سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1956ع (1)

مضمون

صفحو :30

مهراڻ جا موتي

- استبداد ۽ظلم جي بقا ۽ جٽاءَ لاءِ ضروري آهي ته عوام کي جاهل رکجي ۽ کين وهم ۾ مبتلا ڪجي. ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ مذهب جي اوٽ ۾ لڪل غلط مذهبي پيشوائن ۽ جاه پسند پيرن ۽ اميرن کي استعمال ڪيو ويندو آهي. جڏهن عام ماڻهو سمجهه ۽ سوچ کان محروم ٿي ويندا آهن، تڏهن استبدا ۽ ظلم پوريءَ طرح زور وٺندو آهي، ۽ ويچارو عوام اکيون ٻوٽي هلڻ شروع ڪندو آهي. پوءِ، جئن پتنگن کي باهه ۾ سڙڻ کان روڪڻ سولو ڪم نه آهي، تئن انڌن ۽ ٻوڙن تي مشتمل هڪ وڏي گروههَ کي ظلم ۽ ملوڪيت جي باهه ۾ سڙڻ کان روڪي سگهڻ ناممڪن آهي.

بصيرت ۽ بصارت کي ته ائين تباهه ڪيو ويندو آهي- پر جسم کي تباهه ڪرڻ لاءِ وري رزق جي وسيلن تي قبضو ڪيو ويندو آهي، ۽ عوام کي فاقن ڪڍڻ تي مجبور ڪري، سست ۽ ڪاهل، بزدل ۽ ڪمزور بنايو ويندو آهي. اهڙي وقت ۾ ظلم پوريءَ طرح قوم کي غلام بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو آهي ۽ پنهنجي رعيت جي دلين ۾ هيءَ ڳالهه پَڪيءَ طرح وهارڻ ۾ ڪامياب ٿيندو آهي ته:

حقن جي طلب ڪندڙ باغي آهن، ۽ پنهنجو پاڻ اسان جي آسري ۽ زباني گهنترين ۽ ڏٽن تي ارپڻ ڪندڙ وفادار آهن. ذهين ۽ عقل وارا ۽ اسان جي حرڪتن کي سمجهڻ وارا بي دين ۽ لا مذهب آهن؛ پر اسان سا ها ۾ ها ملائيندڙ، اوباش ۽ عياش، بي ضمير ۽ خوشامدڙيا، ديندار ۽ مذهبي، سچا ۽  ايماندار آهن. غيرت فتنو آهي، ۽ خودداري سرڪشي آهي. آزاديءَ  جي طلب حماقت آهي، ۽ انسانيت حيوانيت آهي. مڪاري دانائي آهي. ۽ چاپلوسي اخلاق آهي تدبر ”نفاق“ آهي، نفاق ”عقل“ آهي!“

-ڪائونٽ

- وهمي ماڻهوءَ جي دنيا ئي وهمي آهي. هو ويچارو اهڙيءَ دنيا ۾ ٿو گذاري، جنهن کي نه ڪنهن ڏٺو آهي ۽ نه ٻڌو آهي- نه ان جو ڪو وجود آهي. ۽ نه ان کي معلوم ئي ڪري سگهجي ٿو: وهمي ماڻهو مرگهيءَ جي بيمار وانگر هميشه ٿڙندو ۽ ٿاٻڙندو وتندو آهي. ڪير به چئي نه ٿو سگهي، ته کيس ڇا مليو ۽ کانئس ڇا ويو!  

جمال الدين افعاني.

- وقت جا برقي گهوڙا، غيب جي قوتن هٿان چابڪ کائيندا، اسان جي قسمت جي مختصر گاڏيءَ کي، اسان جي چوڻ کان سواءِ ئي، اڳتي – تيئن اڳتي- هميشه ڊوڙائيندا ٿا رهن! اسان جي اختيار ۾ شايد رڳو هي آهي ته همت ٻڌي واڳن کي چنبڙيا پيا هجون ته جيئن گاڏيءَ جي ڦيٿن کي سامهون اڀ ڪپرين، مٿانهين ۽ هيٺانهين کان ڪجهه موڙي سگهون. ڪيڏانهن ٿا وڃون؟ ان جي ڪنهن کي ڪهڙي خبر؟ اسان کي ته اها به خبر پئجي نه ٿي سگهي ته آيا ڪهڙي پار کان آهيون.....“

گٽي.

- اسين ايتريءَ جستجوءَ ۾ آهيون ۽ تحرير تقرير ۾ ايترو ته سست آهيون، پنهنجي قاعدي جي ڪمن ۾ ايترو ته غرق آهيون، جو اسان کي هڪ ڳالهه جو سماءُ ئي ڪونه ٿو پوي: اها ڳالهه جنهن جي ڪجهه ڀاڱي جي حيثيت ۾ اهي سڀيئي ٿيندڙ ڳالهيون اچي وڃن ٿيون: اها آهي زنده رهڻ، هڪ هنڌ قيام ڪري تصور عام ڪرڻ، پاڻ کي مڪمل صورت ۾ پيش ڪري ڏيکارڻ،  همدرديءَ سان پاڻ کي سينگارڻ، موجوده قيام گاهه، موجوده حالت، موجوده وقت ۾ پاڻ کي سکيو سمجهي راضي رهڻ، ان کان وڌيڪ حڪمت ۽ چڱائي کي سڃاڻڻ لاءِ ڪا ٻي طرز عمل ٿي سگهي ٿي؟

- گمنام

-جڏهن مان انسان جي تاريخ متعلق ڪافي ڄاڻ حاصل ڪري چڪس، تڏهن ورڊس ورٿ جيان گهڻو ڪري اداس رهڻ لڳس- ورڊس ورٿ، جو هميشه اهو  ويچاري اداس گذاريندو هو ته ”انسان، انسان سان ڇا نه ڪيو آهي!“ واقعي ڪيڏي نه المناڪ چيز آهي جو اڄ به انسان نوع انسان جو شڪاري آهي!

انسان کي نانگ، چيتي، شينهن ۽ ٻين جهنگلي جانورن ايترو ته چيريو، ڦاڙيو ۽ ماريو آهي جيترو انسان. مون کي اهو معلوم هو. ماڻ ڄاڻندوهوس، مان محسوس ڪندو هوس، پر ان جي باوجود مون کي اها اميد هئي ته ضرور ڪا جاءِ اهڙي به هوندي، ڪو مندر اهڙو به هوندو، جتي انسان جو غير فاني روح ڪڪرن ۾ لڪل سج جيان موجود هوندو. ۽ آخر ”ادب“ جي وسيلي مان ان مندر تائين پهچي ويس.

 – ٽئگور

هر شخص پنهنجي دل کان سوال ڪري- پوشاڪ، خوراڪ، روپيا يا ملڪيت- ڇا، انهن مان ڪا به چيز اوهان جي دل کي پوريءَ طرح مطمئن ڪري سگهي ٿي؟

زندگي، زندگي ئي تڏهن آهي، جڏهن کيس پنهنجي مرضيءَ کان ڪم وٺڻ، ڪنهن جو محتاج نه هجڻ، ڪنهن جو رعب نه سهڻ يعني خود مختيار هجڻ ميسر آهي. خودمختياري ئي هر هڪ سڪون ۽ اطمينان جو پيمانو آهي.

ملٽن به چيو آهي ته:

”بهشت ۾ غيرمختيار رهڻ جي بنسبت

مون کي جهنم ۾ خودمختيار رهڻ پسند آهي.“

ڪنهن به بريءَ حالت ۾ رهڻ قبول نه ڪريو، هر انسان عمدي ۽ خوبصورت دنيا جو وارث آهي. عمل کان ئي زندگي ”جهنم“ به بڻجي ٿي  ۽ ”جنت“ به. اميري ڪو به گناهه ڪونهي؛ ۽ غريبيءَ نماڻائيءَ ۽ ذلت جا فائدا بيان ڪرڻ پاڳلپڻو آهي، ۽ قدرت جي بيعزتي آهي.

ڪنهن جو ماتحت ۽ محتاج بڻجڻ، پنهنجي اصليت کان انڪار ڪرڻ آهي، ڪنهن به انسان اڳيان برڪتن ۽ غيبي مددن حاصل ٿيڻ لاءِ جهڪڻ،انسانيت سان بيوفائي آهي، ڪنهن سان نفرت ۽ حسد رکڻ غلاميءَ جو نشان آهي، ڪو به شخص غلام ۽ محتاج رهي نه ٿو سگهي بشرطيڪ هو خود ان لاءِ تيار نه هجي.  – سردار گودبخش، ايڊيٽر ”پريت لڙي“

- جڏهين ماڻهو تو ۾ اهڙي صفت بيان ڪن، جا تو ۾ نه هجي، تڏهين سندن تعريف کان مغرور نه ٿيءُ، ڇو ته جاهلن جي چوڻ سان ٺڪري سون ٿي ڪا نه پوندي آهي. – لقمان.

- سڀ کان وڌيڪ بيوقوف اهو شخص آهي، جو ستل فتني کي جاڳائي ۽ جيڪو ڪم آسانيءَ سان ٿي سگهي، ان جي نوبت لڙائيءَ جهيڙي تائين پهچائي، پنهنجيءَ گهڻيءَ قوت تي اعتماد ڪري دشمن سان هروڀرو وڙهڻ جو اپاءُ ڪري، ڇو ته کڻي ”ترياق“ موجود هجي، پر انهيءَ جي اميد تي رؤ ڪري ”زهر“ نه کائڻ گهرجي. – سقراط

- انسان کي ڪيترائي نقصان هن سبب کان پهچن ٿا جو هُو ماڻهن سان مشورو نه ٿو ڪري. – افلاطون.

- پنهنجي عضون کي محنت ۽  مشقت جو عادي بناءِ، توڻي کڻي تو وٽ گهڻائي نوڪر هجن، ڇو ته جيڪڏهين ڪو اهڙو اتفاق ٿيو، جو هو تو وٽ نه رهن، ته ان وقت تون بلڪل اپاهج ٿي ويندين ۽ اهڙو اتفاق دنيا جي دؤر کان پري به ناهي. – ارسطا طاليس

- مٿي جو فاسد معدو غر غرن سان، معدي جو قي سان، آنڊن جو دستن سان، کَل جو پگهر سان، ۽ رڳن جو سير ڇوڙائڻ سان دور ٿي ويندو آهي. پر دل ۾ ڄميل مَرُ دور ڪرڻ ڏاڍو مشڪل آهي. – بقراط

- ماڻهن ۾ طاقت جي گهٽتائي نه هوندي آهي، پر قوت ارادي جي ئي ڪوتاهي ٿئي ٿي. – وڪٽرهيوگو

- مون اهڙا ماڻهو ڏٺا آهن جي رواداريءَ جي وڏي وات وڪالت ڪندي، پنهنجي سر پاڻ شديد تعصب ۾ ڦاٿا پيا هوندا آهن. – ڪالرج

- جو شخص روزانو هڪ ڊپ دفع ڪري ٿو، سو ارتقا جي ڏاڪڻ تي چڙهي ويندو. – ايمرسن.

- جيڪڏهين اوهين زندگيءَ ۾ ڪاميابيءَ جي تمنا رکو ٿا ته مضبوط ارادي کي دوست، تجربي کي صلاحڪار، احتياط کي وڏو ڀاءُ، ۽ اميد کي پنهنجو سرپرست بنايو. – ايڊيسن.

- جيڪي مشڪلات جو مقابلو ڪندي گهٻرائيندا آهن،تن تي ئي وڌيڪ مشڪلاتون اينديون آهن.

– اسٽينلي.

- طبيعت جي يڪسوئيءَ سان ڪو به ڪم شروع ڪري، ڪمزور کان ڪمزور انسان به ڪجهه ڪري ڏيکاري سگهي ٿو، پر وکريل طبيعت شخص مضبوط ۽ طاقتور هوندي به گهڻن طرفن ڏي پنهنجو ڌيان وراهڻ سبب ڪجهه نه ٿو ڪري سگهي. پاڻيءَ جو هڪ ڦڙو ڪنهن هنڌ لڳه لڳو ڪرندو رهندو، ته نيٺ هو مضبوط پٿر ۾ به ٽنگ ڪري سگهندو؛ پر جلد باز لهرون زور شور سان اچن ٿيون ۽ پٿرن سان لڳي واپس وڃن ٿيون،سندن نشان به باقي نه ٿو رهي.

– ڪارلائل.

��


 

 

سنڌي نثر مان مثالي فقرا

 

”سنڌي شعر جي نهر، انهي بيٺل جيوت جي جبل مان آجي ۽ آزاد ٿئي-  تنهن لاءِ هڪ وڏي شاعراني شڪتيءَ جي ضرورت آهي. اهاشڪتي نئين زماني جي نون ويچارن ۽ وٿن، نون جذبن ۽ جوت کي نئين زماني جي نئين النڪار ۽ روپڪ جي ويس ۾، ڪوتا ۾ آڻي، اها جولاني جنبش اٿاريندي، جو سنڌ جي شاعراني نهر، هڪ ئي طاقتور اڌمي سان اٿي گجگوڙ ڪري وهڻ لڳندي. ٽڪرين ۽ دڙن تان نچندي، چمڪندي چهچٽا ڪندي، سنڌ جي ماٺيڻي ميدان ۾ ٻاروهي پيئي وهندي ۽ سندس نرمل پاڻي ۾ نئين روشني جو روشن آفتاب جهلڪا ڏيندو، سنڌين جي اک ۾ نئين چمڪ، ۽ سندن دل ۾ نئون امنگ ۽ آنند پيدا ڪندو. اهڙي شڪتي، ڪيئن چئجي ته ڪڏهن، انساني جامو پهري سنڌ جي سرسبز ٿيندڙ ڪهني ديش ۾ جنم وٺندي!“ – (چونڊيندڙ: منگهارام ايل. ”اوجها“. سنڌو سيپٽمبر 1933ع تان ورتل)

-”ڌيئڙي، سياڻي زال، جنهن جو هڏ گٺل، جنهن کي گهر جي سهيڙ سنڀال لاءِ ۽ ڪيوٽ جي اون، ڪانڌ انهيءَ جو ڪوڏيو اٿئي. ملهه ان جو سون کان سرس، ۽ هيرن جواهرن کان وڌ. ڪانڌ اڳيان ڪنوار اهڙي سونهي. سورهن ئي آنا ان ۾ ڀروسو، گهر ان جو سدا بهار، سدا آباد ۽ سکيو. سندس زال، ان ٿي، ڪپهه ٿي، هٿ ڪري ويهي ڪاپوڪري. اڻ اڀرئي اٿي، ساري گهر جي رسد رسائي. ڪهڙو به اٺڪاٺيوڪم، تنهن کان ڪين ڊڄي. گوڏو کوڙي، ڪري اٿي ته به وهڻ واري نه آهي. ڪنهن نه ڪنهن ورتڻ کي وڃي لڳندي. ڏکئي بکئي ننگي محتاج اڳيان مٺ نه ڀيڙيندي. غريب غربي کي ڏيڻ کان ڪين ڪيٻائيندي. نه اٿس ٿڌ جي ڳڻتي نه سيءَ جو الڪو. ڏس ته سڄي گهر کي دهرا اوڍيل ڪپڙا، سبڻ ڀرڻ ۾ هوشيار پاڻ به پوشيدي پهريل، عقل ۽ سياڻپ جا ٻول ٻوليندي، زبان مان ميٺ ۽ قرب جي اوت اوتيندي. سڄي گهر تي سندس نظرداري. اجايو وڃائڻ نه ڏيندي. سليو ساٿ ٿي ماني نه کائيندي.

اهڙي کي سندس اولاد هٿ کڻي آسيسون ڪندو ۽ ڪانڌ ان جو سندس ساراهه مان نه ڍاپندو.“ (سنڌي درسي ستين ڪتاب مان ورتل؛ لکندڙ: پرمانند ميوا رام؛ چونڊيندڙ: منگهارام ايل. اوجها)

- ”مون کي يقين آهي ته علم لغات جي قائل کي، هندستان جي ٻين ٻولين کان، سنڌيءَ جو اڀياس وڌيڪ دلڪش لڳندو؛ ڇو ته ان ۾ ڪي اهڙيون خوبيون سمايل آهن، جي ٻين مڙني هندستاني ٻولين کان نراليون آهن.“
(ڪئپٽن جارج سٽئڪ- ميشرس دوار ڪاداس جي ڇپايل انگلش سنڌي ڊڪشنريءَ تان ورتل: چونڊيندڙ: موتيرام سونيجي- بمبئي)

- ”آءٌ نڪي شاعر آهيان، نڪي نثر جو اڳوان. آءٌ هڪ ادنيٰ اخبار نويس آهيان. سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻيا وڏا ماهر آهن، سنڌي ساهت جا ٻيا وڏا ڄاڻو آهن، مگر سنڌي ساهت منجهه جو خيال ۽ خوبي، جو حسن سندو حق سمايل آهي، آءٌ تنهن جو مشتاق آهيان. آءٌ انهيءَ سندس ڪلي درسن تي مست آهيان. دنيا جي ساهت جي ڀيٽ ۾ آءٌ سنڌ جي انهيءَ ساهت کي گهٽ نه ٿو ڀانيان. سنڌي ٻوليءَ جو آءٌ هڪ قربدار ٻانهو آهيان. اوهان کي سڪ مان سڏ ٿو ڪريان ته ”اچو ته سنڌڙي ۽ سنڌ جي شيوا ۾ شامل ٿيون. سنڌي ساهت کي سڌارڻ ۽ وڌائڻ به هڪ وڏو شيوا جو ڪم آهي.“ – (ڄيٺمل پرسرام – اصل 1933ع ۾ لکيل، جو وري شريمتي ديوي رامچند گلراج جي مهتميءَ هيٺ شايع ٿيندڙ ماهوار مخزن ”روح رهاڻ“ ، بمبئي، جي جنوري 1955ع واري پرچي ۾ ڇپيو؛ چونڊيندڙ: موتيرام ڏامون مل سونيجي، ڪانديولي، بمبئي.)

- ”پنهنجي حقير ذهن ۽ تصور جي هيءَ اُڌاري ورتل پونجي وابسته ٿو ڪيان انهيءَ معصوم محبوبه جي پاڪيزه و دلنواز ياد سان جيڪا، منهنجي رفيقه حيات هئي، ۽ جنهن پنهنجو ثمر حيات منهنجي حوالي ڪري مون سان حياتيءَ جي رفاقت جا ڌاڳا ڇنا، ۽ مون سان هميشه، هميشه جون موڪلاڻيون ڪيون!

”هڪڙي ڀيري جڏهن مون کيس ”ايمليءَ“ جا پهريان ورق پڙهي پئي ٻڌايا سمجهايا، تڏهن پاڻ هڪ نفيس ۽ دلگداز آواز ۾ چيائين: ’هي جو هاڻي منهنجي ساهه سان گڏ ٻيو ساهه مون وٽ آهي، سو جڏهن منهنجي ساهه کان الڳ پنهنجي منهن ساهه کڻڻ جهڙو ٿيندو، تڏهن هن کي ڏسان ته تون ڪهڙو پختو ۽ قابلڪار ٿو بڻائين! اڳي چوندي هيس ته شل منهنجي عمر به توکي ملي، پر هاڻي چوان ٿي ته شل تنهنجي حياتي به هن کي نصيب ٿئي: شل هيءُ اسان جو روشن تارو جو هاڻي اڀرڻ وارو آهي، دنيا جي آسمان تي هميشه، هميشه چمڪندو رهي! بس، اهي ئي سموريون آهن منهنجي دل جون باقي اميدون!

”ڪٿي آهي اهو سماج، ڪٿي آهي اهو انصاف ۽ اها آزادي، جنهن ۾ ههڙيءَ ساهه صدقي ڪندڙ، مهربان، مٺڙيءَ ”ماءُ“ جون اهي محبت ڀريون معصوم اميدون پوريون ٿي سگهن؟“ (ايميلي عرف تعليم“ ڪتاب (مترجم – محمد ابراهيم جويو) جو انتساب. چونڊيندڙ: ماستر محمد هاشم ٽنڊو محمد خان)


 

 

پڙهندڙن جا پيغام

 

جناب ايڊيٽر، ”مهراڻ“- رسالي جي 3 پرچي ۾ ”گذارش“ پڙهندي، توهان صاحبن جا سنڌي لکجڻ بابت املهه موتي هٿ اچي ويا. سچ پچ ته اهي لفظ رسالي جي سچي سونهن آهن! ۽ انهن بابت وڌيڪ کليل سمجهاڻيءَ جي گهرج اٿم. اميد ته ڪيل عرض جي پورائي ٻئي نڪرندڙ پرچي ۾ ڪرڻ فرمائيندا.

[1]اوهان صاحبن لکيو آهي ته ’مون کي‘ ’صحيح‘، ’مونکي‘ ’غلط‘ آهي،
’منهنجو‘، ’پنهنجو‘، ’تنهنجو‘، ’صحيح‘ آهي، ۽ ’منهن جو‘، ’تنهن جو‘ وغيره غلط آهي.“ عرض آهي ته ترڪيب ڪرڻ وقت، ”مون“ضمير متڪلم ۽ ”کي“، حرف جر ڄاڻائبو- وري ”منهنجو“ جي ترڪيب وقت به لفظ کي ڇني، پوءِ ترڪيب ڪبي (منهن +”تنهن“ ضمير حاضر، ”جو“ حرف اضافت.) حرف اضافت، حرف جر جو ٻيو نالو آهي. اوهان صاحبن ”مون کي“ جداڪري لکيو آهي ۽ ”منهنجو“ گڏي لکيو آهي. آءٌ انهيءَ راءِ جوآهيان ته ”منهن جو“ لکڻ جو نمونو جدا صحيح آهي. تنهن هوندي به اوهان صاحب ان لاءِ مدلل ثابتيءَ سان سمجهائيندا، جيئن ٻيا حضرات پڻ معلوم ڪن.

[2]: ۽ ”  “ ۽ ’  ‘ ۽ - هي نشانيون ڪهڙين جاين تي ڪم اينديون آهن؟ بهتر ٿيندو ته مثال ڏيئي جملن ۾ ڪم آڻي ڏيکاريو.

[3]موجوده ڪتابن ۾ ”سڀاڻي“ جو لفظ ”سڀاڻي ۽ صبحاڻي“ ٻنهي نمونن ۾ لکيل آهي- انهن مان صحيح يا غلط ڪهڙو آهي، ۽ ڇو؟

[4]پهرئين ڪتاب ۾ ”ٽمِڪِن“، اَچَن“ وغيره ۾ نون غنه“ ظاهر طرح چيو ٿو وڃي، پر ”ڪنهن“، منهن (جو)“ وغيره جو ”نون“ ظاهر نه ٿو ڪيو وڃي. جيتوڻيڪ ٻنهي جون اعرابون ساڳيون آهن- ائين ڇو آهي؟

[5]سنڌي ڪتاب جي 3 صفحي ۽ 5 صفحي ۾ لفظ ”اڃا“ نون کان سواءِ لکيل آهي، ۽ ”مهراڻ، جي 31 صفحي، ۽ ستين ڪتاب جي 93 صفحي ۾ ”وڃان“ نون سان لکيل آهي. ”وڃا“  ۾ ڪهڙو فرق آهي، جو هڪ کي ”نون“ سان ۽ ٻئي کي ”نون“ جي بغير لکيو ويو آهي؟

[6]چارئي رسالا ادبي نقطي نگاهه کان معياري مضمون سان سينگاريل آهن. ته به هن چوڻ کان رهي نه ٿو سگهان ته مضمون، افسانا خواه نظم اڃان به موجوده دور جي گهرجن موجب هئڻ گهرجن، اڪثري شاعر حضرات پنهنجو شعر پراڻي خيال جي قالب ۾ پلٽيندا اچن. صرف لفظن جي مٽاسٽا ڪرڻ تي اڪتفا ڪئي پيئي وڃي. هونئن به شعر ۾ مبالغي جي گهڻي گنجائش آهي ۽ اها شاعري دنيا ۾ آهي به مباح- پر شاعر صاحبن کي اهو سوچڻ ۽ سمجهڻ گهرجي ته موجوده دور جي ”عوام“ کي ڪهڙي نظم جي گهرج آهي؟ ڪوشش ڪري گهربل مقصد لاءِ دماغ سوزي ڪري پنهنجا خيال عوام جي اڳيان پيش ڪجن. اوهان به گهربل مقصد وارا شعر شايع ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو. ”مهراڻ“ جي ڪنهن پرچي ۾ اوهان صاحبن شعر جي مرڪزي خيال بابت اپٽار ڪئي آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو اٿو ته ”سنڌي نظم جو مرڪزي خيال گهڻو ڪري مجازي ۽ حقيقي عشق جي دائري کان ٻاهر بلڪل ٿوري انداز ۾ آهي. اڃان تائين انهيءَ خيال جو تقليد ٿيندي اچي“- اهو بلڪل سچ آهي.

آءٌ پاڻ پڇندس ته ڪن جزوي  شاعرن  جي ڪلام کان سواءِ حقيقي شعر ۾ ڪيتري صداقت آهي؟ ۽ مجازي شعر جي اسان کي ڪهڙي گهرج آهي؟ رزم جي جاءِ بزم،۽ اصلاحي جي جاءِ هَجو ۽ خوشامد اچي والاري آهي، ۽ بزم اسان جي ذهنيت کي ايتري قدر سوڙهو ۽ تنگ ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي تلافي صدين بعد ٿيندي! بنده ماستر محمد عالم لغاري، هه.م. اسڪول سعيد خان لغاري، تعلقو هالا.

- پيارا مهتمم ”مهراڻ“، اڄ منهنجي آڏو ”مهراڻ“ جا گذريل چار پرچا آهن. اڳ اهي جدا جدا وقتن تي پڙهيا اٿم ۽ هن وقت سڀئي هڪ ئي مهل ڏسي رهيو آهيان. مان اها ڳالهه چڱيءَ طرح سوچي سمجهي ٿو چوان ته سنڌيءَ ۾ اهڙو رسالو اڳي ڪڏهن به ڪونه نڪتو آهي.

- پر هڪڙي شڪايت اٿم اها هيءَ ته ”مهراڻ“ جي چئني پرچن مان هڪ ۾ به سنڌي لوڪ ساهتيه بابت يا لوڪ گيتن بنسبت ڪجهه به نه آهي. اهي لوڪ گيت سنڌ ۾ ته جام هوندا. شادين تي ڳائڻ ۾ ايندڙ سهرا، ٻارن کي ننڊ ڪرائڻ وقت مائرن جون،لوليون، کيتن ۾ ڪم ڪندي هارين جا گيت، رستن تي پورهئي ڪندي مزورن جا گيت، زالن جا جنڊ پيهندي سنهڙا سـُر َ – اهي ئي ته لوڪ گيت آهن!  ۽ صحيح معنيٰ ۾ اسان جو سچو ادب ته اهو آهي. سنڌ جون لوڪ ڪٿائون، جي مائر رات جي وقت ٻارڙن کي ٻڌائينديون آهن- ڳالهر ميڙاڪن ۾ ويهي ڳالهيون کڻندا آهن، اهي لوڪ ڪٿائون ”مهراڻ“ ۾ ڪٿي؟ سنڌي ناچ، ڇيڄ وغيره جا چتر مهراڻ ۾ ڪو نه آهن- ڪيئن! اهي توهان جي نظر ۾ اهميت وارا نه آهن ڇا! جي آهن ته پوءِ انهن جي ڪمي ڇو؟ - اوهان جو نارائڻ ڀارتي، بمبئي. (ڏسو هن پرچي جي گذارش! – ايڊيٽر)

- ”مهراڻ“ جا مدير، خوش هجوشال! ”مهراڻ جو چوٿون پرچو مليو- اچرج جهڙي ڳالهه آهي، يڪدم سال گذري ويو! انسان هميشه کان ماضيءَ کي پوڄيندو آيو آهي، ۽ مان به گذريل وقت جي آئيني ۾ جهاتي پائي ڏسان ٿي ته عجب ٿو لڳيم- ڇا ڏسندي ڏسندي سال گذري ويو! الله ڪندو ”مهراڻ“ جي عمر خضري ٿيندي ۽ سنڌين کي سيراب ڪندو رهندو. منهنجي ساهيڙي بانو چوندي آهي، ”ادب زندگيءَ لاءِ آهي.“ پوءِ ڀلا جڏهن اسان جي زندگيءَ جا هزارين عنوان آهن، يعني نفاست، ترتيب، حسن ۽ خيال، معلومات ۽ ڄاڻ، تنقيد ۽ وغيره- انهن جو اڀياس ڪڏهن ڪنديون سين؟ منهنجي ننڍڙي ڌيان موجب ان جو فقط اهو ئي اڪيلو وسيلو آهي ته اسان انهن موضوعن تي لکون- پنهنجي لکڻيءَ ۾ ”تڪڙ“ پيدا ڪيون، قلم جي رفتار ۾ تيزي آڻيون، ۽ پوءِ پنهنجي ديسي ادب کي خريد ڪيون، ميڙيون ۽ سانڍيون، پڪ آهي ته هڪ ڏينهن سنڌيءَ ۾ هر علم تي ڪتاب موجود ملندا- اجايو ٻين ڏي ڏسڻو نه پوندو؛ ٻين کان قرض کڻي کنڌا ڪارا ڪين ڪرڻا پوندا- ۽ پوءِ سنڌي کي ٻين ٻولين سان ڪلهوڪلهي سان ملائي بيهڻ ۾ شرم نه ايندو. يقين آهي ته پوءِ صحتمند ادب جي تخليق ٿيندي، ۽ زندگيءَ جي هزارن بابن جو مطالعو ٿي ويندو، ۽ زندگيءَ جي حقيقتن سان به شناسائي ٿي ويندي.

خلوص ڪار مينڌري سعادتي، حيدرآباد (سنڌ)

سمپادڪ سائين، جئين سدائين! سنڌي ساهتيه تي اونداهيون ڇانيل هيون، هلڪيون هلڪيون، گهاٽيون گهاٽيون اونداهيون. سنڌي ادب پراڻين غيرآباد ماٿرين ۾ پئي ڀٽڪيو. پر چار مندون اڳ، هڪ چنڊ- چوڏهين جي چنڊ جيان روشن  چنڊ- سنڌي ساهتيه جي آڪاش تي اڀريو - ۽ اهي اونداهيون پَر ڪري افق کان به پري- گهڻو پري – پرواز ڪري ويون! سنڌي ادب پراڻين ۽ ڦٽل ماٿرين مان نڪري، هاڻي نين من موهيندڙ جس ڀريل وادين ۾ پير پاتو آهي، جتي کيس اهو چنڊ پنهنجي ٿڌي ۽ وڻندڙ چانڊاڻ ۾ تَڙ پيو ڪرائي، چلڪائي پيو، چمڪائي پيو! ان لاءِ لکَ لکَ مبارڪون هجنوَ!

جيئن ڌرتيءَ جي چنڊ ڪڍ چڪور چڪرن ۾ آ، تيئن هِن چنڊ ڪڍ به ڪئين مستانا آهن- متوالا آهن. منهنجو من به پيو گهُري ته مان هِن چندرما جي چانڊاڻ ۾ وهنجندي، هِن اُملهه ماڻڪن جي اَکُٽ مهراڻ مان، ٽوٻئر ٿي، ماڻڪ موتي ڪڍي، ساهه سان سانڍيندي- ان جا انيڪ نياپا هنئين سان هنڊائيندي - ۽ هن جي لهرن ۾ لِڪل ڀالا سهندي، پنهنجي حياتي گذاري ڇڏيان، پنهنجو جيون صرف ڪري ڇڏيان!

هائو سائين! ”مهراڻ“ چنڊ آ، چوڏهينءَ جو چنڊ. پر منجهس ڌرتيءَ جي چنڊ جيان داغ به آهن، ڪارا ڪارا داغ! هن ماڻڪن جي مهراڻ ۾ ڪي پهڻ به آهن- هن مهراڻ جون ڪي لهرون محض ڏيکاءُ آهن. ڏيکاءُ، جنهن مان نڪو نياپو ئي جهاتي پائيندو آهي ۽ نه وري منجهس ڪي ڀالا ئي لڪيل هوندا آهن- ۽ سائين اهو ڏسي دل کي رنج رسندو آهي- رنج!

”مهراڻ“ نئين طرز جي ادب جو هڪ پودو آهي، ۽ هن ٻوٽي جي عمر ڇڙا چار پلڪ آهي. اوهان هن ٻوٽي جا پوکيندڙ آهيو ۽ مالهي پڻ! آس اٿم ته توهان هن ڪچي پودي کي پنهنجي دل جو رت ۽ آتما جي رَسُ ڏيئي، جڳ جي طوفانن ۽ باهين کان بچائي، پرگهور لهي هڪ وڻ ڪري ڏيکاريندا.... ۽ آءُ ڏسان پيو اهو پودو وڌي هڪ وڏو مضبوط ۽ گهاٽو وڻ ٿي ويو آهي. سندس ٽاريون ايترو ته وڌي ۽ ڦهلجي ويون آهن، جو ان جي ڇانو، هڪ دنيا کي آسماني آفتن کان، بچايو ويٺي آهي. ان وڻ جي مٿان سهسين پکي ويٺا آهن- مٺي ۽ من موهيندڙ لات لنوڻ وارا، رنگن جا، قسمين قسمين پکي! اجهي هي اڃايل آتمائون، هن وڻ جا ميوا کائي ۽ ميون جي ٿڌي، مٺي رس پي، سندس گهاٽي ۽ ٿڌي ڇانو هيٺان ويهي، پکين جون وڻندڙ ٻوليون ٻڌي، پنهنجو ٿل لاهڻ ۽ پاڻ کي نو بنو ڪري رهيون آهن، ته جيئن هو، نون اتساهن ۽ تازن امنگن سان، پنهنجي ماڳ تي رسڻ لئي اُٿي اڳتي وڌن، ۽ کين پڪ آهي ته هن وڻ هيٺان ٿڪ لاهي اڳتي وڌندا، ته کين پنهنجي منزل ضرور ملندي! ۽  - ۽ مان اهو به پيو ڏسان.... ڀٽائي گهوٽ جو روح، جو ڪجهه وقت اڳ بيقرار ۽ ڏکايل هيو، سو هن وڻ کي ڏسي پنهنجي سنڌ ۽ پنهنجي سنڌيءَ کان خوش ۽ مطمئن آهي.

ڀائو! وقت هڪ مهاساگر آهي، ۽ ”مهراڻ“ اُتس لڏندڙ لوندڙ ڊونڊي. ان ڊونڊيءَ جا پتڻ، اوهان کي هڪ مضبوط ۽ مشتاق ملاح سمجهي، ڏنا ويا آهن. وقت جي مهاساگر ۾ ڪيئن طوفان ايندا، پاڻيءَ اندر لڪل ٽڪريون اينديون. توهان کي هيءَ ڊونڊي طوفانن ۽ ٽڪرين کان بچائي ٻيءَ ڀر پهچائڻي آهي! اسان مهراڻين جون دعائون اوهان سان آهن- ۽ ڌڻي اوهان کي پنهنجي فرض پوري ڪرڻ جي سگهه ڏيندو!

مون پنهنجي گودڙيءَ مان، الائي ڇا، موتي سمجهي ڪڍيو آهي، جو اهان ڏي جدا موڪليان پيو. اوهان پرکيوس- معيار جي ڪسوٽيءَ تي! جي سچ پچ ماڻڪ آ ته ساڻس ”مهراڻ“ کي سينگارجو. جي پهڻ نڪتو ته کيس اڳين اونداهين جيان پري اڇلي ڇڏجو- افق کان به دور! اوهان جو مهراڻي، خواجا سليم، 11، سنڌ مسلم ڪاليج هاسٽل، فريئر روڊ، ڪراچي نمبر 2.

- مٺڙي مـﮣ لقا ”مهراڻ“! تنهنجو ناز نياز، راز رمز ۽ زيبا قابل ستايش آهي. تون ڪنهن تعارف جي محتاج نه آهين.

تنهنجي اونهه اوسيئڙو اڻهي منهنجي جيءَ لاءِ جهوري ئي ٿو رهي، ۽ تنهنجو الڪو اڪانڊو هميشه هينئڙي اندر پيو هري ۽ هُڄي! تون سنڌين جي سونهن، ويڳاڻن جي ورونهه، اڻوسنديءَ جي وندر آهين. جي اياڻن ڪاڻ اوٽ آهين ته قربائتن واسطي ڪوڙڪي آهين. تنهنجي هر نقطي ۾ نڪتو آهي، ته تنهنجي هر سٽ ۾ سواد سمايل آهي. تون سنڌي ٻوليءَ جو اهوسندر ساگر آهين، جو پريتوان پڙهندڙن جي اکين جي اَلي ٿي اجهائين. اَويءَ سويءَ کي، ديسي پرديسيءَ کي پنهنجي ماڻ مئي مئو ڪري مائدي جي مال مليدن لئي موهين ٿي! جي ڪو توکي سنڌ جي صحابه ”مهراڻ“ يعني اڳوڻودرياءُ ڪري ليکي، ته به تنهنجو اڻميو اٿاهه جالارو جام جر، پٽن تي پالوٽ ڪري سنڌ سونهاريءَ جي پياسي ٻوٽن جي تاس تشنگي تمام ڪرڻ ڪاڻ ڪافي شافي آهي، پر تون ته علم حقيقت جو درياءُ آهين، شاباش هجي بلڪه ويهه لک واڌايون هجن، تنهنجن مُهتمن ۽ منتظمن کي، جن جاکوڙا جٽي، نور نچوئي توکي سيڙهي سموهي تنهنجي سجاوٽ ڪئي آهي. گويا قطرو قطرو ڳنڍي ڳوپي، ڳڻي ڳوتي ڪنارن جي وچ ۾ قابو ڪري قلزم بنايو آهي ۽ گيان وديا نديءَ جو روپ بخشيو آهي، ۽ تو ”لُڙ، لهريون لس ليٽ جتي انت ناهي آب جو“ پيدا ڪيو آهي! تون سنڌي جهالت جي اوڙاهه انڌوڪار جو اُجالو ۽ نيئر اعظم آهين. تنهنجو هر پرچو مون کي ائين ڀانپندو آهي، جئن حرفتي حريص واپاري صبح سج اڀرڻ جي مدح ۾ اکيون مهٽيندي چوندو  آهي ته ”اڀريو آهي لکن جو ڏاتار!“ آءٌ به تنهنجو نت نئون نروار ٿيل پرچو ڏسي، ڪپڙن ۾ نه پيو مائبو  آهيان، ۽ وري وري آئينده پرچي جي انتظار ۾ ڏهي پيل ڏسي، ڪاري ٻاڏ، اڻٽيهه اونداهيءَ جهڙو وچ وارو ويلو، ويجهيل ۽ وڇوڙي وند ويڳ پيو ڀاسندو اٿم. تنهنجي آمد جي مون جهڙن متوالن کي، مرڳو فڪر جي فرحي بر زبان ياد ڪرڻي پوندي آهي ڇو ته –

فڪر ته دنيا ۾ گهڻا، پر هن جو فڪر ٻيءَ طرح،

اي سونهاري، لاوارث سنڌيءَ جي نشامبر نشاني،

ديس جي ڌئل ۽ ڌوڻيل ڌڃاڻي، مهراڻ!

خوش هجين! آباد هجين! شل نه وسرين!

مرياد هجين!

شيدي ولي محمد طاهر زاده، ٽنڊوالهيار.

-ادا، سڄو سال ”مهراڻ“، ۾ ٽٻيون هنيون اٿم ۽ جيڪو بي پناهه مزو ماڻيو اٿم، تنهن جو ذڪر ڪري ٻين کي ڪجهه ڏيڻ نه ٿو چاهيان- ڀل ته مڙيوئي مون وٽ هجي. ”مهراڻ“ نه صرف اسان کي سرت بخشي آهي، پر اسان جا ڪنڌ ۽ ڪرنگها سڌا ڪري ڇڏيا آهن ته سنڌي پڻ فخر وٺڻ جي قابل آهي. اسان وٽ هتي ٻيو ته چڱو ادبي مال پيو پيدا ٿئي، پر اهڙو رسالو تحقيق وڏي همت ۽ سعيي جو ڪم آهي-      اوهان جو ڪيرت ٻاٻاڻي، باندرا، بمبئي.

- ادا ايڊيٽر، توهان جي ”مهراڻ“، ڏسي منهنجو ته نيڻ نيڻ ٺري پيو آهي. ايڏي معيار واري مخزن آءٌ ساري هندستان ۾ ٻي ڪا به ڪا نه ٿو ڏسان، سچ ته ”مهراڻ“ سنڌ جو شان بالا ڪيو آهي. اسان سڀني سنڌين کي ان تي فخر آهي، ناز آهي. اسان جي سنڌي ٻولي هندستان جي وڌان (constitution) ۾ داخل نه ڪئي ويئي آهي.  هينئر اسان جي ڪاميٽي ان لاءِ جاکوڙ ڪري رهي آهي. ”کير ڪميشن“ اڳيان پنهنجو ڪيس پيش ڪرڻو آهي. هو ان ڳالهه تي زور ٿا ڏين ته اسان جي سنڌي ٻولي هنديءَ کي ڪيتري قدر شاهوڪار ڪري سگهندي! انشاءَ الله ته فتح ڪنداسون.          منو گدواڻي، اجمير.

- ڀاءُ ايڊيٽر ”مهراڻ“، ”مهراڻ جي چندي وڌائڻ جو اطلاع پهتو. مهراڻ جهڙي بينظير رسالي جو چندو ڏهه روپيا ته ڇا پر هزار روپيا به ٿورو آهي. مان گهڻيءَ  خوشيءَ سان پنهنجا ٻه عزيز به خريدار ڪري موڪليان ٿي.   -مس علي بخش راڄپر،چيهو، پڊعيدن.

-هيءُ هڪ انتهائي ظلم ٿيندو، جو اڄ جهڙي نازڪ دور ۾ به اسان پنهنجي ادب کي اکيون ٻوٽي پڙهندا رهون ۽ ان جو صحيح جائزي وٺڻ جي ڪوشش نه ڪريون. منهنجي خيال ۾ اڄ ته پاڻ اسان تي زياده جوابداري عائد ٿئي ٿي ته پنهنجي ادبي شهه پارن کي ورائي ورائي پڙهون، تڪيون توريون، انهن جو اندازو لڳايون ۽ ڏسون ته منجهن ڪيتري قدر ادبي اگهائي آهي يا سگهائي.

مٿينءَ حقيقت جي مدنظر، ”مهراڻ“ جي جانچ پڙتال ڪبي، ته نه رڳو بار کڻي پنهنجي پيرن تي بيٺو آهي، پر منجهس زندگيءَ جي به ڪافيءَ کان ڪافي حرڪت پئي نظر اچي، ۽  يقين سان چئي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن انهيءَ سلسلي سان سندس وجود سالم رهيو، ته اهو ڏينهن پري ڪونهي جو ”مهراڻ“، پنهنجا ادبي فرض پورا ڪري، سنڌ جي ٻين ادارن جو به سونهون بنجي، کين پنهنجي ادبي معراج ڏانهن وٺي هلي.

هڪ ڳالهه جنهن جو اظهار ڪندي بيحد خوشي ٿي ٿئيم، سا هيءَ ته هر پرچي کي ڏسندي، جڏهن نون نون ليک ڪنتي نظر پوندي اٿم، تڏهن دل خوشيءَ مان مالا مال ٿي ويندي اٿم ۽ ازخود زبان مان ”مهراڻ“، لاءِ مبارڪ جا لفظ پلٽي پوندا آهن. ڇا هيءَ ”مهراڻ“ جي گهٽ خدمت آهي، جو ڏينهون ڏينهن سنڌ جو اهل قلم حقيقت جي جستجو ۾ ڪوشان نظر اچي. –اوهان جو ابن حيات پهنور، جهمپير.

- بندي جي نظرمان ڪيترائي سنڌي ۽ غير سنڌي رسالا گذريا آهن؛ ليڪن ”مهراڻ“ هر لحاظ کان هڪ معياري رسالو آهي- ائين کڻي چئجي ته هڪ املهه موتين جا جي بي پناهه کاڻ آهي.

”مهراڻ“ مون کي ته ايڏو پيارو آهي جو قسم آهي موليٰ جي هيڪڙائيءَ جو ته رات جو توڙي ڏينهن جوآرام وقت پنهنجي سري هيٺان رکي،آرام مان لطف اندوز ٿيندو آهيان، ۽ جتي به ويندو آهيان ”مهراڻ“ اصل ساڻ هوندو اٿم.

دعا آهي ته اسان جي سلوڻي سنڌي ادب جو هي روشن چراغ هر هڪ سنڌيءَ جي گهر ۾ ٻهڪندو نظر اچي. - دعاگو محمد قاسم ”شاد“ڪڇي، ڳوٺ قادر ڏنو شاهه، تعلقو ٽنڊو محمد خان.

- ”مهراڻ“ جي هن سال واري وهڪري، اسان تائين جي چار تحفا لوڙهي اچي ڪڍيا آهن، تن کي الاهي غنيمت ٿا سمجهون. ڪهڙي ڳالهه ڪجي انهن چئن تحفن جي – دل ئي ٺاري ڇڏيائون!

منهنجا سائين آءٌ نه اديب آهيان ۽ نه شاعر آهيان. مگر ”مهراڻ“ جي ملاحن اڳيان هڪ وانجهي آهيان- ۽ اڃا پيو ونجهڙا هڻڻ سکان -  نڪي منهنجي ادب جي ڪشتيءَ ۾ سڙه سوان ۽ لاڄو نوان آهن، نڪي عاج جا اولا آهن. نڪي پٽ جون رسيون آهن. مگر هڪ ميري ۽ ڦرهين کي ڦيٽ آيل ڊونڊڙي اٿم، جنهن ۾ سادو ۽ سستو وکر ونڌيو اٿم – سو خذمت ۾ موڪليان ٿو: شل قبول پوي!  -توهان جو ئي دائود پوٽو ”رفيق، سنڌي، ٽلٽي، سڏ، ”مهراڻ“ سنڌي ادب جو چمڪندڙ ۽ روشن ستارو آهي.....

وڏي خوبي، جا مون کي منجهس ڏسڻ ۾ آئي آهي، سا هيءَ آهي ته ڪٿي به ڪنهن به مضمون، افساني يا شعر ۾ عربي، اردو، پارسي وغيره جا ڳاٽي ڀڳا شَد ۽ مد ڪونهن- جنهن محنت لاءِ سڀ اُهي اديب حضرات مبارڪ جا مستحق آهن، جي اهڙيءَ طرح اصل سنڌي ادبي خزاني کي نئين سر زندهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

دعا آهي ته شال اسان جو پيارو ”مهراڻ“ ڦَلي ۽ ڦولي، وڌي ۽ ويجهي ۽ شال هي سنڌي زبان جو پاسبان ٿي، کيس ايترو وڌائي جو سنڌي زبان مغربي پاڪستان جي سڀني زبانن کان گوءِ کڻي، قومي زبان جو درجو حاصل ڪري- آمين.-”مهراڻ“جو متوالو عبدالرحمان پهوڙ، شاهه عبداللطيف گورنمينٽ ڪاليج، ميرپور خاص.

- سنڌي ادب به، سياست سان گڏ، گهڻو ڪي پئي سٺو آهي، ۽ ادبي دنيا ۾ نئين هلچل ۽ نئين جاڳرتا ۽ بيداري آڻڻ لاءِ ڪنهن اهڙي رسالي جي ضرورت هئي، جيڪا ”مهراڻ“ پوري ڪئي آهي. اسان جون توهان سان گڏ دعائون آهن.           - نارائڻ پراڳچند ”ناري“، حيدرآباد.

- سنڌي ادبي بورڊ جي طرفان شايع ڪيل ڪتاب ”فتح نامه سنڌ عرف چچنامه“ ۾ عاليجناب ڊاڪٽر بلوچ جيڪا تحقيق ۽ تدقيق ڪئي آهي، ان جي داد ڏيڻ لاءِ ته لفظ ئي ملي نه ٿا سگهن.

صاحب موصوف ”قصبه وجور ته“ بابت، باوجود ٿر کان اڻ واقفي هوندي به، جنهن دماغ سوزيءَ کان ڪم وٺندي، ان کي ”ونگو“ قرار ڏنو آهي، ان تي به بي اختيار صد تحسين جا لفظ زبان مان نڪرن ٿا. مگر اهو لفظ اصل ۾ ”وجوتره“ آهي، جنهن جو صحيح تلفظ ”وڄوٽهه“ آهي. اهو ڳوٺ ونگي کان اٽڪل ويهه ميل اڀرندي مٺيءَ ۽ نئين ڪوٽ جي پوري وچ تي آهي. سمجهجي ٿو ته عربن جي فتح وقت اتي ايڏو وڏو قلعو هو، جو اهو ڳوٺ ضلعي جو ڪم ڏيندو هو. – م. ع. ڏيپلائي.

 

��


 

تبصرا

سن ڌارٿ:

 صفحا 160، سائز ڊيمي، تصويرون ڏهه؛ اصل ليکڪ هرمن هيس، سنڌيڪار پروفيسر ايسرداس؛ شايع ڪندڙ- هندستان ڪتاب گهر، 23، حمام اسٽريٽ، فورٽ، بمبئي هن ڪتاب تي سندس جرمن مصنف هرمن هيس کي جڳ مشهور ”نوبل“ انعام مليو آهي، جنهن مان سندس بلند معيار جو اندازو ٿي سگهي ٿو. ڪتاب ۾ هڪ اهڙي شخص جي جيون ڪهاڻي ڏنل آهي، جنهن کي سچ ۽ اطمينان جي تلاش آهي ۽ هو انهيءَ لاءِ هر طرح جا بيک اختيار ڪري ٿو، ۽ پوءِ آخر مٿس اهو راز کلي ٿو ته ”نائي نيڻ نهار، تو ۾ ديرو دوست جو!“ منجهس جيڪي تصويرون ڏنل آهن، سي آرٽ جو نهايت اعليٰ شاهڪار آهن. ڇپائي، پنو، جلد، ڪور سڀ اعليٰ پايي جا اٿس. هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ هڪ بيش بها اضافو آهي.

 

سنڌ جو سينگار:

صفحا 152، سائز رايل؛  قيمت 0-8-2، ڇپائي، ڪاغذ، سرورق گيٽ اپ- معياري؛ ڇپائيندڙ – سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ، مسٽر عبدالڪريم سنديلي جو نالو سنڌي ادب ۾ ڪو نئون ناهي: صاحب موصوف نهايت محنت ۽ عرقريزيءَ سان سنڌي ادب جا ڪيترائي اعليٰ پايي جا ڪتاب لکيا آهن. هي ڪتاب به انهيءَ سلسلي جي هڪ تازي ڪڙي آهي، ۽ جانفشانيءَ ۽ دماغ سوزيءَ ۾ غالباً سڀني کان گوءِ کڻي ويندو.

هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ويهارو کن جهونن سگهڙن جا لافاني ۽ ناياب ڪلام ڏنل آهن، جن جي سهيڙڻ سوهڻ ۽ چڪاسڻ ۾ بي انداز محنت ڪيل آهي.

وري انهن ڪلامن جي شرح تي جا محنت ڪيل آهي، سا ته سچ پچ آنجهاني ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جون سڪون پيئي لاهي، ۽ مصنف جي ئي قول موجب بيشڪ هن هڪ ”فرهادي ڪاوش“ ڪئي آهي.

اسين سنديلي صاحب کي هن بلند پايي ڪوشش تي صد تحسين چئي، هر ڪنهن سنڌي ادب سان محبت رکندڙ کي هن لاجواب تاليف کي مطالع ڪرڻ جي سفارش ڪريون ٿا.

 

تاريخ ريگستان:

 صفحا ساڍا ٽي سؤ؛ سائيز ڊيمي؛ ڪاغذ سفيد اوچو؛ ڇپائي، جلد، ڪور ۽ گيٽ اپ نهايت عمدا؛ قيمت 0-0-5 روپيا؛ ڇپائيندڙ سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، سنڌ.

سنڌ جي ٿر واري حصي طرف مورخن ۽ اديبن جي تمام گهٽ نظر پئي رهي آهي. هن کان اڳ انهيءَ تي ڪجهه ڪتاب لکيل آهن پر ضرورت هئي ته سنڌ جي انهيءَ حصي جي هڪ مفصل تاريخ شايع ڪئي وڃي.

چيلهار (ضلعي ٿرپارڪر) جو استاد رائچند هريجن قابل مبارڪباد آهي، جنهن پنهنجي وطن جي تاريخ ڏهن ٻارهن سالن جي ڪوشش سان سوکن ڪتابن کي ڏسي تيار ڪئي، ۽ سنڌي ادبي بورڊ، جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هٿان نظر ثاني ڪرائي ان کي نهايت عمدي پيماني تي شايع ڪيو آهي. هي ڪتاب نه فقط ٿر جي تاريخ آهي، پر منجهس اهڙي معلومات آهي، جا سنڌ جي هر رهواسيءَ لاءِ به نهايت ڪارائتي آهي. اسين سمجهون ٿا ته هي ڪتاب نه فقط هڪ ڪامياب ڪوشش آهي، پر انهيءَ لائق آهي جو سندس تتبع ۾ سنڌ جي ٻين حصن جا رهاڪو به پنهنجي پنهنجي علائقي جي تاريخ ۽ رسم و رواج شايع ڪن.

 

عشق نه آهي راند:

صفحا 162؛ سائز ڪرائون؛ قيمت 0-12-1؛ ڇپائيندڙ- ڪهاڻي پبليڪيشن، هنسالي ٽئنڪ روڊ، بمبئي 28.

گوبند مالهي هن کان اڳ سنڌيءَ ۾ تمام سٺا اصلوڪا ناول پيش ڪيا آهن. هن ناول ۾ هن هڪ عام پلاٽ کي نئين نموني ۾ پيش ڪيو آهي.

ناول جو ڪردار ”مان“، (يعني ”قيمت“) هڪ سرمايه دار گهراڻي جو نوجوان آهي، ۽ ”گدو“ هڪ غريب گهر جو اڻ پڙهيل مگر عاشق مزاج جوانڙو آهي. ٻنهي جو”ستيءَ“ سان پيار ٿئي ٿو، جيڪا خود هڪ وڏي گهراڻي جي ڇوڪري آهي. ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ گدو پنهنجي دوست قيمت کان لکڻ پڙهڻ سکڻ بعد شهر ۾ ڪمائڻ ٿو وڃي، ۽ اتان قيمت معرفت ستيءَ کي خط لکندو رهي ٿو. هوڏانهن قيمت پنهنجي دولت جي زور تي ستيءَ سان شادي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو، پر پوءِ پڇتاءُ ڪري هن کي  پنهنجي ڀيڻ وانگر ٿو رکي. ستي، گدوءَ جي غم ۾ سلهه جو شڪار ٿي وڃي ٿي، ۽ گدو پنهنجي حياتي انسانيت جي خدمت ۽ بهبوديءَ لاءِ وقف ڪري ڇڏي ٿو- ۽ آخر ستياگرهه ڪندي پوليس جي گوليءَ جو شڪار ٿئي ٿو. گدوءَ جي موت تي قيمت به رشڪ کائي ٿو- ۽ قيمت جي جن لفظن تي ناول کي ختم ڪيو ويو آهي اهي چڀندڙ آهن.

ناول ۾ گدوءَ جو ڪردار هڪ مڪمل نموني ۾ پيش ڪيو ويو آهي. گدو اسان جي سنڌي سماج جي هر غريب ۽ عاشق مزاج نوجوان جي نمائندگي ٿو ڪري. قيمت جو ڪردار ايترو اڀريل نه آهي ۽ هن جا ڪيترا ڪم، هن جي ڪردار تي پورا نه ٿا اچن، ۽ ائين ٿو لڳي ڄڻ  هن کان زوريءَ اهي ڪم ڪرايا ويا آهن.

ستيءَ جو ڪردار چڱو اڀريل آهي. ”مامي“ جو ڪردار ته اهڙو بهترين نموني ۾ پيش ڪيو ويو آهي، جو ان تي هر ڪنهن کي پنهنجي ”مامي“ هجڻ جو شڪ ٿو ٿئي. اهڙا ماما هر گهر ۾ موجود آهن، جيڪي پنهنجي ننڍن کي خواه مخواه جي رعب سان سڌارڻ ٿا چاهين – پر نتيجو ابتو ٿو نڪري.

مجموعي طور، هي ناول گوبند مالهيءَ جي ڪامياب ناولن مان آهي- (ت.ع)

 

خوش خصلت خاتون:

صفحا 118 + 20، قيمت 0-8-1، پنو، ڇپائي، ڪور، گيٽ اپ- بهترين؛ شايع ڪندڙ- سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، سنڌ.

هي ڪتاب ڀيڻ بادام ناتوان صاحبه جو لکيل آهي. موصوفه جو نالو سنڌي ادب ۾ نئون ناهي: هن اڳ ”شڪسته زندگي“ ڪتاب لکي جس حاصل ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ زندگيءَ جي مختلف پهلوئن تي ڏهه مضمون ڏنل آهن، جن مان هر هڪ پنهنجي جاءِ تي جواهرن مثل آهي. ٻولي نهايت سليس، ۽ سلوڻي ڪم آندل آهي. سندس پيش لفظ سنڌ جي مشهور اديب ۽ شاعر ۽ سياستدان محترم سيد ميران محمد شاهه جو لکيل آهي، جنهن ۾ صاحب موصوف هن ڪتاب کي هڪ ”گلن جي ٽوڪري“ سان تشبيهه ڏني آهي.

هي ڪتاب ان لائق آهي ته هر عورت ۽ هر مرد هن کي غور سان مطالع ڪري، پنهنجي زندگيءَ لاءِ سبق حاصل ڪري.

 

بلوکوکر:

صفحا 283؛ ڪاغذ، ڇپائي،جلد، گيٽ اپ- معياري؛ قيمت 0-0-3 روپيا؛ ڇپائيندڙ – سنڌي ادبي بورڊ، تلڪ چاڙهي، حيدرآباد، سنڌ.

ديوان صاحب سنگهه شهاڻي جو هيءُ ڪتاب 1929ع ۾ ڇپيو هو، جو ناياب هجڻ سبب بورڊ وري ڇپايو آهي ۽ نهايت بهتر طرز سان شايع ڪيو آهي. ڪتاب جي رٿا هارڊي جي ناول ”ميئر آف ڪاسٽر برج“، تان ورتل آهي ۽ کيس سنڌ جي حالتن تي ٺهڪائڻ ۾ ڪافي قابليت کان ڪم ورتل آهي. اڪثر ڏٺو ويو آهي ته وڏا اديب ۽ شاعر جڏهين ٻين ڪمن کان روڪبا آهن، تڏهين هو پنهنجو وقت شاهڪارن پيدا ڪرڻ ۾ صرف ڪندا آهن. ادب جي خوش قسمتيءَ سان ديوان صاحب سنگهه کي به گهوڙي ڌڪ ڏنو ۽ هن ڏيڍ مهنو گهر ۾ ويهي سنڌي ادب کي هي شاهڪار ڏنو. نهايت سليس، سلوڻيءَ ۽ عام سنڌيءَ ۾ لکيل هي سبق آموز ناول آهي هر انهيءَ شخص جي پڙهڻ لاءِآهي، جو سنڌ ۽ سنڌيءَ سان محبت رکي ٿو.

 

جهان آرا:

صفحا 165؛ ڪاغذ، ڇپائي، جلد، ڪور، گيٽ اپ – سڀ معياري؛ قيمت 0-12-1؛ ڇپائيندڙ – سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، سنڌ.

مرحوم عبدالرزاق صاحب جو هي شاهڪار ناياب ٿي چڪو هو،  بورڊ طرفان ان کي دوباره نهايت عمديءَ طرز سان ڇپايو ويو آهي. ڪتاب جي ڪهاڻي ”عورت جي بينظير وفاداريءَ“ تي ٻڌل آهي، ۽ زبان ۽ پلاٽ جي لحاظ کان هڪ مڪمل ڪامياب ناول آهي. جيتوڻيڪ، عام پرهندڙن لاءِ، ان ۾ هڪ حد تائين فقير پرستيءَ جا گهڻا سبق آهن، پر ان هوندي به منجهس جيڪي ناصحانه مقولا  ۽ ادبي املهه ماڻڪ جابجا پکڙيل آهن، تن کيس سنڌي ادب ۾ تحقيق هڪ لافاني جڳهه ڏني آهي.

گل ڦل:

صفحا 377، ڪاغذ، ڇپائي، جلد، ڪور، گيٽ اپ- معياري؛ قيمت0-0-4؛ ڇپائيندڙ- سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، سنڌ.

”وکر سو وهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي“ جو پهاڪو حيدرآباد جي انهيءَ بزرگ تي بلڪل ٺهڪي ٿو اچي، جو نهايت خاموشيءَ سان سڄا سارا چاليهه ورهيه هر مهيني ٻه دفعا هڪڙي ننڍڙي اخبارڙي پيو ڪڍندو هو. مگر انهيءَ ننڍڙي ڏيئي ۾ اها ”جوت“، هئي، جا سندس وسامڻ بعد به جلوه گر پيئي رهي ۽ رهندي.

انهيءَ ”جوت“ جا شعاع مصنف جي حياتيءَ ۾ ئي ”گل ڦل“ جي صورت ۾ آيا ۽ علمي دنيا تي ڇانئجي ويا. پاڪستان ٿيڻ بعد ادبي زبونيءَ جو شڪار هي سدا بهار گل ڦل به ٿيا. مگر شڪر جو سنڌي ادبي بورڊ کين وري به بهاريءَ ۾ آڻي، سندن واس چاهيندڙن لاءِ کين مهيا ڪيو آهي. ڪتاب ۾ 123 اهڙا گل ڦل آهن، جي سدائين ٽڙيل آهن، ۽ هر سنڌي ڄاڻندڙ کي پنهنجي خوشبوءِ وٺڻ جي دعوت ڏيندا رهن ٿا.

 

آفتاب ادب:

صفحا 215؛ ڪاغذ، ڇپائي، جلد، ڪور ۽ گيٽ اپ معياري؛ قيمت 0-4-2، ڇپائيندڙ- سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، سنڌ.

اهو ڪهڙو سنڌي هوندو، جنهن سنڌ جي لافاني هستي مرحوم و مغفور حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جو نالو نه ٻڌو هوندو! پاڻ هڪ ئي وقت ۾ حڪيم، شاعر، اديب، صحافي، عالم ۽ سياسي ڪم ڪندڙ هو گويا جامع الڪمالات هو. سياست هڪ اهڙو خارزار آهي، جنهن ۾ گهڙڻ بعد، ڪي ٿورا شخص ادب ۽ شعر کي ياد رکندا آهن، پر حڪيم صاحب آخري دم تائين به ان جي خذمتن کان منهن نه موڙيو. زير تبصره ڪتاب سچ پچ ”ادب جو آفتاب“ يا ”ساهت جو سج“ آهي، جنهن ۾ سنڌي ٻولي، علم بديع، علم بيان ۽ علم معاني تي نهايت سليس ۽ سلوڻيءَ ٻوليءَ ۾ سير حاصل بحث ڪيل آهي.

ادبي ۽ علمي ٻوليون ڪئن ٺهن ٿيون، وقت جي ڦيرين گهيرين سان ٻولين ۾ ڪئن ۽ ڪهڙيءَ طرح ڦير گهير ٿئي ٿي، سنڌي ٻولي ڪئن ارتقائي منزلون طئي ڪري، ترقي يافته ٻولين جي زمري ۾ داخل ٿي- انهيءَ جي گويا مفصل تاريخ ڏنل آهي. پنهنجي مٺڙيءَ زبان تي عبور حاصل ڪرڻ لاءِ هن ڪتاب جو مطالعو نهايت ضروري آهي.

 

ڪامل جو ڪلام

 صفحا 274 + 12؛ ڇپائي، ڪاغذ، جلد، ڪور، گيٽ اپ اعليٰ پايي جا؛ قيمت 0-0-3 روپيا؛ ڇپائيندڙ، هندستان ڪتاب گهر، 13، حمام اسٽريٽ، فورٽ، بمبئي.

هن ڪتاب ۾ شاهه جي رسالي مان اٽڪل هزار بيت ۽ ڪافيون چونڊي ڌار ڌار بابن ۽ فصلن ۾ ڏنل آهن، ۽ آخر ۾ 500 کن چونڊ ”سونيون سٽون“ الف ب وار درج ڪيل آهن. ڏکين اکرن جي معنيٰ ۽ سمجهاڻي به ڏنل آهي، هي ڪتاب انهيءَ لائق آهي، جو شاهه صاحب جي ڪلام جا شائق ان کي ضرور مطالع ڪن- کڻي وٽن ٻيا رسالا ڪيترا به هجن. هن اٿاهه محنت لاءِ لائق مولف پروفيسر جهمٽمل ڀاوناڻي لائق صد تحسين آهي.

اسان وٽ ٻيا هيٺيان رسالا ۽ ڪتاب پهتل آهن:

ماهوار رسالو ”زندگي“

 – قيمت 0-4-0، ساليانو چندو 0-8-2؛ ايڊريس: ڊگهي تلاءُ، اجمير.

وديار ٿي جيون

ماهوار- چندو ساليانو ٻه روپيا، في پرچو 0-3-0؛ پتو: بئرڪ نمبر 305 ڪلياڻ ڪئمپ، بمبئي.

 

بينا

ماهوار- قيمت 0-4-0؛ 3، ميمونواڙا روڊ، بمبئي 3.

 

سئنا

ماهوار- في پرچو ٻه آنه ساليانه چندو ڏيڍ روپيه. پتو: سئناڀون، 49، چيمبور ڪالوني، بمبئي 38.

 

نئين دنيا

ماهوار- في پرچو 0-4-0، ساليانو ٽي روپيا، پتو: گرانڊ فلور، راجارام بلڊنگ، ليڊي جمشيد جي روڊ، بمبئي 16

 

رم جهم

(بسنت نمبر) قيمت 8 آنه ساليانه چار روپيا؛ پتو: ٿرڊ روڊ، کار، بمبئي 21.

 

وديا

ڪملا گرلس هاءِ اسڪول جو ساليانو نمبر، پتو؛ کار، بمبئي 21.

 

ڪروڙ پتي

چئن چونڊ آکاڻين جو سنڌيءَ ۾ ترجمو- قيمت هڪ روپي، ملڻ جو هنڌ: گلزار بڪ ڊيپو، الهندو ڪچو، حيدرآباد، سنڌ.

 

شاگرد

(روشن نمبر)- قيمت ٻارهن آنا؛ پتو: 15، رقيه بلڊنگ نارائڻ اسٽريٽ ڪراچي نمبر1.

 

اتم باغ ۽ پينوءَ جي سوغات

آزاد شاعري ۽ ادب لطيف جا موقعا هر هڪ قيمت هڪ روپيو؛ ملڻ جو هنڌ: اڪبر آشرم پبليڪيشنس نزديڪ رائل سئنيما، لاڙڪاڻو، سنڌ.

 

سنڌ مسلم ڪاليج مئگزن

ٽن سون صفحن جو ضخيم مجموعو؛ پتو: سنڌ مسلم ڪاليج، فريئر روڊ، ڪراچي.

 

ملاقات عرف استري هڪ پرولي

صفحا 188، قيمت ٻه روپيا؛ پتو: ڪهاڻي پبليڪيشن،هنسالي ٽئنڪ روڊ، بمبئي 28.

 

نيمو

صفحا 100، قيمت هڪ روپي؛ پتو: وديارٿي پبليڪيشن، 305، ڪلياڻ ڪئمپ 2- بمبئي.

 

انگي حساب جامع

 مصنف شرف الدين شاهه راشدي؛ قيمت ڏهه روپيا، پتو: ميشرس آر. ايڇ. احمد برادسرس تاجر ڪتب، شاهي بزار، حيدرآباد، سنڌ.

 

مخزن سنڌ ماڊل هاءِ اسڪول

ٽنڊو الهيار- سو صفحا، ڪافي تصويرون، سٺا سنڌي انگريزي مضمون، سيڪريٽري کان ملي سگهندي.


 


[1]  جيڪي لفظ (مون، تون، اوهان، اسان، وغيره) پنهنجي منهن الڳ وجود رکن ٿا، ۽ پنهنجي پيرن تي بيهي اڪيليءَ صورت ۾ به ٻوليءَ ۾ استعمال ٿي سگهن ٿا، انهن لفظن کي ٻين لفظن سان ملائي لکڻ غلط آهي. لفظ ”منهن“ (ضمير متڪلم واحد). ”تنهن“ ”پنهن“ اهڙا پنهنجي منهن الڳ وجود رکندڙ لفظ نه آهن، ۽ڪڏهن به اضافت جي حرفن (جو، جا، جي، جن) کان سواءِ ٻوليءَ ۾ استعمال نه ٿا ٿين: تنهنڪري انهن کي پٺيان ايندڙ حرف اضافت سان گڏي لکڻ نه فقط جائز آهي، پر نهايت ضروري آهي.- ايڊيٽر

[2]  واڪ جي نشانين تي مفصل مضمون (مثالن سميت) هن پرچي ۾ شايع ڪيو ويو آهي. (ايڊيٽر)

[3]  ”سڀاڻي“ لفظ صحيح آهي، ڇو ته عام استعمال ۾ ائين آهي: جنهن نيت سان، ۽ جنهن اصول ماتحت هن لفظ کي ڪٿي ”صبحاڻي“ جي صورت ۾ ٿو لکيو وڃي، جيڪڏهن ان نيت سان ۽ ان اصول ماتحت سنڌيءَ جي سڀني عربيءَ مان آيل لفظن کي نئين سر لکيو وڃي، ۽ هوند ”ٿوم“ کي ”فوم“ لکڻو پوي، ۽ بصر“ کي بصل“، وغيره- جا هڪ نهايت ئي غير ضروري ۽ منجهائيندڙ ڳالهه ٿي پوندي. – ايڊيٽر.

[4]  ”ڪنهن“، ”منهن“، ”جڏهن“، لفظن ۾ ”نون“ تي جزم ڏيڻ غلط آهي- ڇاڪاڻ ته ”ڪنه“، ”هنه“ ”منه“، وغيره ۾ ”ن“ وارا آواز مفرد آواز آهن- بلڪل ائين جيئن لفظ ”گهوڙو“ ۾ ”گهه“ آواز يا لفظ ”جهرڪي“ ۾ ”جهه“ جو آواز مفرد آواز ۾ هڪ کان وڌيڪ علامتون ڏيڻ صحيح نه آهي. ”ٽمڪن“، ”اچن“، وغيره لفظن ۾ ”ڪن“، ”چن“، وغيره آواز مفرد نه پر مرڪب آواز آهن- مرڪب آواز ۾ هڪ کان وڌيڪ علامتون (ـ ـ، وغيره) ڏيئي سگهجن ٿيون. – ايڊيٽر.

[5]  ”ن“ جو آواز ”ڃ“، ”ڻ“ ”ڱ“ ”م“، آوازن ۾ اڳي ئي موجود آهي: تنهنڪري ”اڃا“، ”گهڻا“، ”راڱا“
”ماما“، وغيره، لفظن جي پٺيان ”ن“ ڏيڻ ۾ نه ٿو اچي. ساڳئي اصول تي ”وڃان“، ”لڻان“، ”مڱان“،
 ”نمان“، وغيره لفظن جي پويان پڻ ”ن“ جيڪڏهين نه ڏجي، ته غلط نه ٿيندو- پر اهي لفظ ساڳئي وقت فعل آهن، ۽ سندن صورت زمان مضارع جي آهي، جنهنجي ٺهڻ جو قاعدو آهي ته ”امر“ جي پويان ”ان“ يا ”يان“ اکر وڌا وڃن – تنهنڪري انهن لفظن جي فعلي صورت کي نمايان ڪرڻ لاءِ سندن پويان ”ن“ آڻڻ نه فقط غلط نه آهي، پر انهيءَ هڪ ڳالهئين لازمي پڻ آهي. - ايڊيٽر

[6]  شعر و شاعريءَ متعلق پيش ڪيل خيالن سان مجموعي طرح اتفاق آهي: پر هي وسارڻ نه گهرجي ته حسن ۽ عشق، شاعريءَ جا بنهه اوائلي موضوع آهن، ۽ جيستائين انسان جي دل ۾ حسن لاءِ ڪشش موجود آهي، تيستائين شاعريءَ جا اهي پاڪ ۽لطيف موضوع هميشه قائم رهندا- تنهنڪري، حسن ۽ عشق جي شاعريءَ کي ايتري بيزاري هڪ صاحب ذوق دل لاءِ مناسب نه آهي. البت شعر جي ٻين موضوعن کي بنهه نظر انداز ڪري ڇڏڻ يا انهن  ڏانهن ڪنهن قسم جي بي رخي ڏيارڻ اسان جي شاعرن لاءِ به مناسب نه آهي. – ايڊيٽر.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com