سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1956ع (1)

 

صفحو :19

سراج الحق

بيهڪ جون نشانيون

 

ٻولي، انسان جي خيالن، احساسن، امنگن ۽ جذبن جي اظهار جو بهترين طريقو آهي. انهيءَ اظهار لاءِ انسان، ٻوليءَ کي ٻن صورتن ۾ ڪتب آڻي ٿو: هڪڙي ڳالهائجڻ واري صورت ۽ ٻي لکجڻ واري صورت. ڳالهائڻ وقت هرڪو ائين چاهيندو آهي ته ٻڌندڙ سندس هر جملي مان اهو ئي مقصد ۽ مراد ڪڍي، جيڪا خود ڳالهائڻ وقت هن جي ذهن ۾ آهي. انهيءَ مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ، هن کي جملي جملي کي علحدي علحدي ڍنگ سان ڳالهائڻو پوندو آهي. هر جملي جي مطلب ادا ڪرڻ وقت، ڪنهن هنڌ ڍرو، ۽ ڪنهن هنڌ تڪڙو ٿي ڳالهائڻ، ڪٿي ٿورڙو، ته ڪٿي گهڻو بيهي، وري ڳالهائڻ شروع ڪرڻ، ڪن لفظن تي خاص زور ڏيڻ، ڪنهن فقري کي ٻين سڀني فقرن کان نرالو ۽ جدا ڪري پيش ڪرڻ، عجب ظاهر ڪرڻ يا سوال ڪرڻ. انهن سڀني مطلبن ادا ڪرڻ لاءِ، هن کي آواز ۽ منهن جي تاثر جا ڪيترا ڍنگ استعمال ڪرڻا پوندا آهن: ڪجهه لفظن جي معنيٰ ساٿ ڏيندي آهي ۽ ڪجهه ادائگيءَ جا طريقا مدد ڪندا آهن، تڏهين وڃي مقصد ساب پوندو آهي. ساڳيءَ طرح هرڪو لکندڙ به ائين چاهيندو آهي ته پڙهندڙ هن جي لکيت مان مقصد اهو ئي ڪڍي، جيڪو هو چاهي ٿو يا جيڪو هن جي ذهن ۾ آهي. ان ڪري جڏهين مٿين سمورين ڳالهين کي ٻوليءَ جي لکجڻ واريءَ صورت ۾ آڻڻو پوندو، تڏهين لازمي طرح، انهن ادائگيءَ جي نمونن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪو اثرائتو قدم کڻڻو پوندو. نه ته رڳا لفظ ته اهو مقصد ۽ اها مراد پڙهندڙ تائين (جنهن جي حالت ان وقت ساڳي ٻڌندڙ جهڙي ئي هوندي آهي) پهچائي ڪين سگهندا. ٻولي جڏهين لکجڻ ۾ اچي ٿي، تڏهين اهي ادائگيءَ جا نمونا ڪن نشانين جي صورت ۾ استعمال ڪرڻا پون ٿا، جن کي ”بيهڪ جون نشانيون“ يا ”دمن جون نشانيون“ چئجي ٿو.

هر بيهڪ جي نشاني ڪا نه ڪا مراد ادا ڪرڻ لاءِ مقرر آهي. لکڻ وقت، جڏهين اهي نشانيون ڪم آڻجن ٿيون. تڏهن ئي لفظ، جملن جي جوڙجڪ اندر، پنهنجو اصل مقصد ۽ صحيح مواد پڙهندڙ کي ڏين ٿا. ڳالهائڻ وقت انسان کي ڪنهن فقري، يا جملي کان پوءِ ساهه کڻڻو پوندو آهي ، ۽ ڪجهه وقت بيهڻو پوندو آهي. ڪٿي ٿورڙو وقت بيهڻو پوي ٿو، ته ڪٿي وڌيڪ- بيهڻ جي انهن منزلن کي ڪن خاص نشانين ذريعي لکيت ۾ آڻڻ سان ٻوليءَ جي لکيت ۽ ڳالهائجڻ وارين صورتن ۾ ويجهڙائي ۽ هڪ جهڙائي پيدا ٿئي ٿي. انهن بيهڻ جي نشانين کي، ان ڪري، سڏيو ئي ويو ”بيهڪ جون نشانيون“. رفتي رفتي ٻوليءَ ۾ بيهڪ جي هرڪا نشاني گهڻي استعمال ٿيڻ ڪري، ”بيهڻ“ جي ڪارج کان سواءِ، هڪ خاص اثر پيدا ڪرڻ  ۽ معنيٰ کي زياده صاف ڪري بيهارڻ ۾ پڻ مدد ڪرڻ لڳي. جهڙيءَ طرح ڪو شخص لڳا تار ويهه پنجويهه منٽ، بنا ساه کڻڻ جي يا بيهڻ جي، ۽ هڪ ئي طرز ۾، مشين وانگر، ڳالهائڻ بيهي رهي، ته اسين ان کي هڪ بي مقصد ”بڙبڙ“ سمجهي، خيال ۾ ئي ڪين آڻينداسون؛ تهڙيءَ طرح لکڻ وقت به جيڪڏهن اهي نشانيون استعمال نه ڪجن، ته اها لکيت فقط لفظن جو ڍير بنجي پوندي، جنهن مان ڪو به مقصد ۽ معنيٰ نه نڪرندي ۽ اها لکيت ”لکي عيسيٰ پڙهي موسيٰ“ واري ئي ڪا ڳالهه ٿي پوندي. انهن بيهڪ جي نشانين کي غلط جڳهن تي استعمال ڪرڻ سان ته هيڪاري اگرا نتيجا ٿا نڪرن. سموريءَ لکيت جي معنيٰ ئي بگڙي ويندي آهي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته مرڳو صفا ابتي معنيٰ نڪري پوندي آهي. ڳالهه ٿا ڪن ته انگلنڊ جي پارليامنٽ ۾ هڪڙو بل پاس ٿيو. اهو بل جڏهن ڇپجي تيار ٿي ويو ته ان ۾ هڪڙي بيهڪ جي نشاني ”ٿورو دم“ (ڪاما) غلط جڳهه تي ڇپجي ويئي. بل جو سڄو مقصد ئي الٽو ٿي ويو ۽ جيڪڏهين اهو ماڻهن تائين پهچي ها ته بغاغو ٿي پوي ها- ان ڪري، اهو بل ٻيهر ڇپائي ظاهر ڪيو ويو.

اسان جي سنڌي ٻوليءَ جا ڪيترا لکندڙ انهن نشانين جو بنهه خيال ڪو نه ٿا رکن. نتيجو اهو ٿو نڪري، جواهي ساڳيون چيزون، جيڪي هوند انهن نشانين سان بي مثال حسن واريون ٿي پون، انهن نشانين نه هئڻ ڪري يا غلط استعمال ڪري ڪجسيون ۽ بي اثر ٿيو پون. عام طرح ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته انهيءَ غلطيءَ جو شڪار عام لکندڙ-شاگرد، منشي، اخبار نويس-  ته گهڻي انداز ۾ آهن، پر خود چوٽيءَ جا ڪيترا اديب ۽ ليکڪ به انهيءَ ڏس ۾ بنهه ڪين ٿا سوچين ۽ انهن نشانين جي اهميت کي نظرانداز ڪريو ڇڏين. چڱا چڱا علمي مضمون، افسانا، ڪهاڻيون ۽ شعر، بيهڪ جي نشانين نه هئڻ ڪري يا سندن غلط استعمال هجڻ ڪري، پنهنجي سموري معنيٰ، افاديت ۽ اهميت وڃايو ڇڏين.

جيئن مٿي چيل آهي ته ٻوليءَ ۾ اهي نشانيون ڪنهن فقري يا جملي کان پوءِ ڪجهه وقت بيهڻ يا دم پٽڻ جو مقصد رکن ٿيون. سنڌيءَ ۾ به انهيءَ اصول تي درسي ويا ڪرڻن ۽ گرامرن ۾ - ٿورو دم (،)، اڌ دم (؛)، دم (:)، پورو دم (.)، سوال جي نشاني (؟)، ۽ عجب جي نشاني (!) سمجهايون وينديون آهن. انهن ويا ڪرڻن ۾ انهن نشانين جو فقط اهو ڪارج ٻڌايو ۽ سمجهايو وڃي ٿو، جنهن مان ڪجهه وقت بيهڻ جو مقصد ورتو وڃي. پر هاڻي انهن مان هر نشاني ”بيهڻ“ کان سواءِ ٻيا به ڪي مطلب پورا ڪري ٿي، ۽ انهن نشانين کان سواءِ، هاڻي، ٻيون به ڪي نشانيون ڪم اچڻ لڳيون آهن، جن جو استعمال ٿورو منجهائيندڙ ۽ پيچيدو آهي. دراصل اها به حقيقت آهي ته انهن نشانين جي ڪنهن خاص استعمال جي مقرر هجڻ جي دعويٰ به نٿي ڪري سگهجي- پر گهڻي تجربي کانپوءِ، ايترو سو نهايت ڀروسي سان چئي سگهجي ٿو ته ڪهڙين حالتن ۾ سندن استعمال غلط ٿو ٿئي.

ٻوليءَ جي ماهرن انهن سمورين نشانين کي ٽن قسمن ۾ ورهايو آهي. پهريون ابتدائي، ٻيون، ثانوي، ٽيون، ٻٽيون يا مرڪب نشانيون. هر هڪ قسم ۾ هيٺينءَ ترتيب موجب نشانيون اچي وڃن ٿيون.

1.

ابتدائي:

(1)

ٿورو دم

،

Comma

 

 

(2)

اڌ دم

؛

Semi colon

 

 

(3)

دم

:

Colon

 

 

(4)

پورو دم

.

Period

2 ـ

ثانوي:

(1)

ليڪ

-

Dash

 

 

(2)

ڳنڍيندڙ ليڪ

ـ

Hyphen

 

 

(3)

ڏنگيون

( )

Brackets

 

 

(4)

سوالي نشاني

؟

Question mark

 

 

(5)

عجب جي نشاني يا ندا جي نشاني

!

Exclamation mark

 

 

(6)

(ايڪوئيون) واڪ جون نشانيون

’   ‘

Single inverted commas

 

 

(7)

ٻٽيون واڪ جون نشانيون

” “

Double inverted commas

3 ـ

ٻٽيون يا مرڪب:

(1)

ٻڙي ٻڙي ٻڙي

...

Hiatus

 

 

(2)

ٻه  ٻڙيون ليڪ

Pointer

 

 

(3)

ڏنگين ۾ سوال جي نشاني

(؟)

Bracketed Question mark

 

 

(4)

ڏنگين ۾ عجب جي نشاني

(!)

Bracketed sign of exclamation

انهن نشانين کي سمجهڻ لاءِ هر هڪ جي استعمال جي جڳهه جو خيال رکڻو آهي. هيٺ، ترتيب وار هر هڪ کي مختصر طور بيان ڪجي ٿو.

 

ابتدائي نشانيون

گهڻو ڪري، عام لکندڙ کي گهڻي ۾ گهڻي تڪليف ابتدائي نشانين جي استعمال ڪرڻ وقت ٿئي ٿي. ابتدائي چار نشانيون ٿورو دم، اڌ دم، دم ۽ پورو دم ئي جملن جي جوڙجڪ ۾ گهڻي ۾ گهڻو استعمال ٿين ٿيون، ۽ جملن کي پنهنجي معنيٰ صاف ڪري بيهارڻ ۾ مدد ڏين ٿيون، انهن نشانين جي استعمال ۾ احتياط رکڻ لازمي آهي.

 

ٿورو دم (،)

بيهڪ جي نشانين ۾ ٿوري دم جو استعمال سڀ کان وڌيڪ ٿئي ٿو. جملن کي لکڻ وقت، هڪ ٻئي کان الڳ ڪري بيهارڻ ۾، ٿورا دم گهڻي مدد ڏين ٿا. خاص ڪري جملي جي جدا جدا حصن کي هڪ ٻئي سان ڳنڍڻ وقت، سندن اهميت کي قائم رکڻ ۾ ٿورو دم ڏاڍو ڪارائتو آهي. ٿوري دم جي ڪتب آڻڻ لاءِ ٻه خاص قانون خيال ۾ رکڻ گهرجن: پهريون، ٿورو دم اتي ڪتب آڻڻ گهرجي، جتي ٻي ڪا به نشاني ڪم نه اچي سگهي، ٻيو، ٿورو دم اتي ڪتب آڻڻ گهرجي، جتي هوند ڳالهائڻ وقت ٿورو بيهڻو پوي. اهي ٻئي قاعدا هڪ ٻئي سان لاڳاپيدار آهن. ٿوري دم کان ڪم وٺڻ وقت، ٻنهي قاعدن کي هڪ ئي وقت خيال ۾ رکڻ گهرجي. هيٺئين مثال ۾ مجموعي طرح ٿوري دم جو استعمال مٿين قاعدن تي ٻڌل آهي:

سچ پچ ته ريڊيو، ٻوليءَ جي مختلف اچارن ۽ صورتن ۽ سڀيتا جي مختلف جڏهن پهلوئن ۾ هم آهنگي، هڪجهڙائي ۽ دائميت پيدا ڪرڻ جو ڪارائتو وسيلو آهي.

ٻه يا ٽي جملا ”۽“ حرف جملي سان ڳنڍبا  آهن، تڏهن ”۽“ جي اڳيان ٿورو دم اڪثر ڏنو ويندو آهي. ان لاءِ فقط هڪ ڳالهه خيال ۾ رکڻ جوڳي آهي ته جتي ڳنڍجڻ وارن جملن جو مقصد ۽ خيال هڪ ٻئي کان مختلف هجي، ته بلاشڪ ٿورو دم استعمال ڪجي؛ پر جتي پويون جملو فقط اڳئين جملي جوهڪ وڌاءُ هجي، اتي ”۽“ جي اڳيان ٿورو دم ڏيڻ فضول ۽ غير ضروري آهي. مثال طور هيٺين جملن ۾ ٿورو دم ڏيڻ نه گهرجي:

آءٌ حيدرآباد ويندس ۽ جلد ئي موٽندس.

ڪلهه شام هو آيو ۽ ڪتاب کڻي ويو.

پر، جتي پهرئين جملي لکڻ کان پوءِ ڪجهه بيهي، ايندڙ خيال کي وضاحت ڏيڻي هجي، اتي ٿورو دم ضرور استعمال ڪرڻ گهرجي. مثال طور:

هن دڪاندار کي ڏهه روپيا ڏنا، ۽ پاڪستان ۾ مهانگائيءَ جو ماتم ڪندو هليو ويو. هن جملي ۾ ”۽“ جي اڳيان ٿورو دم ڏيڻ مان مقصد آهي ايندڙ خيال جي وضاحت ۽ نرالائي ظاهر ڪرڻ. انهيءَ ٿوري دم جي ڪري، پوئين جملي ۾ اثر ڪيترو نه گهرو  ٿيو وڃي!

جڏهن ٻه جملا ڪنهن حرف جملي سان ڳنڍڻا هجن، تڏهن ڏسجي ته جملن جو خيال ڪهڙي قسم جو آهي. جيڪڏهن خيال ساڳئي رخ ۽ نوعيت جو هجي، ته اتي ٿورو دم نه ڏيڻ گهرجي؛ پر جيڪڏهن خيال جو رخ مٽيل هجي ۽ نوعيت بدليل هجي، ته ٿورو دم ضرور ڏيڻ گهرجي.

هو حيدرآباد ويو ۽ نمائش ڏسي موٽي آيو.

هن جملي ۾ ڏسڻ ۾ ايندو ته خيال جو رخ سڌو سنئون آهي، انهيءَ ڪري ٿورو دم ڏيڻ فضول آهي؛ پر جيڪڏهن جملو هيئن هجي:

هو حيدرآباد ويو، ۽ موٽر جي حادثي ۾ اچي مري ويو.

تڏهن، ڇاڪاڻ ته هن جملي ۾ خيال جو رخ اوچتو مٽجي ٿو وڃي خيال جي نوعيت ۽ رخ ۾ تبديلي اچي ويئي. ان ڪري ان ۾ ٿورو دم ڏيڻ لازمي آهي.

جڏهن جملي ۾ ٻه يا ٻن کان وڌيڪ صفتون ڪم آڻڻيون هجن، تڏهن هر صفت  جي پويان ٿورو دم ڏيڻ لازمي آهي- پر آخري صفت ۽ ان جي پويان ايندڙ اسم جي وچ ۾ ٿورو دم بلڪل نه ڏيڻ گهرجي..مثال:

 غلام محمد هڪ گدلو ، بدفضيلت، چيڙاڪ ماڻهو آهي.

جڏهن ٻه صفتون ”۽“ حرف جملي سان گنڍڻيون هجن، ته انهن جي وچ ۾ ٿورو دم ڪم نه آڻڻ گهرجي. مثال:

 غلام محمد هڪ گدلو ۽ بدفضيلت ماڻهو آهي.

جڏهين جملو ڪنهن لاڳاپو ڏيکاريندڙ لفظ يا ظرفي فقري سان شروع ٿئي، ته انهيءَ لفظ يا فقري کي اصل جملي کان جدا ڪري بيهارڻ لاءِ، ان جي پويان ٿورو دم ڏيڻ گهرجي. مثال:

 اڄ کان پوءِ، هو ڪڏهن به دير سان نه ايندو.

هن دفعي به ، منهنجو اچڻ بيڪار ثابت ٿيو.

ڪن جملن جي جوڙجڪ، صفاتي ۽ مداري جملن ۽ فقرن جي استعمال جي ڪري، پيچيدي ٿي پوندي آهي. اهڙن جملن کي ٿوري دم جي استعمال جي مدد سان صاف ۽ واضح بيهاري سگهجي ٿو. هيٺئين جملي ۾ ٿوري دم جي ڏسو ته ڪيتري نه ضرورت آهي مثال:

اديب لکن ٿا پر انهن جي امنگن جي اظهار جا ذريعا جن به صاحبن اسان کي ميسر ڪري ڏنا آهن تن جا به اسان آڀاري آهيون.

هن جملي ۾ ٿوري دم جي استعمال نه هئڻ ڪري، معنيٰ صاف نه ٿي بيهي – معنيٰ اخذ ڪرڻ ۾ مشڪلات ٿئي ٿي. پر انهيءَ ۾ هيٺيئن طريقي سان ٿورن دمن جي ڪتب آڻڻ ڪري، معنيٰ هڪدم صاف ٿي بيهي ٿي. مثال:

 اديب لکن ٿا، پر انهن جي امنگن جي اظهار جا ذريعا، جن به صاحبن اسان کي ميسر ڪري ڏنا آهن، تن جا به اسان آڀاري آهيون.

هن جملي ۾ جملي جو مکيه ۽ قراري جملو ”اديب لکن ٿا“ آهي. ان کان پوءِ لکڻ واري جو ذهن يا خيال هڪ موڙي کائي ٿو، ان ڪري ٿورو دم ضروري ٿيو ٿو پوي. اڳتي هلي، ”ذريعا“ کان پوءِ ٿورو دم انهيءَ ڪري استعمال ٿيو، انهيءَ ايندڙ جملي ۾ فاعل کان اڳ مفعول آيل آهي- انهيءَ جملي ۾ فاعل آهي، جن به صاحبن“ جو هونئن اڳيان اچڻ گهرجي ها، پر هن جملي جي ترڪيب ۾، انهيءَ کي اڃا به وڌيڪ خيالن کي ظاهر ڪرڻ جي مقصد سان، جملي جي مفعول، انهن جي امنگن جي اظهار جا ذريعا“ کان پوءِ ٿو اچڻو پوي، ان ڪري فاعل کي مفعول کان الڳ ۽ نمايان ڪري بيهارڻ لاءِ،”ذريعا“ جي پويان ٿورو دم ڏنو ويو؛ ۽ وري ضمير جواب موصول ”تن“ جي اڳيان به ڏنو ويو آهي. اهو ان ڪري جو اڳيان آيل ضمير موصول ”جن“ پنهنجي جواب موصول ”تن“ کان بنهه الڳ ڪري،پري بيهاريو ويو آهي.

مٿئين مثال مان مراد اها آهي ته ٿوري دم جي استعمال ۾ احتياط جي گهڻي ضرورت آهي. خاص ڪري جڏهن ڪو جملو گهڻن مداري جملن ۽ فقرن سان ڀريل هجي. اهي مرتب ۽ مداري جملا ڪڏهن اصل يا قراري جملي جي ختم ٿيڻ کان پوءِ شروع ٿين ٿا، يا فاعل جي اچڻ کان هڪدم پوءِ اچن ٿا؛ انهن کي جدا ۽ واضح ڪري بيهارڻ لاءِ ٿوري دم ڪم آڻڻ گهرجي. اهي مداري جملا صفاتي هجن ظرفي هجن، يا اسمي هجن – انهن کي ٿوري دم جي ڪم آڻڻ سان وڌيڪ واضح ۽ صاف بيهارڻ ۾ مدد ملي ٿي.

جڏهن ڪنهن جملي ۾ هڪ ئي فعل جا فاعل گهڻا هجن، تڏهن انهن فاعلن کي به ٿورن دمن سان الڳ ڪري بيهارڻ گهرجي. مثال:

 مهراڻ ۾ افسانا، مضمون، گيت ۽ غزل چڱي پائي جا ٿا ڇپجن.

هن جملي ۾ فاعل هڪ کان وڌيڪ آهي، انهيءَ ڪري ٿوري دم جي ڪم آڻڻ سان انهن کي جدا جدا ڪري بيهاريو ويو آهي.

ٿوري دم جا مٿي ٻڌايل استعمال جملن کي زينت ٿا بخشين ۽ معنيٰ کي صاف ۽ واضح ڪري بيهارين ٿا. اهي سمورا اصول هن هڪ ئي جملي ۾ گهڻوڪري ڪم اچي ويا آهن. مثال:

هڪوار، ڪو انسان جي شاهه پڙهجي ڏسي ۽ سچل، سامي، دلپت، بيڪس، بيدل، روحل، سانگي، خاڪي ۽ بيوس کي پڙهي ڏسي، ته ڪپاٽ کلي وڃنس ۽ کيس انڀؤ ٿئي ته اسان جو ادبي ورثو، هندستان جي ڪنهن به ٻيءَ ٻوليءَ جي ادبي ورثي کان، ڪنهن به ريت، گهٽ نه آهي.

 

اڌ دم (؛)

ٿوري دم کان ڪجهه زور ڀري بيهڪ جي نشاني آهي ’اڌ دم‘ جڏهين لکڻ وقت هڪ کان وڌيڪ جملا لکڻا پوندا آهن، تڏهن انهن مان ڪي ته مداري جملا هوندا آهن، ته ڪي خود اصل جملي جهڙائي زور ڀريا ۽ الڳ خيال رکندڙ جملا هوندا آهن. اهڙن زور ڀرين ۽ الڳ خيال رکندڙ جملن کي جدا ڪري بيهارڻ لاءِ، اڌ دم استعمال ڪرڻ گهرجي. جڏهن به بنيادي جملي جي جوڙجڪ ۾، ڪو ثانوي جملو هجي ته ساڳي ئي خيال ماتحت چيل، پر خود انهيءَ ثانوي جملي جي جوڙجڪ جيڪڏهن اهڙي هجي، جو الڳ ۽ جدا جملو ٿي پڻ بيهي سگهي، ته اتي ٿوري دم کان ڪجهه طاقت ڀري نشاني – اڌ دم – جي ضرورت آهي. مثال:

انقلاب سان اها جذباتي وابستگي قابل قدر نه آهي؛ پر سماجي زندگيءَ جي عڪاسيءَ لاءِ رڳو جذبو به ڪافي نه آهي.

محبت جو طوفان به طوفان آهي؛ مگر ان جو اندازو بي انداز آهي.

مٿين مثالن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته انهن جملن ۾ خيال ته ساڳيو آهي، پر حرف جملن سان ڳنڍيل جملن جو رخ اڳين جملن کان گهڻو مڙيل آهي، ۽ اهي پنهنجي الڳ جاءِ وٺيو بيٺا آهن. انهيءَ ڪري، انهن ۾ ٿوري دم جي بدران اڌ دم ڪم آندو ويو آهي.

جڏهن جملي ۾ ڪي مختلف خيال ترتيب وار جملن يا فقرن جي صورت ۾ اچن، يعني جڏهن ڪنهن بنيادي جملي جي تفصيل طور ٻيا ڪي ثانوي جملا يا فقرا ترتيب سان اچن، تڏهن انهن کي اڌ دم سان ڳنڍڻ گهرجي. مثال:

اڄ ڪلهه، اسان جي ٻوليءَ جا مکيه مسئلا هي آهن: ٻوليءَ ۾ هندي، عربي ۽ فارسيءَ جي اڻ سهائيندڙ لفظن جو استعمال؛ ٻوليءَ جي صورتخطيءَ ۾ مرڪزيت آڻڻ جي ضرورت، ٻوليءَ جي لپيءَ جو مسئلو؛ ۽ ڌارين لفظن ۽ محاورن کي سنڌي رنگ ۾ رنگڻ هن مثال ۾، اسان کي اڳئين جملي جي تفصيل ۾ ڪي جملا لکڻا آهن، انهيءَ ڪري انهن کي اڌ دم جي ذريعي الڳ ڪري بيهارڻ گهرجي. ڪڏهن ته انهيءَ تفصيل کي فهرست جي نموني ۾ نمبروار بيهارڻو پوندو آهي. ان حالت ۾ به اڌ دم جي استعمال جي ضرورت آهي. مثال:

 اسان جي هن نظام ۾ ٽي بنيادي خاميون آهن:

 دولت جي غلط ورهاست؛

انسانن جي طبقاتي ورڇ؛ ۽

مذهب جي انڌي تقليد

هن مثالي جملي ۾ اسان کي ”خامين“ جي تفصيل لاءِ نمبروار ٽي فقرا ڏيڻا پيا. انهيءَ ڪري انهن کي هڪ ئي جملي جا جزا ڪري رکڻ لاءِ اڌ دم ڪم آڻڻو پيو سون.

اڌ دم اڄ ڪلهه تمام گهٽ استعمال ڪيو وڃي ٿو. ان جو سبب رڳو اهو آهي ته خود انهن هنڌن تي، جتي اڌ دم جو استعمال ٿيڻ گهرجي، اتي ٿوري دم کي استعمال ڪيو وڃي ٿو. ان مان ٻه ڳالهيون نتيجي طور ظاهر ٿين ٿيون: اڌ دم جي اهميت گهٽجيو وڃي؛ ۽ ٻيو، ٿوري دم جو استعمال وڌيڪ پيچيدو ٿيو پوي. انهيءَ مونجهاري کي ختم ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته جتي اڌ دم جي استعمال جو موقعو هجي، اتي اڌ دم کان ڪم وٺڻ گهرجي.

 

دم (:)

اڌ دم کان پوءِ وڌيڪ زور ڀري نشاني ”دم“آهي. پوري دم کان ڪجهه گهٽ زور اٿس. اصل ۾، هيءَ نشاني فقط پٺيان ايندڙ ڪنهن تفصيل يا وضاحت جي ڪري ڏني ويندي هئي؛ پر گهٽ استعمال جي ڪري انهيءَ مان ٻيا به ڪارج ملڻ لڳا. جيئن ته دم، پوري دم کان ٻئي نمبر تي طاقت ڀري بيهڪ آهي، ان ڪري دم اتي استعمال ڪجي، جتي خيال ته ساڳيو ڪم آيل هجي، پر هر جملو پنهنجي جاءِ تي مڪمل هجي ۽ منجهس الڳ ٿي بيهڻ جي صلاحيت هجي. خيال جي هڪجهڙائيءَ جي پيش نظر، دم جي استعمال سان جملن جي لاڳاپي ظاهر ٿيڻ سان گڏ، انهن ۾ زور ۽ وضاحت پيدا ٿئي ٿي. هيٺئين مثال ۾ ٻن هنڌ دم ڪم آيل آهي – ڏسبو ته انهن جي استعمال جي ڪري خيال جي پيچيدگي گهٽ ٿيو پوي ۽ جملو مجموعي طرح زورائتو به ٿيو پوي. مثال:

 اوائلي سنسڪرت بدلجي، وچولي درجي واريءَ سنسڪرت ۽ پوءِ آخرين قسم جي سنسڪرت جو روپ اختيار ڪيو: ان کانپوءِ، پراڪرت جي مختلف قسمن مان هڪ قسم يعني اپرنش پراڪرت جي بگڙيل صورت، جنهن کي وراچڊ اپرنش چيو وڃي ٿو، وجود ۾ آئي: وراچڊ اپڀرنش ۾ وڌيڪ جو بگاڙو ۽ ڦيرو آيو، تنهن، اٽڪا يارهين صدي عيسويءَ ۾، اسان جي موجوده سنڌيءَ کي جنم ڏنو.

دم استعمال تڏهن ڪبو آهي، جڏهن جملا تمام وڏا هوندا آهن ۽ ڪيترن ئي مداري جملن جي ذريعي ڳنڍيل ۽ ڳتيل هوندا آهن. ڪنهن پيچيدي خيال کي بيان ڪرڻ ۾ لازمي طرح ڊگها جملا ڪم آڻڻا پوندا آهن: انهن کي صاف ۽ واضح ڪري بيهارڻ ۾ دم گهڻي مدد ڏئي ٿو.

دم جو ٻيو مکيه استعمال گفتگو کي ظاهر ڪرڻ وقت ايندو آهي؛ يا جڏهن جملي ۾ پويان ڪوتفصيل يا وضاحت ظاهر ڪرڻي هوندي آهي، تڏهن به دم ڪم آڻبو آهي. مثال:

 هو سوچي رهيو هو: ”ڇا منهنجي لاءِ زندگيءَ جي جهولي ايڏي خالي ٿي چڪي آهي، جو مون کي ڪجهه به نٿو ملي!“

پوليس لاءِ، ڪامورن لاءِ، ڪارخاني وارن لاءِ بس وٽس اهو ئي هڪڙو جملو هو: ”ڪتي جا ڦر.“

مٿين جملن مان پهرئين جملي ۾ دم انهيءَ ڪري ڪم آيو آهي، جو پويان گفتگو ظاهر ڪرڻي آهي. ٻئي جملي ۾ به ”سوچڻ“ جي وضاحت ظاهر ڪرڻ لاءِ  دم ڪم آيو آهي. ٽئين جملي ۾ ”جملي“ جي وضاحت ڪرڻ لاءِ دم ڏيئي، پوءِ چيل فقرو آندو ويو.

ڊگهن جملن کي الڳ ڪري بيهارڻ ۽ ڪنهن فعل جي وضاحت ڪرڻ لاءِ دم جو استعمال ضروري آهي. انهيءَ ڪري نه رڳو جملو پڙهڻ وقت سهنجو ٿي پوي ٿو، بلڪه ان جي معنيٰ به صاف ٿي بيهي ٿي.

 

پورو دم (.)

سڀني نشانين کان سولي نشاني آهي ”پورو دم“:، جنهن ۾ ڪو به مونجهارو نه آهي. جتي جملو ختم ٿئي ٿو، اتي پورو دم ڏنو ويندو آهي. جملي مان مقصد آهي ته جڏهن به ڪو خيال مڪمل طرح سان لفظن ۾ لکجي، ته خيال جي مڪمل ٿيڻ تي، ان جملي جي پڇاڙيءَ ۾ پورو دم ڏنو وڃي ٿو. مثال:

 سنڌ کي ڪو به ختم نه ٿو ڪري سگهي.

سنڌي ٻولي هڪ مڪمل ٻولي آهي.

مٿين جملن مان هر هڪ ۾ هڪ خيال مڪمل ٿئي ٿو. خيال جي انهيءَ تڪميل جي ڪري ان کي پورو دم ڏيئي، جملي کي بند ڪيو وڃي ٿو.

جڏهن ڪنهن وڏي لفظ کي مخفف صورت ۾ لکبو آهي، تڏهن ان جي پويان به پورو دم ڏيئي ڇڏبو آهي. مثال طور ”سنڌي ادب جي بورڊ“ کي اسين مخفف طور لکنداسون ”س. ا. ب“؛ ”هيڊ ماستر، کي عام طرح لکيو ويندو آهي ”هه.م“. گهڻا لکندڙ مخفف کان پوءِ ليڪ (ڊئش) ڏيندا آهن، پر ليڪ جو اهو استعمال غلط آهي. ليڪ کي پنهنجا ٻيا ڪارج آهن، جي اڳيان پيش ڪيا ويندا.

پوري دم جي وضاحت کان پوءِ، لازمي آهي ته پئرا جي مراد به سمجهجي. ”پئرا جو مطلب آهي لکڻ جو نئون سلسلو شروع ڪرڻ. اسان ڏٺو ته جڏهن جملي ۾ خيال جي تڪميل ٿئي ٿي، ته پورو دم ڏجي ٿو؛ پر جيڪڏهن ڪو خيال هڪ کان وڌيڪ جملن کان پوءِ پورو ٿئي، ۽ ان کان پوءِ وري نئون هڪ خيال هڪ کان وڌيڪ جملن ۾ ايندڙ شروع ڪرڻو هجي، ته انهن ٻن خيالن کي جدا ڪيئن ڪجي؟ ان لاءِ طريقو ”پئرا“ ڏيڻ جو آهي؛ يعني جتي پهريون خيال ختم ٿئي، اتي پورو دم ڏيئي، اها سٽ ئي ڇڏي، وري نئين سٽ شروع ڪجي. نئين سٽ شروع ڪرڻ ۾ به، ٻن ٽن لفظن جيتري جاءِ ڇڏي، پوءِ لکڻ شروع ڪجي. هن مضمون ۾ اوهان کي مختلف پئرائون نظر اينديون – اهي به انهيءَ اصول ماتحت ڏنيون ويون آهن. جتي ڪو نئون خيال شروع ٿيو آهي، اتي نئين پئرا شروع ڪئي وئي آهي.

پئرائن استعمال ڪرڻ سان لکيت ۾ زور ۽ وضاحت اچي ٿي وڃي. خاص طرح سان جڏهن لکندڙ کي ڪنهن  خاص نڪتي ڏانهن پڙهندڙ جو ڌيان ڇڪائڻو هجي، ته پئرا ذريعي ئي اهو مقصد حاصل ڪري سگهجي ٿو. پڙهندڙ جي اها نفسيات هوندي آهي ته جيڪڏهن مضمون يا لکيت جو ڪو ٽڪرو دلچسپ  نه هوندو آهي، ته ڪڪ ٿي پوندو آهي؛ پر جڏهن پئرا نئين شروع ٿيندي آهي، تڏهن وري هن جي پڙهڻ کي ٽيڪ اچي ويندي آهي – انهيءَ خيال ماتحت ته متان انهيءَ  پئرا ۾ لکندڙ ڪا دلچسپ ڳالهه ڪئي هجي. ان هوندي به اهو ڌيان لازمي طرح رکڻ گهرجي ته پئرائون هروڀرو گهڻيون نه ڪجن، نه ته مضمون ڊگهو ۽خيالن جو سلسلو بي جوڙ ٿي پوندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com