪيل چهرن تي به ساڳيو خوف ۽ هراس نظر اچي رهيو هو.

لاش جڏهن در کان لنگهايو ويو ته پوڙهي ماءُ گهگهي آواز ۾ رڙيون ڪيون، ڪوڪون ڪيون. ڀيڻس پار ڪڍيا. جوانيءَ ۾ ڀاءُ جي وڇوڙي تي آهون ڀريون، ۽ پوڙهو پيءُ پٽ جي پيرن کان ويهي مٿو پٽڻ لڳو ۽ سڏڪڻ لڳو.

لاش مٿان بيٺل عورتن جو، تيز بوءِ سبب ساهه منجهڻ لڳو هو. اتي بيهڻ جي انهن ۾ جڏهن سگهه نه رهي ته آهستي آهستي اتان وڃڻ لڳيون. سماجي لاڳاپن جا ڏانوڻ پنهنجو پاڻ ٽُٽي پيا. انسانيت شاهن جو روپ ڌاري ورتو.

۽ سامهون ماءُ پٽ جي وڇوڙي تي اڃا ماتم ڪري رهي هئي. کليل وارن واري ڀيڻ جا اوسارا ختم ئي نه ٿيا هئا ۽ پيءُ پنهنجي نصيبن تي روئڻ کان ماٺ نه ڪئي هئي ته اتي بيٺل هڪ عورت وات کي هٿ ڏئي نلڪي طرف ڊوڙي وئي هئي. تڏهن پيءُ شايد نلڪي مان ايندڙ اوڪارن جا آواز ٻڌي ورتا هئا ۽ اوڏيءَ مهل ته هن جو وجود ڪنهن ٻرندڙ جبل جيان ٿي ويو. وقت جي اهڙي ڪلور تي هن جي اندر واري شخص وٺي دانهن ڪئي. هو وڏي واڪي روئڻ لڳو، لڇڻ ۽ ڦٿڪڻ لڳو.

پوءِ ڪجهه گهڙين بعد هن جڏهن ڪنڌ مٿي کنيو هو ته ڪافي عورتون وڃي چڪيون هيون. جيڪي بيٺل هيون، انهن جي نڪن تي به روا ڏنل هئا. ۽ انهن جي اکين مان به وحشت ليئا ٿي پاتا.

هو اُٿيو. آهستي آهستي هلندو در تائين آيو. اندر عورتن جا چهرا ڍڪيل هئا. ۽ ٻاهر به ان بوءِ کان بچڻ لاءِ مردن وٽ رومال هئا، انگوڇا هئا ۽ پيءُ وٽ بيوسي هئي، ڏک هو، نوجوان پٽ جي وڇوڙي جو فقط درد هو. پيءُ ته ڪڏهن سوچيو به نه هو ته زندگيءَ جي پوين پهرن ۾ پٽ کانئس ائين کسجي ويندو. هن ته ڪڏهن خواب ۾ به اهڙو موت نه ڏٺو هو، جو موت نه لڳي هڪ خواري لڳي.

پر وقت ڪيڏا نه هاڃا ٿو ڪري. شاهن مئو هو ته اهڙي موت، جنهن ۾ ماڻهن وٽ هن لاءِ ڪا پنهنجائپ نه هئي. انهن جي هٿن ۾ گلن جا هار نه هئا، جي هئي ته ڪرڀ هئي، وحشت هئي ۽ هٿن ۾ رومال هئا؛ جنهن سان اهي پنهنجا نڪ ڍڪي ٿي هليا.

پيءُ ٿلهن شيشن واري چشم پٺيان ماڻهن جي اهڙن چهرن کي ڏسي ورتو هو، جيڪي بيوسيءَ جي موت مرندڙ شاهن تي ڄڻ هڪ ٺٺول هئا. پيءُ هڪ وڏ اوڇنگار ڏني، ۽ پوءِ ٽِڙيل پکڙيل ماڻهن ڏانهن ائين ڏٺائين ڄڻ ته اکين ئي اکين ۾ چوندو هجي، ”نڪن تان رومال هٽايو.... منهنجي شاهن جي توهين ٿئي ٿي.“

پر ماڻهو پيءُ جي اکين مان وهيل لُڙڪن سان گڏ، اهي لُڙڪ ڏسي نه سگهيا، جيڪي شاهن جي اهڙي بيوسيءَ واري موت تي لَڙي پيا هئا.

 

 

 

 

بورڊنگ هائوس

جيمس جوائس  

مترجم: ولي رام ولڀ

 

(آئرش ناول نگار جيمس جوائس (1882-1941ع) ڊبلن جي ٻهراڙيءَ ۾ جنم ورتو. سندس پيءُ رلڻو ملڻو ۽ خوش مزاج قسم جو ماڻهو هو ۽ خرچ ۾ پنهنجي کليل هٿ جي ڪري سموري ڊبلن ۾ مشهور هو. کيس سورنهن سترهن ٻار هئس. سندس ماءُ تمام سٺو پيانو وڄائيندي هئي.

ڇهن ورهين جي ڄمار ۾ جوائس کي جيسُوٽ اسڪول موڪليو ويو، جتي هن ٽي ورهيه گذاريا. اهي ٽي ورهيه سندس زندگيءَ ۾ اڻ وسرندڙ اهميت رکن ٿا. نوَن ورهين جي ڄمار ۾ هن پنهنجي پيءُ جي پمفليٽ جي خلاف هڪ پمفليٽ لکيو. 1891ع ۾ مالي مشڪلات جي ڪري کيس اسڪول مان اُٿاريو ويو ۽ ٻن ورهين کان پوءِ هڪ خانگي اداري ۾ داخل ڪيو ويو، جتي هو مضمون نويسيءَ جي ڪري ڏاڍو مشهور ٿيو. جڏهن کيس ڪو انعام ملندو هو ته هو پنهنجي سموري ڪٽنب کي عمدين هوٽلن ۾ وٺي ويندو هو. اهڙيءَ طرح سندس گهر جا ڀاتي پڻ سندس مضمون نويسيءَ جا قائل ٿي ويا هئا. هو پڙهڻ جو ڏاڍو شوقين هو. انهيءَ زماني ۾ هن لاطينيءَ مان ترجما ڪيا ۽ چار زبانون سکيون. 1898ع کان 1902ع تائين هو يونيورسٽي ڪاليج ۾ پڙهندو رهيو ۽ فلسفي ۽ ادب جي اڀياس سان پنهنجي ذهن جي تربيت ڪندو رهيو. 1901ع ۾ جڏهن آئرلينڊ ۾ قومي ٿئيٽر جو نعرو بلند ٿيو ته هن انهيءَ جي مخالفت ڪئي ۽ چيائين ته فنڪار زمان ۽ مڪان جي حدن جي قيد کان آزاد ٿيندو آهي. گريجوئيٽ ٿيڻ کان پوءِ هو پيرس هليو ويو. جڏهن هو پيرس پهتو ته وٽس هڪ يا ٻه پائونڊ، ڪجهه نظم ۽ ڊبلن جي ميئر جي هڪ سفارشي چِٺي هئا. پر هِتي جلد ئي غربت ۽ تڪليفن کيس گهيري ورتو. 1903ع ۾ هو پنهنجي ماءُ جي بيماريءَ جي خبر ٻڌي ڊبلن هليو آيو ۽ چئن مهينن تائين سندس خدمت ڪندو رهيو. 1904ع ۾ هوُ گهر مان هليو آيو ۽ سستين هوٽلن ۾ رهندو هو. ’يوليسيس‘ جو وڏو حصو انهن ئي تجربن تي ٻڌل آهي. انهيءَ وچ ۾ سندس ملاقات هڪ کِل مُک ۽ ڊگهن وارن واري ڇوڪري نورا جوزف سان ٿي، جنهن کي ادب سان ته ڪا دلچسپي نه هئي، پر هوءَ ڏاڍي من موهڻي ۽ سهڻي هئي. جلد ئي جوائس ساڻس شادي ڪئي ۽ اهي ٻئي روزگار جي آسري تي زيورچ هليا آيا. 1931ع ۾ شاديءَ جو مذهبي ثبوت نه هئڻ ڪري وري شادي ڪرڻي پين.

جوائس جي زندگيءَ جو اهم حصو انهيءَ ڇڪتاڻ تي ٻڌل آهي، جا کيس پبلشرن سان منهن ڏيڻ ۽ ڪتاب شايع ڪرائڻ جي سلسلي ۾ پيش آئي. “Chamber Music” کي چئن پبلشرن شايع ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ هڪڙي ته مسودو ئي واپس ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ جڏهن 1907ع ۾ اهو شايع ٿيو ته رائلٽيءَ جو هڪ پيسو به نه مليس. “Dubliner” 1905ع کان وٺي 1914ع تائين شايع نه ٿي سگهيو ۽ جڏهن هو پاڻ اهو شايع ڪرائڻ لاءِ ويو ته پبلشر سموري ٽائيپ ڀڃي ڇڏي ۽ کيس ڏاڍو پريشان ڪيو.

1914ع تائين هو زيورچ جي اسڪول ۾ پڙهندو رهيو. کيس ٽي ٻار هئا. هو اڃا تائين اڻ ڄاتل ۽ غريب حال ۽ تنگدستيءَ جي زندگي گهاري رهيو هو. 1914ع ۾ ايذرا پائونڊ ’اميجسٽ انئالاجي‘، جي سلسلي ۾ کيس هڪ خط لکيو ۽ هڪ نظم شايع ڪرڻ جي موڪل گهري. جوائس نه رڳو موڪل ڏيئي ڇڏي، بلڪ “Portrait” مسودو به موڪلي ڏنائين جو “Egoist” ۾ قسط وار شايع ٿيندو رهيو.

پهرين وڏي لڙائيءَ جي دوران هو زيورچ ۾ ئي هو. سندس اکيون خراب ٿي چڪيون هيون ۽ غربت کيس گهيري ورتو هو. انهيءَ حالت ۾ هن ’يوليسيس‘ “Ulysses” مڪمل ڪرڻ شروع ڪيو. 1920ع ۾ پائونڊ کيس پيرس وڃڻ لاءِ چيو، جتي 1921ع ۾ هن ”يوليسيس“ مڪمل ڪيو. 1919ع ۾ “Little Revien”، جنهن ۾ ”يوليسيس“ قسط وار ڇپجي رهيو هو، فحش نگاريءَ جي الزام ۾ ضبط ڪيو ويو. ايڊيٽرن جي آڱوٺن جا نشان ورتا ويا، مقدمو هلايو ويو ۽ سؤ ڊالر ڏنڊ مڙهيو ويو. اهو ڏسي پبلشر تيستائين ڪتاب شايع ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جيستائين جوائس اهو قانون مطابق نه ٺاهيندو. انگلنڊ ۾ انهيءَ جي شايع ٿيڻ جو سوال ئي پيدا نٿي ٿيو. پيرس ۾ اهو شايع ٿيو ۽ جڏهن به پروف پڙهڻ لاءِ ڪاپيون جوائس کي موڪليون وينديون هيون ته هو ان ۾ نئين سر سڌارا ۽ واڌارا ڪندو هو. اهڙيءَ طرح جوائس ڇهه ڀيرا ان ۾ سڌارا آندا ۽ نيٺ جڏهن پبلشرن ڌمڪيون ڏنيون ته اهي اهو ڪتاب شايع نه ڪندا ته هن پروف پڙهي واپس ڪري ڇڏيو. اهو ڪتاب ان وقت شايع ٿيو جڏهن جوائس چاليهن ورهين جو ٿيو. پهرين ڇاپو هٿوهٿ وڪامي ويو. ڪنهن انهيءَ کي ويهين صديءَ جو عظيم ڪتاب چيو ته ڪنهن انهي تي تمام گهڻو منجهيل ڪتاب جو نالو ڏنو. انهي ڪتاب جي ٻئي ڇاپي جون پنج سؤ ڪاپيون آمريڪا ۾ پوسٽ آفيس وارن ضبط ڪري ڇڏيون ۽ انهن کي فحش چئي ساڙي ڇڏيون. انگلنڊ ۾ به سڀ ڪاپيون ضبط ڪيون ويون. ”يوليسيس“ ۾ ڊبلن جي هڪ ڏينهن 16- جون 1904ع جو داستان آهي. هيل تائين انهيءَ جون گهڻيئي شرحون لکجي چڪيون آهن.

“Finnergan Wake” سترهن ورهين جي پورهئي کان پوءِ مڪمل ٿيو. انهيءَ ۾ لاشعور ۽ رات جو داستان بيان ڪيا ويا آهن ۽ انهيءَ ۾ اڻ ڳڻت زبانن جي مدد سان نوان نوان مرڪب جوڙيا ويا آهن. جوائس جو سمورو ڪمال سندس اسٽائيل آهي.

عمر جي پڇاري هن پيرس ۾ گذاري. سندس اکين جو ڏهه ڀيرا آپريشن ڪيو ويو. هو لڳ ڀڳ انڌو ٿي چڪو هو. هڪ پاسي “Finnergan Wake” تي خراب تبصرا ٿي رهيا هئا ته ٻئي پاسي سندس غربت ۽ جوڻس جي بيماري. انهن سڀني پريشانين مٿس اهڙو خراب اثر وڌو، جو هو السر جو مريض ٿي پيو ۽ انهيءَ جي آپريشن ۾ مري ويو.

جوائس کي يارنهن زبانون اينديون هيون. ناچ ۽ ڳائڻ وڻندو هئس. آڱرين ۾ منڊيون، هٿ ۾ بيد جو لڪڻ، اکين تي ٿلهن شيشن واري عينڪ هوندي هئس. بادلن جي گجگوڙ، ڇولين ۽ ڪتن کان بي حد ڊڄندو هو. سندس لکڻيون يورپ جي اخلاقي ۽ ذهني بحران جي ڪرندڙ ديوارين جو اولڙو آهن. سموري زندگي تڪليفون ڀوڳيندو رهيو ۽ اڄ کيس يڪراءِ عظيم فنڪار مڃين ٿا، پر جوائس هاڻي انهن سڀني ڳالهين کان بي نياز ٿي چڪو آهي. ”بورڊنگ هائوس“ سندس نمائنده ڪهاڻين مان هڪ آهي.)

*              *              *

مسز موُني دراصل هڪ ڪاسائيءَ جي ڌيءَ هئي. هوءَ هڪ اهڙي ثابت قدم ۽ اٽل ارادن واري عورت هئي، جنهن کي رازداري چڱيءَ طرح ايندي آهي. هن پنهنجي پيءُ جي نائب سان شادي ڪئي هئي، جيڪو ملازمن مٿان نظر رکڻ تي مقرر ٿيل هو. شادي کان پوءِ هن اسپرنگ گارڊنز جي ڀرسان گوشت جو هڪ دڪان کوليو هو. پر سهري جي مرڻ کان هڪدم پوءِ موُني غلط رستي تي پئجي ويو. کيس تمام خراب عادتون پئجي ويون ۽ هو پنهنجي تباهيءَ جي انتها تي پهچي قرضي ٿي پيو. کيس صحيح رستي تي آڻڻ جون سموريون ڪوششون بيڪار ويون ڇو ته هو پنهنجي وعدن تي ڪڏهن بيهي نه سگهيو. ڪڏهن هو توبه ڪندو به هو ته ڏسندي ڏسندي ڪجهه ڏينهن تائين رهي ۽ پوءِ هن گراهڪن جي موجودگيءَ ۾ به پنهنجي زال سان وڙهڻ شروع ڪري ڏنو ۽ ساڻس بدسلوڪي سان پيش اچڻ لڳو. انهن ڳالهين کان سواءِ هن خراب گوشت جي خريد و فروخت به شروع ڪري ڏني. هڪ ڏينهن هن شراب جي نشي ۾ جوڻس تي انهيءَ وڏي ڇري سان حملو ڪيو جو گوشت ڪٽڻ جي ڪم ايندو هو. ويچاري جوڻس کي اُن رات پنهنجي هڪ پاڙيسريءَ وٽ پناهه وٺڻي پئي.

انهيءَ سانحي کان پوءِ مسز مُوني پنهنجي مڙس کان علحدگي اختيار ڪئي. هوءَ پادريءَ وٽ ويئي ۽ پنهنجي مڙس کان طلاق ورتائين. ٻار سندس سنڀال هيٺ آيا. مڙس مصالحت جي ڪوشش ڪئي، پر جوڻس نه ته کيس رپيا ڏنا ۽ نه رهڻ جي جاءِ. ٻيو ته ٺهيو هو سندس کاڌي پيتي جي ذميواري قبول ڪرڻ تي به راضي نه ٿي. مجبوراً مايوس ٿي مُوني ضلعي جي وڏي عملدار وٽ نوڪري ڪرڻ لڳو. هو هڪ ننڍي قد جو شرابي هو جو بڇڙي حال ۾ رهندو هو. گهڻي شراب پيئڻ جي ڪري سندس صحت خراب هئي، چيلهه چٻي ٿي وئي هئس، ۽ چهرو سفيد ٿي ويو هو. مڇون ۽ ڀرون وقت کان اڳ اڇيون ٿي ويون هيون اکيون ننڍيون ننڍيون هئس، جنهن ۾ هميشه گلابي ڏورا هوندا هئا. صبح کان شام تائين هو ڪنهن نه ڪنهن مزوريءَ جي انتظاري ۾ رهندو هو.

ڪاروبار مان جيڪي بچيل سچيل ملي سگهيو مسز مُوني ان مان پنهنجو حصو ورتو ۽ پوءِ انهيءَ موڙيءَ مان هارڊ هارڊ وِڪ اسٽريٽ ۾ هڪ بورڊنگ هائوس کوليائين. سندس بورڊنگ هائوس ۾ گهڻو ڪري انهيءَ شهر ۾ ايندڙ ويندڙ مسافر اچي رهندا هئا. گهڻو ڪري ليور پول ۽ آئل آف مين کان ايندڙ سياح ايندا هئا، انهن کان سواءِ ڪڏهن ڪڏهن مقامي ميوزڪ هالز جا موسيقار به ايندا هئا. ڪي ماڻهو اهڙا به هئا جن اتي مستقل رهائش اختيار ڪري رکي هئي، جن ۾ گهڻائي شهر ۾ ڪم ڪندر ڪلارڪن جي هئي. مسز مُوني ڊگهن هٿن پيرن واري ٿلهي متاري رعبدار عورت هئي، هوءَ ڏاڍي مهارت ذهانت ۽ ثابت قدميءَ سان اهو بورڊنگ هائوس هلائڻ لڳي. کيس چڱيءَ ريت ڄاڻ هئي ته شيون اوڌر تي ڪڏهن ڏيڻ گهرجن، ڪنهن سان سختيءَ سان پيش اچڻ گهرجي. مستقل طور تي بورڊنگ هائوس ۾ رهندڙ نوجوان کيس ’ميڊم‘ جي نالي سان سڏيندا هئا.

اهي نوجوان مسز مُوني کي رهائش ۽ کاڌي پيتي جا پنڌرهن شلنگ هفتيوار ادا ڪندا هئا. جيڪڏهن رات جي کاڌي سان گڏ کين شراب جي ضرورت محسوس ٿيندي هئي ته کين انهيءَ جي قيمت جدا ادا ڪرڻي پوندي هئي. جيئن ته گهڻي حد تائين اهي سڀ هڪ ئي پيشي سان وبسته هئا، انهن جو ذوق به ساڳيو هوندو هو، ۽ پسند ناپسند به هڪڙي هئي، تنهنڪري منجهن ڏاڍي حب هئن. اهي جڏهن به پاڻ ۾ ملندا هئا ته ڏاڍي بي تڪلفيءَ سان مقامي سياست سان گڏوگڏ پنهنجي عملدار جي منظورِنظر نوجوانن ۽نوَن آيلن وغيره جي حالتن ۽ انهن جي مستقل جي باري ۾ تبادله خيال ڪندا هئا. ميڊم جو پٽ جئڪ مُوني، فليٽ اسٽريٽ جي هڪ ڪميشن ايجنٽ وٽ ڪلارڪ هو. سندس باري ۾ اهو مشهور هو ته ڏاڍو سخت جان آهي. عادتون هن جون پڻ ڪجهه چڱيون نه هيون. گهڻو ڪري رات جو دير سان گهر موٽندو هو. جڏهن به هو پاڻ سان گڏ رهندڙ دوستن سان ملندو هو ته، وٽس ٻڌائڻ لاءِ هميشہ ڪافي داستانن جو ذخيرو هوندو هو. ريس ۾ جيتيندڙ ڪنهن نه ڪنهن گهوڙي يا ڪنهن وڏي موسيقار جي باري ۾ هو گهڻو ڪري ڪجهه نه ڪجهه ضرور گوهرافشاني ڪندو هو. ٿئيٽر وارن سان به هن پنهنجا لاڳاپا وڌائي رکيا هئا، هو مزاحيه گانا چڱيءَ طرح لطف وٺي ڳائيندو هو. گهڻو ڪري آتوار جي رات جو مسز مُوني جي ڊرائنگ روم ۾ هم پياله ۽ خيال ماڻهن جي محفل ڄمندي هئي. انهن صحبتن ۾، ميوزڪ هالز جا موسيقار گهڻو ڪري وندر جو سامان پيدا ڪندا هئا، شيرڊن ساز تي سنگت ڪندا. اهي ڳائيندڙ جي سنگت ڪرڻ کان سواءِ والٽز ۽ پولڪاس وغيره قسم جي ناچن جون ڌنون به وڄائيندا هئا. ميڊم جي جوان ڌيءَ پولي به گهڻو ڪري انهن جلسن ۾ شرڪت ڪندي هئي. هو گهڻو ڪري عام پسند ۽ مقبول گيتن سان حاضرين جي دل وندرائيندي هئي.

پولي اڻويهن ورهين جي سنهڙي ڇوڪري هئي. سندس وار نرم مخملي هئا ۽ ننڍڙو سهڻو وات هئس ۽ سندس اکيون ڀوريون سبزي مائل هيون. هوءَ جڏهن به ڪنهن سان ڳالهائيندي هئي ته گهڻو ڪري پنهنجون نگاهون مٿئين طرف رکندڙ هئي. پنهنجي انهيءَ عجيب عادت جي ڪري هوءَ هڪ ننڍڙي تنڪ مزاج گمراهه ميڊونا لڳندي هئي. مسز مُوني پنهنجي ڌيءَ کي هڪ آفيس ۾ ٽائيپسٽ جي نوڪري ڏياري هئي، پر ان کان پوءِ اهو ٿيو جو ضلعي جي اعليٰ عملدار جي آفيس ۾ هڪ بدنام شخص هر ٻئي ٽئين ڏينهن اتي اچڻ لڳو ۽ سندس ڌيءَ سان هڪ- اڌ ڳالهه ڪرڻ جي اجازت گهرڻ لڳو. انهيءَ ڪارڻ ڪري پولي کي چڱي مصيبت کي منهن ڏيڻو پيو، تنهنڪري انهن هنگامن کان بيزار ٿي ميڊم پنهنجي ڌيءَ کي نوڪري تان استعيفا ڏياري ڇڏي ۽ هوءَ گهر جي ڪم ڪار ۾ پنهنجي ماءُ کي هٿ ونڊائڻ لڳي. پولي چڱي زنده دل ۽ تيز طرار ڇوڪري هئي. گهر جو انتظام سندس حوالي ڪرڻ جو گهڻو ڪري هڪ مقصد اهو به هو ته اهڙيءَ ريت ڪنهن مناسب نوجوان سان ملاقات ٿي وڃي ۽ هوءَ کيس پنهنجي لاءِ پسند ڪري سگهي. اهو ’گهرو انتظار‘ اتي رهندڙ نوجوانن کي به وڻيو. هڪ نوجوان عورت کي پنهنجي ويجهو محسوس ڪري، اهو ڄاڻي ته هڪ ڇوڪري سندن وچ ۾ رهي ٿي، کين چڱو ذهني سڪون ملندو هو. ظاهر آهي پولي انهيءَ جو ڏاڍو فائدو وٺندي هئي، ناز انداز ڏيکاري خودئي ڏاڍو محظوظ ٿيندي هئي. پر مسز مُوني کي انساني ڪردار جي ڏاڍي چڱي پرک هوندي هئي. کيس انهيءَ جو خوب اندازو هو ته انهن سڀني نوجوانن کي رڳو خوش وقتي سان دلچسپي هئي. اهي رڳو چڱو وقت گذاري رهيا هئا. منجهائن اهڙو ڪو به نه هو جنهن کي صحيح معنيٰ ۾ پوليءَ سان دلچسپي هئي. ڏينهن ائين گذرندا رهيا، حالتون ائين ئي بدستور هيون. هڪ وقت اهڙو به آيو جڏهن انهن مايوس ٿي پوليءَ کي ٻيهر ڪنهن آفيس ۾ ٽائپسٽ جي نوڪري ڏيارڻ جي باري ۾ گنڀيرتا سان سوچڻ شروع ڪري ڏنو، پر انهيءَ زماني ۾ هڪدم کيس انهيءَ ڳالهه جو احساس ٿيو ته پولي ۽ هڪ ٻئي نوجوان جي وچ ۾ ڪجهه سلسلو هلي رهيو آهي، جيڪو حوصله افزا نظر اچي ٿو. هن خاموشيءَ سان ٻنهي تي چوڪسي رکڻ شروع ڪري ڏني ۽ زبان سان ڪجهه نه چيائين.

پوليءَ کي انهيءَ جو احساس هو ته سندس چوڪسي ٿي رهي آهي. ماءُ جي انهيءَ خاموشيءَ جو راز ڪجهه ڪجهه ته سندس سمجهه ۾ اچي رهيو هو، پر پوءِ به کيس پوريءَ طرح سڌ پئجي نه سگهي ته سندس ماءُ سڀڪجهه سمجهندي به ايتريقدر ثابت قدمي سان ماٺ ڇو اختيار ڪئي آهي. ماءُ ڌيءَ جا تعلقات هونءَ ته ٺيڪ هئا، پر اهي ڪڏهن به بي تڪلفيءَ جي حد تائين نه پهتا هئا. انهن جي وچ ۾ ڪڏهن به مڪمل طور تي هيڪڙائي پيدا نه ٿي هئي. ٻنهي کُلي طرح هڪ ٻئي کي سمجهڻ جي ڪوشش نه ڪئي هئي. ڏسندي ئي ڏسندي انهيءَ عاشقي اها صورت اختيار ڪئي جو گهر جي سڀني ڀاتين ۾ چوٻول شروع ٿي ويو. انهيءَ جي باوجود مسز مُوني ڪنهن قسم جي مداخلت نه ڪئي. انهيءَ تي پوليءَ جي روش ۾ هڪ عجيب ڦيرو پيدا ٿيو. هوءَ هر وقت گهٻرايل رهڻ لڳي ۽ اهو نوجوان به هر وقت پريشان نظر اچڻ لڳو. ائين لڳندو هو ڄڻ اندر ئي اندر کيس ڪا پريشاني کائيندي رهندي هجي ۽ پوءِ نيٺ اهو ڏينهن به اچي پهتو، جڏهن مسز مُوني گهڻو ڪري اهو فيصلو ڪرڻ کان پوءِ ته هاڻي صحيح وقت اچي پهتو آهي، هن لڪي ڇپي اُسرندڙ عشق جي خلاف پنهنجو پهريون قدم کنيو. هن ڏاڍي غور ۽ فڪر کان پوءِ، فيصله ڪُن انداز ۾، ڏاڍي ذهانت ۽ ڏاڍي هوشياريءَ سان انهيءَ مسئلي جي اخلاقي پهلو کان ابتدا ڪئي.

اونهاري جي شروعاتي ڏينهن هئا. موسم ۾ گرميءَ جا آثار ته ضرور هئا، پر تازي فرحت بخش هوا جا جهوٽا برابر هلندا رهيا. هڪ آرتوار جي صبح جو مسز موُني حالتن تي قابو پائڻ جي پهرين ڪوشش ڪئي. بورڊنگ هائوس جون سموريون دريون کليل هيون، جن جا جهالردار نفيس پردا هوا ۾ لهرائي رهيا هئا. هوا جي ڪري انهن پردن غبار جي شڪل اختيار ڪئي هئي ۽ هاڻي اهي دريءَ جي هيٺ مٿي کسڪڻ وارن آئينه دار طاقن کان پري، ٻاهر گهٽي ۾ اُڏري رهيا هئا. عبادت ڪندڙ تيزيءَ سان ديول سان ڳنڍيل لان تان گذرندي اندر وڃي رهيا هئا. سندن تقدس جو احساس انهن جي سنجيدگي ۽ خاموشيءَ کان سواءِ مقدس انجيل جي انهن نسخن سان ٿي سگهيو ٿي، جيڪي سندن هٿن ۾ هئا. هر ڪنهن کي هلڪا دستانا پاتل هئا ۽ اِنجيل ڇاتيءَ سان لڳل هو.

بورڊنگ هائوس ۾ صبح جي نيرن ختم ٿي چڪي هئي ۽ ڊائننگ هال ۾ ميز تي اڃا پڻ جوٺيون پليٽون پيون هيون، جن تي ڊبل روٽي جي بچيل سچيل ٽڪرن کان سواءِ بيدن جي زرديءَ جا خشڪ نشان به ڦهليل هئا. هڪ طرف آرام ڪرسي تي مسز موني وڃايل وڃايل ويٺي نوڪرياڻي ميريءَ جو جائزو وٺي رهي هئي، جيڪا نيرن جي شين کڻڻ جي ڪم ۾ لڳل هئي. هوءَ روز وانگيان پنهنجي مالڪياڻي جي حڪم پٽاندر روٽيءَ جا ٽُڪر ڏاڍي جلدائيءَ سان چونڊي هڪ صاف پليٽ ۾ گڏ ڪري رهي هئي. هر منگل جو بنا پڇي جي ڊبل روٽي جو پڊنگ تيار ٿيندو هو، جنهن ۾ روٽيءَ جا بچيل سچيل اهي ئي ٽڪرا وڌا ويندا هئا. جڏهن ميز جي پوري طرح صفائي ٿي ويئي ۽ ميري روٽيءَ جا سڀ ٽڪر گڏ ڪري ورتا ۽ کنڊ ۽ مکڻ ڏاڍي حفاظت سان اسٽور ۾ بند ڪيا ويا ته مسز مُوني ويٺي ويٺي گذريل رات جي واقعن تي غور ڪرڻ شروع ڪيو. ڪالهه رات هوءَ پوليءَ سان ڳالهه ٻولهه ڪري چڪي هئي، سندس شڪ برابر نڪتو هو. هن ڏاڍي چٽائيءَ سان سوال ڪيا هئا، ۽ پولي ڏاڍي چٽائيءَ سان جواب ڏنا هئا. اهو مسئلو ايترو اڻانگو ۽ ناموزون هو جو ٻنهي گهڻي حد تائين مونجهارو محسوس ڪيو هو. ماءُ کي مونجهارو اهو هو ته اڄ هوءَ پنهنجي ڌيءَ کان ڏاڍا اڻ وڻندڙ سوال پڇڻ تي مجبور ٿي ويئي آهي. پولي جي مونجهاري جو ڪارڻ اهو هو ته کُلي طرح اهڙي قسم جي ڳالهين کان کيس هميشه بيزاري ٿيندي هئي، ۽ هاڻي ته اهي ڳالهيون ماءُ سان ٿي رهيون هيون. کيس اهو ڏک هو ته سندس ماءُ گهڻو ڪري اهو سوچي رهي هئي ته هن پنهنجي معصوميت مان پنهنجي ماءُ جي فراخدلي ۽ رواداريءَ مان غلط فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. جيئن ته گهڻي گفتگو اشارن ۽ ڪناين ۾ ٿي رهي هئي، انهيءَ ڪري به پوليءَ جو ذهن چڱو پريشان هو.

غير ارادي طور تي مسز مُوني انهيءَ ننڍڙي نفيس ديواري گهڙيال ڏانهن ڏٺو جو مينٽل پيس تي رکيل هو. جيئن ته سينٽ جارج جي ديول جا گهنڊ هاڻي وڄڻ بند ٿي ويا هئا، انهيءَ ڪري کين احساس ٿيو ته يارنهن وڄي چڪا هئا- گهڙيال ۾ يارنهن لڳي سترنهن منٽ ٿيا هئا. اڃا منجهند جي گاڏيءَ ۾ چڱو وقت پيو هو، هن سوچيو. ”مان انهيءَ وچ ۾ ڏاڍي سولائيءَ سان مسٽر ڊوران سان ڳالهه ٻولهه ڪري سگهان ٿي، ۽ مالبورو اسٽريٽ کان ٻارهين وڳي واري گاڏيءَ ۾ وڃي سگهان ٿي.“

هاڻي کيس پڪ ٿي ويئي هئي ته هوءَ انهيءَ ڪم ۾ ضرور ڪامياب ٿي ويندي. نيٺ سڀ اخلاقي قدر به ته سندس موافقت ۾ هئا. هوءَ ويچاري ته هڪ مظلوم ماءُ هئي. اهڙي عورت جنهن سان ڏاڍي زيادتي ٿي هئي. هن انهيءَ نڀاڳي نوجوان کي اهو سوچي ته هو نيڪ سيرت ۽ شريف آهي، پنهنجي زير سايه رهڻ جي اجازت ڏني هئي، ۽ هاڻي انهيءَ احسان فراموش هن جي ميزبانيءَ جو ناجائز فائدو ورتو هو. هو هونئن به بي سمجهه ٻار نه هو. چوٽيهه پنجٽيهه جي لڳ ڀڳ ڄمار هيس. هاڻي هو اهو بهانو به ته نٿي ڪري سگهيو ته هو جوانيءَ جي نشي ۽ ناتجربيڪاريءَ جو شڪار ٿيو هو. هو ته لاعلمي جو سهارو به نٿي وٺي سگهيو، ڇو ته هن دنيا ڏٺي هئي ۽ دنيا جي هيٺ-مٿاهين کان چڱيءَ طرح واقف هو. اهو ته صاف ظاهر هو ته هن پولي جي جواني ۽ ناتجربيڪاريءَ مان فائدو ورتو هو. هاڻي سوال اهو ته ڪنهن حد تائين ڪهڙي قسم جو ڏنڊ ڏيڻ لاءِ تيار ٿي سگهيو ٿي؟ هاڻي ته تلافي بي حد ضروري هئي. خيالن جو وهڪرو ائين وهي هليو.

اهڙي قسم جي واقعن ۾ سزا ضروري ٿئي ٿي، مسز موني سوچيو. مرد کي ڇا آهي، هن لاءِ ته اهڙيون ڳالهيون ڪا اهميت ئي نٿيون رکن. هو ته ٿوري دير جي عيش کان پوءِ پنهنجي راهه اختيار ڪري سگهي ٿو، ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي ڪين. مصيبت ته ويچاري عورت لاءِ آهي، جنهن کي سمورا نتيجا ڀوڳڻا پوندا آهن. دنيا ۾ اهڙيون مائرون به هونديون، جيڪي اهڙن واقعن کان پوءِ ٿورو گهڻو روڪ پئسو وصول ڪري صبر ڪري ويهي رهن ٿيون. خود مسز موني کي اهڙن ڪيترن ئي واقعن جي سُڌ هئي. پر هاڻي هوءَ هرگز اهو نه ڪندي، هن ڏاڍي اعتماد سان فيصلو ڪيو. هن لاءِ پيڙا جو رڳو هڪ ئي وسيلو هو، جنهن سان سندس ڌيءَ جي بي حرمتيءَ جو ازالو ٿي سگهيو ٿي—اهو هو هڪدم شادي!

هن هڪ ڀيرو وري انهيءَ مسئلي جي باري ۾ سڀني پاسن تي غور ڪيو ۽ پوءِ ميري کي مسٽر ڊوران ڏانهن موڪلي هيٺ ئي پاڻ وٽ گهرائي ورتائين. هاڻي کيس پڪ ٿي وئي هئي ته هن معاملي ۾ فتع سندس ئي ٿيندي.

ڊوران چڱو سنجيدو ۽ گهٽ ڳالهائو نوجوان هو. ٻين وانگر هو نه اوباش مزاج هو ۽ نه چرٻ زبان. جيڪڏهن هن جي بدران مسٽر شيريڊن يا مسٽر ميڊ يا بانٽم ليونز هجن ها ته کين چڱي ڏکيائي کي منهن ڏيڻو پوي ها، مسز موني سوچيو. پر ڊوران جي طبيعت ئي اهڙي هئي جو کيس پڪ هئي ته هو ڪنهن قسم جي بدنامي برداشت نه ڪري سگهندو. اها ڳالهه ئي ڪجهه اهڙي هئي هوگڏ رهندڙن ۾ چوٻول شروع ٿي چڪو هو. گهڻو ڪري هر ڪنهن کي ٿورو ڪي گهڻو معلوم هو ۽ جن کي وڌيڪ تفصيلن جي خبر نه هئي، انهن پنهنجي طرفان لوڻ مرچ لڳائي، لڪي افواهه ڦهلائڻ شروع ڪري ڇڏيا هئا. ڊوران گذريل تيرهن سالن کان هڪ عيسائي ڪمپني ۾ نوڪري ڪري رهيو هيو هو، جيڪا شراب جو واپار ڪندي هئي. اُتي جون حالتون ڪجهه اهڙيون هيون جو انهيءَ بدناميءَ جي ڪري کيس نوڪري ڇڏڻي پئي. اڃا به ڪجهه ويو ڪين هو، جيڪڏهن هو سڌي رستي تي اچي انهن جي مرضي پٽاندر هلڻ جو وعدو ڪري ته سڀڪجهه ٺيڪ ٿي سگهي ٿو، مسز موني سوچيو. کيس انهيءَ جو احساس هو ته ڇوڪرو چڱو ڪفايت شعار آهي. وٽس ٿوري گهڻي موڙي به ضرور هوندي.

هاڻي لڳ ڀڳ ساڍا يارهن لڳا هئا. انتظار کان ڪڪ ٿي هو اُٿي بيٺي ۽ سامهون آئيني ۾ پنهنجو اولڙو ڏٺائين. پنهنجي چمڪندڙ چهري جو فيصله ڪُن رنگ ڏسي کيس چڱي آٿت ملي ۽ هن سوچيو، ”اهڙيون عورتون به ته دنيا ۾ آهن، جي ڪنهن طرح به پنهنجي ڌيئرن جون شاديون نٿيون ڪري سگهن.“ هن دل ئي دل ۾ خدا جو شڪر ادا ڪيو ته هوءَ انهن مان نه هئي.

هاڻي ڪجهه حال هوڏانهن جو به ٻڌو. ڊوران جو اڄ صبح کان حال خراب هو. آرتوار جي اها صبح هن لاءِ چڱي پريشان ڪندڙ هئي صبح جو هن ڏاڙهي لاهڻ جي ٻه ڀيرا ڪوشش ڪئي هئي، پر سندس هٿ ۾ خلاف معمول ڪجهه اهڙي ڪنبڻي هئي جو مجبور ٿي کيس اهو ڪم روڪڻو پيو هو. ٽن ڏينهن جي سرخي مائل ڏاڙهي ڪجهه اهڙي بي ڍنگي نموني وڌي هئي جو هاڻي سندس کاڏي کي پنهنجي دامن ۾ وٺي چڪي هئي. هر ٻئي ٽئين منٽ کان پوءِ سندس اکين ۾ ڌنڌ ڇائجي ٿي وئي ۽ عينڪ جي شيشن تي انهيءَ ڌنڌ جي ڪري کيس بلڪل ڪجهه نظر نٿي آيو. هن ماٺ ميٺ ۾ عينڪ لاٿي ٿي، کيسي مان رومال ڪڍيو ٿي ۽ پهرين پنهنجون لڙڪ هاڻيون اکيون ۽ پوءِ پنهنجي عينڪ صاف ڪيائين ٿي. رات جو جيڪي ڪجهه مٿس گذريو هو ۽ جهڙيءَ طرح ديول ۽ کيس پنهنجو ڏوهه باسڻو پيو هو، اهو سڀڪجهه چڱو شرمناڪ ۽ ڏکوئيندڙ هو. پادري ڏاڍي صفائي سان سندس واتان انهيءَ شرمناڪ حمايت جي باري ۾ سمورا تفصيل چَورايا هئا ۽ پڇاڙيءَ ۾ ڊوران پاڻ کي ايتري قدر ذليل محسوس ڪيو هو جو جڏهن کيس گناهن جي تلافي جي واحد واٽ سُجهي ته هن هڪدم ٿورا مڃي اها قبول ڪئي هئي. جيڪي ڪجهه ٿيڻو هو اهو ٿي چڪو هو، هاڻي هو ڪري  ئي ڇا ٿي سگهيو. ڀڄڻ کان ته اهو ئي بهتر هو ته هو ماٺ ۾ شادي ڪري ڇڏي. پختائي کان ڪم وٺڻ، سندس وس ۾ نه هو. کيس پڪ هئي ته افواهه ضرور پکڙبا ۽ اهڙيءَ ريت سندس آفيس جي عملدارن کي ضرور خبر پئجي ويندي. هي نڀاڳو ڊبلن اهڙين ڳالهين لاءِ ڪيڏو ننڍو شهر آهي، هن سوچيو. هر ڪنهن کي هڪٻئي جي باري ۾ سڀڪجهه سُڌ پئجيو وڃي ۽ پوءِ اهڙيون ڳالهيون ته باهه وانگر پکڙجن ٿيون، لڪائڻ سان نٿيون لڪن. تصور جي ڌارائن ۾ وهندي وهندي کيس جيئن ئي پنهنجي پوڙهي عملدار جو خيال آيو ته دل زور سان ڌڙڪڻ لڳي. پوڙهو ليونارڊ پنهنجي پوڙهي آواز ۾ سڏيندو: ذرو مسٽر ڊوران کي ته هيڏانهن موڪل! انهيءَ تصور سان ئي هو ڪنبي ويو. اُف اوهه-- مان ڪهڙي مصيبت ۾ ڦاسي ويس، ڊوران جهنجهلائجي سوچيو. ايڏي ڊگهي نوڪري ۽ انهيءَ جي سموري ڪارگذاري، هونئن ئي اجايو ضايع ٿي وئي. سندس سموري ايمانداري ۽ محنت جو خاتمو ڪيائين. ڪجهه اهڙيءَ طرح ٿيڻو هو؟- جوانيءَ ۾ هن چڱي من ماني ڏيکاري هئي. کيس ته ڪڏهن خدا جي وجود ئي کان انڪار هو ۽ هميشه پنهنجي آزاد خيالي تي ناز هو، پر هاڻي ته اهي ڳالهيون پراڻيون ٿي ويون هيون. هونئن ته هو اڃا تائين رينالڊز جي ترقي پسند اخبار خريد ڪندو هو، پر انهيءَ جي باوجود هن پنهنجا مذهبي فرض ڪڏهن نه وساريا هئا. هو سال ۾ گهٽ ۾ گهٽ نون ڏهن مهينن تائين انتهائي معقول ۽ نيڪ زندگي گذاريندو هو. هاڻي ته هن ڪفايت شعاري به شروع ڪري ڇڏي هئي. ايترا پيسا گڏ ڪري ورتا هئا جو هاڻي هو باقي زندگي آرام سان گذارڻ جا خواب ڏسڻ لڳو هو. هاڻي به هو باقي زندگي سڪون سان گذاري سگهيو ٿي، پر ڏکيائي اها هئي جو ڪٽنب جا ٻيا ڀاتي سندس زال کي خراب نگاهه سان ڏسن ها ۽ کيس آساني سان قبول نه ڪن ها. سڀ کان وڏي رنڊڪ ته سندس بدنام پيءُ جي شخصيت هئي، جنهن کي سڀني ڄاتو ٿي. سندس ماءُ جي انهيءَ بورڊنگ هائوس جي باري ۾ به هاڻي چؤٻول ٿيڻ لڳو هو. اوچتو هڪدم ڊوران کي لڳو، ڄڻ سندس سڀ دوست انهيءَ چوند تي کلندا هجن. بدقسمتيءَ سان اها ڇوڪري به گهڻو ڪري عاميانه ڳالهيون ڪرڻ لڳي هئي. ڳالهه ٻولهه ۾ گهڻو ڪري غلط ٻولي ڳالهائيندي هئي، پر انهيءَ سان ڇو ٿو ٿئي؟ ”جيڪڏهن مان سچ پچ ساڻس محبت ڪريان ٿو ته سڀڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو.“ هن سوچيو.

جيئن جيئن خيال ڀٽڪڻ لڳا ۽ اهي تصور جي تاڃي پيٽي ۾ ڦاسندا ويا، تيئن سندن سمجهه ۾ اهو نه آيو ته انهيءَ ڇوڪري ساڻس جيڪي ڪجهه ڪيو هو، انهيءَ جي جواب ۾ ساڻس محبت ڪري يا نفرت؟ اهو بلڪل صحيح هو ته قصور هن جو پنهنجو به هو. هن به ته انهيءَ گناهه ۾ شرڪت ڪئي هئي. پر هاڻي انهيءَ جو ڪهڙو علاج، جو سندس جبلت هميشه کيس آزاد رهڻ جي تلقين ڪئي هئي ۽ شاديءَ کان بچڻ تي آماده ڪيوهو. سندس ذهن چيو هو: شاديءَ جي جنجال ۾ هرگز نه ڦاسج نه ته زندگيءَ جو سمورو لطف هليو ويندو.

هو ڪجهه اهڙن ئي اجاين خيالن ۾ وڃايل هو ته پولي هوريان در کڙڪايو. هو هيستائين بيوس بنيو رڳو قميص ۽ پتلون ۾ پلنگ جي هڪ پاسي تي ويٺو هو. هن پولي کي اندر سڏيو. اندر ايندي ئي هن سڏڪا ڀريندي کيس ٻڌايو ته ڪالهه رات هن پنهنجي ماءُ کي سڀڪجهه ٻڌائي ڇڏيو هو ۽ هاڻي سندس ماءُ ساڻس انهيءَ سلسلي ۾ گفتگو ڪرڻ واري آهي. پولي روئندي سندس ڳچيءَ ۾ ٻانهون ورائي ڇڏيون ۽ ويڙهجي گهٽيل آواز ۾ چيو، ”اوهه ..... بوب ........ تون ئي ٻڌاءِ، مان نيٺ ڇا ڪريان ها؟ ..... هاڻي ٻڌاءِ ..... مان ڇا ڪريان؟ اُف خدايا ...... دل چوي ٿي، پنهنجو گلو گهٽي ڇڏيان.“

ڊوران هوريان هوريان کيس دلاسو ڏنو، سندس لڙڪ اُگهيا ۽ کيس پڪ ڏياريائين ته سڀڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو. پولي سندس ڇاتيءَ سان لڳي سڏڪا ڀري رهي هئي ۽ سندس ڇاتيءَ جو لاهه چاڙهه صاف ظاهر ڪري رهيو هو ته هوءَ ڏاڍي پريشان آهي.

هاڻي ڊوران گذريل ڳالهين تي غور ڪيو ته اوچتو کيس احساس ٿيو ته انهي سلسلي ۾ سمورو قصور سندس نه هو. کيس سڀ ڳالهيون ياد اچي ويون. جواني ته ديواني مشهور آهي ۽ وري هن نڀاڳي ڇوڪري به ته پنهنجي ناز و ادا سان کيس چڱو چريو ڪيو هو. ڪپڙا هميشه اهڙا پائيندي هئي جو ايمان لُڏي ويندو هو. خواهه مخواهه کيس ٻانهن ۾ جڪڙڻ تي دل ٿيندي هئي. کيس اها رات به ياد آئي جيڪا مڪمل تباهي جي شروعات ثابت ٿي هئي. هو گهڻو ڪري رات جو دير سان موٽندو هو. انهيءَ رات به هو هڪ بي حد پُرسڪون ماحول ۾ ڪپڙا مٽائي رهيو هو ته اوچتو پولي ڊڄندي ڊڄندي دروازو کَڙڪايو. سندس ميڻ بتي هوا جي جهوٽي سان وسامي ويئي هئي، ۽ هن ڊوران جي ڪمري جي ميڻ بتيءَ سان پنهنجي ميڻ بتي جلائڻ ٿي چاهي، شايد هو شام جو وهنتي هئي.کيس ڍري ڳچيئ وارو جئڪيٽ پاتل هو. پيرن ۾ نفيس چمپل پيل هئا ۽ هن پنهنجي جسم تي ڪا اهڙي خوشبوءِ لڳائي هئي، جنهن سان سمورو ڪمرو هٻڪارجي ويو هو. هوءَ جهڪي ميڻ بتي جلائڻ لڳي ته سندس سڊول صحتمند جسم جون حسين گولايون ڊوران جي ذهن ۾ شيطاني خيال اُڀارڻ لڳيون. ظاهر آهي ته اهڙي رومانوي ماحول ۾ ڪنهن جو جيءُ جاءِ تي رهي سگهي ٿو؟

انهيءَ کان پوءِ جڏهن به هو رات جو دير سان موٽندو هو ته پولي ئي سندس کاڌو گرم ڪندي هئي. رات جي پراسرار خاموشيءَ ۾ جڏهن سمورو گهر ننڊ جي آغوش ۾ هوندو هو ته کيس ايتري قدر پنهنجي ويجهو ڏسي ڊوران کي صفا هوش نه رهندو هو ته آخر ڇا کائي رهيو آهي. پولي سندس خيال به ته ڪيترو رکندي هئي. جڏهن به رات ٺرندي هئي يا مينهن ۽ طوفان جو زور هوندو هو ته هن لاءِ کاڌي سان گڏ شراب جو هڪ ننڍو گلاس ضرور هوندو هو. پولي گهڻو ڪري ماٺ ۾ اهو انتطام ڪندي هئي. اڄ ڊوران کي اهي ڳالهيون ياد اچڻ لڳيون. سوچيائين، خراب ڇوڪري ناهي. شايد ساڻس باقي زندگي گهاري کيس بيحد چين نصيب ٿئي.

ماني کائڻ کان پوءِ ٻئي ماٺ ميٺ ۾، دٻيل پيرن سان هڪٻئي جي ويجهو ٿي، هٿن ۾ پنهنجون پنهنجو ميڻ بتيون کڻي، ڏاڪڻ چڙهندا هئا ۽ ٽين منزل تي، دل نه گهرندي، انتهائي بيدليءَ سان هڪٻئي کان موڪلائيندا هئا. گهڻو ڪري هو پنهنجي ٻانهن ۾ جڪڙي کيس چمندو هو. ميڻ بتيءَ جي جهڪي لڏندڙ روشنيءَ ۾ هوءَ کيس ڏاڍي پياري لڳندي هئي. سندس اکيون ڪيڏيون سهڻيون هيون. سندس هٿن جي گرمي ۽ سندس حُب ڀريو انداز کيس سڀڪجهه اڃا تائين ياد هئا.

پر اهو حب ڀريو انداز ته جٽاءُ ڪندڙ نه ٿو ٿئي. حسين لمحا گهڻو ڪري جلد گذري ويندا آهن. اُف خدايا-- هاڻي مان ڇا ڪريان؟ سندس جبلت هڪ ڀيرو وري سندس مدد لاءِ ڊوڙندي آئي. هن هينئر به بچڻ جي تلقين ڪئي. پر نيٺ گناهه جو ڪفارو ڪهڙي ريت ادا ٿئي ها؟ سندس ذهن راءِ ڏني ته هن قسم جي گناهه جي سزا ته کيس ضرور ڀوڳڻي پوندي.

پولي سندس ڀرسان پلنگ تي نه ڄاڻان ڪيستائين ويٺي رهي. ٻئي پنهنجي پنهنجي خيالن ۾ وڃايل هئا ته اوچتو ميري دروازي تي آئي، ۽ هن ڊوران کي ٻڌايو ته مئڊم ڊرائنگ روم ۾ سندس منتظر آهي. ڊوران بيوسيءَ جي انداز ۾ اُٿي پنهنجو واسڪوٽ ۽ اوورڪوٽ پاتو. ڪپڙا پائڻ کانپوءِ هن هڪ ڀيرو وري پوليءَ کي دلاسو ڏنو، سندس همٿ ٻڌائي ۽ پڪ ڏنائين ته ڊڄڻ جي هاڻي ڪا ڳالهه ناهي، سڀڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو. هو مسز موني سان ملڻ لاءِ ڪمري کان ٻاهر آيو ته ان وقت به پولي سندس پلنگ تي ويهي سڏڪا ڀري رهي هئي ۽ گهُٽيل آواز ۾ هوريان هوريان چئي رهي هئي: خُدايا! هاڻي منهنجو ڇا ٿيندو؟.... نيٺ ڇا ٿيندو.

ڏاڪڻ لهندي هڪ ڀيرو وري ڊوران جي عينڪ جي شيشن تي ايتري نمي ڇانئجي ويئي جو کيس ڪجهه به ڏسڻ ۾ ڪين آيو. هن روڪجي عينڪ لاٿي ۽ رومال سان اها صاف ڪيائين. رستي تي هن جي دل گهريو ته ڪنهن نه ڪنهن ريت ڇت ڪِري پوي ۽ هو ڪنهن آزاد بي فڪر پکي وانگر چپ چاپ اُڏري ڪنهن اهڙي ڏورانهين ڏيهه ڏانهن هلي وڃي جتي پهچي هو هن مصيبت کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهي، جتي سندس ذهن مان اهي ڏکوئيندڙ ڳالهيون هميشه لاءِ غائب ٿي وڃن. انهن فراري خيالن جي باوجود سندس اندر ڪا اهڙي قوت هئي جو کيس مجبوراً هيٺ ڌِڪي رهي هئي. رستي تي ميڊم ۽ سندس پنهنجي آفيس جي وڏن عملدارن جا سنگدل چهرا کيس گهوريندا رهيا ۽ هو بي چئن ٿي ويو. سڀ کان هيٺين منزل جي ڏاڪڻ تي جيڪ موني ملي ويس جو مودي خاني مان شراب جون ٻه بوتلون کنيو مٿي وڃي رهيو هو. ٻنهي هڪ ٻئي کي سرد مهريءَ سان سلام ڪيو. کن پل لاءِ ڊوران جيڪ جي ڪرخت سفاڪ شڪل ۽ سندس مضبوط سگهارن ٻانهن ڏانهن ڏٺو ته هو ڪنبي ويو. هيٺ پهچي به کيس ائين محسوس ٿيو ڄڻ اهي مضبوط ٻانهون کيس ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏينديون. ڏاڪڻ لهي بي اختيار مُڙي هن مٿي ڏٺو، جيڪا هاڻي به پنهنجي ڪمري جي ڀرسان بيهي کيس گهوري رهيو هو.

نه ڄاڻان ڇو جيڪ مونيءَ کي ڏسي ڊوران کي اها رات ياد اچي وئي، جڏهن ميوزڪ هال جي هڪ موسيقار، جيڪو لنڊن جو رهندڙ هو، پولي جي باري ۾ ٿورو بي تڪلفي سان پنهنجي خيال جو اظهار ڪيو هو، جنهن جو جيڪو نتيجو ٿيو هو، اهو اڄ ڊوران جي اکين اڳيان ڦري ويو. سمورو پروگرام رڳو جئڪ جي تشدد جي ڪري درهم برهم ٿي ويو هو. کيس روڪڻ ۽ خاموش ڪرڻ جي لڳ ڀڳ سڀني ڪوشش ڪئي هئي، پر هو ڀلا ڇو ٿو قابو ۾ اچي. انهيءَ ويچاري موسيقار جو خراب حال هو. هن کيس هر هر پڪ ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته هن جو مطلب خوانخواسته پوليءَ جي بيعزتي ڪرڻ نه هو. هو پنهنجو زرد زرد چهرو کڻي مرڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ۽ ڏاڍي معذرت جي انداز ۽ صفائي پيش ڪري رهيو هو، پر جئڪ ته رڙيون ڪري آسمان مٿي کڻي ڏنو هو ۽ صاف صاف چئي ڏنو ته جيڪڏهن آئنده ڪنهن به سندس معصوم ڀيڻ جي شان ۾ گستاخي يا ڪنهن قسم جي بدتميزي سان گفتگو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو سندس ڏند ڀڃي ڇڏيندو. آخر ڇا سمجهي رکيو هو ماڻهن، هن جي انتهائي شريف ڀيڻ کي؟

پولي نه ڄاڻ ڪيستائين پلنگ تي ويهي ماٺ ڪري روئندي رهي. نيٺ هن اٿي پنهنجا لڙڪ اگهيا ۽ آئيني جي ويجهو ويئي. هن ٽوال جو ڪنارو پاڻيءَ ۾ پسايو ۽ پوءِ ٿڌي ٽوال سان اکين کي تر و تازه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن خود کي آئيني ۾ هر رخ کان ڏٺو ۽ پوءِ ڪنن کان ٿورو مٿي، وارن جي پِن ٻيهر لڳائي وار درست ڪيا. پوءِ هوءَ ٻيهر پلنگ تائين ويئي ۽ پيرانديءَ کان ويهي رهي. هوءَ چپ چاپ وڃايل وڃايل انداز ۾ چڱي دير تائين ٽڪ ٻڌي وهاڻن کي ڏسندي رهي. اهي ڏسي سندس ذهن ۾ بيشمار دلڪش خيال اُڀري آيا. حسين روماني يادن جو هڪ سيلاب اُٿي آيو. لوهه جي پلنگ جي سرد سيرانديءَ تي پنهنجو ڪنڌ ٽڪائي هوءَ چپ چاپ ليٽي پئي. هن اکيون بند ڪري ڇڏيون ۽ بيشمار تصور ۾ وڃائجي وئي. هاڻي سندس چهري تي ڪٿي به ڪنهن قسم جي ايذاءُ جا آثار نه هئا.

هوءَ ڏاڍي صبر سان، خوش ٿي، بنا ڪنهن گهٻراهٽ جي، ماٺ ميٺ ۾ انتظار ڪرڻ لڳي. هاڻي پريشان ڪندڙ يادن جي جاءِ تي سندس ذهن تي هوريان هوريان حسين توقعو ۽ مستقبل جي باري ۾ خوشگوار اميدون ڇانئجي ويون . سندس اهي حسين اميدون ۽ خوشگوار توقعون مٿس ڪجهه انهيءَ حد تائين ڇانئجي ويون جو هاڻي کيس نه اهي صاف سٿرا وهاڻا ٿي نظر آيا ۽ نه کيس ياد رهيو ته اجهو هاڻي ٿورو دير اڳ تائين هن ٽڪ ٻڌي اهي ڏسي ڇا ڪجهه سوچيو هو. کيس ته اهو به ياد نه رهيو جو هاڻي کيس ڪهڙي شيءِ جو انتظار هو.

چڱيءَ دير کان پوءِ کيس ڪٿان پري کان پنهنجي ماءُ جو آواز آيو ته هوءَ ڇرڪي وئي. ماڻس کيس هيٺ سڏي رهي هئي. هوءَ تيزيءَ سان اُٿي ۽ ڊوڙندي ڏاڪڻ ڏانهن رخ رکيائين. ”پولي؟... پولي؟“

”ها... امان!“

”هيٺ اچ ڌيءَ، مسٽر ڊوران توسان ڪجهه ڳالهائڻ ٿو چاهي.“

اوچتو هاڻي کيس ياد اچي ويو ته آخر کيس ڪهڙي ڳالهه جو انتظار هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com