سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1956ع (1)

مضمون

صفحو :28

سيد حسام الدين راشدي

سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن جون مهرون

 

سنڌ جي آخري ٽالپر حڪمران خاندان، جنهن کان انگريزن ڪوڙ ڪپت، دغا ۽ دولاب،مڪر ۽ فريب، بدعهدن ۽ حيله جوئين  جي هڪ طويل سلسلي کان پوءِ مياڻيءَ واري نام نهاد لڙائيءَ بعد سنڌ کسي اِن جي ابتدا مير فتح علي خان کان ٿي ۽ اختتام مير نصير خان تي ٿيو. انهيءَ گهراڻي پنهنجي دور حڪومت ۾ سنڌ کي تهذيب تمدن، ۽ علم ۽ ادب جو هڪ عظيم الشان ثقافتي ورثو ڏنو، جيڪو سنڌ جي تاريخ لاءِ هميشه ناز ۽ افتخار جو سبب رهندو.

صاحبزادو مير نور محمد خان، انهيءَ گهراڻي جو چشم و چراغ ۽ نهايت صالح دِل ۽ دماغ، سنجيده طبيعت ۽ فطرت جو مالڪ آهي. حيدرآباد  ۾ سندس ڪتب خانو ۽ عجائب گهر، جو عرب ۽ عجم يعني شاه ايران کان وٺي شاهه مسعود تائين خراج تحسين حاصل ڪري چڪو آهي. تاريخ سنڌ جي سلسلي ۾ انهيءَ نيڪ بخت ۽ نيڪ نهاد نوجوان، تاريخي ۽ ثقافتي مواد مهيا ڪري ڏيڻ ۾ منهنجي جيڪا مدد ڪئي آهي، ان جي احسان کان نه فقط آءٌ بلڪه اڳتي هلي سڄي سنڌ سبڪدوش ٿي نه سگهندي. تازو هن شريف النسل نوجوان، مون کي پنهنجي ابن ۽ ڏاڏن يعني سنڌ جي شاهن ۽ شهزادن جون مهرون ڏيکاريون، ۽ انهن جو عڪس ڪڍڻ ڏنو: منهنجي اکين عبرت حاصل ڪئي؛ دل گهريو ته ”مهراڻ“ جي مطالع ڪندڙ دانشمندن کي به انهن جي زيارت ڪرايان، ته جيئن اهي به سنڌ جي آخري آزاد ۽ خودمختيار رياست جون نشانيون ڏسي پنهنجي ماضيءَ سان روشناس ٿين، حال جو اندازو ڪن ۽ مستقبل لاءِ سوچين.

اِهي اُهي مهرون آهن، جيڪي تقريباً منيءَ صديءَ تائين، سنڌ جي آخري خودمختيار حڪومت جي شاهي فرمانن، انتظامي نوشتن، ۽ سياسي مراسلن تي استعمال ٿينديون رهيون؛ اهي اهي مهرون آهن، جن کي سنڌ جي حڪمران آڱرين زيب ۽ زينت بخشي؛ اِهي ڪڏهن مجرمن جي موت وارن فرمانن تي لڳيون، ڪڏهن جان بخشيءَ جي حڪمنامن تي ثبت ٿيون، انهن ئي مهرن جي ذريعي جاگيرون بخشيون ويون؛ ۽ انهن ئي مهرن ايران ۽ سنڌ جي هزارن هنروارن تي لکن روپين جي ورکا وسائي؛ اِهي ئي اُهي مهرون آهن، جيڪي انگريزن جي بدعهدين جي عهدنامن تي، گهُريون اَڻ گهُريون، ۽ خوشيءَ ناخوشي، ثبت ٿيون؛ هي مهرون سخن جون سچيون هيون- انهن پنهنجا قول پاڙيا ليڪن ٻاهران کان جيڪي مهرون آيون، انهن پنهنجو هڪ به واعدو وفا ڪو نه ڪيو- دغا ۽ فريب سندن خمير ۾ داخل هو؛ تاريخ ته اهو ئي چوندي ته هنن مهرن ٽالپري حڪومت جي ابتدا آندي ۽ هنن ئي مهرن ان جي انتها به آندي- ليڪن ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته حقيقتون ڇا وهيو واپريو!

اسان انهن مهرن جا عڪس هن لاءِ هتي شايع ڪري رهيا آهيون ته تاريخ جو مطالعو ڪندڙ اکيون،حڪومتن جي ترقيءَ ۽ تنزل جا داستان پڙهندڙ نگاهون ۽ قومن جي بلنديءَ ۽ پستيءَ جون حقيقتون پسندڙ بصارتون انهن کي ڏسن ۽ عبرت حاصل ڪن.

اڄ اگرچه اهي مهرون خاموش، بي حس و حرڪت، صاحبزادي مير نور محمد خان جي عجائب گهر ۾ پيون آهن؛ ليڪن بد عهدين جي تاريخ جا هزارين دلچسپ ۽ حيرت انگيز  داستان دل ۾ رکيو ويٺيون آهن. اڄ کان ڪيئي سال اڳ، انهن تي شاهي چوبدار پهرو ڏيندا هئا، درباري مهر بردار انهن جي حفاظت ڪندا هئا ۽ دربار ۾ داخل ٿيڻ وقت، انهن جو دست بسته سرو قد ٿي استقبال ڪيو ويندو هو: ڪهڙو تعجب، جيڪڏهن وري هڪ دفعو سنڌ جي اهڙين بااختيار مهرن جو وارو وري، شاهي چوبدار اٿي کڙا ٿين. مهر بردار موٽي اچن، ۽ درباري دسته بسته انهن جو استقبال ڪن، سنڌ جي قسمت پلٽو کائي ۽ سنڌ جو مقدر جاڳي ڇاڪاڻ ته دنيا دورنگيءَ جودستور اهو ئي آهي، هميشه کان ائين ٿيندو آيو آهي. ۽ هميشه ائين ئي ٿيندو رهندو!

انهن مهرن جو تفصيل ۽ مهرن جي مالڪن جو مختصر احوال  هيٺ ڏيون ٿا.

 

(1) مير ڪرم علي خان

مير ڪرم علي خان، ٽالپرن جي پهرينءَ چوياريءَ جو ٽيون پڳدار هو، جيڪو مير غلام علي خان (وفات 6 جمادي الثاني 1227هه /1811ع) کان پوءِ سنڌ جي شاهيءَ تگي ويٺو. سندس ننڍو ڀاءُ مير مراد علي خان ۽ سندس ڀائٽيو مير محمد خان بن غلام علي خان ساڻس شريڪ رهيا.

مير صاحب جو دور سنڌ لاءِ نهايت آرام ۽ آسودگيءَ جودور هو- علم ادب، تهذيب ۽ تمدن، وڻج ۽ واپار، وڏو زور ورتو. انگريزن سان پهريون واپاري معاهدو انهيءَ زماني ۾ ٿيو- سرجان ملڪم بمبئي جو گورنر هو، ميجر اسڪين (skeene)  وٽانئس سفير ٿي آيو؛ عهدنامي ٿيڻ بعد انگريزن جي عملداريءَ ۾ سنڌ جو مال وڃڻ لڳو ۽ سنڌ ۾ اتان جي مال جي آمدرفت ٿي. شاهه ايران، فتح علي شاهه قاچار، سان دوستيءَ جو پيمان ٿيو- ايلچين جي آمدرفت وڌي، تمدني ۽ ثقافتي رستو پيدا ٿيو؛ ڪيترا شاعر، اديب، خطاط ۽ مصور سنڌي درٻار ۾ اچي پهتا. جن جي سرپرستي مير صاحب ڀلئون ڀل ڪئي. مرزا خسرو بيگ جو اڳتي هلي مير ڪرم علي خان جو پٽيلو ۽ سنڌي درٻار جو امير ڪبير ٿيو، سو هن ئي دور ۾ ايران منجهان خريد ٿي آيو.

1230هه ۾، شاهه شجاع الملڪ، محمد عظيم هٿان شڪست کائي حيدرآباد ۾ اچي پناهه گزين ٿيو- ڦليلي جي ڪپ تي ٽنڊي آغا ۾ ابراهيم شاهه وٽ اچي لٿو؛ حيدرآباد جي فوجدار (ميان علي بخش ابن ميان فقير محمد خدمتگار) جي خبر ڏيڻ تي، مير صاحب سندس شايان شان استقبال ۽ بندوبست ڪيو. محمد عظيم انهيءَ خبر ٻڌڻ تي ڪابل کان لشڪر چاڙهي ميرن تي موڪليو. شڪارپور وٽ ٻئي طرف آمهون سامهون ٿيا. لڙائي ڪا نه لڳي، ليڪن خير کٽندي، مير صاحب پنهنجا هٿ ساڙيا- افغاني سپه سالارن سان ميرن معاهدو ڪيو- ٻارهن لک تاوان ڏيڻ جو، ۽ سنڌ ۾ افغاني سڪو چالو ڪرڻ جو واعدو ڪري، لشڪر موٽايائون- شجاع الملڪ رات ڏئي شڪارپور مان لڌيا نه ڀڄي ويو، جنهنڪري ميرن کي اهو نقصان سهڻو پيو.

انهيءَ ئي دور ۾ خبر آئي ته ”پنجاب جي حاڪم راجا رنجيت سنگ جو پوٽو سنڌ تي لشڪر ڪشيءَ جي خيال سان مٺڻ ڪوٽ تائين اچي پهتو آهي.“ مير ڪرم علي خان جو خيال هو ته پنهنجو لشڪر وٺي، هلي شڪارپور جي سرحد تي ساڻس ٻه هٿ ڪجن؛ ليڪن مير مراد عليءَ اهو مناسب نه سمجهيو، آغا اسماعيل شاهه ايلچي ڪري بمبئيءَ ڏانهن سر جان ملڪم ڏانهن موڪليو ويو، تاڪه انگريزن کان امداد وٺي اچي، جنهن بعد سکا شاهيءَ جو مقابلو ڪجي. سر جان ملڪم، ايلچيءَ جي پهچڻ کان اڳ وطن روانو ٿي چڪو هو؛ نئين گورنر لارڊ ايلفنسٽن، ٽالپري سفير جي پذيرائي ڪئي. لارڊ ايلفنسٽن لڌيانه ۾ رهندڙ انگريزي ريزيڊنٽ، ڪيپٽن ويڊ، جي ذريعي رنجيت سنگ سان لکپڙهه ڪئي. رنجيت سنگ لکي موڪليو ته سندس پوٽو دسهڙي جي موڪل ملهائڻ مٺڻ ڪوٽ ويل هو، سنڌ تي لشڪر ڪشيءَ جو ڪو به خيال سندس دل ۾ ڪو نه هو؛ اهڙيءَ طرح اهو معاملو رفت گذشت ٿي ويو. رنجيت سنگ ساڳئي وقت ملتان جي نائب حاڪم ديوان سانوڻ مل جي معرفت ٽالپرن ڏانهن دوستانو خط موڪلي، ذاتي طرح به غلط فهمي دور ڪئي.

1240هه ۾، مير مراد علي خان بيمار ٿيو. مقامي علاج معالجو ڪرايو ويو.آخر لارڊ ايلفنسٽن ڏانهن ڪنهن انگريزي ڊاڪٽر کي موڪلڻ لاءِ لکيو ويو. ڊاڪٽر برنس علاج لاءِ آيو. ويهن ڏينهن اندر مير صاحب خوش ٿيو، ۽ تقريباً ڏيڍ مهيني بعد صحتمند ٿي ويو. ڊاڪٽر برنس پنهنجو مشهور ڪتاب A visit to the courk of Ameers of Sind  انهيءَ زماني ۾ لکيو.

1240هه ۾ مرحوم مير فتح علي خان جي صاحبزادي، مير صوبدار خان، مال ملڪيت ۽ ملڪ جي ورهاڱي ڪرڻ لاءِ پنهنجن چاچن سان بغاوت ڪئي. مير ڪرم علي خان لاولد هو، تنهنڪري هن کيس پٽن جيان پاليو هو. محبت وچان هن گهريو ته سندس خواهشون پوريون ڪجن؛ ليڪن مير مراد علي خان انڪار ڪيو. مير صوبدار شڪار جي بهاني سان قلعي مان نڪري وڃي لاڙ پهتو. غلام علي (ولد فيروز) ٽالپر سندس مدد ڪئي، ۽ هيرا جواهر وڪڻي مير صوبدار 8 هزار لشڪر گڏ ڪيو. هوش محمد شيدي ۽ ديوان پرتابراءِ ساڻس گڏ هئا. مير غلام علي اٺن سون ماڻهن سان وڃي سندس مقابل ٿيو. اهو حال ڏسي، مير صوبدار کان لشڪر ٽٽڻ لڳو، ۽ چند ڏينهن اندر وٽس وڃي باقي ٻارنهن سؤ ماڻهو بچيا. مير ڪرم علي خان وري به اچي وچ ۾ پيو، ۽ آخر ڀائٽئي سان صلح ڪري،  کيس تنخواهه ۽ جاگير ڏئي راضي ڪيو ويو.

مير ڪرم علي خان پويون سال ڏيڍ بيماريءَ ۾ گذاريو، ۽ آخر 12 جمادي الثاني 1244هه / 1808ع جو هي جهان ڇڏيائين. هي پهريون حڪمران هو، جيڪو پراڻيءَ خداآباد جي بجاءِ حيدرآباد ۾ دفن ٿيو.

دستور مطابق هر سال نئين مهر ٺهرائي ويندي هئي، جنهن تي نالي يا سجع سان گڏ نئون سال به اڪريل هوندو هو.

اسان جيڪا مهر پيش ڪري رهيا آهيون، اها سال 1231هه جي آهي ۽ ان تي هيءَ سجع اڪريل آهي:

”بندهء آل علي ڪرم علي-1231هه“

مير ڪرم علي خان جي هڪڙي هيءَ به سجع هئي:

”کرد بامن کرم عليء عظيم – بحق حضرت نبي و کريم.“

 

(2)  مير مراد علي خان

مير مراد علي خان پهريون چوياريءَ جو آخري فرد ۽ وڏن ميرن مان پويون مير هو. مير ڪرم علي خان کان پوءِ سنڌ جي حڪومت جو هي سربراهه؛ سندس تخت نشيني 16 جمادي الثاني 1244هه / 1828ع جو عمل ۾ آئي.

مير مراد علي وڏي شان شوڪت، ۽ فهم فراست جو صاحب هو. سياسي تدبر ۽ دانشمندي، حڪومت ڪرڻ جو رنگ ۽ ڍنگ ڀلئونڀل ڄاڻندو هو. گاديءَ تي وهندي هن سنڌ جي سڀني سربراهن، بلوچ سردارن ۽ قومن قبيلن جي پڳدارن سان پنهنجا ناتا نوان سنوان ڪيا.  ميرپور ۽ خيرپورجي ٽالپرن سان به هن نئين سر محبت ۽ مودت پيدا ڪري، پنهنجي سياسي قوت ۽ ملڪي يڪجهتيءَ کي سنواري سڌو ڪيو. ملڪي فضا کي درست ڪرڻ بعد، هن سرحدي ملڪن ڏانهن توجهه ڪيو: پنجاب جي راجا رنجيت سنگهه، جيسلمير جي راجا، ڪڇ جي راوَ، مسقط جي امام ۽ مڪي معظمه  جي شريف سان هن نئين سر ناتا ڳنڍيا، بمبئيءَ جي گورنر سان به تعلقات پيدا ڪيائين. ميجر پاٽنجر ان وقت ڪڇ ۾ انگريزن طرفان ريزيڊنٽ هو- اتان ڪهي اچي مير صاحب سان ملاقي ٿيو، ۽ ايتري قدر سندس شخصيت کان متاثر ٿيو، جو هميشه پيو سندس واکاڻ ڪندو هو. مرزا قليچ بيگ مرحوم جو قول آهي (”تاريخ سنڌ“، جلد ٻيو، ص 220) ته ”فتح علي شاهه قاچار مٿس ايترو اڪن ڇڪن ٿيو، جو هن پنهنجي نياڻيءَ جوسنڱ کين ڏيڻو ڪيو، ليڪن مير صاحب دوريءَ ۽ پنهنجي عمر رسيدگي جو سبب ڏئي، اها پيشڪش ٽاري ڇڏي.“

شاهه شجاع الملڪ، وري ٻيو دفعو هن مير صاحب جي دور ۾ لڌياني مان لڏي، اچي سنڌ پهتو، مير صاحب مهمانداريءَ کان مجبور ٿي، شڪارپور جو شهر کيس رهڻ ۽ خرچ خروچ لاءِ ڏنو.

سڪي سازيءَجو ڪارخانو پهريون دفعو مير صاحب حيدرآباد ۾ قائم ڪيو؛ ارادو هوس ته سنڌ اندر ٽالپري سڪو چالو ڪري، ليڪن موت مهلت ڪا نه ڏنيس ۽ اهو ضربخانو کلندي ئي بند ٿي ويو.

مير مرحوم 6 جمادي الثاني 1249هه /1833ع جو هي جهان ڇڏيو- 15 ڏينهن کن سيني جي سور ۽ ڀيڏيءَ جي درد ۾ مبتلا رهي، ان مان ابدي نجات حاصل ڪيائين.

نهايت نيڪ، ارادي جو پڪو پختو، ۽ فيصلي جي قوت جو صاحب هو. پٺيان چار شهزادا ۽ ٻه نياڻيون ڇڏيائين- مير نور محمد خان، مير نصير خان، مير محمد خان ۽ مير يار محمد خان(مصنف – ”فريئر نامه“) کانئس پوءِ سندس يادگار رهيا. هن خوش قسمت ٽالپر پنهنجا پوٽا به اکئين ڏٺا- مير نور محمد جا نينگر مير شهداد علي خان ۽ مير حسين علي خان ۽ مير نصير خان جا صاحبزادا مير حسن علي خان ۽ مير عباس علي خان.

مير صاحب مرحوم جي فقط هڪ مهر موجود آهي، جيڪا هن وقت پيش ڪئي وڃي ٿي؛ ان تي سجع جو هي شعر اُڪريل آهي:

”از تقاضاي حڪمتِ ازلي

گشت ميرِ جهان مراد علي – 1235هه“

مير صاحب مرحوم جون ٻيون سجعون هي به هيون:

”بحقِ حضرت نبي و ولي،

يافت از حق همه مراد علي.“

”بندهء مصطفيٰ مرادِ علي داشت.“

انهن سجعن واريون مهرون موجود نه آهن.

 

(3) مير نور محمد خان

مير مراد علي پهرئين چوياريءَ جو آخري فرد هو، جيڪو رب ڏي راهي ٿيو- پوئتي سڀ وڃي صاحبزادا بچيا. بلوچن ۽ سردارن، دستور مطابق مير مراد علي خان جي وڏي شاهزادي، مير نور محمد خان کي پڳ ٻڌارائي، نئين چوياريءَ جو بنياد وڌو.

مير مرحوم، شجاع الملڪ کي مهمانداريءَ لاءِ شڪارپور جو شهر ڏئي ويو هو. سندس جهان ڇڏڻ بعد افغاني امير، پڪيءَ طرح هضم ڪرڻ لاءِ ان ۾ اکيون وڌيون. نئين پڳدار، آغا اسماعيل شاهه جي فرزند آغا محمد ڪاظم ڏانهن،جيڪو ان وقت شڪارپور جو ناظم هو، لشڪر موڪليو. خير پور جي ميرن به سيد گولي شاهه جي سپهه سالاريءَ هيٺ پنهنجو سپاهه روانو ڪيو. ارڙهن هزارن جو لشڪر شڪارپور کان ڇهه ميل اوري لکيءَ جي آس پاس وڃي گڏ ٿيو. هڪ ٻه مقابلو ٿيو، جنهن ۾ آغا ڪاظم شاهه ۽ سيد گولي شاهه، جان جهان آفرين جي سپرد ڪئي. ٽالپري لشڪر غيظ و غضب ۾ اچي ويو. افغاني امير شاهه شجاع الملڪ مقابلي جي توانائي نه سمجهي، صلح جو پيغام موڪليو، ۽ زاد راهه لاءِ 12 لک سنڌي روپيا، جيڪي انگريزي 8 لکن جي برابر هئا، طلب ڪيائين. ٽالپر نيڪ طبيعت ۽ نرم سرشت هئا- سو، شاهي نسل جي هن جلاوطن شهزادي جي گهر پوري ڪري، کيس هڪ دفعو وري لڌياني ڏانهن روانو ڪري ڇڏيائون، ۽ شڪارپور جي نظامت آغا محمد ڪاظم شهيد جي ڀاءُ آغا زين العابدين جي سپرد ڪئي وئي. اهو واقعو شوال 1249هه / 1833ع ۾ ٿيو.

1252هه / 1836ع ۾ شجاع الملڪ انگريزن کي التجا ڪئي ته هو کيس امدادي لشڪر ڏئي، ڪابل جو تخت ۽ تاج کيس وٺي ڏين. هندستان جي گورنر جنرل، لارڊ آڪلنڊ، سر وليم ميڪناٽن کي انهيءَ ڪم تي مقرر ڪري، بمبئيءَ جي فوج کي سرجان ڪين جي ڪمان هيٺ ڪابل وڃڻ جو حڪم ڏنو، ڪرنل پاٽنجر کي ڪڇ مان موڪليو ويو ته هو سنڌ پهچي، ٽالپر حڪومت کان لشڪر جي لنگهڻ لاءِ اجازت نامو حاصل ڪري. سنڌ جي بدبختي انهيءَ ڏينهن شروع ٿي، جنهن ڏينهن ڪابل جي تخت حاصل ڪرڻ جو منصوبو، شجاع المڪ ۽ انگريزن سٽيو.

ڪرنل پاٽنجر جي اچڻ تي، مير نور محمد اجازت نامي ڏيڻ لاءِ آماده ٿيو؛ ليڪن ٻين ميرن ۾ ان جي خلاف ايترو اچي تاءُ پيدا ٿيو، جو هينري پاٽنجر مٿان غصي وچان بازار مان لنگهندي پٿر اڇلايا ويا. جتي هاڻي ٽنڊو مير نور محمد آهي، اتي ان وقت ”آباد“ نالي هڪ ننڍو ڳوٺ آباد هو. اتي انگريزن جي ڪيمپ هئي. بلوچ ايترو جوش ۽ ڪاوڙ ۾ هئا، جو لٺيون، لوڙهيون، تير ۽ تلوارون کڻي اوڏانهن ڪاهي هليا، مير شير محمد لاءِ به مشهور ٿيو. ته ”ٻارهن هزار لشڪر وٺيو، انگريزن جي ڪئمپ تي اچي رهيو آهي.“ حالتون ضابطي کان ٻاهر ٿيڻ تي هيون، جو مير نور محمد پنهنجي ڀائرن سميت قلعي کان ٻاهرا چي ان مشتعل هجوم کي قبضي ۾ ڪري، معاملي کي رفع دفع ڪيو.

اڃا اجازت نامي جون ڳالهيون هليون ئي ٿي، جو ڪراچيءَ جي ناظم، جمعدار الهرکيي، اطلاع موڪليو ته ”انگريزن جي لشڪر جهازن تان لهي، زوريءَ ڪراچي بندتي قبضو ڪيو آهي.“ حالتن جي نزاڪت کي ڏسندي، مير نور محمد خان آغا اسماعيل شاهه کي ايلچي ڪري ڪراچيءَ، سرجان ڪين سان ملڻ لاءِ، موڪليو، هينري پاٽنجر حيدرآباد جون حالتون ڏسي، آغا اسماعيل کان  اڳ ئي ڪراچيءَ پهچي چڪو هو. حالتن جي اوچتي ڦير، ۽ خلاف توقع انگريزن جي اچانڪ پهچڻ، ميرن کي مجبور ڪيو، ۽  هنن انگريزن سان نئون عهدنامو ڪيو، جنهن جا مکيه شرط هي هئا:

سنڌ ۾ انگريزن جو ريزيڊنٽ رهندو،

ٽيويهه لک روپيا انگريزن کي ڏنا ويندا؛

ٽي لک روپيا ساليانه لشڪر جي خرچ لاءِ ڏنا ويندا؛ ۽

ٽي هزار انگريزي لشڪر آئينده ڪراچيءَ ۾ رهندو.

سنڌ جي برباديءَ واري دستاويز جو عنوان انهيءَ عهدنامي سان شروع ٿيو. پهريون ريزيڊنٽ ڪرنل هينري پاٽنجر ٿيو، ۽ خيرپور ۾ مسٽر راس بيل کي مقر ر ڪيو ويو. ڏيڍ سال بعد، راس بيل جي مرڻ ڪري، خيرپور جي چارج به ڪرنل پاٽنجر کي ڏني وئي. ستن مهينن بعد، ڪرنل پاٽنجر بيمار ٿي لنڊن هليو ويو ۽ ڪيپٽن ليڪي (leckie)  جو تقرر عمل ۾ آيو. ٿوري وقت بعد ان جي به بمبئي بدلي ٿي، ۽ ڪئپٽن ايسٽوڪ ريزيڊنٽ ٿي آيو. اِهو اُهو سنڌي دوست انگريز هو، جنهن پوءِ Dry Leaves from young Egypt نالي پنهنجو مشهور ڪتاب لکيو، جنهن انگريزن جي فريب ڪارين ۽ مظالمن جوپردو چاڪ ڪري ڇڏيو. ريزيڊنٽن جي سلسلي جي آخري ڪڙي ڪرنل آئوٽرام هو، جنهن جي دور ۾ نيپيئر آيو، ۽ مياڻيءَ واريءَ جنگ انهي ڊرامي جو ڊراپ سين آندو، جيڪو مٿي ذڪر ڪيل معاهدي کان شروع ٿيو هو.

سر جان ڪين جو لشڪر درياهه جي رستي کان حيدرآباد پهتو. لشڪر جي انگريز عملدارن حيدرآباد جو شهر ڏسڻ گهريو- شهر جي ڪوٽوال، سيد جئندل شاهه، سخت خطري جي حالت هوندي به ايترو بهتر انتظام ڪيو، جو انگريز صبح کان شام تائين شهر ۽ شهر جون تاريخي جايون اطمينان سان ڏسندا رهيا.

1254 هه / 1838ع جي ذي القعد مهيني ۾، سرجان ڪين شجاع الملڪ کي تخت تي وهاري، بمبئيءَ واپس وڃڻ لاءِ حيدرآباد اچي پهتو. مير  محمد خان 19 توپن جي کيس سلامي ڏياري، ريزيڊنسيءَ ۾ پهريون پاڻ سندس آجيان ڪرڻ ويو؛ ۽ بعد ۾ سرجان ڪين قلعي ۾ سندس سلام تي آيو، مير نور محمد خان ۽ سندس ڀائرن سان شاهي دربار ۾ مليو، ۽ مير صوبدار خان سان، ان بعد، جدا وڃي سندس جاءِ تي ملاقي ٿيو.

مير نور محمد خان کي انهن صدمن جلد ئي نهوڙي وڌو- جمادي الثاني 1255هه / 1840ع ۾ بيمار ٿيو. مقامي علاج کان سواءِ بمبيءَ مان انگريز ڊاڪٽر به گهرايا ويا، ليڪن فائدو ڪونه ٿيو. خاندان ۽ حڪومت جي جنهن برباديءَ جي ابتدا سندس دور ۾ شروع ٿي چڪي هئي، ان جي انتها ئي پنهنجي اکين سان ڏسڻ کان، خدا کيس بچائي ورتو، ۽ اربع ڏينهن اسر مهل 10 شوا 1256هه / 1840ع جو مير صاحب پنهنجي جان جان آفرين جي سپرد ڪئي.

سندس مزار مير ڪرم علي خان جي روضي جي ڀر واريءَ تجر ۾، مير نصير خان ۽ مير شهداد خان جي وچ ۾ آهي، ۽ مٿس هي ڪتبو لکيل آهي:

”تاريخ وصال مرحوم مغفور مير صاحب نور محمد خان ٽالپور عليه رحمت – دهم شوال 1256هه“

مير صاحب جي هڪ سجع هئي:

”ز نورِ محمد جهان روشن است.“

هتي جيڪا مهر ڏني وئي آهي، ان تي سجع جو هي شعر اُڪريل آهي:

”گرفت نور محمد ز لطف يزداني،

نگين خاتم جمشيدي و سليماني – 1247“

(4) مير محمد نصير خان

مير نور محمد خان کان پوءِ، مير مراد علي خان جو ٻيو نمبر فرزند، ۽ کانئس ننڍو ڀاءُ، مير محمد نصير خان سنڌ جي ناپائدار ۽ عنقريب زوال سان همڪنار ٿيندڙ تخت تي جلوه افروز ٿيو. چوندا آهن ته جڏهن بخت منهن موڙيندو آهي، ته سڀ کان پهريون گهرو مشڪلاتون منهن ڪڍنديون آهن. تخت تي وهندي ئي مير محمد نصير خان کي گهرو جهڳڙن ۾ مبتلا ٿيڻو پيو. سندس ٻئي ڀائر مير حسين علي خان ۽ مير شهداد خان پاڻ ۾ وڙهي پيا. مير صوبدار جيڪو گهڻي زماني کان وٺي مخالف رهندو پئي آيو، تنهن انهيءَ باهه کي هوا ڏني، ۽ قريب هو ته تير ۽ تلوارون اچي وچ ۾ پون، ليڪن مير نصير خان جي معتمد خاص، آخوند محمد بچل دانشمنديءَ کان ڪم وٺي، انگريز ريزيڊنٽ ڪرنل آئوٽرام کي آڻي وچ ۾ وڌو، جنهن، خبر نه آهي ڇو، همدردي ڪري انهيءَ جهيڙي کي ٽاري وڌو.

1257هه/ 1841ع ۾ ڪرنل آئوٽرام بيمار ٿي مصر هليو ويو، ۽ سندس اسسٽنٽ، ڪئپٽن ميلن  (Mylne) قائم مقام ريزيڊنٽ ٿيو.  1258هه / 1842ع ۾ حيدرآباد اندر سخت وبا پيئي. جنهن سڄيءَ سنڌ ۾ پکڙي ملڪ جا رانڱا لاهي وڌا. حڪمران خاندان حيدرآباد ڇڏي مياڻيءَ۾ وڃي رهيو، ۽ مير حسين علي خان ۽ مير صوبدار خان اگهيماڻن ۾ قيام پذير ٿيا. ٽي مهنا ساندهه اها بلا ملڪ تي مسلط رهي. جڏهن خير شير ٿيو، تڏهن جمادي الثانيءَ ۾ هرڪو موٽي اچي گهرين تڙين ٿيو.

1258هه جي شعبان (سيپٽمبر 1842ع) ۾ سرچارلس نيپيئر پوني مان ريزيڊنٽ ٿي، سنڌ اچي پهتو. اچڻ سان هن نئون معاهدو تيار ڪيو، جنهن جا مکيه شرط هي هئا؛

سنڌ جي سڪي تي انگلستان جي بادشاهه جو نالو لکيو وڃي؛

ڪراچي، شڪارپور، عمر ڪوٽ ۽ سبزل ڪوٽ جا شهر ۽ انهن جي ملحقه زمين انگريز جي حوالي ڪئي وڃي؛ ۽

درياهه جي ٻنهي ڀرين واري زمين هڪ سو وال جي ويڪر ۾ انگريزن کي ڏجي.

انهيءَ معاهدي تي دستخط ڪرڻ کان ميرن انڪار ڪيو. خدا ڄاڻي انگريز انهيءَ انڪار کان پوءِ ڇا سوچين ها، ليڪن فوري مدد کين ٻين سببن ڪري پهچي پئي- مير علي مراد پنهنجي ڀاءُ مير رستم خان کان تخت حاصل ڪرڻ لاءِ انگريزن سان سازش رٿي، ۽ حيدرآباد ۾ مير صوبدار ڳجهه ڳجهاندر ۾ پاڻ اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ سرچارلس سان گفت شنيد شروع ڪئي. انهيءَ ڳالهه ٻولهه جو نتيجو اهو نڪتو، جو جڏهن ڪرنل آئوگٽرام موڪل تان مصر مان موٽي آيو، تڏهن مير صاحبن ڏانهنس جيڪي سوکڙيون ۽ سوغاتون موڪليون، سي هن واپس ڪري ڇڏيون، ۽ مير صوبدار جا موڪليل تحفا هن کڻي اکين تي رکيا!

انهيءَ کان پوءِ ڇا وهيو واپريو، ۽ ڇاڇا ٿيو، سو هڪ درد ناڪ داستان آهي. بهرحال نتيجو اهو نڪتو جو مياڻيءَ واري ميدان تي، 17 محرم 1259هه (1843ع) جو انگريزن اهوکيل کيليو،جنهن جو مدت کان وٺي کين انتظار هو- يعني سنڌ جو نه بخت رهيو، نه تخت رهيو؛ نه تاج رهيو ۽ نه تاجور رهيو.

ٻئي ڏينهن تي ٽالپرن ڪرنل آئوٽرام جي خيمي ۾ پهچي، سرچارلس نيپيئر جي سامهون حڪمرانيءَ جي تلوار ڪمر مان کولي سندس حوالي ڪئي، مير صوبدار کي انتظار هو ته انگريز ساڻس به اهو ئي سلوڪ ڪندا جيڪو هنن مير رستم جي مقابلي ۾ مير علي مراد سان ڪيو آهي. موسيٰ آرمني ۽ منشي آوتراءِ سڄي رات ڊڪيا، ليڪن وريو ڪجهه ڪونه، ۽ آخر 10 ربيع الاول جو هيٺين مير صاحبن سان گڏ، مير صوبدار به باندي بڻجي، جلاوطن ٿي، ”نمرود“ جهاز ۾ ڪلڪتي ڏانهن روانو ٿيو:

مير نصير خان بن مير مراد علي خان،

مير محمد خان بن غلام علي خان،

مير شهداد خان بن مير نور محمد خان،

مير حسن علي خان بن مير نصير خان،

مير عباس علي خان بن مير نصير خان،

مير فتح علي خان بن مير صوبدار خان، ۽

مير محمد علي خان بن مير صوبدار خان.

23 ربيع الاول 1259 (اپريل 1843ع) جو باقي رهيل هيٺيان مير صاحب به ٻاهر روانا ڪيا ويا:

مير حسين علي خان بن مير نور محمد خان،

مير محمد خان بن مير مراد علي خان،

مير يار محمد خان بن مير مراد علي خان.

مير نصير خان ۽ ٻيا ٽالپر ڪلڪتي، پوني، ساسور، عظيم آباد، ۽ هزاري باغ ۾ قيد و بند جا ڏينهن گذاريندا رهيا. مير نصير خان جيڪي خط پنهنجي ديري ڏانهن بندي خاني مان لکيا آهن، انهن مان نهايت ئي دردناڪ حالات ۽ اندوهناڪ ڪيفيات جو پتو پوي ٿو.

مير نصير خان کي وطن ورڻ نصيب ڪونه ٿيو – 7 ربيع الاول 1261هه (1854ع) جوڪلڪتي ۾ سندس انتقال ٿيو. اتان لاشو کڄي اچي حيدرآباد واري هديري ۾ دفن ڪيو ويو. مير صوبدار خان ۽مير نور محمد خان جي وچ ۾ سندس مزار آهي، جنهن تي هي ڪتبو لکيل آهي:

”وفات حضرت مير صاحب مغفرت رضوان،

مير محمد نصير خان عليـه رحمـﺒ والغفران

بتاريخ هفتم ماهه ربيع الثاني 1261 هه.“

سندس ٻه مهرون پيش ڪيون وڃن ٿيون، جن تي ٻه مختلف سجعون آهن.

”بنده آلِ علي مير محمد نصير-1235هه“

”امامم علي و محمد نصير – 1257هه“

مير صاحب مرحوم جون وڌيڪ ٻه سجعون هي هيون:

”سزد گر نهد بر ثُريا سرير،

کسي راکـﮧ باشد محمد نصير.“

”علي و حسين و حسن و دستگير،

خدا يار و ياور محمد نصير.“

 

(5) مير محمد خان

مير محمد خان ٽالپر مير غلام علي خان جو فرزند هو. والد جي وفات بعد، پنهنجن چاچن جو دست و بازو رهيو ۽ بنديخاني ۾ به پنهنجي خاندان سان گڏ هليو ويو.

1270 هه (1854ع) ۾ جڏهن لارڊ ڊلهائوسيءَ جي سفارش تي ڪمپني بهادر جي ڊائريڪٽرن ميرن کي ملڪ موٽڻ جي اجازت ڏني، ان وقت سڀ کان پهريون ربيع الاول 1271هه (نومبر 1855ع) ۾ دهلي ۽ پنجاب کان ٿيندو، مير محمد خان حيدرآباد پهتو، ۽ چند منهنن بعد 15 جمادي الثاني 1271 هه جو فوت ٿيو. ٽالپري مقابرن ۾ سندس جدا مقبرو آهي، جنهن ۾ ساڻس گڏ فقط سندس پٽ مير شاهنواز خان رکيل آهي. روضي جي اندران ديوار تي هي ڪتبو آهي:

”فغان از جفا هاي دورِ سپهر،

هم از باز وي روز گارِ کهن.

خوش آن کودرين کهنه ديرِ خراب،

بناي نکو نامي افگنده........... ن.

بياندار (؟) ميرِ محمد که بود،

اميرِ زمان شهريارِ زمن.

خدبو خرد مند والا شکوه،

که پاکيزه دين بود پاکيزه تن.

باخر ز حق چون شنيد ”ارجعي“،

روان شد بسوي بهشتِ عدن.

چو ”حيدر“پئي سالِ تاريخِ او،

به بحرِ تفکر شدم غوط زن.

بنا که رسيد از سروش اين صدا،

که ”بادا به خلدِ برين شد وطن!“– 1271هه

مزار تي ڪتبو آهي:

”وصال مرحوم مغفور مير صاحب مير محمد خان

ٽالپور- دوشنبه 15 جمادي الثاني 1271هه.“

مير صاحب جي سجع هئي:

”مير محمد مـﮣ اوج کرم.“

اسان جيڪي سندس ٻه مهرون ڏيون، ٿا، اهي سجع کان خالي آهن، ۽ مٿن فقط نالو اڪريل آهي.

”مير محمد خان ٽالپر – 1249هه“

”مير محمد خان ٽالپر – 1267هه“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com