سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1956ع (1)

 

صفحو :16

م.ع.ڏيپلائي

واڀيڙو

(ڪڇيءَ ۽ ٿريءَ ٻوليءَ ۾ هڪ سچو عبرت خيز ناٽڪ)

 

]جيئن سنڌ ۾ ڪي هندو ”ر“ کي ”ڙ“ ۽ ”ڙ“ کي ”ر“  ڳالهائيندا آهن. مثلاً ”جهڙو“ کي ”جهرو“ ۽ ”ڪرڻ“ کي ”ڪڙڻ“ تيئن ڪڇ ۾  گهڻو ڪري ”ج“ يا  ”ز“ جو اچار ”جهه“ وانگر ڪندا آهن ۽”جهه“ جو وري ”ج“ وانگر مثلاً، هو ”عجب“ کي ”عجهب“چوندا آهن ۽ ”جهليءَ کي ”زلي“: ک کي ڪ، د کي ڌ، هه کي ئـ، ڳ کي گ، ب کي ڀ، گهه کي گ، ۽ بعضي ته ”هه“ کي پڙهندا ئي ڪو نه آهن مثلاً ”ٻاهر“ کي ”ٻار“ چوندا آهن. ڏکڻ خواهه ڪڇ ٻنهي ۾ هي به رواج آهي ته جمع جي ”ن“ کي ”ين“ اچاريندا آهن مثلاً  ”کيٽن“ کي ”کيٽين“،
”ڪتابن“ کي ”ڪتابين“.

هيٺ ناٽڪ ۾ آيل ڪن اهڙن لفظن جي معنيٰ هتي ڏجي ٿي، جي سنڌين لاءِ نوان آهن:

ڀؤ = ها؛ جيٻو (جي ڀؤ) = جي ها؛ هيور = هينئر؛ ڪرو = ڇا؛ ني = ۽؛ ٻاوا =ميان؛ سائين؛ ڪين = ڪنهن، پڻ = پر؛ دوجڪ = دوزخ؛ ڀيشت = بهشت؛ زلي  جهلي؛ پرڙڻ = گهٽڻ؛ رونسڻ = مارڻ؛ عاجرود = عاجز؛ کينچو = کيسو؛ واڀي = وهابي؛ جيڪو پيرن جون ڪرامتون نه مڃي (واڀيڙو – اسم تصغير) ؛ يوري = جهوري؛ ڪُٽي ماري؛ ڪارئين = ڪارهين؛ يارهين، گمايو = وڃايو؛ ٻهون = تمام گهڻو؛ مون = منهن؛ نون = نهن؛ مڙي = سڀيئي؛ نيتارو=ڇوٽڪو؛ اگهڙڻ= اُڪلڻ، کُلڻ؛ ڀنڀوٽيو = لاٽئون؛ هوا ۾ ڦرندڙ چيز؛ ميل= مـَر ُ؛ چمتڪاري= ڪرامتي؛ موئا ڀي = محابي؛ جهور = زهر؛ موڀتون= محبتون؛ اينڦلونجا = انفلوئنزا؛ نتان = نه ته؛ ترهوڙو = ريت مرجات؛ کِرڇ=وحشي، ڏيڪر = ڏيکاءُ،  سئي = سڀيئي.[

 

پردو پهريون

]شهر ڀـُڄ جي هڪ پيراڻي مسجد جمعي جو ڏينهن جماعتي باادب ويٺا آهن ميانجي خطبو پڙهي ٿو[

ميانجي – (کنگهڪار ڪري) پنڊ جا مسلمان ڀائرو! ني مرشدين سڳورين جها معتقدو! آن ڪي چوئان، اڄوڪو ڏين الله سائين وٽ تمام ڪين سڳورو آئي، ڪري لاءِ، ته ان ڏين حجهرت ڀاتشا پير رحمت الله عليه پنڊ جهي مولا پاڪ سين واصل تيا هوئا. حجهرت جهو قدم مڙني وليين سڳورين تي آئي تينڪري جيڪي ماڻو ڪين پڻ مرشڌ جا مريڌ آئين، سي حقيقت ۾ ڀاتشا پير جها مريڌ آئين.

ڀاتشا پير جهون ڪرامتون ني موججا تان هجارين لڪين آئي، پڻ انين منجا هيڪڙو موججو ايڙو آئي، جين منجا گڻي هدايت حاصل تيئي تي.

او اي، تان ڀاتشا پير جو هيڪڙو مريڌ وڦات ڪري ويو، جين ٽاڻي ماڻو ان ڪي قڀر ۾ رڪي ني وريا، تڏين منڪر ني نڪير پڻ اَويا- ان ڪنان پڇيئون ”توجهو رڀ ڪيڙو آئي؟ ني توجهو نڀي ڪيڙو آئي؟ ني توجهو ڌين ڪيڙو آئي؟“

تان ان جباب ڏنو ته ”ٻاوا! مونڪي تان نڪا آئي کٻر رڀ جهي، نڪا نڀي جهي، نڪا ڌين جهي؛ آءٌ تان هيڪڙي ڀاتشا پيرڪي سڃاڻا، جيٻو، ٻيو ڪين پڻ نه“ تڏين ملڪ سڳورا ويا الله سائين وٽ، ني ان ڪي سمورو حال سڻايئون. الله سائين حڪم ڪيو ته ”وڃي هيور جو هيور دوجڪ ۾ وجوس!“

ملڪ سڳورا آويا مرڌي وٽ، جيڙو انڌر گِڙيا، تان حجهرت ڀاتشا پير پڻ منج ويٺو هو، سو جڪدم ٻنين ڪي زلي، ني ڌسي، ني گوڏين ايٺ ڏيئي رئيو!

تڏهين انين وائيڙو تي پڇيو، ”اي سائين! اسان ڪي ڪَري لاءِ ڌسيو اَئيئي؟“

چي، ”آئين ني مونجهي مريڌ ڪي عجهاب ڪرڻ آويا آئيو نه؟ سو هاڻ پيرين تان آءٌ تو آن ڪي پُرڙيا، پوءِ جي مون ڪنان ڀچي ويا، ته بلين پيا عجهاب ڪر جو!“

ملڪين سڳورين  مڙي جور لڳايا پڻ ڀاتشا پير جهي گوڏين ايٺان نسري نه سگهيا. تڏين عاجرود تي چيئون، ”بلا سائين! اسان ڪي ڪيئن قول ڇڏينڌين؟“

پاڻ ڦرمايئين، ”جهي آئين مون ڪي لڪي ڏيو، تان هاڻ ڪڏين پڻ مريڌڪي عجهاب نه ڪنڌا، تان آءٌ نه ڇڏيندس، نتان ايڙي ڌان ڪندس، جو انجهي ڀيشت منجا لَجت هلي ويندي- ئين دوجَڪ منجا ڌيشت!

ملاڪين چيو، ”پڻ شائين! هيور هتي مس ني قلم ني ڪا گج ڪيان آويا؟“ تان ڀاتشا پير جهٽ پنڊ جي کينچي منجها مس ني قلم ني ڪا گج سب ڪڍي..........

حافظ سليمان (وچ ۾ ڳالهه ڪپي) اڙي پليت! خدا جي گهر ۾ بيهي ڪوهه ٿو ڪوڙ ڪرين؟ ميمبر تي بيهي اهڙا ٻٽاڪ هڻندي ان جو ڀؤ به نه ٿو ٿينئي؟

هڪ جماعتي - اڙي جبان جهل ڙي واڀيڙا؟ تون ته ڪو ڪاڦر ايئين، اسين يوري وجنداسونءِ!

ٻيو- ڏسو ڪروتا؟ رونسيوس نتا؟

ٽيون- پُرڙيوس!

چوٿون- ماري وجو مردود، نه ڦاتيا نه درود! (ڏهاڪو کن جماعتي ڪاوڙجي اٿن ٿا؛ ته وري ٻيا ٽي ٽپ ڏيئي، حافظ سليمان جي چؤڌاري بيهن ٿا ۽ يڪزبان چون ٿا:!‎)

کبردار! جي ڪو هيڏان آويو آئي، تان پيرين تان او رت ۾ گاڙو تيو پيو هوندو، ني پوءِ اسان ڪي بلين شئيد ڪري ڳنجو!

ٻيا جماعتي- اسين آن سبني منڪرين ڪي جهينم روانو ڪنداسين!

پهرين مان هڪ جماعتي – اسان موحدين جو هيڪڙو هيڪڙو آن جهيڙين ڏئين لاءِ ڪاڦي آئي. ڪُري لاءِ، ته اسان جو سائين مولا پاڪ هميشا جيئرو آئي، ني آنجها سائين سب مري ويل ني مٽي ۾ دڦن ڪيل آئين. جرا ايڏان ودو تان سئي، تان کٻر تان پونيان. اتي ڪارئين جي داوت کيڻي نائين....

(ٻانگو تڪڙ مان تڪبير چوي ٿو، ميانجي لٺ ۽ خطبي جو ڪتاب ڇڏي نماز نيتي ٿو. سڀ جماعتي نماز لاءِ اٿي بيهن ٿا. پردو ڪري ٿو)

 

پردو ٻيو

پير صاحب جو بنگلو

]پير صاحب طولن کي ٽيڪ لڳايو، گاديءَ تي ويٺو آهي؛ مريدن سان ڪچهري ڀري پيئي آهي. پير صاحب ارشاد فرمائي ٿو:[

پير صاحب – حضرت دستگير جا سچا مريڌو، ني معتقدو! اج پان جي مرشد سڳوري جو ڏئاڙو آئي، ۽ پان لاءِ کسي ڪرڻ جو موقو آئي؛ اوڪين، ته پان جو مرشيد سڳورو پان جهي ڌنيا ني آخرت جو جمان آئي.

حضرت ڀاتشاهه پير ڌستگير قدس الله سره العزيز جون ڪرامتون ني موججا تان ڪروڙين اربين آئين“ پڻ ان مان هيڪڙو تمام ڪين جبر جست آئي. او اي، ته هيڪڙي ڏين پاڻ گست جي کيال سين ڌريا ڌجلي جو ڪپ ڳني، پنڊ جي مولا پاڪ ڪي جاڌ ڪنڌا پئي آليا، هيڪڙي هند آويا، تان انين جي ڪنين مبارڪ تي جناني روَڻ جو آواج آويو. پاڻ ان ڪنان پڇيئون، ”اي مائي! تون ڪري لاءِ تي روئين؟ ني توڪي ڪيڙو ڌرڌر آئي؟ ني تو ڪرو گُمايو آئي؟“

مائي رونڌي رونڌي چيو، ”ٻاوا! آئين پنڊ جي واٽ ڳنيو، ني آليا وڃو؛ مونجهي رؤڻ ڪي آئين ڪُـُرو ڪنڌا؟“

پاڻ ڦرمايئون، ”اي ڪڀين  نائين ٿيئي، ڪ ڌستگير ڪين مسڪل واري ماڙوءَ وٽا لنگي، ني ان جو هٿ نه ڳني!“

مائي چيو، ”سائين! آئين دستگير هونڌا،ل ته ٻين لاءِ هونڌا، مون جهو مسڪل آن ڪنان جور آئي.“

تڏين ڀاتشا پير ڪي ٿوڙو جلال آويو، لي ڦرمايئين ته ”مائي! هيوَر جو هيوَر پنڊ جي مسڪل سڻاءِ!“

تين تي مائي چيو، ”سائين! آئين آرو ُ برو ُ جِڌ تا ڪريو تان سڻو گال، پڻ آن ڪنان تيندو ڪي ئي نان. کئير، سو سائين گال ايءَ آئي، ته مونجهو ڌنيا سونسار ۾ هيڪڙو پتر هو، ٻيا ڇِهه پتر ني تري ڌيئون تان ان ڪنان اگ وڦاتي ڪري ويا هوئا. سو مون ان جو پرڻو ٻهون دام ني دوم سين تي ڪرايو. جهڏين او پنڊ جي ٻائيڙي ني جڃ سودو پاڇو وريو، تڏين اوَ سارو ٻيڙو هن ماڳ مونجهي اکين جي روڀرو گرڪ تي ويو! هاڻ آءٌ تان انين ڪي ساريو، روج اچي اتي تي روئان. ان ڪي ٻارون وريهه تيا  انين ماڙوئين ڪي مڇليئين کادو هونڌو- ني مڇليئين ڪي ٻيئين مڇليئين، ني  سي تان سب هجم تي ويا هونڌا. بلا انين ڪي ائين ڪُرو ڪنڌا؟ اوئين ئي نائيق مون گريب ڪي پيا گال ڪرايو، ني ستا سور جاگايو، ني...............“

جيٻو، مائي جو ايترو چوڻ، ني ڀاتشاهه پير ڪي جهلال چڙڻ. سنڌن مون مبارڪ ڳاڙو لال تي ويو، ني هڪل ڪيئون چي ”مائي! تون پنڊ جي پترڪي سڏ تان ڪر!“

مائي سڏ ڪيو، تان ڌريا ڌڄلي سڄي ۾ گهوڙ ڦشاد مچي ويو. پاڻ هڪل ڪيئون ته ”ٻيو سڏ، ڪر!“ مائي ڪيو ٻيو سڏ، تان وري ان ‎ٺڪاڻي تي ڌريا سڄو ابو ٿي ويو! پان هڪل ڪيئون ته ”ڪر تريو سڏ“ جهيڙو مائيءَ تِريو سڏ ڪيو، تان ڌولين ڌمامين ني توتيئين سرنائين جهو آواج آوڻ لڳو، ني او سڄو ٻيڙو اچي ڌريا جي ڪپ سين لڳو، ني ان مائي جو پتر ني نون ني ٻيا مڙي ماڻو اچي کيئر سلامتي سين اتريا: سو اڀا! ايڙا موججا حجهرت ڪريم جا لکين اپارا!“ (سڀ ماڻهو ”سبحان الله“، ”سبحان الله“ ڪن ٿا. ميانجي اچي ٿو)

ميانجي سائين قبلا! اڄ تان پانجهي مسيت ۾ وڏو ڦشاد ٿيڻ تي هوئو، پڻ ڀاتشاهه پير کڻي ٽاريو!

پير صاحب (حيران ٿي) اوڪين؟

ميانجي – ٻاوا! او ابن، ته اج مون کٿڀي ۾ حجهرت ڀاتشا پير جي تاريڦ تي ڪي، ني ان جا مناقبا ني موججا تي سڻايا، تان هيڪڙو واڀيڙو وچ ۾ ڦٽاڪا ڇوڙڻ لڳو- چي، ”تون پليت آيئين، ني ڪوڙ تو ڪريئين، ني الان، ني ڦلان....“

پير صاحب (جوش مان ڳالهه ڪپي) پوءِ ان پليت ڪي رونسيان نتي؟

ميانجي- سائين، اسين تان ڪَرَ ان ڪي رونسي ني پرڙي وجون، پڻ ماڻوَ هو ڏيپلي جهو: اسان چيو ته ڏيپلي جها ميمڻ ائين آنجها مريد، سو ڪتان آئين نه گُصي تيو.

پير صاحب (جلال مان) اڙي ڪو آئي، جو هيور جو هيور وڃي ان واڀيڙي ڪي ڳني اچي؟

حسين (ٽپ ڏيئي) قبلا، حاجر هي گلام! آءٌ ان واڀيڙي ڪي گٺئي تو سڃاڻان: نالو آئس سليمان، ني سڏينس تا حاڦد، ميمڻ آئي ڏيپلي جهو، ني مريڌ آئي مولبي پڇمائي جو، ني.......

پير صاحب (ڳالهه ڪپي) ڀو، ڀو! جڪدم ڳڻئي اچينس ته ڪڊونس ڪا ڌمال.

(حسين وڃي ٿو پردو ڪري ٿو).

 

پردو ٽيون

(ڪڇ ۾ ميمڻن جي اوطاق- قاسم، ڪريمڏنو ۽ احمد ميمڻ گيهه ٺاهي رهيا آهن. حافظ سليمان اچي ٿو).

حافظ – السلام عليڪم!

احمد – ماليڪم سلام!

حافظ – ڪاڪا ڪريمنا، ڪر خبر، چوري لڌي؟ ڪريمڏنو- ابا چوري ڪٿان لڀندي؟ نڌڻڪا گهوڙا، گئيباڻا هسوار. ڀلا هتي پوليس وارين کي پگهار ملي ڏوهه روپيا، سي ٿا پانهنجو چورايل گيهه واپس ڪرائين؟ انهين وڃي پڊ جي هنڊي گرم ڪئي!

حافظ- سو وري ڪيئن؟ جماندار چور کي گهرايو به ڪو نه ڪَ؟

ڪريمڏنو – ابا گهرايئين ته سئي، پر سچي ڪيئن ٿو ڪرائيس چي ڏي پتر، چئي! ڏي ٻاپا! ڏس، هي تو جهيڙا، تو جهيڏا، باجارين پيا گمن، ني مجا پيا ڪرن، ني تون هيڪڙو اچي اتي ڦاٿو آيئين، سو سچي کڻي چؤ پتر! سچ مان نيٺ نيتارو آئي!“

حافظ – پوءِ تون ڪڇئين ئي ڪو نه؟

ڪريمڏنو. مون چيومينس ”اي سائين! ”ايئن ٻاپا پتر مان ڪو هي سچي ڪندو ڪَ؟“ ته اکيون ڪڍي چيئين ”پو ڪرو، تولاءِ ڪري پرائي پترڪي رونسي وجان ڪين؟“ مون چيو، ”سائين تون پرائي پتر کي مَ رونس؛ اسين وڃي ٿا پڊَ جي ڪرم کي ڪٽيون!“

حافظ (کلي) ٺهيو، اي گهي به لڌو، سو ڏٺو- ڀلا جتي ”انڌير نگري چرٻٽ راجا“لڳو پيو هجي، اتي ”ٽڪي سيرڀاڄي ٽڪي سير کاڄا“ نه هوندو ٻيو ڪڄاڙو هوندو!

احمد (کلي) هائو، هائو، هوءَ بگهڙن واري ڳالهه ڪا نه ٻڌان؟

ڪريمڏنو نه، ڀلا اوءَ ڪئن  آهي؟

احمد – هتي جو راءُ صاحب ڪو ويو هو شڪار تي. اتي ڪنهن بگهاڙيءَ کي ماري وڌئين؛ وري ان جي تازين ڄاول ٻچڙين تي آيس رحم، سي کڻي اچي پاليئين. ڀلا راجائي بگهڙ، اڄ ننڍا سڀاڻي وڏا؛ اچي ساماڻا ۽ ويجهيا. ڊپ مان کين ڪو چوي نه – سي ائين اچي ويجهيا جو جهنگ ئي ڀري ويا. ماڙهوئين جو ڪيئون نشقان. هنن لاچار ٿي ولي عهد کي دانهن ڏني، تنهن انين کي مارڻ جي موڪل ڏني. راءُ کي آئي چڙ- تنهن ڪيو حڪم ته ”جيڪو راجائي بگهڙ ڪي ماري، ان ڪي ٻارون مئينا زيل!“ ان تي راجڪمار ولي عهد کي به آيا خار، تنهن حڪم ڪڍيو ته ”جيڪو راجائي بگهڙين ڪي مارڻ جي ڪوڙي رپورٽ ڪري، ان ڪي ٻوءِ وريهه ٽيپ!“ پوءِ جيڪو پڻ بگهڙين جي مارڻ جي رپورٽ ڪري، ان کي ڪوڙو بنائي، ڏئيس ٻه ورهيه جيل، ته ڊپ منجهاران ڪو رپورٽ نه ڪري ۽  بگهڙ سڀ مارجي ويا!

(سڀ ٽهڪ ڏيئي کلن ٿا)

حافظ – ڀلا سيٺ احمد، ڪر خبر چار، اڄوڪي اگهوتريءَ جي؟

احمد – ادا! اڄ ڪراچي ته آهي اٺهتر، باقي اتي ته ٻڌون تان نوي جي پڙتل پوندي حافظ ۽ ڏيپلو.....؟“

قاسم – ڏيپلي جي چٺي مکي آئي آهي، اتي آهي اٺهٽ.

حافظ – تڏين ٺيڪ آهي، پان کي نفعو خاشو ٿيندو.

قاسم – ٻيلي نفعو ته ڪرَ وڌيڪ ٿئي، پر تون پيرين فقيرين سين رهايين ڪو نه!

حافظ (کلي) سو نفعو ڪو پيرين فقيرين جي اختيار ۾ آهي ڪئن؟

ڪريمڏنو – پُٽ! پيرين فقيرين جي اختيار ۾ ته کڻي نه هوئي، پر هينئر وڏيءَ يارهينءَ جي موقعي تي ڪَرَ پير صاحب گهڻو گيهه و‎ٺن ته ٻٽي روپيا مڻ تي وڌيڪ نه جڙي پون؟

حافظ – واهه! شرڪ جي ڪمين ۾ پاڻ ويهي گيهه ڏيون؟

احمد – پان ته پئيسين سين ڏينداسون، پوءِ هو وڻي تيڏانهن وڃي ڪن!

ڪريمڏنو – اڙي پانهنجو ان ۾ ڪڄاڙو وڃي ته گيهه شرڪ ۾ ٿا ڪم آڻين ڪ توحيد ۾؟ پاڻ ته ٿياسون واپاري ماڙهو، پان کي ته چورين کي به وڪڻڻو ته ساڌين کي به وڪڻڻو!

حافظ – ڪاڪا! جيڪي چورين کي ڪنجيون ٿا وڪڻن، سي به مون اکئين سين ٻڌبا ڏٺا آهين. پان به جي ڏسي وائسي ٻه ٽي روپيا نفعي جي لالچ تي شرڪ جي ڪم لاءِ گيهه وڪڻنداسون، ته پان پڻ ان ۾ ڀائيوار ٿينداسون، ۽ خدا پاڪ جي سرڪار ڏاڍي لاشريڪ آهي. قرآن پاڪ ۾ فرمايو اٿس ته اسين ٻيا سڀ گناهه ته بنا توبهه جي به بشڪ ڪري ٿا سگهون، پر شرڪ هرگز ڪو نه بشڪينداسون.

احمد – ٻيلي اهڙا ويچار ڪيئه ته پان به واپار ڪيو جيڪو ڪيو.

حافظ – ميان! ٿوري کٽئي گهڻي برڪت؛ جيڪا مالڪ الملڪ کي منظور هوندي سا ئي ٿيندي؛ گهاٽي نه ملي ته کڻي ڇڊي پيئنداسين........ (حسين اچي ٿو)

حسين (حافظ سليمان کي) اڙي هل ڙي واڀيڙا! سائينءَ سڏ ڪرايو آئينيئي!

احمد – ڏٺئي نه! مون ته چيو ٿي پير صاحب کي گيهه جي گهرج ضرور هوندي، پڻ.......... پڻ تون ويندين، ته ڳالهه کي ڦٽائي ايندين؛ آءٌ پاڻيهي ٿو وڃان.

حسين – اي ميان ! تو ڪي نه؛ سائينءَ هن ڪي سڏايو آئي

ڪريمڏنو- سائينءَ کي گهي سين ڪم، سو احمد نه ته آءٌ ئي ٿو ڀيڙو هلان.

حسين – سائين ڪي گهي نتو کپي، پڻ هن جي ٻان تي کپي!

ڪريمڏنو (ڇرڪ ڀري)- هن جي ٻانهن؟ ڪوه ڀلا؟ آهي ته کئير؟

حسين- اڙي کئير تان آن واڀئين ۾ آويو ڪتان؟

ڪريمڏنو – ميان! اسان کي واڀي متان چوئين؛ اسين شاهه قادري عليه الرحمت جا سچا مريد آهيون.

حسين – اي آئين تان کڻي هونڌا، پڻ هي واڀيڙو هيور پڻ مسيت ۾ ڦشاد مچائي آويو آئي ان!

احمد (ڪنڌ لوڏي) هون، ائين چؤ، ”ڪاڻي وسوڙي ور کي، ته مڙسم ويو آهي اک ڳنهڻ، مورڳو ٻي پڻ وڃائي آيو: گيهه جيڪي وڪيائين، مورڳو وجهندو ڪنهن مصيبت ۾!

حسين (حافظ کي) اي هاڻ هلين نتو واڀيڙا؟ مسيت ۾ تان ايءَ ڪينچي جهيڙي جبان ڦر ڦر پئي هلايئه؛ هاڻ سائينءَ وٽ هلڻ ڪنان پيو درجين؟

حافظ – هل هل، مون کي خدا پاڪ ڪنان سواءِ ٻئي ڪنهن جو به ڊپ ناهي.

حسين (ڪنڌ لوڏي) هونئون، اي ترڪ تال اتي تو ڪرئين: سائينءَ ڪي گصو آويو ته ايءَ تو واري وڏيءَ ڏاڙيءَ واري سسي ڀنڀو ٽئي جينءَ ڦرندي پيئي ويندي!

حافظ (کلندي ۽ هلندي) ميان! حياتي موت خدا پاڪ جي اختيار ۾ آهي، ويچارا پير ته خود پنهنجي نفعي نقصان جو به اختيار نه ٿا رکن.

حسين (ٽهڪ ڏيئي) تون اتي پوهچ تان سئي، پوءِ وٺي جون کبرون پاڻيهي پيا پانديئڙا ڏيندا. ڏسون ته ايءَ جبان اتي ڪين تي اگهـڙنئي!

(وڃن ٿا)

ڪريمڏنو (ڳڻتيءَ مان) هاڻي الائجي ڇا ٿيندو. هي آهي بيوقوف، هلو ته پير صاحب کي منٿ ڪري هلي جند ڇڏايونس.

احمد (کلي) هائو، نه ته لٿي پٿي لاشو. ته کڻي ڏيپلي ڀيڙو ڪريونس!

ڪريمڏنو (پريشان ٿي) ميان ٿڪ پٽ تي اهڙي وائي مَ ڪڍ!

قاسم (کلي) ٻيلي احمد! ڪاڪو ڪريمنو ته سندس شادي پڻ هتان ڪرائيندو. هو ته ڄڃ سان ڏيپلي نيندس. تون وريو  ويٺو ا ُپ سوڻ ڪريئين!

(وڃن ٿا)

پردو چوٿون

(ساڳئي پير صاحب جي ڪچهري، سيٺ پرسومل به پير صاحب اڳيان گوڏا جهڪائي ويٺو آهي)

پرسومل- قڀلا سائين! ڪڇون نڪين پڇون، ني انڌر ۾ پيا لڇون. آن مسلمانين ۾ واڀي، ني اسان هنڌونئين ۾ آريا سماجهي، ٻنين گهڏجي ڀاءِ کڻي ٻاري آئي: ساري ملڪ ۾ ڦشاد کڻي وڌا آئينن. ڪال اسين پڻ سري گـُنيس ماراجهه جي منڌر ۾ ويٺا هوئاسين، ٻاوي پيلا جهراءِ ڏاڍي مٺڙي تان سريلي تان ڌرڌيلي آواجهه ۾ ويٺي ڪٿا ڪي ته ”هيڪڙي دڦي سري پار پتي ڌيويءَ سنان تي ڪريو، تان پنڊ جي ڀـُت جي ميل منجها پتلو ٺائي، ني ان ۾ پسا ڦونڪي، ني ان ڪي ترار ڏيئي ڌرواجهي تي پوريڌار ڪيو، تان مڇڻ وينجهندي وچا ڪو انڌر نه اچي ڳني. ان پي پورو ڏنو، تان سو ماراجهه پڻ آويو. پتلي ان ڪي پڻ انڌر نه ڇڏيو، تين تي ان ڪي جو آويو گسو، سِو ٺوڪي تو ڪڊيس تراڙ، تان ان جي سسي ڦرمو تي جين ڦرندي، ني وڃي پاتال ۾ ڪري. تڏين ڌيوي پارپتي روئڻ لڳي، چي ”تو ني مونجهي پتر ڪي ماري ودو، هيور آءٌ ڪرو ڪريان!“

سوِ ماراجهه تان هو ٻَهون چمتڪاري، تين نڪا ڪي هم، ني نڪا ڪي تم- جڪدم هيڪڙي هاٿي جي ٻچڙي جي سسي ڪپي ني ان جي ڪنڌ تي لڳايئين، تان او جيرو تي پيو ني ان جو نالو تيو شري گنيش....“

ٻاور! ايتري ڪٿان ٿي، تان اتي هيڪڙو سنڌي آريو ڄيٺو، جيڪو هيور ڏيپلي جهي جهيل منجا نڪري ني اتي آويو آئي، سو تو وچ ۾ چئي. ”تو ڀون! توڀون! جهين ڄائي هووي، تين سنان ئي ڪين ڪريو هوئين ڪين؟ جو ڀُت جهي ميل منجها سڄو سارو پتلو ٺئي ويو!“ تين تي اچي منڌر ۾ ڦشاڌ ٿيو. شري گهنيش جا پوڄاري تان ان ڪي ڪَرَ رونسي ني پرڙي وجن، پڻ پڻس شامو شراڦ ميرپوري آئي کاشو ماڙو، ني مراڌ وَ نڌ، تين جي مـُئاڀي کڻي جهور جو ڍڪ ڀري ويا. ڀس ٻاوا! ملڪ ويو مجهي منجا نڪري. ڪلجهگ آئي گهور ڪلجهگ. اڄ ماڙو اوليائين ني ڌيوتائين منجها پڻ نتا ٽرين. تڏين تان سائين ملڪ منجها ڀرڪتون ني موڀتون ني صوڀتون سبيئي نڪري ويون آئين، ني منڌين تي مينئن پڻ نٿا وسين، ني جهنگين ني جهيڙا ني ڦشاد ني اينڦلونجها لي کٻر نائي ڪرو ڪرو پيا سڻون..........

(حافظ سليمان ۽ حسين اچن ٿا)

حافظ (بي فڪريءَ مان) السلام عليڪم.............

پير صاحب (آواز ڪپي جلال مان) اڙي واڀيڙا! توجهو متو ڦري ويو آئي ڪين؟ ان سسيءَ منجها بيجهار ٿيو آئين ڪ؟

حافظ (مرڪي) ڪوهه سائين؟

پير صاحب (ساڳي طرح جلال مان) تو اڄ اسان جي مسيت ۾ ڪـُري لاءِ ڦشاد مچايو؟

حافظ (ساڳيءَ طرح مرڪي) مسجد ته خدا پاڪ جي هئي، اوهان جي هجي ها ته آءٌ منجهس نماز ئي ڪين پڙهان ها!

پير صاحب (ساڳيءَ طرح) پڻ ٺارائي ته اسان آئي نه؟

حافظ (ٿورڙو گنڀير ٿي) اوهان خدا لاءِ ٺهرائي آهي يا پنهنجي ملڪيت بنائي آهي؟

پير صاحب (ڪجهه ڍرو ٿي) کئير مسيت تان کڻي کدا جي اَئي، پڻ تو ان ۾ گهوڙ ڦشاد ڪَري لاءِ ڪيو؟

حافظ – مون تان گوڙ ڪو نه ڪيو: هن آنهنجي ميانجي خدا جي بيت ۾ مينبر ٿي بيهي، پير ٻڌي کڻي جبل جيڏا ڪوڙ ڪيا، تنهن تي مون ٽوڪيومينس ته ”ڪجهه خدا جو خوف ڪر“ ته اوهان جي ماڻهوئين کڻي گوڙ مچايو ۽ تِر ور ڪئي!

پير صاحب (جلال مان) ڀاتشا پير جي موججين ڪي تون ڪوڙ تو چئين؟

حافظ (سنجيدگيءَ مان) پير صاحب! معجزا ته فقط نبي سڳورا ڪندا آهن، ٻيو ڪو به معجزا ڪري ئي نه ٿو سگهي.

پير صاحب (ٿورو ڍرو ٿي) کئير موججا نتان ڪرامتون: ڪرو اولياءَ الله جا ڪرامتون نتا ڪرن؟

حافظ (مرڪي) پر پير صاحب! اوهين پاڻ به کڻي غور ڪريو، ته هڪ ته قبر اڳيئي سوڙهي، ٻيو وري مڙدي مٿان ٽي ٽي ڄڻا ٻيا ملاکڙا ڪن؛ پوءِ جيسين بادشاهه پير منڪر نڪير کي پيو رونسيندو ۽ پرڙيندو، تيسين خود مريد جو ته ڪچو مبر به نڪري ويو هوندو. ملائڪن جي عذاب کان اڳ ته عذاب اتي پئي آيس- پوءِ ايءَ به ٿي ڪرامت؟

(ٻڌندڙن ۾ چڻ ڀڻ شروع ٿي وڃي ٿي)

هڪڙو- ٻيلي چئي تان ٺيڪ تو!

ٻيو – گال تان ڌل مين پئي کپي!

ٽيون – ڏسو تان سئي، مرڌوڌو ڪين نه اچي گهمراهه تيو آئي!

چوٿون – ڌليلين ڪي تان وڄائي ڇڏيئين!

پنجون – هي تان ڪو ڀنئه پڪو واڀي آئي آن!

پرسومل – هي تان اسانجهي آريا سماجهيئين ڪنان پڻ چڙي ويو!

ڇهون - ڌل ڪي ئي اجهاري ڇڏيئين!

ستون – ٻيلي آءٌ تان ٻيهار هيڪڙي کدا ڪي وسونڌس!

اٺون (رڙ ڪري) - اي سائين! هن ڪي ٻار ڪڍو، نتان هتي پڻ ڦشاد مچندو، هي ڪيترا ماڙو تان هيور ئي پيا کريلون ڳالهيون ڪرئين، متان اوي نه اسان ڌستگهير جي گلامين ڪي گُصو، ني وَؤن ڪي کون جهون ننڌيون!

پير صاحب- اڙي نباگا، نپٽا، نڪرِ هتان، وڃي ٻار ڪارو مون ڪر. آنجهي گهُرو مولبي پڇمائي ان ڪي کاري ني تروڙي منجا ئي ڪڊي ڳِڙو آئي: آنجها تان قلڀ ئي ڪارا تي ويا آئين.

هڪ مريد – تو ڀونهه! تو ڀونهه! ڦٽائي ڇڏيئينس، ني وڃائي ڇڏيئينس. هاڻ تان پيڙي ئي وڊجي ويس، ني ڀڻ ئي ڪو نه ڀچنڌس!

حافظ (مرڪي) اها الله کي ئي خبر آهي ته منهنجو بڻ ناس ٿيندو يا هن آن واري مرشد جو ناس ٿيندو. مون جي پيڙهي وڍجي يا پير صاحب جي. وڌائڻ ويجهائڻ سڀ الله پاڪ جي وس ۾ آهي: پيرين جي وس ۾ ڪين به ڪونهي، هي رڳا ڏٽا پيا ڏينيان!

پير صاحب-لاحول ولا قوت! اڄ ئي مس مس اسانجهو پوترو ڄاويو آهي، ني اڄ ئي تو هي نڀاگو ڪارڄبيو پٽون ني پاراتا ڏي.(جلال مان) اڙي هان نڪرين تو ٻار، ڪ ڪرايئين ڪا ڀڇ؟

حافظ (مرڪي) - اوهان گهرايو هو، تڏهين آيس ٻيو مون کي ڪا آن وٽان فيض وٺڻ جي گتي ڪا نه پيئي هئي!

(مرڪندو ٻاهر ٿو نڪري دروازي تي قاسم، احمد ۽ ڪريم ڏنو انتظار ۾ بيٺا آهن. ڪريم ڏنو ڀاڪر پائي چويس ٿو)

ڪريمڏنو پٽ! توکي ته اڄ الهه کڻي هن کرڇين ڪنان بچايو آهي؛ مون تان ڀانيو ته مٿو ئي ويئه!

حافظ (ٽهڪ ڏيئي) - ڪاڪا! ڊپ ڪجي هڪڙي ڌڻيءَ جو، ٻيو هنن پيرڙن کان ڇا لاءِ ڊڄجي، جي پاڻ ئي پاراتي کان ڪنبيو وڃن؟ هي ته اسان کان به ڪمزور آهن: رڳو دهل وانگر ٻاهريون ڏيڪر پيا رکن ۽ ڀوڪين کي پيا ڦرين!

(حسين ڊوڙي اچي ڀاڪر پائي هٿ چميس ٿو)

حسين – اڙي واهه ڙي ڏيپلي جا ميمڻ واهه، هجار هجار روحمتون هونيئي، ڌل ئي ٺاري ڇڏيئي. ٻيلي هيور تان مون ڪي پڻ ڪا هڌايت ڪر.

حافظ - ميان! آءٌ ڪهڙي وڌيڪ هدايت ڪريان، قرآن شريف وڃي پڙهه، ته سڄو انين هدايتن سين ڀريو پيو آهي ته ”جيڪي گهرو سو هڪڙي ڌڻيءَ کان گهرو، نفعو نقصان سڀ ان هيڪڙي ڪنان سمجهو: ڪنهن پڻ انسان اڳيان سر نه جهڪايو.“

حسين – ٺيڪ آئي، ٺيڪ آئي، مون تان هيور اقرار ڪيو ته:

نانئي ڌڻيءَ ري ڪا ڌر ڳاه!

احمد - ٻيلي قاسم! وضو تان مون جو پڻ ڀڄي پيو آهي!

قاسم - پاڻ وارين پيرين جو اي حال آهي تان هران هران سڀني مريدين جا وجو پيا ڀڄندا. (ڪريمڏني جي ڪلهي تي هٿ رکي) ڪيئن ڪا ڪا! قصو ڪٿي بيٺو آهي؟

ڪريمڏنو ٻيلي، جي اهو مولوي عبدالرحيم پڇمي موجود آهي، ته گهڻين جا روهه روليندو، پر اسان جو ته پيريءَ ۾ مرشدين ڪنان ايمان نه ڦيرايو، ميان! شاهه قادريءَ جي اولاد کان جيڪي ڦِريا سي ڦـُريا!

حافظ (ٽهڪ ڏيئي) اهو پهاڪو هو اڳي، هاڻي ته چئو ته ”جيڪي پيرين کان ڦـِريا سي جڙيا! هن ڄار مان جيڪي آزاد ٿيا، تن لکه کٽيو.“

حسين – ڀو، ڀو، شاهه ڀٽائي پڻ چيو آئي ڪر جيٻو ”بينر بنبوران، جيڪي بڳيون ني سي سي ڇٽيون.“

(سڀ کلن ٿا پردو ڪري ٿو)

 

ڪشور ”جيون“

ڪمدار

 

ڪردار

عبدالقادر خان  ....             ....                     وڏيرو

رحيم بخش   ....             ....                     ڪمدار

موليڏنو                        ....             ....     تپيدار  

رسول بخش    ....             ....                     سنڌي هاري

اختر علي              ....             ....             مهاجر هاري

نوران                   ....             ....            رسول بخش جي ماءُ

جمن                   ....             ....             رسول بخش جو ڀاڻيجو

 

پهريون نظارو

(ڏينهن  جو پهريون پهر. وڏيرو عبدالقادر خان پنهنجي اطاق ۾ کٽ تي وهاڻي تي ٽيڪ ڏيئي اهليو ويٺو آهي، ۽ تپيدار موليڏنو پيرانديءَ کان پيل هڪ موڙي تي ويٺو آهي)

تپيدار- ته پوءِ سائين....... مان خاطري رکان!

وڏيرو- بلڪل خاطري! اسان اهڙي ڪم ۾ ڪڏهن ڪا ڪوتاهي به ڪئي آهي؟

تپيدار - نه ..... قبلا، ڪڏهن نه! آخر ان ۾ اوهان جو به ته شان آهي. وقت بوقت  آفيسر گشت تي نه نڪرن، ته جيڪر هي جاهل هاري وڻ گهوڙو نه ٻڌڻ ڏين. اڳئين ڀيري جيڪا منزل ٿي، ان جي ساراهه ته مختيار ڪار صاحب به هڪ هڪ سان ٿي ڪئي- جنسي ساراهه جا ڍڪ ٿي ڀريائين! چڱو، سائين، مان هينئر موڪلايان ٿو!

وڏيرو- ائين ڪيئن  ٺهندو.......... اڄ منجهند هتي ئي ڪيو!

تپيدار- اوهان جي نوازش- هميشه پيا اوهان جو کائون، پر اڄ ٿورو تڪڙو آهيان- اوهان جي ئي ٻنين جي معافيءَ جا فرد ٺاهڻا اٿم: سڀاڻي صاحب هونئن ئي اوهان جو مهمان آهي- هتي ئي ڪاغذن تي صحيحون وٺي ڇڏيندو سانس.

وڏيرو- پوءِ ته خان صاحب اَڏي ڇڏيندين! ڀلا هنن سيٺين جي زمينن جو ڇا ٿيو؟ اهو ڪم به پنهنجو ڪري سمجهه – نالي ۾ الاٽ منهنجن هارين کي ٿينديون، پر رهنديون تنهنجي دعا سان اهي به اسان وٽ! تنهنجا انصاف ڪو نه وڃائبا- اهو يقين رکج!

تپيدار- رئيس اهڙيون ڳالهيون وري ڇا لاءِ ٿا ڪريو! اوهان ۽ اسان ڪي ورهايو آهي؟

(ايتري ۾ ڪمدار رحيم بخش اندر گهڙي ٿو اچي، ۽ ٻنهي جو ڌيان ڏانهنس ڇڪجي ٿو وڃي)

وڏيرو (اتاوليءَ مان) ڏي ڪا خبر؟!

ڪمدار- ڀوتار! اوهين ڳڻتي نه ڪريو، سڀ ٺيڪ ٺاڪ ڪري آيو آهيان. دم ۽ دٻاءَ کان سواءِ ته اڄ ڪو به ڪم نه ٿو ٿئي. هنن پناهگير هارين ته اسان جي ڳوٺ جي هارين کي پاڻ مچلو ڪري ڇڏيو آهي. هو به هينئر پناهگيرن جيان سرڪار کان خود پنهنجي لاءِ ليز تي زمين گهرڻ جون تياريون ڪري رهيا آهن، ۽ پڙ ڪڍي بيٺا آهن ته هاڻي انهن زمينن ۾ وڏيري کي دَنوڻ نه ڏينداسين.

وڏيرو (تپيدار کي) - مون کي ته اڳيئي پرون ٿي پيا. مون ته گهڻيئي هاءِ گهوڙا ڪئي ته هندن جون ڇڏي ويل زمينون انهن پناهگيرن کي نه ڏيو. ڏسو هينئر ملڪ ۾ ڪيڏو نه خلم مچي ويو آهي!

ڪمدار- ڀوتار! ان ۾ هيئن وهلور وڃڻ مان ڪهڙو فائدو؟ ڇا ٻيا طريقا کٽا آهن! تپدار صاحب جيڪڏهين اسان سان سچو ٿي بيهي ته........ ڪيئن تپدار صاحب، اوهان جو ڪهڙو رايو آهي؟!

تپدار (ڪجهه جهجهڪندي)- پناهگيرن کي هٿ لائڻ معنيٰ ککر ۾ کڙو هڻڻ! مٿان ”هاري حقدار ڪاميٽي“وارن ته اسان جي نڪ ۾ دم آڻي ڇڏيو آهي. مون ته مختيار ڪار صاحب کي اڳيئي صلاح ڏني ته هندن جون ڇڏي ويل زمينون سنڌي زميندارن کي ملن، ۽ پناهگيرن کي ڪارخانا ڪڍي، اتي ڪم ۾ رنڀائجي، پر اسان معمولي ماڻهن جي ادا اڄ ڪير ٿو ٻڌي!

وڏيرو- پاڪستان ٺهيو هندو هتان ويا، پر اسان کي ڇا هڙ حاصل ٿيو؟ ڪجهه سمجهه ۾ ئي نه ٿو اچي. جتي ڪٿي پناهگير ڇانئجي ويا آهن. هڻي ملڪ ئي تباهه ڪري رکيائون. مون کي ته هينئر جتي ڪٿي سڃ پيئي نظر اچي.

ڪمدار – قبلا .............. ڳڻتي پاڻ کي ڪرڻ نه گهرجي. قانون جيڪڏهين مدد نه ڪندو ته اسين ٻين طريقن سان پناهگيرن کي ڀڄائينداسين. اها سيٺين جي زمين پس پيش به پنهنجي آهي!

(ڪمدار جي لفظن تي وڏيرو بود ۾ اچي، تپدار ڏانهن ڏسڻ لڳو- ۽ ٻيئي اچي ٽهڪن ۾ ڇٽا)

ڪمدار (پنهنجي ڳالهه جو سلسلو جاري رکندي)- سائينءَ کي چوان........ ها- باقي رهيو سوال پناهگير هارين ۽ سنڌي هارين جي سازباز ٿيڻ جو، ان لاءِ به اهڙو ته ڄار وڇايو اٿم، جو هڪٻئي جي ڏاڙهي نه پٽي تري ڪن، ته منهنجونالو رحيم نه رکجو!

وڏيرو- اڙي.......... پر خيال سان..... توکي ته خبر آهي ته پناهگيرن جي وڏي پٺ آهي. سمجهه ته حڪومت ئي سندن آهي. اسان جا  سنڌ جا وزير سي به هڪ يا ٻه تن جا وري ڪم سدائين ڀُتا. تن جو ڊڄي ڊڄي بنهه ساهه ٿو نڪري!

ڪمدار – سائين......... بس! اوهين ڇٽل آهيو، هي وار ڪو اس ۾ اڇا نه ڪيا اٿم هارين ۾ جهيڙو وجهائي، تماشو ڏسڻ ته ڪو ئي مون کان اچي سکي. صرف پٺ ۾ ڀوتار هجي، واڄٽ نه وڄايان، ته مان پنهنجي پيءُ جي تخم مان پيدا نه ٿيو آهيان.

(ايتري ۾ هڪ مهاجر هاري اختر علي، اطاق اندر گهڙي ٿو اچي)

اختر علي (وڏيري کي ڊگهو سلام ڪري) اوهان جو مزاج شريف؟

وڏيرو -  بلڪل ٺيڪ آهي! ڏي خبر اختر علي خان، ڪيئن اچڻ ٿيو آهي؟

اختر – ٻيو سڀ خير! اڄ اوهان جي درٻار ۾ هڪ معمولي دانهن کڻي آيو آهيان. آهي ته برابر معمولي، پر جيڪڏهن ان جو ڪو تدارڪ نه ٿيندو ته....

وڏيرو – ڇو نه تدارڪ ٿيندو..... اهڙي ڪهڙي دانهن آهي؟

اختر- سائين، اوهان کي ته ڄاڻ آهي ته هن ڳوٺ ۾ اسان ڪو به ويجهو مٽ مائٽ ڪونهي: جيڪي آهن سي به ايترو ته ٽڙي پکڙي وياآهن، جو ڏک ۾ واهي بڻجي نه ٿا سگهن....... اسان کي......!

وڏيرو- ابا....... پرواهه نه آهي. اسان توکي گهٽ ته نه گهريو آهي!

اختر- سائينءَ جن کي الله تعاليٰ وڏي حياتي بخشي. مگر پگهر جي پورهئي جي ڪمائي هيئن راتون رات چوري ٿي وڃي....... ۽ .........

وڏيرو- چوري..........؟ اسان جي راڄ ۾ چوري! ڪنهن جي اهڙي شامت آئي آهي. ڳالهه ڪر........ نالو ٻڌاءِ ته وارن کان جهلي، ڏاڙهي مڇون پٽي، منهن ڪارو ڪرائي، گڏهه تي سڄي ڳوٺ ۾ نه گهمارايانس، ته مان هن ڳوٺ جو وڏيرو نه آهيان- ڳالهه ڪر........!

اختر- ڀوتار! اسان جي هت ڪنهن سان دشمني ڪانهي. هتي اچي به اسان غريب آدمي پنهنجي پيٽ پالڻ لاءِ ئي عاجز آهيون. هندستان ۾ اسان کي ڪهڙو ڏک هو، جيڪو هتي نه اٿئون! اسان جو ته نه هي آهي، نه هو هو!

وڏيرو-اٽو، چي گهوٻاٽو! اختر علي سنئين سڌي ڳالهه ڪر- اهي پناهگيرن وارا وٽ سٽ نه وجهه!

ڪمدار- سائين هارين ۾ توڙي خود هنن پناهگيرن ۾ به ڪي اهڙا ته چور ۽ ٺڳ نڪري پيا آهن، جو اسان جو اَن به چوري ڪرڻ کان نه ٿا ڊڄن. اهڙن کي هڪدم پوليس جي حوالي ڪرڻ گهرجي. (تپيدار ڏانهن منهن ڪري) تپيدار صاحب! ڏسو......... پنهنجي اکين سان ڏسو!

تپيدار- چور ۽ ٺڳ ته هر ڪنهن ذات ۾ آهن، رحيم بخش خان! اڙي اختر علي، تون ته سنڌي اهڙي صاف پيو ڳالهائين، ڄڻ بنهه اسان جو پنهنجو سنڌي ٿي ويو آهين! تنهنجو فرض آهي ته اهڙن پناهگيرن جا نالا سرڪار کي هڪدم ڏي، جيڪي غونڊا ۽ لوفر آهن- متان سڪن گڏ آلا به نه سڙي وڃن ڪڏهن!

اختر- سنڌ جو داڻو پاڻي منهنجي پيٽ ۾ آهي سائين! سو، سنڌ سان محبت منهنجو ايمان آهي- باقي، معاف ڪجو....... اهڙي ڪوڙي چغلخوري مون کان نه ٿيندي!

وڏيرو- تڏهن هيئن ڇو نه ٿو چوين ته تون رڳو اسان جي هارين کي ۽ ڳوٺ کي ئي بدنام ڪرڻ چاهين ٿو!

اختر- مون کي خدا پاڪ جو قسم آهي ته منهنجي اها نيت نه آهي. منهنجي سڄيءَ مند جو فصل لٽجي ويو آهي! حضور، ماڻهن رسول بخش کي اکئين ڏٺو آهي، منهنجو اَن ڍوئي ڍڳي گاڏيءَ ۾ ڀريندي!

وڏيرو- ڪمدار............. هي ڪهڙي رسول بخش جي ڳالهه ٿو ڪري؟

ڪمدار – سائين..... اهو ساڳيو رسول بخش، جو پاڻ کي ڳوٺ ۾ هاري حقدار ڪوٺائيندو آهي!

وڏيرو- اهو ساڳيو......... رسول بخش.......؟ ڪمدار،.......... کيس ڳچيءَ کان جهلي،گهلي اچ هتڙي! سندس گهر پنهنجي پاسي ۾ ئي ته آهي!

(ڪمدار اوطاق کان ٻاهر وڃي ٿو. وڏيرو اختر عليءَ کي، ڀرسان پيل خالي موڙي تي ويهي رهڻ جو اشارو ڪري ٿو، ۽ پوءِ پنهنجي مڇن کي وٽ وجهڻ ٿو لڳي. ڄڻ پنهنجي طاقت جي اظهار ڪرڻ کان اڳ تياري ڪندو هجي.)

تپدار- چڱو سائين......... مان هينئر هلان ٿو.

وڏيرو – ڇا رسولي جو مزو نه ڏسندين؟

تپدار- مون کي دير پيئي ٿئي. منزل لاءِ ڪيترو ئي باقي بندوبست ڪرڻو پيو آهي- ڄڻ پٽ جي شادي ڪرڻي اٿم.

وڏيرو- ڇا رسولي کان ڊڄين ٿو؟ ٿي سگهي ٿو! ”هاري حقدار ڪاميٽي“ جو سيڪريٽري جو آهي!

تپدار - نه.... نه.... ان ۾ ڊڄڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي: ڪو حيوان ته آهي ڪو نه جو کانئس ڊپ ٿئي.

(ايتري ۾ ڪمدار اڳيان ۽ رسولو پٺيان اوطاق اندر گهڙن ٿا ۽ وڏيرو اڇل ڏيئي اٿي وهي ٿو)

وڏيرو (بناوٽي منهن ٺاهيندي)- رسول بخش، .......... بابا.......... هي تو ڪهڙو ظلم ٻاري ڏنو آهي ڳوٺ ۾! هوڏانهن هارين جي حمايت ٿوڪرين ۽ هيڏانهن پناهگير هارين جي چوري پيو ڪرائين. مان نه جهليان ها اختر کي، ته اڄ ڪاهي پيو وڃيئي سڌو پوليس ۾!

رسولو (وائڙن جيان هيڏانهن هوڏانهن نهاريندي)- هي سراسر ڪوڙ آهي....... مون کي ڪا به  خبر ڪانهي.

وڏيرو- تڏهين هي اختر علي ڪوڙ پيو ڳالهائي!

رسولو- قبلا، مون کي ڪا به خبر ڪانهي ٿي سگهي ٿو، هو ڪنهن شڪ جو شڪار ٿيو هجي يا ڪنهن جي چوڻ تي..........!

ڪمدار- سائين هي موچڙن کان سواءِ سچي نه ڪندو........ حڪم ڪيو ته سندس ڏاڙهي پٽي هڪدم تري ڪريان!

رسولو (جوش ۾)- خبردار جو اڳتي وڌيو آهين. گهر ۾ گهرائي ڪنهن شريف انسان جي عزت وٺڻ کان اوهان کي ٻڏي مرڻ گهرجي!

(رسولي جي لفظن تي وڏيري کي غصو ٿو لڳي ۽ مڇ کي تاءُ ڏيندي اختر عليءَ کي چوي ٿو)

وڏيرو- ميان اختر خان.......... اٿي....... لاهينس هاڻ پٽڪو. گهلي وڃوس ٿاڻي تي..... هي ائين سڌرڻ وارو نه آهي.

(اختر عليءَ جي اٿڻ کان اڳي ئي رسول بخش اٿي ٿو کڙو ٿئي!)

رسولو – ڪير آهي جو منهنجي پڳ جو نالو وٺندو! آءٌ پاڻ ٿاڻي تي وڃڻ لاءِ تيار آهيان. ڪمدار، هل اسان سان تون به گڏجي! (ٻاهر ويندي) اختر علي خان، توکي دوکو ٿيو آهي. توکي ڪنهن ڀنڀلايو......... پهرين تون هلي منهنجي گهر جي تلاشي وٺ- پوءِ ٿاڻو پري ڪونهي!

ڪمدار- اوهان هلو – گهڙيءَ ٿو پهچانوَ!

(ڪمدار، کنگهڪار ڪري رسولي ۽ اختر جي پٺيان نهاري ٿو، ۽ رسولي جا باقي لفظ وڏيري ۽ تپيدار جي ٽهڪن ۾ سمائجي وڃن ٿا)

(هڪ ڪکائين جهوپڙي، جنهن جي چوڌاري ڍنگر جو لوڙهو ڏنل آهي- اڱڻ ۾ رسول بخش جي ماءُ نوران ڪڻڪ صاف ڪري رهي آهي. ايتري ۾ اختر علي ۽ رسولو اندر گهڙي ٿا اچن).

رسول بخش- هيءُ آهي منهنجو گهر......... چپو چپو ڪري جانچ! ڀلي....... جيڪڏهين تنهنجي اناج جو هڪ داڻو به هتان نڪري ته جيڪا سزا توکي وڻي سان تون مون کي ڏي!

(نوران ڪڻڪ جو اڌ ڀريل ڇڄ ڌرتيءَ تي ڦٽو ڪري اٿي بيٺي ۽ پنهنجي پٽ جي ڀرسان اچي، اختر عليءَ جي شڪل کي عجيب نموني گهورڻ لڳي)

نوران (پٽ کي) - هي............ ڪير آهي..... رسولا! ڇا ٿيو آهي؟

رسولو- ڪجهه نه امڙ! ڪجهه به نه ٿيو آهي. اختر علي، زميندار وٽ دانهين ويو آهي ته گذريل رات مون سندس ان چورايو آهي.

نوران- ان چورايو آهي! ڇا..... هي خواب ته نه ٿو لهي! ميان تنهنجودماغ ته ٺڪاڻي آهي نه! منهنجو پٽ ۽ ڪنهن جو  اَن چورائي! مان سندس هٿ ڪپي ڇڏيان. نوران جو اولاد ڪڏهين به چوري ڪري نه ٿو سگهي. بک ڪڍي سگهي ٿو، گهري ڪري کائي سگهي ٿو، پني به سگهي ٿو..... پر چوري ڪري نه ٿو سگهي.... سمجهه ميان!

رسولو- امان، کيس گهر جي تلاشي وٺڻ ڏي. زميندار جي ڪمدار ئي اها کيس ڪن ۾ وڌي آهي. ڪمدار ئي هن کي برغلايو آهي.

اختر- نه..... نه.... مون کي..... ڪنهن به برغلايو نه آهي!

نوران- تڏهين..... توکي ڪهڙي ثابتي آهي؟

رسولو- زميندار جي منهن تي قسم کڻي چيائين ته ماڻهن مون کي اناج چورائيندي اکين سان ڏٺو آهي.ڀل تلاشي وٺي ۽ دل جو گمان دور ڪري، نه ته اسان جي بدنامي ٿيندي. امان.... حقيقت هيءَ آهي ته زميندار ۽ ڪمدار نه ٿا چاهين ته اسان سنڌي هارين ۽ پناهگير هارين ۾ ساز سلوڪت هجي: تنهنڪري اسان ۾ ڪلفت پيدا ڪرڻ لاءِ ئي هو اسان کي ويڙهائڻ جا اپاءَ وٺي رهيا آهن.

نوران- مگر........... رسولا......... مون توکي ڪيترا ڀيرا سمجهايو آهي ته زميندار سان ٺهي هل- ٻين هارين جي واسطي اسين ڇو پنهنجي جان جوکي ۾ وجهون. پنهنجي پيٽ قوت لاءِ، پنهنجي زمين ڪافي آهي؛ پر تون ڪٿي ٿو ٻڌين منهنجي. جڏهين کان هارين جو پاسو کڻڻ شروع ڪيو اٿيئي، تڏهين کان ڪا نه ڪا آفت کڻي پيو اچين. ڪڏهن پنهنجو اهو سر به گوائيندين- مان توکي چوان ٿي.... ها!

رسولو- امان... .هينئر تون اهو روئڻو ڪڍي ويهندينءَ يا.... (اختر کي) اچ اختر خان.

(رسولو، اختر کي ٻانهن کان وٺي جهوپڙيءَ اندر گهلي وڃي ٿو ۽ نوران وائڙن جيان ڏانهن نهاريندي رهي ٿي)

نوران- عجيب ڇوڪرو آهي! روز هڪ نه ٻيو لعنتاڻو پنهنجي سر مٿان کڻي پيو اچي. هاءِ.... مان هن کي ڪيئن سمجهايان! پاڻ جيئرو هجي ها،ته ڇا ڪو ائين گهر جي تلاشي اچي وٺي ها! ٽنگون نه ٽڪرا ٽڪرا ڪري رکي ها هن گهر اندر گهڙندڙ جون!

(اختر هٿين خالي ٻاهر نڪري ٿو ۽ رسولو به سندس پٺيان ٻاهر نڪري ٿو)

نوران- اجايو ٻين جي ڀڙڪائڻ ۾ اچي، ٻئي جي عزت وٺڻ ڪو چڱو ڪم آهي؟

اختر- مگر..... مان ڇا ڪريان.... مان ته سمجهي ويوآهيان.......... اسين ڪيڏانهن وڃون.... هيئن پگهر ۽ خون سان پيدا ڪيل..........

(ٻاهران ”ما ما“.... ”ما ما“ جو آواز هنن جي ڪنن تي پوي ٿو، ۽ جمن ڏهن ورهين جوٻالڪ اندر ڊوڙندو اچي ٿو)

جمن- ما ما ..... ما ما ........ ڦلو وڳڻ کي چوريءَ ۾ جهليو اٿن.

رسولو – ڪٿي آهي ڦلو؟

جمن- پوليس به اچي پهتي آهي. چون ٿا ته هن ڪڻڪ جي گاڏي چورائي آهي.

اختر – ڪڻڪ جي گاڏي! اها ڪڻڪ منهنجي ئي هوندي! مان اجهو ٿو کيس ڦاسيءَ تي چاڙهيان! (ايترو چئي وڃڻ جي ڪوشش ٿو ڪري).

جمن- اها ڪڻڪ تنهنجي نه آهي.

ڦلو چوي ٿو ته اها ڪڻڪ وڏيري جي ڪمدار رحيم بخش جي آهي!

رسولو – ڪمدار ۽ ڪڻڪ..... اها ڪڻڪ سندس نه آهي- شايد پڻس قبر مان اٿي اچي پوکي هئي..... ڪوڙو ڪنهن جاءِ جو.

نوران (اڳتي وڌي)- ميان هينئر ڪيڏانهن ٿو ٻاهر ڀڄين.... تو اسان جي خاندان جي بي عزتي ڪئي آهي. پلئه وٺڻ کان سواءِ مان توکي ٻاهر نه ڇڏيندس.

رسولو- امان، اختر کي ڪجهه نه چئو.......... مون کي خبر آهي ته سندس ايترو ڏوهه نه آهي. اها شرارت آهي ته ان ڪمدار جي ئي آهي. ڪڏهين اچي ويو هٿ ته چيڻي جيڏا داڻا ڪري ڇڏيندو سانس.

اختر (رسولي کي ڀاڪر پائيندي)- رسولا، مون کي معاف ڪر! مون کي واقعي ڪمدار رحيم بخش قسم کڻي ڀڙڪايو ته هن توکي ڪڻڪ چورائيندو ڏٺو........ پر توکي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪندي به پڪڙي نه سگهيو! ۽ مان به ڪهڙو نه بيوقوف آهيان، جو ويساهه وسوڙي وانگر هن تي اعتبار ڪيم. مون کي وري پيو چوي ته ”وڏيري جي ڪچهريءَ ۾ آءٌ رسولي تي ڪين بيهندس- هو سرڪش ماڻهو آهي. اسان جي هارين کي مرڳو ئي اسان سان لڙائي نه ڇڏي“. الله اڪبر، دولاب ۽ فريب جي به ڪا حد ٿيندي آهي!

نوران- هينئر مون سمجهيو.... اهو رحيم جو پٽ پاڻ کي سمجهي ڇا ٿو! وڏيري جي منهن تي لاک نه لاهيانس ته.... لوٺيو ماريو.... نئينءَ مان اچي ڪمدار ٿيو آهي!

(نوران جوش ۾ اچي ٻاهر نڪرڻ چاهي ٿي، رسولو کيس روڪڻ جي ڪوشش ٿو ڪري)

(پردو ڪري ٿو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com