سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 1976ع

مضمون

صفحو :18

”اهو اديب، جو مصلح ۽ مبلغ نه آهي، اهو پنهنجي ذميدارانه حيثيت کان غافل آهي. هو زندگيءَ جي ارتقا کان ۽ حيات جي تغير کان اڻواقف آهي. ان جي دنيا، گويا هن هنگامه خيز  عالم کان ٻاهر آهي. سندس غور ۽ فڪر جون صلاحيتون، گويا صحيح نموني ۾ استعمال نه  ٿيون ٿين. هو زنگ آلود ۽ بي بهبود خيالن ۽ خوابن ۾ رهي ٿو.“

(جلد 13، نمبر 4)

اديب جي حيثيت تي بحث ڪندي لکيو اٿس:

”اديب جون ٻه حيثيتون ٿين ٿيون: هڪ انفرادي حيثيت آهي، جنهن موجب علم ۽ مطالعي جي بحر بي ڪنار ۾، همه وقت غوطه زن رهڻو پوي ٿو. فڪر ۽ دانش جي دائري ۾، محويت ۽ استغراق جي ڪيفيت طاري رهي ٿي. زندگيءَ جا ڪي ئي لاينحل مسئلا ۽ پيچيدهه معاملا حل ڪرڻا پون ٿا.

”اديب جي ٻي حيثيت اجتماعي آهي، ڇالاءِ ته اديب به پنهنجي دور ۽ معاشري جو هڪ فرد آهي. هڪ فرد جي حيثيت سان، هو ڪڏهن به پنهنجي معاشري ۽ ان جي اجتماعي نظام کان ٻاهر رهي نٿو سگهي.

”اديب، ان اجتماعي دائري اندر، هڪ مصلح ۽ صلح پسند، امن طلب ۽ ايمان پسند ۽ ’صلح ڪل‘ جي حيثيت رکي ٿو. پنهنجي عمل ۽ پنهنجي قول سان، پنهنجي تقرير ۽ پنهنجي تحرير سان دانشمندانه نصب العين تي هلي ڏيکاري ٿو.“

(جلد 17، نمبر 3)

تنقيد جي افاديت، اهميت ۽ اصولن تي به ڪن گذارشن ۾ خيال ظاهر ڪيا اٿس، تنقيد جي تعريف ڪندي لکيو اٿس:

”تنقيد آهي حڪمت ۽ مصلحت سان، ميٺ ۽ محبت ۾، ڪنهن ٻئي جي غلطيءَ جي اصلاح ڪرڻ. پيارن ۽ چڀندڙ لفظن ۾، دلسوز ۽ دلنشين لهجي ۾، ٻئي جي سڌاري لاءِ ڪجهه زباني چوڻ ۽ ڪجهه قلم سان لکڻ.“ (جلد 16، نمبر 2)

تنقيد فقط مدح گوئي ۽ نڪته چينيءَ جو نالو نه آهي، پر صحيح معنيٰ ۾ تنقيد اها آهي، جنهن ۾ خامين جي به نشاندهي ڪيل هجي، ته خوبيون به نکيڙي نروار ڪيون ويون هجن۔ گرامي مرحوم لکي ٿو:

”تنقيد کي رڳو نڪته چيني ۽ اصلاح تائين محدود ڪرڻ نه گهرجي، پر ڪنهن جي حسن ۽ خوبي تي به ضرور داد ڏجي. نه مداحون لکجن ۽ نه رڳو هجو نگاري ۾ قوتون صرف ڪجن. مدح جي جاءِ قدح ۽ قدح جي جاءِ تي مدح، تحسين جي جاءِ تي سڪوت ۽ خاموشي جي جاءِ تي تحسين ڪرڻ به نه جڳائي، ۽ نه ڪو ڪم ظرفيءَ ۽ بزدليءَ کان ڪم وٺجي ۽ نه ڪو خوشامند پسند ٿي ٻئي کي پڏائڻ جي واٽ وٺجي.“

(ايضاّ)

نقاد جي ادب جي شهپارن کي پرکڻ لاءِ، هڪ ذهني ۽ فڪري ڪسوٽي آهي ۽ نقاد پنهنجي فني جامعيت جي لحاظ سان ، هر فنڪار کان، ذهني ۽ فطري طور بلند ۽ بالا آهي. ’لقاد‘ شعر ۽ ادب، لغت ۽ لسانيات، تاريخ ۽ فلسفي، ثقافت ۽ دينيات، عمرانيات ۽ معاشيات جي مختلف النوع شاخن تي، ڪنهن حد تائين، جامعيت رکي ٿو ۽ سندس مطالع جو دائرو وسيع ٿئي ٿو.

”جڏهن ته هڪ شهپاري ۾، علوو فنون جا ڪي ئي مختلف مسئلا بيان ٿي وڃن ٿا، تنهن ڪري نقاد جيستائين سڀني فنن جي دسترس نه ٿو رکي، تيستائين سندس پرک ۽ اصلاح جي ڪابه حيثيت قائم نه ٿي رهي سگهي.

”نقاد، پنهنجي انفرادي حيثيت سان، ساڳئي وقت ’شاعر‘ به آهي، سخن فهم به آهي، قادرالڪلام استاد به آهي،  انشاء پرداز به آهي، عروضي به آهي، لسانيات جو ماهر به آهي، مورخ به آهي، فلسفي به آهي، تهذيب ۽ ثقافت جو ڄاڻو به آهي، عالم دين به آهي، عمرانيات ۽ معاشيات جو ماهر به آهي. گويا هڪ شخص تن تنها، هڪ بزم ۽ انجمن جي حيثيت رکي ٿو. ان ڪمال ۽ مقام جو ماڻهو ئي صحيح نقطهء نگاهه سان، ڪنهن فني چيز کي نه فقط پرکڻ جي لائق آهي، پر ان سان گڏ کيس ’اصلاح‘ جو به حق حاصل آهي.“

(جلد 12، نمبر1 ۽ 2)

سنڌي زبان

اهڙيءَ طرح گذارشن ۾ ٻين ڪيترن ئي علمي ۽ ادبي مسئلن جي ڇنڊ ڇاڻ ۽ پرک پروڙ ملي ٿي. نه فقط ايترو، پر وقت جي تقاضائن موجب ڪيترين ئي ڳالهين تي خيال ظاهر ڪيا اٿس. سنڌ جي عظيم شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ سنڌي زبان بابت به تمام گهڻو ۽ موثر انداز ۾ لکيو اٿس. آخر ۾ سنڌي ٻولي سندس لکيل گذارش مان اقتباس ڏيئي، هي جائزو ختم ڪجي ٿو:

”تاريخي ۽ تهذيبي خيال سان، سنڌي تهذيب انسانيت جي بلڪل اوائلي تهذيبن مان شمار ڪئي ويئي آهي. ان طرح سان سنڌي زبان پنهنجي علمي ۽ ادبي، لغوي ۽ ثقافتي سرمايي ۽ معيار جي لحاظ سان، پاڪستان جي سڀني علاقائي زبانن کان ممتاز ۽ منفرد آهي. سنڌيءَ جي مقابلي ۾ پنجابي، سرائڪي، پشتو زبان جي ادب جيترو نه ڪو ذخيرو آهي، ۽ نه ڪو معيار. “ (21_2)

گرامي مرحوم جو هي رايو حقيقت تي مبني آهي. سنڌي زبان قديم به آهي ته عظيم به. هن ۾ هماليه جبل جهڙي پختگي، منڇر واري وسعت، سنڌو درياهه جهڙي رواني ۽ ماکيءَ جهڙو مٺاس آهي.

سنڌي زبان بابت جيڪي غلط فهميون پيدا ڪيون ويون هيون، انهن کي ريٽيندي لکيو اٿس:

”اهي غلط دليل، ان زبان جي سلسلي ۾ پيش ڪيا ٿا وڃن، جا باب الاسلام سنڌ جي زبان آهي؛ جا موهن جي دڙي جي تاريخي پس منظر تائين سلسلو رکي ٿي؛ جا اڄ کان پنج هزار سالن کان به اڳ لکڻ پڙهڻ ۾ ايندي هئي؛ جنهن کي پنهنجو رسم الخط آهي؛ جنهن ۾ هزارين اعليٰ معيار جا علمي ڪتاب آهن؛ جا زبان اڄ به ڪروڙين ماڻهو سمجهن ۽ ڳالهائين ٿا؛ جا تاريخي طور تي برصغير پاڪوهند ۾ سڀ کان قديم ۽ تاريخي زبان آهي، ۽ جا عالمي زبانن ۾ وڏي ساک ۽ شهرت حاصل ڪري چڪي آهي. سنڌي ڳالهائيندڙ عراق، شام، اردن، ايران، ترڪي، اسرائيل ۽ مصر جي آبادي جي لڳ ڀڳ آهن ۽ هنگاري، ناروي، سوئٽزرلئنڊ ۽ يوگاسلاويه کان علاوه آفريقي ۽ لاطيني ننڍين رياستن کان گهڻا آهن؛ جن جي آبادي صرف چند لکن ۾ آهي.“ (ايضاّ)

هن مان گرامي صاحب جي ٻوليءَ جي ڄاڻ سنڌي زبان سان بي پناهه محبت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

پروفيسر احمد علي خواجه

ذاتي تاثرات

مرحوم مولانا غلام محمد گراميءَ سان منهنجي ڪافي عرصي کان واقفيت هئي ۽ وقت بوقت سندن علمي مجلسن ۽ مذاڪرن ۾ شرڪت ڪندو رهندو هوس ۽ ساڻن تبادله خيالات ٿيندو رهندو هو.

سندن علمي گفتگوءَ مان اِهو اندازو لڳائي سگهبو هو ته صاحب موصوف کي ادب تاريخ ۽ ديني فلسفي جي مختلف موضوعن جو ڪافي ۽ گهرو مطالعو هو، جن مان نتيجا اخذ ڪري، هو پنهنجو مدلل شخصي رايو قائم ڪندو هو.

مرحوم سان منهنجي خيالن جي ڏي وٺ ڪن خاص فلسفيانه نقطن ۽ نظرين تي ٿيندي رهندي هئي. مثلا زمان ۽ مڪان جو فلسفو، جبر ۽ اختيار جو مسئلو، الله تعاليٰ جي ذات ۽ صفات، هن ڪائنات جي ابتدا ۽ انتها، حيات بعد الممات، دوزخ ۽ جنت، حياتيءَ جو مقصد، هن ڪائنات اندر انسان جي حيثيت، ارتقائي منزلون ۽  مرحلا وغيره وغيره. اهڙن دقيق ۽ ڳوڙهن مسئلن ۾ آئون تمام اونهو ويندو هوس ۽ اُن جي صفائيءَ ۽ ڇنڊڇاڻ لاءِ مرحوم کان جواب طلب ڪندو هوس. منهنجي جيتري قدر علمي لياقت هئي، اوتري قدر آءُ به پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندو رهندو هوس؛ پر اهڙن دقيق ۽ ڳوڙهن مسئلن جو حل ۽ انهن جو جواب ڪا معمولي ڳالهه ته نه آهي، جن تي ڪيترائي ڪتاب هن وقت تائين لکجي چڪا آهن، پر پوريءَ طرح سان ڪو به محقق، دانشور، مفڪر ۽ عالم صفائي نه ڪري سگهيو آهي، تنهن هوندي به صاحب موصوف، ڇاڪاڻ ته هن جو وسيع مطالعو هو ۽ ساڳئي وقت هو هڪ تخليقي ذهن رکندڙ مفڪر ۽ محقق هو. جيتري قدر  ٿي سگهندو هو ۽ جيتري قدر هن جي علم ۽ ذهن جي رسائي هئي، ڪوشش ڪري حوالن ۽ دليلن سان مون کي مطمئن نه ٿيندو آهي ۽ ديني فلسفي جو خاص ڪري دائرو به تمام وسيع آهي، تنهن ڪري هڪ سوال مان ٻيو سوال اُڀرندو هو ۽ کائنس سوالن تي سوال ڪندو رهندو هوس. اسان جي انهيءَ قسم جي خانگي مجلس ۽ خيالات جي باهمي ڏي _ وٺ تمام گهڻو وقت وٺندي هئي، تنهن ڪري اهڙن مسئلن جي تشخيص ۽ توضيح لاءِ اسان کي ڪافي نشستون ڪرڻيون پونديون هيون ۽ مرحوم اهڙين محفلن ۾ تمام  گهڻي دلچسپي وٺندو هو ۽ کليل دل سان دليل دلائل ڏيندو هو ۽ ٻڌندو هو. ڪڏهن به تنگدليءَ ۽ تعصبانه روش کان ڪم نه ورتائون. هميشہ ائين چوندا هئا ته علمي دنيا اندر، هڪ عالم کي وسيع نظر رکڻ گهرجي ۽ مختلف نظرين کي، کليل دل سان ٻڌڻ گهرجي؛ انهن جو فراخدليءَ سان جائزو وٺڻ گهرجي. انهن جي مڪمل تشخيص ۽ تحقيق بعد ڪو ٺوس نظريو قائم ڪرڻ گهرجي.

جيتوڻيڪ پاڻ انگريزي دان ڪو نه هئا، پر تنهن هوندي به، ڪافي جديد مشهور ڪتاب، جيڪي هن وقت تائين ادب، تاريخ، سائنس ۽ فلسفي تي اردو ۽ سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿي چڪا آهن، ۽ ڇپيل آهن، سي گهڻو ڪري سندن مطالعي هيٺ هئا، تنهنڪري، ڪنهن به سوال جو جواب سطحي طور نه ڏيندا هئا. مسئلي جا سڀ پهلو جاچي، جديد نظرين کي خيال ۾ رکي، وڏي غور ۽ فڪر سان ذهن جي گهراين مان جواب کي مرتب ڪندا هئا، جيئن اُنهيءَ جو رد ڪو سولائيءَ سان ڏيئي نه سگهي.

هڪ زباندان جي حيثيت ۾، سنڌي زبان اندر پنهنجي تحرير ۽ تقرير ۾، عربي ۽ فارسي لفظ ڪافي استعمال ڪندا هئا. کين  زبان اندر ڏاڍي رواني هوندي هئي. سندن تقرير فصاحت ۽ بلاغت سان ڀرپور هوندي هئي ۽ هر هڪ لفظ، جو سندن زبان مان نڪرندو هو، سو بلڪل توريل، تڪيل ۽ معنيٰ خيز هوندو هو۔ جنهن به موضوع تي تقرير ڪرڻ چاهيندا هئا، ته اُنهيءَ جا مختلف پهلو، ڏاڍي سهڻي انداز ۾ سمجهائي ويندا هئا. پاڻ مرحوم علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي صحبت کان به فيضياب ٿيا هئا، تنهنڪري، علامه صاحب جي خيالن جو مٿن گهرو اثر هو.

مطالعي جو کين ايتريقدر ته شوق هو، جو رات جو ٻه ٻه ۽ ٽي ٽي لڳي ويندا هئا، تڏهن به پيا پڙهندا ۽ لکندا هئا. جيڪو به فرصت جو وقت کين ملندو هو، سو لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ صرف ڪندا هئا. سندن اڻ ڇپيل مواد، جو مرحوم پنهنجي قلمي محنت ڪري لکيو آهي، سو ڪافي انداز ۾ آهي، جو هو پئسي جي تنگيءَ هجڻ سبب ۽ ڪنهن قسم جي مالي مدد نه ملڻ سبب، پنهنجي حياتيءَ جي عرصي ۾ ڇپائي نه سگهيو آهي. مون سندن بيٺڪ واري لئبريري ڏٺي هئي، جا چئني طرفن مختلف ڪتابن، رسالن، جهونين اخبارن ۽ اڻ ڇپيل مواد سان ڀرپور هئي. مون کانئن پڇيو، ته هن کان سواءِ ٻيو به علمي ذخيرو توهان وٽ آهي. جواب ڏنائون، ته ٻيو ڪافي ذخيرو، گهر اندر محفوظ آهي. گهر واري لئبريريءَ جا ڪتاب مون ڪو نه  ڏٺا، مگر سندن ڳالهائڻ مان مون اِهو اندازو لڳايو ته تمام گهڻو مواد اڻ ڇپيل صورت ۾، وٽن موجود آهي. اهڙا عظيم دانشور، محقق، مفڪر، اديب ۽ تاريخدان صدين ۾ ڪي چند پيدا ٿين ٿا، تنهنڪري اسان پنهنجي فرض ۾ ڪوتاهي ڪنداسون، جيڪڏهن اهڙين اعليٰ شخصيتن جي ڇڏيل علمي ۽ ادبي نسخن مان، فائدو نه وٺنداسون.

تنهنڪري اسان مان هر هڪ جو اِهو پهريون فرض ٿيندو، ته اِهو مواد گڏ ڪري، هڪ ڪاميٽي ٺاهي، مرحوم جي پوين کي، مناسب معاوضو ڏيئي، اُنهيءَ کي ڇپائڻ جي ڪوشش ڪريون. جيئن اهي اڻ ڇپيل علمي نسخا ۽ مختلف موضوعن تي مرحوم جا لکيل مضمون ۽ مقالا، ڪتابي صورت اختيار ڪن ۽ خوامخواهه ضايع نه ٿي وڃن.

 

عبدالڪريم ”گدائي“

سنڌي ادب ۽ سنڌين جو محسن مولانا گرامي

مولانا غلام محمد گرامي گذاري ويو. سنڌ جي آسمان ادب جو هڪ ستارو غروب ٿي ويو. ”مشرقي شاعري جا فني قدر ۽ رجحانات“ جهڙي تاريخي ۽ تحقيقي مقالي جو خالق، سنڌي ادب ۾ شاعريءَ جي جديد ترقي پسند لاڙن جو حامي، بلند پايه مورخ، مفڪر ۽ محقق، معياري سنڌي ٽه ماهي رسالي جو ايڊيٽر، مجلس جو مور، ڪچهرين جو ڪوڏيو، سنڌ جو هڪ منفرد مقرر، دلپذير ۽ دلنشين انداز تحرير ۽ تصوير جو مالڪ، سنڌ ۽ سنڌي قوم کي پنهنجي رتست ڏيئي، سنڌي ادب کي يتيم ڪري وڃي پنهنجي مالڪ حقيقي سان مليو ۽ سندس اوچتي موت سان سنڌي ادب جو هڪ دور ختم ٿي ويو.

انا لله و انا اليہ راجعون

گرمي صاحب جهڙي طرز اديب جي موت جي خبر، هڪ ڌماڪي وانگر هئي، جنهن سنڌي ادب جي گهڻگهرن جون وايون بتال ڪري ڇڏيون ۽ اسان کي وائڙو ڪري ڇڏيو. اعتبار ئي نٿي آيو ته مولانا گرامي جهڙي سٻاجهڙي شخصيت، ايترو جلد ڇڏي، اسان کي گوندر ۾ گڏي، اسان کان هميشہ لاءِ موڪلائي ويندي.

اڄ کان اٽڪل ٽيهارو سال اڳ منهنجا ڪچا ڦڪا شعر ۽ نظم، سنڌيءَ جي ٻين ڪيترين ئي اخبارن ۽ رسالن ۾ ته شايع ٿيندا رهندا هئا، ليڪن ٽه ماهي مهراڻ جهڙي معياري ۽ بلند پائي جي رسالي ۾ ، پنهنجون نظمون موڪلڻ جي همت ساري نه سگهندو هوس ۽ مون تي مهراڻ جي بلند پايه جي عالم فاضل ايڊيٽر مولانا گرامي صاحب جهڙو برگزيدهه عالم، اديب ۽ شاعر هجي ۽  جنهن رسالي ۾، علامه دائود پوٽي مرحوم، عثمان علي انصاري مرحوم، علامه آءِ آءِ قاضي مرحوم، جي ـ ايم ـ سيد صاحب، پير حسام الدين شاهه صاحب راشدي، شيخ اياز صاحب ۽ سنڌ جي ٻين بلندپايه عالمن، اديبن ۽ شاعرن جون تخليقون شايع ٿينديون هجن، اهڙي بلندپايه معياري رسالي ۾، آءُ پنج- ڇهه درجا سنڌي ۽ مئٽرڪ تائين پڙهيل هڪ ڳوٺاڻو شاعر پنهنجي نظمن کي شايع ڪرڻ لاءِ موڪلڻ جي همت ڪيئن ٿي ڪري سگهيس؟ ليڪن آءُ رسالي مهراڻ جو خريدار ضرور هئس ۽ ان جو مطالع هميشہ ڪندو هوس. ياد پوي ٿو ته اٽڪل 1955ع يا 1956ع وارن سالن واري رسالي مهراڻ جي بيتن واري حصي ۾ ”طرزپراڻي نياپو نئون“ جي عنوان هيٺ، پهريون ڀيرو جناب شيخ اياز جا بيت شايع ٿيا هئا ۽ انهن بيتن کان متاثر ٿي، مون همت ڪري، ”آزاديءَ جا انگور“ جي عنوان سان، ڪجهه بيت تخليق ڪري، پهريون دفعو ڊڄندي ڊڄندي رسالي مهراڻ ۾ شايع ڪرڻ لاءِ موڪليا؛ ليڪن منهنجي خوشيءَ ۽ حيرت جي حد ئي نه رهي، جڏهن اهي بيت رسالي مهراڻ ۾ نه رڳو شايع ٿيا، پر مون کي رسالي مهراڻ جي ايڊيٽر محترم گرامي صاحب جن جي مبارڪباد جي خط سان گڏ، ڪجهه رقم جو مني آرڊر پڻ پهتو، جيڪا رقم ان وقت جي سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمن، محترم جي ايم سيد صاحب، منهنجي بيتن کان متاثر ٿي، مون کي انعام طور موڪلي هئي. رقم جيتوڻيڪ ٿورڙي هئي، ليڪن گرامي صاحب جهڙي اديب، شاعر ۽ عالم فاضل جي مبارڪباد ۽ همت افزائيءَ ۾ محترم جي ايم سيد صاحب جو منهنجي ڪچي ڦڪي تخليق کان متاثر ٿيڻ، منهنجي لاءِ هڪ وڏو اعزاز هو.

انهيءَ کان پوءِ ستت ئي مرحوم گرامي صاحب سان، منهنجي پهرين ملاقات لاڙڪاڻي جي جناح باغ ۾ ٿي. لاڙڪاڻي ۾ جمعيت الشعراء جي سالياني ڪانفرنس ٿي رهي هئي، جنهن ۾ ساري سنڌ جا اديب ۽ شاعر حضرات شرڪت لاءِ آيل هئا ۽ انهيءَ ڏينهن رات جو آل سنڌ مشاعري جو پروگرام هو، جنهن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ آءُ به لاڙڪاڻي پهتو هوس. شام جو جناح باغ جو چڪر لڳائيندي، مون کي پنهنجو ڳوٺاڻو ۽ پراڻو ساٿي عزيزم نياز حسين نياز همايوني ملي ويو، جنهن مون کي چيو ته  هل ته توکي مولانا گرامي صاحب سان ملايان، جو خاص طور تي تنهنجي لاءِ پڇي رهيو آهي ۽ توکي ياد فرمائي رهيو آهي. نياز صاحب سان گڏجي هليس، ته باغ جي هڪ طرف هڪ پرسڪون سبزه زار ۾ هڪ رعبدار شخص سفيد سلوار ۽ سفيد قميص ۽ ڪاري شيروانيءَ ۾ ملبوس،سهڻي ڀنڀي سونهاري ۽ چشمي سان ويٺو نظر آيو ۽ نياز صاحب مون کي ٻڌايو، ته اهو اٿئي رسالي ٽماهي مهراڻ جو ايڊيٽر مولانا غلام محمد گرامي صاحب. مون سندن پروقار ۽ رعبدار شخصيت جي آڏو نوڙيندي ”اسلام عليڪم جناب قبلا گرامي صاحب“ چيو، ته نياز همايونيءَ پنهنجي روايتي سادي سنڌي انداز ۾ کين مخاطب ٿيندي چيو، ته گرامي صاحب، هي اٿَوَ اسان جيڪب آباد جو عوامي شاعر عبدالڪريم گدائي، جنهن ڪافين ۽ غزلن جا رڪارڊ سنڌ جي مشهور ڳائڻي الهر کي ٻائي ڳائيندي هئي. منهنجي حيرت جي حد نه رهي، جڏهن باوجود منهنجي جهلڻ جي به، مولانا گرامي صاحب جن ڪمال انڪساريءَ جو مظاهرو ڪندي اٿيا ۽ مون کي روايتي سنڌي انداز ۾ ڀاڪر پائي مليا ۽ مون کان سرسري طور خيرعافيت معلوم ڪئي. ان کان پوءِ اسين ٽيئي ڇٻر تي پلٿي ماري ويهي رهياسون. گرامي صاحب پهريائين مون کان منهنجو حسب نسب ۽ جاءِ رهائش معلوم ڪئي ۽ ائين اسان جي ڪچهري شروع ٿي. دوران ڪچهري ۾ مولانا صاحب جن منهنجي شايع ٿيل بيتن جي تعريف ڪئي ۽ مون کان پڇيو، ته ڀلا اڄ اوهان مشاعري ۾ ڇا پڙهندا؟ مون کين نهايت ادب سان عرض ڪيو، ته هڪ ڪچي ڦڪي نظم لکي آيو آهيان. فرمائون ته اها نظم اوهان وٽ موجود آهي ته هتي ئي ٻڌايو. سندن ارشاد تي ڪيٻائيندي عرض ڪيم، ته قبلا! آءُ علم عروض نه ڄاڻان، اوهان جهڙن بلند پائي جي شاعري اڳيان پيش ڪرڻ کان ڪيٻايان ٿو، جيڪڏهن نظم ۾ ڪي علم عروض جون خاميون هجن ته مهرباني فرمائي اصلاح ڪرڻ فرمائيندا. ائين چئي نظم جو لکيل پنو ڪڍڻ لاءِ مون کيسي ۾ هٿ وڌو ته پاڻ پڇيائون ته اوهان جي انهيءَ نظم جون عنوان ڇا آهي؟ مون پنو ڪڍي عرض ڪيو ته قبلا سائين! هن نظم جو عنوان آهي ”وطن بيت الصنم آهي، وطن بيت الحرم پنهنجو.“ جنهن تي چيائون ته واهه واهه! پوءِ ته اها نظم ضرور ٻڌايو. مون سندن ارشاد تي نظم پڙهڻ شروع ڪئي ۽ گرامي صاحب جن واهه واهه شروع ڪئي. هر مصرع تي خوب داد ڏنائون. جڏهن مون نظم جي چوٿين مصرع:

هميشه هيج مان جنهن جون ٿريچاڻيون پيون ٿرڪن،
مکڻ ماکيءَ تي ماڙيچون اسان جون مور جان مـُرڪن،
چنون چوليون چوڙيلين جون ستارن سان سدا جرڪن،
سيه واسينگ وارن جا سندن سينن تي پيا سـِرڪن؛
انهن جو عيش و غم آهي سدائين عيش و غم پنهنجو،
وطن بيت الصنم آهي، آهي، وطن بيت الحرم پنهنجو،
 

 پڙهي ته گرامي صاحب جن مون کي دل کولي داد ڏنو ۽ چيو، ته گدائي صاحب اوهان جو نظم لاجواب آهي ۽ بلڪل سولي ۽ عوامي زبان ۾ آهي، ان ڪري اها نظم اڄ رات مشاعري ۾ دل کولي پڙهندا. ان سان گڏ هنن مون کان انهيءَ نظم جي هڪ ڪاپي رسالي مهراڻ ۾ اشاعت لاءِ وٺي، منهنجي همت افزائي ڪئي. گرامي صاحب جي  اهڙي قرب ڀري بي تڪلف ڪچهري، سندن شفقت ۽ پياري ۽ سٻاجهي انداز واري گفتگو مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو ۽ آءُ سندن علمي ۽ ادبي شخصيت ۽ سندن پنهنجائپ واري گفتگو جي انداز جو شيدائي بڻجي ويس ۽ جيتوڻيڪ هو عمر جي لحاظ کان مون کان 14_15 سال ننڍا هئا، تڏهن به مون کي سندن علمي ادبي فضيلت لاءِ وڏو احترام پيدا ٿي ويو، جيڪو اڄ تائين قائم آهي.

ان کان پوءِ واري عرصي ۾ ”ون يونٽ ٽوڙ“ تحريڪ، سنڌي زبان کي قومي درجي ڏيڻ واري تحريڪ، ”روح رهاڻ“ جي هر سال ٿيندڙ جشنن جي تقريبن، بزم صوفياء سنڌ جي مختلف هنڌن تي ٿيندڙ ڪانفرنسن، سن شريف ۾ سائين حيدر شاهه جي عرس جي تقريبن، ڪراچي، حيدرآباد، خيرپور، ٽنڊو محمد خان، سکر، جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي ۾ منعقد ٿيندڙ ادبي ڪانفرنسن ۽ مشاعرن ۾ مولانا گرامي صاحب سان منهنجو نهايت قريبي تعلق رهيو ۽ ڏينهون  پوءِ سندن ادبي فضيلت،  تحرير جي بي ساخته ۽ دلپذير سٻاجهڙي انداز مون کي سندن شيدائي بڻائي ڇڏيو.

گرامي صاحب جهڙا بلند پايا عالم، اديب، مورخ، محقق ۽ مفڪر صدين کان پوءِ پيدا ٿيندا آهن. گرامي صاحب سالن جا سال پنهنجي اکين جو نور نچوئي، بکون ڪاٽي، پنهنجي تحريرن ۽ تقريرن سان سنڌ جي نئين نسل جي ذهن کي هڪ نئين جِلا بخشي، کين پنهنجي ثقافتي ۽ تاريخي ورثي سان روشناس ڪرائي حب الوطن جهڙو گنج گرانمايا عطا ڪيو. هنن پنهنجي قيمتي زندگيءَ جو وڏو حصو، راتين جون راتيون، ريمن جا ريم ڪاغذ ڪارا ڪري، سنڌ ۽ سنڌين کي اسلامي اخلاق، مساوات ، صلح و آشتي ۽ امن ِ عالم جو درس ڏنو؛ ليڪن اسان جي مردهه پرست قوم سندن جيئري سندن بي بها علمي ادبي خدمتن جي ڪهڙي همت افزائي ۽ قدرشناسي ڪئي؟ اسين هن جي تحريرن، تقريرن، سندن محققانه تاريخي مضامين ۽ مقالن تي فقط واهه واهه ڪندا رهياسين، ليڪن کين ڪجهه نه ڏيئي سگهياسين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com