سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1956ع (1)

 

صفحو :22

جان وئن ڊون سائوٿ ورٿ

سنڌيڪار: محمد ابراهيم جويو

انسان ۽ سندس دنيا

 

سنه 1953ع ۾، هڪ آمريڪي عالم، ڊاڪٽر رالف سوليڪي، عراق جي ملڪ ۾ ويو، ۽ اتي هن فرات – دجله دوآبي جي اترئين ڀاڱي ۾ شانيدر نالي هڪ قديم غار جي ويهي کوجنا ڪئي. ٿوريءَ تپاس کان پوءِ، اندازو ٿيس ته ان غار ۾ هزارها ورهين کان وٺي، هڪڙا نه ٻيا ماڻهو ائين ئي رهندا پئي آيا هئا؛ خود ان وقت، هن پنهنجي اکئين، اتي ڪُرد قبيلي جا چاليهارو کن ڪٽنب آباد ڏٺا.

غار جي پٽ تي ڌوڙ، مٽيءَ ۽ گند ڪچري جا ايترا ته تهن جا تهه چڙهي ويا هئا، جو ائين پئي ظاهر ٿيو ته اهي تهه ڪن قديم ايامن کان وٺي پئي اتي جمع ٿيا آهن. پوءِ، ڊاڪٽر سوليڪيءَ ڇا ڪيو، جو ان غار جي پٽ ۾ بيهي هڪ همچورس 16 فٽ اڀو کڏو کوٽايائين. کوٽائي شروع ٿي، ته مٿان ئي مٿان، پهرين ٿورڙن انچن واري تهه ۾ڀڳل ٽٽل ٺڪر ۽ ٻيا اهڙين ڪن بنهه تازين رهجي ويل شين جا نشان ڏٺائين. اٽڪل اٺن انچن جو اهو پهريون تهه، جنهن ۾رڳو انهيءَ قسم جو گند ڪچرو، ڌوڙ ۽ شين جا ٽڪرا ڏٺا ويا، سو اتي تقريباً حضرت عيسيٰ جي ڄمڻ واري زماني کان پوءِ جو ئي جمع ٿيل هو. ڊاڪٽر سوليڪيءَ جي کوٽائي هڪ فٽ به اڃا مس هيٺ ويئي، ته اتي ايراني سلطنت شاهيءَ واري زماني جي لوهي هٿيارن جا ٽڪرا ۽ ٻيا اهڙا نشان لڀجڻ لڳا: ۽ انهن کان هڪدم پوءِ، اسيريائي زماني جا نشان يعني ٽامي جون مختصر شيون ۽  انهن جا ٽڪرا ڏسڻ ۾ آيا. اٽڪل ٻه فٽ هيٺ کوٽائي ڪرڻ تي، ڊاڪٽر سوليڪيءَ کي ”نئين پٿر واري دور“ جا سنوان سڌا، لَسا، هڪ ساريڪا ترڇيل پٿر جا اوزار هٿ آيا.

اهڙيءَ طرح آهستي آهستي، کڏو هيٺ اونهي کان اونهو ٿيندو پئي ويو. اٽڪل چئن فٽن تي، ”نئين پٿر واري دور“ جي اوزارن بدران ”پراڻي پٿر واري دور“ جا کهرا، آڏا ابتا گهڙيل پٿر جا اوزار ڏٺا ويا. پنجين ۽ ڇهين فٽ جي وچ ۾ اهڙا اڌ گهڙيا پٿر جا اوزار لڌا ويا، جيڪي ”پراڻي پٿر واري دور“ جي اوزارن کان به قدري مختلف هئا، جنهن مان ڊاڪٽر سوليڪي هن نتيجي تي پهتو ته اهي اوزار ”ڪرومئگنان“ نسل وارن فنا ٿي ويل ماڻهن کان به اڳ ڪنهن ٻيءَ ذات جي ماڻهن جا اتي ڇڏيل هئا. لڳ ڀڳ 12 فٽن جي اونهائيءَ تي هٿ آيل نشانن ۾ اڃا ئي وڌيڪ اختلاف ڏسڻ ۾ آيا، جنهن مان معلوم ٿيو ته انهيءَ وقت غار ۾ ماڻهن جو مرڳو ئي ٻيو ڪو نسل- جنهن کي اڄ جا سائنسدان ”نيندر ٿال ذات“ ڪري ٿا ڪوٺين- رهندو هو. آخر ۾، 26 فٽ هيٺ، ڊاڪٽر سوليڪيءَ هڪ نيندر ٿال ٻار جو هڏائون پڃرو لڌو، جيڪو حساب ڪيائين ته اٽڪل70000 (ستر هزار) ورهيه اڳ جو هو.

هيءُ 16 فٽ همچورس ۽ 26 فٽ اونهو کڏو، گويا هڪ لاڳيتو رڪارڊ هو، انسان جي تازين گذريل 700 صدين جي زندگيءَ جو، ڊاڪٽر سوليڪيءَ جو هيءُ کڏو وڃي غار جي بنهه تري تائين پهتو هو ۽ جيڪڏهن اڃا به ان کي هيٺ کوٽيو وڃي ها، ته اتان مٿي بيان ڪيل انساني هڏائين پڃري کان زياده قديم ڪا شي يا ڪو نشان شايد هٿ ڪين اچي سگهي ها.

پر، جيڪڏهن هيءُ غار، ماڻهن جي بستيءَ جي لحاظ کان زياده قديم هجي ها، ۽ ان جو اصل ترو اڃا به هيٺ اونهو هجي ها ۽ سندس انهيءَ تر ۾ ڌرتيءَ جي ڌڏڻ يا ٻئي ڪنهن اهڙي سبب کان ڪنهن قسم جي ڪا ڦير گهير نه آئي هجي ها، ۽ جيڪڏهن شروعات کان وٺي، غار جي پٽ تي مٽي ۽ ڌوڙ هڪ

ئي رفتار سان جمع پئي ٿئي ها، ۽ جيڪڏهن اهو کڏو سڀني جمع ٿيل تهن جي آرپار اڃا ئي هيٺ کوٽي سگهجي ها، ته ان حالت ۾ اسان کي ابتدا کان وٺي اڄ تائين، سڀني زمانن جي عمر جو گويا هڪ مڪمل نقشو ملي وڃي ها.

هن غار جي پٽ تي، اٽڪل 2700 سالن ۾، مٽيءَ جي تهه جو هڪ فٽ پئي جمع ٿيو هو. انهيءَ حساب سان جيڪڏهن کڏي کي 111 فٽ هيٺ کوٽجي ها، تڏهن ڪو وڃي ”پراڻي پٿر جي دور“ جي شروعات واري زماني تائين پهچجي ها، جنهن کي اٽڪل 300000 ورهيه گذري چڪا آهن. هن دنيا تي، انسان جي پهريائين تشريف فرما ٿيڻ جو زمانو ته تنهن کان گهڻو گهڻو اڳي ٿيو! هن کڏي کي 259 فٽ اڃا به هيٺ کوٽينداسون، ته به اسان کي ”اوائلي پٿر جي زماني“ جا نشان پيا ملندا: تان جو جڏهن 370 فٽن تي هيٺ پهچنداسين، تڏهن وڃي دنيا جي اوائلي انسانن جي زندگيءَ جا نشان ملنداسين. ياد رکڻ گهرجي ته اوائلي انسانن کي هن ڌرتيءَ تي آئي اٽڪل ڏهه لک ورهيه گذري چڪا آهن!

ڪو زمانو هو، جو اسان جي هن ڌرتيءَ تي انتهائي غير معمولي وڏا ۽ خوفناڪ جانور رهندا هئا، جن کي ”ڊنوسر“ يا ازدهائون چيو ٿو وڃي. انهن ڊنوسرن کي دنيا منجهان ختم ٿي وئي به ڪروڙين ورهيه گذر ٿي چڪا آهن. جيڪڏهن انهن ازدهائن جي زماني تائين پهچڻ گهرو ٿا، ته هن کڏي کي 37000 فٽ يعني اٽڪل ست ميل هيٺ وٺي وڃڻو پوندو. ظاهر آهي ته جيڪڏهن انهيءَ زماني تائين پهچڻو آهي، جڏهن ڌرتيءَ تي زندگيءَ جا پهريان آثار نمودار ٿيا هئا، ۽ ته کڏي کي اڃا ئي وڌيڪ هيٺ کوٽڻو پوندو. ڪيڏانهن ڊنوسر ۽ ازدهائون ۽ ڪيڏانهن زندگيءَ جا مختصر ابتدائي آثار! جيڪڏهن انهيءَ زماني جا نشان اوهان کي گهرجن، ته کڏي کي اڃائي وڌيڪ کوٽيو، ۽ 70 ميل هيٺ کوٽيو! ۽ ياد رکندا وڃجو ته کڏي جو سڀڪو هڪ فٽ ٿلهو تهه 2700 ورهين جي عمر جو اَٿوَ!

310 صفحي تي، ڊاڪٽر سوليڪيءَ جي انهيءَ سموري خيالي کڏي جا ٻه نقشا پيش ڪيا ويا آهن. کاٻي هٿ واري خاڪي ۾ اوهان ڏسندا ته ”نئين پٿر واري زماني“ جي پوري ٿيڻ کان وٺي اڄ تائين وارو ”سڌريل زمانو“ بنسبت انهن اکٽ زمانن جي، جڏهن ويچارو اڻ سڌريل انسان محض پٿر جا اوزار پيو ڪم آڻيندو هو، ڪيترو نه انتهائي مختصر زمانو آهي! اوهان چوندا ته پٿر وارن زمانن جي جملي عمر به ڏهه لک ورهيه ته هئي! ائين برابر آهي؛ پر انهيءَ مان اوهان کي ائين سمجهي ويهڻ نه گهرجي ته انسان هن ڌرتيءَ جو ڪو پراڻي ۾ پراڻو ۽ اصلوڪو رهواسي آهي! جيڪڏهن انسان جي اها جملي ڏهه لک عمر اوهان کي غير معمولي ۽ ڊگهي لڳي، ۽ ته پوءِ اوهان کي صفحي جي ساڄي پاسي واري نقشي ڏانهن نهارڻ گهرجي- اوهان ڏسندا ته جملي اٽڪل هڪ سو ڪروڙ ورهيه ڌرتيءَ تي زندگي موجود رهي آهي. انهيءَ جي ڀيٽ ۾، انسان ويچاري جي ڌرتيءَ تي جملي عمر اٽڪل ڏهه لک ورهيه، يعني هڪ سو ڪروڙ ورهين جي هزارين پتي به مس رهي آهي! حقيقت هيءَ آهي ته غريب انسان هن ڌرتيءَ جو پراڻو پاپي نه پر هڪ نئون نويل، بنهه هڪ تازو آيل معصوم ٻار آهي!

 

اوائلي انسان

تاريخ لکجڻ شروع ٿي، ان کان گهڻو گهڻو اڳ، انسان هن ڌرتيءَ تي موجود هو. گهڻن ماڻهن لاءِ انهيءَ حقيقت کي سمجهڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. هو سمجهن ٿا ته انسان جي تاريخ هڪ نهايت قديم چيز آهي، ۽ ان تاريخ جي شروع ٿيڻ کان ڪجهه ٿورورئي اڳ، هڪڙي قسم جا اڻ سڌريل وحشي ماڻهو غارن ۾ رهندا هئا، ۽ ترت ئي پوءِ ۽ هڪدم اڄوڪو سڌريل انسان دنيا ۾ تشريف فرما ٿيو! انسان جي پيدائش متعلق جيتوڻيڪ مروج ۽ مقبول عام عقيدو اهو ئي آهي، پر افسوس آهي، جو اهو عقيدو سڌو سنئون غلط ۽ بي بنياد آهي. حقيقت هيءَ آهي ته انسان دنيا ۾ پنهنجيءَ جملي عمر مان گهڻي ۾ گهڻو حصو، غارن ۽ جهنگلن ۾ ئي گذاريو آهي.

جيتوڻيڪ عالم ۽ سائنسدان، سالن جي ڪنهن خاص عدد متعلق متفق نه آهن، پر جيڪي به عملي شاهديون ۽ نشان موجود آهن، تن مان معلوم ٿئي ٿو ته اسان جي هن ڌرتيءَ کي پنهنجي موجوده شڪل ۾ آئي ۽ سج کي چوڌاري ڦرندي، گهٽ ۾ گهٽ 200 ڪروڙ سال گذري چڪا آهن. پهريان اٽڪل 100 ڪروڙ سال، ڌرتيءَ تي ڪا به جاندار چيز موجود نه هئي. شروعات ۾، ڌرتي فقط هڪ عظيم ٽهڪندڙ ٽڪرائون گولو هئي، پر نيٺ اجيتوڻيڪ عالم ۽ سائنسدان، سالن جي ڪنهن خاص عدد متعلق متفق نه آهن، پر جيڪي به عملي شاهديون ۽ نشان موجود آهن، تن مان معلوم ٿئي هٿو ته اسان جي هن ڌرتيءَ کي پنهنجي موجوده شڪل ۾ آئي ۽ سج کي چوڌاري ڦرندي، گهٽ ۾ گهٽ 200 ڪروڙ سال گذري چڪا آهن. پهريان اٽڪل 100 ڪروڙ سال، ڌرتيءَ تي ڪا به جاندار چيز موجود نه هئي. شروعات ۾، ڌرتي فقط هڪ عظيم ٽهڪندڙ ٽڪرائون گولو هئي، پر نيٺ آهستي آهستي ٺرندي ويئي ۽ ان جي فضا ۾ جيڪا گهم هئي، سا برسات جي صورت م هيٺ ڪرڻ لڳي. هيٺانهن ٽڪرن ۾ پاڻي ڪٺو ٿيڻ شروع ٿيو، ۽ اهڙيءَ طرح ڍنڍون، سمنڊ ۽ مهاساگر ٺهيا. بارش ۽ طوفاني هوائن جي دائمي لڳڻ سبب، ڌرتيءَ جو سخت پٿرائون تهه ڀور ڀور ٿي هڪ قسم جي نرم مٽيءَ جو تهه بنجي پيو. آهستي آهستي نيٺ ڌرتي ان حالت کي اچي پهتي، جو مٿس زندگيءَ جو پيدا ٿيڻ ۽ زندهه رهڻ، ممڪن ٿي سگهيو.

اوائلي جاندار چيزون اٽڪل 100 ڪروڙ سال اڳ ڌرتيءَ تي وجود ۾ آيون. پهريائين اهي جاندار چيزون، نهايت ننڍڙيون، ڪنئريون، ساديون هڪ گهرڙيون (Single cell) شيون، پاڻيءَ ۾ پيون ترنديون هيون. وقت گذرڻ تي، ٿورا وڏيرڙا ٻوٽا ۽ ٻيون جاندار شيون، اڳئين کان بهتر صورت  ۾، ظاهر ٿيون، انهن مان ڪي ته پاڻيءَ ۾ رهنديون آيون، ۽ ڪن وري  ڌرتيءَ تي رهڻ شروع ڪيو. تنهن کان پوءِ، عجيب عجيب شڪلين جا بي شمار جيت، مڇيون، جانور، وڻ ۽ ٻوٽا پيدا ٿي پيا. اهڙيءَ طرح ٿيندي ٿيندي، ڏهه ڪروڙ کن ورهيه اڳي، ڌرتيءَ تي هڪڙا غير معمولي وڏا جانور رهندا هئا، جن کي ”ڊنوسر، چيو وڃي ٿو: انهن مان ڪي ته هڪ سو فٽ ڊگها جانور هئا! رفتي رفتي، اهي گم ٿيندا ويا، ۽ انهن جي جاءِ وري هاڻوڪن نمونن جي جانورن ورتي، انهن ۾ گرم رت وارا جانور به اچي وڃن ٿا، جن کي اسين ”کير ڌارائيندڙ جانور“ سڏيون ٿا. پوءِ اٽڪل ڏهه لک ورهيه اڳ، پهريون سچو پچو انسان نمودار ٿيو.

ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته ڌرتيءَ تي ماڻهو اٽڪل ڏهن لکن ورهين کان رهندا ٿا اچن. انهيءَ انساني دور جو ڳچ حصو تاريخ کان اڳ جو آهي. انهيءَ جو مطلب هيءُ آهي ته ماڻهو ويچارا نه لکي ڄاڻندا هئا، نه پڙهي؛ انهيءَ ڪري هنن پويان ڪوبه لکيل رڪارڊ يا تاريخ نه ڇڏي آهي. ان جي هنن کي ڪا ڳڻتي به ڪا نه هئي. کين انهيءَ حقيقت جي بنهه ڄاڻ ئي ڪا نه هئي ته ڪا تاريخ به ٿيندي آهي. هونئن ته زندگي هنن لاءِ به ايتري ئي حقيقي  ۽ اهم هئي، جيتري اسان جي لاءِ آهي؛ زندگيءَ جا مسئلا پنهنجيءَ پر ۾ هنن لاءِ به اهڙا ئي منجهائيندڙ هئا، جهڙا اسان لاءِ آهن: هو کائيندا هئا، سمهندا هئا ۽ پورهيو ڪندا هئا؛ پيار محبت ۽ نفرت جذبا به منجهن هئا؛ پنهنجا ڪٽنب سنڀاليندا هئا ۽ پورهيو ڪندا هئا  ۽ انهن کي زندهه رهڻ ۽ زندگيءَ کي بهتر بنائڻ لاءِ اهي ترڪيبون ۽ حرفتون سکياريندا هئا، جيڪي پاڻ پنهنجي وڏن کان سکيون هئائون، يا پنهنجي حياتيءَ جي دوران ۾ نئينءَ طرح پرايو هئائون- سندن مرڻ کان پوءِ، انهن طريقن ۽ حرفتن کي سندن اولاد اختيار ڪندو هو. لکيو ڪجهه نه ويندو هو؛ ان ڪري اهڙا ڪي ڪتاب يا ڪو رڪارڊ رهيو ئي ڪو نه، جنهن ۾ هنن جو ”علم“ محفوظ رهي ۽ ايندڙ پيڙهين تائين پهچي. جڏهن ڪا ڳالهه سيکارڻي هوندي هين؛ ته ڪو ظاهر ظهور مثال ڏيئي، ڪجهه اشارن ۽ ڪجهه آوازن سان سمجهائيندا هئا. آخر جڏهن هڪ نه ٻئي قسم جي ڪا ٻولي ڳالهائڻ ۾ آئي، ته هڪ ٻئي کي اهڙيون چيزون زباني طرح سمجهائيندا هئا. اهڙيءَ طرح، ”علم“ هري هري ٿي گڏ ٿيندو ويو، ۽ آهستي آهستي انهيءَ گڏ ٿيل ”علم“ مان، انسان پنهنجي حياتي وڌيڪ سهنجي بنائيندو ويو.

ڇهن هزارن کان به گهٽ ورهيه ٿيا آهن، جو ماڻهوءَ لکڻ سکيو، ۽ انسان جي ”تاريخ“ جو تاريخي دور شروع ٿيو.

هاڻ اچو ته وقت جي انهن مکيه دورن جي اصلي حقيقت ۽ معنيٰ کي ڪنهن طرح سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون. فرض ڪريو ته هڪڙو گهڙيال آهي، جنهن جو هڪ منٽ برابر آهي هڪ سو سالن جي. هن وقت منجهند آهي ۽ پورا ٻارنهن لڳا آهن. ٻه منٽ اڳ يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف آمريڪا جو ملڪ وجود ۾ ئي ڪو نه هو! رڳو پنج منٽ اڳ ڪولمبس آمريڪا جو کنڊ ڳولي لڌو هو! ويهه منٽ اڳ، حضرت عيسيٰ عليه السلام اڃا ڄائو ئي ڪو نه هو! مصر جا احرام (پرئمڊس) پنجاهه منٽن کان به گهٽ عمر جا آهن ۽ دنيا جي پهرين پهرين سچي تهذيب، مصر ۽ فرات دجله جي واديءَ ۾ بنهه هڪ ڪلاڪ اڳ اڃا مس سرجڻ شروع ٿي هئي! اسان جي هن عظيم گهڙيال تي، انسان جي سموري تهذيب جي شروعات ۽ ارتقا انهيءَ گذريل هڪ ڪلاڪ ۾ يعني يارهين بجي کان ٻارهين بجي تائينءَ واري جهٽ پلڪ ۾ ئي ٿي آهي!

اڃا به پنهنجي هن عظيم گهڙيال کي (جنهن جو هڪ منٽ برابر آهي سو سالن جي) ڪم آڻيندي اچو ته گذريل وقت ڏي وڌيڪ نظر ڪريون. تاريخ کان اڳي وارن ماڻهن (جن ڏانهن اسين، ”تاريخي دور وارا انسان“، ڪڏهن به ڪو خاص ڌيان ڪو نه ڏيندا آهيون!) هن ڌرتيءَ تي، اسان جي مٿئين گهڙيال موجب، جملي 168 ڪلاڪ يعني پورو هڪ هفتو حياتي گذاري آهي. (انهيءَ سان اسان جي تاريخي وقت جي ”هڪ ڪلاڪ“ جي ڀيٽ ته ڪري ڏسو!) ان حساب سان ڊنوسر اڄ کان 694 ڏينهن- اٽڪل طور پورا ٻه سال- اڳ موجود هئا! ڌرتيءَ تي ”پهرين زندگي“ اوڻيهه سال اڳ نمودار ٿي؛ ۽ ياد رکجو ته اهو عرصو وقت جي انهيءَ پيماني جي حساب سان آهي، جنهن موجب اسان جي سموري (تاريخي) تهذيب هڪ ڪلاڪ کان به ننڍيءَ عمر جي آهي ۽ يونائيٽيڊ اسٽيٽس جو ملڪ ٻن منٽن کان به گهٽ ڄمار جو آهي!

 

اوائلي پٿر وارو زمانو

قديم ترين ماڻهن بابت ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن، جن جي اسان کي بنهه خبر ئي ڪانهي. جيڪي ڪجهه هو ڪندا هئا، ان بابت اسان وٽ ڪو به لکيل رڪارڊ ڪو نه آهي؛ ڇاڪاڻ ته لکڻ جو هنر ته اڃا به لکين ورهيه کانئن پوءِ ايجاد ٿيڻو هو. انهيءَ ڪري، جدا جدا قسم جي گذري ويل ماڻهن ۽ سندن ڪارگذارين بابت اسان کي ڪو خاص علم ۽ ڄاڻ نه آهي. پر ان هوندي به، سائنسدان، تاريخ کان اڳ جي هنن انسانن بابت، مجموعي طور، گهڻو ڪجهه پروڙي ويا آهن. جن غارن ۽ جهنگلن ۾ انسانن حياتي گذاري، ته سندن انهيءَ زماني جا ڪي اوزار ۽ هٿيار اتان دستياب ٿيا آهن. انهن قديم ماڻهن مان ڪن ٿورن جا هڏاوان پڃرا به لڌا ويا آهن، جن مان سندن قدبت ۽ شڪل شبيهه بابت پڻ چڱي موچاري ڄاڻ ملي ٿي. هن ڌرتيءَ تي مٽي ۽ ريتي، تهن جي صورت ۾، گڏ ٿيندي ئي ٿي رهي. سائنسدان انهن تهن جي اهڙيءَ طرح جمع ٿيڻ جي رفتار جو حساب لڳائي چڱيءَ خاطريءَ سان ٻڌائي سگهن ٿا ته انسان، جنهن جا هڏا يا ٻيا اهڙا نشان جنهن تهه مان ملن ٿا، انهيءَ تهه کي جمع ٿئي ڪيترا سال گذريا آهن. انهن ساڳين تهن مان جانورن جي هڏن جا پڃرا به ملن ٿا، ۽ اهي پڃرا وري ان حقيقت جو ڏس ڏين ٿا ته ان وقت ڌرتيءَ تي انسان کان سواءِ ٻيا ڪهڙا ساهه وارا جيوَ موجود هئا. اهي ننڍيون ننڍيون ثابتيون گڏجي، اسان جي قديم ترين ابن ڏاڏن جي ارتقا جي چڱي موچاري مڪمل تصوير چٽين ٿيون.

شروعاتي انسان، اڄ ڪلهه جي معيار مطابق، مهانڊي جا موچارا ڪين هئا. هو قدم جا بندرا، بت جا ڀريل هئا؛ عضوا مضبوط ۽ ويڪرا هئن؛ هو ڪٻڙا ٿي هلندا هئا ۽ مٿو زمين ڏانهن لڙيل هوندو هئن. هنن جي منهن ۾ کاڏيون ته بنهه نالي ماتر هيون؛ سندن نراڙ ترڇڙي نموني ۾، پوئتي مڙيل هوندا هئا. سندن کوپريءَ ۾ اکين جي مٿان هڏاوان کوپا ٻاهر نڪتل هوندا هئا. ڪپڙو ڪو نه ڍڪيندا هئا. وٽن ڪي اوزار يا هٿيار به ڪين هئا. پنهنجي کاڌي لاءِ ننڍن ننڍن جانورن جو شڪار ڪندا هئا، پر وڏن مرن کان ٽهي، لڪي ڀڄي ويندا هئا؛ ڇاڪاڻ ته انهن سان وڙهڻ ۾ پڄي ڪين سگهندا هئا. ان هوندي به طاقتور کان طاقتور جانور تي به ٽن قسمن جون فوقيتون کين حاصل هيون:  پهريون ته انسان وٽ دماغ هو. اهودماغ، جنهن جي ذريعي تجربا ڪري هو ڪجهه سکي سگهيا ٿي، ۽ اهو ”علم“ آئيندي ڪم آڻڻ لاءِ هنن وٽ محفوظ رهي ٿي سگهيو؛ ٻيو ته هنن کي ڄاڙيون، ۽ نڙيءَ ۾ آواز پيدا ڪرڻ جون ڏوريون هيون، جن جي وسيلي هو ڳالهائڻ لاءِ مختلف آواز پيدا ڪري ٿي سگهيا؛ ٽيون ته هنن وٽ هٿ هئا. انساني هٿ، چيتي جي تيز ننهن واري چنبي وانگر چيرڻ ڦاڙڻ لاءِ برابر ايترو ڪارگر نه آهي، ۽  نه وري گهوڙي جي سنب وانگر هلڻ لاءِ ايترو ڪارائتو آهي، ۽ نڪي وري عقاب جي پير وانگر ڪنهن چيز کي چنبي ۾ مضبوط جهلي بيهڻ لاءِ ايترو مفيد آهي. پر رواجي طرح، انساني هٿ نه فقط انهن سڀني ڪمن لاءِ، پر اهڙن ٻين بي شمار ڪمن لاءِ پڻ، ضرورت سارو، نهايت چڱو ڪم ڏئي سگهي ٿو. ان کي ڪنهن خاص هڪڙي ڪم لاءِ نه، پر مختلف نمونن ۽ انيڪ حالتن ۾ نهايت ڪارائتي انداز ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو. اهڙيءَ طرح، ڳالهائڻ جي قوت ۽ هٿن ۽ دماغ جي مدد سان، آهستي آهستي، انسان ٻين سمورن جانورن تي قابو پائيندو ويو.

اها حقيقت آهي ته اسان وٽ ان ماڻهوءَ جي ڪائي سڃاڻپ ڪانهي، جنهن اول اول ڪنهن اوزار يا هٿيار ٺاهڻ  لاءِ پنهنجا هٿ ڪم آندا هجن. شايد هُن زمين تان ڪا وڻ جي ٽاري کنئي هوندي ۽ ان کي ڪن جانورن کي مارڻ لاءِ لٺ ڪري استعمال ڪيو هوندائين! ڪنهن چيتي يا رڇ جي ڊپ کان ڪنهن مٿاهين ڪنڌيءَ ڏانهن ڀڄندي اتفاق سان ڪو پٿر هن جي ٺوڪر سان ٿڙي هيٺ ڪريو هوندو، ۽ جانور کي لڳو هوندو ۽ جانور عجب ۽ خوف وچان بيهي رهيو هوندو يا ڀڄي ويو هوندو! هن مڙس جڏهن اها حالت ڏٺي، تڏهن ٻئي ڀيري، ڄاڻي ٻجهي، اهڙو ٻيو پٿر کڻي،ساڳيءَ ريت پنهنجي ڪنهن دشمن کي اڇلائي هڻي ڪڍيو هوندائين! جڏهين هو کائڻ ويل، ڪنهن وڏي پر سخت نريءَ جي هڏي منجهان مٺي گودي ڪڍڻ ۾ ناڪامياب ٿيو هوندو، ته کيس هڪ نئون خيال آيو هوندو- پٿر کڻي هن کي ڀڳو هوندائين! اهي برابر رڳو قياس آرائيون يا ڌڪا آهن. ماڻهوءَ جي اوائيلي خو د - سکيا جي انهن ۽ اهڙن ٻين ٻاراڻن طريقن ۽ سوالن جا صحيح جواب ۽ احوال شايد اسين ڪڏهن به معلوم نه ڪري سگهنداسين!

جڏهن انسان کي اها ڄاڻ حاصل ٿي وئي ته پٿر ۽ پهڻ دشمن کان بچاءَ يا شڪار جي هٿ ڪرڻ لاءِ ڪارائتا ٿي سگهن ٿا، تڏهن هنن اهي پٿر ميڙڻ شروع ڪيا، جيڪي قدرتي طرح اڳي ئي اهڙيءَ طرح گهڙيل ٺهيل هئا، جو انهيءَ ڪم لاءِ ضرورت آهر زياده مفيد نموني ۾ ڪم اچي ٿي سگهيا. هن منزل تي، مناسب مقدار ۽ بناوت وارا پهڻ چونڊيا ته برابر ويندا هئا، پر ماڻهن اڃا انهن پهڻن کي وڌيڪ ڪارآمد بنائڻ لاءِ پنهنجي هٿ سان پاڻ گهڙي ٺاهي گهربل صورت ۾ آڻڻ شروع نه ڪيو هو. هن زماني کي ”پٿر جي زماني کان اڳي جو زمانو“ يا ”اوائلي پٿر جو زمانو“ سڏيو وڃي ٿو. اهو زمانو تقريباً ڏهه لک سال اڳ واري زماني کان وٺي تقريباً ٽي لک سال اڳي واري زماني تائين، جملي اٽڪل ستن لکن ورهين جو عرصو چالو رهيو!

انهيءَ شروعاتي پٿر واري زماني ۾ ئي، ڪنهن منزل تي، انسان ”باهه“ تي قبضو ڪيو! شايد هن ڪو اهڙو هنڌ ڏٺو، جتي وڄ ڪرڻ سبب، ڪٿي ٻيلي جي ڪنهن حصي ۾ اچي باهه ورتو هو! پوءِ باهه جي مدد سان، هو سياري ۾ پنهنجي جسم کي گرم ڪرڻ، جهنگلي جانورن کي پاڻ کان ڊيچاري پاڻ کان پري رکڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو؛ ۽ هلندي هلندي باهه تي پنهنجو کاڌو رڌڻ پچائڻ به سکي ويو! ٿوري وقت کان پوءِ باقاعدي پٿرن کي گسائڻ سان، يا ڪنهن ڌاتوءَ جي ٽڪر کي پٿر تي زور سان هڻڻ سان باهه پيدا ڪرڻ جي اٽڪل به حاصل ڪري ورتائين.

انهيءَ اوائلي پٿر واري زماني ۾ ئي انسان ڳالهائڻ سکيو. انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ڳالهائڻ جو هنر هن ۾ هري هري ئي پيدا ٿيندو رهيو. ڪيترا جانور، ڪنهن چتاءَ ڏيڻ خاطر، مختلف قسم جا آواز ڪڍندا آهن. ماڻهو به ائين ڪرڻ لڳو هوندو- پوءِ هن جڏهن ماڻهن جي ڪنهن ميڙ جي اوسي پاسي ۾، وڻ جي اوٽ ۾ يا ٻوڙي جي پاسي ۾ لڪل ڪو جانور ڏٺو هوندو، تڏهن هن کي آوازن مان اندازو لڳائڻو پيو هوندو ته اهو ڪو تيز ڏندن وارو چيتو ٿي سگهي ٿو، جو ماڻهن تي حملي ڪرڻ لاءِ لڪو آهي؛ يا ته ڪو هرڻ آهي، جنهن کي ماڻهو شڪار ڪرڻ جي پويان آهن. اهي خيال ظاهر ڪرڻ لاءِ، هن کي ڪيترن ئي قسمن جا آواز استعمال ڪرڻا پيا هوندا! انهن آوازن مان ئي لفظ پيدا ٿيا، ۽ نيٺ ڳالهائڻ جي فن ترقي ڪئي!

 

پراڻو پٿر جو زمانو

اوائلي پٿر واري زماني کان پوءِ، ”پراڻو پٿر وارو زمانو“. انهيءَ زماني ۾، انسانن پٿرن مان اوزار ۽ هٿيار ٺاهيا- هڪڙي پٿر جي ٽڪر جي منهن کي ٻئي پٿر سان گهڙي گهڙي، ان کي ڪهاڙيءَ مثل هڪ تکي ڦار واري هٿيار جي شڪل صورت ڏيندا هئا، جنهن کي پوءِ هٿ ۾ جهلي وهائڻو پوندو هون. انهن هٿيارن ۽  اوزارن لاءِ ڪاٺ جا ڳن ۽ هٿيا، هزارين ورهيه پوءِ ايجاد ٿيا.

سوين هزارين سال اڳ، انهيءَ پراڻي پٿر جي زماني ۾، دنيا جي آب هوا ۾ هڪ قسم جي بنيادي ۽ اهم تبديلي پيدا ٿي. دنيا جي اترين حصن ۾ وڌيڪ ٿڌ پکڙجڻ لڳي- انهن حصن ۾ سياري جي موسم جيئن پوءِ تيئن سخت ٿڌي ۽ ڊگهي ٿيندي ويئي، ۽ برف جون پربت جيڏيون زبردست چادرون اتر کان هيٺ رڙهڻ لڳيون ۽ نيٺ اتر يورپ ۽ اتر آمريڪا جي اترئين حصي کي  ڍڪي ڇڏيائيون. ماڻهو، انهن برفن کان بچڻ لاءِ، زمين جي ڪنهن گرم ٽڪرجي ڳولا ۾، ڏاکڻي حصي ڏانهن ڀڳا، شڪار ٿيڻ جهڙا جانور به برف کان بچڻ لاءِ ڏکڻ ڏانهن وڌڻ لڳا. ماڻهو، جيڪي انهن برف سان ڍڪيل حصن ۾ رهجي ويا، تن پاڻ کي ٿڌ ۽ پاري کان بچائڻ خاطر جانورن جون کلون اوڍڻ شروع ڪيون - ۽ انهيءَ طرح ڪپڙن ڍڪڻ جو اوائلي طريقو وجود ۾ آيو. اهڙيءَ طرح، دنيا جي آب هوا ۾ ڪل چار برفاني دور آيا، جن جي وچ وچ ۾ وري گرم آب هوا جا دور به ايندا ٿي رهيا.

اهي بندرا، جُهڪي هلندڙ، مضبوط جسم جا ماڻهو، جي يورپ ۾ انهيءَ برفاني دور ۾ رهندا ٿي آيا، ”نيندرٿال“ ماڻهو سڏبا آهن. اسان جا قديم ابا ڏاڏا اهي ماڻهو ڪو نه آهن. انهيءَ ڪري، جو پراڻي پٿر واري دور ختم ٿيڻ کان اڳ ۾، اهي ماڻهوقريب قريب فنا ٿي ويا. شايد اهي ماڻهو، انسانن جي ٻئي هڪ طاقتور نسل هٿان شڪار ٿي، ختم ٿي ويا. اهي ٻئي نسل جا ماڻهو چوٿين برفاني دور ۾، اٽڪل 30000 سال اڳ، اتر آفريڪا کان ڏکڻ يورپ ۾ آيا.

انهن نون ماڻهن کي .”ڪرو – مئگنان“ ذات وارا انسان سڏيو ويندو آهي. انهن جي، نيندر ٿال ماڻهن جي ڀيٽ ۾، هاڻوڪن ماڻهن جي مهانڊي سان وڌيڪ هڪجهڙائي هئي. هو، قد جا ڊگها ۽ سڌا، هاڻوڪن ماڻهن جي قدبت جيترا هئا- هنن کي کاڏيون ۽ گهڻي قدر سنيون سڌيون پيشانيون هيون. هاڻوڪن منگول نسل وارن ماڻهن وانگر هنن جي ڳلن جا هڏا مٿي نڪتل هئا. هنن جون کوپريون هاڻوڪي ماڻهوءَ جي کوپريءَ کان به وڏيون هيون. انهيءَ مان ظاهر آهي ته نيندر ٿال ماڻهن جي ڀيٽ ۾، هنن جو دماغ وڌيڪ سڌريل حالت ۾ هو.

ڪرومئگنان ۽ ان کانپوءِ اچڻ وارا ماڻهو گهڻو ڪري  ”هوموسيپئنس“
سڏبا آهن. هيءَ لاطيني ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”سمجهه رکندڙ“ يا ”سياڻپ وارو“ ماڻهو. جلد ئي اهي ”سمجهه رکندڙ ماڻهو“ سڄيءَ دنيا ۾ پکڙجي ويا- ۽ اڄ، گهڻو ڪري انسانن جا سمورا نسل ۽ ذاتيون انهيءَ انساني قسم سان تعلق رکن ٿيون. ممڪن آهي ته آسٽريليا جي ماڻهن جي هڪ جهنگلي ذات انهن منجهان نه هجي- سائنسدانن جو اهو خيال آهي ته آسٽريليا جا اهي ماڻهو شايد نيندر ٿال ماڻهن جي ڪنهن رهجي ويل ڪڙم جو اولاد آهن.

”ڪرومئگنان“ماڻهو، يورپ ۾ آخري برفاني دور جي زماني ۾ آيا، ۽ ظاهر آهي ته ان وقت کين نيندرٿال ماڻهن وانگر غارن ۽ چرن ۾ پنهنجا گهر ٺاهي رهڻو پيو هوندو. شايد انهن غارن کي بچائڻ ۽ هٿ ڪرڻ جي ئي ڪشمڪش هجي، جنهن ۾ نيندر ٿال ماڻهن جي شڪست ۽ خاتمو آيو هجي. ڪرومئگنان ماڻهن به پاڻ کي ٿڌ کان بچائڻ لاءِ، باهه ۽ جانورن جون کلون ڪتب آنديون. پر پٿر جي اوزارن ۽ هٿيارن ٺاهڻ ۾، جيڪي سو، هو بهتر طريقا اختيار ڪرڻ لڳا. پٿر کي گهڙڻ بدران، هنن پٿر جي ڌار تي، خبرداريءَ سان دٻاءُ ڏيئي، غير ضروري تهه کرڙي ٿي ورتا- انهيءَ طرح سان سندن اهي پٿر جا اوزار ۽ هٿيار وڌيڪ لسا، سڌا سنوان، تکا ۽ ڪارگر بنجي پيا. ڪرومئگنان ماڻهن هٿيارن جا ڪيترا نوان ۽ بهتر قسم پاڻ ايجاد ڪيا: جهڙوڪ سوئا، هڏن ۽ عاج جون سيون، ڪاٺجي ڳن سان ڀالا ۽ نيزا وغيره پٿر جي تراکڙين ٿالهين ۾ جانورن جي چرٻيءَ سان وٽيون ٻاري هنن ڏيا پڻ ٺاهيا.

ڪرومئگنان ماڻهو دنيا جا پهريان فنڪار هئا. هنن جي غارن جون ڀتيون انهن جانورن جي سهڻين ۽ شاندار تصويرن سان چٽيون پيون هونديون هيون، جن کي هو پنهنجي روزاني پيٽ قوت لاءِ شڪار ڪندا هئا. انهن ۾ خطرناڪ جهنگلي مينهن، جهنگلي گهوڙن، پربت جيڏن هاٿين ۽ ٻانهن جيڏيءَ پشم سان ڍڪيل نهايت وڏن سانبرن جون تصويرون هيون. اهي تصويرون رڳو ڀتين جي آرائش ۽ زيبائش لاءِ نه هيون. انهيءَ ڳالهه جي ثابتي موجود آهي ته هو اهي تصويرون انهيءَ ڪري ڪڍندا هئا، جو سندن اهو عقيدو هوندو هو ته انهن تصويرن جي اثر کان، اهي جانور جتي هوندا، اتان هلي سندن شڪار گاهن ۾ اچي جمع ٿيندا ۽ پڻ گهڻو وڌندا ويجهندا، ۽ اهڙيءَ ريت هو انهن جانورن کي آسانيءَ سان شڪار ڪري سگهندا.

اهوبه ظاهر آهي ته ڪرومئگنان ماڻهو ئي هئا، جن اول اول ”مذهب“، کي وجود ۾ آندو. جڏهن هنن ۾ ڪو ماڻهو مرندو هو، ته ا ُن جو ماتمي جلوس ڪڍندا هئا ۽ ان کي ڍڪيل ٺهيل، سندس اوزارن ۽ هٿيارن سميت، زمين ۾ پوري ڇڏيندا هئا. ائين ٿو ڀانئجي ته شڪار کي وڌائڻ لاءِ ۽ پڻ پنهنجي زندگيءَ جي ٻين حالتن کي سڌارڻ لاءِ، منجهن ڪي ٻيون سڌيون ساديون مذهبي رسمون به رائج هيون.

نئون پٿر جو زمانو

جهڙيءَ طرح ڪرومئگنان ماڻهن اچي نيندرٿال ماڻهن کي فنا ڪري ڇڏيو، تئن اٽڪل 12000 ورهيه اڳ ماڻهن جي هڪ ٻئي گروهه، اتر آفريڪا ۽ ڏکڻ يورپ ۾ اچي، ڪرومئگنان ذات کي ختم ڪري ڇڏيو. اهي نوان آيل ماڻهو ئي اسان جا ابا ڏاڏا هئا: موجوده انسان، ماڻهن جي انهيءَ ذات منجهان ئي آهي.

”نئون پٿر وارو زمانو“، انهن نون انسانن جي اچڻ سان شروع ٿيو، هنن، پٿر مان اوزارن ۽ هٿيارن بنائڻ لاءِ بهتر طريقا اختيار ڪرڻ شروع ڪيا. هو پٿر کي ڪـُٽڻ يا ترڇڻ بدران، ان کي گهَي گهَي، ان مان مختلف شڪلين جا لسا ۽ سڌا اوزار بنائڻ لڳا. نئين پٿر واري دور جي ماڻهن جا ٺاهيل پٿر جا اوزار ڏيکارين ٿا ته انهن اوزارن کي تمام سٺيءَ ڪاريگريءَ سان ٺاهيو ٿي ويو. ڪاٺ، عاج ۽ سڱن مان به شيون ٺهڻ لڳيون. انهيءَ نئين پٿر جي دور ۾ ئي، ماڻهو، تير ۽ ڪمان ذريعي، پري کان ڌڪ هڻڻ جو هنر سکيو.

نئون پٿر جو دور، پٿر جي ٽنهي دورن کان ننڍو دور هو: پر انهيءَ دور ۾ ئي انسانن پنهنجي زندگيءَ جي طريقن ۾ گهڻي ۾ گهڻو سڌارو آندو. ٺڪر جي ٿانون ٺاهڻ جو هنر ايجاد ڪيو ويو- جنهن جي مدد سان کاڌي جي شين ۽ پاڻيءَ کي سهوليت سان جمع ڪري رکڻ، ۽ کاڌي جي رڌڻ پچائڻ جا بهتر طريقا اختيار ڪرڻ ممڪن ٿي پيا. جهنگلي بگهڙن جهڙا ڪتا، جيڪي گهڻو ڪري ماڻهن جي رهائش جي آس پاس پيا ڦرندا هئا ۽ کاڌي جي اوبر سوبر پيا کائيندا هئا، تن کي به انسان پالي تاتي پنهنجومددگار بنائي وڌو. انسان، ٻج پوکي فصل پيدا ڪرڻ به هن دور ۾ سکيو. ماڻهن جڏهن جانورن جي وارن ۽ وڻن ۽ ٻوٽن جي تندن کي وٽي نوڙيون ٺاهڻ سکيون، تڏهن انهن مان وري هنن کي سٽ ڪتڻ، ۽ ٿپڙين اُڻڻ جو هنر به اچي ويو. اڳي جو ماڻهو جانورن جون کلون ڪپڙن طور ڍڪيندا هئا، تن جي بدلي هاڻي آهستي آهستي اهي سچا پچا اُڄيل ڪپڙا استعمال ٿيڻ لڳا.

جهنگلي جانورن کي پالي گهريلو بنائڻ، ۽ جهنگلي ٻوٽن کي پنهنجي مرضيءَ موجب پوکڻ ۽ لڻڻ- انهن ٻن هنرن انسان جي روز مره جي زندگيءَ ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون انقلابي تبديليون آنديون، تن جو رڳو پورو اندازو به شايد مشڪل سان اسين ڪري ٿا سگهون! پنهنجن هنن ٻن عظيم ڪاميابين سبب، هاڻي، انسان کي پنهنجي ۽ پنهنجي ڪٽنب جي گذران لاءِ هڪ هنڌان ٻئي هنڌ ڀٽڪڻو ڪو نه ٿي پيو- هاڻي، کاڌي لاءِ هو پنهنجا فصل پوکي ٿي سگهيو، ۽ پنهنجا جانور پالي ٿي سگهيو؛ ۽ انهيءَ سهوليت هن کي هڪ هنڌ ٽڪاءُ ڪري رهڻ جو موقعو ڏنو. اهو انسان لاءِ پهريون موقعو هو، جڏهن هن پنهنجي اجهي کي بهتر بنائڻ ۾ دلچسپي ورتي، جئن اهي اجها ڪو وقت جٽاءُ ڪري سگهن. عمارت سازيءَ جو هنر تڏهن پيدا ٿيو، جڏهن نئين پٿر واري زماني جي ڪن ماڻهن – جيڪي هاڻوڪي سئٽزرلئنڊ ملڪ جي ايراضيءَ ۾ رهندڙ هئا. هڪڙي نئين قسم جو گهر ٺاهيو. جنهن کي اسين هاڻي شايد مَڏ ُ سڏينداسون: ڇا ڪيائون جو ڪپر کان ٿورو اندر، ۽ ڍنڍ مٿان پاڻيءَ ۾ لڪڙا کوڙي، انهن تي کڻي اڏاوت بيهاريائون، جنهن ۾ نهايت ڪاريگريءَ سان اڏيل ڪاٺ جا چونڪ هئا، هوا ۽ روشنيءَ جي گذر لاءِ دريون هيون، باهه جي دونهين جي نيڪال لاءِ ڇت ۾ سوراخ هئا ۽ اڳيان دروازي لاءِ ٻه اڀا لڪڙا، چائنٺ ۽ سرائيءَ وارين ٻن ڪاٺين جي آڌار تي مضبوط رکيل هوندا هئا. ان وقت تائين، اهي گهر پنهنجي قسم جا زياده ۾ زياده سهوليت ۽ سلامتيءَ وارا اجها هئا!

قديم زماني ۾، جڏهن ماڻهن جو گذارو شڪار تي هوندو هو، تڏهن پنهنجي سلامتيءَ لاءِ ۽ وڏن جانورن کي شڪار ڪرڻ ۾ سهوليت خاطر، ماڻهو ڪٽنبن جا ڪٽنب گڏجي ۽ ٽولين جون ٽوليون ٿي سفر ڪندا هئا. اهڙين ٽولين مان هر هڪ ٽوليءَ کي قبيلو سڏيو ويندو هو. هر ڪنهن قبيلي جو هڪ سردار هوندو هو، جو قبيلي کي ضابطي ۽ انتظام ۾ رکڻ ۽ سندس قبائلي ڪارگذارين جي ڪاميابيءَ لاءِ زميدار هوندو هو. پر پوءِ، مٿي بيان ڪيل تبديلين سبب، جڏهن ماڻهو مستقل طرح هڪ هنڌ رهڻ لڳا، ۽ منجهن نيون نيون جماعتون ۽ راڄ پيدا ٿيڻ لڳا، تڏهن هنن کي ڪنهن بهتر تنظيم جي ضرورت پيش آئي. ان ضرورت ماتحت اوائلي مختصر قسم جون حڪومتون وجود ۾ آيون، جن جا اڳواڻ(جن جي جاءِ، گهڻو گهڻو پوءِ، اچي بادشاهن والاري)، انهن جماعتن ۽ راڄن جا سردار هئا،  ۽ انهن سان ڪم ڪار ۾ مدد ڪرڻ لاءِ، وري ”سياڻن“ ماڻهن جون صلاحڪار جماعتون هيون. قبائلي رسمون ۽ پائبنديون (جيڪي اسان جي موجوده قانونن جون پهريون صورتون هيون) عمل ۾ آنديون ويون، جئن ماڻهو ان وڻندڙ ۽ نقصانڪار ڳالهين کان پرهيز ڪن، ۽ زندگيءَ جي انهن طريقن جي همت افزائي ٿئي، جي سڀني لاءِ چڱا هجن. ”مذهب“ جي تنظيم ۽ ان جي تفصيل ۾ زياده واڌارو ٿيو، قبائلي پروهت ۽ ويڄ مذهب جون ريتون رسمون ۽ ڪريا ڪرم ادا ڪرڻ لاءِ وڌي اڳتي ميدان ۾ آيا. مذهب جون ريتون رسمون ۽ڪريا ڪرم ان زماني ۾ نهايت پيچيده ۽ رعب تاب وارا هوندا! مثال طور، قديم انگلنڊ جي عظيم مندر ”سٽون هينج“ جي وسيع کليل ميدان ۾ جيڪي بي شمار پربت جيڏا وڏا ۽ ڳرا پٿر چوڌاري گهيري ۾ رکيل هوندا هئا، جن جا نشان اڄ تائين به سرزمين تي موجود آهن، تن مان پتو پوي ٿو ته انهيءَ نئين پٿر واري زماني ۾ مذهب جي ڪيڏي نه اندازي کان ٻاهر اهميت هئي!

اسان پٿر جي مختلف زمانن بابت اهڙي نموني ۾ بيان ڪيو آهي، ڄڻ ته ڪنهن ناٽڪ جي منظرن وانگر هڪ دور، هڪ خاص وقت ۽ مقام تي پورو ٿيو ٿي، ته وري ٻيو دور نئين ڍنگ سان هڪدم اتان شروع ٿي ٿي ويو. دراصل  انساني ارتقا جي انهن دورن ۾، زمان ۽ مڪان جي لحاظ کان، ايتري باقاعدگي موجود ڪا نه هئي. جيڪڏهن هڪڙن انسانن هڪ هنڌ پنهجن اوزارن ٺاهڻ لاءِ نوان طريقا پئي اختيار ڪيا، ته سندن پاڙيسري وري ٻئي هنڌ قدامت پرستيءَ جي ڪري پيڙهين تائين انهن پراڻن طريقن کي چهٽا رهيا، جن تي هو اصل هريل هئا، ۽ جن جو وٽن شروع کان رواج پئجي ويو هو. رواج ۽ رسمون به هڪ هنڌان ٻئي هنڌ نهايت آهستي آهستي ٿي پکڙيون. ائين چيو وڃي ٿو ته نئين پٿر وارو دور، ڌاتن، جي اوزارن ۽ هٿيارن جي ايجاد ٿيڻ تي پورو ٿيو. اهو ڪڏهن ٿيو؟ ايشيا جي ڏکڻ اولهه وارن ڪن ڀاڱن ۽ آفريڪا جي اتر اوڀر وارن ٽڪرن ۾، ٽامي جا اوزار ۽ هٿيار 5000 ورهيه قبل مسيح واري زماني ۾ به ڪتب آندا ويندا هئا. پر عام طرح انسانن جي زندگيءَ ۾ پٿر جي بدران ٽامي جو استعمال انهيءَ کان سوين سال پوءِ رواج ۾ آيو! انهيءَ وچ ۾ يورپ جا ماڻهو، ان وقت تائين پٿر جا اوزار ۽ هٿيار ڪتب آڻيندا رهيا، جيسين اٽڪل 2000 ورهيه کن پوءِ ٽامي جي دور جي سڀيتا وٽن پهتي. انهيءَ کان به 4500 ورهيه پوءِ، يورپ جا ماڻهو سمنڊ پار ڪري، ان زمين تي پهتا جنهن کي آمريڪا سڏيو وڃي ٿو. جڏهن هو اتي پهتا، تڏهن ڏٺائون ته آمريڪا جا ماڻهو ”ڳاڙها هندستاني“، اڃا تائين پٿر واري دور ۾ ئي هئا، ۽ پٿر جا هٿيار پئي ڪم آندائون. حقيقت ۾ انهن ”هندستانين“ مان ڪي ته اڃا به قديم ”پراڻي پٿر جي دور“ مان لنگهي رهيا هئا، جو هنن کي اڃا پٿرن کي گسائي لسو ڪري، هٿيارن ٺاهڻ جو ڏانوُ ئي ڪو نه آيو هو؛ اڃا تائين اڳئين وانگر پٿر کي گهڙي يا ترڇي پنهنجا اوزار پئي ٺاهيائون. اڄ به ڏکڻ آمريڪا ۽ آسٽريليا جي ڪن مخصوص لڪل هنڌن تي، ماڻهو پٿر جي انهن ٽنهي دورن مان هڪ يا ٻئي دور ۾ ئي آهن. اهي مثال ڪافي چڱيءَ طرح ڏيکارين ٿا ته تاريخ جا دور ايترا چٽائيءَ ۽ باقاعدگيءَ سان هڪ ٻئي پٺيان سلسليوار ڪو نه ٿا اچن، جيترو عام طرح هروڀرو سمجهيو ويندو آهي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com