سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ سيارو 2006ع

 

صفحو :17

شاهه بهَارو جِنجهن

(ڪلهوڙا دَور جو هڪ عظيم جرنيل)

دين محمد ڪلهوڙو

ڏاهن درست چيو آهي ته موتي سمنڊ ۾ لِڪڻ جا نه آهن، غواصن جي اُتي به نظر پئجي وڃي ٿي.

ميان نور محمد ڪلهوڙي جهڙي مدبر ۽ ڏاهي حڪمران کي شاهه بَهاري جنجهڻ جهڙو سڄاڻ ۽ بهادر رنيل نه ملي ها، ته يقيناً تاريخ ۾ سندس دَور ايڏو ڪامياب نه ليکجي ها. اُن ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته ميان نور محمد ڪلهوڙي جي فرمانروائيءَ ۾ چانڊڪي پرڳڻي کي خوشحاليءَ ڏانهن وٺي وڃڻ ۾ شاهه بَهاري جو اهم ۽ وڏو ڪردار هو، پر ٻئي پاسي ڏسجي، ته شاهه بَهاري جهڙي اَملهه هيري جي تراش ”ميان وال تحريڪ“ جي نظرئي موجب، ميان نور محمد ڪلهوڙي جهڙي ڏاهي رهنما ۽ قدردان جواهريءَ جي هٿان نه ٿئي ها، ته يقيناً ڪلهوڙا دور ۾ هڪ وڏو خال رهجي وڃي ها.

18- صدي عيسويءَ جي شروعات ۾ شاهه بَهارو عرف بهادر شاهه فقير جِنجهڻ ڪلهوڙا دَور جو هڪ اهڙو سرويچ ۽ سورهيه جرنيل ٿي گذريو آهي، جنهن ڪڏهن به دشمن کان شڪست نه کاڌي ۽ هميشه سوڀارو رهيو. سنڌ جو هيءُ سرويچ سپاهي عام روايتن موجب: 5- ذي القعد 1076هه/21- نومبر 1665ع ۾ ضلعي دادوءَ جي ڳوٺ ”بوبڪ“ ۾ جائو. سندس پيءُ غلام حيدر جنجهڻ، ڪلهوڙن جو شاهي ايلچي هو. شاهه بَهاري جا وڏا اصل ۾ ڏکڻ پنجاب جا رهاڪو هئا. سندن مادري ٻولي سرائڪي هئي. ڪلهوڙن جي سرواڻ ميان آدم شاهه جڏهن سري جو سير ڪيو، ته اُتان جي ڪيترن ئي خاندانن، مهدوي طريقو اختيار ڪيو. جڏهن ميان صاحب بکر مان لڏي چانڊڪي پرڳڻي ۾ سڪونت اختيار ڪئي، ته اُنهن خاندانن مان ڪن گهراڻن ساڻس گڏ رهائش اختيار ڪئي، جن ۾ ”جنجهڻ“ قبيلو به شامل هو. ڪي جنجهڻ هن وقت پاڻ کي ”شاهاڻي“ به سڏائين ٿا.

جڏهن ابڙن ۽ سانگي زميندارن جي ميان شاهل محمد ڪلهوڙي سان اڻبڻت وڌي وئي، تڏهن ميان شاهل محمد ڏوڪريءَ مان رهائش ختم ڪري موجوده لاڙڪاڻي شهر جي اولهه ۾ 13 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي، هاڻوڪي تعلقي قنبر ۾ آباد ٿيو. اُتي ميان صاحب پراڻي ابڙي واهه مان کڻايل گهاڙ واهه تان پنهنجن ماڻهن کان زرعي آبادي ڪرائڻ شروع ڪئي، تڏهن شاهه بَهاري جي وڏن، ٻين خاندانن سان گڏ، هاڻوڪي تعلقي قنبر ۾ رهائش اختيار ڪئي ۽ اُتي پوکي راهي ڪرڻ لڳا. اُن وقت شاهه بهاري جو پيءُ ڪلهوڙن جو شاهي ايلچي ۽ معتمد هو. سندس ڪم هئا: هارين تي نظر رکڻ، ڍلن جي اُڳاڙي ڪرڻ، ٻين زميندارن ۽ سردارن ڏانهن ايلچيءَ طور ڪلهوڙا بزرگن جو پيغام کڻي وڃڻ وغيره. شاهه بَهاري جو پيءُ غلام حيدر جنجهڻ، ميان شاهل محمد جو نهايت ڀروسي جوڳو ۽ وفادار ايلچي هو. ميان صاحب کيس ڏاڍو ڀائيندو هو. اڄ به تعلقي قنبر ۾، اُن جي نسبت سان يونين ڪائونسل جيئڻ ابڙي ۾ ”ايلچي“ ديهه موجود آهي، جيڪا تعلقي لاڙڪاڻي سان لڳ آهي، ان جي آبادي گهاڙ واهه تان ٿئي ٿي، ان کان سواءِ لاڙڪاڻي ۽ قنبر تعلقن ۾ ”جنجهڻ“ ۽ ”جِنجهه“ قبيلن جا آباد ڪيل قديمي ڳوٺ اڃا تائين انهيءَ قبيلي جي ماڻهن سان وسيل آهن. دراصل ’جنجهه‘ ۽ ’جنجهڻ‘ هڪ ئي ذات جا ٻه سلسلا آهن، جيڪي سنڌ ۾ گهڻي عرصي کان مقيم آهن. هن قبيلي جي مادري ٻولي سرائڪي آهي. سندن اوائلي آبادڪاري به چانڊڪي پرڳڻي ۾ ٿي آهي. اڄ به قنبر ۽ لاڙڪاڻي تعلقن ۾ رهندڙ جنجهه ۽ جنجهڻ پاڻ کي ”شاهه بهاري“ جي نالي پٺيان عقيدت ۽ احترام طور ”شاهاڻي“ سڏائين ٿا.

شاهه بهاري جي ذات تي اختلاف:

ڪَن حلقن جو شاهه بَهاري جي ذات ۽ اوائلي آبادڪاريءَ تي اختلاف آهي. سندن راءِ موجب، شاهه بَهاري جا وڏا اصل تعلقي جوهيءَ جا رهاڪو ۽ ذات جا شاهاڻي هئا، جي پوءِ جنجهڻ يا جنجهه ٿيا. شاهاڻي گهراڻي بابت پروفيسر شيوارام نرسنگهه داس ڦيرواڻيءَ پنهنجي تصنيف: ”راج رشي ديوان ڏيارام گدومل جو جيون چرتر“ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو:

”پروفيسر ڀيرومل (مهرچند) وٽان معلوم ٿيو اٿم، ته حيدرآباد ۾ جيڪي هاڪارن عاملن جون آڪهيون آهن، تن مان شاهاڻين جي آڪهه به آهي. سنڌ جون گهڻو ڪري آڪهيون پنهنجي وڏي ڏاڏي جي نالي پٺيان سڏجن ٿيون، پر هن آڪهه جي حالت ۾ ائين نه آهي. ڪلهوڙن جي صاحبيءَ ۾ شاهه بَهارو چانڊڪي پرڳڻي (ضلعي لاڙڪاڻي) جو حاڪم هو، جنهن جي تربت لاڙڪاڻي ۾ آهي. جيڪي ديوان وٽس نوڪري ڪندا هئا، سي سندس نالي پٺيان پاڻ کي ’شهاڻي‘ يا ’شاهاڻي‘ سڏائڻ لڳا. انهن ديوانن مان ڪي حيدرآباد آيا ۽ ڪي اصل لاءِ لاڙڪاڻي طرف رهيا، جنهنڪري شاهاڻي ٻنهي هنڌن تي موجود آهن. تنهن کان سواءِ شاهه بَهاري ۽ سندس عملي کي جيڪي مودي سيڌو ياڌو پهچائيندا هئا، سي به پاڻ کي ’شاهاڻي‘ سڏائڻ لڳا ۽ انهن جي اولاد مان ڪي به اڄ تائين ساهتي پرڳني، خاص ڪري ٺارو شاهه ۾ آهن. حيدرآباد ۾ شاهاڻين جا ڪيترا گهر آهن، پر سڀني ۾ ٻن گهرن جو نالو برک آهي، هڪڙو منشي گدومل جي آڪهه جو. اهي ٻئي گهر ٻين ڪيترن عالمن جيان گروءَ جا سِک هئا ۽ اصل ڪيس (وڏاوار) رکيل هئس، پر منشي گدومل جي آڪهه جو اُڏيري لعل ۾ به يقينو هو.“ (1)

”ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر“ پاران تعلقي قنبر تي ڪيل تازي تحقيق دوران راقم الحروف جو شاهه بَهاري سان نسبت رکندڙ اهڙن ڳوٺن ۾ وڃڻ ٿيو، جتي شاهه بَهاري جا پونئير رهن ٿا. اُنهن ڳوٺن جي وڏڙن جي دعوا آهي، ته هنن وٽ اوائلي شجرو به آهي، جنهن ۾ شاهه بَهاري جي وڏن کان وٺي هاڻوڪي دَور تائين سندن خاندان جي فردن جا نالا ڄاڻايل آهن ۽ هو پاڻ کي شاهه بَهاري جي نالي پٺيان ”شاهاڻي“ سڏائين ٿا، پر سندن قبيلو ’جنجهڻ‘ ۽ ’جنجهه‘ نالن سان سڃاتو وڃي ٿو. سندن ڳوٺ به ’جنجهه‘ ۽ ’جنجهڻ‘ جي نالن سان ٻڌل آهن، جي اڄ تائين اُنهن نالن پٺيان سڃاتا وڃن ٿا. دادوءَ جي ڪاڇي ۾ به شاهاڻي رهن ٿا، پر انهن جي وڏڙن جي دعوا آهي ته هو ڌار هڪ بلوچ قبيلي سان واسطو رکن ٿا. اُتي چانڊيا به رهن ٿا ، جن ۾ به ’شاهاڻي‘ پاڙي جا ماڻهو مقيم آهن. اُتر سنڌ لاڙڪاڻي جي ڪاڇي ۾ رهندڙ شاهاڻي، چانڊيا قبيلي جي شاخ آهن، تنهنڪري شاهه بَهاري کي شاهاڻي سمجهڻ کان اڳ اُن تي وري وري سوچڻ گهرجي.

درست تحقيق اِها ٿي محسوس ٿئي، ته شاهه بَهارو ذات جو جنجهڻ هو ۽ جنجهڻ جي سنڌ ۾ آمد پنجاب کان ٿي آهي. اڄ به جنجهڻ جي گهرن ۾ سرائڪي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي. قنبر ۽ لاڙڪاڻي تعلقي ۾ ’جنجهه‘ ۽ ’جنجهڻ‘ قبيلن جا ڳوٺ اڄ به آباد آهن. شاهه بَهاري جي وڏن جي ضلعي دادوءَ ۾ آبادڪاري ميان شاهل محمد ڪلهوڙي جي شهادت کان پوءِ ميان نصير محمد ڪلهوڙي سنڌ جي گاديءَ تي ويهڻ کان پوءِ دادوءَ جي هاڻوڪي جوهي تعلقي جي ”ڳاڙهي“ ۾ سڪونت اختيار ڪئي هئي، جنهنڪري ميان شاهل محمد ڪلهوڙي جي ڇڏيل مريدن مان اڪثريت ميان نصير محمد ڪلهوڙي سان گڏ ضلعي دادوءَ جي مختلف علائقن ۾ آباد ٿي هئي، ۽ اها ڳالهه قريب قياس آهي، ته اُنهن ڏينهن ۾ شاهه بَهاري جو خاندان ”بوبڪ“ ۾ آباد ٿيو هجي!

زندگيءَ جو احوال:

شاهه بَهاري جي زندگيءَ بابت ڪنهن به تاريخ ۾ تفصيلي ۽ مربوط ذڪر نه ٿو ملي. البت ”تحفة الڪرام“، ”تاريخ طاهري“، ”قديم سنڌ“، ”نامهء نغز“، ”جنگناما“، ”لاڙڪاڻو- ساهه سيباڻو“ جهڙن ڪتابن ۾ شاهه بَهاري بابت جزوي ذڪر ملي ٿو. ”تاريخ سنڌ“ (ڪلهوڙا دَور) موجب:

”ڪلهوڙن جي ناليرن فوجي جرنيلن مان شاهه بَهارو خاص طور تي قابل ذڪر ميان يار محمد ڪلهوڙي جي دَور (1718ع – 1700ع) کان وٺي پنهنجي وفات تائين سڀني وڏين لڙاين ۾ اڳرو رهيو ۽ زياده لڙاين ۾ سندس بهادريءَ سان ڪاميابيون حاصل ٿيون. هن ڪيترائي قلعا ٺهرايا، هر هنڌ واهه کوٽايا. لاڙڪاڻي علائقي (پرڳڻي) جو ناظم رهيو، ۽ پنهنجي انتظامي دَور ۾ علائقي کي آباد ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ڪابه ڪوتاهي نه ڪئي. 1148هه/1735ع ۾ فوت ٿيو، پنهنجي پٺيان چار پُٽ ڇڏيائين. ”نامهء نغز“ موجب، انهن مان هڪ جو نالو مقصود، ٻئي جو فتح خان باقي ٻن جا نالا ڪٿان به معلوم ٿي نه سگهيا آهن.“ (2)

”قديم سنڌ موجب:

”ڪلهوڙن، چانڊڪي ۾ پنهنجو نائب رکيو، جنهن جو نالو شاهه بَهارو هو، جنهن جي قبر اُتي (لاڙڪاڻي ۾) آهي. هو ميان نور محمد ڪلهوڙي جو وزير ۽ نائب هو. 10 هزار ماڻهو سندس هٿ ۾ هوندا هئا. 1188هه مطابق 1773ع ۾ وفات ڪيائين، اهو قُبو ميان غلام شاهه ڪلهوڙي ٺهرايو هو.“ (3)

”تاريخ سنڌ“ موجب:

”شاهه بَهارو، ميان نور محمد ڪلهوڙي جو هڪ فقير هو، جنهن ميان نور محمد ڪلهوڙي ۽ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي دَور ۾ مختلف خدمتون سرانجام ڏنيون. هن ڪڇ جي هڪ هندو حڪمران خلاف فوج ڪشي ڪئي هئي، جيڪو سنڌ جي سرحد اندر ٽپي آيو هو. هو 1158هه تائين زندهه رهيو.“ (4)

امام راشدي ”ٽماهي مهراڻ“ ۾ هن طرح لکي ٿو:

شاهه بَهارو جِنجهڻ، ڪلهوڙا دَور جو وڏو بهادر جرنيل ٿي گذريو آهي. هو ميان نور محمد ڪلهوڙي جو هڪ باصلاحيت فوجي جرنيل هو. سندس ڪمان هيٺ ڏهه هزار جوانن جو دستو هوندو هو. هڪ پختي روايت موجب، هن پنهنجي دَور ۾ مختلف محاذن تي تقريباً 84 جنگيون لڙيون ۽ سڀني ۾ سوڀارو ٿيو! خاص ڪري قلات جي والي مير عبدالله بروهيءَ سان ٿيل جنگي معرڪي کي خاص اهميت حاصل آهي. هو 1735ع ۾ وفات ڪري ويو. هن ڪيترائي واهه ۽ کوهه کڻايا. سندس کڻايل واهه ”شاه جي ڪور“ قنبر ۾ مشهور آهي.“ (5)

ميان شاهل محمد ڪلهوڙي جي ڏينهن ۾ گهاڙ واهه جي نئين سرتعمير کانپوءِ چانڊڪي شهر ۾ دريائي واپار کي به نئين سر ترقي ملڻ لڳي. 1719ع کان 1754ع تائين ميان نور محمد ڪلهوري جي فرمانروائيءَ ۾ لاڙڪاڻي جو بندر پنجاب تائين واپار ۾ مشهور هو. دريائي واپار کي وڌيڪ ترقي ڏيارڻ سان گڏوگڏ تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ ميان صاحب بندرن تي دفاعي مورچا ۽ مضبوط قلعا پڻ جوڙايا هئا. انهن ڏينهن ۾ موجوده لاڙڪاڻي شهر ۾ گهاڙ واهه تي به هڪ حفاظتي قلعو جوڙايو ويو هو، جتي ميان صاحب پنهنجي نامور وزير شاهه بَهاري کي ڏهن هزارن جي فوجي دستي سان مقرر ڪيو، جيڪو پوءِ سندس نالي پٺيان ”بهارپور“ سڏجڻ لڳو. 1719ع ڌاري شاهه بَهاري جي موجوده لاڙڪاڻي شهر ۾ منتقليءَ کان پوءِ لاڙڪاڻو اقتصادي ۽ انتظامي طور تيزيءَ سان ترقيءَ طرف وڌڻ لڳو. ان ڳالهه ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو، ته ميان شاهل محمد ڪلهوڙي کان پوءِ چانڊڪي پرڳڻي جي زراعت کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۾ شاهه بَهاري جو به وڏو هٿ هو. هن گهاڙ واهه جي ٻنهي پاسن کان سُهڻا باغ رکرايا ۽ گهاڙ واهه مان هڪ ڪُور کڻائي زمينون پڻ  آباد ڪرايون. اها ڪُور پوءِ سندس نالي پٺيان ”شاهه جي ڪُورَ“ مشهور ٿي. هن وقت به اها ڪُورَ ڳوٺ ماهوٽن (تعلقو لاڙڪاڻو) ڀرسان رائيس ڪئنال مان نڪري تعلقي قنبر جي اترئين علائقن مان لنگهندي، تعلقي ميرو خان تائين هزارين ايڪڙ زمين سيراب ڪري ٿي. قنبر ۾ هن ڪُرَ جي ڪجهه ڀاڱي کي هينئر ”شاهه همير“ به چون ٿا. ڪجهه عرصو اڳ ڪُورَ جي ڪجهه حصي تي همير خان چانڊئي جي زمينداري هئي، ”شاهه – همير“ يعني: ”شاهه بَهارو ۽ همير چانڊيو“.

هڪ سرويچ جرنيل جي حيثيت ۾:

شاهه بَهارو بهادريءَ ۾ به پنهنجو مٽ پاڻ هو. هن جيڪي به جنگيون لڙيون، اُنهن سڀني کي ڪلهوڙا دَور ۾ وڏي اهميت حاصل آهي. خاص طور تي قلات جي والي مير عبدالله خان سان وڙهيل سندس جنگ مشهور آهي. ان تاريخي جنگ جو نقشو سگهڙ جلال کٽيءَ پنهنجي هڪ نظم ۾ هن طرح چِٽيو آهي:

مير آيو ميدان ۾، ڍاريائين ڍارو،

جيئن ڍاريائين تيئن نه ڍَريو، پئو پسارو،

بازي شاهه بَهارو، کڻي ويو شير کنئون.

هن جنگ ۾ والي قلات قتل ٿي ويو هو ۽ آئيندي لاءِ بروهين جو زور ٽٽي ويو. ’تحفة الڪرام‘ موجب اها جنگ گنجابه لڳا خانپور (ڪاڇي) واري معرڪي ۾ 1731ع ۾ لڙي وئي، جيڪا شاهه بَهاري جي وڏين لڙاين مان هڪ اهم لڙائي هئي. اُن جنگ ۾ شاهه بَهاري سان گڏ مراد فقير (ايم. ايڇ. پنهور موجب، مراد ذات جو ڪلهوڙو هو) ڦتوحل خان فقير، نورنگ خان جسڪاڻي، مير شهداد خان ٽالپر، محمد حسن کهاوڙ، شهداد خان کهاوڙ، ڏاتو کهاوڙ، ڪلهوڙن پاران وڙهيا.

مٿين بَهادرن مان شهداد خان کهاوڙ جي نالي سان ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ’شهدادڪوٽ‘ شهر، ڦتوحل جي نالي سان ڦتوحل واهه، جيڪو تعلقي قنبر ۾ موجوده ڳوٺ ڀاوندا لاکا لڳ اتر ۾ نور واهه مان نڪري ٿو. نورنگ خان جسڪاڻيءَ جي نالي پٺيان تعلقي قنبر ۾ نورنگ واهه ڳوٺ راضي ڳوڙ جي اتر ۾ ’ٽِمنهونءَ‘ وٽان گهاڙ واهه مان نڪري ٿو. مراد ڪليري/ڪلهوڙي (؟) جي نالي پٺيان مراد واهه، ڏاتي کهاوڙ پٺيان تعلقي قنبر ۾ ”ڏاتي جي ڪُورَ“ موجود آهن. اهي سڀئي فقيرَ، ميان نور محمد ڪلهوڙي جا نهايت ڀروسي جوڳا بهادر فوجي جرنيل هئا، جن خانپور واري معرڪي ۾ شاهه بَهاري جي اڳواڻيءَ ۾ پنهنجي بهادريءَ جا جوهر ڏيکاريا هئا.

”تاريخ بلوچستان“ ۾ آخوند محمد صديق، شاهه بَهاري جي نيڪ نيتيءَ ۽ وفاداريءَ تي آڱر کڻندي لکيو آهي:

”جيئن ته مير عبدالله ڪاڇو فتح ڪرڻ چاهيو ٿي، انڪري ميان نور محمد ڪلهوڙي جي جرنيل شاهه بَهاري سان خط و ڪتابت شروع ڪيائين. شاهه بَهاري سوچ ويچار ڪري مير عبدالله خان کي لکيو، ته اوهين ڪاڇو وٺڻ چاهيو ٿا، ته مناسب ائين ٿيندو، ته جهلابن جي لشڪر کي حڪم ڏيو، ته هو ’موري لڪ‘ جي رستي گنجابه پهچي، ته جيئن مُنهنجي لاءِ ميان نور محمد خان وٽ عذر جو سبب بڻجي سگهي.“ (6)

آخوند محمد صديق جي انهيءَ راءِ تي تبصرو ڪندي ’تاريخ سنڌ‘ ۾ مولانا غلام رسول مهر لکي ٿو.

”هن بيان جو اهو حصو، ته سراسر ناقابل قبول آهي، ته مير عبدالله خان ڪاڇي تي ڪاهڻ لاءِ شاهه بَهاري سان خط و ڪتابت ڪئي هئي.“

هو وڌيڪ لکي ٿو ته:

”شاهه بَهارو، ڪلهوڙا سرڪار جو نهايت بهادر ۽ ڄاڻو جرنيل هو، ڪلهوڙن وٽ کانئس وڌيڪ اعتماد جو درجو ڪنهن ٻئي کي حاصل نه هو. اهو ممڪن ئي نه هو، ته هُو اِن قسم جي لکپڙهه لاءِ تيار ٿئي ها.“ (7)

وڏي ڳالهه ته آخوند محمد صديق پنهنجي بيان جي صداقت ۾ ڪي ٺوس دليل به پيش نه ڪيا آهن. جيڪڏهن ائين هجي ها، ته ’موري لڪ‘ واري وڙهيل جنگ مير عبدالله خان ضرور کٽي ها. انهيءَ جنگ ۾ ته خود مير عبدالله خان به قتل ٿي ويو هو! انهيءَ جنگ جو سربستو احوال خود آخوند صاحب ”تاريخ بلوچستان“ ۾ هن طرح ڏنو آهي:

”شاهه بَهارو ۽ گنجابه جو نائب مراد ڪليري سنڌ ۽ گنجابه جو سمورو لشڪر وٺي لڙائيءَ لاءِ خانپور پهچي ويا. مير عبدالله خان جڏهن ڏٺو، ته جهلابن ۽ التازئين جي غفلت سبب فوج تمام گهٽ آهي ۽ دشمن جو لشڪر تعداد ۾ گهڻو وڌيڪ آهي ته کيس ڳڻتي ٿي. هن جو پٽ محبت خان بروهي به ساڻس گڏ هو. آخوند محمد صالح کي حڪم ڏنائين، ته منهنجا ٻه پٽ ننڍيءَ عمر جا آهن، مُلڪ انهن جي هٿن مان نڪري ويندو، تون محبت خان کي پاڻ سان وٺي وڃي حاڪم مقرر ڪر، ته جيئن احمد زئين جو بنياد (نسل) برباد نه ٿي وڃي. انهيءَ جنگ ۾ سنڌي لشڪر پوئتي هٽيو، پوءِ وري سنڌي هڪٻئي کي طعنا ڏيندي موٽيا ۽ لڙڻ لڳا. رب جي رضا اها هئي، خان اعليٰ شان عبدالله خان شهادت جو شربت نوش جان ڪيو.“ (8)

شاهه بَهاري، ڪڏهن به سنڌ جي سالميت ۽ آجپي واري عظيم مقصد کي پاسيرو ڪري پنهنجي ذاتي مفاد کي ترجيح نه ڏني هئي. اهوئي سبب آهي جو هِن عظيم جرنيل ۽ سپهه سالار جي جان ۾ سنڌ لاءِ موجزن لازوال محبت، سندس عمر جي آخري گهڙين تائين به قوت جو سرچشمو بڻجي رهي، ۽ هن کي زندگيءَ ۾ وڙهيل 84 جنگين ۾ ڪڏهن به شڪست جو منهن نه ڏيکاريو.

شاهه بَهاري جي سربراهيءَ ۾ ٻي هڪ تاريخي ويڙهه 1746ع ۾ ڪڇيءَ (موجوده بدين لڳ) جي ڪانجي قلعي جي راڻي سان لڳي. اهو قلعو انهيءَ جنگ کان اڳ ۾ 1744ع ۾ شيخ شڪر الله، ميان نور محمد ڪلهوڙي جي هڪ فوجي جرنيل، ڪڪرالي جي حاڪم ڄام هوتيءَ کي نابود ڪري فتح ڪيو هو. 1746ع ۾ انهن ٻيهر بدين جي ڳوٺن ۾ شورش پيدا ڪئي هڳئي. انهن کي سيکت ڏيڻ لاءِ ميان صاحب، شاهه بَهاري جي هٿ هيٺ لشڪر موڪليو هو. شاهه بَهاري اِها جنگ به مردانگيءَ سان خوب کٽي ورتي. هن جنگ ۾ شاهه بَهاري سان گڏ مسو فقير، بلاول فقير نائچ، شاهه بَهاري جو فرزند مقصودو فقير، شيخ شڪر الله وغيره به پنهنجي بهادريءَ جا جوهر ڏيکاريا. هن جنگ ۾ ڪانجيءَ جي والي، شاهه بَهاري کي درخواست ڪئي ته جيتري به رقم کپي، سا وٺو ۽ مون کي ڪڇ ڏانهن نڪري وڃڻ ڏيو. شاهه بَهاري سندس اها درخواست قبول نه ڪئي ۽ هن کي قيد ڪيو ويو. پوءِ شاهه بَهاري جي سفارش تي، ميان نور محمد ڪلهوڙي ڪانجيءَ جي واليءَ کي معافي ڏئي آزاد ڪري ڇڏيو.

اِن مان شاهه بَهاري جي مرتبي ۽ وضعداري جو اندازو ٿئي ٿو، ته ميان نور محمد ڪلهوڙي سان سندس محبت ۽ عقيدت ۽ وٽس عزت ڪيتري هئي؟

مٿين جرنيلن مان بلاول فقير نائچ جو اولاد قنبر ۾ رهي ٿو ۽ شهداد خان کهاوڙ جو نسل شهدادڪوٽ، قنبر ۽ گاجي کهاوڙ (وارهه) ۾ رهي ٿو. مٿيان ناميارا فوجي جرنيل به ميان نور محمد ڪلهوڙي جا بهادر ڪمانڊر هئا. ميان نور محمد ڪلهوڙي جي وفات کان پوءِ شاهه بهاري جو فرزند مقصود فقير 29- آگسٽ 1757ع ۾ ميان صاحب جي وڏي فرزند ميان محمد مرادياب جي معزوليءَ بعد ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي باغي ڀاءُ ميان محمد عطرياب سان هم رڪاب رهيو، پر قسمت کيس ساٿ نه ڏنو، ۽ هر ڀيري ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي لشڪر هٿان شڪست کاڌائين.

هڪ عالم ۽ حڪيم جي حيثيت ۾:

شاهه بَهارو علم ۽ فن ۾ به ڪافي دسترس رکندو هو. عربي، فارسي، سنڌي ۽ سرائڪي ٻولين جو وڏو ڄاڻو ۽ عالم هو. چيو ٿو وڃي، ته طب ۾ کيس سٺي ڄاڻ هئي ۽ هو هڪ سٺو حڪيم به هو. پنهنجي ذاتي ڪتبخاني ۾ طب ۽ حڪمت جا سٺا ڪتاب هوندا هئس. ڪلهوڙا حاڪم به علاج لاءِ سندس صلاحن ۽ مشورن کي قدر جي نگاهه سان ڏسندا هئا. پنهنجي دربار ۾ يوناني طب ۽ حڪمت جا ماهر ۽ حڪيم رکيل هئس. انهن مان سيد عبدالله سورتي، ميان شفيع محمد ڌوٻي، حڪيم عبدالرؤف بوبڪائي ۽ مرزا علي مدد خان جا نالا سرفهرست آهن.

شاهه بَهارو نرم سڀاءُ وارو هو. امير توڻي غريب، شاهه توڻي گدا، عام ماڻهو توڻي خاص ماڻهو، مطلب ته سڀني سان سهڻو ورتاءُ هئس. ٻارڙن سان سندس رويو پيار ۽ پاٻوهه وارو هو. چهري تي هر وقت سدا بهار ۽ فاتحاڻي مرڪ هوندي هئس. زندگيءَ مان مايوس مريض وٽانئس شفاياب ٿي ويندا هئا. 1721ع ۾ حج به ڪيائين. حج تان موٽندي ڪيترائي عربي ۽ فارسي ٻوليءَ ۾ اڻلڀ ديني ۽ علمي ڪتاب آڻي پنهنجي ڪتبخاني ۾ اضافو ڪيائين. سندس ڪتبخاني ۾ قيمتي ڪتاب گڏ ٿيل هئا، جيڪي وفات کانپوءِ وقت جي لاهن چاڙهن جي نذر ٿي ويا! شاهه بَهارو اسلام جي اصولن جو پابند هو. وڏڙا چون ٿا، ته هو تهجد جي نماز به پابنديءَ سان ادا ڪندو هو.

وفات:

سنڌ ڌرتيءَ جي هِن عظيم سرويچ جوڌي جي وفات واري سن تي به اختلاف آهي. ”تاريخ سنڌ“ (ڪلهوڙا دَور) موجب، شاهه بَهاري 24- ربيع الثاني 1150هه/12- مئي 1736ع تي لاڙڪاڻي ۾ وفات ڪئي. مرزا قليچ بيگ ”قديم سنڌ“ ۾ سندس وفات ۽ مقبري جي اڏاوت جو سن 1773ع ڄاڻايو آهي. آرڪيالاجيڪل سروي آف ويسٽرن انڊيا نمبر -8 ۾ 1184هه/1735ع ڄاڻايل آهي. (9) پرڏسجي ٿو، ته اهي سڀئي تاريخون اندازا آهن. مرزا قليچ بيگ جي ڄاڻايل تاريخ انڪري به درست نه ٿي لڳي جو ’تحفة الڪرام‘ موجب ميان غلام شاهه ڪلهوڙو 1772ع ۾ وفات ڪري ويو، (ته پوءِ موصوف شاهه بَهاري جو مقبرو 1773ع ۾ ڪيئن ٺهرايو؟)

”تاريخ سنڌ“ ۽ ”آرڪيالاجي سروي آف ويسٽرن انڊيا“ جون ڄاڻايل تاريخون به ان لحاظ کان رد ٿين ٿيون، جو انهن تاريخن کان پوءِ وارين به ڪيترين ئي جنگين ۾ موصوف برسر پيڪار نظر اچي ٿو. شاه بهارو ميان نور محمد ڪلهوڙي جي سموري دَور (1753ع – 1719ع) ۾ موجود آهي، ۽ ميان غلام شاهه جي ٻيهر مسند نشينيءَ کان پوءِ تحفة الڪرام ۾ موصوف جو ذڪر نه ٿو ملي. تنهنڪري ڀانئجي ٿو ته شاهه بَهاري 59-1758ع ڌاري وفات ڪئي هوندي ۽ 62/1760ع ڌاري ميان غلام شاهه ڪلهوڙي سندس مقبرو ٺهرايو هوندو.

مقبرو:

شاهه بَهاري جو مقبرو اٽڪل 45 فوٽ اوچو، 30 چورس فوٽ ويڪرو، تقريباً 70 چورس فوٽ چبوترو ٿيندس. مقبري اندر ڪُل 9 قبرون آهن. اتر واري پاسي کان 5 ۽ ڏکڻ طرف 4 قبرون آهن. اتر طرف دروازي کان پهرين ڇڏي ٻئي نمبر تي شاهه بَهاري جي مزار آهي. جڳ مشهور محقق سر هينري ڪزنس لکي ٿو:

”مقبرو تعمير جي لحاظ کان خاص اهميت جي لائق نه آهي، سواءِ ڪاٺ جي اُڪيريل دروازي ۽ اُن جي مناري جي، جنهن ۾ عمدي قسم جي نقش و نگار ڪئي وئي آهي ۽ مقبري جي گنبذ مٿان تعمير ٿيل آهي. اهو منارو تمام ناياب قسم جو ۽ ڏاڍو دلفريب آهي، جنهن مقبري جي ڳوراڻ ۽ بي ڊولائيءَ کي ”ڪجهه ڏسڻ جهڙو ڪري بيهاريو آهي. هن مقبري جي اڏاوت اٺ پسائون ڪاشيءَ جي سرن سان ڍڪيل آهي. هن جو نمونو گهڻو تڻو جاپاني قسم جي منارن جهڙو آهي. وڏو دروازو ڪاٺ جي اُڪير جو بيش بها نمونو آهي، جنهن جا عام درن جيان ٻه تاڪ آهن. هر هڪ تاڪ کي پَٽيون هڻي ڏهن ٻارين ۾ ورهايو ويو آهي ۽ هر هڪ ٻاريءَ ۾ اڀريل نموني واريءَ گلڪاريءَ جي اُڪر ٿيل آهي. دروازي جي چوڌاري چؤڪاٺي تي به اُڪر جو ڪم ٿيل آهي. دروازي جي مٿان آرپار ڄاريءَ جي طرز جي ٽُڪاڻي ٿيل آهي، سابه  ڏاڍي عمدي آهي. در مٿان ٽِڪنڊيءَ مهاڙيءَ ۾ ڪاٺ جي اُڪر کي دهرايو ويو آهي، جنهن ۾ سهڻي گلڪاري ڪيل آهي، جيڪا سنڌ ۾ عام طور تي ڪاشيءَ جي پڪل چمڪدار سرن تي فارسي لکت آهي، جنهن جو ترجمو هن طرح آهي:

’آسمان هيٺان عجيب مقبرو ٺاهيو ويو آهي بهشت جيان،

اهو بسنت بهار وانگي ٿو پسجي،

دنيا چوي ٿي، ته روح افزا بهشت آ،

سندس مالڪ جو نالو شاهه بَهارو آهي.

جنهن هن دنيا ۾ رڳو خوش اخلاقيءَ جو ٻج ڇٽيو.‘ (10)

هن وقت مقبرو ۽ مزار نهايت زبون حالت ۾ آثارِ قديمه کاتي جي اختيارين جو ڌيان ڇڪائي رهيا آهن. ضرورت آهي، ته سنڌ جي عظيم ۽ سرويچ جرنيل جي آخري يادگار ۽ تاريخي ورثي جي نئين سر مرمت ڪري قومي فرض نڀايو وڃي.

اولاد:

شاهه بَهاري اولاد ۾ مقصودو فقير، فتح خان، مير خان ۽ دوست محمد خان پٽ ڇڏيا، جن جو پونئير دادو ۽ لاڙڪاڻي ضلعن ۾ رهائش پذير آهي.

حوالا:

(1)  ڦيرواڻي، شيوارام نرسنگهه داس، پروفيسر: ”راج رشي ديوان ڏيارام گدومل جو جيون چرتر“ ڇاپو پهريون. 1938ع، ڇپائيندڙ: راءِ بهادر ديوان تاراچند شوقيرام آڏواڻي، حيدرآباد، سنڌ.

(2) مهر، غلام رسول، مولانا: ”سنڌ جي تاريخ“ (ڪلهوڙا دور) حصو ڇهون، جلد ٻيون ص 838، 1964ع، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ، جام شورو.

(3) قليچ بيگ، مرزا: ”قديم سنڌ“ ڇاپو چوٿون ص 42، 1999ع ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو.

(4) قليچ بيگ فريدون بيگ، مرزا: ”تاريخ سنڌ“

(5) راشدي، امام المتقين شاهه: ”چانڊڪي پرڳڻي ۾ ڪلهوڙن جا يادگار“ (مضمون) ٽماهي مهراڻ ص 78 جولاءِ – ڊسمبر 1998ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ، جام شورو.

(6) محمد صديق، آخوند: ”تاريخ بلوچستان“، ص 186.

(7) مهر، غلام رسول، مولانا: ”سنڌ جي تاريخ“ (ڪلهوڙا دور) حصو ڇهون جلد – پهريون ص 344، 1958ع، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو.

(8) محمد صديق، آخوند: حوالو ڄاڻايل آهي.

(9) آرڪيالاجيڪل سروي آف ويسٽرن انڊيا نمبر -8.

(10) هينري ڪزنس، سر: ”سنڌ جا قديم آثار“ مترجم: عطا محمد ڀنڀرو، ڇاپو ٻيو ص 278، آگسٽ 2004ع ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو.

مددي ڪتاب ۽ مقالا:

(1) ’تحفة الڪرام‘ تصنيف: مير علي شير قانع ٺٽوي.

(2) ”قنبر جا واهڻ ۽ وسنديون“ (مقالو) دين محمد ڪلهوڙو: ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر

(3) ”قنبر ۾ رهندڙ ڪي اهم ذاتيون“ (مقالو) دين محمد ڪلهوڙو: ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي

راوي:

تعلقي قنبر جي ڳوٺ جنجهه جا ڪجهه پير مرد.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com