سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1956ع (1)

 

صفحو :15

قادر بخش نظاماڻي

گل نرگس جو جنم

(يوناني ديو مالا جو هڪ ورق)

]گل نرگس جي پيدائش بابت يوناني ديو مالا ۾ دلچسپ قصا آهن، جن مان قديم روم جي مشهور  شاعر اوويد جي قصي جي بنياد تي ٻڌل ڪهاڻي هيٺ پيش ڪجي ٿي.[

قديم زماني ۾، ”نرگس“ جي نالي سان هڪ بيحد حسين، خوبرو ۽ نو عمر جوان هوندو هو. نرگس اهڙو ته سهڻو ۽ سوڀياوان هو، جو جيڪا به نوجوان ڇوڪري کيس ڏسندي هئي ته هڪدم مٿس ڇڪن ٿي پوندي هئي، ۽ سندس محبوبه بنجڻ لاءِ پئي تڙپندي هئي. مگر هن نو عمر نينگر جي دل ۾ ڪنهن لاءِ به جاءِ نه هئي: هن جي ڪنهن تي اک ئي نه ٿي ٻڏي. پنهنجي حسن تي کيس ڏاڍو ناز هو. سهڻي کان سهڻيون ڇوڪريون پاڻ ڏي سندس ڌيان ڇڪڻ لاءِ وس ڪنديون هيون، پر هو نيڻن جي نگاهه کان کين سڪائيندو، ائين سندن اڳيان لنگهي ويندو هو، ڄڻ هنن جو ڪو وجود ئي نه آهي. هنن دل ڀڳل ۽ بيقرار ڪمارين لاءِ هن کي ڪا به ڪشش ڪا نه پئي ٿي.

هن جي فراق جي اهڙين ڦٽيلن ۾، ”ايڪو“ (پڙلاءَ) نالي هڪ جل پري به هوندي هئي. ايڪو جي دکدائڪ حالت تي ”نرگس“ کي ڪڏهن ڪو ڪهڪاءُ ڪونه ايندو هو. جهنگلن ۽ جهنگلي جيون جي ديوي ”آرتيمس“ جو جل پري ايڪو تي ڏاڍو راز هوندو هو. پر خود ”آرتيمس“ ويچاري وري کانئس وڌيڪ جبري ۽ بااثر ديويءَ، ”زيئس“ جي رفيقه حيات ۽ محبوبه، ”هيرا“ جي ڏمر هيٺ هئي – ڇاڪاڻ ته ”هيرا“ کي شڪ هو ته ديوتا ”زيئس“ کانئس لڪي وڃي جل پرين سان عشق جي پنگهن ۾ عيش ماڻيندو رهندو آهي.

چنانچه جڏهن پنهنجي شوقين مزاج خاوند ۽ آڪاشن جي سڀ کان طاقتور ديوتا ”زيئس“ جا پيرا کڻندي، هيءَ زوراور ديوي سندس تلاش ۾ سرگردان ڦري رهي هئي، ته ڪنهن مهل اوچتو هن جل پريءَ ”ايڪو“ کي ڏٺو، جا کل ۽ خوشين ۾ محو هئي. هن کي هينئن چهڪندو ٻهڪندو ڏسي، ”هيرا“ برداشت نه ڪري سگهي ۽ بدنصيب ”ايڪو“ تي سندس ڏمر وڄ وانگر نازل ٿيو. ”هيرا“ چڙي کيس پاراتو ڏنو ته هوءِ پنهنجي ان تيز زبان کي آئيندي فقط ٻين جي آخرين لفظ دهرائڻ لاءِ استعمال ڪري سگهندي. مگر ان سان پنهنجي دل جون خواهشون يا ٻين جا اوائلي لفظ ڪڏهن به نه چئي سگهندي!

”ايڪو“ لاءِ هيءُ عذاب بيحد ڳرو هو. خاص طرح جڏهن هوءَ به ڪيترين ئي ٻين بي نصيب ڇوڪرين وانگر ”نرگس“ جي برهه ۾ بيمار هئي.

هاڻي هوءَ هن سوڀيا جي پتلي جي پٺيان ڦري ته سگهي ٿي، مگر ساڻس ڳالهائڻ يا دل جي ورونهه ونڊڻ کان بيوس ٿي چڪي هئي. هن حالت ۾ هڪ اهڙي جوان جو ڌيان هوءَ پاڻ ڏانهن ڪيئن ڇڪائي سگهندي، جيڪو ڪيترين ئي سهڻين کي روهه ۾ رلائي چڪو هو!

مگر خدا جي ڪرڻي ڏسو، جو هڪڙو ڏينهن اهڙو آيو، جنهن ۾ ائين پئي لڳو، ڄڻ هن جي ڀاڳ ڀڙايو آهي.

”نرگس“ پنهنجي ساٿين کي سڏي رهيو هو. هن رڙ ڪئي، ”آهي ڪو هتي“ ۽  ”ايڪو“ هدڪم دهرايو ”هتي – هتي“!

جل پري وڻن ۾ لڪل هئي، ۽”نرگس“ جو کيس ڏسي نه سگهيو، تنهن وري به هڪل ڪئي، ”هيڏي اچو“! بس، اهو ئي اکر هو، جنهن جي اچارڻ لاءِ ”ايڪو“ تڙپي رهي هئي. هن پنهنجي روح جي اونهاين مان ان ”اَچو“! کي وراڻيو، ۽ ٻانهون کولي وڻن مان ٻاهر نڪري آئي.

هٺيلو ”نرگس“ هن کي ڏسي ڪاوڙ ۽ گهمنڊ مان ٻئي طرف مڙيو. ”ائين هرگز نه ٿيندو،“ هن چيو. ”فقط موت کان پوءِ مان تنهنجي اختيار ۾ آهيان!“

”ايڪو“ ليلائي ”تنهنجي اختيار ۾ آهيان“ جا اکر دهرايا؛ مگر ”نرگس“ وڃي چڪو هو. ڦوڙائي جي ڦٽيل ۽  عشق جي ماريل ”ايڪو“ پنهنجي اداسي ۽ نراسائيءَ جا سور پيڻ لاءِ وڃي ڪنهن نويڪلي غار ۾ پاڻ کي لڪايو، جو هن لاءِ هاڻي سک ۽ راحت جو ڪو به امڪان ڪو نه هو. اهڙين سڃين ۽ نويڪلين جاين ۾ هوءِ اڃا تائين زندهه آهي ۽ چون ٿا ته ڏکن ۽ وڇوڙي جي وڍن کيس ايترو ته ڏتوڙي ڇڏيو آهي، جو هاڻي سندس فقط
آواز وڃي بچيو آهي.

ان طرح ”نرگس“ عشق ۽ محبت کي ٺوڪريون هڻندو پنهنجي راهه تي هلندو ويو، هڪ ڏينهن سندس گهايلن گڏجي ڌڻيءَ در ٻاڏايو – دعا هئي ته ”شل هيءُ هٺيلو حسن، پاڻ به عشق جي آزار ۾ اڙجي!“ ۽ سندن اها دعا قبول پئي.

”نرگس“ هڪوار هلندي هلندي ٿڪجي، هڪ شفاف اوجل پاڻيءَ جي تلاءَ ڪناري تي پهتو، ۽ پنهنجي پياس اجهائڻ لاءِ جيئن پاڻيءَ تي جهڪيو، ته ان تي پنهنجو عڪس ڏسي دنگ رهجي ويو، ۽ اتس مفتون ٿي پيو. بي اختيار رڙ نڪري ويس: ”هاڻي سمجهيو اٿم ته ٻين ڪيترو نه منهنجي هٿان سٺو هوندو، جو هاڻي ته آءٌ پاڻ ئي پنهنجي عشق جي آتش ۾ کامي رهيو آهيان. مگر آه! ڪيئن آءٌ ان حسن کي پهچان جنهن کي هن پاڻيءَ تي پيو ڏسان؟ گهوڙا! آءٌ ان کي ڇڏي به نه ٿو سگهان! هاڻي ته فقط موت ئي مون کي هن کان جدا ڪندو!“

ٿيو به ائين – تلاءَ جي شفاف پاڻيءَ تي پنهنجي عڪس جي مٿان هو هميشه لاءِ گهور وجهي بيهي رهيو ۽ پنهنجي ئي فراق جي جهوريءَ ۾ جهرندو ۽ ڳرندو ويو. جل پري ”ايڪو“ سندس ويجهو موجود هئي، پر بيوس بيٺي رهي ۽ سندس ڪا به مدد نه ڪري سگهي. فقط جڏهن موت جو فرشتو ”نرگس“ جي مرحبا لاءِ آيو ۽ هن آخري ڀيري پنهنجي عڪس ڏي نهاري ”الوداع – الوداع“ جا اکر اچاريا، تڏهن ”ايڪو“ پڻ پنهنجي آخرين موڪلاڻيءَ طور انهن اکرن کي دهرائي سگهي.

چون ٿا ته جڏهن هن جو روح موت جي دنيا جي ٻاهرينءَ نديءَ تان ٻيڙيءَ ۾ پار اُڪري رهيو هو، تڏهن آخرين ڀيري ”نرگس“ ديوتا پنهنجي عڪس ڏسڻ لاءِ پاڻيءَ تي جهڪيو.

جل پريون، جن کي پنهنجي زندگيءَ ۾ هن هميشه ٺڪرايو ۽ڌڪاريو هو، سي اجل ۾ به مٿس مهربان ٿيون ۽ سندس جنازي کي دفن ڪرڻ لاءِ ڳولڻ لڳيون، پر ان کي لهي نه سگهيون. جنهن جاءِ تي هن جو لاش پيل هو، اتي هڪڙو نئون ۽ بيحد سهڻو گل ٽڙيو بيٺو هو: پوءِ جل پريون سندس نالي پٺيان هن کي ”نرگس“ سڏڻ لڳيون.

ba
 

”ش“ مظفر پوري

سنڌيڪار: ث.م ”ثنائي“

 

چنڊ ڏٺو..........؟

رات ڪافي گذري چڪي هئي.

ان رات جو چنڊ زياده چمڪندڙ ۽ حسين هو. هوا ۾ ڪافي مستي هئي، ۽ شبنم ۾ ڪافي خنڪي. اشرف دريءَ وٽ بيهي، ٻاهر حد نگاهه تائين ڦهليل سرسبز زمين ۽ گهاٽن وڻن تي هڪ نظر وڌي. چنڊ جاڳي رهيو هو. ڄڻ اشرف کي چئي رهيو هو –

”مون ڏٺو آهي........... مون ڏٺو آهي.......“

چنڊ ڇا ڏٺو هو؟

چنڊ ڏٺو ته هڪ نوجوان دوشيزه آهستي آهستي قدم کڻندي، اچي دريءَ جي ڀرسان بيٺي، ۽ دريءَ جي تاڪ کي آهستگيءَ سان کڙڪايو. اشرف معنيٰ خيز نظرن سان هن کي ڏٺو، ۽ جلدي ئي پنهنجي ڪمري جو پويون دروازو کوليو. دوشيزه تيزيءَ سان ڪمري ۾ داخل ٿي ۽ دروازو وري بند ٿي ويو....... هو ٻئي ڪجهه عرصو خاموش رهيا ۽ هڪ ٻئي کي ڏسندا رهيا. دوشيزه ڏاڍي گهٻرايل هئي. هن جو سينو ڌڪ ڌڪ  ڪري رهيو هو، ۽ ساهه منجهي رهيو هو. هوءَ گهڙيءَ گهڙيءَ، ڪڏهن دريءَ جي طرف ۽ ڪڏهن دروازي جي طرف ڏسي رهي هئي. ڄڻ هن کي خوف هو ته ڪوئي اچي نه وڃي........ کيس ڏسي نه وٺي. ان وقت دوشيزه جي اکين ۾ هڪ عجيب وحشت هئي. جهنگل جي ان نازڪ ۽  پاڇي کان به ڊڄندڙ هرڻيءَ وانگر، جنهن کي ڄڻ شڪاريءَ جي آهٽ ڪَنِ پئي هجي – هوءَ پنهنجي حلق ۾ گهڙيءَ گهڙيءَ ساهه کڻڻ وقت ڪا رڪاوٽ محسوس ڪري رهي هئي. جڏهن اشرف هن کي ڏٺو ته هن جي چپن ۾ جهٽ گهڙيءَ لاءِ لرزش پيدا ٿي – ڄڻ هن ڪجهه چوڻ پئي گهريو. الاجي هن ڇا پئي چوڻ چاهيو.......... خبر نه آهي ته هوءَ اشرف جي اکين ۾ ڇا ڏسي رهي هئي، جو يڪدم ڪجهه چوڻ لاءِ بيقرار ٿيندي پئي ويئي. الاجي اشرف جي خاموشيءَ ۾ ڪهڙو آواز هو، جنهن کي ٻڌي دوشيزه تي خوف پئي طاري ٿيو. هن جي جسم ۾ هڪ دفعي ته اهڙي لهر ڊوڙي آئي، جو ڄڻ ڪنهن تي چولي هيٺ پٺيءَ جي هڏي تي هڪدم ڪو جيت چڙهي ويو هجي.

هي ٻئي اڃا خاموش هئا، پر ان خاموشيءَ ۾ هڪ بيچينيءَ جي جهلڪ هئي.

پوءِ چنڊ ڏٺو-

اشرف جي چپن تي هڪ هلڪي هلڪي مجرمانه مرڪ آئي ۽ اوجهل ٿي ويئي. هيءَ مرڪ ائين ايندي رهي ۽ اوجهل ٿيندي رهي. دوشيزه انهيءَ مرڪ جي راز کي پروڙي چڪي هئي. ان ڪري ئي فضا ۾ خنڪيءَ هوندي به هن جي پيشانيءَ تي پسيني جا باريڪ قطرا جمع ٿي ويا هئا، جن کي هن رئي جي پلاند سان اگهي ڇڏڻ جي پئي ڪوشش ڪئي.

چنڊ ڏٺو...... اشرف ڪرسيءَ تان اٿي دوشيزه جي قريب پلنگ تي وڃي ويٺو، ته هوءَ خوف وچان ڊڄي، اٿي بيهي رهي....... ڄڻ هن ڀڄي وڃڻ پئي چاهيو - ۽ جڏهن اشرف هن کي وهارڻ خاطر سندس نازڪ ڪلهن تي هٿ رکيو، ته هن جي جسم ۾ هڪ بجلي ڊوڙڻ لڳي، جسم ڏڪڻ لڳس، ۽ هن جي ساري چهري تي پگهر جا باريڪ باريڪ قطرا اڀري آيا. جڏهن اشرف هن جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ وٺي، هن کي پاڻ سان گڏ وهارڻ گهريو، ته هوءَ ڪجهه اهڙي نموني ٿي ويئي، ڄڻ جهٽ کان پوءِ اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳندي.

چنڊ حيران هو ته جا دوشيزه پنهنجي مرضيءَ سان ڪنهن نوجوان جي ڪمري ۾ پوئين دروازي کان آئي هجي، تنهن ۾ ايترو خوف ۽ پرائپ ڪيئن ٿي سگهي ٿي.... نه ته آئي ئي ڇو هئي؟.... ها...... اهو چنڊ کي معلوم نه هو ته هوءَ آئي ڇو هئي. ايترو ته چنڊ جي سمجهه ۾ اچي ويو هو ته هوءَ اشرف سان محبت نه ڪندي هئي، ۽ نه ڪا وري هنن ٻن جي وچ ۾ اهڙي رشتي جي جهلڪ ٿي ملي، جنهن مان ثابت ٿئي ته هو ٻئي رات جي انڌيري ۾ چوريءَ چوريءَ هڪ ٻئي سان اڳي به ملندڙ هئا – بلڪه هي صاف ظاهر هو ته هنن ٻن جي وچ ۾ ته دوريءَ ۽ پرائپ جي هڪ وڏي ديوار حائل هئي.......... ته اها ڪهڙي ڳالهه هئي، جنهن هن کي مجبور ڪري اشرف جي ڪمري ۾ آندو هو، جتي هن جي جان تي مردن جهڙي ڪيفيت طاري ٿي ويئي هئي! هي راز چنڊ کي معلوم نه هو.

”ضرور ڪو ڀيد لڪل هوندو ان ۾“ چنڊ سوچڻ لڳو. ”هن ڌرتيءَ جي ڪا به زندگي، ڪا به ڳالهه ڪنهن راز کان خالي ڪانهي..... ۽ ڌرتيءَ جو سڀ کان وڏو، سڀ کان ڀيانڪ راز هيءُ هو، جو هڪ ڪنواري دوشيزه دنيا جي نظرن کان بچي، رات جي گهريءَ چپ چپات ۾، پاڻ ئي پنڌ ڪري.... ڏڪي ڏڪي قدم کڻندي، ڌڙڪندڙ دل سان، ڪنهن نوجوان جي ڪمري ۾، چور دروازي کان داخل ٿئي – هڪ اهڙي نوجوان وٽ، جو هن جي دل ۽ جذبات لاءِ پرايو هو، نامحرم هو....... آخر ڌرتيءَ جي ڇاتي ڦاٽي ڇو نه ٿي پوي؟“

تنهن کان پوءِ، چنڊ هڪ نظر ڳوٺ تي وڌي..... سڄو ڳوٺ ستل هو..... ڳوٺ جو چوڪيدار به ستل هو....... هر طرف زندگي آرام ۾ هئي........ صرف هوا هلي رهي هئي........ وڻن ۽ گيت ڳائيندڙ زمينن سان گسندي – ”شون.......... شون....“ هڪ عجيب ۽ انوکو گيت ڳائيندي. رات هر گهڙيءَ گذرندي ٿي ويئي، ۽شفاف چانڊوڪيءَ ۾ ماڪ جي آلاڻ ڪري ڌنڌ پيدا ٿي چڪو هو. رات جي هن ڪيفيت ماحول کي وڌيڪ وڻندڙ ۽ روماني ڪري ڇڏيو هو.

هيءَ خوبصورت ۽ روماني رات، جا ڪنوار وانگر سهڻي ٿي لڳي ۽ اهڙي ئي سجايل پئي نظر آئي............... اهو ئي روپ ۽ اهو ئي سينگار............ چنڊ ته ڄڻ اڄوڪيءَ رات جي ڪنوار جي مٿي جو ٽڪو ٿي لڳو. ان دوشيزه جو سارو سينگار........ سارو رنگ ۽ رس هن رات غصب ڪري ورتو هو. اڄوڪيءَ رات جيان، اڄوڪيءَ رات جي تنهائي، اڄوڪيءَ رات جي ڌڪ ڌڪ ڪندڙ دل ۽ اڄوڪيءَ رات جو تصور هن دوشيزه ان رات لاءِ ڪيو هو، جڏهن هوءَ ڪنوار ٿيڻي هئي – جڏهن هوءَ ساري سينگار سان ڇم ڇم ڪندي ڪنوار جيان ڏوليءَ مان لهندي. ليڪن اها رات اڃا دور هئي ۽ هيءَ رات آئي هئي....... ۽ هيءَ رات: جڏهن سينگار هن جو نه هو، جڏهن هن جي اکين ۾ ڪاجل نه هو....... هٿن ۾ ميندي ڪا نه لڳل هئي. ۽ گلي ۾ چنبيليءَ جو هار ڪو نه هو..... جڏن هن کي ڏوليءَ ۾ وهارڻ خاطر هن جون سهيليون ڪو نه هيون.... نه نغما هئا نه سهرا، نه شهنايون هيون........ ڪجهه به ڪو نه هو. مگر ........ اڄوڪي رات ته هن جي عصمت جي خون سان سندس مٿي تي سهاڳ جي تلڪ رکڻ خاطر، هڪ سازش ڪئي ويئي هئي – ان لاءِ هن جا جذبات سڏڪا ڀري رهيا هئا، ۽ رڳ رڳ ۾ کيس ڪنڊا پئي چڀيا.

پر چنڊ کي ڪجهه به معلوم نه هو ته هن جي هيءَ ڪيفيت ڇو آهي؟ هو ته صرف اهو ڏسي رهيو هو ته سندس چانڊوڪيءَ وانگر دوشيزه جو دامن بي داغ آهي. مگر هو سمجهي رهيو هو ته صبح ٿيڻ کان اڳ، هڪ داغ هن جي دامن تي ۽ ٻيو هن جي دل تي لڳڻو هو.... ٽيون داغ – اهو ته چنڊ کي پنهنجي چهري تي هونئن ئي هو.

ليڪن ان ۾ ڪهڙو ڀيد هو. آخر اها ڳالهه ڪهڙي هئي، جنهن هڪ دوشيزه کي مجبور ڪيو هو ته هوءَ پنهنجي زندگيءَ جو سڀ کان قيمتي سرمايو کڻي، پاڻ ئي هڪ لٽيري وٽ پهچي وڃي ۽ پنهنجي بي بها خزاني جي لٽجڻ جو انتظار ڪري!........ اها هڪ تمام دردناڪ ڪهاڻي هئي. ان ڪهاڻيءَ کي ڌرتيءَ تي رهڻ وارا ئي ٻڌي ٿي سگهيا. جيڪڏهن چنڊ ان ڪهاڻيءَ کي ٻڌي وٺي، ته هميشه هميشه لاءِ وسامي وڃي. اها ته ڌرتيءَ وارن جي دل آهي، جو اهڙيون بيشمار ڪهاڻيون ٻڌڻ کان پوءِ به انهن جي دل ڌڪ ڌڪ ڪرڻ بند نٿي ڪري.....

هيءَ ڪهاڻي ڏاڍي مختصر هئي.

دوشيزه جي پيءُ چوري ڪئي هئي. ڏوهه ثابت ٿيو هو........... پنچايت فيصلو ڏنو هو. ته چور کي ڳوٺ ۾ سزا ڏيڻ بعد، ٿاڻي تي موڪليو وڃي. اڳين پوين چورين جو الزام هن تي مڙهيو ويو هو. ۽ هاڻي صبح جوانتظار هو. سج جي ڪني ڪڍڻ سان ئي هن جي ٻڍڙي پيءُ جي سڪل کَلَ تي چهبڪ وسڻا هئا....... هن ڄاتو پئي ته هن جي پيءُ سان ڪهڙو نه حيوانيت ۽ بي رحميءَ وارو سلوڪ ٿيڻو هو! ان سلوڪ جي تصور سان ئي هن جي جسم جا وار ڪانڊارجي ٿي ويا. ڳوٺ ۾ ائين ڪڏهن ڪو نه ٿيو ته ڪنهن مجرم کي پنجايت به سزا ڏئي، ۽ پوءِ ان کي قانون جي حوالي ڪيو وڃي- ليڪن هن دفعي ته ڳوٺ جي وڏيري اهو حڪم ڏنو هو!

وڏيري جي انهيءَ ظالماني حڪم جي به هڪ ڪهاڻي هئي. اها ڪهاڻي اڄوڪيءَ رات کان هڪ سال اڳ شروع ٿي هئي. جڏهن ڳوٺ جي رنگيلي نوجوان هن دوشيزه جي اڀرندڙ جوانيءَ کي بريءَ نظر سان ڏٺو هو- جوانيءَ کي جواني هميشه برين نظرن سان ڏسندي آئي آهي- ليڪن انسانن وانگر جواني به امير ۽غريب ٿيندي آهي. جڏهن امير جي ڌيءَ جوان ٿيندي آهي، ته ان تي تلوارن ۽ ڀالن جو سايو ڪيو ويندو آهي........ ۽ جڏهن غريب جي ڌيءَ جوان ٿيندي آهي، ته ان ديوار کي به ڊاهي ڇڏڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، جا هن جي جوانيءَ تي پردو وجهي سگهي.

جن عصمتن جي حفاظت تلوارون ۽ ڀالا ڪندا آهن، اهي اهڙيون ته نازڪ ٿين، جو بريءَ نظر لڳڻ سان ئي داغدار ٿي وينديون آهن، ۽ انهن جي ”داغ“ کي ڪڏهن ته ڪنهن جي خون سان به صاف ڪيو ويندو آهي. ليڪن جن عصمتن جو محافظ ايمان کان سواءِ ٻيو ڪو به ڪو نه هوندو آهي، انهن کي لٽڻ خاطر، ڪڏهن تلوار جي تيز ڌار کان به ڪم ورتو ويندو آهي.

هيءَ دوشيزه به غريب هئي. ان ڪري هن کي به پنهنجي حسين ۽ جوان هجڻ جي سزا ملڻ گهربي هئي ۽ جڏهن هن جي آبروءَ جي تلاش ۾ رهڻ وارو دشمن پنهنجي عاشقانه لڳاءَ سان هن کي مات نه ڪري سگهيو، ته هن دوشيزه جي زندگيءَ جي راهه ۾ قدم قدم تي ڪنڊا وڇائي ڇڏيا. ان هوندي به هوءَ ڪنڊن کان نڪرندي رهي..... نوجوان وٽ طاقت هئي.......... دولت هئي. ڀلا هو هڪ ميري ۽ گندي مزور جي ڌيءَ جو ضد ۽ سرڪشي ڪيئن برداشت ڪري ٿي سگهيو! ان ۾ ته هن جي توهين هئي: آسمان جي بلندي، زمين جي پستيءَ ڏانهن جهڪي ۽ پستي پنهنجي غرور ۾ اچي بلنديءَ کان دور ڀڄي ايتري وڏي بي عزتي بلنديءَ لاءِ ناقابلِ برداشت آهي. بلنديءَ جي سيني ۾ پستيءَ جي خلاف نفرت ۽ انتقام جا شعلا ڀڙڪو کائي اٿيا، ۽ هن نوجوان پڪو ارادو ڪيو ته هو دوشيزه جي قرار کي پائمال ڪري ڇڏيندو.

ان نوجوان جو نالو اشرف هو.

۽ هن دوشيزه جو نالو ....... هن جو ڪو به نالو ڪو نه هو. هوءَ محض ڇوڪري هئي. جوان ۽ خوبصورت دوشيزه، ۽ غريب – غريب جوبه ڪو نالو ٿيندو آهي؟ جيڪڏهن هجي به، ته ڪير ياد رکندو آهي! هن جي نالي جو دنيا ۾ ڪو به ڪم ڪو نه هوندو آهي. غريب جيڪڏهن مرد آهي ته هن جو پگهر گهرجي، ۽ جيڪڏهن عورت آهي ته هن جي جواني. اشرف کي غريب پيءُ جو پگهر ملي رهيو هو، ليڪن غريب ڌيءَ جي جواني هن کي نه پئي ملي.

هڪ ڏينهن اهڙو ٿيو جو دوشيزه جي ماءُ سخت بيمار ٿي پئي. هن کي الائي ڇا ٿي پيو هو....... ليڪن ائين پئي معلوم ٿيو ته هن کي ڪنهن خطرناڪ بيماريءَ اچي پڪڙيو آهي........ تيز بخار هئس. ۽ هوءَ رکي رکي بخار جي شدت کان ڪنجهي رهي هئي. دوا ميسر نه هئي ۽ دعائن سان ڪم نه پئي ٿيو. مولوي صاحب پاڻي پڙهي ڏنو، تعويذ لکي ڏنو،  مگر خدا کي هڪ غريب عورت کي صحتمند نه ڪرڻو هو. ان ڪري ڪو به اثر ڪو نه ٿيو. خدا جي رحمت به ته سڃاڻي رخ ڪندي آهي....... ۽ جڏهن اڌ رات گذرڻ بعد مريضه جي حالت خطرناڪ ٿي ويئي، ته ان جو بي ايمان مڙس خدا جي رحمت کان مايوس ٿي، هن جي هڪ خوش نصيب بندي اشرف جي در تي پهچي ويو. هو اتي ان ڪري ويو هو  ته ڪا دوا کڻي اچي. ڪجهه روپيا کڻي اچي، ۽ رات ئي رات ۾ ڀر واري ڳوٺ کان ڊاڪٽر گهرائي وٺي. اشرف هن کي گهر ۾ سڏايو، ڇو ته اچانڪ هن جي دماغ ۾ هڪ سازش جاڳي اٿي هئي.

ٿوري ئي دير بعد هو مجرم هو. زيورن جي هڪ پيتي سامهون رکيل هئي، ۽ پاڙي وارا ڪجهه ماڻهو آسپاس ڪٺا ٿي ويا هئا....... هو چور هو........ هو لڪي لڪي گهر ۾ داخل ٿيو هو.......... زيورن جي پيتي کڻي ڀڄڻ جي ڪوشش ۾ هو، ته پڪڙيو ويو هو! هر شخص جي دل بلند آواز سان اعلان ڪري رهي هئي ”هي ڪوڙ آهي...... هي دوکو آهي“: ليڪن زبان چئي رهي هئي- ”هي سچ آهي. بلڪل سچ“. ڇو ته دولت قانون کي به خريد ڪري سگهندي آهي، ته ايمان کي به..... هن کي خدا جي رحمت کان مايوس ٿيڻ جي سزا يڪدم ملي ويئي!

صبح ٿيندي ئي مريضه ٺيڪ ٿي ويئي. الائي هوءَ ڪيئن بيمار ٿي هئي ۽ وري هوءَ ڪيئن خودبخود چاڪ به ٿي ويئي - ۽ جڏهن پئچايت اڇا ڪارا پڌرا ڪري ڇڏيا، ته ڪنهن دوشيزه جي ڪن ۾ آهستگيءَ سان ڪجهه چئي ڇڏيو هوءَ ته ڄاڻندي هئي ته هي سڀڪجهه ڇو ٿيو آهي ۽ڪيئن ٿيو....... البت هي هن کي هاڻي معلوم ٿيو ته اشرف معاف ڪري سگهيو ٿي، بشرطيڪ........

۽ انهيءَ شرط دوشيزه کي هڪ وڏي آزمائش ۾ وجهي ڇڏيو. روئي روئي هن جو بروحال ٿي ويو. پر ڪنهن به ڪين ٿي ڄاتو ته هن جي روئڻ جو سبب صرف هڪ ئي نه، ٻيو به هو. ان تصور کان هوءَ دهلجي ويندي هئي. هن جي پيءُ جي کَل ته ڳوٺ ۾ ئي لاٿي ويندي ۽ ٿاڻي پهچي جو ڪجهه به ٿيندو. ان کان پوءِ سندس ٻڍڙو ۽ ضعيف پيءُ زنده به رهي سگهندو؟ هوءَ اهو سڀڪجهه ڪيئن ڏسي سگهندي. ڪيئن ٻڌي سگهندي! هوءَ پنهنجي پيءُ کي بچائي سگهي ٿي، بشرطيڪ.... بشرطيڪ.......... بشرطيڪ هوءَ اڄ رات.....

هن جي ڪنن ۾ اهو آواز گونججي رهيو هو ”اشرف بابو اڄ رات پنهنجي ٻاهر واري ڪمري ۾ انتظار ڪندو.“ هوءَ هڪ اهڙيءَ اتاهينءَ تي بيٺي هئي، جنهن جي هڪ طرف سمنڊ هو، ته ٻئي طرف کاهي. سارو ڏينهن هوءَ روئندي رهي ۽ سوچيندي رهي.... سوچيندي رهي ۽  روئيندي رهي.

شام ٿي ۽ وري رات آئي.

۽ رات جڏهن اڌ هيڏي اڌ هوڏي هئي، ته چنڊ ڏٺو: هڪ دوشيزه آهستي آهستي قدم کڻندي اچي اشرف جي دريءَ وٽ بيٺي. پوءِ دروازو کليو. هوءَ اندر ويئي. پوءِ چنڊ هيءُ به ڏٺو ته دوشيزه جي اکين ۾ ڳوڙها هئا ۽ اشرف جي چپن تي مرڪ........ ۽ پوءِ دري بند ٿي ويئي........ ۽ جڏهن دري کلي ته چنڊ ڏٺو، اشرف دريءَ  ۾ بيهي دور دور سرسبز زمينن ۽گهاٽن وڻن جي طرف الائي ڇا گهوري رهيو هو. ۽ دوشيزه....... گهائل روح ۽ مجروح عصمت سان ٻنين جي وچ واري پيچري تان هلي رهي هئي. چنڊ جي دل ٿي ته پگهرجي هن دوشيزه جي اکين جا ڳوڙها ٿي پوي.

هن چوريءَ کي ڪنهن به ڪونه ڏٺو. هن چوريءَ جي ڪا به سزا ڪا نه هئي. صرف چنڊ ڏٺو ۽ چنڊ شاهدي ڏيڻ لاءِ آسمان تان لهي زمين تي نه ٿي اچي سگهيو.

ان کان پوءِ چنڊ هن دوشيز کي وري نه ڏٺو. سندس شفاف ۽ غم آلود شعاعن، هن جي بي ترتيب وارن ۽سندس باهه جي شعلي وانگر دکندڙ ڳلن کي وري نه چميو.... هوءَ دوشيزه ڪٿي وڃي لڪي هئي؟ آخر هوءَ چنڊ جي نظرن کان ڪاڏي اوجهل ٿي ويئي هئي؟ ڇا چنڊ سڀڪجهه ڏسي ورتو هو، جو ان ڪري هن اکيون چار ڪرڻ نه پئي گهريون؟ مگر چنڊ ته بي زبان هو. هن کي ڪهڙيءَ ڳالهه جو خوف....... پوءِ چنڊ به گهٽجي گهٽجي خود به نگاهن کان اوجهل ٿي ويو. ۽ جڏهن هن ٻيو دفعو آسمان جي پردي کان ڏٺو، ته هڪ جهوپڙيءَ جي پٺيان، وڻ جي ڇانو ۾، هڪ بيمار ۽ نجس عورت کي ڏٺو..... ها! هيءَ اها هئي........ مگر هيءَ هن حال کي ڪيئن پهتي؟ هن کيچا ٿيو هو. ڇا ٿيو هو؟ هوءَ بيمار ڇو ٿي ويئي هئي. هوءَ ڪومائجي ڇو ويئي؟ هن جي چهري جا مشڪندڙ گلاب جا گلاب مرجهائجي ڇو ويا؟

چنڊ سمجهي ورتو ۽ اداس ٿي ويو.

ان سوال جو جواب ڏيڻ لاءِ ڌرتيءَ تي اشرف ۽ آسمان تي چنڊ هو، ۽ دوشيزه جي زبان ته گونگي ٿي ويئي. هن جو پيءُ ته اڃا تائين حيران هو ته اشرف هن کي ڇو معاف ڪيو!

ماءُ پريشان هئي ته هن جي ڌيءَ کي ڇا ٿيو آهي؛ کيس هي ڪهڙو روڳ لڳو آهي ۽ ڪيئن لڳو آهي....... ان کي جن جو سايو ڪٿي پيو؟ هي ڪهڙو نه موذي جن هو، جو خدا جي ڪلام سان به نه ٿي ڀڳو!

هڪ رات چنڊ جڏهن پنهنجي رخ تان پورونقاب هٽايو، ته هن ڏٺو: وڻ جي هيٺان ڪجهه به ڪو نه هو. هو هن کي سڄي ڳوٺ ۾ ڳوليندو رهيو، مگر دوشيزه ڪٿي به نظر ڪا نه آئي. ها! هن ڳوٺ جي قبرساتن ۾ هڪ نئين قبر ڏٺي.......... انهيءَ دم، ڪڪر جي هڪڙي ٽڪر چنڊ جي چهري تي چند گهڙين لاءِ نقاب ويڙهي ڇڏيو.

چنڊ حيران ٿي ويو..........

ڇا ائين به ٿي سگهي ٿو ته جڏهن ڪنهن دوشيزه جي روح کي ڪو صدمو ٿو پهچي، ته هوءَ اهو صدمو نه سهي، دائمي طرح دنيا کان منهن لڪائي ڇڏي!

چنڊ جي دل ۾ آيو ته آسمان جا سڀ تارا ٽڪر ٽڪر ڪري، انهيءَ نئين قبر تي وجهي ڇڏي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com